سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ما ڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 14

 

اوائلي آرٽ

 

يورپ جا اوائلي فنڪار

فطرت ۽ اڄ جي جديد انسان جي وچ ۾ ٽيڪنالاجي هڪ وڏي رنڊڪ بڻجي وئي آهي پر اوائلي انسان جو فطرت سان اجتماعي ۽ انفرادي تعلق بالڪل سڌو رهيو. بالڪل ايئن جيئن اڄ به اسان جي ڏورانهين ٻهراڙين جا ماڻهو رهن ٿا، جتي جديد دؤر جو ڪوبه پاڇو ڪونه پيو آهي. اگهاڙي فطرت ۾ سڀ کان اهم سوال جياپي جو هوندو آهي ۽ اهڙي حالت ۾ جياپي جي فقط اها صورت آهي ته فطرت جو وڌ ۾ وڌ مشاهدو ڪجي ۽ چئني ڏسائن ڏانهن نگاهه رکجي. آسمان ۾ ايندڙ تبديلي، رات ۽ ڏينهن جو چڪر، حالتن جي تبديليءَ جا اهڃاڻ ۽ ويجهي مستقبل ۾ ٿيندڙ ڪنهن به خطري جو اڳواٽ انڀو.

پيليوليٿڪ ماڻهوءَ به فطرت جو گهرو مطالعو ڪيو، پر ظاهر آهي ته اهو اڄوڪن سائنسدانن يا ذهين ترين انسانن جهڙو ڪونه هو. پر ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته هنن جو مشاهدو اڄ جي عام شهري انسان کان وڌيڪ بهتر هو. پيليوليٿڪ ماڻهو لاءِ فطرت جو اڀياس ان ڪري به ضروري هو ته جيئن هو فطرت جون مهربانيون وصول ڪري ۽ آفتن کان پاڻ کي بچائي سگهي.

اڄ جي انسان وانگر اوائلي ماڻهوءَ وٽ ڏسڻ، ٻڌڻ، سونگهڻ، ذائقي وٺڻ ۽ ڇهڻ جون ساڳيون حسون هيون ۽ ڇاڪاڻ ته هو فطرت سان سڌيءَ طرح ڳنڍيل هو. ان ڪري سندس حسون بهتر ڪم ڪنديون هيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو فطرت جي اڪثر واقعن کي سمجهڻ کان قاصر هو. هن انسان جي زندگيءَ ۾ اهي شيون وڌيڪ خوفائتيون هيون جن کي آفت چئجي، مثال طور ٻوڏ، ٻيلي ۾ باهه، کنوڻ جو ڪِرڻ. اهي نه رڳو موتمار پر ڏاڍا پراسرار واقعا هئا. انهن پراسرار واقعن کي هو نه ته سمجهي پئي سگهيا ۽ نه وري روڪي ٿي سگهيا. انهن اڻ ڏٺل قوتن کين خوب ڊيڄاريو ۽ نيٺ کين انهن پراسرار مظهرن جي پويان لڪل ڪنهن عظيم قوت کي تسليم ڪرڻو پيو، جنهن زندگي ۽ موت جو فيصلو ڪرڻ جي قوت رکي ٿي. اتان ئي عقيدن ۽ مذهبن جا بنياد پيا. ان ڪري اوائلي انسان جڏهن قدرت جي چٽسالي ڪئي تڏهن اها فطرت جي سادي نقالي ڪونه هئي، پر ان ۾ عقيدا ۽ وهم به شامل آهن.

چترڪاري بهرحال هڪ هنر ۽ ڏات آهي، جيڪا اڄ به هر انسان وٽ ڪونه آهي. پيليوليٿڪ دؤر ۾ به ڪو ڪو اهڙو ماڻهو هو جنهن وٽ اها ڏات هئي ته هو فطرت کي يا پنهنجي ذهن جي پڙدي تي لهندڙ صورت کي پٿر تي يا ڪنهن ٻئي ميڊيم ۾ لاهي سگهي. شايد اهو اتفاق ئي هو جو پيليوليٿڪ دؤر ۾ اهڙا ذهين هنرمند اسپين ۽ اولهه ڏکڻ فرانس ۾ پيدا ٿيا. هو پنهنجي وقت ۾ عظيم چترڪاري ڪري وقت جي وهڪري ۾ گم ٿي ويا. پر ڪيئي هزارن سالن کان پوءِ محض ڪجهه اتفاقن جي ڪري اهو آرٽ جديد دنيا تائين پهچي ويو.

شروع شروع ۾ ته ڪنهن اعتبار ئي نٿي ڪيو ته ههڙي شاندار چترڪاري پيليوليٿڪ انسان ڪئي هوندي. هنن لاءِ ته عام تاثر اهو ئي هو ته غارن ۾ رهندڙ اهي انسان وحشي ۽ فن کان بنهه ناواقف هئا. ان ڪري جڏهن ماهرن دعويٰ ڪئي ته هي پيليوليٿڪ آرٽ آهي ته ماڻهن کين بيوقوف ۽ ڍڳ قرار ڏنو ۽ هڪ ڊگهو بحث ڇڙي پيو. نيٺ 1902ع ۾ وڃي قبول ڪيو ويو ته واقعي اهي پيليوليٿڪ تصويرون آهن.

 

نيو ليٿڪ دور ۾ گهڙيل ”مينهر“ مورتي جيڪا موضوع جي لحاظ کان پيليوليٿڪ آرٽ جي موضوعن کان بنهه ابتڙ آهي.

 

التميرهه (اسپين) جي غار مان لڌل چار رنگي تصوير (آخري پيليوليٿڪ جي پڇاڙي)

 

جڏهن غارن ۾ ٿيل ان چترڪاريءَ کي پيليوليٿڪ تصويرن طور قبول ڪيو ويو تڏهن جلدبازيءَ ۾ اهو به چيو ويو ته اها دنيا ۾ سڀ کان اوائلي چترڪاري آهي. پر، اها راءِ ان ڪري به غلط هئي جو خود چترڪاريءَ جي به ارتقا ٿي آهي ۽ اها هٿ آيل خوبصورت چترڪاري به ايامن جي تجربي سان ان منزل تي پهتي هئي. اها لازمي ڳالهه آهي ته هي فن شروع ۾ ايترو ئي معمولي ۽ ناقص هوندو جو عام اک ان جو نوٽس ئي وٺي نٿي سگهي. اسان کي، خود يورپ ۾ ئي چترڪاريءَ جا گهٽ ۾ گهٽ ٻه اوائلي نمونا ڏسجن ٿا. هڪڙا ته خود اهي ئي آهن جن ۾ رنگ ڀريل آهن يا ٻيا محض خاڪا يا ليڪا آهن. هتي اهو مناسب ٿيندو جيڪڏهن اسان خاڪن کي وڌيڪ قديم آرٽ سمجهون. گهڻو ممڪن آهي ته ان کان به اوائلي تصويرون خود پيليوليٿڪ دؤر ۾ ئي ڊهي ويون هجن. مٽيءَ تي هٿ سان ٺاهيل تصويرون ته هڪ ڏينهن به باقي رهي نٿيون سگهن. پٿر تي تصوير اڪرڻ جو ڪم ته پوءِ ٿيو هوندو.

بهرحال، پيليوليٿڪ انسان سخت مٽيءَ ۾ جيڪي ساديون تصويرون اڪيريون انهن مان ڪجهه ضايع ٿيڻ کان بچي ويون آهن. يورپ ۾ التميرهه (Altamira) ۽ لاسڪواڪس (Lascaux) غارن ۾ موجود شاهڪار تصويرون ان منزل تائين ڪيئن پهتيون؟ ماهرن وٽ ڪو واضح جواب ڪونه آهي. چترڪارن جا اوائلي برش ۽ لاڳاپيل سامان بچيو ئي ڪونه آهي، جنهن جي بنياد تي ڪو نتيجو ڪڍجي. بهرحال، هن مهل تائين هٿ آيل سڀ کان قديم آرٽ پوئين پيليوليٿڪ دؤر سان تعلق رکي ٿو، يعني اهي آرٽسٽ لڳ ڀڳ اڄوڪن انسانن جهڙا ئي هئا.

هنن ڌرتي ۽ آڪاس تي موجود قدرت جي مظهرن کي چٽڻ شروع ڪيو، بس اها نقالي (جنهن کي اڄوڪي ادبي وصف جي حوالي سان ڏسڻ مناسب نه ٿيندو)، آرٽ جي ابتدا هئي. ضروري نه آهي ته پيليوليٿڪ ماڻهوءَ جو هر هٿ جو هنر آرٽ هجي. ڪنهن به هڏي، پٿر يا ڪاٺ تي ڪنهن قسم جي اُڪر ”آرٽ“ ٿي نه ٿي سگهي، پر ان ئي عمل ”تخليق“ ۽ چترڪاري ڏانهن پيش قدمي ڪئي. بهرحال، اسان نٿا چئي سگهون ته قديم آبادين مان لڌل ڪنهن ڪاٺي، هڏيءَ يا پٿر ۾ پيل لينگها يا نشان انسان هٿان شعوري طور ٿيل ڪم آهي يا اهو محض حادثاتي ۽ لاشعور طور ٿي ويو.

کوجنائن دوران اها ڳالهه به رڪارڊ تي اچي چڪي آهي ته ”اُڀو انسان“ (Homo erectus) گيڙو رنگ جا ڳوڙها رنگ لاءِ استعمال ڪندو هو. (گيڙو، اصل ۾ ڳاڙهي رنگ جي مٽيءَ جو قسم آهي، جنهن ۾ لوهه جو آڪسائيڊ يا ڪَٽ موجود هوندي آهي ۽ ان کي رڱڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.) گيڙو رنگ جي استعمال جو هيل تائين هٿ آيل سڀ کان اوائلي ثبوت آفريڪا جي اولدواءِ آبادي وٽان مليو آهي، جيڪا 15 لک سال قديم آهي. ممڪن آهي ته هنن ان رنگ سان پنهنجن جسمن تي به رنگين لينگها پاتا هجن يا پنهنجي استعمال جي شين کي رڱيو ۽ سينگاريو هجي. اهي سڀ رنگ سازي ۽ رنگريزيءَ کان ابتدائي قدم آهن.

ان ڏس ۾ هڪ نشان هٿ آيو آهي. جيڪو اتفاق سان وقتن جي ڏاڍاين کان بچي ويو آهي، ممڪن آهي ته هو ڪنهن وڏي ڪم جو محض ڪو ٽڪرو هجي جيڪو اسان لاءِ رهجي ويو. باقي، اُڪر جو ڪم موجود آهي پر ان ۾ مشڪل اها اهي ته انسان جي هٿ جي شعوري اُڪر سان گڏوگڏ ڪٿي اهڙا نشان به موجود هوندا، جيڪي انسان شعوري طرح ڪونه اُڪريا هئا. بلڪ ٻين ڪمن ڪارين دوران اتفاق سان فرش تي، پٿرن ۽ ديوارن تي ٺهي پيا. مثال طور، سائنسدان چون ٿا ته جڏهن انسان ڪنهن پٿري ڪات سان گوشت وڍيو هوندو ته ان جا نشان فرش تي ٺهي پيا هوندا يا جڏهن ڇرين سان کل لاٿي ٿي وئي، تڏهن اتفاق سان پٿرن تي ڪي ليڪا به پئجي ويا هوندا. ان ريت ”اتفاق“ ۽ ”شعوري“ نشانن کي جدا ڪرڻ هڪ ڏکيوڪم آهي. هن سلسلي ۾ چيڪو سلواڪيا ۾ بورونو ويجهو هڪ شيءِ تي ڪي ڇهه عدد نشان هڪ ٻئي جي ڀرسان پُور وڇوٽ آهن ۽ اهي ”اتفاقي“ نه آهن. اهي نشان هاٿي جي پُڇ واري هڪ هڏيءَ تي اڪريل آهن ۽ ساڍا ست لک سال اڳ هڪ انٽر گليشئل دؤر سان تعلق رکن ٿا.

ان کان ڪجهه لک سال پوءِ اوڀر جرمنيءَ ۾ Bitzingsleben ويجهو مٽيءَ جو هڪ تهه ٺهيو. ان تهه مان هاٿيءَ جون ڇليل هڏيون مليون، جن تي تمام گهڻا ليڪا کوٽيل هئا. انهن اوڪرن ۾ هڪ مخصوص فاصلو هو. انهن مان ڪنهن قسم جي سونهن جي اظهار جو شڪ ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن اهو واقعي ان قسم جو اظهار هو ته پوءِ اهو آرٽ هو.

گذريل برفاني دؤر ۾ هنگريءَ ۾ ”ٽاٽا“ لڳ هڪ ماڳ وٽان هاٿي ڏند جي تصوير ملي آهي. جنهن تي ڳاڙهو رنگ استعمال ٿيو آهي. چترڪاريءَ جي حوالي سان هي شايد سڀ کان قديم مثال آهي ۽ رنگ جو استعمال غالباً ڪنهن عقيدي هيٺ هو. هنن ڪچين ڦڪين ڪوششن کان پوءِ باشعور ماڻهوءَ جو زمانو اچي ٿو، جنهن برفاني دؤر جي پوئين اڌ ۾ غارن ۾ ۽ پٿرن تي عاليشان چترڪاري ڪئي. غارن جي چترڪاريءَ جي ”عظمت“ پنهنجي جاءِ تي پر انهن سوالن جا جواب اڃا اڌورا آهن ته آخر پيليوليٿڪ چترڪارن اهو فيصلو ڇو ڪيو ته هو اونداهين غارن ۾ چترڪاري ڪن ۽ پوءِ اهو سلسلو هنن ڇو ڇڏي ڏنو؟ يقينن، ڪنهن سماج جي اندروني جوڙجڪ کي سمجهڻ لاءِ اهي سوال اهم هوندا ته ڪوبه ڪم ڇو شروع ڪيو ويو ۽ ڇو ختم ڪيو ويو؟

چترڪاري ۽ اُڪر جي سلسلي ۾ موضوع جي چونڊ، اسٽائيل ۽ جاگرافيائي پابنديون بنيادي ڳالهيون آهن. جيڪڏهن پٿر ئي نامؤزون هوندو ته چترڪاري يا اُڪر جو ڪم ڇا تي ٿيندو؟ اها ڳالهه ڪو چترڪار يا سنگتراش بهتر طور سمجهي سگهي ٿو ته هر پٿر تي اُڪر ڪري نٿي سگهجي ۽ هر پٿر تي چترڪاري به ٿي نٿي سگهي. خود پٿر آرٽسٽ سان جيترو تعاون ڪندو آهي، ڪا تصوير يا اُڪر اوتري بهتر ۽ گهڻي عرصي تائين قائم رهڻ واري ٺهي سگهي ٿي.

اوائلي آرٽ ننڍڙين شين، اوزارن، اونداهين غارن جي ديوارن ۽ کليل ڇپن تي ملي ٿو. جنهن مان ظاهر آهي ته اُڪر ۽ چترڪاريءَ جا مقصد هڪ کان گهڻا هئا. پيليوليٿڪ ماڻهن هڏين جي اوزارن ۽ هٿيارن تي معمولي اُڪر سان ساديون اِنگڙ ونگڙ ليڪون ٿي ڪڍيون يا جانورن جون تصويرون ٿي ٺاهيون. ڪن سائنسدانن جو خيال آهي ته مختلف شين تي اُڪريل ليڪون ڳڻپ جو اوائلي طريقو ٿي سگهي ٿو. بهرحال، ان راءِ لاءِ ڪا ثابتي اڃا ڪونه ملي آهي.

هڪ راءِ اها به آهي ته شبيهه ٺاهڻ هڪ قسم جو ”جادو ٽوڻو“ ڪرڻ جو عمل آهي يا اهي شيطاني قوتن جي حملن ۽ خطري کان بچاءَ جا تعويذ به ٿي سگهن ٿا. سائنسدان چون ٿا ته ڪنهن هڏي يا پٿر جي ٽڪر تي ڪنهن رڍ، ٻڪري يا هاٿيءَ جي تصوير اُڪرڻ جي محنت ڪرڻ بي سبب ته نه هوندي، ان جو ضرور ڪونه ڪو ڪارج هوندو. پيليوليٿڪ ماڻهو اهو پورهيو محض ان لاءِ نه ڪيو هوندو ته هو پنهنجو گهر سينگاري يا وقت گذاري ڪري! چيڪو سلواڪيه ۾ ديراوا نالي هڪ غار مان لڌل هڪ سليٽ تي هڪ ٻڪريءَ سان گڏ هڪ سڌي ليڪ به اُڪريل آهي. اها ليڪ اصل ۾ هڪ نيزو آهي، جنهن سان جهنگلي ٻڪريءَ جو شڪار ڪرڻ مقصد هو. گهڻو ممڪن آهي ته هي پيليوليٿڪ انسان جو ”شڪار لاءِ جادو“ هجي. اهڙو جادو اڄ تائين سنڌ ۾ رائج آهي. اسان اڄ به جادو ٽوڻي جا عامل ڏسون ٿا جيڪي مٽي، ڪپڙي يا ڪنهن ٻي شيءِ مان بوتا، گڏا يا مورتيون ٺاهي انهن ۾ سُيون ٽنبين ٿا ۽ ذهن ۾ تصور ڪن ٿا ته اهي سُيون ڪنهن مخصوص ماڻهوءَ کي براڊ ڪري ڇڏينديون. اهڙا عمل رڳو سنڌ ۾ نه، سڄي دنيا ۾ ٿي رهيا آهن ۽ عام ماڻهو ان کي اڄ به سچو ۽ ڪارگر عمل سمجهن ٿا.

يورپي غارن ۾ موجود آرٽ ۾ هڪ کان وڌيڪ ٽيڪنڪون ۽ مهارت استعمال ٿيل آهن، جنهن مان ظاهر آهي ته اهي تصويرون مختلف ثقافتن جي نمائندگي ڪن ٿيون. انهن غارن ۾ دنيا جو بهترين پيليوليٿڪ آرٽ موجود آهي. هن مهل تائين چترڪاريءَ وارون 200 کن غارون مليون آهن ۽ هر سال اهڙين نين غارن جي دريافت جو سلسلو جاري آهي. انهن مان اڪثر غارون ڏکڻ اولهه يورپ ۾ آهن. اُرل (Ural) جابلو سلسلي ۾ ڪپووا (Kapova) غار غير معمولي طور الڳ آهي، پر سڀ کان مشهور غارن ۾ التميرهه، لاسڪائوڪس (Lascaux)، Rouffigna ۽ فورٽ دي گاما آهن، جن ۾ ديوارن تي سوين تصويرون چٽيل آهن. جڏهن ته ٻين غارن ۾
 


آخري پيليوليٿڪ دور جو آرٽ جنهن ۾ چٽسالي ۽ اُڪر ٿيل آهي.

 

ڪي هڪ اڌ تصويرون آهن. مثال طور ”لا گريز“ (La Greze) ۾ هڪ خوبصورت سانُ اُڪريل آهي، پر اهو سڄي غار ۾ اڪيلو آهي.

غارن ۾ تصويرون يا ته پينٽنگ ٿيل آهين يا وري پٿر جي ڇيڻيءَ جي مدد سان جانور اُڪريل آهن. انهن مان اڪثر لاسڪائوڪس ۾ آهن. چترڪاري لاءِ برش جانورن جي وارن مان يا Frayed Twigs مان ٺاهيا ٿي ويا ۽ هٿن جي آڱرين سان به ديوارن تي رنگ مَليو ٿي ويو. ان چترڪاري لاءِ قدرتي ذريعن مان مختلف رنگ هٿ ڪيا ٿي ويا يعني اڇو چُن، ڪارو Soot يا Manganese جو مرڪب ۽ گيڙو مٽيءَ جي ڳوڙهن مان ناسي، ڳاڙها ۽ پيلا رنگ، يورپ ۾ غارن اندر ٿيل چترڪاريءَ جو ٻيو حيرت جهڙو پهلو اهو آهي ته اهي غارن جي منهن کان گهڻو اندر ٺهيل آهن، ڪن غارن ۾ اهو فاصلو ڪلوميٽرن ۾ آهي، ايترو اندر رهڻ جو ڪو سبب نظر نٿو اچي. جتي ٻرندڙ مشعلن کانسواءِ وڃي به نه سگهجي! چن پٿر جون هي حيرت جهڙيون ۽ اونهيون غارون خود پيليوليٿڪ انسانن لاءِ به پُراسرار هونديون. بلوچستان ۾ اهڙي هڪ غار جيڪا يورپي غارن جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍڙي آهي، لاهوت واري آهي، جنهن جي پُراسراريت سبب اتي عجيب ڏند ڪٿائن جنم ورتو آهي.

قديم آثارن جي ماهرن جي راءِ آهي ته قديم انسانن يورپي غارن ۾ ايترين اونهائين کي فقط ڪن مخصوص رسمن لاءِ ئي استعمال ڪيو هوندو، جيڪي ”عام رواجي“ دنيا کان پري هيون، جتي سندن خيال ۾ فطرت جون ڪي طاقتور قوتون ئي رهي پيون سگهن! شايد اتي هنن ڪامياب شڪار لاءِ عبادت ٿي ڪئي يا رسمون ادا ٿي ڪيون يا زمين جي زرخيزيءَ ۽ رزق جي مستقل فراهميءَ لاءِ دعائون ٿي ڪيون.

ان ۾ بهرحال، ڪوبه شڪ نه آهي ته غارن ۾ موجود چترڪاري ارتقائي مرحلن مان لنگهي آهي. شروعاتي تصويرون ساديون آهن. Cabrercts ۽ Rouffignac غارن ۾ نوٽ ڪيو ويو ته نرم مٽيءَ تي ٺهيل تصويرن ۾ رنگ هٿ سان ٿڦيو يا مَليو ويو آهي. ڪجهه غارن ۾ ڪا خاص چترڪاري نه، بلڪه محض کوٽيل ليڪا مليا آهن. هڪ تمام قديم تصويري سلسلي ۾ هٿن جا نشان آهن. پر اهي هٿ سان چٽيل آهن. آرٽسٽ ديوار تي هٿ رکي ان جي مٿان رنگ ڇنڊيو يا ڪاٺ جي نلڪي ۾ ڳاڙهو يا ڪارو رنگ ڀري ڦوڪ سان هٿ جي مٿان رنگ پکيڙيو. اهڙيءَ طرح ديوار تي هٿ جي چوڌاري رنگ چنبڙي پيو ۽ هٿ واري جاءِ تي هٿ جي شبيهه رهجي وئي.

هٿن جا اهڙا نشان ٻين غارن مان پڻ لڌا ويا آهن، فرانسي Pyreness ۾ گارگس (Gargas) غار مان اهڙا 200 کان وڌيڪ نشان مليا آهن. محققن اهو به نوٽ ڪيو ته هٿن جي ڪافي نشانن ۾ ڪا آڱر يا ڪنهن آڱر جو حصو ڪونهي. شايد اها به ڪنهن قسم جي ريت رسم هجي! تمام وڏي تعداد ۾ هٿن جي نشانن جي موجودگي مان ظاهر آهي ته اها وقت گذاريءَ جي ڪا راند ڪونه هئي. ڇا هٿن جي انهن نشانن کي ڪنهن وهم، عقيدي يا ان نوعيت جي ڪا ٻي اهميت حاصل هئي؟ ان سوال جو جواب اڃا تائين هٿ نه آيو آهي.

لاسڪواڪس واري غار ۾ موجود چترڪاري ايتري بهتر ۽ گهڻي آهي جو ان کي پٿر جي زماني جي عاليشان آرٽ گئلري چوندي ٿورڙي به هٻڪ نٿي ٿئي. اها آرٽ گئلري 15 هزار سال پراڻي آهي. ان ۾ موجود تصويرون وڏيون آهن، پيچيديون ۽ ٻين هنڌن تان مليل چترڪاريءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مڪمل آهن. هن مهل تائين لڌل غارن ۾ مختلف ماپن جون ڪيئي هزار تصويرون مليون آهن، جيڪي ان ئي دؤر جون آهن. انهن ۾ ڪنهن ڪنهن وقت اڪيلا جانور ڏاڍا وڏا ڪري چٽيا ويا آهن. ڪٿي ڪٿي ته انهن جي ماپ 13 کان 16 فوٽ آهي. ان هوندي به تصويرون سهڻيون آهن. انهن ۾ ننڍڙا جانور به چٽيل آهن. اهڙي ئي هڪ ڇت التميرهه غار جي آهي، جيڪا ڍڳن سان چٽيل آهن. اها غار 1879ع ۾ لڌي وئي هئي، جيڪا پيليوليٿڪ دؤر جي ڄڻڪ ڪنهن مائيڪلو اينجلو Sistime Chapel گرجا وانگر سينگاري هئي.

پيليوليٿڪ دؤر جي چترڪاريءَ ۾ اهم اسم جانور آهن. ان جو سبب فقط اهو هو ته ان دؤر جي انسان جي بقا جو دارومدار ئي جانورن جي شڪار تي هو اڄوڪي اصطلاح ۾ اها چترڪاري ”ريئلسٽڪ“ آهي، جنهن ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو ته چترڪار سمورن جانورن جي بدني بناوت، چرپر، عادتن ۽ زاوين کان چڱيءَ طرح واقف هئا. تفصيلي معائني مان پتو پيو ته اوائلي فنڪارن لڳ ڀڳ پنجاهه قسم جي جانورن جون تصويرون ٺاهيون هيون، جن ۾ ميموٿ، گينڊا، شينهن، بگهڙ، رڇ، هرڻ، سها، سوئر، ڦاڙها، جهنگلي گهوڙا، جهنگلي سانُ، ڍڳا ۽ سندن ڌڻ خاص طور تي شامل آهن. سڀ کان ٿوري چترڪاري لڌڙين، پکين ۽ مڇيءَ جي آهي. ڪنهن به وڻ جي تصوير ڪشي نه ڪئي وئي آهي. انهن سڀني جانورن ۾ جهنگلي سانُ ۽ گهوڙا سڀ کان وڌيڪ ۽ گهڻو ڪري هر غار ۾ چٽيل آهن، ميموٿ ڪي قدر گهٽ آهي، ڪنهن ڪنهن جانور جي ته محض هڪ تصوير ملي آهي.

جانورن کان پوءِ ٻئي نمبر تي اهم اسم خود انسان پاڻ آهي، پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته جانورن جون ريئلسٽڪ ۽ خوبصورت تصويرون ٺاهيندڙ آرٽسٽن ڪنهن به ماڻهوءَ جي ريئلسٽڪ تصوير نه ٺاهي آهي.

 

 

التميرهه (اسپين جي غار ۾ چٽيل برفاني سانن جي هنن تصويرن مان پڌرو آهي ته تڏهوڪا فنڪار نه رڳو پنهنجي چوڌاري پکڙيل دنيا ۾ رهندڙ جانورن جي بدني بناوت کان تمام چڱيءَ طرح واقف هئا پر هو انهن جي چُرپر کي حقيقي رنگ ۾ چٽڻ جي به پوري پوري صلاحيت رکندا هئا.

انسانن جون شبيهون ايئن ٺاهيون ويون آهن ڄڻ ڪنهن ٻار بار لاٿو هجي. اهي تجريدي، غير واضح ۽ بي ڍنگيون شڪيلون آهن ۽ پينٽنگ نه، محض خاڪا آهن. خبر نه آهي ته انسان پنهنجي تصوير کي اهڙيءَ ريت ڇو نظرانداز ڪيو. بهرحال ديوارن تي ڪٿي ڪٿي اهڙيون تصويرون به مليون آهن، جيڪي اڌ انسان ۽ اڌ جانورن جون آهن. هڪ چتر جنهن کي Wizard of Trois Freres چيو وڃي ٿو، حيرت جهڙي آهي. اها تصوير هڪ غار جي ڪافي اندرين حصي ۾ هڪ اهڙي چئمبر جي در واري ونگ جي مٿان آهي، ڄڻ ان چئمبر جي رکوالي ڪندي هجي. لڳي ٿو ته اهو جادوگر (Wizard) غار ۾ گهڙندڙ ماڻهوءَ تي هڪ خاص اثر وجهڻ لاءِ اتي ٺاهيو ويو هو. اها تصوير مشعل جي ڦڙڪندڙ روشنيءَ ۾ ڄڻڪ سچ پچ چري پري ٿي. (اونداهين غارن ۾ چٽيل سڀ تصويرون ڦڙڪندڙ مشعل جي روشني تي ائين ئي پراسرار چرپر ڪنديون محسوس ٿين ٿيون.) هن خاص غار کي اڄڪلهه Sanctuary چون ٿا.

اها بنيادي طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي تصوير آهي، جنهن کي انساني ٻانهون ۽ ٽنگون آهن. سندس مٿو جانور جو، پڇ گهوڙي جهڙو ۽ مٿي تي ڦاڙي جهڙا سڱ اٿس. هن قسم جا جادوگر اڪثر هنڌن تي چٽيل مليا آهن. يقينن هي ڪنهن قسم جو ڪيموفلاج آهي، جنهن ۾ ”جادوئي“ راز به رکيل آهي. جانورن جي کلن ۾ ڍڪيل هي جادوگار ويڄ يا روحاني پيشوا هڪ لحاظ کان تجويز ڪري ٿو ته غارن ۾ ٿيل چترڪاري جو ڪارج به جادوئي طاقتن جي ذريعي فطرت سان هم آهنگي رکڻ آهي. جانورن جي کل اوڍي ڪيموفلاج ڪرڻ مان اهو به گمان ٿئي ٿو ته اها به شڪار جي هڪ عملي ٽيڪنيڪ هئي. سنڌ ۾ منڇر جا مهاڻا ڪجهه اهڙي ئي ٽيڪنيڪ سان آبي پکي جهليندا آهن.

 

 

پيليوليٿڪ آرٽ ۾ ”ريئلسٽڪ“ انساني شبيهه نه هئڻ برابر آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪي انساني شبيهون جانورن جا خول پاتل نظر اچن ٿيون جيئن فرانس جي هڪ غار Gabillou ۾ موجود هن اُڪر ۾ ڏسجي ٿو. هن تصوير جي معنيٰ واضح ناهي. ممڪن آهي ته اها ڪنهن رسم يا مافوق الفطرت ڪردار کي ظاهر ڪندي هجي.

 

 

پيليوليٿڪ آرٽ جو هڪ طلسمي ڪردار، هيءَ تصوير سانڀر جي شڪار کان اڳ ڪنهن خاص طلسمي رقص ۽ رسم جي نشاندهي ڪري ٿي.

 

 

فرانس ۽ اسپين جي غارن مان لڌل پيليوليٿڪ دور جون طلسمي رقص واريون تصويرون.

 

يورپي غارن ۾ چترڪاريءَ جو هڪ پهلو اهي عجيب غريب جاميٽرڪل نشان آهن، جن جي ڪابه معنيٰ نٿي نڪري. اهي بي شمار نشان ڳارهن نقطن جون قطارون، تيرن جهڙيون ليڪون، ٽڪنڊا، شطرنج جهڙيون چوڪڙيون وغيره آهن. انهن جي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪجهه به نٿو چئي سگهجي.

اوائلي پٿر دؤر جي شڪارين جو آرٽ آخري برفاني دؤر جي خاتمي سان گڏ ختم ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته ماحولياتي وايومنڊل بدلجڻ سان گڏ اوائلي يورپي لوڪن جي دنيا، رهڻي ڪرڻي ۽ ضرورتون بدلجي ويون. ان کان پوءِ شايد ئي ڪو ماڻهو ٻيهر انهن اونهين غارن ۾ گهڙيو هوندو. اهڙي طرح اهي غارون خالي ٿي ويون ۽ انهن ۾ نيون تصويرون ٺهڻ جو ڪم بند ٿي ويو.

پر، ان جو مطلب اهو نه آهي ته ميسوليٿڪ انسان چترڪاري ۽ فنڪاري ڇڏي ڏني. هنن يقينن نيون شيون ۽ شڪليون تخليق ڪيون هونديون، پر هاڻي هنن اهو ڪم پٿر جي ديوارن بدران اهڙين شين تي ڪيو جيڪي وقت سان ضايع ٿي ويون. هنن اهو ڪم چمڙي، کنڀن، ڪاٺي يا پنن تي ڪيو هوندو، جيڪي وقت سان ڳري ختم ٿي ويا. هنن پٿرن تي به چترڪاري ڪئي هئي، پر تمام ٿوري اوڀر اسپين جي ڪجهه جابلو گهاٽين ۾ هنن ڳاڙهي رنگ سان پنهنجي شڪاري دنيا جي چترڪاري ڪئي آهي، پر اهو آرٽ لاسڪواڪس جي شاهڪارن کان گهڻو مختلف آهي. ان دؤر ۾ شايد زرعي آباديون قائم ٿي چڪيون هيون ۽ ماڻهو اسپين جي زرخيز حصن ۾ آباد ٿي چڪا هئا. هنن ماڻهن پنهنجي آرٽ ۾ گهڻيون ئي سونهن ڀريون شيون شامل ڪيون آهن، پر هو پيليوليٿڪ غارن وارين شاهڪار تصويرن کان اڳ ڪڍي نه سگهيا.

 

بت تراشي

بت تراشيءَ جي تاريخ به ايتري ئي پراڻي آهي جيتري خود چترڪاريءَ جي ٿي سگهي ٿي ۽ ڪن محققن جي نظر ۾ ته بت تراشي اڃا به پراڻو فن آهي، ۽ ان ۾ به ارتقائي ڏاڪا صاف ڏسجن ٿا. قديم انسان بت تراشيءَ مهل به غالباً اوليت جانورن کي ڏني. ان کان پوءِ عورت جون شبيهون ٺهيون جن کي هاڻي اسان ديوي ماتا چئون ٿا ۽ يورپ ۾ ان لاءِ ”وينس“ جو اصلاح استعمال ٿئي ٿو. ”وينس“ يونان ۾ سونهن جي ديوي آهي، ان ئي نسبت سان هتي يورپ ۾ عورتن جون جيڪي اوائلي مورتيون لڀجن ٿيون، انهن کي ”وينس“ چيو وڃي ٿو.

يورپ ۾ ميموٿ جي شڪارين پوئين پيليوليٿڪ زماني دوران ٺاهيل مورتيون سونهن جي اظهار لاءِ ڪونه ٺاهيون هيون. اهي علامتي مورتيون هيون. ڀلي ته کڻي ڪنهن اوائلي آرٽسٽ جي ذهن ۾ عورت لاءِ سونهن جو ڪو معيار هجي، هي مورتيون گهڙڻ مهل هو پنهنجي محبوبه جا خدو خال ڪونه تراشي رهيو هو، پر هو ڪائنات جي ڪنهن راز کي وڌيڪ واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

پيليوليٿڪ ماڳن جي اڀياس مان ظاهر ٿيو آهي ته هو لوڪ نه رڳو چترڪاري ۽ اُڪر ڪري سگهندا هئا پر پٿر جي ديوارن ۽ هڏين تي اڀريل شڪليون به کوٽي ٺاهي سگهندا هئا. ٻين لفظن ۾ هي شڪاري لوڪ بت تراشي به ڪري سگهندا هئا.

بت تراشيءَ جي فن بابت ايڏي قدامت تي اسان کي حيرت نه ٿيڻ گهرجي. انسان سنگ تراشي جي عمل ۾ تڏهن کان مصروف آهي جڏهن کان هن پٿر گهڙي اوزار ٺاهڻ شروع ڪيا هئا. جيڪڏهن اسان شروعاتي اوزارن کي اڍنگي سنگ تراشي چئون تڏهن به اوائلي پيليوليٿڪ دؤر واري هٿ ڪهاڙي پٿر مان گهڙاوت جو هڪ اعليٰ مثال آهي، جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ماهر پٿر جي شروعاتي زماني واري تخليقي آرٽ ۽ سماجي آرٽ کي جدا جدا نٿا ڏسن. هو چون ٿا ته ان وقت تائين ڪنهن اوزار جي سونهن ۽ ان جو ڪارج هڪٻئي سان ڳنڍيل هئا. تاريخ کان آڳاٽي دؤر جو هنرمند بهرحال پٿر جا چٿڙ سوچي سمجهي ۽ مهارت سان لاهي رهيو هو. هن ڄاتو ٿي ته ڪنهن پٿر مان ڪهڙيءَ طرح چٿڙ لاهجن جو گهربل شڪل وارو اوزار گهرجي پوي. ٻين لفظن ۾ هو ان قابل هو ته پنهنجي ذهن ۾ موجود اوزار واري شڪل کي حقيقت ۾ تخليق ڪري سگهي. ان ڪري ان ۾ ڪهڙو تعجب جيڪڏهن هو ڪنهن پٿر مان پنهنجي سوچ موجب ڪا شبيهه به گهڙي وجهي!

پٿري دؤر تي ڪم ڪندڙ ماهر چون ٿا ته اڄ جي انسان وانگر اوائلي پيليوليٿڪ دؤر جي انسان به آسمان ۾ ڊوڙندر ڪڪرن ۾، ڪنهن وڻ جي بيهڪ ۾ يا ڪنهن رواجي پٿر ۾ ڪي اهڙيون شڪيلون ڏٺيون هونديون جيڪي فطرت جي ڪنهن ٻي شيءِ سان مشابهه هجن. اسان به ڪڪرن ۾ ڪڏهن ڪا انساني يا ڪنهن جانور جي شڪل ڏسون ٿا ۽ حيرت کائون ٿا. اوائلي انسان به ايئن حيران ٿيو هوندو. مائيڪل اينجلو به ته ساڳيءَ طرح ڪڪرن ۾ خدا جي صورت ڏٺي هئي.

هو چون ٿا ته گهڻو ممڪن آهي ته اوائلي انسان ڪي اهڙا پٿر ڏٺا هجن جن جي شڪل ڪنهن جانور يا انسان سان ملندڙ هجي ۽ پوءِ هو اهو پٿر پنهنجي ٿاڪ تي کڻي آيو هجي ۽ ان ۾ موجود اضافي حصا ڇلي ڪري اڇلايا هجن ۽ اها صورت واضح ڪئي هجي، جيڪا هن جي ذهن ۾ پيدا ٿي هئي. ان هوندي به اهو چوڻ مناسب نه آهي ته اوائلي پيليوليٿڪ انسان اڄ جي آرٽسٽ وانگر ان پٿر کي ڏٺو هوندو. ڪنهن به پٿر ۽ ٻي شيءِ ۾ هڪجهڙائي ڏسڻ مهل ڪجهه مختلف عنصر ڪم ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن روشنيءَ جو زاويو يا پاڇو پٿر جا ڪي خاص خدوخال ظاهر ڪندو آهي. ڪڏهن اهو زاويو اهم هوندو آهي، جتان پٿر تي نظر پوندي آهي. پر، سڀ کان اهم انسان جو پنهنجو ذهن آهي، جيڪو ٻن مختلف شين ۾ ڪانه ڪا هڪجهڙائي پرکي ٿو. سائنسدان ان اهليت کي ”تخيل“ سڏين ٿا.

چيڪو سلاويڪيه ۾ بيڪوف (Becov) ماڳ وٽ کوٽائيءَ دوران هڪ گول جهوپڙي لڌي وئي، جيڪا برفاني دؤر جي هڪ گرم وقفي ۾ ٺاهي وئي هئي. اهو وچون پيليوليٿڪ دؤر هو ۽ اها جهوپڙي هڪ جهيڪل ٽڪريءَ جي منهن هيٺ هئي. اتان هڪ اهڙي دلچسپي شيءِ لڌي وئي جيڪا پنهنجي نوعيت جي حساب سان سڀ کان قديم آهي. جيتوڻيڪ هيءَ جهوپڙي ٻين کان قديم هئي، پر اها ڪا غير معمولي ڪونه هئي. فرش تي وڏا پٿر قطار ۾ هئا ۽ وچ ۾ چلهه هئي. هتي پٿري اوزار به گهڙيا ويا هئا ۽ هڪ هنڌان ڪجهه پٿري ٽِڪيون (Tablets) به مليون جن تي گيڙو رنگ هو. اهي شايد جسم تي رنگ لاءِ استعمال ٿيون هونديون. رنگن جا ٻيا به ننڍڙا نشان فرش تي پيل هڪ سڌي پٿر جا ڀر ۾ هئا، جيڪي مٽيءَ ۾ دٻجي ويا هئا. انهن رنگن مان فقط ٻن بيضوي نشانن وارا چٽ صاف هئا. جيڪڏهن اهو پٿر ويهڻ جي دڪيءَ طور استعمال ڪبو ته ان تي ويٺل ماڻهوءَ جا پير لازمي طرح انهن بيضوي نشانن تي ايندا. اهي ڪنهن اهڙي انسان جي پيرن جا نشان آهن، جنهن تي اڍائي لک سال اڳ ڪم ڪيو هو.

هي شايد اهو ئي ماڻهو آهي جنهن وٽ ريتيلي پٿر جي هڪ اهڙي شيءِ هئي جيڪا هونئن ته فقط ٽي انچ ڊگهي آهي، پر اها انساني منڍي لڳي ٿي. جيتوڻيڪ اها شبيهه بنا شڪ شبهي جي قدرتي آهي پر ان کي انساني هٿ سان وڌيڪ بهتر ڪيو ويو هو. گهڻن ئي ماهرن هن پٿر جو معائنو ڪيو ۽ ان نتيجي تي پهتا ته ان پٿر کي مختلف پاسن کان ٿورو ٿورو ڇليو ويو هو ۽ جيتوڻيڪ هاڻي اها شبيهه انساني لڳي ٿي، پر تڏهن به اها ”مڪمل“ نه آهي. جيڪڏهن سندن خيال درست آهي ته پوءِ چئي سگهبو ته بيڪوف وٽان اسان کي (في الحال) سڀ کان قديم ترين مجسمو هٿ آيو آهي.

بيڪوف واري زماني کان گهڻو پوءِ واري دؤر جي غارن ۾ به ساڳي ڳالهه نوٽ ڪئي وئي آهي. انهن غارن جي بي ڊولين ديوارن ۾ نڪتل قدرتي ڪُٻ ۽ ڳوڙها پيليوليٿڪ ماڻهن جي ذهنن ۾ مشابهتن کي جنم ڏيندا رهيا، جن کي ساڳي طرح گهڙي ڪنهن جانور جي صورت به ڏني وئي ته جيئن اهو جانور واضح ٿئي. التميرهه واري غار ۾ ڪن هنڌن تي ديوارن جي اڀريل حصن کي رنگن سان اڃا وڌيڪ اڀاريو ويو آهي ته جيئن تصور اڃا به واضح ٿئي. شايد اهو ئي سلسلو هو جنهن جي شروعات سان انسان اڀريل تصويرون (Relief) ٺاهڻ جو هنر سکي ورتو.

ان کان اڳ ۾ جو هن موضوع تي وڌيڪ نظر وجهجي، اسان هڪ ڀيرو وري بلوچستان جي پٻ جبل ۾ لاهوت واري غار تي هڪ نظر وجهندا ٿا هلون، جيڪا جيتوڻيڪ پاڻ ڪڏهن به انساني مسڪن نه رهي آهي، پر ان جي ڀرپاسي جون ٻيون چن پٿري قدرتي غارون شڪ هيٺ آهن. لاهوت واري غار ۾ اندر پٿر جو هڪ قدرتي ڳوڙهو ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڪو اٺ گوڏا ڀڃي ۽ ڪنڌ مٿي ڪيو ويٺو آهي. ساڳي غار جي منهن وٽ هڪ ٻيو قدرتي پٿر ٽاڪرو ڇت مان گهڻي عرصي تائين چن ڳرڻ سبب ڪجهه اهڙيءَ طرح شڪل وٺي بيٺو آهي جو لڳي ٿو ڪو نانگ ڦڻ کنيو بيٺو آهي. چن پٿري غارن ۾ اهڙيون ئي عجيب غريب قدرتي شڪليون موجود هونديون آهن. اسان ڏسون ٿا ته انهن قدرتي شڪلين سبب لاهوت کي قديم زماني کان ان حد تائين تقدس واري ۽ ڏند ڪٿائي حيثيت حاصل آهي جو اڄ به انهن قدرتي شبيهن کي مقدس هستين سان منسوب ڪري عقيدت ۽ ڪرامتن سان جوڙيو وڃي ٿو.

ديوار تي اڀريل تصوير (Relief) اصل ۾ اُڪر ۽ مجسمي سازيءَ جي وچ واري منزل آهي. پيليوليٿڪ انسان چترڪاريءَ سان گڏ جانورن جا خاڪا به ڇيڻين سان ديوارن تي اُڪريا ۽ پوءِ ديوار جي ڳوڙهن ۽ ڪُٻن کي تخيل جي بنياد تي جانورن جي اڀريل شڪيلن جو روپ ڏنو، پر ماهر چون ٿا ته Relief جي شروعاتي فنڪارن گهٽ اڀار واريون شڪليون ٺاهيون ۽ اهي غارن ۾ اندر ٺاهڻ بدران غارن جي مُنهن تي يا ٻاهر ڇپن تي ٺاهيا. غارن ۾ اندر ٿيل چترڪاري يا اُڪر ۽ غارن کان ٻاهر ٺهيل اڀريل تصويرن ۾ هڪ ٻيو فرق به واضح آهي. اڀريل تصويرن ۾ موجود انساني شبيهون اڪثر ڪري عورتن جون آهن. اوائلي آرٽسٽن عورتن جي شبيهه ٺاهڻ وقت به جسماني خدو خال جي تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي! بس هڪ خاڪو اڀاريو ٿي ويو. ان ڪري ماهر تجويز ڪن ٿا ته عورتن جا اهي خاڪا به ڪن ريتن ۽ عقيدن جي هيٺ ٺاهيا ويا هئا.

 

لائوسيل (فرانس) مان هڪ پٿر تي اڀريل انساني شبيهه.

 

راڪ دي سيرس (فرانس) ۾ جانورن جون اڀريل شبيهون، پيليوليٿڪ دور ۾ ملندڙ هي اڀريل تصويرون (Reliefs) مجسمي سازيءَ جي ابتدا سمجهڻ گهرجن.

 

ڪوگل (اسپين) ۾ جابلو ديوارن تي ناچن جي پينٽنگ.

 

التميرهه غار جي ڇت تي چترڪاري

 

اوائلي چترڪارن جا ڪي اهم موضوع

فرانس جي لاسڪواسڪس غار ۾ جهنگلي گهوڙو

 

اسپين جي لاس چميناز غار ۾ ڦاڙهو

 

اسپين جي التميرهه غار ۾ جهنگلي سوئر

 

 

 

ويلان پونت دي آر غار ۾ گينڊي جي تصوير

 

ان سلسلي جي هڪ اڀريل تصوير ڏکڻ فرانس جي Dordogne علائقي ۾ ”وينس آف لاؤسل“ واري آهي، جنهن جي هٿ ۾ ڳئون جو سڱ آهي. ڇا پيليوليٿڪ دؤر جي پڇاڙيءَ جي شڪاري لوڪن وٽ سڱ جي علامت موجود هئي، جنهن کي عام طور تي زرخيزي ۽ زراعت سان جوڙيو ويندو آهي؟ ڇا تڏهن هن سڱ کي ڪا ٻي علامتي اهميت حاصل هئي؟ ڇا اها انسان جي نسلي افزائش سان ڳنڍيل ڪا علامت آهي؟ بهرحال، ساڳي ماڳ تي عورتن جون ٻيون شبيهون به آهن. ان ئي جاگرافيائي خطي ۾ ڪيپ بلانڪ ۽ لي راڪ ۾ پٿرن تي جهنگلي گهوڙا، جهنگلي سانُ ۽ جهنگلي ڍڳا به اُڪريل آهن.

Tucd’ Audoubert نالي هڪ غير معمولي غار جيڪا ڏکڻ فرانس ۾ لڌي وئي، مان اڀريل شبيهن جا دلچسپ نمونا لڌا ويا آهن. هي ٻه جهنگلي سان آهن، جيڪي زمين کان ٿورو مٿي گهڙيا ويا آهن. ٻنهي جي ماپ ٻه ٻه فٽ ٿيندي. انهن شبيهن جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهي واقعي بهتر گهڙيل آهن ۽ اهي اڄ کان 15 هزار سال اڳ گهڙيا ويا هئا. ساڳي غار ۾ جهنگلي سانن جون ٻيون به شبيهون گهڙيل مليون آهن، پر اصل ذڪر ڪيل شبيهن جو جواب نه آهي!

پيليوليٿڪ آرٽسٽ رڳو چترڪاري ۽ بت تراشي ئي ڪونه ڪندا رهيا آهن، پر سندن چترڪاريءَ مان ظاهر آهي ته هو ناچ به ڪندا هئا، گروهه ۽ ٽوليون رقص ڪنديون هيون. شايد ڪنهن وڏي ڪامياب شڪار وقت يا شڪار جي تياريءَ مهل يا بهتر مند جي استقبال لاءِ! آرڪيالاجسٽ اتي ئي نٿا بيهن. هو چون ٿا ته پيليوليٿڪ انسان هڏين مان بانسري به ٺاهي هئي ۽ هاٿيءَ جي ڪلهي وارين ويڪرين هڏين کي، ڦاڙي جي سڱن مان ٺاهيل ڏونڪن سان، نغارن وانگر به وڄايو هو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org