سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ماڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 18

 

سنڌ

 

سنڌ جا جبل ۽ ٽڪريون

سنڌوماٿري، جيڪا اڄ اسان جي سڃاڻپ آهي، ان ۾ حضرت انسان ڪيترو اڳ پنهنجا پير گهمايا؟ تمام بنيادي ۽ اهم سوال آهي، پر ان کان به وڌيڪ اهم ۽ ڇرڪائيندڙ ڳالهه ان ئي سوال جو جواب آهي.

وڏي حد تائين يقين سان چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي سڀ کان اولين انساني گروهن مان هڪڙو گروهه جنهن هنڌ پليو. اجهو بنايو، شڪار ڪيو ۽ خوفناڪ جانورن سان بقا جي ويڙهه ڪئي، وحشي فطرت سان ويڙهاند ڪئي ۽ گونگن جهڙي ڪنهن زبان ۾ پنهنجن جذبن ۽ ضرورتن جو اظهار ڪيو، انهن ۾ کيرٿر جبل ۽ روهڙي ٽاڪرو سلسلي واري ڌرتي به شامل آهي. سادن لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته ”کير ٿر ۽ ان جي ڀرپاسن واريون ٽڪريون به انساني نسل جا پينگها آهن، جن ۾ هن جي پالنا ٿي آهي.“

اها ڪا جذباتي دعويٰ نه آهي. روهڙي ٽاڪرو سلسلي ۽ کيرٿر جي ڪافي ماٿرين ۾ پٿر واري دؤر جا اهڃاڻ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. اسان سڀ کان وڌيڪ خوش قسمت آهيون جو اسان وٽ پنهنجي سڃاڻپ لاءِ جيڪي شاهديون، ثبوت ۽ شيون آهن سي چٽيون پِٽيون، رد نه ڪري سگهڻ جهڙيون، ٺوس ۽ گهڻيون آهن.

سنڌ جي قديم آثارن کي ڏسي بنا هٻڪ جي دعوا ڪري سگهجي ٿي ته انساني سماج ۽ تهذيب جي اؤسر جا سمورا ڏاڪا سنڌ ۾ به موجود آهن. منهنجي ذاتي راءِ ۾، سنڌي تهذيب سنڌ جي ئي جبلن ۽ ٽڪرن مان چشمن وانگر ڦٽي، ”منڇر“ بڻي ۽ پوءِ منڇر وانگر اٿلي پئي آهي. جنهن پوءِ ان تهذيب کي جنم ڏنو آهي جنهن کي اڄ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سڏيو وڃي ٿو. يعني، سنڌي ماڻهوءَ کي پالي نپائي مهن جي دڙي واري شاندار تهذيب جي دروازي تي بيهارڻ ۾ کير ٿر جبل، سندس ڇاڙهن ۽ روهڙي ڪوٽڏجي ٽڪرين جو ڪردار مرڪزي آهي. ان يقين جا ڪارڻ آهن، جيڪي اڳتي هلي پيش ڪندس.

کيرٿر جبل جي مختلف شاخن ۽ روهڙي ڪوٽڏجي ٽڪرين مان جتان پٿر واري دؤر جا اوزار لڀجن ٿا يا جتي پٿر جي دؤر جون غارون آهن، سي دراصل سنڌي تهذيب جا ننڍڙا ننڍڙا پر اهم چشما آهن، جن بعد ۾ جابلو، پاڻياري ۽ ميداني تهذيبن مهر ڳڙهه، ڪوٽڏجي، آمري، منڇر يا مهن جي دڙي کي جنم ڏنو.

کيرٿر جبل (سمنڊ جي سطح کان سراسري اوچائي 5 هزار فٽ) سنڌ جي هاڻوڪي اتر اولهه واري سرحدي ڪنڊ کان سنڌ ۾ وڌندو سڄي اولهه سنڌ ۾ پکڙجي وڃي ٿو. سندس مکيه ڪرنگهو ڪرچات وٽ ختم ٿئي ٿو، پر سندس باقي پاسراٽيون ڀِت، بڊو، لڪي، سورجاڻو، اِري، ڪانڀو، مور، مڪلي، گنجو ۽ ٻيا جبل ۽ ٽڪر آهن، جيڪي هاڻوڪن دادو، ڪراچي، ٺٽي ۽ حيدرآباد ضلعن تائين پکڙيل آهن. (ارضياتي لحاظ کان کيرٿر جي عمر ساڍا ڇهه ڪروڙ سال آهي، جڏهن ته لڪي سلسلو 11 ڪروڙ سال قديم آهي. هماليه جي عمر کيرٿر کان به ننڍي آهي جڏهن ته ڪارونجهر جي عمر گهٽ ۾ گهٽ اڍائي ارب سال آهي.)


 

 

 

 

تاريخ ۽ قديم آثارن جي جڳ مشهور ڄاڻو ’ايڇ. جي. ويلس‘ سندس ڪتاب (The Outline of History) ۾ (صفحي نمبر (76 ۽ 83 تي) ٻه نقشا ڏنا آهن، جيڪي دنيا جي 50 هزار ۽ 25 هزار سال اڳ واري جاگرافيائي صورتحال کي پڌرو ڪن ٿا. نقشن موجب 50 هزار سال اڳ سڄي ميداني ۽ ريگستاني سنڌ، سڄو پنجاب، گنگا ماٿري ۽ ڳچ جيترو ڀارتي ٽڪرو پاڻيءَ هيٺ هئا جڏهن ته سنڌ جا اولهه وارا اوچا جبل، ٽڪريون ۽ بلوچستان وغيره پاڻيءَ کان آجا هئا. 25 هزار سال اڳ جي صورتحال ڏسيندڙ نقشي ۾ سنڌ جا ميدان ۽ ريگستاني حصا، چولستان ۽ ڪڇ جو علائقو پاڻي هيٺ ڏسجي ٿو. باقي علائقي کي پاڻي ڇڏي چڪو هو.

هڪ صورتحال ’مانڪ بي. پٿاوالا‘ سندس ڪتاب Historical (Geography of Sindh) ۾ بيان ڪئي آهي.

”پوئين ارضياتي دؤر“ ۾ سنڌوءَ جي وهڪري بابت هو صاحب (صفحي 235 تي) لکي ٿو ته، ”سنڌوءَ جو ٽيئن ارضياتي دؤر (Tertiary times) جي پڇاڙيءَ ۾ سوالڪ ندي يا انڊو- برهم جو هيٺيون حصو ٺهيو، جيڪو آسام پهاڙين جي علائقي کان اولهه رخ ۾ هماليه جي پيرن کان ٿيندو هاڻوڪي سنڌو، گنگا ۾ برهمترا جو گڏيل پاڻي کڻي ٿي آيو ۽ پوٺار وٽان سڌو ڏکڻ طرف مڙي آخرڪار سمنڊ ۾ ڪنهن اهڙي هنڌ ٿي پيو جيڪو هاڻي ڪڇ يا ڪاٺياواڙ آهي. اها ڳالهه هاڻي پاڻيءَ واري زندگي بابت مواد جمع ٿيڻ سان ثابت ٿي چڪي آهي.“

پٿاوالا لکي ٿو ته، ”وادي ۾ سڀ کان اوائلي انسان آمد ضرور اولهه وارن اوچن جبلن جي لڪن مان ٿي هوندي، جيڪي خوراڪ، گاهه ۽ پاڻي جي تلاش ۾ پهتا هوندا. انهن سڀ کان پهرين پاڻ کي ٽئين ارضياتي دؤر وارن جابلو ڀاڱن ۾ ڪوهستان واري ڀاڱي خاص طور تي بارڻ، نئنگ ۽ ٻنڌڻي وادين ۾ آباد ڪيو هوندو. شايد گهڻي بارش ۽ پهاڙي ندين ۽ ڀرپاسي جي چن ٽڪرين ۾ چقمقي پٿر جي موجودگيءَ سبب ائين ڪيو هوندائون. اوائلي پٿري ماڻهوءَ پنهنجيون پهريون فيڪٽريون هتي قائم ڪيون. اڳتي وڌڻ مهل ڪنجهي واري دؤر جو ماڻهو منڇر ۽ سنڌو ماٿري اولهه ناراو طرف وڌيو...“

’ايڇ. ٽي. لئمبرڪ‘ سنڌ ۾ جن اهم پٿري دور جي ماڳن جي نشاندهي ڪري ٿو، انهن ۾ روهڙي ويجهو چن- پٿر جي ٽڪري ۽ ڪوٽڏجي به شامل آهن جيڪي پلائسٽوسين زمان جي پوين ڏينهن جون به ٿي سگهن ٿيون. ان هنڌ چقمقي پهڻ گهڻو ٿئي ٿو. سندس اطلاعن ۾ ٻيو ماڳ ڪراچيءَ جي اوڀر ۾ واگهو ڏر آهي جنهن جي ڀرپاسي مان اهڙن اوزارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.

لئمبرڪ ٻڌائي ٿو ته اهڙا ڪيترائي ماڳ وچولي ڪوهستان ۾ ۽ سامونڊي ڪپر سان ڏاکڻين ٽڪرين وٽ به آهن، جن مان ڪيترن هنڌن تي اهي ڪنجهي واري زماني (Bronze Age) سان واسطو رکندڙ ٺڪڙ جي ٿانون وارين تهذيبن سان سڌي لاڳاپي ۾ ملن ٿا. سندس خيال آهي ته جن هنڌان گول هڏا ۽ ڌار وارا پٿري اوزار ڇڙوڇڙ ملن ٿا، متان اهي نيوليٿيڪ بدران ڪنجهي واري زماني جا هجن.

لئمبرڪ پٿرجي ننڍڙن اوزارن جي هڪ تهذيب جي نشاندهي به ڪري ٿو، جيڪي سنڌ جي ڏکڻ اولهه ۾ هئي. اهي پهرينءَ جي چنڊ جهڙا اوزار، گمان آهي ته مڇي مارڻ جي ڀالن يا شايد تيرن جا ڦر هجن. هو ٻڌائي ٿو ته اهڙن اوزارن جي ٺاهڻ جو هنر ڏاکڻي ۽ الهندي هندستان ۾ گهڻو پکڙيل هو. لئمبرڪ کي سنڌ ۾ اهڙن اوزارن جي موجودگيءَ جي ڄاڻ ’ڪيپٽن ريڊ دڪ‘ (Reid Dick) 1941ع ۾ ڏني هئي، جنهن ڪراچيءَ جي ڊرگ روڊ جي ڏکڻ ۾ هڪ ڍوري جي ڀت تان ان جا نمونا لڌا هئا.

لئمبرڪ، اين جي مجمدار جي حوالي سان جن وڻجارڪين واٽن (Trade Roots) جو ذڪر ڪيو آهي، اهي واٽون پڻ پٿري دؤر جي ماڻهن جون کوجنائون سمجهڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته انهن ئي هنن علائقن ۾ رلي رلي اهي واٽون ڳوليون ۽ انهن کي بنايو ۽ پوءِ انهن ئي واٽن تي چشمن لڳ پنهنجي لاءِ مستقل وارين انهن آبادين جا بنياد وڌا، جيڪي اڄ اسان کي کنڊرن جي صورت ۾ ملن ٿيون.

ڪوهستان جي مکيه واٽ منڇر کان شروع ٿي 70 ميل پري ٺيڪ ڏکڻ طرف هلي نئن بارڻ جي ميدان ۾ داخل ٿئي ٿي. ان واٽ تي 10-10 ۽ 15-15 ميلن جي وٿين تي مجمدار قديم آثار لڌا آهن. اهي آباديون پوءِ زلزلن يا ڪن ٻين موسمي تبديلن سبب چشما سڪي وڃڻ ڪري ڦِٽي ويون (تفصيل لئمبرڪ). ان واٽ جا اهم ماڳ گاجي شاهه، ٽنڊو رحيم، نئنگ، ڪائي، ٺڪو بٺي، ٻنڌڻي، ٻاڙڪي، ڏلهه، چورلو، پوکڻ، ڪرچات ۽ ڪوهتراش وغيره آهن.

سنڌ جا ٽاڪرو علائقي ۾ داخل ٿيڻ جا اولهه وارا لنگهه بنهه ٿورا آهن. ان جو سبب صرف اهو آهي ته انهن جبلن جو سلسلو اتر کان ڏکڻ آهي ۽ اهڙي طرح اهي اولهه کان اوڀر طرف سفر ۾ اوچيون رڪاوٽون بنجن ٿا. پر، اهي هنڌ جتي اهي قدرتي لڪ آهن يا سوليون گذرگاهون آهن، سي اوئلي وقتن کان لنگهن جي حيثيت اختيار ڪندا ويا.

بلوچستان ڏانهن هڪ رستو منڇر کان جهالاوان طرف وڃي ٿو ۽ جبل نسبتاً گهٽ ڏکيا ۽ ننڍا آهن. اڪثر لڪ سمنڊ جي سطح کان 3 هزار فوٽ مٿي آهن. بلوچستان واري حد سارونا ۽ حب واري آهي. سارونا ماٿري سمنڊ جي سطح کان هڪ هزار فوٽ مٿي آهي. هتان ٻه مکيه واٽون اچن ٿيون. اتر واري واٽ هيٺياهين ۽ سولي Trepori لڪ کان ٿيندي کُڏي جبل لتاڙي حب ماٿريءَ ۾ داخل ٿئي ٿي، جتان Musefari لڪ کان ٿيندي، کيرٿر جي هڪ ننڍي ٽڪر تان ٿيندي، نئن لوئي کان ٿي، کيرٿر ٽپي گري (Garro) لڪ وٽان ٿي. نئه انگئي جو پاسو وٺي منڇر پهچي ٿي. اها واٽ خانه بدوش بروهي استعمال ڪن ٿا. ٻي واٽ ڪوهستان جي ڏکڻ واري ڀاڱي سان ملي ٿي ۽ ڏاڍي سولي آهي. اها سارونا ماٿري کان نڪري، سارونا نديءَ مان ٿيندي آري پير وٽان نڪري، حب ٽپي، ديوانا لتاڙي، دريجي وٽان حب جي ڏن ڀروندي بيلي ٺپ اچي ٿي. جتان گز ماٿري ٽپي تونگ وٽ نئن بارڻ جي مٿانهين ۾ داخل ٿئي ٿي (تاريخ کان اڳ واريون تهذيبون: لئمبرڪ). سڄي جبل ۾ اهڙا ڏهاڪو کن هنڌ مس هوندا جتان لاڏو اُٺ لنگهي سگهن ۽ انهن منجهان اڌ ته هڪٻئي جي ويجهو آهن (سنڌ جو ٽاڪرو علائقو: لئمبرڪ).

تنهن ڪري سمنڊ جي حددخلي ۽ قديم آثارن کي نظر ۾ رکندي اهو سمجهجي ٿو ته سنڌ ۾ 25 هزار سال اڳ تائين سنڌي ماڻهوءَ جي سموري سرگرمي ان خطي ۾ رهي آهي، جيڪو اڄ سنڌ جي جابلو ڀاڱو آهي.

 

سنڌ ۾ انساني سرگرميون

جاگرافيائي لحاظ کان دنيا جي چوٿين برفاني دؤر جي پڄاڻيءَ کان پوءِ واري دؤر انساني ثقافت جي ارتقا جي لحاظ کان پيليوليٿڪ دؤر آهي. جيڪو گهٽ ۾ گهٽ 20 لکن سالن کان وٺي 20 هزار سال ق. م تائين چيو وڃي ٿو.

سنڌ جي جابلو علائقن ۾ خشڪيءَ وارن جانورن جي لڌل پنڊ پاهڻن جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ پٿر جي دؤر جي باقي زمانن جو مدو به ذهن ۾ رکي ڇڏجي. پٿر جو وچون يا ميسوليٿڪ دؤر (Mesolithic Age) لڳ ڀڳ 20 هزار ق. م کان 12 هزار ق. م تائين ڪٿيو ويو آهي. جڏهن ته پٿر جو آخري زمانو (Neolithic Age) لڳ ڀڳ 12 هزار سالن کان 5 هزار سال ق. م تائين سمجهيو وڃي ٿو. ايڇ. جي. ويلس اوائلي ثقافتن جي ارتقا سمجهائڻ لاءِ نيوليٿڪ زماني جي عرصي بابت ڏنل چارٽ ۾ مصر ۽ ميسوپوٽيما باب ٻڌايو آهي ته اتي 18 هزار ق. م ۾ انسان نيوليٿڪ دؤر ۾ داخل ٿيو ۽ ان کان ترت پوءِ يا ساڳئي وقت زراعت جي شروعات ٿي، جڏهن ته ڪنجهي جو دؤر 6 هزار ق. م ۾ شروع ٿيو. هوڏانهن يورپ ۾ نيوليٿڪ ماڻهن جو پکڙجڻ 10 هزار ق. م ۾ شروع ٿيو ۽ انهن 8 هزار ق. م ۾ ڍنڍن ڪناري پهريون آباديون قائم ڪيون. يورپ ۾ ڪنجهي جو زمانو 3 هزار ق. م ۾ شروع ٿيو. پر انهن سڀني زمانن کي سنڌ جي تهذيبي يا سماجي اؤسر تي ان ڪري نٿو ٺهڪائي سگهجي جو سنڌ ۾ اڃا تائين (پٿري زماني جي حوالي سان) ان نوعيت جي ڪا وڏي پئماني تي کوجنا نه ٿي آهي.

1987ع ۾ 31 جنوري تي پاڪستان ٽيليويزن اي. پي. پي. جي حوالي سان ٻڌايو ته پوٺوار واري علائقي ۾ راولپنڊي کان 20 ميل پري راوت ويجهو 2 ملين (20 لکن) سال پراڻا پٿر جا اڍنگا اوزر لڌا ويا آهن. اهي اوزار برٽش آرڪيالاجيڪل مشن ۽ ڊاڪٽر ابراهيم شاهه جي حوالي سان ڏيکاريا ويا هئا جنهن جو تعلق جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان سان آهن.

1976ع ۾ ٿيل هڪ کوجنا ۾ راماپٿيڪس پنجابيڪس نالي انسان ۽ بن مانس جي گڏيل ابي جي کاڏيءَ جو پنڊ پاهڻ ٿيل حصو لڌو ويو جيڪو 9 ملين سال پراڻو آهي. ٻئي طرف ان کان جلد ئي پوءِ پوٺوار واري علائقي مان ئي سواپٿيس انڊيڪس (Sivapithicus Indicus) نالي ساڳئي قسم جي هڪ ٻي مخلوق جي مڪمل کوپڙي لڌي وئي. جنهن جو زمانو 8 ملين سال اڳ وارو ٻڌايو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح پوٺوار جو علائقو 8 ۽ 9 ملين سال اڳ انسان جي اوائلي ابن جو وطن ثابت ٿئي ٿو. ساڳئي تسلسل  ۾ نئين کوجنا دوران پتو پيو ته پوٺوار جي علائقي ۾ 2 ملين (20 لک) سال اڳ پٿر جا اوزار ٺاهيندڙ مخلوق رهندي هئي. سنڌو ماٿري مان لڌل سيواپٿيڪس جهڙي مخلوق جيڪا اوڀر آفريڪا مان به لڌي وئي آهي. هڪجهڙائي رکڻ جي باوجود فقط 3 کان 4 ملين سال پراڻي آهي. (تفصيل ’ڊان مئگزين‘ 20 فبيروري 1987ع).

پر انهن کوجنائن کان اڳ 1930ع ۾ ’جي. ايس. وئيس‘ سوالڪ ٽڪرين (Sivalic hills) مان سوا ڪروڙ سال اڳ رهندڙ سيواپٿيڪس پنجابيڪس جي ڄاڙين جا ڪجهه ٽڪرا لڌا. اهي کوجنائون سنڌو ماٿريءَ جي اتر واري ڀاڱي ۽ ڀرپاسي ۾ ٿيون آهن. هيل تائين انسان نما وجود جو ايترو پراڻو ثبوت ماٿريءَ جي هيٺين حصي مان نه مليو آهي پر ساڳئي قسم جي مخلوق جو پوٺوار ۽ آفريڪا ۾ وجود ظاهر ڪري ٿو ته ان جي وچ واري ڌرتي يعني هاڻوڪو کيرٿر اهڙن اهڃاڻن کان محروم نه هوندو. هوڏانهن کيرٿر ۾ اهڙا ثبوت ضرور مليا آهن جن مان ظاهر آهي ته ان ئي زماني ۾ هتي به خشڪي ۽ خشڪي وارا جانور موجود هئا.

1981ع ۾ لڪيءَ ويجهو ڀڳي ٺوڙهي واري ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ٻن آمريڪي سائنسدانن البرٽ ۽ جوزف کي هڪ ڪروڙ ورهيه پراڻي ميموٿ جي کوپڙي سونڍ سميت، هڪ ڪوئي جون هڏيون، واڳونءَ جا ڏند ۽ ڪاٺ پنڊ پهڻ حالت ۾ مليا آهن. آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ زمين جي سائنس واري شعبي سان لاڳاپيل اهي ماهر پاڪستان سرڪار جي دعوت تي تحقيق ڪرڻ آيا هئا. هٿ آيل اهي شيون وڌيڪ تحقيق کان پوءِ اسلام آباد ميوزم ۾ جمع ٿيڻيون هيون. (’هلال پاڪستان‘ 25-؟-1981ع)

سوان ماٿريءَ مان ملندڙ اوزار ٻڌائين ٿا ته انهن ماڻهن هڪ کان وڌيڪ قسم جا اوزار ٺاهڻ سکي ورتا هئا، پر سندس ڇيڻيون ايتريون ناقص هيون جو هو انهن مان ڪوبه ڍنگ جو اوزار ٺاهي نٿي سگهيا. سندن اوزار ايترا اڍنگا هئا جو عام اک کي رواجي پٿر محسوس ٿين ٿا. ان ئي قسم جا اوزار سنڌ ۾ روهڙي، ڪوٽڏجي ٽڪرين ۾ ”پير سرهيو“ ماڳ وٽان به لڌا ويا آهن. اهي گول پٿرن کي ڀڃي ٺاهيا ويا آهن. ساڳيو ماڳ سنڌو تهذيب واري دؤر ۾ ٻيهر آباد ٿيو هو.

پهريون پٿر گهڙي جيئن ئي ماڻهو پٿر جي اوائلي يا پٿر جي پرڀات واري دؤر ۾ آيو، اهو شڪار جو اوائلي دؤر بڻيو. پوٺوار، هزاره ۽ مردان جي ضلعن ۾ اهڙيون ڪافي غارون لڌيون ويون آهن جيڪي پٿري دؤر جو تسلسل سمجهيون وڃن ٿيون. انهن ۾ انسان ڪرتن متعلق ڪجهه ٻيا تفصيل به نظر آيا. مردان جي غار ”سنگهاؤ“ مان جانورن جون سڙيل هڏيون مليون آهن يعني پٿري دؤر جا ماڻهو غارن ۾ رهڻ واري زماني ۾ باهه جي استعمال سان گڏ پڪل گوشت جي ذائقي کان به واقف ٿي چڪا هئا.

ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته سنڌوءَ جي ڪنارن تي ٿر جو ٻيو دؤر زراعت سان گڏوگڏ اڄ کان اٽڪل 10 هزار سال اڳ شروع ٿي چڪو هو، پر ان دعويٰ کي ثابت ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪوبه ٺوس ثبوت ڪونهي. ان دعويٰ جي حق ۾ جيڪي بنياد ڏنا وڃن ٿا تن جو پاڻ ۾ ڪوبه ربط ناهي. دراصل هيل تائين جمع ٿيل مواد ايترو معمولي ۽ ناڪافي آهي جو ڪابه پڪي ڳالهه نه ٿي چئي سگهجي ۽ نه ئي زمانن جي قطعي عمر طئه ڪري سگهجي ٿي. خاص طور تي ان وقت، جڏهن ٻئي طرف اها دعويٰ به ڏاڍي مضبوطيءَ سان ڪئي وئي آهي ته پٿر جو وچون دؤر اڄ کان اٽڪل 12 هزار سال اڳ ختم ٿي چڪو آهي. انهن زمانن دوران انساني ڪارڪردگي هن ريت بيٺل سمجهي وڃي ٿي ته 20-30 لک سال اڳ کان 20-25 هزار سال اڳ واري عرصي ۾ انسان پنهنجيون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ پٿر جا اوزار ٺاهيا ۽ غارن ۾ رهڻ شروع ڪيو. جڏهن ته زرعي دؤر پٿر جي آخري دؤر جي پڇاڙيءَ کان شروع ٿيو ۽ پٿري دؤر ڪنجهي (Bronze) جي دريافت کان پوءِ هوريان ختم ٿي ويو.

زراعت ۽ قديم ماڻهو جي حوالي سان ايڇ. جي. ويلس هڪ اهم وضاحت ڪندي لکي ٿو ته، ”زراعت تهذيب ناهي... تهذيب جي ابتدا کان اڳ غالباً 10-15 هزار ق. م ۾ يورپ ۾ نيوليٿڪ ڪلچر جي پکڙجڻ وقت پئسفڪ ۽ ائٽلانٽڪ ڪنارن تي ڪڻڪ جي پيدائش پکڙي هئي. تهذيب، ڪڻڪ جي ڪڏهن ڪڏهن ۽ اتفاقي پوکيءَ کان وڌيڪ ڪجهه آهي. تهذيب اهڙي آبادي آهي جيڪا ڪنهن علائقي تي مستقل پوکي ۽ قبضي سان هجي ٿي ۽ جيڪا مستقل طور تي عمارتن ۾ رهائش پذير آهي ۽ گڏيل نظام ۽ گڏيل شهر آهي.“

ويلس ٻئي هنڌ چوي ٿو ته، ”ائين نه سمجهڻ گهجي ته خانه بدوشيءَ واري انسان ڪارڪرت مستقل آباديءَ واري مرحلي طرف وڌي آهي. ماڻهو خوراڪ جي حصول ۾ هوريان هوريان مختلف لاڙن ڏانهن وڌيو آهي. هڪ قسم جو ماڻهو آباد ٿين طرف وڌيو آهي ته ٻيو واضح طور خانه بدوشيءَ ڏانهن وڌيو آهي. آباد ٿيندڙ ماڻهو خوراڪ لاءِ اناج طرف ۽ خانه بدوش کير جي گهڻي استعمال ڏانهن وڌيو. زندگيءَ جا ٻئي انداز مختلف رخن ڏانهن وڌيا آهن.“

سنڌو ماٿريءَ ۾ لڀجندڙ پٿري دؤر جي ڪن غارن آڏو زرعي سرگرميءَ جي واضح گنجائش آهي، جو اتي ڀليون زمينون ۽ پاڻي جو مناسب مقدار موجود رهيو آهي. ان لاءِ بهترين مثال ڪائيءَ واريون غارون آهن جتي اڄ تائين زراعت ٿئي ٿي.

بدقسمتيءَ سان اسان کي اڄ تائين سنڌو ماٿريءَ جي ڪنهن به پٿري آباديءَ مان ڪو اهڙو اوزار نه مليو آهي جنهن کي اوائلي هر چئجي. پر اسان اهو ضرور محسوس ڪيون ٿا ته هن علائقي ۾ انساني تهذيب جي اؤسر جا سمورا ڏاڪا موجود آهن. مهر ڳڙهه واري تهذيب جيڪا 6 هزار ق. م جي آهي، ”هر“ واري گم ٿيل ڪڙيءَ کي ڳنڍڻ ۾ ڏاڍي مدد ڏني آهي. پٿري اوزار خاص ڪري ڇريون ۽ اڇلائي هڻڻ وارا گول پٿر اسان کي آمري، ڪوٽڏجي ۽ موهن جي دڙي وارن آثارن مان به جام ملن ٿا. جيڪي ٺڪريءَ واريون تهذيبون آهن.

سنڌ ۾ پٿر جي دؤر بابت ڪيل انفرادي جاکوڙ ۽ کوجنا جي آڌار تي اسان ڪجهه اهم نتيجن تي ضرور پهتا آهيون. پر ان سلسلي ۾ پراڻن آثارن جي کاتي ۽ ماهرن جي مربوط رپورٽن کان پوءِ ئي آخري ۽ حتمي نتيجا ڪڍي سگهيا. زمين هڪ کليل ڪتاب جيان آهي. هڪ اهڙو ڪتاب جنهن جي هر صفحي ۽ ڪنڊ تي انسان پنهنجي مشاهدي جو نقل ۽ پورهئي جو نشان ڇڏيو آهي. ذهن اها ڳالهه تسليم ئي نٿو ڪري ته دنيا ۾ ڪو ڏينهن اهڙو به گذريو هوندو جڏهن اوائِلي ماڻهن پنهنجي وجود جو ڪو نه ڪو مستقل نشان نه ڇڏيو هجي. وقت سنڌ ۾ به پٿري دؤر جا نشان پڌرا ڪيا آهن ته جيئن دنيا کير ٿر ۽ ”گهاڙ“ واري پٿري دؤر جي حوالن سان به انساني اؤسر کي زمان ۽ مڪان ۾ پرکي سگهي.

 

سنڌ ۾ پٿري دؤر جا ڪجهه ماڳ

سنڌ جون غارون ٻن قسمن جون آهن. هڪڙيون اهي جيڪي قدرتي آهن ۽ ٻيون جيڪي انسانن پنهنجن هٿن سان گهڙيون آهن. قدرتي غارن ۾ اڪثر اهي شامل آهن جيڪي جبلن ۾ پاڻي جي اندروني وهڪرن، گهارن يا ڇپن تي ڇپون ڪرڻ سبب وجود ۾ آيون. بعد وارن وقتن ۾ جڏهن پاڻي وهڻ بند ٿي ويو تڏهن انهن ۾ جانورن واسو ڪيو، جن ۾ خاص طور تي رڇ، شينهن ۽ ٻيا بجن وارا جانور هئا. ايڇ. جي. ويلس جو چوڻ آهي ته ماڻهوءَ کي ڪوشش ڪري انهن جانورن کي غارن مان ٻاهر ڪڍڻو پيو هوندو ته جيئن هو پاڻ انهن ۾ رهن ۽ ان ڏس ۾ باهه ڪارائتو هٿيار هئي. هو صاحب اهو به چوي ٿو ته ماڻهو غارن ۾ گهڻو اندر نه ويو هوندو ڇاڪاڻ ته وٽن روشنيءَ جو انتظام نه هو، ان ڪري غارن جون اجايون ڪنڊون پاسا اسٽورن طور استعمال ڪيون هوندائون. سنڌ ۾ هيل تائين پٿري دؤر جي لڌل ڪابه قدرتي غار ايڏي اونهي ناهي جو ان ۾ روشنيءَ جو مسئلو پيدا ٿيو هجي.

ڪراچي لڳ پٿر جا ڪجهه اوزار ڪونڪر جي وچين ٽڪرين وارين وادين، لانڍيءَ جي ويجهو واقع ٽڪريءَ ۽ واگهو در جي ڀرپاسي مان هٿ آيا آهن. اهي اوزار 50 هزار سال اڳ جا سمجهيا وڃن ٿا. اهڙي طرح کديجي ۽ مول واديءَ کان سواءِ ڳوٺ حاجي شاهه بيگ ۾ ”پيارا“ نالي ٽڪريءَ جي پاڙ سميت ڪجهه ٻين جاين تان به اوزار مليا آهن جيڪي 35 هزار سال اڳ جا چيا وڃن ٿا. گڏاڻي (بلوچستان) کان جنگشاهيءَ تائين به اهي آثار موجود آهن، جيڪي اڪثر برساتي ندين جهڙوڪ ڪَلو، رن پٽياڻي، کديجي، مول، ٿڌو ۽ شِم وغيره وٽان لڌا ويا آهن. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي نئين ڪئمپس ويجهو به پٿري دؤر جا اوزار لڌا ويا آهن. انهن کان سواءِ حب نديءَ جي بند کان منگهي پير تائين به اهڙيون شاهديون آهن.

محترم حاڪم علي شاهه ”ميرل جي واديءَ ۾ قديم آثار“ واري مضمون ۾ اهي تفصيل ڄاڻائيندي لکي ٿو ته انهن آثارن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرين قسم جي ڪجهه آثارن ۾ قديم پٿر جي آخري دؤر جا آثار به شامل آهن ۽ لڌل اوزار شاهدي ڏين ٿا ته تڏهوڪو انسان مڇيون جهليندو هو. انهن کان پوءِ پٿر جون نئون دؤر شروع ٿئي ٿو، جنهن جا آثار اڄ به ملير جي واديءَ ۾ موجود آهن. پٿر جي انهن اوزار جي قدامت 8 هزار سالن تائين آهي.

حاڪم علي شاهه جي ان مقالي کان اڳ مانڪ پٿاوالا ”تاريخ کان اڳ ۽ ابتدائي تاريخ دوران“ واري باب ۾ لکي ٿو ته، ”سنڌ جي اصل ماڻهن جي ڪهاڻي گم ٿي وئي آهي، پر انهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اهي، پٿري دور جا خانه بدوش شڪاري هئا ۽ پيليوليٿڪ ۽ ابتدائي نيوليٿڪ ٻنهي دؤرن ۾ زراعت سندن زندگيءَ ۾ شامل هئي ۽ مڇي سندن مکيه خوراڪ هئي ۽ گهڻو ممڪن آهي ته پٿر واري دؤر جي خاتمي وقت سنڌو تهذيب جي ماڻهن هن خطي مان کين هڪالي ڇڏيو هجي ۽ ان کان پوءِ اهي ڀرپاسي وارين ٽڪرين ۽ ٻيلن ۾ رهيا ۽ جهنگ وارن قبيلن: ڀيلن ۽ ويدڪ لوڪن جا ابا ٿيا.“

پٿاوالا جي هن خيال جي آخري حصي سان اختلاف رکي اهو چئي سگهجي ٿو ته پٿري دؤر وارا سنڌي ماڻهو ئي اڳتي هلي سنڌو ماٿريءَ جي عظيم تهذيب جا خالق ٿيا هوندا. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ بهرحال اهڙو ڪوبه دليل يا ثبوت ڪونه آهن ته سنڌ جي اصلي ماڻهن کي وحشي ۽ نام نهاد آريا قبلين يا سنڌو تهذيب وارن پاڻ سنڌو تهذيب جي عروج کان اڳ ماري ڀڄايو.

پٿاوالا (سر بي. فريئر جي حوالي سان) لکي ٿو ته انهن ماڻهن (پٿري لوڪن) سنڌ ۾ ڪجهه دلچسپ اهڃاڻ ڇڏيا آهن جن ۾ تاريخ کان اڳ جا ڪجهه پٿري يادگار؛ جهڙوڪ پٿري دور جون مخصوص قبرون (Dolmens)، قبرن جا نشان (Caims) ۽ پٿري دائرا (Stone Circles) وغيره آهن، جيڪي سکر ۽ روهڙيءَ ويجهو لڌا ويا آهن. ٻيا نشان ڪراچي ۽ حب واديءَ ۾ (جيئن ڪرنل ايم. ٽيلر، ٽيلس آف راجستان ۾ ڄاڻايو آهي) آهن. ڪيهرو (Kehru) واديءَ ۾ غارون، واگهو در ويجهو خاص قسم جون قبرون، گهگهر نديءَ جي ساڄي ڪناري تي ”ڪافر ڪوٽ“ وارو پٿري احاطو، ۽ نيوليٿڪ قربان گاهون (Altars) وغيره پڻ پٿري دؤر جون نشانيون آهن جيڪي مول ماٿري، انڙپور ۽ ٿرڙو (گجو) وٽ آهن.

 مسٽر جي. اي. ڪارٽر حيدرآباد ويجهو ٽنڊي غلام حسين، حيدرآباد واري گنجي ٽڪر، گنجي ٽڪر تي ڪالي مندر، انڙپور ريلوي اسٽيشن ويجهو ڪارڙي پوٺي، انڙپور لڳ ويجهي بُٺي (Veji Bathi)، رڻ پٽياڻي، جنگشاهي جبل جي چوٽي، ڪوٽڙيءَ ويجهو ڄنگهڙي مڪان (Janghri Makan) گجي شهر لڳ ٿرڙو ٽڪري، جهرڪ لڳ ٻڌ جو ٽڪر، ڪوٽڙي سيٽلمينٽ نمبر 1، ڪوٽڙي سيٽلمينٽ نمبر 2، ڪراچي جي حدن ۾ Bado Pauri (وڏي پهاڙي؟) ۽ ٻولهاڙي ٽڪريءَ تان شاندار پٿري اوزار لڌا آهن جن ۾ کرڙيون، بليڊ، چقمق جا گڏيل اوزار، ابتدائي ڪهاڙيون ۽ ڇيڻيون وغيره شامل آهن.

ڪارٽر جي خيال ۾ انهن مان ڪجهه نشان مائڪروليٿڪ دؤر جا ۽ ٻيا نيوليٿڪ دؤر جا آهن جن جو عرصو 6 هزارن کان 8 هزار سال ق. م تائين آهي. سندس خيال آهي ته اهي اوزار تاريخ کان اڳ وارين ڪن مرڪزي فيڪٽرين جهڙوڪ روهڙي وغيره ۾ تيار ٿيا. ذڪر ڪيل ماڳن تان لڌل اوزار پرنس آف ويلز ميوزم بمبئي ۾ محفوظ ٿيل آهن.

انهن مان هڪ ماڳ ”ڇوٽا پهاڙي“ ڪوٽڙي سائيٽ ايريا ۾ واقع مسيحي ڪالوني ۾ آهي، جيڪا يونين ڪائونسل ٻولهاڙي جي ديهه سونو لهار ۾ آهي. اها غار جولاءِ 1989ع تائين وڏي حد تائين سلامت هئي، پر 10 آگسٽ 1989ع تي ڏٺو ويو ته مسيحي ڪالونيءَ ۾ توسيعي رٿا سبب اها ٽڪري هڪ ماڻهوءَ کي الاٽ ٿي چڪي هئي، جنهن بلڊوزن جي مدد سان ان کي تقريباً سڌو ڪري ڇڏيو هو.

هوڏانهن پٿاوالا نيوليٿڪ زماني ۾ ڪوٽڏجي، نارو دڙو، ٿرڙو، اروڙ وغيره جي اوزارن کي ڳڻي ٿو ۽ دليل ڏئي ٿو ته انهن علائقن ۾ چقمقي پٿر ۽ ٻيو گهربل پٿر وڏي تعداد ۾ موجود آهن ۽ اهو به ممڪن آهي ته سنڌو ندي انهن ماڳن جي ڀر مان لنگهي هئي. مٿي ذڪر ڪيل ماڳن مان گجي لڳ ٿرڙو وارو ماڳ ڪُزنس (Cousens) ۽ مجمدار به جاچيو هو ۽ ان کي عاليشان نيوليٿڪ آبادي سڏيو هو.

پٿري دؤر تي نظر وجهڻ سان گڏ اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪنجهي (Bronze) جو دؤر اڄ کان 6 هزار سال اڳ شروع ٿيو جڏهن ته لوهه 3 هزار سال اڳ (1000 ق. م) ۾ دريافت ٿيو ۽ ڦيٿي وارو انقلاب 6 هزار سال اڳ آيو پر پٿري اوزار ٺڪر وارين تهذيبن ۾ به نفاست سان گهڙجندا رهيا.

سنڌي ماڻهن غارن ۾ رهن ڪڏهن کان شروع ڪيو؟ ان باري ۾ ڪا حتمي راءِ ڪنهن به نه ڏني آهي پر ماهر ان راءِ تي متفق آهن ته غارن ۾ رهڻ کان اڳ انسان جهوپڙيون ٺاهڻ سکي چڪا هئا. هو قدرتي ۽ اونهن غارن ۾ تڏهن آيا جڏهن باهه دريافت ڪيائون. غارن ۾ رهڻ وڌيڪ محفوظ هو، پر پوءِ انسان هڪ ڀيرو ٻيهر غارن مان نڪتو ۽ باقاعدي ميداني زندگي گذارڻ لڳو. اهو شايد تڏهن ممڪن ٿيو جڏهن هنن ڏٺو ته جبل ۾ هٿرادو غارون کوٽڻ محنت طلب ڪم آهي ۽ پٿر جي قدرتي بلاڪن سان ديوارن ٺاهي، انهن کي ڪاٺين جي ڇت ڏيڻ وڌيڪ سولو ڪم آهي. غارن ۾ رهڻ کان اڳ يا ساڳئي وقت ۾ يا ان کان پوءِ واري پٿري دور جون جهوپڙيون ڪٿي ڪٿي قائم هيون؟ ظاهر آهي ته اهو ڪاٿو لڳائڻ هن وقت تمام مشڪل آهن، ڇو ته اهڙيون ڪچيون اوٽون هزارن سالن جي عرصي ۾ باقي نٿيون رهي سگهن ۽ هاڻي انهن جو نالو نشان به نه هوندو. پر، اسان ڪافي اعتماد سان اهو چئي سگهون ٿا ته اڄڪلهه سنڌ ۾ ملندڙ تقريباً هر اها غار جيڪا انسان جي هٿن جي گهڙيل آهي، پٿري دؤر جي آهي.

اها ڳالهه واضح آهي ته سنڌو ماٿريءَ واري تهذيب جا بنياد وجهندڙ اوائلي سنڌي ئي هئا. هتي ٻاهرين آبادين يا قومن جي وڏي مداخلت جا سڀ کان پهريان ۽ اهم واقعا اتر وارن علائقن کان آرين وارا سمجهيا وڃن ٿا ۽ ان کان پوءِ ئي سنڌو سڀيتا نوان رخ اختيار ڪيا. انهيءَ بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته پٿر جي دؤر واري سنڌي انسان سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي عروج تائين ٻاهرين مداخلت کان وڏي حد تائين آجي حالت ۾ ارتقا جا ڏاڪا طئه ڪيا ۽ جيڪڏهن ڪي اثر قبول ڪيا ته پاڙيسرين سان ثقافتي لهه وچڙ ذريعي ڪيا، جيڪي گهڻو ممڪن آهي ته جبري نه هئا.

سنڌو تهذيب جا خالق جبلن ۾ نپجي زرعي دور ڏانهن وڌيا. ان جو ثبوت موهن جي دڙي کان اڳ وارين تهذيبن مان ”ديوي ماتا“ جو لڀجڻ آهي. ”لاکيو“ (Lakhiyo) نالي ماڳ تان ديوي ماتا جون مورتيون لڌيون ويون آهن. اهو ماڳ سنڌو ماٿريءَ واري تهذيب جو حصو ضرور آهي، پر ان جو محل وقوع منڇر ڍنڍ کان ڪجهه اتر طرف آهي. ساڳئي نموني جون مورتيون ڪلي ميهي تهذيبن جي خصوصيت به آهن جن جو مکيه علائقو جهالاوان جي ڏکڻ ۽ اولهه مڪران جي اوڀر ۾ آهي، ان ۾ نال وارا به ڪيترا علائقا اچن ٿا. اهو علائقو آمري تمدن جي الهندي حدن سان هم قدم هو. جيسين ڪا پوري ثابتي نه ملي تيسين ايئن سمجهي سگهجي ٿو ته آمريءَ وارا به ايئن ئي پوڄا ڪندا هئا. آمري تهذيب وارن سنڌ بلوچستان سرحد وٽ اتر کان اولهه وارين ماٿرين جو ذري گهٽ سڄو حصو والاري ڇڏيو هو. (تفصيل: تاريخ اوائلي تهذيبون: ايڇ ٽي لئمبرڪ)

سنڌ ۾ پٿري دؤر وارا ڪي لوڪ مڇيءَ گذارو ڪندا هئا. پاڻ اهڙو ذڪر ڪري چڪا آهيون ته اهڙا اوزار ڪراچيءَ جي ڊرگ روڊ جي ڏکڻ ۾ هڪ نالي جي ڀِڪ تان مليا هئا. مڇي مارڻ وارا يقينن هڪ هنڌ ٺڪاڻو رکي ئي گذارو ڪري سگهن ٿا ۽ اهي خانه بدوش ٿي نٿا سگهن. موهن جي دڙي تائين مڇيءَ کي مليل بنيادي اهميت منڇر تهذيب يا ان کان به اڳ پٿري دؤر جي گهاتوئڙن کان هلندڙ سلسلو آهي.

منڇر ڍنڍ کي ته سنڌوءَ جي پاڻيءَ جڏهن عظمت بخشي تڏهن بخشي پر منڇر ۾ پاڻي ته تڏهن کان موجود هوندو جڏهن کان هتان سمنڊ هٽيو ۽ الهندي وارن جبلن ان ۾ مٺو پاڻي ڇڏڻ شروع ڪيو. اهو وقت اڄ کان اڳ 25-50 هزار سال اڳ وارو ٿي سگهي ٿو.

هوڏانهن محترم تاج صحرائي، جنهن ڪائي ماٿريءَ ۾ پٿري دور جون غارون دريافت ڪيون آهن، انهن کي پراڻي ٿر واري دؤر جو حصو سجهي ٿو ۽ انهن جي عمر اٽڪل چاليهه هزار سال ڪٿي ٿو (پڻي لوڪ، رگ ويد جي دؤر جا سنڌي: تاج صحرائي) صحرائي صاحب کير ٿر جبل ۾ ڪجهه اهڙن ماڳن جي نشاندهي به ڪري ٿو جتان پٿري اوزار ۽ بليڊ لڀجن ٿا. انهن ۾ بلهي جي بٺي، ٻنڌڻي ۽ هوٿياڻو شامل آهن. صحرائي صاحب هوٿياڻي کي خاص طور تي اهميت ڏئي ان کي شروعاتي نيوليٿڪ دؤر وارو ماڳ سڏيندي ٻڌائي ٿو ته انهن ماڳن تي پٿري اوزارن جون فيڪٽريون هيون (سنڌو تهذيب: تاج صحرائي.)

ڪائيءَ واري ماٿري جي تسلسل ۾ بڊي جبل ۾ نئنگ وٽ نئنگ نديءَ جي اوڀر م واقع غار، لڪي ۽ آمري وچ ۾ جبل جي پاڙ ۾ بزن جهڏو/ بزن ڪوٽ ۽ لڪيءَ واري چشمي وٽ زمين دوز غار به پٿري دؤر جا يقيني ماڳ آهن ۽ اهي انساني هٿن جا تراشيل آهن.

هوڏانهن ڪوٽڙيءَ وٽ ٽيليگراف ڦاٽڪ جي اولهه وارين ٽڪرين ۾ اوڀر طرفا اٽڪل 8 فوٽ ڊگهي ۽ 5 فوٽ ويڪري هڪ غار هئي. ڀٽائي ڪالوني ڪوٽڙي (سائيٽ) پٺيان ٽڪرين ۾ به 10-12 فوٽن جي هڪ غار ٻڌجي ٿي. جڏهن ته ٻولهاڙيءَ وٽ ٽڪرين ۾ به اهڙين غارن جا ڏس آهن. مون اهي غارون اکين سان ڪونه ڏٺيون آهن پر هي اهوئي علائقو آهي جنهن جو ذڪر مسٽر ڪارٽر ڪيو آهي.

اسان جي سيلاني ساٿي علي بابا پڻ نئه بارڻ لڳ سورجاڻي جبل جي سلسلي ۾ ڪن هنڌن تي اوائلي وقتن ۾ پٿرن تي انساني هٿن سان پاتل ليڪن ذريعي ٺاهيل ديوين ۽ ديوتائن جون شڪليون ڏٺيون آهن. رني ڪوٽ ۾ پڻ ست اٺ غارون موجود آهن، جن مان اڪثر انساني هٿن سان تراشيل آهن. رني ڪوٽ مان ملندڙ پٿري بليڊ يقينن انهن غارن سان تعلق رکندڙ آهن. محترم ظفر ڪاظميءَ رني ڪوٽ وارين ٽڪرين ۾ غارن لڳ هڪ بُٺ تي هڪ مناري نما ٿنڀي تي جابلو جانورن جون اڪريل تصويرون ڄاڻايون آهن، جن ۾ سرهه ۽ گڊ نمايان هئا ۽ انهن سان گڏ اکري علامتون به موجود ٻڌايون ويون آهن. (’هلال پاڪستان‘ 24 نومبر 1987ع.)

پير پٺي وارين ٽڪرين ۾ پاڻيءَ جي دٻي مٿان پڻ ساڳي نوعيت جي غار آهي. جيڪا انساني هٿن سان گڙيل آهن. اها غار پوءِ وارن وقتن ۾ جوڳين جي تپسيا لاءِ ڪم آندي وئي. پر هاڻي ويران حالت ۾ آهي ۽ ان ۾ چمڙن جو واسو آهي.

مڪليءَ جي ٽڪرين ۾ نيشنل هاءِ وي واري وڪڙ ۾ موجود غار، جنهن تي اڪثر ڪنهن نه ڪنهن فقير جو قبضو هوندو آهي، ساڳئي سلسلي جي ڪڙي آهي. غار جي ڀر واري ڍوري ۾ پڻ قديم ماڻهن جي سرگرمي محسوس ڪري سگهجي ٿي. اهو ڍورو هندو ياترين لاءِ تيرٿ طور ڪم ٿي آيو. اتي اهڙا آثار اڃا موجود آهن. جڏهن ته ڪلان ڪوٽ ۾ ڪالي مندر جي پٺيان جابلو ڏار ۽ ڪنڊون پاسا به ڌيان ڇڪائيندڙ آهن.

جهمپير کان 5-4 ميلن جي مفاصلي تي ڪينجهر جي ڪناري اسماعيلي فرقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن لاءِ مقدس حيثيت رکندڙ ٻه غارون به پٿري دؤر جي ماڻهن جي هٿن جو ڪمال آهن. انهن مان وڏي غار کي هاڻي سنگ مرمر جون ٽائلون هڻي ”جديد“ بڻايو ويو آهي، پر ساڳي غار ۾ واقع اندريون چئمبر اڃا به اوائلي صورت ۾ موجود آهي ۽ ان جي ڇت تي دونهين جي ڪارنهن جا تهه موجود آهن. جنهن مان ظاهر آهي ته ان ماڳ جا رهواسي باهه جو استعمال ڄاڻندا هئا. ساڳئي هنڌ ٻي سوڙهي غار به موجود آهي.

سيوهڻ لڳ قلندر شهباز سان منصوب غار ”يڪ ٿنڀي“ چٽو پٽو پٿري دؤر آهي ۽ ان ۾ قائم ٿنڀي جي گهڙاوت، در ۽ باقي حصا ان جو ثبوت آهن. يڪ ٿنڀيءَ واري ٽڪريءَ جي پوئين پاسي هڪ ٻي ننڍڙي غار لاوارث حالت ۾ آهي جنهن کي پڻ انساني هٿ لڳل آهن.

اتر سنڌ ۾ روهڙي ويجهو اروڙ وارين ٽڪرين ۾ ”ڪالڪان“ واري غار کي پٿري دؤر سان نسبت هئڻ واري ناتي سڀ کان گهڻو ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. اڌ گول ۾ ڦري ايندڙ هن غار جي هڪ ڪنڊ ۾ ڇت ٽُڪي اتي اُڀو بيهڻ جي جاءِ ٺاهي وئي آهي، جنهن لاءِ سمجهجي ٿو ته بعد واري زماني ۾ يوگ ۽ تپسيا لاءِ ائين ڪيو ويو هو. هتان لڌل اوزارن ۾ ننڍا وڏا بليڊ ۽ ٻيا چٿڙي اوزار مليا آهن، جيڪي ٽُڪڻ واري عمل ۾ ڀڄي ڀري پيا هئا.

 

ڪائي

سٺ واري ڏهاڪي ۾ محترم تاج صحرائيءَ ڪائي ماٿريءَ ۾ جيڪي غارون لڌيون انهن مان هيل تائين پٿري دؤر جو ڪوبه اوزار نه لڌو ويو آهي، جيتوڻيڪ ان جو ڪافي امڪان موجود آهي. دراصل هن طرف عام ماڻهن ۽ سياحن جي اچ وڃ نه هئڻ برابر آهي. اهي غارون سيوهڻ کان 40 کن ڪلو ميٽر اولهه ڏکڻ ۾ بڊي جبل جي پاسراٽين ۾ اوڀر رخ ۾ آهن جن کي مقامي ماڻهو ”جنن جا گهر“ سمجهندا ۽ ”ست گهري“ سڏيندا رهيا آهن. واقعي! اوائلي ماڻهو جنن کان گهٽ ڪونه هئا جيڪي ههڙين سخت حالتن ۾ اگهاڙي فطرت ۾ بقا جي جنگ ڪاميابيءَ سان وڙهي سگهيا.

ست ئي غارون هڪٻئي سان بلڪل ائين ڳنڍيل آهن جيئن انهن جا مالڪ هڪٻئي سان سماجي رشتن ۾ جڪڙيل هوندا. صرف هڪ غار ڪجهه قدمن جي مفاصلي تي الڳ ٿلڳ آهي جيڪا شايد گدام طور استعمال ٿيندي رهي هجي! پر ان خيال کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسان وٽ ڪوبه ثبوت ڪونهي. هڪ راءِ اها به آهي ته اها آخري غار اصل ۾، غار نمبر 7 جو اندريون چئمبر آهي ۽ هن وقت ان چئمبر جي آڏو نظر ايندڙ اڱڻ اصل ۾ پاڻ غار نمبر 7 هئي جنهن جي ڇت ڊهي پئي آهي. انهن مان هر غار سراسري طور تي اڄڪلهه جي ڪنهن وچولي ڪمري جي برابر آهي ۽ انهن جون ڇتيون بي ڊوليون گهڙيل آهن. انهن ۾ ٻه غارون اهڙيون به آهن جن جي اندر چئمبر آهن. سڀئي غارون هٿرادو آهن، پر انهن جا دروازا غارن جي مالڪن ڏاڍي مهارت سان پٿر جي ڇيڻين سان ٽڪي ٺاهيا آهن. (تصويرون ڪتاب جي آخري صفحن تي.)

 


 

 


 

محسوس ٿئي ٿو ته ٽڪجڻ کان اڳ انهن چُرن جا قدرتي دروازا ايترا سوڙها هئا جو کين رڙهي اندر ٿيڻو پوندو هوندو ۽ اها ئي ڳالهه کين نه وڻي، تڏهن هنن ڇيڻي کنئي ۽ ٽڪڻ شروع ڪيو. ڪجهه دراوزا ٽن ٽن فٽن جي چوڪنڊين درين وانگر ٺهيا، جڏهن ته ڪن جي اوچائي پنج ساڍا پنج فوٽ ٺاهيائون. ائين ٿو لڳي ته جڏهن اهو قديم قبيلو اتي آباد ٿيو، انهن چُرن ۾ موجود جاءِ هنن لاءِ ڪافي هئي پر جڏهن وقت سان گڏ آبادي وڌي سٺ ستر ماڻهن تائين پهتي، تڏهن کين وڌيڪ گنجائش حاصل ڪرڻ لاءِ ديوارون ٽڪڻيون پيون. پر ٽُڪڻ جي ان عمل ۾ هنن ڪمزور ڇت کي به نظرانداز نه ڪيو ۽ ڇت جي سهاري لاءِ ٻن کان ٽي فوٽ ويڪرا ۽ چئن کان پنج فوٽ اوچا ٿنڀا ڇڏي ڏنائون. اهڙا ٿنڀا ٻن غارن م موجود آهن.

هن ننڍڙي وسنديءَ کان ٿورو پرتي هزارن سالن کان اڄ تائين مسلسل وهندڙ مٺي پاڻيءَ جو قدرتي ۽ طاقتور چشمو آهي. اسان وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي ته اسان اهو قبول ڪيو ته ان چشمي جو پاڻي انهن قديم ماڻهن جي استعمال هيٺ رهيو ڇاڪاڻ ته ڪنهن ٻئي پاڻيءَ جا ذخيرا يا نشان ويجهڙائي ۾ ڪونهن. انهن ئي غارن کي ٿورو پرڀرو هڪ پُٺيءَ تي آمري دؤر جو ٺڪراٽو موجود آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته جڏهن هيءَ پٿري ثقافت اڃا وڌيڪ اُسري تڏهن انهن جي پونئيرن هن بُٺيءَ کي آباد ڪيو.

 

 

گنجو ٽڪر

اپريل 1986ع جي ڳالهه آهي جڏهن مان حيدرآباد جي گنجي ٽڪر ۾ صديون پراڻو مندر ڏسڻ ويو هئم، سامهون پٿر جي دؤر جي هڪ ٻي آبادي بيٺي هئي. هي آثار چئن حصن ۾ ورهايل آهن، جن مان ٻه حصا اڄ به موجود آهن. پهرين ٻئي ۽ ٽئين حصي ۾ هڪ هڪ غار آهي جڏهن ته چوٿين حصي ۾ اڍنگيون چُرون هيون، جن سوڙهن ورانڊن جي ڏک ٿي ڏني. چوٿين حصي کي مهڙ ۾ سخت موسمي حالتن ۽ برساتن تباهه ڪيو ۽ باقي تباهي حيدرآباد جي صنعتي ترقيءَ سبب ٿي، جنهن ۾ ان حصي کي ڊاهي ختم ڪيو ويو آهي. سائيٽ جو پهريون حصو ڪالي مندر جي ڀر ۾ اڌ پوريل غار آهي جيڪا اڄ به مندر جي حصي طور استعمال هيٺ هئڻ ڪري محفوظ آهي. ان غار بابت روايت آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ان ۾ به عبادت ڪئي آهي. (تصوير ڪتاب جي آخري صفحن تي.)

هتي اها به وضاحت ڪجي ته هي ڪالي مندر، سيوهڻ واري يڪ ٿنڀي يا اروڙ وارو ماڳ گهڻو پوءِ ان وقت عقيدت وارن ماڳن ۾ تبديل ٿيا، جڏهن ڪن ڀکشوئن، صوفين، ويدانيتن يا رشين انهن ويران هنڌن تي رياض يا تپسيا ڪئي ۽ پوءِ انهن جي پيروڪارن غارن کي مقدس تصور ڪيو. انسان لاشعوري طور تي هر ان جاءِ، مڪان ۽ وڻ کي مقدس سمجهي اهميت ڏني آهي، جتي سندس ماضيءَ ۾ اڻ چٽو ئي سهي، ڪو رشتو هجي. اهو انسان جو فطري جذبو آهي.

 

 

 

 

ڪالي مندر وٽ گنجي ٽڪر ۾ غار نمبر-1 جنهن جي واڌ دروازو ڍڪجي ويو آهي

 

گنجو ٽڪر غار نمبر – 2

گنجي ٽڪر جون غارون هڪٻئي کان اٽڪل اڌ ڪلوميٽر جي دائري ۾ هل پارڪ ويجهو آهن. پهرين، ٻي ۽ ٽين غار جا دروازا ڪائيءَ وارين غارن وانگر پٿر جي ڇيڻن سان ٽڪيل آهن پر انهن ۾ ڌاتوءَ جي ڇيڻيءَ سان ٽُڪ به موجود آهي، جيڪا بعد وارن زمانن ۾، شايد ٻڌن يا ڪاليءَ جي پوڄارين ۽ ياترين ان وقت ڪئي جڏهن هن غارن ۾ گهرج آهر ترميم ڪئي. هنن غارن جون ڇتيون به گولائيءَ ۾ گهڙيل آهن. ٻئي نمبر واري غار کي گوندراڻي (بلوچستان) غارن وانگر ورانڊو به آهي جنهن مان ٻه در هڪ ئي ڪمري ۾ داخل ٿين ٿا، جڏهن ته ٻنهي دروازن جي وچ واري ڀت؛ ڇت لاءِ ٿنڀي طور سهارو بنجي ٿي. اها ڳالهه ڪائي وارين غارن سان هڪجهڙائي رکي ٿي. (تصوير ڪتاب جي آخري صفحن تي.) ٽين غار هل پارڪ تي مائي خيريءَ جي مقبري لڳ آهي جنهن کي هل پارڪ جي تعمير وقت هٿرادو طور بند ڪيو ويو آهي.

 

قديم سنڌين گهر ٺاهڻ ڪيئن شروع ڪيا هوندا؟

جڏهن سنڌو ندي ڪالاباغ وٽ جابلو ماٿريءَ مان نڪري اڄوڪي ٿل صحرا مٿان موجود سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، جيئن ايڇ. جي. ويلز اڄ کان پنجاهه هزار سال اڳ جو نقشو چٽيو آهي، هتان جو قديم انسان يقيني طور تي ڪشمير، پوٺوهار، سليمان جبل ۽ کير ٿر جابلو سلسلن تي رهندو هو. ان وقت اهي جبل وڌيڪ برساتن سبب گاهه، وڻن ۽ شڪار سان ڀريل هوندا. انسان اتي ئي ٿاڪ ٺاهي سگهي ٿو جتي آبهوا ساٿ ڏئي ۽ جيئڻ جو مناسب سامان هجي. يورپ جي حوالي سان ٿيل تحقيق موجب اوائلي انسان شروع ۾ جهنگل ڇڏڻ بعد ميدانن ۾ جهوپڙيون ٺاهيون ۽ پوءِ باهه جي مدد سان قدرتي غارن تي قبضا ڪيا. شايد اوائلي پيليوليٿڪ دؤر جا سنڌي انسان به ساڳين مرحلن مان لنگهيا هجن پر، سنڌ ۾ اڃا تائين ڪا قديم جهوپڙي دريافت نه ٿي آهي.

ان زماني ۾ قديم سنڌي انسان ڪٿي رهيا هوندا؟ سخت سيارن، برساتن ۽ گرميءَ کان بچڻ لاءِ جهوپڙين، قدرتي غارن جابلو اوٽن ۽ ڇاپرن کان سواءِ ٻيو ڪهڙو طريقو ٿو ٿي سگهي؟ هي انسان جو شڪاري دؤر هو. نه رڳو اهو ته انسان پاڻ شڪاري هو پر چير ڦاڙ ڪندر ٻين جانورن جو شڪار به هو. کيس چڱي طرح خبر هئي ته بچاءَ جا فقط ٻه طريقا آهن. پهريون اهو ته گروهن ۾ رهجي ۽ ٻيو اهو ته محفوظ جاين تي رهائش اختيار ڪجي. محققن جو خيال آهي ته انسان باهه ۽ هٿيارن جي دريافت کان پوءِ سگهارا ٿيا هئا، ان کان پوءِ ئي هنن غارن ۾ رهندڙ رڇن، شينهن ۽ ٻين جهنگلي جانورن سان نه رڳو مقابلو شروع ڪيو پر انهن جي غارن تي قبضو ڪرڻ به شروع ڪيو هو.

قدرتي غارن ۾ انسانن کي سوڙهه ۽ تڪليف محسوس ٿي هوندي ان ڪري هنن غارن کي ويڪرو ڪرڻ، اوچو ڪرڻ، دروازا موڪرا ڪرڻ، زمين کي سڌو ڪرڻ جهڙا ڪم ڪيا هوندا، ٻين لفطن ۾ قديم ماڻهن قدرتي غارن کي پنهنجي رهڻ لائق ڪرڻ لاءِ انهن کي ڪاٺين ۽ پٿر جي اوزارن سان کوٽي کوٽي ڪشادو ڪيو هو. ڪٿي اهي غارون جبلن ۾ اوچاين تي ۽ ڪٿي جبلن جي پاڙن ۾ هيون. پڪ ئي پڪ جڏهن ڪنهن قديم رولاڪ شڪاري گروهه کي ڪا بهتر غار نظر آئي هوندي، تڏهن ان گروهه غار ۾ رهندڙ جانور کي ماري يا باهه ۽ هٿيارن جي زور تي ان کي ڊوڙائي ڪڍيو هوندو ۽ پوءِ گڏجي ان غار کي کوٽي موڪرو ڪري پنهنجي ضرورت موجب رهڻ جوڳو ڪيو هوندو.

ان سان گڏوگڏ قديم ماڻهن وڏين ڇپن جي هيٺيان محفوظ رهائش اختيار ڪرڻ لاءِ ڇپن جي وچ ۾ موجود غير ضروري وٿين کي ننڍن وڏن پٿرن جي مدد سان بند ڪري اچ وڃ لاءِ فقط هڪ يا ٻه لنگهه ڇڏيا. اهڙا خوبصورت مثال ڪارونجهر ۾ محسوس ڪري سگهجن ٿا. مثال طور ”انچليا سر“ واري غار کي اهڙي امڪاني غار تصور ڪري سگهجي ٿو. ڇپن جي وچ واريون غير ضروري وٿيون پٿرن سان بند ڪرڻ جو عمل ”پهريون ٺوس ديوارون“ کڙيون ڪرڻ آهي. اهڙو ئي مثال اروڙ جي ڏکڻ ۾ نينهن ٽڪر وٽ آهي.

ٽين صورت جابلو ڪٽائن، جهڏن ۽ ڇتن کي استعمال ڪرڻ واريون چئي سگهجي ٿي. يعني جبل جو اهڙو ڪٽاؤ جتي فقط هڪ ديوار بيهارڻ سان گهر ٺهي پوي. اهي ديوارون پٿرن جي اڍنگن قدرتي بلاڪن کي هڪٻئي مٿان سٿي ٺاهيون ٿي ويون. اهڙا گهر يا غار نما اجها اروڙ جي ٽڪرين ۾ عام جام آهن جڏهن ته مڪلي ۽ لڪيءَ وٽ به اهڙا اجها موجود آهن. بلوچستان، سرحد ۽ ٻين جابلو علائقن ۾ اهڙا اجها جوڙڻ جي روايت اڃا تائين آهي.

چوٿين صورت ڇت وجهڻ جي آهي، جڏهن ٻن يا ٽن طرفن کان ڪي ڇپون ديوارن جو ڪم ڏيئي پئي سگهيون، تڏهن ان جي مٿان ڪاٺ جا بنڊ، ٽاريون يا وڏا تراکڙا پٿر رکي ڇت ٺاهي ٿي ويئي ۽ انهن کي ٽارين، گاهه ۽ جانورن جي کلن سان چڱيءَ طرح ڍڪيو ٿي ويو. اهي ابتدائي عمارتون هيون. جڏهن ماڻهوءَ ديوارون ٺاهڻ ۽ ڇت رکڻ سکي ورتي، تڏهن پاڻ جدا گهر ٺاهڻ شروع ڪيا. اهي ڪچين سرن ۽ پٿرن جا گهر هئا. اهوئي منظر اڄڪلهه اسان جي ٻهراڙين جو آهي. گهر ٺاهڻ جو هنر سکي وٺڻ کان پوءِ جابلو ماڻهن لاءِ سولو ٿي پيو ته هاڻ هو جبل ڇڏي ميداني علائقن ۾ پکڙجي وڃن. ان جو مطلب اهو ناهي ته جابلو لوڪ ميدانن ۾ تڏهن لٿا جڏهن هنن هٿرادو گهر ٺاهڻ سکي ورتا. گهر اڏڻ جي ارتقا جهوپڙيءَ کان ٿي آهي. ميداني علائقن ۾ ته ان کان بهتر، سستو ۽ تڪڙو ڪو ٻيو طريقو ٿيندو ئي ناهي.

جهوپڙين کان غارن ۽ گهرن جي اڏاوت تائين هن سفر بابت سنڌ جي حوالي سان اها راءِ ڏيئي سگهجي ٿي ته هتان جا ماڻهو جيئن ئي پٿر جي آخري دؤر واري حد ٽپي آمري دور ۾ پهتا هنن غارن ۾ رهڻ ڇڏي ڏنو. سنڌ ۾ اروڙ، کير ٿر ۽ لڪيءَ ۾ اهڙا ثبوت به موجود آهن جن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اڳ واري زماني ۾ جوڙيل اهي غارون چالڪو ليٿڪ دؤر تائين انساني رهائش جي طور تي استعمال ۾ اينديون رهيون. بهرحال، غارن کي گهر ٺاهي رهڻ جو سلسلو اڃا تائين هلندڙ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄڪلهه قديم زماني جون اڪثر غارون ”مقدس آسٿانن“ ۽ تيرٿن جي صورت اختيار ڪري چڪيون آهن. اها انسان جي نفسيات آهي جو هو ماضي، ورثي ۽ روايتن کي ”تقدس“ ڏيئي ڇڏيندو آهي. شايد اهوئي سبب آهي جو اڪثر اوائي غارون هاڻي مندر يا زيارت گاهون ٿي ويون آهن.

اڳوڻي سويت يونين ۾ پٿري دؤر سان تعلق رکندڙ هڪ آثار گاگارينو جي کوٽائيءَ ظاهر ڪيو ته قديم دؤر جي شڪارين جا گهر تهه خانن وانگر هئا جن ۾ داخل ٿيڻ جو فقط هڪ سوراخ ڇت ۾ هوندو هو. فرش ۾ وچ تي هڪ کڏ هوندي هئي، جنهن ۾ شايد اهي شيون سڀنالي رکيون ٿي ويون جيڪي ”قيمتي“ هيون. سوويت يونين ۾ اهڙيون ٻيون به قديم آباديون لڌيون ويون آهن. جيتوڻيڪ سنڌ برفاني دؤر جي سخت اثرن کان پري هئي، تڏهن به قديم سنڌي ماڻهن جبلن جي ڪُکين، سوراخن ۽ تهه خان جهڙين غارن ۾ پناهه ورتي هئي. سنڌ مان لڀجندڙ قديم غارن مان ڪن غارن ۾ اندريون ننڍيون غارون مليون آهن. جيئن ڪائي، اروڙ، رني ڪوٽ، لڪي، بزن، جهڏي ۽ امير پير وغيره ۾ آهن. اهي اندريون ننڍيون غارون يا اندريان چئمبر شايد سامان سنڀالي رکڻ لاءِ اسٽور طور استعمال ڪيا ويندا هئا ڇاڪاڻ ته اهي اوچائيءَ ۾ ايترا سوڙها آهن جو انهن ۾ فقط ويهڻ يا ليٽڻ جي گنجائش آهي. سنڌ ۾ تهه خانن جهڙيون غارون مڪلي ۽ لڪي ٽڪرين ۾ موجود آهن. جڏهن ته ٽيڪسيلا کان اتر ۾ خانپور غار (تصوير ڪتان جي آخري صفحن تي) کي به ان تسلسل ۾ ڏسي سگهجي ٿو، توڻي جو اها تمام اونهي آهي.

يورپ جي غارن ۾ رهندڙ قديم شڪاري ماڻهو چمڙو اوڍيندا هئا، گهڙيل هڏين جا هار پائيندا هئا ۽ هاٿي ڏند مان مورتيون گهڙيندا هئا. ڌرتي ماتا جي پوڄا ڪندا هئا. هو ميموٿ، شينهن، رڇ ۽ گهوڙا شڪار ڪري کائيندا هئا. انهن جانورن جون هڏيون شڪاري دؤر جي آبادين مان مليون آهن.

اوائلي سنڌ ۾ شڪاري دؤر جا ماڻهو ڪيئن رهندا هئا؟ ڇا کائيندا ۽ پائيندا هئا؟ في الحال ان سوال تي به ڪا تحقيق نه ٿي آهي. هتي هيل تائين اهڙي ڪابه غار نه ملي آهي جنهن مان شڪاري دؤر بابت ڪا تصوير يا مورتي وغيره ملي هجي. البت سنڌو ماٿريءَ جي سڀ کان قديم ديوتا شِو مها ديو جي لباس تي هڪ نظر وجهڻ سان سنڌو ماٿريءَ جي قديم شڪاري انسان جي لباس جو پتو پوي ٿو.

شِو مها ديو جو لباس قديم شڪارين جهڙو آهي. کيس چيتي يا هرڻ جي کل اوڍيل هوندي آهي، هڪ هٿ ۾ ترشول (ٽرن ڦرن وارو نيزو) اٿس ۽ ڪلهي ۾ تير ڪمان. هو جبل تي رهي ٿو. ڪاريهر جهڙو زهريلو ساهوارو شِو مهاديو جو خاص پاليل جانور آهي. البت هندو ڏند ڪٿائن ۾ شِو کي ڏاند تي سوار ان وقت ڪيو ويو ٿو ڏسجي جڏهن انسان زرعي دؤرن ۾ داخل ٿيو آهي ۽ مال پالڻ سکي ورتو اٿس. شِو کي پنهنجي دؤر جو آئيڊل ۽ سورهيه شڪاري تصور ڪرڻ گهرجي، سندس ٽن ڦرن وارو نيزو هڪ طاقتور ۽ نه گسندڙ هٿيار جي علامت آهي.

سنڌ ۾ مڪمل شڪاري دؤر پٿر جي آخري دؤر تائين رهيو هوندو. هونئن، اڄ به ”شڪاري“ ڪرت وارو قبيلو سنڌ ۾ خاص طور تي ٿر ۾ موجود آهي. اسان کي فرض ڪرڻو پوندو ته سنڌ ۾ مڇي ماريندڙ قبيلا درياهه يج ڪنڌين ۽ درياهي ٻيلن ۾ پوءِ پهتا، شروع شروع ۾ هنن جابلو ماٿرين ۽ جبلن تي رهندڙ سرهه، گڊ، هرڻ ۽ چير ڦاڙ ڪندڙ ٻيا جانور ماري پئي کاڌا. ان سان گڏوگڏ جابلو ندين ۾ موجود ڪنڀن ۾ مڇيءَ جو شڪار سندن ٻيو مشغلو رهيو هوندو. ڪنڀن واريون جابلو نديون سنڌ ۾ گاج، بارڻ، نئه موهن (رني ڪوٽ)، مول، ملير، لياري، حب گاجي شاهه، کديجي، ڪنڊ واري (ٻاٻرو) ڪائي، نئگن، پوکڻ، ڪرچات، انگئي ۽ اهڙيون ٻيون کير ٿر جون نديون آهن. اهو بلڪل ٿي سگهي ٿو ته ان وقت اهڙا ٻيا ڪنڀ ۽ چشما هجن جيڪي هاڻي بلڪل سڪي ويا آهن.

جيڪڏهن 25 هزار سال اڳ سنڌوءَ جو ڇوڙ ڪشمور وٽ سمنڊ ۾ پئي ٿيو (جيئن ايڇ. جي. ويلز چوي ٿو) ته پوءِ سکر کان ڪوٽڏجي واريون ٽڪريون، حيدرآباد، گنجو ٽڪر، مڪلي، گجو، ڪارونجهر ۽ شاهه يقيق واريون ٽڪريون ٻيٽارين جي صورت ۾ اڀريل هونديون. هاڻوڪي سنڌوءَ جي ساڄي پاسي وارو سڄو جابلو ٽاڪرو علائقو سمنڊ کان آجو هئڻ ڪري شڪاري دؤر جي سنڌي ماڻهوءَ لاءِ کليل هو. ان ڪري شڪاري دؤر جون وڌيڪ آباديون ۽ اؤسر جا اهڃاڻ به ان ئي پاسي ملڻ گهرجن.



 

 

اوائلي شڪاري (نيندر ٿال ۽ ڪروميگنان) سرهه جي ڌڻن کي هن ريت هڪلي

ماريندا هئا. ڇا سنڌ جي جبلن ۾ به ساڳي طرح شڪار ڪيو ويو؟


 

سنڌي ماڻهوءَ مڇي مارڻ جو هنر پٿر جي دؤر ۾ سکي ورتو هو. ڊرگ روڊ جي هڪ برساتي ڍوري مان مڇي مارڻ جون ڪنڍيون هٿ آيون آهن، پر ڪنهن ڪنڍيءَ سان شڪار گهڻو پوءِ پٿر جي وچين دؤر جو مرحلو آهي. پڪ سان سنڌي ماڻهوءَ به سڀ کان پهرين ڪنڀن ۽ تلائن ۾ چيلهه جيتري پاڻيءَ ۾ بڙڇين ۽ ڪُڙهين سان شڪار ڪيو هوندو. اهي علائقا دادو ضلعي ۾ منڇر ۽ ان جي اولهه واريون جابلو نديون ٿي سگهن ٿيون يا وري هاڻوڪي ٺٽي ضلعي ۾ موجود ٽاڪرو علائقن واريون ڍنڍون.

جانورن جو شڪار ڪندڙ ماڻهو مڇيءَ جو شڪاري ڪيئن ٿيو هوندو؟ قديم آثارن جي ماهرن ان عمل تي ڪافي ويچار ڪيو آهي ۽ ثبوت هٿ ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته شروع ۾ جڏهن انسان درياهه جي ڪنڌي ۽ ٻيلن جي وچ ۾ مختصر وٿين تي پکا جوڙي ويٺا تڏهن درياهه جي مزاج کان واقف ڪونه هئا. ڪڏهن خوفناڪ ٻوڏ ٿي آئي ته اها الهه تلهه لوڙهي ٿي وئي. ماڻهو ويجهن وڻن تي چڙهي پاڻ بچائيندا هئا ۽ جڏهن حالتون ٺيڪ پئي ٿيون تڏهن لهي ٿي آيا. آهستي آهستي کين درياهه جو مزاج سمجهه ۾ آيو، تڏهن هنن ان مسئلي کي حل ڪرڻ جا اپاءَ ڳولي ڪڍيا.

نيٺ هنن ڪيئي وڻ وڍي هڪٻئي سان ٻڌي ترهو ٺاهي ۽ ان کي درياهه جي ڪنڌي تي رکي ٿي ڇڏيو. ان کان پوءِ هو انهن ٿڙن تي ٻيا ٿڙ ساڳي طرح رکندا ۽ ٻڌندا ٿي ويا. اهڙي طرح ڪاٺ جي ٿڙن جو چڱو خاصو اوچو ٿلهو ٺهي پيو. هاڻي هو ان ٿلهي تي جهوپڙي اڏي ويٺا. ان کان پوءِ ڪيڏي به ٻوڏ آئي، ڳوٺ نه ٻڏو.

سنڌ ۾ اهڙي قسم جو هڪ اڌ ڳوٺ اڄ به موجود آهي، منڇر لڳ بوبڪ ساڳي طرح ٻڌل آهي. ڪاٺ جي اهڙي ٿلهي کي ”مڏ“ چئجي ٿو. بوبڪ يقيني طور تي گاج لهڻ ۽ منڇر جي ڀرجڻ کان پوءِ هر سال ٻوڏ جي خطري ۾ رهندو آيو آهي. يقينن بوبڪ کي ان ئي طرح محفوظ ڪرڻ ٺيڪ هو.

اهو غالب گمان آهي ته سنڌ ۾ ماڻهن سنڌوءَ جي بدران اول سنڌوءَ جي واهڙن ۾ منڇر جي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ ٻڌا هوندا. اڃا به ائين چئجي ته منڇر وڌيڪ بهتر ۽ محفوظ ماحول ڏئي ٿي، ڇاڪاڻ ته منڇر جي الهندي ۽ ڏاکڻي ڪنڌي ٽاڪرو ۽ ٻوڏ جي خطري کان محفوظ آهي.

ماڻهو درياهه مان مڇي حاصل ڪري ٿو. شڪاري دؤر ۾ درياهه جي ويجهو رهڻ جو وڏي ۾ وڏو فائدو اهو ئي هو، نه ته ساڳيءَ وقت ٻين جاين تي پاڻيءَ جو قال هروڀرو ڪونه هو. شڪاري انسان مڇيءَ جي شڪار خاطر درياهه جي ڪنڌي تي رهڻ جو جوکم کنيو.

هن وقت منڇر ڍنڍ ۽ سکر وٽ سنڌو، اهڙا ٻه اهم ماڳ بچيا آهن جتي سنڌي لوڪ خشڪ ڌرتيءَ بدران پاڻي تي (ٻيڙي تي) رهن ٿا. پاڻي تي ڳوٺ ٻڌڻ جو راوج ڏور اوڀر ايشيا ۾ اڄ به عام جام آهي. ان سلسلي ۾ ڪاٺ جا ٿڙ پاڻيءَ جي تري ۾ اونها کوڙي انهن مٿان ڪاٺ جا سڌا تختا رکي، انهن تي ڪاٺ جا گهر ٺاهين ٿا. آخر ماڻهو ڪهڙي سبب کان پاڻيءَ تي رهن ٿا؟

پهريون سبب ته مڇيءَ جو شڪار آهي ۽ ٻيو سيلابي خطرن کان بچاءُ رهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان ريت پاڻي سندن گهرن ۾ ڪاهي نٿو پوي. سنڌ ۾ مڇيءَ جي شڪارين پاڻيءَ تي رهڻ جو بهتر طريقو اختيار ڪيو، يعني هنن پنهنجون ٻيڙيون وڏيون ڪري ڇڏيون ۽ انهن تي رهائش اختيار ڪئي. ان طرح هو ٻوڏن کان به محفوظ ٿي ويا ۽ سندن گهر متحرڪ به رهيا. هاڻ هو وشال ڍنڍن توڙي بي انت درياهه ۾ خانه بدوش قبيلن وانگر هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لڏي سگهيا ٿي.

 

گهاڙ ۾ چقمقي پٿر

خيرپور ضلعي جي ٽاڪرو علائقي، جنهن کي ”گهاڙ“ سڏجي ٿو، ۾ چقمقي پٿر (Flint) کي مقامي ماڻهو سيانٽو چون ٿا. اهو غالباً ان ڪري جو هن هنڌ تي چقمقي پٿر جو رنگ گهرو ناسي آهي جيڪو باقي عام چن پٿر ۽ ريتلي پٿر جي ڀيٽ ۾ ڪارو (سياهه) لڳي ٿو. دادو۽ ٺٽي ضلعي ۾ چقمقي پٿر کي ”ڳار“ به چون ٿا.

سيانٽو پٿر گهاڙ واري ٽاڪرو علائقي ۾ ايڏو ئي عام آهي جيئن ڪو ٻيو عام پٿر. ان ڪري اوائلي انسان کي گهاڙ واري علائقي ۾ اوزار ٺاهڻ لاءِ بي انداز خام مال مليو، جنهن کي هو لکها سالن تائين ڇليندو ۽ گهڙيندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ قديم آثارن جي ماهرن پنهنجن تحقيقي جرنلن ۾ فقط هڪ يا ڏيڍ ڊزن ماڳن تي پٿري دؤر جي سرگرمين جي نشاندهي ڪئي آهي پر اهو چوڻ ۾ ذري جيترو به وڌاءُ نه ٿيندو ته انهن ٽڪرين جي انتهائي اولهه ڏکڻ وارين ڪنڊ تي موجود نواب ٽڪريون جن کي انڙ I ۽ انڙ II) به چون ٿا، کان وٺي اتر ۾ سکر تائين هر ٽين چوٿين ٽڪريءَ تي يا ان جي لاهين تي پٿر مان گهڙيل اوزار، بُڻ (Cores)، کريل اوزار يا گهڙائي دوران لٿل چٿڙ پکڙيا پيا آهن. جن سان اوائلي پٿري دؤر جي پهرين عرصي کان وٺي نيوليٿڪ جي آخري دؤر تائين پٿري اوزارن جي گهڙڻ جو عمل جاري رهڻ جو پڪو ثبوت ملي ٿو. اها ئي سرگرمي گهاڙ جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ موجود وارياسين ڀٽن ۾ موجود اهڙن ويرن ۾ به ڏسجي ٿي جتي ذري گهٽ تراکڙا ٽاڪور پٽ آهن. ان هنڌان مون کي سنهڙيون ۽ ننڍڙيون ڇريون (Blades) مليون. ”گهاڙ“ جا مقامي ماڻهو اڄڪلهه سيانٽي (Flint) سان باهه نٿا ٻارين، پر هتي ٽڪر ٽڪيندر هڪ ٻروچ مزدور مون کي ٻڌايو ته هو ڪجهه وقت اڳ تائين بلوچستان ۾ ٻن سيانٽن کي پاڻ ۾ ٽڪرائي باهه حاصل ڪندا رهيا آهن.

 

پروفيسر آلچن ۽ سنڌ جون پٿري آباديون

مادام برجيٽ آلچن (Bridget Allchin) 76-1975ع ۾ پنهنجي مڙس پروفيسر آلچن سان گڏ ڪئمبرج يونيورسٽيءَ پاران پاڪستان ۾ آرڪيالاجي بابت هڪ مهم ڪئي هئي، جيڪا سنڌ سميت پاڪستان جي ٻين حصن ۾ ٿي هئي. هن ٿر ۾ اوڀر تائين اڳواٽ ئي تحقيق جو ڪم ڪيو هو. سندس خيال آهي ته اوائلي هولوسين زماني ۾ آڳاٽن آبادگارن، مالوندن ۽ شڪارين لاءِ هتي لازمي طور سٺو ماحول هو. ان سلسلي ۾ هن ڪجهه مشاهدا به ڪيا ۽ اها راءِ ڏني ته اتي پوئين پلائسيٽوسين وارن پيليوليٿڪ لوڪن لاءِ مناسب ماحول موجود هو.

اڳوڻن اڀياسن مان جاگرافيائي بيهڪن جي ناتي سان ثابت ٿي چڪو آهي ته اتي اهڙيون حالتون هيون جو ڏکڻ سنڌوءَ جي اولهه ۽ اوڀر جي علائقن ۾ ميسوليٿڪ ۽ پيليوليٿڪ صنعتون قائم هيون.

اتر سنڌ ۾ روهڙي ٽڪريون، سنڌو تهذيب جي پُور وڇوٽ پٿري ڇرين جي صنعتي سرگرميءَ سبب به سڃاڻپ رکن ٿيون. اهو دؤر 2300 ق. م. کان 1750 ق. م. جو آهي. پر آلچن جي تحقيق ثابت ڪيو ته ڳار/ سيانٽو يا چقمقي پٿر ان کان به اڳي کان ڇلڻ ۽ اوزار ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ اهو وچون ۽ مٿيون پيليوليٿڪ دؤر هو. ان ۾ سنڌو تهذيب کان اڳيون دؤر به شامل آهي. انهن اوائلي شاهدين مان ظاهر آهي ته پوئين پلائيسٽوسين زماني ۾ اتر سنڌ جون موسمي حالتون اڄ جي ڀيٽ ۾ گهٽ خشڪ هيون.

ساڳي نوعيت جي اوائلي پيليوليٿڪ دؤر جا اوزار ڏکڻ سنڌ جي هڪ ٽڪريءَ تان مليا آهن، جتي پوءِ به ڪم جاري رهيو، پر اتي سنڌو تهذيب واري زماني ۾ پٿري اوزارن جي تياريءَ جو ڪوبه اهڃاڻ نه مليو آهي. مادام آلچن انهن معاملن تي مختصر رپورٽ شايع ڪئي آهي.

سنڌو ماٿري اتر کان ڏکڻ تائين آلچن جي لفطن ۾ ”ڊبل ايس“ (Double “S”) ٺاهي ٿي. سنڌوءَ جي اولهه ۾ سليمان ۽ کير ٿر جا جابلو سلسلا آهن، جڏهن ته اوڀر طرف ريگستان آهي. سنڌوءَ جي وهڪري انهن ٻنهي جي وچ ۾ لٽ وڇائي هڪ ويڪرو ۽ زرخيز ميداني پٽو ٺاهيو آهي. ان ميداني پٽي جي زرخيزي اولهه توڙي اوڀر وارن لوڪن لاءِ زبردست ڪشش رکندي آئي آهي. هن وقت اهو سائو ميداني پٽو آبپاشي سرشتي جي واڌاري ۽ سڌاري سبب اڃا به ويڪرو ٿي چڪو آهي پر اوائلي وقت ۾ سنڌو، ان جي ڏن ڀرو ندين، ڦاٽن ۽ قدرتي شاخن تي قدرتي نباتيات، ٻيلا، ٻيلاٽيون ۽ ننڍڙيون ننڍڙيون واديون موجود هيون.

سنڌونديءَ جي هيٺين علائقي ۾ برساتن جي شرح تمام گهٽ آهي. جيڪا اتر سنڌ ۾ سراسري طور 90 ملي ميٽر ۽ حيدرآباد وٽ 173.7 ملي ميٽر رهي آهي. سنڌ جو چؤماسو به بي اعتبارو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته سالن جا سال برسات نه پوڻ جي برابر ٿئي ٿي پر هڪ صديءَ ۾ ٽي يا چار ڀيرا ايڏا وڏا مينهن پون ٿا جو ٿر ۾ به ٻوڙان ٻوڙ ٿيو وڃي ۽ درياهي ميدانن ۾ ويٺل ماڻهو به ٿر ۽ جبل ڏانهن لڏ پلاڻ تي مجبور ٿيو وڃن ٿا. ان بنياد تي اندازو هڻڻ ڏکيو نه آهي ته ميداني علائقي جي زرخيزيءَ جو اصل سبب سنڌوندي ئي آهي.

آلچن پنهنجي آرڪيالاجيڪل مهم جي دوران ڏکڻ بلوچستان ۾ بالاڪوٽ، سنڌ ۾ ڪراچي، گجو، اونگر، حيدرآباد، عمرڪوٽ، چانهوءَ جي دڙي، ڪوٽڏجي، روهڙي، سکر، جهوڪر جي دڙي، موهن جي دڙي، آمري، اتر بلوچستان ۾ جهڏير جي دڙي، مهر ڳڙهه، پيرڪ Pirk (سبي)، پنجاب ۾ ملتان کان ديري اسماعيل خان، گومل، رحمان ٺيڙهه، پشاور، ٽيڪسيلا ۽ لاهور وئي هئي. ٽيڪسيلا جي ويجهو ئي سراءِ ڪوهلا ۽ خانپور غار آهن.

سنڌو ماٿريءَ ۾ سنڌوءَ کي زندگيءَ لاءِ شهه رڳ جي حيثيت حاصل آهي. باقي اولهه پاسي کان لهندڙ جابلو نئيون ۽ نديون سندس پاڻيءَ جا مکيه ذريعا آهن. جيئن ته جبلن تان آيل لٽ سنڌوءَ جي ميدانن تي تهه ڄمائيندو رهيو آهي ۽ هاڻوڪي آبپاشي نظام کان اڳ سنڌو هڪ آزاد ندي هئي، تنهنڪري سنڌوءَ جي ميدانن ۾ ان ليٽ پيٽ سبب ان جو رخ ڪيئي ڀيرا بدليو، ڪيئي آباديون ڦٽيون ۽ ڪيئي نوان ماڳ آباد ٿيا. اهو سلسلو تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ به هو ۽ ارڙهين صديءَ جي وچ تائين جاري رهيو آهي پر هاڻي بند ٻڌجڻ سبب اهو وهڪرو سُڪ ٿي ويو آهي.

پر، ان سان گڏ آلچن ياد ڏياري ٿي ته جيتوڻيڪ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو چند ميلن جي ويڪر اندر محدود ڪيو ويو پر سنڌوءَ جا پراڻا ڦاٽ ۽ وهڪرا کير ٿر کان ٿر تائين اڄ به آبپاشي نظام ۾ استعمال ڪيا پيا وڃن. سنڌوءَ جي رخ بدلائڻ واري عادت جو گهٽ ۾ گهٽ ٽي هزار سالن جو رڪارڊ ته موجود آهي. پر اهو سلسلو ان کان به اڳ جاري هو جنهن ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي. درياهن جي اهڙي جاگرافيائي مزاج سبب لڏ پلاڻ بابت تاريخي دؤر جو هڪ مثال آلچن ڪڇ جي علائقي مان ڏنو آهي. جتي 1819ع ۾ زلزلي سبب سنڌوءَ جي هڪ شاخ رخ ڦيرائي وئي ۽ اتان جا ماڻهو هارپو ڇڏي خانه بدوش ٿيڻ تي مجبور ٿيا. اها غالباً پراڻ نديءَ جي آخري ڏينهن جي ڳالهه آهي. بئراجن ۾ ڦاٿل سنڌوءَ کان اڳ درياهه ۾ ڪيترو لٽ ايندو هو؟ ان جو جواب يونيسڪو جي رپورٽ 1964ع مان وٺي سگهجي ٿو ته سنڌوءَ جي پيٽ ۽ ميدان جي سطح ۾ هڙپه دور 1750-2300 ق. م. کان پوءِ چئن کان پنج ميٽر اوچائي آئي آهي. ان جي معنيٰ اها ٿي ته لٽ سبب پنج هزار سالن ۾ پنج ميٽر يا هر هڪ هزار سال تي هڪ ميٽر زمين اوچي ٿيندي آئي آهي. پر جڏهن خود مُهن جي دڙي جي هيٺين سطحن جو اڀياس ڪجي ٿو ته اها رفتار ٻيڻي نظر اچي ٿي. ساڳي يونيسيڪو رپورت موجب جڏهن 18 ميٽر هيٺ بورنگ ڪئي وئي ته اتان نرم مٽي ۽ واريءَ بدران خام واري نڪتي جيڪا اڃا به هيٺ 45 ميٽرن تائين پئي وئي. انهن نتيجن سان بهرحال، سنڌ ۾ وڏين جاگرافيائي تبديلين جا اهڃاڻ ثابت ٿين ٿا، جن جا ڪي به سبب ٿي سگهن ٿا؛ ڪي زلزلا، زمين جي اٿل پٿل، ڊگهي مدي ۾ درياهي لٽ يا سمنڊ جو اڳتي پوئتي ٿيڻ! هي ڌرتي وديا جو تمام ڳوڙهو سوال آهي.

پروفيسر آلچن اوائلي آبادين بابت پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿي ته سنڌوءَ جي بي اعتباري طبيعت ۽ هولوسين زماني ۾ ميداني علائقن جي تيزي سان ٺهڻ کي نظر ۾ رکندي ٿي سگهي ٿو ته اهو وڌيڪ حيرتناڪ هجي ته اصل ۾ سنڌو تهذيب جا يا ٻيا اوائلي شهري ماڳ اڄ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻا هجن، جيڪي هاڻي بنهه ٿورا ڏسجن ٿا. اندازو هڻي سگهجي ٿو ته انهن مان گهڻا ماڳ وقت جي وهڪري سان گم ٿي ويا آهن. لڙهي ويا آهن مٽيءَ ۾ غرق ٿي ويا آهن ۽ جيڪي باقي بچيا آهن اهي چونڊ مناسب ماڳن تي قائم ٿيڻ ڪري بچا آهن. سنڌوءَ ۾ اوائلي وقتن کان زراعت ان ڪري ممڪن ٿي سگهي جو اوائلي لوڪن کي هڪ صحرا مٿان سنڌوءَ جو مستقل مٺو وهڪرو جاري ٿي مليو ۽ لٽ سٿجڻ جو عمل جاري ٿيو، جنهن تي نباتيات ڦٽي ۽ اوائلي آبادگارن، جن کي آلچن چالڪوليٿڪ آبادگار (Chalcolithic farmers) سڏي ٿي، اُٿي پنهنجن محدود اوزارن سان کيتي ڪئي. اهڙي طرح هنن ميدانن سنڌو تهذيب جي لوڪن کي پنهنجا شهر ۽ آبادي قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏني.

ڌاتو پهڻي يا چالڪوليٿڪ دؤر، نيوليٿڪ زماني کان پوءِ شروع ٿيو ۽ ان ۾ وڏي پئماني تي ڪنجهي وارو دؤر (Bronze Age) به پکڙيل آهي. ”چالوليٿڪ“ ٻن لفظن جو مرڪب آهي. ٽامي (Copper) کي يونانيءَ ۾ چالڪو (Chalco) چيو وڃي ٿو ۽ Lith معنيٰ پٿر آهي. يعني، هي اهو زمانو آهي جڏهن ڌاتو دريافت ٿي چڪو هو ۽ انسان ڌاتو ۽ پٿر ٻنهي مان لاڀ وٺي رهيو هو.

 

اڪيولين اوزار Acheulain tools

هي لفظ ڪڏهن ڪڏهن Abbeville Acheulian طور استعمال ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته Abbevillian ڪلچر کي بظاهر فقط مکيه اڪيولين ثقافت جي پهرين مرحلي جي حوالي سان ڏٺو وڃي ٿو. هي هڪ مخصوص ماڳ آهي جتان سڀ کان پهرين پيليوليٿڪ ثقافتن اهو نالو ورتو. سينٽ اڪيول (Acheul) اتر فرانس ۾ آهي.

پيليوليٿڪ ماڻهو، جيڪو پلائيسٽوسين (Pleistocene) يا يورپي برفاني دؤر ۾ هتي وڌيو ۽ ويجهيو ۽ ڇلڻ واري عمل سان پٿري اوزار ٺاهيا (گَهڻ ۽ پالش ڪرڻ کانسواءِ) مختلف گروهن ۾ اچي ٿو. انهن جو فرق سندن ٺاهيل اوزارن جي نمونن مان ڏٺو وڃي ٿو. ائبي ويلي اڪيولين ڪلچر جيڪي اوزار ڇڏيا انهن کي هٿ ڪهاڙيون چيو وڃي ٿو. اهي هٿ ڪهاڙيون ٻن مکيه ويڪرن نمونن جون هيون. هڪڙيون اهي جن کي هڪ نوڪ ۽ گول پٺ يا هٿيو هو ۽ ٻيو بيضوي جن کي ٽُڪي ٽُڪي چئن پاسن کان سنهي ڌار يا ڪَني ڏني ٿي وئي.

سڀ کان اوائلي ائبي ويلين (Abbevilian) هٿ ڪهاڙيون اڍنگي نموني گهڙيل آهن، پر پوءِ وارا مثال ڏيکارين ٿا ته انهن جي شڪل صورت ۾ ڪي قدر فرق آيا جن سان انهن کي مختلف ڪمن ۾ استعمال ڪيو ٿي ويو.

اڪيولين ڪلچر يورپ ۾ آهي پر ان جهڙا ٻيا آثار برطانيه ۽ آفريڪا جي لڳ ڀڳ سمورن حصن، ويجهي اوڀر ۽ ڏکڻ هندستان مان لڌا ويا آهن. اڪيولين ثقافت جي لوڪن جي رهائش بابت هيل تائين تمام گهٽ ڄاڻ ملي آهي پر انهن جي اوزارن جو وڏو تعداد ندين ۽ ڍنڍن جي ڪنڌين تان ريتي بجريءَ مان مليو آهي، جنهن سان تجويز ٿئي ٿو ته هنن جي زندگي مٺي پاڻيءَ سان لاڳاپيل هئي.

آلچن جو چوڻ آهي ته نيوليٿڪ ۽ چالڪوليٿڪ آباديون ۽ شهر ۽ اهي آبادگار جن سندن سهائتا پئي ڪئي، خال ۾ رهي نٿي سگهيا. اهي لازمي طور هڪ وڌيڪ پيچيدي سماج جو حصو هوندا، جيئن اڄ به سنڌ ۾ مستقل آبادين ۽ ڀرپاسي جي خانه بدوش قبيلن جو پاڻ ۾ ناتو آهي. انهن خانه بدوشن ۾ اهم لوڪ ڌراڙ يا مالوند هوندا، جن جو مستقل آباد ماڻهن سان واپار هوندو، جنهن ڪري انفرادي شهري مرڪزن ۽ وڌيڪ سڌريل علائقن جو ناتو جڙيو هوندو. اهو ممڪن آهي ته شڪاري لوڪ وادي ۾ ئي آباد رهندا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ آبادگار ۽ مالوند به رهندا آيا جيئن اڄ به اپکنڊ جي ڪن هنڌن تي ساڳيو سلسلو جاري آهي هڪڙيون برادريون زراعت پيشه آهن يا واپار ڪن ٿيون ۽ ٻين برادرين شڪار جون سرگرميون جاري رکيون آهن. وڌندڙ آدم، لاءِ سنڌو ۽ ان جا پاسا، گهاٽا ٻيلا، ڦرين ۽ مٺن ڏوڏن وارا ٻوٽا، ٻير ۽ ٻيا وڻ هئا، اڃا به سنڌوءَ جي ڪجهه ميداني پٽن جي گهاٽي نباتات هنن لاءِ شڪار، چراگاهه ۽ خوراڪ مهيا ڪئي هوندي.

اڄڪلهه جيئن ته گهڻن قديم ماڳن تي سم جو مسئلو سامهون آيو آهي تنهن ڪري اسان ميداني علائقي ۾ سڀ کان قديم لوڪن جي آمد جو زمانو نٿا ڄاڻون پر اهو چوڻ مناسب آهي ته اوائلي هولوسين شڪاري لوڪن جو، غالباً اوائلي ڌراڙن سان گڏوگڏ انهن ئي ٻيلن ۽ چراگاهن تي مڪمل ڪنٽرول هو. ٿي سگهي ٿو ته مندن توڻي سنڌوءَ ۽ ان جي ڏن ڀرو ندين جي معمولي ڦيرڦار ان نباتاتي صورتحال تي اثر به وڌو هجي يا تبديلي آندي هجي. پر مجموعي طور تي هي علائقو انساني آباديءَ جي واڌ ويجهه لاءِ ڏاڍو مناسب رهيو آهي.

لوهه جي دريافت کان اڳ واري زماني ۾ پاڻي ۽ زرخيز مٽيءَ کان پوءِ آبادگارن، ڌراڙن ۽ شڪارين لاءِ سڀ کان اهم شيءِ مناسب پٿري اوزارن جي فراهمي هئي. سواءِ ڪجهه وڏين ڌاتو پاهڻي (Chalcolithic) آبادين جي، اتاهين زمين تان خالص پٿري دؤر جا ماڳ نه مليا آهن. اتر سنڌ جي روهڙي ڪوٽڏجي ٽڪرين تي چقمقي پٿرن مان اوزار ٺاهيا ويندا هئا، جيڪي سڀ کان پهرين 1866ع ۾ جان ايوانس (John Evans) نوٽ ڪيا ۽ مختصر طور انهن جو ذڪر 1880ع ۾ بلانفورڊ (Blanford)، 1929ع ۾ ڪزنس ۽ 1931ع ۾ مارشل ڪيون. هنن سڀني اتي سنڌو تهذيب دؤر جو تعلق نوٽ ڪيو پر جڏهن روهڙي وارين ٽڪرين ۾ ۽ ڏکڻ سنڌ جي هڪ ٽڪري تان وڏي پئماني تي اوائلي پٿري صنعتي ماڳن جي دريافت ٿي تڏهن تحقيق دلچسپ موڙ وٺي وئي. ڇاڪاڻ ته ان دريافت سان سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنڌين تي وڏن مرڪزي علائقن تان سڄي پيليوليٿڪ دؤر جي انساني سرگرميءَ جو رڪارڊ هٿ اچي ويو هو.

 

تاريخ کان اڳ ڀرپاسي ۾ موسمي حالتون

ڏکڻ بلوچستان جي لسٻيلي ۽ ان سان ڳنڍيل سنڌ واري علائقي ۾ هيٺين، وچين ۽ مٿين پيليوليٿڪ، ميسوليٿڪ، نيوليٿڪ ۽ چالڪوليٿڪ صنعتن جو هڪ تسلسل، پويون پلائسٽوسين ۽ تازي درياهي ميدانن واري جاگرافيائي صورتحال دريافت ٿي آهي ۽ ان جي مختصر رپورٽ ڊاڪٽر... 1968ع ۾ ڏني آهي. اها رپورت يقينن تاريخ کان اڳ وارن اثرن تي ڪم ڪندڙن ماهرن توڻي جاگرافيدانن لاءِ ڏاڍي دلچسپ هوندي. هونئن کيرٿر جابلو سلسلي جي اتر واري ڀاڱي ۾ به ڪجهه دريافتن جون مختصر رپورٽون آهن.

اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر طرف ريگستان جي ڪنڌيءَ تي گهٽ ۾ گهٽ ٻن خشڪ زمانن جون پڪيون شاديون آهن، جيڪي پنڊ پاهڻن ۽ ڀٽن جي مشاهدي سان هٿ ڪيون ويون آهن. هڪ اهڙي زماني جو به پتو پيو آهي جيڪو اڄ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهميل هو. وچيون پيليوليٿڪ صنعتون وڏي پئماني تي گهميل مرحلي جي پنڊ پاهڻي تهن سان تعلق رکن ٿيون. ساڳي طرح مٿيون پيليوليٿڪ صنعتون ڪجهه محدود حد تائين آهن.

ٿر ريگستان جي اندروني علائقن ۾ گذريل موسمن جي ارضياتي اڀياس وارو ثبوت کٽل آهي پر اڄڪلهه واريءَ جي ڀٽن ۾ اڪثر هنڌن تي بند ٿيل ڊرينيج نظام شاهدي ڏئي ٿو ته ماضيءَ ۾ وڌيڪ گهميل حالتون هيون.

پٿر جي وچين دؤر جا ماڳ ۽ اوزار وڏي پئماني تي اتي آهن جيڪي جيسلمير  بيڪانير جهڙن بيحد خشڪ علائقن سان ڳنڍيل آهن، جتي اڄڪلهه انساني زندگي کوهن کانسواءِ نٿي رهي سگهي، اهي به 100 ميٽر يا ان کان به اونها هجن يا ڪا ٻي هائڊرو ٽيڪنالاجي هجي جيڪا پٿري دؤر جي ماڻهوءَ وٽ ڪونه هئي.

سنڌو ماٿري ۽ مجموعي طور تي سنڌوءَ جو سرشتو پڻ موسمي حالتن سبب هر سال ۽ مند ۾ اثر هيٺ آيو آهي. خاص طور تي ان جي به شاهدي آهي ته هماليه ۾ سندس وهڪرو ۽ پاڻي ميڙڻ وارو مکيه نمونو اوائلي هولوسين ۽ پوئين پلائسٽوسين زمانن ۾ اڄ کان مختلف هو ۽ خاص طور تي سندس مکيه ساٿاري ندي ستلج غالبا اوڀر رخ ۾ وهي گنگا سرشتي سان ملندي هئي (Oldham 1893)، (Wilhelmey 1968).

پلائسٽوسين زماني دوران هيٺين سنڌو ميدانن ۾ انساني وجود لاءِ مناسب ماحول بابت خود سنڌوءَ جي تاريخ مرتب ڪرڻ هڪ زبردست، گهڻو ۽ گهڻ پاسائون ڪم ٿيندو. سنڌوءَ جي ميدانن ۾ گذريل زماني ۾ موسمن بابت چڱا مثبت مشاهدا ڪيا ويا آهن. 1937ع ڌاري هڪ اڀياس ۾ نوٽ ڪيو ويو ته سکر ۽ روهڙي گارج وٽ سنڌو تهذيبي دؤر جي صنعت ۽ اوائلي وقتن جو مٽيريل سنڌوءَ جي ٻنهي پاسن کان ٽڪريءَ جي ڪنڌين تي موجود هو. محقق مختصر رپروٽ 1939ع ۾ لکي، ”ايترو چئي سگهجي ٿو ته ٽڪرين جون چوٽيون “terra rossa” سان تعلق رکن ٿيون. اهڙا نمونا جيڪي اڄوڪين خشڪ حالتن ۾ نٿا ٺهي سگهن. انهن جي اصليت لازمي طرح ڪنهن اهڙي پوئين وقت سان آهي جڏهن وڏا مينهن پوندا هئا، جن جي ڪري آخرڪار وڏي ٻوڏ آئي ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ جي پراڻن وهڪرن جي ڪنڌين سان ٽڪرين جي لاهين وٽ اهڙا اهڃاڻ ملن ٿا... ۽ ان کان گهڻو پوءِ وهڪرن جي لاٿ بعد ڀتون ٺهڻ جو عمل شروع ٿيو.“

ان رپورٽ کان پوءِ هاڻي سکر ۽ روهڙيءَ جي علائقي مان وڏي پئماني تي پٿر ڍوئيو ويو آهي، جنهن ڪري گهڻو ثبوت ضايع ٿي ويو آهي. هن رپورٽ جا مشاهدا خاص طور تي دلچسپ آهن، ڇو ته اهي گجرات ۽ راجستان ۾ آلچن ۽ گوداءِ (Goudie)، (1947ع) جي مشاهدن سان هڪجهڙائي رکن ٿا. آلچن ۽ گوداءِ ان کوجنا ۾ ڪامياب ٿيا هئا ۽ ان خاطريءَ تائين پهتا هئا ته پلائسٽوسين دوران هيٺين سنڌو ماٿريءَ ۾ انسان رهندا هئا، جڏهن ته هو 1937ع واري مشاهداتي رپورت کان به اڳتي وڃي سنڌ جي اتر توڻي ڏکڻ وارين چُن پٿر جي ٽڪرين واري علائقي ۾ ماضي وارين موسمن جو ڪجهه نه ڪجهه سڌو ثبوت هٿ ڪري سگهيا هئا.

 

سڌو ثبوت هٿ ڪري سگهيا هئا.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org