سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ما ڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 12

 

پوشاڪ

 

برفاني پيليوليٿڪ لباس

هاڻي اچون ٿا ان ڳالهه تي ته ڇا فقط باهه جي استعمال کان واقفيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ سچ پچ اوائلي انسان ان قابل ٿي سگهيو هو ته هُو برفاني علائقن ڏانهن پيش قدمي ڪري سگهي؟ يقينن نه. انسان هر وقت باهه جي ويجهو رهي نٿي سگهيو ۽ نه ئي وري باهه کي هر وقت ۽ هر هنڌ پاڻ سان گڏ کڻي وڃي ٿي سگهيو. قديم شڪاري ماڻهن کي برفاني ۽ ٿڌن علائقن ۾ رهڻ لاءِ ضرور ڪو ٻيو بندوبست به ڪرڻو پيو هوندو. اهو بندوبست بُجن واريون کلون لباس طور استعمال ڪرڻ هو. اهي گرم کلون اوڍي شڪاري لوڪ پنهنجن اَجهن کان پري ٿڌين چوٽين ۽ وادين ۾ سخت کان سخت موسمن کي منهن ڏئي سگهيا ٿي.

هتي اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا قديم انسان جي پنهنجي جسم تي ايڏا گهاٽا وار ڪونه هئا جو هو ٻي مخلوق وانگر برفاني علائقن ۾ رهي سگهي؟ شايد اهڙي صورتحال نه هجي يا هجي! سائنسدانن جو خيال آهي ته ميموٿ جي شڪاري پيليوليٿڪ انسان جي جسم تي ايترا گهاٽا وار ڪونه هئا جو هو بنهه اگهاڙي حالت ۾ برفاني هوائن ۾ هلي سگهندو هجي. ماهرن کي پيليوليٿڪ دؤر جي انسانن جي لباس جون باقيات اڃا تائين نه ملي سگهيون آهن. ظاهر آهي ته کل جو ٺهيل لباس ايترو وقت سلامت رهي نٿو سگهي. ان ڪري اهو چوڻ سچ پچ ڏکيوآهي ته انسان ڪڏهن کان لباس اوڍڻ شروع ڪيو.

ممڪن آهي ته شڪاري دور جا مرد هن ريت ڦاڙهي جا سڱ پنهنجي لباس ۾ شامل ڪندا هجن.

 

 

جيستائين انسان جي پنهنجي جسم تي گهاٽن وارن جو تعلق آهي، ممڪن آهي ته هومو هيبلس ۽ ”اُڀي انسان“ جي جسم تي گهاٽا وار هجن، پر اها ڳالهه ”باشعور ماڻهوءَ“ جي جسم لاءِ چئي نه سگهبي. بهرحال، جئين ته سائنسدان انسان جي اؤسر لاءِ آفريڪا جي خطي کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. ان ڪري سمجهيو وڃي ٿو ته آفريڪا ۾ رهندڙ انساني جنسون اگهاڙيون رهنديون هيون ۽ گرم خطو هئڻ ڪري هنن کي اڌاري کل جي ضرورت محسوس نه ٿي هوندي. گرم علائقن جي انسان جڏهن ٿڌن علائقن ڏانهن پيش قدمي ڪئي، تڏهن ضروري نه آهي ته هن پهرين لباس هٿ ڪيو هجي ۽ پوءِ اڳتي وڌيو هجي. يقينن، هن ڪجهه وقت برفاني علائقن ۾ اگهاڙي حالت ۾ گذاريو هوندو ۽ سڀ کان پهرين هن پاڻ کي برفاني هوائن کان بچائڻ لاءِ وڏن وارن واريون کلون ڪمبل وانگر اوڍي يا هوائن کي روڪڻ لاءِ اوٽ طور استعمال ڪيون هونديون. اوڻويهين صديءَ تائين به سخت موسمي علائقن ۾ ڪي اهڙا نسل موجود هئا، جن جي تَن تي ڪو نالي ماتر لباس هو. بس، هو لوئيءَ وانگر ئي ڪجهه پهريندا هئا، سو به ڪن خاص حالتن ۾، ان وقت جڏهن سخت ٿڌ هوندي هئي يا تمام سخت هوائون ٿي لڳيون. اهي شڪاري قبائلي سماجي طور پيليوليٿڪ حالتن ۾ رهندا هئا. ان ڪري ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته يورپ ۾ ميموٿ جا شڪاري پيليوليٿڪ لوڪ ڪو خاص لباس نه اوڍيندا هوندا. پر، ان خيال کي مڪمل پٺڀرائي حاصل ٿي نه سگهي آهي.

جيڪڏهن لباس جي تعريف ۾ صرف کل اوڍڻ کي شامل ڪبو ته پوءِ اهو نه چئي سگهبو ته کل اوڍڻ جو سلسلو ڪڏهن کان شروع ٿيو هوندو، پر جيڪڏهن کلن جا ٽڪرا پاڻ ۾ ڳنڍي ۽ سبي پائڻ کي لباس چئجي ته پوءِ اسان انهن سُين جي بنياد تي ڪنهن حد تائين وقت جو تعين ڪري سگهون ٿا، جيڪي اوائلي لوڪن استعمال ڪيو. هنن ڪاٺيءَ جون سُيون يا ڪنڊا به ٽوپڻ يا سوراخ ڪڍڻ لاءِ استعمال ڪيا هوندا. پر سڱن ۽ هڏين جون سُيون ته چِٽيون پِٽيون موجود آهن. جيڪي پيليوليٿڪ ماڳن تان ملنديون رهن ٿيون.

 

سبڻ جون سُيون

ماهرن جڏهن تازن زمانن ۾ (اڄ تائين) شڪاري قبيلن ۾ اهو نوٽ ڪيو ته انهن ۾ سبڻ جو ڪم عورت ڪري ٿي، تڏهن هنن ڪافي اعتماد سان چيو ته اوائلي وقت ۾ کلون سبڻ جو ڪم عورتن جي ذمي هوندو. پٿر جي دؤر جون سُيون جيڪي هڏين مان ٺهيل آهن، وڏي حد تائين هاڻوڪين سُين وانگر آهن. ڪي ڊگهيون ته ڪي ننڍيون پر انهن جي هڪ ڇيڙي تي سنهي چهنب برابر موجود آهي ته جيئن اهي چمڙي ۾ سولائيءَ سان سوراخ ڪري وڃن. سئيءَ جي ٻئي ڇيڙي تي اک به موجود هئي، جنهن مان ڏاڳو تپايو ويندو آهي. اڳي ڌاڳو ڪونه هو، ان ڪري ڪنهن مضبوط گاهه جون تندون يا چمڙي جون سنهيون ڪهيون ٺاهي وڌيون وينديون هيون. ضروري نه هو ته هر سُئيءَ ۾ سوراڪ (اک) هجي. ڪي سيون اهڙيون به مليون آهن جن ۾ اک نامڪمل يا اڻپوري آهي يا وري سئيءَ ۾ پوئي ڇيڙي تي آر وانگر هڪ مناسب ڪنڍي آهي، جنهن ۾ تند اٽڪائي پئي سگهجي. هڏيءَ مان ٺهيل سُين ۾ اها اضافي خوبي هئي ته اهي ٿوري لچڪ سبب مضبوط هيون.

سڀ کان قديم سُيون ڏکڻ فرانس مان پڇاڙڪي پيليوليٿڪ ماڳ وٽان مليون آهن. ان کان ٿورو پوءِ جون سيون سڄي يورپ ۽ سائبيريا مان مليون آهن. جيتوڻيڪ سُئي هڪ سادڙو اوزار آهي، پر اوائلي سمجهه کي داد ڏيڻو پوندو ته ان سادڙي اوزار مان هڪ وقت ۾ ٻه ڪم پئي ورتا ويا. هڪ سوراخ ڪڍڻ ۽ ٻيو ساڳئي وقت ان سوراخ مان ڌاڳو (تند) ٽپائڻ. اهي سُيون ڪيتريون به ”خام“ ڇو نه هجن. انهن کي باقاعدي ڇلي ٺاهيو ٿي ويو ۽ هڪ پاسي سنهڙي نوڪ ۽ ٻئي پاسي ڇيڻيءَ سان اڳ ٺاهي ٿي وئي.

ظاهر آهي ته اوائلي انسان وٽ چمڙي کي محفوظ ڪرڻ جو هنر به موجود هو. جيڪڏهن ڪنهن شڪار جي کل کي شڪار کان پوءِ جلد ئي محفوظ نٿي ڪيو ويو ته اها خراب ٿي ڳري پئي وئي. پر اهو هنر سکڻ کان اڳ گرم علائقن جي ماڻهن خاطريءَ سان گاهه ۽ پڻ جسم اوڍڻ لاءِ استعمال ڪيا هوندا. محقق مڃن ٿا ته اوائلي پيليوليٿڪ دؤر تائين اهڙا اوزار ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن سان کل کي نرم، مضبوط ۽ نفيس ڪري پيو سگهجي. کل کي سڪائڻ ۽ نرم ڪرڻ جو عمل ڊگهو هو. سڀ کان پهرين مضبوط ڇرين سان کل کي گوشت کان جدا ڪيو ٿي ويو، ان کان پوءِ ان کي ڪنهن چَوکٽ ۾ ڦاسائي يا زمين تي سڌو ڪري کرچڻيون استعمال ڪيون ٿي ويون. انهن اوزارن کي فقط هڪ پاسي کان ڌار هئي، جنهن سان کل مان چرٻي ۽ ڇيڇڙا جدا ڪيا ٿي ويا ۽ ان تي باقي پورهيو ڪيو ٿي ويو. کل کي گهربل شڪل ڏيڻ ۽ وڍڻ لاءِ پٿر جون ڇريون استعمال ڪيون وينديون هيون. خيال آهي ته جانورن جون نسون ۽ اهڙا سخت ريشا بعد ۾ ڌاڳي طور استعمال ڪيا ويا هوندا.

ماسڪو ويجهو ماڳ ”ولاديمر ۽ سُنگير (Sungir) پوئين پيليوليٿڪ دؤر جا آهن. اتان لڌل شين مان خبر پوي ٿي ته اتي برفاني دؤر جا لوڪ لڳ ڀڳ ايئن ئي رهندا هئا، جيئن اڄ ڪلهه جا آرڪٽڪ لوڪ رهن ٿا. ان زماني جا لوڪ جيڪي نيندرٿال هئا، پنهنجن مڙدن جا لاش سندن ڪپڙن ۽ استعمال ۾ رهيل شين سميت پوريندا هئا. ولاديمر جا ماڻهو سانڀر، گهوڙا ۽ ميموٿ به شڪار ڪندا هئا. اتي ئي هڪ قبر مان ٻن ٻارن جون هڏيون مليون آهن جن سان گڏ انهن جي استعمال ۾ رهيل نيزا به دفن ڪيا ويا. اهي نيزا ميموٿ جي عاج مان ٺهيل هئا. هڪ ٻي قبر ۾ پوريل هڪ مڙدي جي عمر ان وقت پنجاهه سٺ سال هئي جڏهن اهو مري پيو هو. هي ڊگهو ۽ مضبوط ماڻهو هو. سندس قبر ڏسي خيال اچي ٿو ته اهو شخص پنهنجي گروهه ۾ ڪافي اهم حيثيت جو مالڪ هو. هن مڙدي کي 19- انچ اونهي قبر ۾ پٺيءَ ڀر ليٽايو ويو هو. قبر جي کوٽائيءَ ۾ پورو مهينو لڳي ويو. هي ڪم ڏاڍي احتياط سان ڪرڻو پيو، ڇاڪاڻ ته مڙدي جي هڏن سان گڏ اٽڪل ساڍا ٽي هزار مڻيا مليا، جيڪي عاج جا ٺهيل هئا. جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ مڻيو ملي ها ته حيرت نه ٿئا ها، پر هي تعداد حيرت جهڙو آهي ۽ صاف ظاهر آهي ته هي شخص زيورن سان جهنجهيل هو ۽ اهي زيور سندس لباس جو حصو هئا.

 

سينگار

ان مڙدي ۽ قبر جو جڏهن اڃا به گهرو مشاهدو ڪيو ويو ته خبر پئي ته مڻيا سڄي جسم جي چؤگرد ڦري ٿيا آيا. انهن مان ڪي ڳچيءَ ۾ پيل هئا، ڪي ڇاتيءَ جي چؤگرد هئا ۽ ڪي وري چيلهه ۾ پٽي وانگر ويڙهيل ٿي لڳا.

 

سُنيگر قبر ۾ دفن ٿيل مڙدو جنهن جي لباس ۾ بي شمار مڻيا ٽاڪيل هئا.

 

کوٽائي ڪندڙن جي خيال ۾ اهو ڪنهن قسم جو جيڪيٽ ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته مڻين جي پٽين ۾ تسلسل کٽل ڪونه هو. اهو جيڪٽ سامهون کان کليل ڪونه هوندو بلڪه مٿان ڳچيءَ مان پاتو ويندو هوندو. ٻيا مڻيا ڄنگهن وٽان به مليا. مڻين جون اهي قطارون به ران ۽ گوڏي کان هيٺئين حصي جو سينگار هيون. ان مان اندازو هنيو ويو ته پيليوليٿڪ لوڪ هيٺين جسم کي ڪنهن قسم جي پاجامي سان ڍڪيندا هئا. شايد پيرن جو بوٽ به ان ئي پاجامي جو حصو هوندو هو!

ان مڙدي جي کوپڙيءَ جي چؤگرد به مڻين جون ٽي قطارون هيون. لومڙيءَ جا 25- ڏند به مليا، جن ۾ سوراخ ڪڍيل هئا. شايد اهي ٽوپيءَ ۾ جڙيل هوندا. مڙدي جي ٻانهن ۾ هاٿي ڏندن جا اٽڪل 20- عدد سنهڙا ڪنگکڻ هئا. هن حيرت انگيز دريافت تي آرڪيالاجسٽن کي سک ڪونه آيو. هنن ويهي حساب هنيو ته ان وقت جي اوزارن سان مدد سان هڪ هڪ مڻئي جي گهڙڻ ۾ لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ لڳي ٿي ويو. جنهن ماڻهوءَ جي تدفين ۾ هيڏي قيمتي پوشاڪ شامل هجي، اهو ڪو رواجي ماڻهو ته ٿي نٿي سگهيو!

آرڪيالاجسٽ پيليوليٿڪ قبرن، تصويرن ۽ مجسمن جي آڌار تي تڏهوڪي لباس تي اڃا به وڌيڪ روشني وجهن ٿا. هو گهڙيل سِپن سان سينگار جي نشاندهي به ڪن ٿا. عورتن جي لباس جي تشريح به ڪن ٿا، پر اهي اوائلي تصويرون ۽ مجسما پوريءَ طرح وضاحت نٿا ڪن.

ضروري نه آهي ته سنڌ ۾ پيليوليٿڪ دؤر جو شڪاري به همعصر يورپين جهڙو لباس پائيندو هجي ۽ ميموٿ سميت ٻين وڏن جانورن جو شڪار ڪندو هجي، توڻي جو سنڌ ۾ هاٿي، گينڊي ۽ رڇ جو نسل هروڀرو ڪا ماضي بعيد جي ڳالهه نه آهي. پر، جيئن ته في الحال سنڌ ۾ اهڙي کوجنا ٿي ئي ڪونه آهي. ان ڪري اسان نٿا چئي سگهون ته سنڌ جي پيليوليٿڪ يا ميسوليٿڪ انسان ڪهڙو لباس پائيندو هو. سنڌ جو هاڻوڪو خطو بهرحال، انسان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به برف هيٺ نه رهيو آهي، تنهن ڪري سنڌ ۾ قديم پٿري دؤر جي ماڻهن کي همعصر يورپي پيليوليٿڪ ماڻهن جهڙي لباس جي نه ضرورت هئي ۽ نه پاتو هوندو. البت پيليوليٿڪ ماڳ خاص ڪري ميل پٿر 101- (اونگر: ضلع ٺٽو) وٽان پٿر جون اهڙيون نوڪدار ڇيڻيون مليون آهن، جيڪي چمڙي ۾ سوراخ ڪرڻ لاءِ گهڙيون ويون هونديون.

 

اوائلي اجها

 

ٿڌن علائقن ۾ رهائش

سڀ کان اوائلي انسانن جا گهر ڪيئن هوندا؟ جيئن ته انساني نسل جا ابا ڏاڏا جهنگلن ۾ رهندا هئا، ان ڪري سندس رهائش جو انداز به ايئن ئي هوندو. جيئن سندس ابا ڏاڏا رهندا هئا. پنن ۽ تيلن جا بسترا، ڳتيل وڻن هيٺان آکيرن جهڙا ٺڪاڻا يا اهڙي ئي ڪا ٻي صورت جهڙي اڄڪلهه وڻن تي رهندڙ بن مانسن جي ”رهائش گاهن“ جي هوندي آهي. ماهرن جو خيال آهي ته انسان اڳتي هلي انهن ئي ”آکيرن“ کي جهوپڙي وانگر بڻايو هوندو ۽ مٿان ڪاٺين ۽ پنن جون هٿرادو ڇتيون وڌيون هونديون. ان تسلسل کي اسان جهوپڙين جي ارتقا چئي سگهون ٿا.

پوءِ جڏهن اوائلي انساني نسل جهنگ ۽ ٻيلا ڇڏي ميدانن ۾ آيا تڏهن هنن کي جتي جهڙو اجهو نظر آيو، عارضي پناهه گاهه وانگر استعمال ڪيو هوندو. وڻ، ٻوٽا، ٻُوڙا، چرون، غارون، جابلو اوٽون يا ڪجهه ٻيو. جبلن جون غارون انسان لاءِ بهتر اَجها هئا. پر انهن تي کانئن طاقتور مخلوقن جهڙوڪ: رڇ ۽ شينهن وغيره جو قبضو هو. انسان، اهي غارون باهه جي دريافت کان پوءِ ئي طاقتور جانورن کان ڇڏائي سگهيو هو. ان ڪري هن جبلن جي قدرتي اوٽن ۽ اَجهن هيٺ ئي پناهه ورتي هوندي ته جيئن هو پاڻ کي ٻيو نه ته اوچتين برساتن کان بچائي سگهي.

اهو عام تصور درست نه آهي ته اوائلي انسان غارن ۾ ئي رهندو هو. اها غلط فهمي ان ڪري پيدا ٿي جو پيليوليٿڪ انسان بابت شروع ۾ جيڪي ثبوت مليا، سي غارن مان مليا. غارن ۾ ثبوت جي باقي رهڻ جا امڪان کليل زمين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ئي هوندا آهن. قديم انسانن بابت اهو تصور بهرحال اڻپورو آهي ته هو غارن ۾ رهندا هئا، شڪار ڪندا هئا ۽ باهه ۾ اڌ پڪو اڌ سڙيل گوشت کائي، هڏيون هيڏانهن هوڏانهن اڇلائي ڇڏيندا هئا. انسان برابر غارن ۾ رهيو پر اها ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن سندن گروهه ڪٽنبي جوڙجڪ ۾ ٻڌل هئا، سندن ڪمن، رهائش، شڪار، اوزار ٺاهڻ ۽ هڪٻئي جي واهر ڪرڻ وارن عملن ۾ هڪ خاص ربط ۽ ترتيب هئي.

غارن ۾ رهندڙ اوائلي انسانن بابت اهو تصور وڃي تڏهن ٽٽو جڏهن فرانس ۽ اسپين جي ڪجهه غارن مان قديم چترڪاري لڌي وئي. اها چترڪاري اوائلي انسان جي سماجي تنظيم ۽ سوچن تي ڪافي روشني وجهي ٿي. اهو، ڄڻ ته غارن ۾ رهندڙ انسان اڄوڪي انسان لاءِ پنهنجي باشعور هجڻ جو ثبوت ڇڏيو هو. ڄڻ ته هو چئي رهيا هئا ته اسان پنهنجي سماجي تنظيم ۽ خيال جو فنڪاراڻو اظهار به ڪري سگهندا هئاسون ۽ ”وحشي“ ڪونه هئاسون. اهي ثبوت ڏسي ڪجهه صاحبن ته ايئن سوچڻ شروع ڪيو ته پيليوليٿڪ ماڻهو غارن ۾ رهندا ئي ڪونه هئا. پر، اها تڪڙي راءِ ٿيندي. پيليوليٿڪ انسان جو غارن سان واسطو رهيو پر ضروري نه آهي ته اهي هتي مستقل رهيا هجن، هنن عارضي ٺڪاڻن طور غارون استعمال ڪيون آهن.

قدرتي غارون گهڻو ڪري اهڙن جبلن ۽ ٽڪرين ۾ هونديون آهن جن ۾ چُن پٿري ڊپازٽس هجن. ان مثال لاءِ اسان کي پٻ جبل ۾ موجود لاهوت واري غار کي ڌيان سان ڏسڻو پوندو. آرڪيالاجسٽ چون ٿا ته پيليوليٿڪ ماڻهو ذهني طور ايترا ذهين هئا جو ”ايجادون“ ڪندا هئا، هنن کي قدرتي اجها نٿي مليا ته هٿرادو اجها ٺاهي ويهي ٿي رهيا. اهڙي طرح هنن کليل آسمان هيٺ ”هٿرادو غار“ (جهوپڙي) ٺاهي.

 

پهريون گهر، جهوپڙي

خيال آهي ته جهوپڙيءَ جي وجود کان اڳ باهه دريافت ڪئي وئي هوندي ۽ کليل آسمان هيٺ باهه کي وسامجڻ کان بچائڻ لاءِ شروع ۾ پٿر جي چٿڙن کي هوا جو رخ ڏسي هڪٻئي مٿان سٽي اوٽ ٺاهي وئي هوندي ته جيئن هوا باهه تي اوچتو حملو ڪري ان کي وسائي نه ڇڏي. بعد ۾ ڪاٺين، ڪکن ۽ پنن جي مدد سان ديوار ڏني وئي هوندي ۽ چئني پاسن کان ڦرندڙ هوا کان باهه کي بچائڻ لاءِ باهه جي چئني پاسي اوٽ ڏني وئي هوندي. ان ريت وقت سان ڪکن، پنن ۽ ڪاٺين جي ديوار ٺاهڻ جو سلسلو ٿيو. گهڻو ڪري اهي ديوارون ڪاٺين کي گاهه ۽ ولين سان ٻڌي ٺاهيون ويون هونديون.

ان ريت سڀ کان پهرين جهوپڙي ڪکن پنن جي ٻن ديوارن کي هڪٻئي جي ٽيڪ سان بيهاري تنبوءَ جهڙي ٽڪنڊي ٺاهي وئي هوندي. ائين، ڪنهن وقت ۾ ڪکن جون ٻن بدران چار ديوارون بيهاريون ويون هونديون ۽ پوءِ انهن تي ٽڪنڊي يا گنبذي ڇت رکي وئي هوندي. ان سلسلي ۾ هڪ شڪل اها به هوندي ته مضبوط ڪاٺيون زمين ۾ گولائيءَ ۾ کوڙيون ويون هونديون ۽ ان جو هڪ ننڍو پاسو کليل ڇڏيو ويو هوندو. شروع ۾ اهي چؤديوارون يا دائرا ننڍا هوندا جن تي ڪکن جي ڇت وجهڻ سولي هوندي... ۽ اهڙي طرح انسان پنهنجو پهريون محفوظ گهر پنهنجن هٿن سان ٺاهيو هوندو، جنهن کيس ڪنهن نه ڪنهن حد تائين سخت موسمن کان بچايو ٿي.

هوائن کي روڪڻ لاءِ ٺاهيل اوٽن کان وٺي جهوپڙي تائين ارتقا بابت سمورا اندازا محض خيالي آهن. اسان فقط ”امڪانن“ تي ڳالهائي سگهون ٿا. ڪا ٺوس ڳالهه صرف ان وقت چئي سگهجي ٿي جڏهن آرڪيالاجسٽن کي ڪو ٺوس ثبوت ملي. لکن سالن جي عرصي ۾ کليل ميدانن هيٺ ڪکن پنن جي جهوپڙين جو ڪو نشان محفوظ رهجي وڃي، اهو ڪم معجزو ئي ٿي سگهي ٿو. ان ڪري انساني زندگيءَ جي ارتقا جو ڳوڙهو اڀياس ڪندڙن اڄوڪي زماني ۾ آسٽريليا ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ ڪجهه اهڙن شڪاري قبيلن جي رهڻي ڪرڻي جو اڀياس ڪيو جيڪي ثقافتي طرح اڄ به پٿري دؤر ۾ رهندڙ آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته هو پاڻ ئي ان مهل منجهي ٿي پيا جڏهن هنن جو اهڙي ڪنهن شڪاري گروهه جي هڪ رات جي بيٺڪ وارن ڦٽل نشانن سان واسطو ٿي پيو. ان ڪري ثبوت فقط پٿري اوزارن يا استعمال ۾ آيل شين جي باقيات مان ئي ملي سگهي ٿو. ان ڪري هو ڪجهه خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته جتي ڪنهن ميدان ۾ ڪو پيليوليٿڪ ثبوت ملي ٿو، اتي ويجهڙ ۾ ئي ڪانه ڪا جهوپڙي به هوندي، چاهي اها وقت سان بنهه ختم ٿي چڪي هجي.

جن پيليوليٿڪ ماڻهن پنهنجين جهوپڙين جي اڏاوت ۾ پٿر استعمال ڪيا. انهن جي سڃاڻپ وري به سولي آهي. اوڀر آفريڪا ۾ اولدواءِ ماڳ وٽ اهڙي ئي نوعيت جي اڏاوت ملي آهي، جيڪا شايد دنيا جي ”قديم ترين اڏاوت“ هجي! اهو وڏن پٿرن جو هڪ اڌ گول آهي، جنهن جي مدد سان ڪنهن قسم جي ڪا معمولي اڏاوت ڪئي وئي هوندي. ارضياتي لحاظ کان زمين جو اهو تهه 20- لک سالن پراڻو آهي. ايترا ئي پراڻا تعميراتي آثار اٿوپيا مان گومبور (Gombore) وٽان مليا آهن. يورپ ۾ ان قسم جي پراڻي اڏاوت فرانس ۾ سوليهاڪ (Soleihac) ماڳ وٽان ملي جيڪا ڏهه لک سال قديم آهي، پر اهو قطعي ضروري نه آهي ته اهي انسان جون ٺاهيل هجن.

فرانس ۾ پيليوليٿڪ دؤر جي هڪ جهوپڙي جا بهتر نشان مليا آهن، جيڪا 5- لک سال اڳ ٺاهي وئي هئي. 1968ع ڌاري فرانس جي بندرگاهه نائس (Nice) کان ڪجهه پرڀرو ڪجهه چقمقي پٿر جا اوزار مليا. اهو ماڳ ڀونءِ وچ سمنڊ ڏانهن منهن ڪيو بيٺو آهي. يقينن، پنج لک سال اڳ هتان جو منظرنامو مختلف هوندو. اتي واري ۽ پٿري سامونڊي ڪنارا هئا. پٺئين پاسي گهاٽا ٻيلا ۽ جام شڪار هو. اهي اوائلي ماڻهو هتي نظارا ڏسڻ لاءِ نه، پر سولو شڪار ڪرڻ لاءِ ڪجهه عرصو ترسي پيا هوندا. سائنسدان هتي هڪ دلچسپ ڳالهه به چون ٿا ته شڪاري لوڪ هر بهار جي مند ۾ موٽي ايندا هئا ۽ شايد ڏهاڪو کن سالن تائين هو ساڳي جاءِ تي ايندا رهيا هئا ۽ پنهنجي جهوپڙيءَ جي مرمت ڪندا هئا. ڏهن سالن کان پوءِ هو نه موٽيا ۽ سندن ڇڏيل نشان هوريان هوريان واريءَ هيٺ دٻجي ويا.

اها جهوپڙي بيضوي شڪل جي ۽ ڪافي ميٽر ڊگهي هئي. وچ ۾ هڪ تانگهي کڏ هئي جنهن ۾ باهه ٻاري ٿي وئي. ان چلهه جي هڪ پاسي جتان هوا جو گذر هو، پٿر جي هڪ ننڍڙي ديوار کنيل هئي. جهوپڙي جي ڇت جنهن بابت اهو طئه ٿي نه سگهيو ته اها گول هئي يا محراب نما هئي. جهوپڙي جي ڇت جنهن بابت اهو طئه ٿي نه سگهيو ته اها گول هئي يا محراب نما هئي ٽارين ۽ ٻوٽن مان ٺاهي وئي هئي، جيڪي ويجهي ٻيلي مان آندا ويا هئا.

 

يورپ ۾، آخري پيليوليٿڪ دور ۾ ميموٿ جي هڏين کي تعميراتي سامان طور استعمال ڪيو ويو

 

”باشعور انسان“ سينگار لاءِ هن قسم جا ابتدائي هار ٺاهيا جيڪي عاج، ڪوڏن ۽ مختلف جانورن جهڙوڪ: لومڙي، بگهڙ ۽ رڇ جي ڏندن کي گهڙي تيار ڪيا ويا هئا.

 

 

 

 موسمن جي سختيءَ کان بچڻ لاءِ ممڪن آهي ته هنن ڇت ۽ ديوارن کي گاهه، پنن يا جانورن جي کلن سان به ڍڪيو هجي. ان زماني ۾ ڏکڻ فرانس جو اونهارو ايترو گرم نه هو جيترو اڄ آهي. هن وقت ان جاءِ تي هڪ نئين عمارت آهي ۽ ان جاءِ جي مالڪ پراڻن آثارن جي اهميت کي محسوس ڪندي عمارت جو هيٺيون حصو ميوزم بڻائي ڇڏيو آهي ۽ قديم جهوپڙيءَ جي اصل شڪل صورت بحال ڪري ڇڏي آهي.

ساڳئي تسلسل ۾ هڪ ڇرڪائيندڙ انڪشاف 23- اپريل 1997ع تي وائس آف آمريڪا جي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو ويو. ان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اتر جرمنيءَ ۾ هڪ کاڻ جي کوٽائيءَ دوران 10- ميٽرن جي کوٽائيءَ کان پوءِ ڪجهه پٿري اوزار لڌا ويا آهن. جيڪي اصل ۾ چار لک سال اڳ جي انسانن ٺاهيا هئا. اهي نيزا آهن. ان رپورٽ جي تصديق جارج واشنگٽن يونيورسٽي جو هڪ پروفيسر ڪري رهيو هو.

ڳالهه گهڻي ڊگهي ٿي ويندي جيڪڏهن اسان جهوپڙيءَ جي ارتقائي مرحلن ۾ ميموٿ ۽ وڏن ڦاڙهن جي شڪارين جون ايجادون ۽ دريافتون شامل ڪنداسون ته هنن ڪيئن عاج ۽ سڱن کي جهوپڙيون ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو يا آرام لاءِ بسترا ٺاهيا. بهرحال، ميسوليٿڪ دؤر تائين اوائلي انسان جون جهوپڙيون لڳ ڀڳ اهڙي صورت اختيار ڪري چڪيون هيون جهڙيون اڄ آهن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org