سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڪهاڻي؛ 61 62 63

صفحو :21

61- چالاڪ ڪئو*

هڪڙي هنڌ هڪڙو ڪئو رهندو هو، جو پاڻ کي تمام هوشيار ۽ چالاڪ سمجهندو هو، جهڙي تهڙي ماڻهو کي وٺ ئي ڪونه ڏيندو هو. هڪڙي ڏينهن اچي بک ورايس، سو ڇا ڪيائين جو ويهي هڪڙي دڙي کي کوٽڻ لڳو. دڙو کوٽيندي کيس هڪڙي بـُـنڊي هٿ آئي، سا کڻي هڪڙي بٺاري وٽ ويو ۽ چيائين ته: ادا! هيءَ بنڊي وٺ مون کي هڪڙي ماني کاراءِ. بٺاري ڏٺو ته ويچارو ڪئو آهي بکايل، سو هـُـن کان بنڊي وٺي کيس هڪڙي ماني ڏنائين. ڪئو ته هو چالاڪ، تنهن ڇا ڪيو جو ماني کائي، ٿوريءَ دير کان پوءِ وٺي رڙيون ڪرڻ لڳو، چي مون سڄي ڏينهن جي محنت کان پوءِ اها بنڊي هٿ ڪئي هئي، سا مون کي ورائي ڏي، بٺاري ته بنڊي ساڙي ڇڏي هئي، تنهن ڪئي کي گهڻئي سمجهايو، پر هو چئي ته: مون کي پنهنجي بنڊي ورائي ڏي، نه ته هل قاضيءَ وٽ. بٺاري جڏهن ڏٺو ته ڪئو مڃي ئي نٿو، تڏهن هن سان گڏجي، قاضيءَ ڏانهن روانو ٿيو.

قاضيءَ وٽ پهتا ته ڪئي، قاضيءَ کي چيو ته: قاضي ڙي قاضي! منهنجي شرع ڪر. قاضيءَ چيس ته: ميان ڪئا، تنهنجي شرع ضرور ڪندس، ٻڌاءِ! تڏهن ڪئي چيس ته:

کڏ کوٽيندي بـُـنڊي لڌم، بنڊي وري بٺاري ڏنم،

بــــــــٺـــــارو  مــــــــــــون کــــــــي ديــــڳـــڙو ڏيــنـــــدو يـــــــا نه؟

 قاضيءَ چيو ته: بلاشڪ ڏيندو. تڏهن ويچاري بٺاري قاضيءَ جي چوڻ تي ديڳڙو کڻي ڪئي کي ڏنو. ڪئو به ديڳڙو کڻي، خوشيءَ مان ٽپا ڏيندو اڳتي روانو ٿيو.

ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ڪئي کي هڪڙو هاري گڏيو. ڪئي چيس ته: ادا! هي ديڳڙو وٺ، مون کي اُن جي بدران فقط پٽاٽن جو ٻوڙ کاراءِ. هاري ويچاري کي ته ڪـُـئي جي چالاڪين جي خبر ڪانه هئي، سو مفت ۾ ديڳڙو ملندو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ڪئي کي ديڳڙي جي بدران ڏاڍا اُڦراٽا ۽ پٽاٽن جو ٻوڙ کارائي ڍؤ ڪرايائين، پر ڪئي ڇا ڪيو، جو ماني کائڻ کان پوءِ يڪدم وٺي دانهون ڪرڻ لڳو. چي: هي ديڳڙو منهنجي وڏن جو آهي، مون کي واپس ڏي، نه ته آءٌ وڃي ٿو قاضيءَ کي دانهن  ڏيان. تڏهن هاري چيس ته: چريو ته ڪونه ٿيو آهين؟ ديڳڙو ڏيئي هيترو سارو ٻوڙ کاڌئي، هاڻي وري ديڳڙو ڇا جو؟ پر هيءَ هڪڙيءَ تي ۽ ڪئو ٻيءَ تي چي: ديڳڙو جهٽ ڪري ڏي، نه ته هل قاضيءَ وٽ. هاريءَ ڏٺو ته ائين هن مان جند ڇٽڻ مشڪل آهي، سو نيٺ ٻئي گڏجي آيا قاضيءَ وٽ. ڪئي يڪدم اُٿي قاضيءَ کي چيو ته: قاضيءَ ڙي قاضي! منهنجو انصاف ڪر. قاضيءَ پڇيس ته: وري ڇا ٿيو؟ تڏهن ڪئي چيس ته:

کڏ کوٽيندي بـُـنـڊي لـڌم، بــنـڊي وري بٺــاري ڏنم،

بٺاري مـون کي ديڳڙو ڏنو، ديڳڙو مون هاريءَ ڏنو،

هـــاري   مــــون  کـي   ڏانــــد   ڏيــنــدو   يــــــا  نه   ڏيــــنـــدو؟

قاضيءَ چيو ته: بيشڪ ڏيندو. لاچار هاري، قاضيءَ جي چوڻ تي ڏاند ڪاهي ڪئي کي ڏنو.

ڪئو ڏاند ڪاهي، اڃان ٿورو پنڌ پري ويو ته کيس هڪڙي ڄڃ ڏسڻ ۾ آئي. هي ڏاند سميت سڌو آيو گهوٽ وٽ ۽ چيائينس ته: گهوٽ راجا! هي ڏاند وٺ، مون کي ڪو کير پيار، جو اُڃ ٿو مران. گهوٽ به ڏٺو ته مفت ۾ ٿو ڏاند ملي، سو خوش ٿي ڪئي کي کير جو وٽو ڀري پياريائين ۽ ڍڳو وٺي پاڻ وٽ بيهاريائين. ڪئي اتي به ڇا ڪيو جو کير پي ڍؤ ڪري پوءِ روئڻ لڳو ۽ گهوٽ کي چيائين ته: تو مون جيتامڙي سان ظلم ڪيو آهي ۽ مون کان زوريءَ کير جي ڍُڪ تي ڏاند ڦريو آهي، هاڻي مون کي پنهنجو ڏاند واپس ڏي، نه ته آءٌ وڃي ٿو شهر جي قاضيءَ کي دانهن ڏيان. تڏهن گهوٽ چيس ته: ڪئا! اهي چالاڪيون ٻين سان ڪيو هوندئي! پاڻهي پنهنجي رضا خوشيءَ سان ڏاند ڏنئي، ۽ هاڻي وري کير پي، چوين ٿو ته ڏاند موٽائي ڏي! پر ڪئو مڃي ئي نه چي: ڏاند نٿو ڏين ته هل قاضيءَ وٽ. نيٺ ٻئي گڏجي قاضيءَ وٽ آيا. ڪئي وري به اچڻ سان چيو ته: قاضي ڙي قاضي! منهنجو داد ٿيندو يا نه؟ قاضي چيس ته: بيشڪ ٿيندو. تڏهن ڪئي چيو:

کڏ کوٽيندي بـُـنـڊي لـڌم، بــنـڊي وري بٺــاري ڏنم،

بٺاري مـون کي ديڳڙو ڏنو، ديڳڙو مون هاريءَ ڏنو،

هاريءَ مون کي ڏاند ڏنو، ڏاند مون گهوٽ کي ڏنـو،

گــــهـــوٽ   مــون  کي   ڪنـوار  ڏيندو  يــــــا نه ڏيــنـــدو؟

تڏهن قاضيءَ چيس ته: بلاشڪ ڏيندو. پوءِ گهوٽ کي چيائين ته: يڪدم پنهنجي ڪنوار ڪئي کي ڏي! گهوٽ ويچاري سان ٿيو ته ظلم، پر قاضي جو حڪم ڪير نه مڃي! لاچار هن ڪنوار ڪئي کي ڏني. ڪئو به ڪنوار وٺي روانو ٿيو.

جڏهن ڪئو ۽ ڪنوار ڳچ پنڌ ڪري ويا، تڏهن ڪنوار، جنهن کي ڪئي تي ڏاڍا خار هئا، تنهن ڇا ڪيو جو هڪڙي هنڌ وجهه وٺي، ڪئي کي ٺڪا جو پادر ڪرايائين ته هـُـن جا آنڊا به وڃي ٻاهر پيا. پوءِ ته هوءَ موٽي اچي پنهنجي گهوٽ سان گڏجي، ۽ سڀئي خوش ٿي ڄڃ وٺي پنهنجي ڳوٺ روانا ٿي ويا.

 

vvv

vv

v
 

62- جونءَ ۽ ڪئلي*

هڪڙي هئي جـُـون ۽ ٻي هئي ڪـِـئلي. ٻئي هيون پاڻ ۾ سهيليون. هڪڙي ڏينهن هلندي هلندي جونءَ، جوئر جو داڻو لڌو ۽ ڪئلي لڌو ڪڻڪ جو داڻو. ڇا ڪيائون جو جوئر جو داڻو وڪڻي ڳڙ ورتائون ۽ ڪڻڪ جو داڻو ڏري کڻي ڀت چاڙهيائون. ڪئلي ويٺي رڌڻ، رڌيندي به ويئي ۽ چکيندي به ويئي. جونءَ چيس ته: ادي، مون کي به چکڻ لاءِ ڏي. ڪئلي هڪ دفعو ڏنس ته ٻيهر گهريائين، ٻيهر مليس ته ٽئين دفعي گهريائين. اتي ڪئلي چيس ته: هن دفعي ڏيانءِ ٿي، جي وري گهريئي ته ڏوئي ڀري منهن ۾ هڻندي سانءِ. جوّن نه رهي ۽ وري به گهريائين، ڪئليءَ کي جا آئي ڪاوڙ، تنهن ڏوئي ڀري کڻي منهن ۾ هنيس. جون ويچاري رڙهندي رڙهندي وڃي ڀرواري پاڻيءَ جي دُٻي ۾ ڪـِـري ۽ مري ويئي، پر دُٻو به اُٻاڙسٻاڙ ٿي ويو. انهيءَ دُٻي ۾ هڪ مينهن پاڻي پيئڻ لاءِ آئي ۽ دُٻي جو پاڻي ميرو ڏسي کانئس پڇا ڪيائين، دُٻي جواب ڏنس:

جون مئي ٽيڙي سان، دٻو اُٻاڙسٻاڙ

مــيــــــنـــــهـــن   جـــــو   ســـــڱ   لـــــــٿــــــو.

هن جي ايتري چوڻ تي مينهن جو سڱ ڪـِـري پيو ۽ وڃي پاڻيءَ ۾ ڪريو. ويچاري مينهن ارمان ڪندي وڃي ڪنڊي جي وڻ هيٺيان ويٺي. ڪنڊي پڇيس ته: مائي مينهن! ٿورو اڳي تنهنجا ٻئي سڱ سلامت هئا، هاڻي ڇا ٿيئي؟ مينهن جواب ڏنو ته:

جون مئي ٽيڙي سان، دٻو اُٻاڙسٻاڙ

مينهن جو سڱ لٿو، ڪنڊو جهانڀڙ.

مينهن جي ايتري چوڻ سان، اُهو ڪنڊو سڄو سڪي ويو. اوچتو هڪ ڳيرو اُڏامندو اچي ڪنڊي تي ويٺو ۽ ڪنڊي کي سڪل ڏسي پڇيائين: ڪنڊا! تون ڇو جهانڀڙ؟ ڪنڊي جواب ڏنو ته:

جون مئي ٽيڙي سان، دٻو اُٻاڙسٻاڙ

مينهن جو سڱ لٿو، ڪنڊو جهانڀڙ.

ڳيرو گنجو.

ويچارو ڳيرو گنجو ٿي ويو ۽ اُڏامندو وڃي هڪڙي جي گاهه مـُـٺئي تي ويٺو. هاريءَ پڇيس: ڳيرا، تون ڇو گنجو؟ ڳيري جواب ڏنو:

جون مئي ٽيڙي سان، دٻو اُٻاڙسٻاڙ

مينهن جو سڱ لٿو، ڪنڊو جهانڀڙ

ڳــــيـــرو   گـــنـــجـــو،    هــــاري  مــــــنــــــڊو.

قدرت خدا جي، هاري ويچارو منڊو ٿي پيو. سندس ڌيءَ جڏهن ماني کڻي آئي ۽ پيءَ کي منڊڪائيندو ڏسي پڇيائين:

جون مئي ٽيڙي سان، دٻو اُٻاڙسٻاڙ

مينهن جو سڱ لٿو، ڪنڊو جهانڀڙ

ڳــــيـــــــــــرو گـــــــنـــجـــو، هــــــــاري مــنــڊو

هاريءَ جي ڌي لـُـولهي.

قدرت سان هاريءَ جي ڌيءَ لولهي ٿي پيئي. هيءَ جڏهن واپس موٽي، تڏهن رستي ۾ وزير مليس، جنهن ڏٺو ته اڳ ۾ هيءَ ڇوڪري چڱي ڀلي هئي، سا هينئر ڪيئن لولهي ٿي. تنهن پڇيس: ڇوڪري، تون ڪيئن لولهي؟ ڇوڪريءَ جواب ڏنو:

جون مئي ٽيڙي سان، دٻو اُٻاڙسٻاڙ

مينهن جو سڱ لٿو، ڪنڊو جهانڀڙ

ڳــــيـــرو گـــنـــجـــو، هــــاري مــنــڊو

هاريءَ جي ڌي لـُـولهي، وزير ڪاڻو.

وزير جي اک يڪدم وڃي پري پئي، ۽ ويچارو ارمان ڪندو بادشاهه وٽ پهتو، جنهن پڇيس ته: وزير! تون ڪيئن ڪاڻو؟ وزير جواب ڏنو:

جون مئي ٽيڙي سـان، دٻو اُٻاڙسٻاڙ

مينهن جو سڱ لـٿو، ڪنڊو جهانڀڙ

ڳــــيـــرو گـــنـــجـــو، هــــاري مــنـــڊو

هاريءَ جي ڌي لـُـولهي، وزير ڪاڻو.

بادشاهه انڌو.

بادشاهه انڌو ٿي پيو ۽ جڏهن گهر ويو، تڏهن راڻيءَ پڇيس: بادشاهه! تون ڪيئن انڌو؟ بادشاهه جواب ڏنو ته:

جون مئي ٽيڙي سان، دُٻو اُٻاڙسٻاڙ

مينهن جو سڱ لٿو، ڪنڊو جهانڀڙ

ڳــــيـــرو گـــنـــجـــو، هــــاري مــنــڊو

هاريءَ جي ڌي لـُـولهي، وزير ڪاڻو

بادشاهه انڌو، ملوڪزادي تيڪڻي.

ملوڪزاديءَ کي دست ٿي پيا ۽ سڀ ڏک ۾ ويهي رهيا.

 

vvv

vv

v

 

63- جونءَ ۽ ليک*

هڪڙي هئي جون، ٻي هئي ليک. ليک چيو جونءَ کي ته: ادي! اچ ته وهنجون سهنجون. ليک اڳيئي اڇي هئي، ويتر جو پاڻ کي ٺڪريءَ سان کرڙيائين ته ڳوري ٿي پئي. جونءَ هن کي چلڪندو ڏسي، دل ۾ چيو ته ڇو نه آءٌ به ٺڪريءَ سان پاڻ کي مهٽيان ته اڇي اُجري ٿي پوان. اهو خيال ڪري، جهڙو ٺڪريءَ سان پاڻ کي مهٽيائين، تهڙو امالڪ پيٽ ڦاٽي پيس. اتي هڪڙو ڏاند اڏ تان پاڻي پيئڻ آيو، ۽ ليک کان پڇيائين: ڇو پاڻي لئو لئو آهي؟ ليک چيو ته:

ليک بکندي، جون دا پيٽ ڦاٽا
پـــــــاڻي لـَـــــوا لـَــــــوا، ڏانــــــد ڪــــوڙهــيا.

ڏاند ڪوڙهيو ٿي پيو ۽ اچي پـپر هيٺان ويٺو. پپر چيو ته : ڏاند، ڪيئن ڪوڙهيو ٿيو آهين؟ ڏاند چيو ته:

لـيـک بـکـنـدي، جــون دا پـيــٽ ڦـــــاٽـا
پـــاڻي لـَـوا لـَـوا، ڏاند ڪوڙهيا پپل ڀـــانـگــا.

ته پپر جا سڀ پن اچي پـَـٽ تي ڪـِـريا. آيو ڪانگ اُڏامندو، ۽ اچي پپر تي ويهي، ان کان پڇيائين ته: پپر، تنهنجا پن ڇو ڇڻيا آهن؟ پپر چيو ته:

ليک بکندي، جون دا پيٽ ڦـــــاٽـا
پاڻي لـَــوا لـَـوا، ڏاند ڪــوڙهيـــا
پـــپـــل قــَانگـــا، ڪــــانــــــگ ڪـــــــاڻـــــــا.

ڪانگ ڪاڻو ٿي پيو. پوءِ هو اُڏامي اچي واڻئي جي هٽ تي ويٺو. واڻئي پڇيس: ڪانگ، خبر ڏي اک ڪيئن وڃايئي؟ ڪانگ چيو:

لـيـک بـکـنـدي، جــون دا پـيــٽ ڦــــاٽــــا
پــاڻــــي لـَـــوا لـَــوا، ڏانـــــد ڪــــوڙهـــيــا
پــپــل قـَانگـــا، ڪـانگ ڪاڻا مهتا ديوانا.

واڻيو چريو ٿي پيو. ٻانهي آئي واڻئي کان وکر وٺڻ، ڏسي ته واڻيو چريو ٿيو ويٺو آهي. پڇيائينس ته: واڻيا، تون چرٻٽ ڪيئن ٿئين؟ واڻئي چيو ته:

ليک بکندي، جون دا پيٽ ڦاٽا
پاڻي لـَــوا لـَـوا، ڏاند ڪــوڙهيـــا
پـپــل قـَانگا، ڪــانگ ڪــاڻـــــا
واڻــيــــا ديــــــوانــــــــا، ٻـــــانـــهــي پٽير.

ته ٻانهيءَ جو پيٽ وڌي پيو. وئي محلات ۾ ته راڻيءَ پڇيس ته: ٻانهي! پيٽ ڇو وڌي پيو اٿئي؟ ٻانهيءَ چيو:

لـيـک بـکــنــدي، جـــون دا پــيـــٽ ڦاٽا
پـاڻـــي لـَــوا لـَـــوا، ڏانـــد ڪــوڙهـــيـــــا
پـــپـــل قـَـــــانـگـــا، ڪــانــگ ڪــاڻـــــا
واڻيا ديوانا، ٻـانـهـي پيـٽر راڻــــي نــــاچــڻ.

ته راڻي اُٿي نچڻ لڳي. مٿان آيو بادشاهه. راڻيءَ کي نچندو ڏسي پڇيائين ته: راڻي، توسان آهي ته خير؟ راڻيءَ چيو:

ليک بکندي، جون دا پيٽ ڦاٽا
پاڻي لـَــوا لـَـوا، ڏاند ڪــوڙهيـــا
پـپـل قـَانـگا، ڪــانگ ڪــاڻـــــا
واڻـيـا ديـوانـا، ٻــانــهــــي پـيــٽـر
راڻي ناچڻ، بادشاهه سـُـرندائي.

 

ته بادشاهه لڳو سرندو وڄائڻ. آيو شهزادو، ۽ پڇيائين: بابا، هي ڇا آهي؟ بادشاهه چيو:

ليک بکندي، جون دا پيٽ ڦاٽا
پاڻي لـَــوا لـَـوا، ڏاند ڪــوڙهيـــا
پپل قـَانگا، ڪــانگ ڪــاڻــــــا
واڻـيـا ديــوانـــا، ٻـانــهــي پـيـٽـر
راڻي ناچڻ، بادشاهه سـُـرندائي.
                                      شهزادو طبلائي.

ته پٽس لڳو طبلا وڄائڻ. پوءِ ته سڄو گهر نچڻ ڪڏڻ ۾ لڳي ويو.

 

vvv

vv

v


 

* هن آکاڻيءَ جون ٻه روايتون، وچولي (تعلقي سنجهوري) مان الهڏني بلوچ کان ۽ اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان مليون.

* هيءَ آکاڻي اتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان ملي.

* هيءَ آکاڻي وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهر زادي کان ملي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org