سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڪهاڻي؛24 25 26 27

صفحو :10

24- گدڙ ۽ تتر*

هڪڙي گدڙ کي هڪڙي ڏينهن شڪار بنهه ڪونه لڳو. سڄو ڏينهن ڀڄ ڀڄان ڪيائين، سوکيس بک اچي ورايو. اوچتو ڏسي ته هڪڙو تتر لـَـوَن ۾ لڪو ويٺو آهي، سو لـَـوَن جي چوڌاري ڦـِـري تتر ڏي کڻي لوهه ڪيائين. تتر، گدڙ کي چيو ته: ادا گدڙ! مون کي کائي ڇا ڪندين...... مون کي ڇڏ ته توکي ۽ تنهنجي ٻچن کي پيو دعا ڪندس. گدڙ چيو ته: ادا! مان توکي ڪونه ڇڏيندس، بک به ڏاڍي لڳي اٿم، سو تو جهڙي سڻڀي مال کي ڪيئن ڇڏيان؟ اهو ٻڌي تتر چيس ته: جيڪڏهن توکي کارائي ڍؤ ڪرايان پوءِ ته مون کي ڇڏيندين؟ گدڙ چيس ته: هائو.

هلندا ويا ته رستي تان ٽي مايون، جن کي مکڻ جون چاڏيون مٿي تي هيون، اينديون ڏٺائون. تتر هنن ماين کي چوڌاري ڦرڻ لڳو. تنهن تي هنن ڇا ڪيو جو مکڻ جون چاڏيون مٿي تان لاهي هيٺ رکي، تتر کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيون. تتر ٽپڪيون ڏيندو ڏيندو ماين کي ٿورو پرڀرو وٺي ويو. جيئن مايون ڀرپرو ويون، تيئن گدڙ به اچي مکڻ کائڻ لڳو. جڏهن مکڻ کائي ڍؤ ڪيائين، تڏهن تتر وري پوئتي چاڏين ڏانهن موٽيو ته مايون به تتر جي پويان پيون. تتر جڏهن ڏٺو ته گدڙ کايو ڍؤ ڪيو ويٺو آهي، تڏهن گدڙ کي چيائين ته: ادا! هاڻي ته بس، مان ڇٽل ٿيس. تنهن تي گدڙ چيو ته: ادا! مون مکڻ کائي ڍؤ ڪيو آهي، پر هڪ ڀيرو مون کي کـِـلاءِ ته دل خوش ٿئي. تتر چيو ته: ادا! اڳتي هل.

هلندي هلندي ڏسن ته چار موالي پيا اچن. ٻه ٺوڙها ته ٻن کي وري هٿن ۾ ڏنڊا. تتر اُڏامي وڃي هڪڙي جي ٺوڙهه تي ويٺو. ٻئي موالي ڏٺو ته شڪار چڱو ويٺو آهي، سو ٺڪاءُ ڪرايائينس ڏنڊو، تتر ته اُڏامي ويو پر ڏنڊو وڃي مواليءَ جي ٺوڙهه ۾ لڳو. ڏنڊي لڳڻ شرط مواليءَ دانهن ڪئي ته: ادا! ماري وڌءِ. ڏنڊي واري مواليءَ چيو ته: ادا! مون ته تتر کي مارڻ لاءِ ڏنڊو هنيو. گدڙ، موالين جي اها حالت ڏسي اچي کل ۾ ڇٽڪيو ۽ کلي کلي کيرو ٿي پيو. جڏهن گدڙ سامت ۾ آيو ته تتر چيس ته: ادا! هاڻي ته آءٌ آزاد آهيان؟ تنهن تي گدڙ چيس ته: نه ادا! اڃا مون کي هڪ دفعو رُئاڙ. تنهن تي تتر چيو ته: چڱو، اڳتي هل.

هلندي هلندي ڪنهن ڳوٺ جي ٻاهران اچي پهتا. ڇا ڏسن ته انهيءَ ڳوٺ جا ٻار راند پيا ڪن. تتر ڇا ڪيو جو انهن ٻارن جي مٿان اُڏامڻ ۽ ڦيرا ڏيڻ لڳو. ٻارن جو تتر کي مٿان اُڏامندو ڏٺو، سو ”اِهو اِهو“ ڪري، وڏي آواز سان هـُـل ڪرڻ لڳا. انهيءَ هـُـل تي ڳوٺ جا ڪتا ٻاهر نڪري آيا. پريان گدڙ کي بيٺل ڏٺائون، سو اچي گدڙ جي پٺيان پيا. گدڙ ويچارو ڪتن کي ڏسي وٺي ڀڳو. ڪتا ڪجهه پنڌ تائين گدڙ جي پويان ويا ۽ پوءِ موٽي آيا. پر گدڙ ويچارو ڊپ جو ماريو، تنهن سمجهيو ته ڪتا اڃا منهنجي پٺيان ڪاهيندا پيا اچن، سو ان ڊپ ۾ جيترو تيز ڀڄي سگهيو، اوترو ڀڄي وڃي جهنگ ڀيڙو ٿيو.

 

vvv

vv

v
 

25- گدڙ ۽ جهرڪ*

ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙي وڻ تي، هڪڙي جهرڪي ۽ هڪڙو جهرڪ رهندا هئا، جن جي پاڻ ۾ تمام گهڻي پريت هوندي هئي. هي جڏهن به ڪيڏانهن گهمڻ يا چـُـڳڻ ويندا هئا، ته گڏجي ويندا هئا.  هڪڙي دفعي هي ٻئي جهرڪ جهرڪي، هڪڙي وٿاڻ ۾ پئي چـُـڳيا ته اوچتو هڪڙي ڍڳيءَ ڇيڻو لاٿو ته ويچاري جهرڪي اُن هيٺان ڍڪجي ويئي. جهرڪ جڏهن ڏٺو ته سندس ساٿياڻي ڇيڻي هيٺان اچي ويئي آهي، سو ويچارو تڪڙو تڪڙو چهنب ۽ چنبن سان ڇيڻو پري ڪرڻ لڳو. پر هيڏو سارو ڇيڻو، سو هيڏڙي جهرڪ کان يڪدم ڪٿي ٿو هٽي سگهي! آخر مال به پهري ويو، پر هي ويچارو ڇيڻو کوٽيندو رهيو.

ڇيڻو کوٽيندي کوٽيندي، جهرڪ کي ٻپهر ٿي ويا، پر نڪو ڇيڻو کـُٽي، نڪا جهرڪيءَ جي جان ڇـُٽي. ايتري ۾ هڪڙو گدڙ به نوس نوس ڪندو اچي ان وٿاڻ تي نڪتو. جهرڪ جو گدڙ کي ڏٺو، سو ڊپ ۾ اُڏامي وڃي مٿي وڻ تي ويهي رهيو، پر گدڙ جو ڇيڻي هيٺان جهرڪي ڦاٿل ڏٺي، سو يڪدم اچي کوٽي، اُن کي ٻاهر ڪڍيائين، پر جيئن ئي جهرڪيءَ کي کائڻ لاءِ وات ڦاڙيائين، ته هڪدم جهرڪ رڙ ڪري چيس ته: اڙي، گدڙ چريو، ڇيڻي ڀريل جهرڪي پيو کائي، ڌوئي به نٿو کائي! اهو ٻڌي، گدڙ جيڪو ڇيڻي سان ٿڦيل جهرڪي کائڻ کان اڳ ۾ ئي پئي هٻڪيو، سو ڏاڍو ڦڪو ٿيو ۽ جهرڪيءَ کي ڌوئڻ لاءِ، اُن کي وات ۾ وجهي درياءَ ڏي هلڻ لڳو.

گدڙ جڏهن درياءَ تي پهتو ته جهرڪ به پٺيانئس اُڏامندو، اچي ٿورو پر ڀرو ڊٻ تي ٿي ويٺو. جڏهن گدڙ، جهرڪيءَ کي پاڻيءَ مان ڌوئي ٻاهر ڪپ تي آندو ۽ کائڻ لاءِ وات پٽيائين ته جهرڪ کيس وري به چوڻ لڳو ته: اڙي، اڙي! آلي پيو کائي، سـُڪائي به نٿو کائي! اهو ٻڌي گدڙ کي ڪاوڙ ته ڏاڍي لڳي، پر دل ۾ سمجهيائين ته شايد جهرڪ ٺيڪ ٿو چوي، سو وري به جهرڪيءَ کي وات ۾ جهلي وٿاڻ ڏي هلڻ لڳو ۽ جهرڪ به اُڏامندو اُڏامندو پٺيان وچڻ لڳس.

وٿاڻ ۾ پهچي، گدڙ ڇاڪيو، جو مال جي مڇرن کان بچاءَ لاءِ ڪيل دونهيءَ واري کڏ ۾ کڻي جهرڪيءَ کي ڇڏيائين ته جيئن اُتي باهه جي سيڪ تي جلد سـُڪي وڃي. پر جيئن ته کڏ ۾ رڳي هئي ڦلهيار، ۽ وري جهرڪي به هئي پاڻي ۾ پـُسيل، سو سڄي ڪاري ڀڀوت ٿي پئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن گدڙ وري جهرڪيءَ کي کڏ مان ٻاهر ڪڍيو ۽ کائڻ لاءِ سنڀريو، ته جهرڪ وري به رڙ ڪئي ته: اڙي اڙي! گدڙ کاڻل پيو کائي، گدڙ کاڻل پيو کائي! اهو ٻڌي گدڙ هيڪاري تپي باهه ٿي ويو، سو ڇا ڪيائين جو جهرڪيءَ کي ڦيرائي ڦيرائي کڻي کڏ ۾ اڇلايائين. بس، پوءِ ته جهرڪيءَ جو کڏ ۾ ڪرڻ ۽ وري ڀڙڪو کائي اُڏامڻ يڪدم اُڏامي وڃي مٿي جهرڪ وٽ وڻ تي ويٺي. اهو حال ڏسي گدڙ ڦڪو ڦدولو ٿي، جهڙو هو تهڙو ماٺ ڪري هليو ويو. پوءِ جهرڪ ۽ جهرڪي خوش ٿي، اُڏامي اچي پنهنجي ماڳ پهتا. 

 

vvv

vv

v

 


 

 

26-گدڙ جي شاهدي*

هڪڙي شخص جون ڍڳيون، جهنگ ۾ چرڻ وينديون هيون، ان جهنگ ۾ گدڙ به رهندا هئا، جن مان هڪڙو گدڙ تمام حرفتي هوندو هو. اهو ڇا ڪندو هو، جو جيڪا ڍڳي جهنگ ۾ ويامندي هئي، تنهن جو ڦر کائي ڇڏيندو هو. ان شخص آخر ڳولا ڪري، وڃي انهيءَ گدڙ کي هٿ ڪيو ۽ اُن کي سزا ڏيڻ جو خيال ڪيائين، مگر گدڙ گهڻي آزي نيزاريءَ سان چيس ته: ٻيلي! هن دفعي مون کي معافي ڏي، باقي آئيندي اهڙو ڪم نه ڪندس، هن کان اڳ جيڪو تنهنجو نقصان ڪيو اٿم، ان لاءِ تون ڪنهن مشڪل وقت مون کي هڪل ڪج ته آءٌ تنهنجي مدد ڪندس. ان شخص پوءِ قياس ڪري گدڙ کي ڇڏي ڏنو.

ان شخص جي پاڙي ۾ هڪ ملان جو گهر به هوندو هو. هڪ ڏينهن ان شخص جي ڍڳي گهر ۾ ويائي، ۽ ٻئي ڏينهن اتفاق سان ڍڳيءَ جو ڦر، ملان جي گهر ۾ لنگهي ويو، ملان بي ايماني ڪري اهو ڦر سندس ڍڳي ّ۾ پٺيان اٽڪائي بيٺو زور ڏيئي کيس ٻاهر ڪڍڻ، انهيءَ وقت ڳوٺ جا ڪي ماڻهو ڪنهن ڪم سان ملان وٽ آيل هئا، تن به ڏٺو ته ملان جو ڍڳو ڦر ڏيئي رهيو آهي. هو شخص به ڦر جي ڳولا ڪندو اچي ملان جي گهر وٽان لنگهيو. ان وقت بک سبب ڦر به دانهون پئي ڪيون، جي ان شخص ٻڌيون ۽ ملان جي گهر ۾ گهڙ ي ويو. اتي ڦر کي ٻڌل ڏسي، ملان کان ان جي گهر ڪيائين. ملان کيس جواب ڏيئي چيو ته: چريو ٿيو آهين ڇا؟ ڪالهه منهنجو ڍڳو ويائيو آهي، ۽ هيءَ ڦر ڏنو اٿس. توکي جي

اعتبار نه آهي ته فلاڻن فلاڻن شاهدن کان پڇي ڏس، جي بر وقت موجود هئا. تنهنجو به ڪو شاهد هجي ته کڻي وٺي اچ. هو شخص وائڙو ٿي ويو. آخر گدڙ واري ڳالهه ياد آيس، چيائين ته اڄ کيس آزمائجي. سو آيو گدڙ وٽ ۽ کيس ساري ڳالهه ٻڌائي، شاهديءَ ڏيڻ لاءِ چيائين. گدڙ کيس دلداري ڏني ۽ شاهديءَ ڏيڻ جو وعدو ڪيو.

اهو فيصلو ٻئي ڏينهن انهيءَ ملڪ جي بادشاهه وٽ ويو، تنهن ٻنهي ڌرين کي شاهدن آڻڻ لاءِ چيو. هي شخص وري به جهنگ ۾ ويو ۽ گدڙ کي ڳولي هٿ ڪري چيائين ته: يار! سڀاڻي بادشاهه سلامت جي درٻار ۾ شاهديءَ لاءِ حاضر ٿج.

صبح جو بادشاهه جي درٻار ۾ ملان شاهدن سوڌو ۽ اهو شخص اچي حاضر ٿيا، مگر گدڙ اڃان نه آيو هو. انهيءَ تي بادشاهه ان شخص کي چيو ته: تنهنجو شايد اڃا تائين نه آيو آهي، وقت پيو خراب ٿئي، ايندو يا نه؟ هن شخص اڃان جواب ئي نه ڏنو هو ته گدڙ، سهڪندو سهڪندو اچي حاضر ٿيو ۽ پاسو وٺي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ويهي رهيو. بادشاهه، ملان ۽ ان جي شاهدن کان حقيقت پڇي. شاهدن جيڪي اکين سان ڏٺو هو،سو بيان ڪري بادشاهه کي ٻڌايو. گدڙ، جو هڪ پاسي ڪنڊ ۾ ويٺو هو، سو ڄاڻي واڻي جهوٽا کائڻ  ۽ ننڊ ۾ آهلڻ لڳو. بادشاهه هن جو اهو سارو تماشو پئي ڏٺو، تنهن چيس ته: اڙي گدڙ! هڪڙو ته دير سان آئين، ٻيو وري پيو جهوٽا کائين، ڇو، رات ننڊ ڪانه ڪئي هيئي ڇا؟ بادشاهه جو آواز ٻڌي، گدڙ هڪڙو وڏو ڇرڪ ڀريو ۽ هٿ ٻڌي چيائين ته: قبلا! ڪهڙي ڳالهه ٻڌايانو، رات اوچتو اچي درياءَ کي باهه لڳي، جا اسان سڀني گدڙن گڏجي صبح تائين پئي وسائي. اتي اوچتي ياد گيري پئجي ويئي ته اڄ سائين جن وٽ شاهديءَ لاءِ حاضر ٿيڻو آهي، پوءِ ته مـُٺيون ڀيڙي وٺي ڀڳس، جنهنڪري ڪجهه مڙيئي دير ٿي ويئي ۽ وري ساري رات جو هئو اوجاڳو، سو جهوٽو به اچي ويو. اها ڳالهه ٻڌي، بادشاهه چيس ته: کلا ڪوڙا! درياءَ کي به ڪڏهن باهه لڳي آهي؟ انهيءَ تي گدڙ وراڻيو ته: سائين منهنجا! جي درياءَ کي ڪڏهن باهه نه لڳي آهي، ته وري ڪڏهن ڍڳن کي به ڦر ڄاوا آهن؟ اتي بادشاهه اک پٽي ۽ ملان جي چالاڪيءَ جي خبر پيس. پوءِ ته ڦر ان شخص کي ڏياري، ملان ۽ سندس شاهدن کي درٻار مان تڙائي ڪڍيائين.

 

vvv

vv

v
 

27-گدڙ ۽ پوٺو*

هڪڙي ڏينهن، هڪڙو گدڙ گس ڏيو پئي آيو ته هڪ شاهي پوٺو ڏٺائين. دل ۾ خيال ڪيائين ته پوٺو ته ڀڄڻ جهڙو آهي. گهڙي ساعت به ڪانه گذري ته ڪي شڪاري، ڪتن جي لوڌ وٺي اچي اتي نڪتا. شڪارين، گدڙ کي ڏسي ڪتن جا ڳراهه کولي ڇڏيا. بس، پوءِ ته اڳيان هو گدڙ، ۽ پويان ڪتا. گدڙ به کڻي سرميدان ڏنو، نه پوٺو کـُـٽي، ۽ نه گدڙ جي جند ڇٽي. جڏهن ٻن ٽن ڪوهن ۾ سڄو پوٺو ڊوڙي پورو ڪيائين ته هڪڙو لوڙهو سامهون ڏسڻ ۾ آيس. چـُـپ ڪري ان ۾ اندر گهڙي ويو. ڪتا گدڙ وڃائي بيهي رهيا. گدڙ جڏهن پاڻ کي محفوظ ڏٺو، تڏهن دانهن ڪري چيائين ته: ”خدا به هٿ لائڻ وٽان ئي ڪينهي.“

 

vvv

vv

v


 

* هيءَ ڪهاڻي اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان علي انور کان ملي.

* هن آکاڻيءَ جون ٻه روايتون، ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي ۽ وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمدطاهرزادي کان مليون.

* هن آکاڻيءَ جون ٻه روايتون، لاڙ (تعلقي گوني) مان شاهه محمد شاهه ۽ ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان الهه بچائي ساند کان مليون..

* هيءَ آکاڻي وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org