يورپ ۾ نيوليٿڪ دور
ڌٻڻين ۾ نفيس پيچرو
جيئن ته آخري برفاني دؤر جي خاتمي تائين پٿر واري زماني جا اڪثر
انسان گرم علائقن جهڙوڪ: ايشيا ۽ آفريڪا ۾
رهندا هئا، تنهن ڪري برفاني دؤر جي هوريان
هوريان خاتمي سان گڏ اهي يورپ وارن ملڪن
ڏانهن به وڌڻ لڳا. برف جي هٽڻ سان ڌرتيءَ
جا اهي ٿڌا علائقا به هاڻي انسانن جي رهڻ
لائق ٿي ويا هئا. انسانن جي اها وڏي لڏ
پلاڻ پٿر جي اخري دؤر (نيوليٿڪ دؤر) ۾ ٿي
آهي، جيڪا اڄ کان اٽڪل 6 هزار سال اڳ ٿيل
سمجهي وڃي ٿي.
پر اها حيرت جي ڳالهه آهي ته 6 هزار سال اڳ يورپ جي سامونڊي
ڪنارن کان اتر طرف لڏپلاڻ ڪندڙ انسان ماهر
انجنيئر، هوشيار سرويئر ۽ پهرين درجي جا
هنرمند واڍا هئا. اهڙو انڪشاف برطانيا ۾
سمرسيٽ وارين انهن نباتياتي ڌٻڻين ۾ ڪم
ڪندڙ هڪ شخص هٿان ٿيو، جيڪو اتي پنهنجون
رواجي ذميواريون پوريون ڪري رهيو هو. اهي
ڌٻڻيون
Peat نالي هڪ نباتياتي مادي جون آهن جيڪو پاڻيءَ ۾ سڙندو آهي ۽ ان ۾
هڪ حد تائين ڪوئلي جون خاصيتون پيدا
ٿينديون آهن ۽ ٻارڻ جي طور ڪم ايندو آهي.
ان ماڳ تي دنيا جو سڀ کان پراڻو، هٿرادو ۽ زمين کان مٿي ٺاهيل
پيچرو ٺاهيو ويو هو، جنهن کي ”سوئيٽ ٽريڪ“
نالو ڏنو ويو آهي، ڇو ته اهو پيچر ڌٻڻين ۾
ڪم ڪندڙ رايمنڊ سوئيٽ لڌو هو. قديم آثارن
جي ماهرن کي آثارن جي ان عجيب ۽ هنري
خزاني جي ڄاڻ 1970ع ۾ پئي هئي، جنهن تي
پوءِ کوجنا جو ڪم شروع ٿيو.
سمرسيٽ مٿاڇري جي تيزابي سم واري ڌٻڻ اهڙن جيوڙن کي ناس ڪري
ڇڏيو هوندو جيڪي عام حالتن ۾ ڪاٺ جي ان
اوائلي پيچري کي کائي چٽ ڪري ڇڏين ها.
اهڙي طرح انسانن کي ڌٻڻين جي هن پار
پهچائڻ لاءِ ٺاهيل هي پيچرو دفن ٿيڻ کان
پوءِ به بچي ويو.
اوائلي زماني جي نيوليٿڪ انجنيئرن يقيني طور تي اڄڪلهه جي ماهرن
وانگر پهرين ان جاءِ جي سروي ڪئي هوندي ۽
پوءِ ان جي اڏاوت ڪئي هوندي. برطانيا ۾
پٿري دؤر جي انهن ماڻهن بابت پروفيسر جان
ڪولز چوي ٿو ته، ”اهي تمام سڌريل، هنرمند
۽ نفيس سماجي تنظيم رکندڙ هئا.“
سو، ماهرن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته، ”’سوئيٽ ٽريڪ‘ اٽڪل 4 هزار
سال قبل مسيح ۾ ان وقت ٺاهيو ويو جڏهن
مکيه يورپ کان پهريان هاري هتي پهتا. اهو
پيچرو ٺاهڻ جو مقصد ٻن خشڪ زمينن کي پاڻ ۾
ڳنڍڻ هو. ”ڪاٺ جا اهي تختا ڌٻڻ ۾ کوڙڻ ڪا
معمولي ڳالهه ڪونه هئي.“ اهڙو خراج تحسين
سمر سيٽ مٿاڇري واري پروجيڪٽ جي ڪو-
ڊائريڪٽر پروفيس ڪولز پاران پٿري دؤر جي
انجنيئرن لاءِ آهي. سندس چوڻ آهي ته، ”سڀ
کان پهرين ڌٻڻين جي چال کي چڱيءَ طرح
جاچيو ويو ۽ پوءِ ڪاٺ جي بنڊن کي پٿڙيءَ
(Rails) طور استعمال ڪيو ويو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان انگريزي اکر
“X”
وانگر ڪاٺ جا وڏا ڪلا ٺوڪيا ويا، ان کان
پوءِ ڪلن جي مٿين ٻانهن تي تختا وڇايا
ويا، جنهن سان نيٺ زمين کان مٿي اڀريل
پيچرو تيار ٿيو، جيڪو مقامي ماڻهن پنهنجي
۽ سامان جي اچ وڃ لاءِ استعمال ڪيو. ان
پيچري تان سفر ڪرڻ بهرحال سؤکو نه هو. ان
تي رکيل تختن جي ويڪر هڪ فوٽ کان ڪجهه
وڌيڪ هوندي، جڏهن ته گس ٻنهي پاسن کان
نسريل سرن ۽ ڪانهن جي ٻوڙن سان ڍڪيل هو،
پر ڇا ڪجي؟ ان کان سواءِ ٻي واٽ ڪونه
هئي.“
قديم آثارن جي ماهرن کي هن رستي جي ڀر مان پٿر جي دؤر جا ڪي خاص
قسم جا پر مختلف اوزار هٿ آيا آهن. انهن
جي تجزئي مان معلوم ٿيو آهي ته انهن مان
اڪثر اوزار خاص ڪمن لاءِ گهڙيا ويا هئا،
مثال طور انهن مان هڪڙو ڪاٺ وڍڻ لاءِ، ٻيو
ڪانا ڪپڻ لاءِ، ٽيون ٻوٽن لاءِ ۽ ٻيا چمڙي
۽ کلن لاءِ هئا. هيل تائين نيوليٿڪ ماڻهن
وٽ اڍنگين ڪهاڙين جو استعمال ختم ٿي چڪو
هو.
پيچرو ٺاهڻ لاءِ استعمال ۾ آندل ڪاٺ مان ماهرن اندازو لڳايو آهي
ته پيچرو اڏيندڙن کي ڪاٺ جي خاصيتن بابت
سٺي ڄاڻ هئي. انهن کي خبر هئي ته شاهه
بلوط وڻ کي پٿر مان ٺاهيل ڇيڻيءَ سان ڇلي
بهتر تختا ٺاهي سگهجن ٿا.
بهرحال، اها ٽيڪنالاجي متعارف ڪندڙن کان پوءِ هڪ ئي نسل دوران
علائقي ۾ ڌٻڻين ۽ سم جي واڌ سبب 6 هزار
سال اڳ اهو پيچرو ٻڏي ويو. اها کوجنا
برطانيا ۾ آرڪيالاجيءَ لاءِ ڏاڍي اهم
ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته يورپ جي اترين ڀاڱن ۾
پٿري دؤر سان تعلق رکندڙ آثارن جو تعداد
بنهه ٿورو آهي.
(حوالو: ’پاڪستان ٽائيمز‘، 29 ڊسمبر 1989ع)
برفاني انسان Ice Man
”برفاني انسان“ هڪ اهڙي بدنصيب انسان جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو لاش
5300 سال برف جي تهن ۾ دٻيل رهڻ کان پوءِ
19 سيپٽمبر 1991ع تي لڀجي پيو. اها اٽلي ۽
آسٽريا جي سرحد آهي، ان ڪري نٿو چئي سگهجي
ته اهو انسان اصل ۾ ڪٿان جو رهاڪو هو؟ هي
انسان ان علائقي ۾ ڇا ڪري رهيو هو جڏهن
موت جي فرشتي کيس اچي ورتو؟ ڇا هو اٽلي يا
آسٽريا جي هاڻوڪين سرحدن ۾ رهندڙ انسان هو
يا ڪنهن ڏورانهن پاسي کان پنڌ پيو هو؟ ڇا
هو جرمني يا سوئزرلينڊ کان اچي رهيو يا
اوڏانهن وڃي رهيو هو؟ بهرحال، هو نيوليٿڪ
دؤر جو انسان هو، جنهن وٽ سفر جو پورو
سازو و سامان هو. سندس لاش
Similaun گليشير تان لڌو ويو، جيڪو دنيا جي ٻيو نمبر اوچي جابلو سلسلي
آلپس
(Alps)
تي آهي.
برفاني انسان جي لاش تي تجربا ۽ اڀياس جاري آهي. هن وقت هن
دريافت جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هي
اڄ تائين لڀجندڙ صحيح سلامت لاشن مان سڀ
کان قديم ترين آهي. سائنسدانن هن لاش جي
عمر ڪاربن ڊيٽنگ سان معلوم ڪئي ۽ ٻڌايو ته
هي انسان 5300 سال اڳ جيئرو هو ۽ ثقافتي
طرح پٿر جي پوئين دؤر ۾ رهندو هو. ثقافتي
دؤر جي نشاندهي انهن اوزارن ۽ سامان مان
ٿئي ٿي جيڪو برفاني رولاڪ انسان جي لاش
وٽان مليو آهي.
آڪٽوبر 1992ع ۾ ’ٽائمز‘ رسالي برفاني انسان تي هڪ فيچر ڇاپيو،
جنهن ۾ رپورٽر ليون جيروف ياد ڏياريو ته
محفوظ ٿيل قديم لاشن جي تاريخ ۾ مصري
مميون به آهن، جيڪي عمر ۾ برفاني انسان جي
برفاني انسان
لاش کان وڏيون آهن. پر ممين جا لاش ان ڪري نامڪمل آهن جو انهن
فرعونن جون مميون ٺاهڻ کان اڳ انهن جا
آنڊا، گجيون ۽ مغز لاش مان ڪڍيا ٿي ويا.
پنج يا ساڍا پنج هزار سال اڳ جي ڳالهه، انسان جي جسماني اؤسر جي
تاريخ ۾ اڃا ڪالهه جي ڳالهه هوندي، ان ڪري
سائنسدان ان ڏس ۾ ڪا ٻي انوکي ڳالهه معلوم
ڪري وٺن، ان جو امڪان گهٽ آهي. البت اهو
فيصلو ٿي ويو ته 5000 سال اڳ جڏهن يورپي
لوڪ پٿر جي شڪاري دؤر ۾ هئا، تڏهن آفريڪا
۽ ايشيا زرعي دؤر ۾ موجود هئا، نه رڳو
ايترو پر مصري ماڻهو شعوري طرح ايترو اڳتي
وڌي چڪا هئا جو هو بادشاهي نظام قائم ڪري
چڪا هئا ۽ لاشن کي هزارن سالن تائين محفوظ
ڪرڻ جي علم کان به واقف هئا ۽ سنڌ ۾ عظيم
سنڌو تهذيب وجود وٺي رهي هئي.
برفاني ماڻهوءَ جي لباس ۽ جسم جي معائني مان ڪجهه اهم ڳالهيون
سامهون اچن ٿيون. هي ماڻهو 25 کان 35 سالن
جو جوان هو، قد 1.6 ميٽر هئس ۽ وزن اٽڪل
50 ڪلو هئس. شڪل شبيهه به اهڙي ئي هئس
جنهن مان لڳي ٿو ته هو ساڳئي علائقي جي
نسل جو وڏڙو هو. هن جا وار رنگ جا ناسي
ڪارا هئا ۽ مٿي جي وارن جي ڊيگهه فقط 9
سينٽي ميٽر هئي، جنهن مان ظاهر آهي ته هو
وار ڪتريندا به هئا. هن کان اڳ ايئن نه
سمجهيو ويندو هو ته ايتري قديم وقت ۾
ماڻهو وارا ننڍا ڪندا هئا.
هڪ عجيب ڳالهه اها به هئي ته برفاني انسان جي جسم تي ڏينڀوڙين
(Tattoos) جا نشان هئا. چيلهه تي هيٺ نيرين متوازي ليڪن جو مُچو، کاٻي
گوڏي جي پويان هڪ منڌيئڙو ۽ ساڄي مُري تي
پٽيون. اهي سڀ نشان ڪپڙن هيٺ ڍڪيل جاين تي
هئا. تنهنڪري ماهرن جو خيال آهي ته انهن
جو تعلق ٻين قبيلن لاءِ سڃاڻپ سان هوندو.
پر ان جي ڪا اندروني معنيٰ يا مقصد به
هوندو. بهرحال، هن لاش اهو به ٻڌايو ته
ڏينڀوڙيءَ جو رواج 5300 سال اڳ به هو.
برفاني ماڻهو جڏهن سفر تي نڪتو تڏهن هو آلپس جي برف ۽ سخت ٿڌ کي
منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار هو. ايئن ٿي
لڳو ته هو ان وقت باقاعدي مهم تي نڪتل هو،
جڏهن برف ۾ اوچتو وڪوڙجي ۽ دٻجي مري ويو.
هن جي جسم تي موجود بجن واري کل ۾ مختلف
جانورن جهڙوڪ هرڻ، سرهه ۽ سانڀر جي کلن
جون چتيون هيون. لباس جي بنيادي سلائيءَ
مان نفاست ظاهر هئي. جڏهن ته مرمت مهل
جهنگلي گاهه کي ڌاڳي طور ڪم آندو ويو.
بنيادي سلائيءَ مان ظاهر آهي ته برفاني
انسان ڪنهن نه ڪنهن قسم جي برادريءَ سان
منسلڪ هو. هن جي پيرن ۾ پيل بوٽ کلن مان
ٺهيل هئا ۽ انهن کي گاهه سان ٻڌو ۽ وڪوڙيو
ويو هو ته جيئن ٿڌ کي منهن ڏئي سگهجي.
ساڳي طرح جسم تي جانورن جي کل جي مٿان به
هن گاهه جو هڪ ٻيو ڪوٽ پاتو هو. سيءُ کان
وڌيڪ بچاءُ لاءِ گاهه مان اڻيل ٽوپي هئي،
جيڪا ٽائرولين ريڍار هڪ صدي اڳ تائين به
پائيندا هئا.
هن برفاني رولاڪ وٽان هٿ آيل شيون توقع کان وڌيڪ نفيس آهن. هن
وٽ نج ٽامي جي ڪهاڙي هئي، جنهن لاءِ شروع
۾ غلط اندازو هنيو ويو هو ته اها ڪنجهي جي
آهي. هن وٽان تيرن جون چقمقي نوڪون به
مليون، جيڪي هڪ خاص قسم جي ٻوٽي جي شاخن ۾
مڙهيون ٿي ويون ۽ تيرن کي پوئين پاسي کان
هڪ خاص زاوئي سان کنڀ هنيا ٿي ويا ته جيئن
تير ڦرندو وڃي نشاني تي لڳي.
برفاني انسان وٽ چقمقي پٿر جو هڪ خنجر به هو، جيڪو ڪاٺ جي ڳن ۾
وجهي نوڙيءَ سان سوگهو ڪيو ويو هو. هن وٽ
موجود ڪمان يورپ جي اهڙي بهترين ڪاٺ مان
ٺهيل هئي جيڪو پڇاڙيءَ تائين ڪمان سازيءَ
۾ سڀ کان بهتر سمجهيو ويو. هن سان گڏ هڪ
تيز ڌار هڏي جو ٽڪر هو جنهن کي چمڙو سبڻ
لاءِ استعمال ڪيو ويو هوندو. هن سان چقمقي
پٿر جي هڪ ڇري ۽ سوراخ ڪڍڻ جو اوزار به
هو. برفاني انسان وٽ موجود ڪهاڙي اٽليءَ
جي ماڳ بريسڪيا
(Brescia) ويجهو لڌل پٿري دورن جي ماڳن مان مليل باقيات سان ملي ٿي.
”برفاني انسان“ آلپس جي هنن چوٽين تي نيٺ ڇا ڪرڻ ويو هوندو؟ ۽
هو هتي ڇو دفن ٿي ويو؟ ڇا هو اڪيلو هو؟
سائنسدان اندازو هڻن ٿا ته 5000 سال اڳ
اتي موسم اڄ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گرم هئي ۽ جيئن
ته اها اوچائي وڻڪار جي سطح کان مٿي هئي،
ان ڪري اونهاري ۾ ان علائقي جي ڪشش تي هو
ماڻهو اوڏانهن ڇڪجي ويو، ڇاڪاڻ ته اتي
جهنگ جي صفائيءَ واري سخت محنت ڪرڻ ضروري
نه هئي.
هُو ريڍار يا ٻڪرار هوندو ۽ پنهنجن ساٿين
کان ٿوري دير لاءِ وڇڙي يا جدا ٿي ويو
هوندو. ممڪن آهي ته هو خوراڪ ڳولڻ لاءِ
جدا ٿيو هجي يا اتي چقمقي پٿر ڳولي رهيو
هجي. اهو به ممڪن آهي ته هن هيٺ موجود
ٻيلن مان پنهنجي لاءِ نئين ڪمان ۽ تير
وڍيا ۽ ڇليا هجن ۽ ساٿين سان ملڻ جو سوچيو
هجي، پر جيئن ته اهي اونهاري جي پڇاڙي يا
سرءُ جا ڏينهن هئا، ڪو اوچتو طوفان آيو ۽
گرميءَ جو درجو هڪدم گهٽجي ويو. ان ڀڄ ڊُڪ
۽ پناهه وٺڻ جي ڪوشش ۾ هو ٽن کان پنج ميٽر
اونهي هڪ جهم ۾ ڪِري پيو ۽ مري ويو ۽ پوءِ
ترت ئي برف ۾ دٻجي ويو.
ڪجهه سائنسدانن جي خيال ۾ ڊگهي خراب مند دوران جنهن وقت هو هڪ
جهم ۾ هو، حالتن سان وڙهي وڙهي ٿڪجي پيو
هوندو، ان ڪري هو ليٽي پيو هوندو ۽ کيس
ننڊ کڻي وئي هوندي، جنهن ۾ هو مري ويو ۽
مٿس برف ڇانئجي وئي. ان کان پوءِ گليشئر
وڌيو ۽ هو ان ۾ دٻجي ويو. هي ماڻهو سڌيءَ
طرح گليشئر ۾ ڪونه ڦاٿو هو. جيڪڏهن ائين
هجي ها ته پوءِ هو هڪ هنڌ ۽ ثابت حالت ۾
نه ملي ها پر هو ته 53 صديون بنا ڪنهن
پريشانيءَ جي ۽ آرام سان هڪ هنڌ پيو رهيو
هو.
برفاني انسان جي ڪهاڻيءَ جا ته في الحال ڪي ابتدائي تفصيل ئي
معلوم ٿي سگهيا آهن، پر يورپ جي نيوليٿڪ
انسان بابت اڃا به حيرت جهڙو انڪشاف ڊي.
پي. اي. نيو ايجنسيءَ 22 مئي 1997ع تي
ڪيو. سان فرانسسڪو مان جاري ٿيل هڪ رپورٽ
۾ چيو ويو ته جرمن محققن،
Alsace
(فرانس) ۾ پٿري دؤر جي هڪ قبر مان
کوٽائيءَ دوران هڪ اهڙي کوپڙي لڌي آهي
جنهن ۾ دماغ جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو هو.
اها 7 هزار سال پراڻي قبر آهي. حيرت جو
پهلو اهو آهي ته کوپڙيءَ ۾ ٻه سوراخ ڪيا
ويا هئا. هڪ سوراخ 9 سينٽي ميٽر ۽ ٻيو ان
کان ننڍو هو. اڃا به دلچسپ ڳالهه اها آهي
ته اهو مريض صحتياب به ٿيو، ڇاڪاڻ ته اهي
زخم ڀرجي به ويا هئا ۽ اهو شخص ان آپريشن
سبب ڪونه مئو هو. تحقيق ڪندڙ ان ٽيم جي
ليڊر ڪرٽ الٽ ياد ڏياريو ته اڄ به ڪن
آفريڪي قبيلن ۾ دماغ ۾ ڌڪ، مٿي جي سور،
مٿي جي رسولي وغيره جي علاج لاءِ ساڳيو
طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي.