سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڪهاڻي؛ 22 23

صفحو :09

22- گدڙ ۽ واڳون*

ڪنهن جهنگ ۾ هڪڙو گدڙ رهندو هو، جيڪو هر روز جهنگ جي ڀرسان، هڪ تلاءَ مان پاڻي پيئندو هو. تلاءِ  هڪ واڳون به رهندو هو. گدڙ ۽ واڳونءَ جي پاڻ ۾ ياراڻي ٿي وئي. گدڙ تلاءَ تي ايندو هو ته واڳون مڇي کڻي ايندو هو ۽ گدڙ کي اچي کارائيندو هو، ۽ گدڙ وري طرحين طرحين جا مال آڻيندو هو، جيڪي واڳون پاڻ به کائيندو هو، ۽ پنهنجي زال کي به کارائيندو هو.

هڪڙي ڀيري، گدڙ کي ماکيءَ جو مانارو هٿ لڳو، سو انهيءَ مان ڪجهه پاڻ به کاڌائين ۽ باقي جيڪا بچي، اها واڳونءَ کي وڃي ڏنائين. واڳون ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ماکي کڻي تلاءَ ۾ اندر ويو، جتي ٻنهي نر ۽ ماديءَ گڏجي ويهي کاڌي. هنن اهڙي مٺي شيءَ ڪڏهن به ڪين کاڌي هئي، خيال ڪيائون ته: گدڙ هر روز اها شيءَ ضرور کائيندو هوندو. انهيءَ تي ماديءَ چيس ته: ٻيلي! مون کي ڪيئن به ڪري گدڙ جو هنيانءُ آڻي کاراءِ. واڳونءَ گهڻئي سمجهايس ته: هو منهنجو دوست آهي ۽ آءٌ هن کي ڪيئن ماريندس؟ پر مادي مڃي ئي نه. آخر واڳون هن کي دلاسو ڏيئي، گدڙ کي مارڻ جا پهه پچائڻ لڳو.

ٻئي ڏينهن، جڏهن ٻئي يار پاڻ ۾ گڏيا، تڏهن واڳونءَ گدڙ کي چيو ته: ادا! تون اسان جي ڏاڍي خدمت ٿو ڪرين، تنهنجي ڀاڄائي هر روز ٿي ڏوراپا ڏئي ته گدڙ اسان جي گهر اچي ئي ڪونه ٿو ته اسين به جيڪر سندس ڪا خدمت ڪريون. اڄ اسان تنهنجي مهماني ڪئي آهي، سو تون مهرباني ڪري اسان وٽ هل. گدڙ چيو ته: ادا! آءٌ ته اکين سان هلان، پر پاڻي آهي گهڻو، آءٌ ٻڏي ويندس، تنهنڪري توهين ڪابه تڪليف نه ڪريو. واڳونءَ جي من ۾ ته هئي ٻيائي، تنهن گدڙ تي زور رکيو ۽ چيائينس ته: تون منهنجي پٺيءَ تي چڙهي ويهه، ته آءٌ توکي پنهنجي گهر وٺي هلان.

 

واڳونءَ جي گهڻي زور تي گدڙ لاچار ٿي پيو، ۽ ٽپ ڏيئي سندس پٺيءَ تي چڙهي ويهي رهيو، جڏهن واڳون اونهي پاڻيءَ ڏانهن هليو، تڏهن گدڙ کي ڪجهه شڪ پيو، پڇيائينس ته: يار! هي ڪيڏانهن ٿو هلين، آءٌ ته ٻڏي مرندس! انهيءَ تي واڳونءَ جواب ڏنو ته: توکي مارڻ لاءِ ته وٺي آيو آهيان. اڄ تنهنجو مٺو هنيانءُ کائي موج ڪنداسين. گدڙ جو اهو ٻڌو، سو اچي ساهه جي لڳيس، پر يڪدم هوش سنڀالي واڳونءَ کي چيائين ته: يار! اها ڳالهه پهرين ته ڪرين ها... آءٌ پنهنجو هنيانءُ ته ٻاهر ڍنگرن تي رکي آيو آهيان. هاڻي هڪدم واپس هل ته هلي کڻي اچون. واڳون ويچارو يساهه وسوڙيل، تنهن کي اعتبار اچي ويو ۽ واپس ڪناري ڏانهن هلڻ لڳو. اڃان واڳون ڪناري وٽ مس پهتو، ته گدڙ ڇال ڏيئي اچي ڪناري تي بيٺو، ۽ واڳونءَ کي چوڻ لڳو ته: تو جهڙو بيوقوف دنيا ۾ ٻيو ڪو هوندو؟ ڪڏهن ڪنهن پنهنجو هنيانءَ به ٻاهر ڪڍي رکيو آهي؟ ائين چئي، گدڙ ڀڄي ويو ۽ واڳون شرمندو ٿي گهر ڏانهن موٽيو.

گدڙ جي وڃڻ کان پوءِ، واڳون هن جي مارڻ لاءِ وجهه پيو ڳوليندو هو. گدڙ کي به پڪ ٿي ويئي ته واڳون ضرور ماريندو، سو ان ڏينهن کان پوءِ ٻڪرين جي ڌڻ سان گڏجي پاڻي پيئڻ وڃڻ لڳو. واڳون به هن جو انتظار ڪندو رهيو. نيٺ هڪڙي ڏينهن، گدڙ کي ٻڪرين جي ڌڻ سان ايندو ڏسي، پاڻ گهيڙّ ۾ لڪي ويهي رهيو. جڏهن ٻڪرين جو ڌڻ اچي پاڻيءَ تي بيٺو، تڏهن گدڙ به انهن سان گڏ پاڻي پيڻ لڳو. واڳونءَ وجهه وٺي گدڙ کي ٽنگ ۾ کڻي چڪ وڌو. اتي گدڙ وٺي دانهون ڪيون ته: اڙي ٻڪرار! تنهنجي ٻڪريءَ جي ٽنگ ۾ واڳون چڪ وڌو آهي، وارو ڪر! واڳونءَ سمجهيو ته برابر ٻڪريءَ جي ٽنگ آهي، سو چڪ کڻي ڪڍيائين. واڳونءَ جو چڪ ڪڍڻ ۽ گدڙ جو ڀڄڻ، پري وڃي چيائين: هائو يار! جهليو ته سوگهو هئي، پر خدا کڻي جند ڇڏائي، ائين چئي ويندو رهيو.

هاڻي واڳون رات ڏينهن انهيءَ خيال ۾ رهڻ لڳو ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان گدڙ کي ضرور ماريان. ائين سوچيندي، هي ڳالهه ڌيان ۾ آيس ته گدڙ ضرور ٻئي ڪنهن تلاءَ تان پاڻي پئيندو هوندو، سو واٽ تي اچي دت هڻي، سمهي رهيو. هڪ ڏينهن، گدڙ  جڏهن پاڻي پيڻ پئي ويو، تڏهن پري کان ئي واڳونءَ تي نظر پيس، ۽ هڪدم بيهي رهيو. خيال ڪيائين ته هي جو واڳون ائين دت هنيو پيو آهي، سو ضرور ڪو مڪر ڪيو اٿس. تنهن ڪري اتان ئي وڏي واڪي چوڻ لڳو ته: الا! اڄ منهنجو هيءُ يار به گذاري ويو، چوندا آهن ته واڳون مرندو آهي ته ٽٽ ڏيندو آهي، هي ته ماٺ ڪيو پيو آهي، شايد ويچارو بيمار ٿو ڏسجي. ائين چئي، ٻيو پاسو وٺي هلڻ لڳو. واڳون شڪار کي ويندو ڏسي هڪدم ٽٽ ڏيڻ لڳو. انهيءَ تي گدڙ رڙ ڪري چيس ته: کلا ٿئي کوٻلا! ڪڏهن مئلن به ٽٽ ڏنا؟ ائين چئي، گدڙ هليو ويو. واڳون وري به ڏاڍو شرمندو ٿيو، ۽ ڀلڙو منهن ڪري گهر ڏانهن موٽيو. واڳونءَ جي زال، مڙس کي جو هن ڀيري به هٿين خالي ايندو ڏٺو، سو ڏاڍي جٺ ڪيائينس. ته مئا!  تو ۾ ڪا مڙسي ڪانهي، جيڪڏهن هاڻي تو گدڙ جو هنيانءُ نه آندو ته آءٌ پنهنجن مائٽن ڏانهن هلي وينديس. واڳون وري به آزيون نيازيون ڪري في الحال ته هن کي ماٺ ڪرائي، ۽ پاڻ گدڙ کي ڦاسائڻ جا ويچار ڪرڻ لڳو.

هڪڙي ڏينهن، واڳون تلاءَ مان ٻاهر نڪري ڪپر تي اچي ويٺو، ۽ اهي ئي خيال پئي ڪيائين ته اوچتو سندس نظر وڃي گدڙ جي پيرن جي نشانن تي پيئي. انهيءَ تي خيال آيس ته ڇو نه گدڙ کي سندس ڏر ۾ ئي ماري کڻي اچان. اهو خيال ڪري، گدڙ جو پيرو کڻي وڃي ڏر تي پهتو. گدڙ ان وقت هئوئي ڪونه،سو هي اندر لنگهي ويو ۽ ڇپ هڻي ويهي رهيو. ٿوري وقت کان پوءِ گدڙ آيو، ۽ ڏر وٽ واڳونءَ جي پيرن جا نشان ڏسي پڪ ٿيس واڳون ڏر ۾ لڪو ويٺو آهي، سو اٽڪل ڪري، پريان ئي بيهي ڏر کي سڏڻ لڳو ته: او ڏر، ٻڌين ٿي يا نه! اهڙيءَ طرح ڪيترائي سڏ ڪيائين پر ڏر وٽان ڪوبه جواب نه مليس. آخر ڏاڍيان چوڻ لڳو ته: ڏر، اڳي ته روز جواب ڏيندي هئين، اڄ جو سڏ نٿي ڏين، سو ضرور اندر ڪا آفت ويٺل آهي. ائين چئي، وري به ٻه ٽي سڏ ڪيائين. واڳونءَ خيال ڪيو ته: جي جواب نه ٿو ڏيان ته ظاهر ٿي پوندس ۽ گدڙ ڀڄي ويندو، تنهنڪري جواب ۾ چيائين ته: هائو گدڙ! هليو آءُ اندر. گدڙ جو اهو آواز ٻڌو، سو هڪل ڪري چيائينس ته: کلا ٿئي کوٻلا! ڪڏهن ڏرن به جواب ڏنا. ائين چئي، گدڙ وٺي ڀڳو ۽ اوناڙيون ڪرڻ لڳو. گدڙ جون اوناڙيون ٻڌي، ڳوٺ جا ڪتا به هڪ ٻئي پٺيان اچڻّ لڳا. ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز ٻڌي واڳون ڏر مان نڪتو ۽ تڪڙو تڪڙو ڌو وڃي تلاءَ ۾ ڪيائين. پوءِ گدڙ به ڪتن کان پاڻ بچائي، پنهنجيءَ ڏر ۾ اچي لڪي ويهي رهيو.

گدڙ کي هاڻي پڪ ٿي ته هي واڳون ڪونه ڇڏيندو. تنهنڪري ڪا اهڙي اٽڪل ڪريان، جيئن هن آفت مان جند ڇٽي پوي. نيٺ سوچيندي سوچيندي، هڪڙي اٽڪل سمجهه ۾ آيس. انهيءَ جهنگ ۾ هڪڙو شينهن به رهندو هو. گدڙ خيال ڪيو ته: ڇو نه واڳونءَ کي شينهن کان مارائي ڇڏيان. اهو سوچي، هي سڌو ويو تلاءَ تي، جتي واڳون اڳ ۾ ئي ڪپر تي ويٺو هو. گدڙ، واڳونءَ کي سلام ڪري پري وڃي بيٺو، ۽ چيائينس ته: ادا! واڳون، مون غريب جي پٺيان ڇو اچي باهه ٻاري اٿئي...توکي پنهنجي دوستيءَ جو به محابو نٿو پوي؟ واڳونءَ ڏٺو ته گدڙ مون کان ڊنو آهي، ۽ هاڻي اچي پيش پيو آهي، تنهنڪري ڇو نه هيٺانهين وٺي ڌڪ ڪڍانس. اهو سوچي، گدڙ کي چيائين ته: يار، مون کان برابر خطا ٿي ويئي، آءٌ ڏاڍو شرمندو ٿيو آهيان. ٻيلي، هاڻي جيڪي ٿيو ان کي وساري ڇڏ ۽ مونکي منهنجون مدايون معاف ڪر. اهڙيءَ طرح، هي ٻئي پراڻا يار پاڻ ۾ پرچي ويا، پر اندر ۾ ٻنهي جي ٻيون ڳالهيون هيون. گدڙ هميشه واڳونءَ کان ڪن هڻندو هو، ۽ دور گذاريندو هو.

ڪن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، هي وري پاڻ ۾ مليا. گدڙ چيس ته: يار، ڪهڙو حال آهي؟ منهنجي ڀاڄائي ته خوش آهي نه؟ واڳونءَ جواب ڏنس ته: حال مڙوئي ٺيڪ آهي، ۽ وقت چڱو پيو گذري. تنهنجي ڀاڄائي توکي ڌاڍو ٿي ساري، توکي سلام به گهڻا گهڻا چيا اٿس. گدڙ چيو ته: يار مهرباني، ڀاڄائي کي گدڙ جي گوشت کائڻ جو ڏاڍو شوق آهي، پر توکي خبر هجي ته ننڍي گدڙ جو گوشت، وڏي گدڙ جي گوشت کان وڌيڪ لذيذ ٿئي ٿو. ٻيلي، آءٌ ته آهيان وهيءَ چڙهيل، منهنجي گوشت مان ڪهڙو مزو ايندو. باقي هن جهنگ ۾هڪڙو ٻيو گدڙ ٻچن سميت رهي ٿو، سو جيڪڏهن سڀاڻي تون ۽ ڀاڄائي اچو، ته پوءِ هلي انهن جو شڪار ڪريون. واڳون اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. جڏهن واپس ويو ته اها ڳالهه وڃي ماديءَ سان ڪيائين. مادي گدڙ جي شڪار جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي، ۽ گڏجي هلڻ لاءِ تيار ٿي.

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير، واڳون تلاءَ مان نڪري، ڪپر تي ئي ويٺو ۽ گدڙ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ٿوريءَ دير کان پوءِ، گدڙ به اتي اچي نڪتو، ۽ هنن ٻنهي نر ۽ ماديءَ جي خوش مرحبا ڪرڻ کان پوءِ، کين چيائين ته: هاڻي آءٌ اڳيان هلان ٿو، ۽ اوهين منهنجي پٺيان اچو! اهڙيءَ طرح، ٽيئي گڏجي روانا ٿيا، ۽ اچي شينهن جي غار کي ويجهو پهتا. اتي گدڙ بيهي رهيو، ۽ واڳونءَ کي چيائين ته: يار، هينئر گدڙ ٻچن سميت ويو آهي کاڌي جي پٺيان، تنهنڪري في الحال تون ماديءَ سميت هلي هن غار ۾ ويهه، ته آءٌ هنن کي وٺي ٿو اچان. اهو جواب ٻڌي واڳون ماديءَ سميت گهڙي وڃي اندر غار ۾ ويٺو، ۽ گدڙ ٻاهر لڪي بيٺو ته ڏسان ته شينهن هنن سان ڪهڙي ٿو ويڌن ڪري!

ڪجهه وقت کان پوءِ، جڏهن شينهن پنهنجيءَ غار وٽ پهتو، ته ڏسي ته پٽ تي واڳن جي پيرن جا نشان لڳا پيا آهن. پهريائين ته هن کي عجب لڳو، پر پوءَ ڪاوڙ ۾ اکيون ڳاڙهيون ٿي ويس، ۽ سوچڻ لڳو، ته هنن کي ايتري همت ٿي، جو منهنجيءَ غار ۾ گهڙي، بالم ٿي اچي ويٺا آهن! واڳونءَ جو شينهن کي اندر ايندي ڏٺو، سو ساهه مـُٺ ۾ اچي ويس، ۽ اچي ڏڪڻ لڳو. واڳونءَ کي يقين ٿيو ته هيءَ سڄي لچائي گدڙ جي آهي، جو هن مصيبت ۾ اچي ڦاسايو اٿس. هاڻي ڪا شينهن کان معافي گهري جان ڇڏائجي، اڃان اهوئي خيال پئي ڪيائين، ته شينهن هڪ وڏي گجگوڙ ڪئي ۽ هڪڙي ئي چنبي سان ٻنهي زال مڙس کي ماري وڌائين. پوءِ انهن کي چيري ڦاڙي، سٺو سٺو گوشت پاڻ کاڌائين، ۽ باقي گوشت ڪڍي ٻاهر ڪيائين. گدڙ اهو سڄو حال، پريان لڪي ويٺي ڏٺو، سو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ شينهن جو بچايل گوشت کڻي پنهنجي ڏر تي آيو، ۽ مزي سان کائي چڙهه ڪيائين. ان کان پوءِ، بنا ڪنهن خوف جي، انهيءَ تلاءَ مان پاڻي پيو پيئندو هو.

 

vvv

vv

v
 

23-گدڙ ۽ ڪڪڙ*

هڪڙو هو گدڙ ۽ هڪڙو هو ڪڪڙ. ٻنهي جي پاڻ ۾ پڪي ياراني هئي. هڪڙي ڏينهن پاڻ ۾ صلاح ڪري گهمڻ لاءِ نڪتا. گهمندي گهمندي هڪڙيءَ ٻير جي وڻ وٽ اچي پهتا. ٻير به پڪن ٻيرن سان جهنجهي پئي هئي، سو هنن جو وات به پاڻي ٿيڻ لڳو. نيٺ گدڙ، ڪڪڙ کي چيو ته: يار، هاڻي تون مٿي چڙهي وڃي ڪي ٻير ڪيراءِ، ته پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي کائون. ڪڪڙ جڏهن مٿي چڙهي ويو، تڏهن ڇا ڪيائين جو پڪا ۽ مٺا ٻير مٿي ويهي پاڻ کائيندو ويو، ۽ باقي ڪچا ٻير گدڙ لاءِ هيٺ ڪيرائيندو ويو. اهو حال ڏسي. گدڙ کي ڏاڍا خار لڳا، پر ڪڪڙ هو مٿي وڻ تي، سو دل جو سور دل ۾ رکي، چيائينس ته: يار، هاڻي هيٺ لهي اچ، ته وري اڳتي هلون! ڪڪڙ جئين ئي ٽپ ڏيئي اُڏامي هيٺ ٿي لٿو، تيئن پـَٽ تي ڪرڻ کان اڳ ئي گدڙ جهٽ هڻي کائي ڇڏيس، ۽ پوءِ اُٿي اڳتي هلڻ لڳو.

ڪجهه پنڌ اڳتي هلڻ کان پوءِ، گدڙ کي هڪ ڇوڪري ڏسڻ ۾ آئي، جنهن ڇيڻا پئي چونڊيا، هي سڌو اُن وٽ آيو، ۽ چيائينس ته: ڇوڪري، اهي جيڪي ڇيڻا چونڊيا اٿيئي، سي مون کي ڏي! ڇوڪريءَ چيس ته: هل مئا ماريا، نه ته هڻي ڇيڻو، اتي جو اتي لنبي ٿي ڇڏيانءِ! اهو ٻڌي، گدڙ چيس ته:

ڪـَچي پڪي ٻير کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم،

ڪـڪـــڙ جــي کـنـڀــڙاٽـي کـاڌم، تــوکـي نه کــان؟

گدڙ ائين چئي، ان ويچاري ڇوڪريءَ کي به کائي ڇڏيو، ۽ پاڻ وري اُٿي اڳتي هلڻ لڳو.

هلندي هلندي، وري هڪڙو ريڍار ڏٺائين، جنهن رڍون پئي چاريون. گدڙ ويجهو اچي چيس ته: اڙي ريڍار، اڄ ته هڪڙي رڍ ڏي! تڏهن ريڍار چيس ته: ماٺ ڪري، ڀڄي وڃ هتان، نه ته هڻي ڌڪ پورو نه ڪري ڇڏيانءِ! تنهن تي گدڙ چيس ته:

ڪـَچــي پـڪـي ٻيــر کــاڌم، ڪـڪـــڙ پنهنـجـــو يــار کــاڌم،

ڪڪڙ جي کنڀڙاٽي کاڌم، ڇيڻن چونڊيندي ڇوڪري کاڌم،

      توکي نه کان؟

ائين چئي، ريڍار کي به رڍن سميت کائي، وري به اُٿي پنڌ پيو.

هلندي هلندي، هڪڙي ٻڪرار وٽ آيو، جنهن ٻڪريون پئي چاريون، ان کي چيائين ته: هڪڙي ٻڪري ته ڏي! ٻڪرار چيس ته: گدڙ جا ٻچا، ڇتو ته ڪونه ٿيو آهين؟ ڀڄي پاسو ڪر، نه ته هڻندوسانءِ لٺ ته آنڊا به نڪري پوندءِ! تڏهن گدڙ چيس ته:

ڪـَچــي پـڪـي ٻيــر کــاڌم، ڪـڪـــڙ پنهنـجـــو يــار کــاڌم،

ڪڪڙ جي کنڀڙاٽي کاڌم، ڇيڻن چونڊيندي ڇوڪري کاڌم،

رڍون چــــــــــاريــنــــــــــدي ريــــــڍار کــــــــــاڌم، تــــــــــوکـــي نـــــــه کــــــــــــان؟

ائين چئي، جهٽ ڏئي ٻڪرار کي به ٻڪرين سوڌوکائي ڇڏيائين.

وري ڪجهه پنڌ ڪري اڳتي پهتو، ته هڪڙي هنڌ هڪڙو ڳنوار گڏيس، جنهن ڳنئن کي پئي چاريو. گدڙ به هلي آيو اُن ڳنوار وٽ، ۽ چيائينس: يار، هڪڙو گابو ته ڏي! تڏهن هن چيس ته: اشراف جا ٻڄا، ڀڄي پاسو ڪر، نه ته جي هڪڙي ڪهاڙي لڳئي ته مغز به نڪري پوندءِ! اهو ٻڌي، گدڙ چيس ته:

 

ڪـَچــي پـڪـي ٻيــر کــاڌم، ڪـڪـــڙ پنهنـجـــو يــار کــاڌم،

ڪڪڙ جي کنڀڙاٽي کاڌم، ڇيڻن چونڊيندي ڇوڪري کاڌم،

رڍون چــــــــــاريــنــــــــــدي ريــــــڍار کــــــــــاڌم، تــــــــــوکـــي نـــــــه کــــــــــــان؟

 توکي نه کان؟

بس، پوءِ ته ان ڳنوار کي به ڳنئن سوڌو هڙپ ڪري، وري اُٿي اڳتي هلڻ لڳو.

واٽ تي، هڪڙي هنڌ، هڪڙو ميهار گڏيس. گدڙ اُن کان به نه ڊنو ۽ اچي چيائينس ته: يار ميهار، اڄ ته ڪو کير ڍُڪ پيار! تنهن تي ميهار چيس ته: وڃ، ڙي وڃ! کير جهڙو منهن اٿئي؟ ماٺ ڪري ڀڄ، نه ته اچئي ٿو ڏنڊو! تڏهن گدڙ چيس ته:

ڪـَچــي پـڪـي ٻيــر کــاڌم، ڪـڪـــڙ پنهنـجـــو يــار کــاڌم،

ڪڪڙ جي کنڀڙاٽي کاڌم، ڇيڻن چونڊيندي ڇوڪري کاڌم،

رڍون چــــــــــاريــنــــــــــدي ريــــــڍار کــــــــــاڌم، تــــــــــوکـــي نـــــــه کــــــــــــان؟

ڳـــــــــنــــــــئـــــن جــــو ڳــــــــنــــــــوار کـــــــــــاڌم، تــــــــــــوکـــــي نـــــه کــــــــــــــــان؟

ائين چئي، ميهار کي به کائي، وري اٿي اڳتي روانو ٿيو. ڪجهه پنڌ ڪيائين ته، هڪڙو اوٺار گڏيس، جنهن پنهنجون اُٺيون پئي چاريون. گدڙ هن کي به چيو ته: هڪڙو گؤنرو ڏينم! پر اوٺار به ڏنس سـُڪو جواب،ته: ماٺ ڪري جتان جو آهين، اوڏنهن هليو وڃ، نه ته گس به هٿ ڪونه ايندءِ! تڏهن گدڙ چيس ته: ميان اوٺار!

Text Box: 69

 

Text Box: 70

 

ڪـَچــي پـڪـي ٻيــر کــاڌم، ڪـڪـــڙ پنهنـجـــو يــار کــاڌم،

 

ڪڪڙ جي کنڀڙاٽي کاڌم، ڇيڻن چونڊيندي ڇوڪري کاڌم،

رڍون چــــــــــاريــنــــــــــدي ريــــــڍار کــــــــــاڌم، تــــــــــوکـــي نـــــــه کــــــــــــان؟
ڳــــــــــنـــــئـــــن جو ڳنـــــوار کـــــاڌم، ميــــنــــهــــن جو ميــــهار کــــاڌم،
توکي نه کان؟

ائين چئي، اوٺار کي به کائي ختم ڪري ڇڏيائين.

آخر هلندي هلندي، گدڙ اچي هڪڙي ڳوٺ ۾ پهتو. اُني هڪڙي جهوپڙيءَ ۾ ڏسي، ته هڪڙي پوڙهي مائي ويٺي رٻ رڌي. ان کي اچي چيائين ته: ڏاڏي ڏوسي، ٿوري رٻ ذري ته چکاءِ! تڏهن پوڙهيءَ چيس ته: ڀڄ، مئا ماريا، هڻئين ٿي ڏوئي ته ٻوٿ به ڀڄي پوندءِ!، اِهو ٻڌي، گدڙ چيس ته: ڏاڏي ڏوسي، ٻڌ!

ڪـَچــي پـڪـي ٻيــر کــاڌم، ڪـڪـــڙ پنهنـجـــو يــار کــاڌم،

ڪــــــڪڙ جي کنڀڙاٽي کاڌم، ڇيڻن چونڊيندي ڇوڪري کاڌم،

رڍون چــــــــــاريــنــــــــــدي ريــــــڍار کــــــــــاڌم، تــــــــــوکـــي نـــــــه کــــــــــــان؟
ڳــــــــــنـــــئـــــن جو ڳنـــــوار کـــــاڌم، ميــــنــــهــــن جو ميــــهار کــــاڌم،
اُٺــــــيــــــــن جـــــــــو اوٺـــــار کــــــــــــاڌم، تــــــــــــــوکـــي نــــــــــــه کــــــــــــــــــــــان؟

ايترو چئي، پوڙهيءَ کي به رٻ سوڌو کائي ويو. پوءِ ته گدڙ کي اچي اُڃ کنيو، سو رکيائين رخ درياءَ ڏي. درياءَ کي اچي چيائين: درياءَ لال، اڄ توکي به نه ڇڏيندس. تڏهن درياءَ چيس ته: يار ائين وري ڪيئن؟ تڏهن گدڙ چيس ته:

ڪـَچــي پـڪـي ٻيــر کــاڌم، ڪـڪـــڙ پنهنـجـــو يــار کــاڌم،

ڪــــــڪڙ جي کنڀڙاٽي کاڌم، ڇيڻن چونڊيندي ڇوڪري کاڌم،

رڍون چــــــــــاريــنــــــــــدي ريــــــڍار کــــــــــاڌم، تــــــــــوکـــي نـــــــه کــــــــــــان؟
ڳــــــــــنـــــئـــــن جو ڳنـــــوار کـــــاڌم، ميــــنــــهــــن جو ميــــهار کــــاڌم،
اُٺين جو اوٺار کاڌم،رٻ رڌيندي ڏوسي کاڌم، توکي نه کان؟

ائــــــيـــن چئـــي، دريـــاءَ ۾ منهن وڌئين ته ســـڄو دريـــاءَ پـــي ويو.

گدڙ جڏهن درياءَ تان واپس وريو، ته واٽ تي هڪڙي مائي ڏٺائين، جنهن کوهه تي، ڪپڙا پئي ڌوتا. هيءُ سڌو آيو انهيءَ مائيءَ وٽ ۽ چيائنس ته: مائي، منهنجي بدن تي ڪيترن ڏينهن جي گـَرُ چڙهيل آهي، اڄ ته ڪو صابڻ پاڻي هڻي، اٰها گـَرُ لاهينم! مائيءَ ويچاريءَ ته خوف ۾ ڪو جواب ڪونه ڏنو، پر گدڙ ماٺ ڪري اچي داٻڙي تي ليٽي پيو. مائيءَ کي به لڳو وجهه، سو ڏُڱري کڻي، ٻٽي زورائتيون ڦهڪائي ڪڍيائينس. گدڙ جي پيٽ ۾ اڳي ئي گهڻو گند بلا ڀريل هو، ۽ ويتر جو پاڻيءَ جو سڄو درياءَ پيتو هئائين، سو پيٽ دهل وانگر سيٽيو پيو هئس.پيٽ تي جڏهن ڏڱرين جي اچي وارو وار ٿي ته پيٽ ڦاٽي پيو ۽ گدڙ اتي ئي پورو ٿي ويو. پوءِ جيڪي به سندس پيٽ ۾ پيل هو، سو سڀ نڪري ٻاهر ٿيو، ۽ هر ڪو پنهنجو پنهنجو گس وٺي، گهر ڏي روانو ٿيو. 

vvv

vv

v


 

* هن آکاڻيءَ جون ڪل يارهن روايتون : جن مان ٻه وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهر زادي کان ۽ (تعلقي سڪرنڊ) مان محمد رحيم هڱورجي کان: پنج روايتون، اتر (تعلقي اٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان،( تعلقي ڏوڪري) مان غلام نبي کان، (تعلقي دادو) مان محب علي کان، (تعلقي وارهه) مان غلام رسول کان ۽ (تعلقي ڪڪڙ) مان علي نواز کان: ۽ چار روايتون، ٿر پارڪر (تعلقي مٺي) مان رائچند کان، (تعلقي عمر ڪوٽ) مان معمور ”يوسفاڻِي“ کان، (تعلقي ڇاڇري) مان الهبچايي ساند ۽ محمد مانجهيءَ کان مليون.

* هن آکاڻيءَ جون اٺ روايتون: ٻه وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد بچل ۽ (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهر زادي کان، ٽي روايتون اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي.(تعلقي سکر) مان اشفاق حسين شاهه موسوي ۽ (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان، ۽ باقي ٻه روايتون ٿر پارڪر (تعلقي عمر ڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي، (تعلقي مٺي) مان رائچند کان، ۽ هڪ ڪراچيءَ مان محمد هارون جويي کان مليون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org