سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڪهاڻي؛43 44 45

صفحو :16

43- ڪانءُ ۽ لالي*

هڪڙي ڪانءُ ۽ لالي جو پاڻ ۾ ڀائپيءَ جو رستو ٿي ويو ۽ ٻئي ڄڻا گڏ رهندا ڪندا هئا . هڪ ڏينهن ڳالهين ڪندي ڪندي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته روز اسان کي آن  داڻي لاءِ هلاک ٿيڻو پوي ٿو، ڇو نه ڪو پنهنجو ٽيڪڙ ڪريون. ڪانءُ چيو ته : اهو ته تمام سٺو ڪم آهي ، ڇو ته پرائي پڪڙ پڇاڙ کان بچي پئبو .  اها صلاح بيهاري ، ٻنهي ڄڻن ٻج لاءِ ڪجهه داڻا هٿ ڪري، پوءِ هر ڪاهڻ  شروع ڪيو . لالي هر ڪاهيندي رهي ۽ ڪانءُ وري پنهنجي چهنب سان زمين کيڙڻ لڳو . هڪ ڏينهن قدرت اهڙي ٿي جو زمين کيڙيندي، ڪانءُ دانهن

ڪئي ته: گهوڙا گهوڙا، منهنجي چهنب ڀڄي پئي! لاليءَ پڇيس ته: پوءِ هاڻي ڇا ٿيندو. ڪانءَ وراڻي ڏنيس ته: ادي! گهٻراءِ نه، تون پوک راهه ته مان لوهار کان چهنب وجهائي ٿو اچان. ڪانءُ اتان جو نڪتو، سو سڌو هڪ ڳوٺ ۾ اچي سهڙيو ۽ هڪ لوهار جي دڪان تي پنهنجو ديرو ڄمائي ڪان ڪان پيو ڪندو هو.

لالي جڏهن ڏٺو ته ڪانءُکي گهڻا ڏينهن گذري ويا آهن، سو هڪ ڏينهن اچي اُن ڳوٺ ۾ ڪانءُ وٽ پهتي ۽ چيائينس ته: ادا ڙي ڪانوَ! مون هـُـرلو چاڙهيو آهي، هاڻي ته هل. ڪانءُ جواب ڏنس ته:

ٺاشا ڪندي، مـــــــــاشا ڪندي

ٽـِـڪ ٽـِـڪ لالي، چهنب گهڙالي

آيــس لالـــــــي، آيــــــــس لالـــــــي.

لالي ويچاري موٽي آئي ۽ اچي ريج ڪرڻ لڳي. ريج ڪري وري به ڪانءَ وٽ ويئي ۽ چيائينس ته: ادا ڙي ڪانءُ! مون ريج به ڪيو، هاڻي ته هل. ڪانءُ وري به جواب ڏنس ته:

ٺـــاشا ڪندي، مــاشــــا ڪندي

ٽـِـڪ ٽــِـڪ لالي، چهنب گهڙالي

آيــس لالـــــــي، آيــــــــس لالـــــــي.

اهو ٻڌي لالي وري موٽي آئي ۽ اچي پوک ڪرڻ لڳي. نيٺ پوک پچي تيار ٿي ته لالي وري ڪانءُ وٽ آئي، ۽ چيائينس ته: ادا ڙي ڪانءُ! پوک به پڪي، هاڻي ته هل. ڪانءُ اهو ٻڌي جواب ڏنس ته:

ٺاشا ڪندي، مــــــاشـــا ڪندي

ٽـِـڪ ٽـِـڪ لالي، چهنب گهڙالي

آيــس لالـــــــي، آيــــــــس لالـــــــي.

لالي ويچاري وري موٽي آئي ۽ لابارو لاهي، ڪانگ وٽ آئي، ۽ چيائينس ته: ادا ڙي ڪانءُ! مون لابارو به ڪيو، هاڻي ته هل. ڪانءُ جواب ڏنس ته:

ٺاشــا ڪندي، مــاشــــا ڪندي

ٽـِـڪ ٽـِـڪ لالي، چهنب گهڙالي

آيــس لالـــــــي، آيــــــــس لالـــــــي.

اهو ٻڌي، لالي وري موٽي آئي، ۽ ڳاهه ڳاهي، ڪانءُ وٽ آئي، ۽ چيائينس ته: ادا ڙي ڪانءُ! مون هلر به ڳاهي، هاڻي ته هل. ڪانءُ جواب ڏنس ته:

ٺاشا ڪندي، مـــــــاشـــا ڪندي

ٽـِـڪ ٽـِـڪ لالي، چهنب گـهڙالي

آيــس لالـــــــي، آيــــــــس لالـــــــي.

لالي ويچاري وري موٽي آئي، ۽ اَن وائري تيار ڪري، وري ڪانءُ وٽ آئي، ۽ چيائينس ته: ادا ڙي ڪانءُ! مون اَن به وائريو، هاڻي ته هل. ڪانءُ جواب ڏنو ته: هائو ادي! منهنجي به چهنب تيار ٿي ويئي آهي، هاڻي هل ته هلون. پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي آيا ٻنيءَ تي ۽ ڪانءُ نڪا ڪئي هم، نڪا ڪئي تم، سڀ اَن جيڪو پيل هو، سو کڻي آيو پنهنجي گهر ۽ لاليءَ کي هڪ ڪڻو به نه ڏنائين. لالي ويچاري جڏهن ڪانءُ جو اهو حال ڏٺو، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس، پر هاڻي ڇا ڪري. نيٺ ويهي زمين کوٽڻ لڳي- کوٽيندي کوٽيندي هڪ داڻو هٿ آيس، سو کڻي آئي پنهنجي گهر ۽ ان کي پيهي، هڪ لولو تيار ڪيائين. پر ڪانءُ کي جو لولي جي بانس آئي، سو لامارو ڏيئي اهو لولو به کڻي رمندو رهيو.

لالي ويچاري مجبور ٿي، بادشاهه وٽ دانهين ويئي، جنهن دانهن ٻڌڻ شرط، يڪدم ڪانءُ کي گهرايو ۽ چيائينس ته: اڙي! هي ڪهڙو انڌير مچايو اٿئي؟ ڪانءُ به سياڻو، سڄي ڳالهه سمجهي ويو. سو ڇا ڪيائين جو هڪ لپ داڻن جي کڻي وڃي شهزادي کي سوکڙي طور ڏنائين. بادشاهه اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ لاليءَ کي چيائين ته: مائي لالي! ڪانءُ ويچارو ته ڏاڍو مرادوند ٿو ڏسجي، تنهنڪري هن کي ٺڳ سمجهڻ گناهه آهي. لالي ويچاري ڇا ڪري، مجبور ٿي بادشاهه جي بي انصافي تي روئندي پٽيندي پنهنجي گهر هلي ويئي، ۽ ڪانءُ پنهنجي ڪـُـپت ۽ ٺڳيءَ تي خوش ٿي ٽان ٽان ڪندو اُڏامي ويو.

 

 

vvv

vv

v

 


 

 

44- ڪانءُ ۽ ڪٻر*

هڪڙو هو ڪانءُ ۽ ٻي هئي ڪٻر، ٻئي ڄڻا گهمندي گهمندي هڪڙي باغ ۾ آيا، جتي ڪانءُ پڪي ٻير ڏسي، اتي ٻير کائڻ لاءِ ويٺو ۽ ڪٻر ڪچي ٻير تي ويهي ٻير کائڻ لڳي. ٻير کائيندي کائيندي، ڪانءُ  جي  چـُـهنب ڀڄي پيئي، تڏهن ڪٻر کي چيائين ته: ادي! تون منهنجي ٻيرجي سنڀال ڪر، ته مان سوناري کان چهنب گهڙائي ٿو اچان. ائين چئي ڪانءُ ويو چهنب گهڙائڻ، ۽ اُتان ڪٻر کي چوائي موڪليائين ته:

چهنب گهڙائيندو آيس لالي

ڄــــــــاڻ آيس، آيس لالــــي.

ڪٻر چوي ته:

هـــــا ڙي ادا، هــــــا ڙي ادا.

ڪانءُ چهنب ٺهرائي، اڃان پهتو ڪونه، ته ڪٻر سندس پڪل ٻير کائي، اچي هڪڙي مائيءَ جي جنڊ ۾ لڪي ويهي رهي. ڪانءُ چهنب گهڙائي آيو، ۽ پنهنجي ٻير کاڌل ڏسي، ڪٻر کي ڳولڻ لڳو. هڪ گهر ۾ اچي مائيءَ کي چوڻ لڳو ته:

ادي جنڊ واري، تو ڪا ڪٻر ڏٺي؟

مائيءَ جواب ڏنس ته:

نه ڙي ادا! اسان ڪٻر ڪانه ڏٺي.

آخر پڇا ڪندو ڪندو، اچي انهيءَ گهر ۾ پهتو، جتي ڪٻر لڪل هئي. مائيءَ کان پڇيائين ته:

ادي جنڊ واري، تو ڪا ڪٻر ڏٺي؟

مائيءَ جواب ڏنس ته:

ها ڙي ادا! جنڊ ويٺي مون ڏٺي.

ڪانءُ ڏنو جو جنڊ کي لوڏو، ته ڪٻر نڪري آئي، ۽ ڀڙڪو کائي ڀڳي ٿي، ته ڪانءُ جهلي ورتس. پوءِ ته ڪٻر کي ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجهي اٿي هليو. هلندو اچي ته واٽ تي ميهار گڏيس. ميهار کي ڏسي ڪٻر چوڻ لڳي ته:

ڀاءُ، ٻـَـڌڙي وڃـــــان، سائي ڌاڳي مينا

چار پٽم، پنجڙي ڌيئم

پپر هيٺ ڳالهائين، ٻچا چون چون ڪن

تـــــــــــن جــــــــــــــي پــــــــــارت اٿــــئـــي!

اهو ٻڌي ميهار کي رحم پئجي ويو ۽ ڪانءُ کي چيائين ته: آءٌ توکي مينهن ٿو ڏيان، تون ڪٻر کي ڇڏ. ڪانءُ چيو: هن منهنجي سڄي پڪل ٻير کاڌي آهي، سو ڪٿي ٿو ڇڏيانس. ائين چئي، کنيو ويس. اڃان ٿورو اڳتي هليا ته هڪڙو ٻڪرار گڏين، جنهن کي ڏسي ڪٻر چيو ته:

ڀاءُ، ٻـَـڌڙي وڃـــــان، سائي ڌاڳي مينا

چار پٽم، پنجڙي ڌيئم

پپر هيٺ ڳالهائين، ٻچا چون چون ڪن

تـــــــــــن جــــــــــــــي پــــــــــارت اٿــــئـــي!

اهو ٻڌي ٻڪرار کي ڪٻر تي ڏاڍي ڪهل آئي ۽ ڪانءُ کي چيائين ته: اڙي ڪانءُ! ڪٻر ڇڏ ته ٻڪري ڏيانءِ. پر ڪانءُ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. اڃان اڳتي هليا ته ڪٻر کي ڳنوار ڏسجڻ ۾ آيو، جنهن کي چيائين ته:

ڀاءُ، ٻـَـڌڙي وڃـــــان، سائي ڌاڳي مينا

چار پٽم، پنجڙي ڌيئم

پپر هيٺ ڳالهائين، ٻچا چون چون ڪن

تـــــــــــن جــــــــــــــي پــــــــــارت اٿــــئـــي!

اتي ڳنوار کي به ڪٻر تي قياس آيو ۽ ڪانءُ کي چيائين ته: يار ڪانءُ! توکي ڳئون ڏيان، پر ڪٻر کي ڇڏ. ڪانءُ تنهن تي چيو ته: هن منهنجي پڪل ٻير کاڌي آهي، سو آءٌ ڪيئن ڇڏيان؟ ڪانءُ به ڪٻر کي کنيو هلندو وڃي ته هڪڙو اوٺار گڏين، تنهن کي ڪٻر ليلائي چيو ته:

ڀاءُ، ٻـَـڌڙي وڃـــــان، سائي ڌاڳي مينا

چار پٽم، پنجڙي ڌيئم

پپر هيٺ ڳالهائين، ٻچا چون چون ڪن

تـــــــــــن جــــــــــــــي پــــــــــارت اٿــــئـــي!

ڪٻر جو نماڻو آواز ٻڌي، اوٺار کي رحم پئجي ويو، سو ڪانءُ کي چيائين ته: ڪانءُ! توکي اُٺ ڏيان، پر تون ڪٻر کي ڇڏ. پر ڪانءُ چيو ته: هن منهنجي پڪي ٻير کاڌي آهي، سو آءٌ ڪونه ڇڏيندس.

ڪانءُ ڪٻر کي کنيو هلندو وڃي ته واٽ تي هڪڙو گنجو گڏين. گنجي کي ڏسي، ڪٻر چوڻ لڳي ته:

ڀاءُ، ٻـَـڌڙي وڃـــــان، سائي ڌاڳي مينا

چار پٽم، پنجڙي ڌيئم

پپر هيٺ ڳالهائين، ٻچا چون چون ڪن

تـــــــــــن جــــــــــــــي پــــــــــارت اٿــــئـــي!

گنجي به ڪانءُ کي گهڻو ئي چيو ته: ڪٻر کي ڇڏ، پر ڪانءُ نه ڇڏيو سو نه ڇڏيو. جڏهن گنجي ڏٺو ته ڪانءُ نٿو مڙي، تڏهن لاهي پادر بيهي رهيو، چي: ڪٻر ڇڏين ٿو يا ڪريئين پورو. ڊپ ۾ ڪانءُ ڪٻر کي کڻي ڇڏيو ته هوءَ ڀڙڪو کائي اُڏامي ويئي، باقي ڪانءُ جهڙو هو تهڙو ڪنڌ هيٺ ڪري موچڙن جي ڊپ کان اُڏامي ويو.

 

 

vvv

vv

v

 

 

 


 

 

45- ڪانءُ ۽ ڪٻر*

هڪڙي ڏينهن ڪانءُ ۽ ڪٻر ڪنهن وڻ تي اچي ويٺا. ڪانءُ ڪٻرکي ڏسي چيو ته: سؤٽِ ڪٻر مون سان شادي ڪر ته پاڻ ٻئي گڏ چـُـڳون. ڪٻر چيو ته: هل ماريا ڊولا بڊولا، ڪٻر تو جهڙو ڪندي مڙس! ڪانءُ چيو ته: جي مون جهڙو مڙس ڪرين ته:

اڇي ٻانهين ٻانهن ۾، ڳاڙهو ڳچيءَ طوق
مکڻ جي مهد ۾، مـَــرُ ته پسئي لوڪ.

ڪٻر چيو ته:

مان ٽانڊي ڏيانءِ طــوق کي، تون ٻانهين کڻي ٻار
مان راڻي پــور جي ڪٻــر، مــون کي رازق ڏيندو اپـار.

ڪانءُ چيو ته:

تون راڻي پور جي ڪٻر، ته مان هان ديراپور جو ڪانءُ
تــــنهنــــــجو مــنهنـــــجو پــــــــاڻ ۾ ٺهي ٿـــو وِهــــــانءُ.

ڪٻر چيو ته:

ڪانءُ ڪـَـڄاتي، لڳئي پاڪي، تنهنجون ڪهڙيون ڌمان،

ڪڙمين جون جي مانيون اچن، تن حـــّا ڪورِين ڪـَـنا.

ڪانءُ چيو ته:

سنهون اٽو سرمي جهڙو چکڻ خاطر چهنب ڀريم.

ڪٻر چيو ته:

چاليهه ڪينگر اڳرا جيڪر ويـساهين،
سوٽيءَ سان ساهه وڃئي پــوءِ ڄنگــهـــون پــيـو ساهيـن.

انهيءَ تي ڪانءُ کي ڏاڍي چڙ لڳي ۽ چوڻ لڳو ته:

لڳندئي لـُـڪ، کـُـسندئي کنڀ، ڳـِـٽا ٿيندءِ ڳاڙها،
پـــوءِ وڻـــن ۾ پئي ڪجانءِ، مـــاريــــا مــاريـا مــــاريـا.

ائين چئي پوءِ ڪانءُ اُڏامي هليو ويو.

 

vvv

vv

v


 

* هن آکاڻيءَ جون چار روايتون، اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان، (تعلقي ميرپورماٿيلي) مان مهرالله کوسي کان، (تعلقي ڪڪڙ) مان علي انور کان ۽ وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان مليون.

*  هن آکاڻيءَ جون ٽي روايتون، لاڙ (تعلقي بدين) مان شيخ محمد سومار کان، اُتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي ۽ وچولي (تعلقي سنجهوري) مان الهڏتي بلوچ کان مليون.

* هيءَ آکاڻي اُتر (تعلقي سکر) مان اشفاق حسين شاهه موسوي کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org