سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ما ڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 7

 

ثقافتي واڌ ويجهه

 

ثقافتي دور

هيوچنسن انسائيڪلوپيڊيا (Hutchinson Encyclopedia) تاريخ کان اڳ واري زماني جي باب ۾ پٿر جي پراڻي دؤر کي 5000 کان 3،500،000 ق. م. تائين ڄاڻائيندي چوي ٿي ته ان دؤر ۾ اوائلي ماڻهن يا ماڻهوءَ جهڙين مخلوقن آفريڪا، ايشيا، وچ اوڀر ۽ يورپ ۾ پٿرن مان اوزار ڇلي ٺاهيا. انهن ۾ نيندرٿال ۽ ڪروميگنان ماڻهو به شامل آهن. ماڻهو ان وقت تائين فقط ڪتا پالڻ ئي سکي سگهيا هئا.

ڪجهه ايشيائي ماڻهن ايشيا ۽ آمريڪا کي ڳنڍيندڙ پٽي بيرنگ لينڊ برج (Beringland bridge) ٽپي آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪئي. دنيا ۾ مختلف هنڌن تي غارن ۾ 8000-20000 سال اڳ تصويرون ٺهيون. مثال طور: طور اسپين، لاس ڪائوڪس (Lascaux) فرانس، مرڪزي صحارا هندستان ۽ آسٽريليا. ان دؤر ۾ ماڻهو شڪاري هئا ۽ خوراڪ تلاش ڪندا يا جمع ڪندا هئا.

پٿر جي وچين ۽ آخري دورن جي تشريح ڪندي چيو ويو ته انهن وقتن ۾ پٿرن ۽ هڏين مان اوزار ٺاهيا ۽ ڇليا ويندا هئا. نيوليٿڪ دؤر ۾ زراعت سان گڏ ڪجهه جانورن جهڙوڪ ٻڪرين، رڍن ۽ ٻئي مال کي پالڻ جي شروعات ٿي. پٿر جو زمانو ڪو جلد ختم نه ٿيو، پٿري دور 19- ۽ 20- صديءَ تائين آمريڪا، ايشيا، آفريڪا، اوسيانا (Oceania) ۽ آسٽريليا ۾ باقي رهيو.

ڪنجهي جو زمانو (Bronze Age) 6000 ق. م. ۾ ڏور اوڀر ۾ شروع ٿيو. 1200 ق. م. تائين وچ اوڀر ۾ جاري رهيو. انگلينڊ ۾ هي دؤر 2000 ق. م. کان 500 ق. م. تائين جاري رهيو. قديم يوناني شاعر هومر جا هيرو هن ئي دؤر جا آهن. جڏهن ته لوهه جو زمانو 1000 ق. م. کان پوءِ شروع ٿيو.

ايئن سوچڻ درست نه آهي ته ڪو دنيا جي ڪنهن هڪ خطي ۾ ئي انساني تمدن ۽ خود انسان جي اؤسر ٿي آهي. ڌرتي تي ٿيندڙ ڦيرڦار سبب انسان جي ابن ڏاڏن جتي وڏا هاڃا ڏٺا، اتي قديم نسل سمنڊن جي اٿل پٿل سبب هڪ ٻئي کان بنهه جدا ٿي ويا ۽ پوءِ جتي جتي به رهيا، اتان جي مخصوص حالتن ۾ وڌيا ويجهيا آهن.

آمريڪا ۾ ڪم ڪندڙ آرڪيالاجسٽن مقامي قبائلي لوڪن وٽ پٿر جا اوزار استعمال هيٺ ڏٺا. سندن تيرن تي چقمقي پٿر مان گهڙيل چنهبون هيون سندن هلڪيون ڪهاڙيون ۽ چاقو پٿري آهن ۽ مڪئي پيهڻ لاءِ پٿر جون اکريون هيون. اهڙا ئي اوزار اولهه يورپ مان به لڌا ويا، پر حيرت جي ڳالهه آهي ته سڄاڻ دؤر هئڻ جي باوجود اهو سمجهيو ٿي ويو ته اهي کنوڻ جي ڪِرڻ سبب کان آهن. 1655ع ۾ هڪ محقق لکيو ته عام طور تي سمجهيو وڃي ٿو ته پٿر آسمان مان کنوڻ سان ڪِريا آهن. اها راءِ به اڳوڻي راءِ کان بهتر هئي ڇو ته ان کان اڳ سمجهيو ٿي ويو ته اهي کنوڻ جا ٽڪرا نه پر لوهه جا پٿرايل اوزار آهن ڇاڪاڻ ته اهي پوءِ وارن اوزارن سان ڪجهه هڪجهڙا هئا. 1802ع ڌاري اهڙا اوزار مئلن جي دڙن مان مليا، جنهن ڪري نتيجو ڪڍيو ويو ته دڙن مان لڌل اوزار ٻيو ڪجهه به نه پر کنوڻ جي ديوتائن هٿان استعمال ٿيل انهن هٿيارن جون نشانيون آهن جيڪي بد روحن ۽ خطرناڪ ديون کي مارڻ لاءِ ڪتب آيا هئا.

هوريان هوريان ماهر ان نتيجي تي پها ته انسان ارتقا ڪئي آهي ۽ موجوده صورت ۽ ترقي اختيار ڪرڻ کان اڳ پٿر جي ڊگهن دؤرن مان لنگهي آيو آهي. هاڻي ماهرن پٿر جا ٽي دؤر مقرر ڪيا: ايوليٿڪ (Eolithic) پيليوليٿڪ (Paleolithic) ۽ نيوليٿڪ (Neolithic)، اها ورڇ هنن پٿرن جي گهڙاوت ۽ نفاست کي ذهن ۾ رکي ڪئي، پر ساڳئي وقت اهو به ذهن ۾ رکيو ته اهي اوزار کين ڌرتيءَ جي ڪهڙي تهه مان مليا آهن. يقينن، هنن گهڙاوتن کي ڏسي جيڪا راءِ قائم ڪئي اها سڄي دنيا لاءِ هڪ ئي وقت ٺهڪندڙ ٿي نٿي سگهي. مثال طور اڄ به ڌرتيءَ تي ڪي اهڙا ماڳ ٿي سگهن ٿا جتي اڄ جو انسان نيوليٿڪ دؤر جهڙين حالتن ۾ رهندڙ هجي.

بهرحال، سڀ کان قديم ۽ اڍنگن هٿيارن کي ايولٿس (Eoliths) چيو ويو. اهي اوزار انسان شايد پنهنجن هٿن سان نه گهڙيا هئا. اهي اهڙا پٿر آهن جيڪي قدرتي طور تي اهڙي طرح ڀڳا يا ٽڪر ٿي پيا جو ماڻهوءَ جي هٿ جي گرفت ۾ اچي ٿي ويا ۽ پوءِ ماڻهن انهن کي بنا ترميم جي هٿيار يا اوزار طور استعمال ڪيو. اهڙن هٿيارن سان هنن وڍڻ، کل لاهڻ ۽ ڪاٺ ڇلڻ جو ڪم ورتو. ماهر انهن پٿرن جي استعمال ٿيڻ جون نشانيون ڳولي وٺن ٿا ۽ فيصلو ڏين ٿا ته اهي عام رواجي پٿر نه پر Eoliths آهن. اهي انساني سرگرميءَ جا پهريان ثبوت آهن، جيڪي پلايوسين دؤر جي پڇاڙيءَ جيڏي عمر رکن ٿا.

ان کانپوءِ انسان پٿرن کي هوريان هوريان ڇلڻ ۽ شڪل ڏيڻ سکي ورتو ۽ ان مان کرچڻا، هٿ ڪهاڙيون، نيزن جون چنهبون ۽ ٻيا ڪارائتا هٿيار ٺاهيا. هي هڪ فن هو جيڪو انسان صدين ۾ بهتر ڪندو ويو. اهڙن پٿرن، جن کي انسان ڇلي هٿيار ۽ اوزار ٺاهيا پيليولٿس (Paleoliths) سڏيا وڃن ٿا ۽ انهن اوزارن سان لاڳاپيل ثقافت Paleolithic سڏي وئي، جيڪا يورپ ۽ ايشيا ۾ ڪجهه هزار سال اڳ تائين به موجود هئي.

يورپ ۾ ان کان پوءِ ماڻهن هٿيارن ۽ اوزارن ۾ وڌيڪ نفاست پيدا ڪئي. هاڻي انهن جي بيهڪ تکائي ۽ لسائي اڳي کان بهتر ٿي. اهي چڱيءَ طرح گسايل هئا. انهن اوزارن کي نيولٿس (Neoliths) چيو ويو. اهڙا اوزار آخري برفاني دؤر کان پوءِ جي تهن مان ملن ٿا. اهو پٿر جو سڀ کان سڌريل دؤر هو. ان کان ترت پوءِ ڌاتوءَ جو دؤر اچي ويو. مصر ۾ ٽامي جو ڪم سڀ کان پهرين شروع ٿيو، جتان 4500 ق. م. کان پوءِ پهتو. مصر ۾ لوهه جو استعمال 1300 ق. م. ۾ ٿيو. يونان ۾ لوهي ترارون 1400 کان 1300 ق. م. ۾ استعمال هيٺ هيون، پر يورپ ۾ لوهه جي صنعت 800 ق. م. کان اڳ نه وڌي.

يورپ ۾، غارن ۾ رهندڙ پيليوليٿڪ انسان جي هڪ آبادي فرانس ۾ Les Eyzies, Dordogne هڪ نديءَ جي ڪنڌيءَ تي جبل جي ڪُک ۾ آهي. ان کي جابلو اجهو چئجي ته بهتر. هتان جا ماڻهو پنهنجا مڙدا هڪ غار ۾ دفن ڪندا هئا، جتي اهي جانور جي چير ڦاڙ کان محفوظ هئا. انهن مڙدن سان گڏ، موت کان پوءِ ملندڙ زندگيءَ لاءِ هٿيار ۽ کاڌو به دفن ڪيو ٿي ويو، جنهن مان موت کان پوءِ جنم جي تصور جو پتو پوي ٿو. 1856ع ۾ نيندر وادي جرمنيءَ مان نيندرٿال انسان جي کوپڙي ۽ ٻيون وضاحتون هٿ آيون.

پيليوليٿڪ ماڻهو شڪاري هو جيڪو کاڌي ۽ اوڍڻ لاءِ کل جي تلاش ۾ شڪار ڳولي ماريندو هو، پر هو ان وقت ۾ شڪاريءَ کان وڌيڪ پاڻ شڪار هوندو هو. کانئس طاقتور جانور کيس شڪار ڪري ويندا هئا. پيليوليٿڪ ماڻهن جي هڪ يورپي غار شڪار ٿيل جانورن جي هڏين سان سٿيل هئي. جيئن ته پيليوليٿڪ انسان يورپ ۾ آخري برفاني دؤر دوران رهيو ۽ ان انسان جاگرافيائي تبديليون ڏٺيون، ان ڪري هن گهڻو ڪجهه سکيو. پيليوليٿڪ انسان جي هڪ غار فلسطين جي وادي مغاره ۾ ٻارن جي غار (Cave of the kids) جي نالي سان مشهور آهي. غار جي ٻاهر اڇلايل 70- فوٽ ٿلهي ڪچري مان يارهن مختلف ثقافتن جا تفصيل مليا آهن، جيڪي اوائلي پيليوليٿڪ کان وٺي ڪنجهي جي دور (Bronze age) تائين پکڙيل آهن.

مٿئين پلايوسين تهن مان، لنڊن جي اتر اوڀر ۾ 65- ميل پري Ipswich شهر جي ويجهو تمام گهڻا ايلوٿس مليا آهن. ساڳي طرح اوائلي پلائسٽوسين تهن مان فاڪس هال وٽان به ايولٿس مليا آهن. اهو ماڳ آئپسوچ (Ipswich) کان ڪجهه ميل اتر اوڀر ۾ آهي. اهي چقمقي پٿرن جا اهڙا اوزار آهن جن مان لڳي ٿو ته تڏهوڪن ماڻهن باهه جو استعمال دريافت ڪري ورتو هو. ساڳي طرح لنڊن جي اتر اوڀر ۾ هڪ ٻئي ماڳ ڪرومر (Cromer) فاريسٽ جو تعلق پلائسٽوسين دؤر سان آهي. اتان گهڻا پر اڍنگا چقمقي اوزار لڌا ويا آهن.

 

اولهه ۾ نيوليٿڪ ثقافت جي واڌ ويجهه

جيئن ئي يورپ مان برفاني دؤر ختم ٿيڻ لڳو. موسم معتدل ۽ گهميل شروع ٿي، نيوليٿڪ دؤر جي يورپين لاءِ اتر وارا علائقا کلڻ لڳا. جتي شڪار لاءِ کين سانڀر ملڻ لڳو. اهو لباس ۽ گوشت جو بهترين ذريعو هو. هي ڪروميگنان ماڻهن جو نسل هو. ان وقت برفاني دؤر اڃا به اتر يورپ تي قابض هو، پر ڏکڻ يورپ خالي ڪري چڪو هو. شڪار جي ڳولا سبب نيوليٿڪ لوڪن لڏ پلاڻ ڪئي. هن وقت تائين ماڻهن مڇي مارڻ لاءِ پٿر جا ڪارگر اوزار ٺاهي ورتا هئا ۽ اهڙي طرح هڪ نئون ڪلچر اڀرڻ لڳو. هي ماڻهو جلد ئي يورپ ۾ پکڙجي ويا. ان کان ترت ئي پوءِ ٺڪريءَ جو ڪلچر به سامهون آيو. جانورن پالڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ برادريءَ وارا اصول قائم ٿيڻ لڳا. پيليوليٿڪ دؤر جي وحشي ماڻهو صحيح معنيٰ ۾ سماجي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ لڳو. هاڻي هن چمڙي مان خيما ٺاهڻ به شروع ڪيا ۽ ڍنڍن، سامونڊي ڪنارن، ڌٻڻن ۽ چشمن وٽ ڳوٺ ٻڌجڻ شروع ٿيا. اهڙا ثبوت ملن ٿا ته اها تبديلي 18000 قبل مسيح جي لڳ ڀڳ شروع ٿي، جيڪا ايشيا مائنر، عرب ۽ قديم ايران ۾ آئي. شايد ان جو قديم مرڪز سوسا (Susa) ايران ۾ هجي، جيڪو 20000 سال پراڻو ماڳ سمجهيو وڃي ٿو. ساڳيو ڪلچر ڪريٽ (Crete) ۾ 14000 قبل مسيح ۽ ڊينمارڪ ۾ 12000 ق. م. ۾ پکڙيو.

التميره غارون 1879ع ۾ دريافت ٿيون. انهن غارن ۾ پيليوليٿڪ دؤرن جون تصويرون ديوارن تي چٽيل آهن. چٽيل تصويرون حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل آهن. انهن ۾ برفاني سانُ، هرڻ ۽ گهوڙا مختلف رنگن ۾ ڏيکاريل آهن. اهي غارون اتر اسپين جي صوبي سانتاندر ۾ ”ڳوٺ سانتيلانا دي مار“ ويجهو آهن. پيليوليٿڪ دؤر جي ٻي غار جنهن ۾ چترڪاري ٿيل آهي Lescause ۾ آهي.

انسائيڪلوپيڊيا آف آرڪيالاجي پٿر جي آخري زماني جي هڪ غار جو ذڪر ڪري ٿي. اها رهوڊيشيا ۾ رُساپي (Rusape) ويجهو ڊاياناز وو (Dianas vow) وٽ 5000 سال پراڻي غار آهي. ان مان به چترڪاري ملي آهي. هڪ وڏي ليٽيل تصوير جي مٿئين حصي ۾ هڪ ماڻهوءَ جو جسم پٽين سان ويڙهيل ۽ چهري تي نقاب آهي. هو شايد ڪنهن قبيلي جو سردار آهي، جنهن جي چهري تي هرڻ جهڙي ڪنهن جانور جو نقاب آهي. هن کي تدفين لاءِ سجايو ويو آهي. ان کان هيٺئين اڌ ۾ موجود عورت شايد سندس زال آهي، جيڪا مٿس ماتم پئي ڪري. شايد هوءَ به مڙس سان گڏ جيئري دفن ٿيڻي آهي ته جيئن ايندڙ دنيا ۾ به مڙس سان گڏ هجي. سڀ کان هيٺ لهرن جهڙيون ليڪون شايد ان علامتي نديءَ جون آهن، جيڪي ٻي دنيا تائين پهچڻ ۾ رنڊڪ آهي ۽ اها رنڊڪ اڪرڻ ضروري آهي. اهڙيون ٻيون به ڪيئي تصويرون آهن جن ۾ خوراڪ جي ڀيٽا ڏني پئي وڃي.

پٿري دؤر جون ڪي اهم نشانيون خاص قسم جون قبرون (Dolmen) آهن. اهي ڪجهه وڏا ۽ اُڀا پٿر آهن جن کي زمين ۾ کوڙي انهن جي مٿان هڪ تمام وڏي پٿر جي ڇت رکي ٿي وئي. اهڙي طرح هڪ چئمبر ٺهي ٿي پيو. قديم آثارن جي ماهرن انهن خاص چئمبرن کي نيوليٿڪ دور جون قبرون قرار ڏنو آهي. اهڙيون قبرون (dolmen) يورپ ۽ آفريڪا ۾ ڪافي لڌيون ويون آهن. ڪجهه Dolmen ايشيا ۾ جهڙوڪ؛ ڏور اوڀر ۾ به مليون آهن. ويلز (Wales) ۾ انهن کي Cromlechs چيو وڃي ٿو. ان قسم جون قبرون سنڌ ۾ به لڌيون ويون آهن.

 

مڌيه پرديش

هندستان جي مڌيه پرديش ۾ ڪجهه قديم غارون تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ انساني سرگرميءَ جو ثبوت ڏين ٿيون. هي علائقو هندستان جي قديم نسل ”گونڊ“ جو هئڻ ڪري ”گونڊوانا“ سڏجي ٿو. ڀوپال ويجهو ڀيمبيٽڪا (Bhimbetka) وٽ هنن قديم غارن بابت ماهرن جو خيال آهي ته اهي پٿر جي پراڻي دؤر (پيليوليٿڪ) سان تعلق رکن ٿيون. غالباً اهي غارون انسانن جي سڀ کان قديم آبادين مان هڪ آهن. هنن غارن ۾ قديم انسان رنگين چٽسالي ڪئي آهي. هتي ٿيل کوٽاين مان ظاهر ٿيو آهي ته هن هنڌ پٿر جي پوئين (Late) دؤر کان شروعاتي تاريخي دؤر تائين ٿقافتي تسلسل موجود آهي. هونئن به مڌيه پرديش چترڪاري ٿيل پٿرائن اجهن سبب شاهوڪار آهي.

ڀيم بيٽڪا جون غارون ڀوپال کان 50- ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهن. اهي غارون قدرتي آهن جن کي قديم انسانن اجهي طور استعمال ڪيو ۽ پوءِ انهن ۾ چٽسالي ڪئي. انهن تصويرن ۾ روزاني زندگي ۽ شڪار جا منظر چٽيل آهن. تصويرن ۾ مهارت نه سهي، پر اهي تصويرون ڳالهائيندڙ آهن. ماڻهن گهوڙن تي سوار نظر اچن ٿا، جن جي هٿن ۾ ڀالا آهن، ڪي پيادا به آهن. کين گوڏي جيتري پوشاڪ آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته ان غار ۾ رهندڙ قديم ماڻهوءَ کي اوگهڙ ڍڪڻ جو شعور هو. شڪار جي هڪ منظر ۾ اڏامندڙ پکيءَ جي صورت مُهن جي دڙي مان لڌل هڪ تصويري لفظ جهڙي آهي. ٻين تصويرن ۾ وڏن سڱن وارو ڏاند نمايان آهي. اهي تصويرون ڳاڙهن يا ڦڪن رنگن ۾ آهن. اهڙا ٻيا تصويري اُڪرن وارا اجها هوشنگ آباد، راءِ سين، ڀوپال، سيهور ۽ ساگر وٽ آهن.

 

نيو گنيا

آسٽريليا جي اتر ۾ نيو گنيا نالي هڪ ٻيٽ هاڻي انڊونيشيا جو حصو آهي. هتي ڪجهه قديم انسان اڃا تائين پٿر جي دؤر وارين سماجي حالتن ۾ رهن ٿا. هي بنهه اگهاڙا ماڻهو ننڍڙي قد جا آهن. وار گهنگهرو اٿن، رنگ جا ڪارا، نڪ موڪرين ناسن وارا ۽ هڏ ڪاٺ مضبوط اٿن. سندن هڏ ڪاٺ ۽ شڪل شبيهه ڏسي حيرت ٿي لڳي ته ڪٿي هي آفريڪي نسل جا ماڻهو ته ناهن جيڪي ڪنهن نه ڪنهن ريت هتي اچي آباد ٿيا؟

هي ماڻهو ڏاڍي بي تڪي انداز ۾ اوگهڙ ڍڪين ٿا، مٿي کي ۽ جسم تي پٽيون ٻڌن ٿا، مٿي ۾ قديم آمريڪي قبائلن وانگر کنڀ هڻن ٿا، هن ۾ پنهنجي قد کان ٻيڻا نيزا ۽ تير ڪمان کڻي شڪار تي نڪرن ٿا، عورتون جسم جو هيٺيون حصو ڍڪين ٿيون. اوائلي طريقن سان پوک ۾ حصو وٺن ٿيون. هي اريان ٻيٽ جا پاپوان (Papuans) ۽ آسٽرونيشيائي (Austronesians) آهن.

هنن قديم باشندن جي حسب نسب بابت ڳجهارت اڃا ٺيڪ طرح نه ڀڳي وئي آهي. ڪن محققن جو خيال آهي ته اهي نسلي طرح جاوا جي ماڻهن سان ملي سگهن ٿا، پر هي ماڻهو انڊونيشيائين کان مختلف آهن. ڪي محقق پاپوان ماڻهن کي اصلي آسٽريليائي نسل مان سمجهن ٿا.

محفوظ ماحول ۾ رهندڙ هي جهنگلي ماڻهو جيڪڏهن ”جاوائي ماڻهو“ جو اولاد آهن ته پوءِ هو هتي پنج لک سالن کان آباد چئي سگهجن ٿا. بهرحال، غالب امڪان اهوئي آهي ته هي ڪارڙا ۽ ننڍڙا ماڻهو هندي ملائي حسب نسب جا آهن. پر هو نيوگني ڪيئن پهتا؟ گهڻو ممڪن آهي ته پلائسٽوسين دور (Pleistocene era) ۾، جڏهن گليشئرن جي ٺهڻ سبب سامونڊي سطح هاڻوڪي سطح کان 300 کان 500 فٽ گهٽي، تڏهن هو هتي خشڪيءَ کان ٿيندا پهتا. ماهر ان امڪان تي وڏي حد تائين متفق آهن ته ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ماڻهن جي لڏ پلاڻ گليشئرن جي گهٽ وڌ ٿيڻ کان پوءِ زميني رستا پيدا ٿيڻ سبب ٿي آهي. بهرحال هتي هڪ کوٽائيءَ کان پوءِ 39000 سال اڳ جا پٿري اوزار هٿ ڪيا ويا آهن.

قديم آسٽريليائي لوڪ (Aborigines) آسٽريليا ۾ لڳ ڀڳ چاليهه هزار سال رهيا آهن. انهن غارن ۽ جابلو ديوارن تي نقش نگاري ڪئي آهي. ڪي تصويرون رنگن سان ٺاهيون ويون آهن ته ڪي وري اڪر ڪيون ويون آهن. هنن تصوير ڪشيءَ لاءِ ڦڪا، ڳاڙها ۽ گيڙو رنگ استعمال ڪيا آهن. هنن جي شاهڪارن مان ڪيترا هيل تائين ضايع ٿي چڪا آهن؟ ڪجهه به نٿو چئي سگهجي. البت سندن اُڪر جو ڪم سڄي آسٽريليا کنڊ ۾ لڀجي ٿو.

انهن چٽسالين ۾ وڻ، جانورن، تجريدي نمونا وغيره آهن. ان ڏس ۾ سڀ کان قديم ماڳ نولاربور ميدان جي هيٺ ڪونالد (Koonalda) غار آهي. اوائلي ماڻهوءَ جو هڪ ماڳ ڪيپ يارڪ پيننسولا (Cap York Peninsula) انهن نمونن جي نمائندگي ڪري ٿو. انهن ۾ گول، حيواني پير ۽ ورن وڪڙن وارا نمونا آهن. انهن جي عمر 15000 کان 20000 سال آهي. نيو سائوٿ ويلز هاڪس بري ندي (Hawkes Bury) واري خطي ۾ جانورن، پکين، مڇين روحن جهڙيون وڏيون تصويرون وارياسي پٿر تي اڪريل آهن. غار جي ديوارن تي قدرتي رنگن سان تصويرون ٺاهيون ويون آهن. مجموعي طور تي اهي عقيدن کي ظاهر ڪن ٿيون. جن مان ظاهر آهي ته اوائلي آسٽريليائي ماڻهو مذهبي سوچون رکندڙ هئا ۽ حياتي ۽ موت بابت ڪي روحاني نظريا ايجاد ڪري چڪا هئا.

 

ابوظهبي ۾ پٿري دؤر

’خليج ٽائيمز‘- 30- اپريل 1995ع موجب ابوظهبي جي ٻيٽ تي پٿري دؤر جو 7000 سال قديم هڪ ٻيو ماڳ لڌو ويو آهي. اهي آثار غاغهه (Ghaghah) ۽ الفزائيه (Alfzaiyyah) وٽان مليا آهن، جيڪي ابوظهبي جي الهندي علائقي ۾ آهن ابوظهبي ٻيٽن تي آرڪيالاجيڪل سروي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جيفري ڪانگ 1995ع جي بهار واري مند دوران سروي ۽ کوٽائي کانپوءِ اعلان ڪيو ته سامونڊي ڪناري تي پري تائين نظر وجهندڙ غاغهه ماڳ تي پنج عدد گول يا بيضوي پٿري ماهيون (Cairns) آهن، جتي چقمقي پٿرن مان گهڙيل تيرن جون نوڪون ٽڙيل پکڙيل آهن. اهڙا ئي تير 1992ع ۾ اتان 200 ڪلوميٽر اوڀر طرف ميراواهه (Merawah) ٻيٽ تان مليا هئا.

اهڙيون ئي ماهيون هن کان اڳ قطر واري سامونڊي علائقي کان اوڀر پاسي الخور (Alkhor) واري علائقي مان مليون هيون. غاغهه ماڳ ان لحاظ کان ٻين کان مختلف آهي ته هتي پٿري اوزار تمام عمدي نموني تراشيا ويا، خاص ڪري تيرن جون نوڪون.

الفزائيه (Alf zaiyyah) واري ننڍڙي ٻيٽ تان، جيڪو سيلا (Sila) ساحل جي اتر ۾ آهي سروي ٽيم کي چقمقي پٿرن جا وڏي پئماني تي ٽڙيل پکڙيل ٽڪرا مليا. هو لوڪ اتي ڪم به ڪندا رهيا هئا.

الفزائيه (Alf Zaiyyah) واري ننڍڙي ٻيٽ تان، جيڪو سيلا (Sila) ساحل جي اتر ۾ آهي، سروي ٽيم کي چقمقي پٿرن جا وڏي پئماني تي ٽڙيل پکڙيل  ٽڪرا مليا. هو لوڪ اتي ڪم به ڪندا رهيا آهن.

الفزائيه ماڳ تان پهرين صدي عيسويءَ جو ٺڪراٽو به مليو آهي.

 

قديم انساني تاريخ جو مختصر خاڪو

جنهن مخلوق کي ماڻهو چئي سگهجي ٿو، اها ڌرتيءَ تي لڳ ڀڳ 2- ملين (20 لک) سالن کان رهندي پئي اچي. ڌرتيءَ جي عمر جي ڀيٽ ۾ 2- ملين سال اک ڇنڀ جي برابر آهن. زمين جي مجموعي عمر لڳ ڀڳ 4700 ملين سال آهي. جيڪڏهن فرض ڪجي ته ڌرتيءَ جي عمر فقط 24- ڪلاڪ آهي ته پوءِ ايئن چئبو ته ماڻهوءَ کي جنم ورتي اڃا هڪ منٽ به ڪونه ٿيو  آهي. پر ان هڪ منٽ ۾ انسان ڪيڏا ڪم ڪيا آهن، ان جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي. ان هڪ منٽ اندر هن دنيا جي عظيم ترين تهذيبن ۽ ثقافتن کي جنم ڏئي ڌرتيءَ کي عجيب رنگ بخشي ڇڏيو آهي.

انسان جيڪي ڪجهه ڪيو، ان جو لکت ۾ رڪارڊ وڌ ۾ وڌ پنج هزار سال اڳ کان شروع ٿئي ٿو. ان ئي رڪارڊ مان اسان کي خبر پوي ٿي ته اوائلي تهذيبن وارا انسان ڪيئن سوچيندا هئا ۽ انهن جا باهمي رشتا ڪيئن هئا؟ ان کان سواءِ انسان ڪيئن ۽ ڪٿي رهيو؟ ان جو جواب ڳولڻ لاءِ قديم آثارن جي ماهرن هن مهل تائين وڏي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي ۽ ڪافي ثبوت هٿ ڪيا آهن، پر تڏهن به اڃا گهڻو ڪجهه ڪوهيڙي ۾ لڪل آهي ۽ گهڻو ڪجهه وقت سان ضايع ٿي چڪو آهي.

انهن ثبوتن ۾ اسان کي پنڊ پهڻ ٿيل هڏيون، پٿرن مان گهڙيل اوزار، ڀڳل ٺڪراٽو، غارن ۽ جبلن تي چٽساليون ۽ اُڪرون ملن ٿيون. جيتوڻيڪ هٿ آيل اهي آثار ڪي گهڻا نه آهن، تڏهن به قديم آثارن جي ماهرن انهن ئي آثارن جي مدد سان انسان جي جسماني، ذهني ۽ ثقافتي اؤسر جا اندازا به لڳايا آهن.

هن موقعي تي ڌرتيءَ جي انهن ارتقائي واقعن جي تفصيل کي ورجائڻ غير ضروري آهي ته ڌرتيءَ جي ٺهڻ وارن ابتدائي مرحلن ۾ 60،000 سالن تائين لاڳيتي وڏي برسات ڇو ٿي ۽ سمنڊ ڪيئن ٺهيا ۽ ڪيئن ڌرتيءَ جي گرميءَ جو درجو، جيڪو 4700 ملين سال 4000 ڊگريون سينٽي گريد هو، هاڻي 20 کان 30 درجن تي ڇو بيٺو آهي؟ ٻوٽا ۽ ٻي حياتي ڪيئن وجود ۾ آئي وغيره. البته انساني نسل جو بڻ بڻياد ۽ ان جو اصل وطن ڳولڻ لاءِ پاڻ کي 40- ملين سال اڳ کان سفر شروع ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته اهو ئي اهو دؤر آهي، جنهن بابت ڊارون جو خيال آهي ته ان وقت اها مخلوق پيدا ٿي. جيڪا لڳ ڀڳ 38 ملين سالن جا ارتقائي ڏاڪا طئي ڪرڻ کان پوءِ اوزار ٺاهڻ لڳي ۽ جنهن کي هاڻي اسان اوائلي ماڻهو چئون ٿا.

40- ملين سال اڳ واري نسل بابت ڊارون جو خيال آهي ته متان اهوئي انسان ۽ وڏن بن مانسن جو گڏيل تڙ ڏاڏو هجي! ان نسل جي اولادن مان هڪ گروهه ٻيلن ۾ رهيو ۽ انهن مان بن مانس، ڀولڙا ۽ اڄوڪا چئمپنزي پيدا ٿيا. پر ٻيو گروهه لڳ ڀڳ 20- ملين سال اڳ وڻن تان ان مهل لهي آيو. جڏهن شايد ٻيلا گهٽجڻ لڳا هجن ۽ کليل ميداني علائقن ۾ خوراڪ گهڻي ملندي هجي ۽ اُتي روزاني ڪار ڪرت بهتر هجي. ڪيئي ملين سالن جي وقفي کان پوءِ هٿن ۽ پيرن جي مدد سان هلندڙ هن مخلوق ٻن پيرن تي اُڀو هلڻ سکي ورتو، ان جا پويان چنبا پير بڻجي پيا. جڏهن ته اڳيان چنبا آزاد هئڻ ڪري وڌيڪ حساس ٿيا ۽ انهن ۾ ڇُهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي سگهه وڌي وئي. آزاد چنبا، جيڪي هاڻي هٿ بڻجي ويا هئا، ڪاٺيون ۽ پٿر اٿلائڻ پُٿلائڻ، کڻي هلڻ ۽ استعمال ڪرڻ لڳا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org