49- بادشاهه ۽ ڪٻر
هڪڙو بادشاهه هو، جنهن جي محلات جي اڱڻ ۾ هڪڙو وڻ
پيدا ٿيو. ان وڻ ۾ هڪ ڪٻر اچي آکيرو ڪيو. ڪٻر کي
هڪ ڏينهن ڪٿان ڪو پئسو هٿ آيو . اهو کڻي آکيري وٽ
اچي ، چوڻ لڳي:
آءٌ بادشاهه کان شاهوڪار! آءٌ بادشاهه کان
شاهوڪار!
هر روز ان جي اها ڪرت ٿي پيئي. انهيءَ تي بادشاهه
حڪم ڏنو ته: اهو پئسو آکيري مان کڻي اچو! جڏهن
نوڪر اهو پيسو کڻي آيا ته وري ڪٻر چوڻ لڳي:
بادشاهه منهنجو کٽيو کاڌو! بادشاهه منهنجو کٽيو
کاڌو!
بادشاهه ڏٺو ته ڪٻر وري ٻي بڪ شروع ڪئي. انهيءَ
ڪري وري حڪم ڪيائين ته: اهو پئسو آکيري ۾ رکي
اچو! جڏهن پئسو آکيري ۾ رکي ّآيا ته ڪٻر وري چوڻ
لڳي:
بادشاهه مون کان ڊنو! بادشاهه مون کان ڊنو!
بادشاهه کي سخت ڪاوڙ آئي ۽ چيائين ته: انهي ڪٻر کي
وٺي اچو! نوڪر، ڪٻر کي وٺي آيا، جنهن کي بادشاهه
ملڪ نيڪالي ڏني.
ٿورا گهڻا ڏينهن گذريا ته بادشاهه کي ڳڙ نڪتو ۽ ان
۾ گهڻو درد ٿيس. خيال ڪيائين ته شايد ڪٻر جي پـِـٽ
لڳي آهي، سو ڪٻر کي ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏنائين ۽
جنهن ڏينهن بادشاهه اهو ڳڙ ڪپارايو، تنهن ڏينهن
ڪٻر به جيئري جاڳندي چڱي ڀلي صحيح سلامت اچي اتي
پهتي ۽ هوءَ چوڻ لڳي ته:
بادشاهه ڳوڙهي ڦوڙائي، ڪٻر صحيح سلامت آئي!
vvv
vv
v
50- جهرڪي ۽ ڪٻر*
ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙي جهرڪي ۽ ڪٻر رهنديون هيون. هنن
ٻنهي جو پاڻ ۾ تمام گهرو ساهيڙپو هوندو هو. ٻئي
ساهيڙيون پاڻ ۾ گڏ گهمنديون ڦرنديون هيون ۽ گڏ
کائينديون پيئنديون هيون. هڪڙي ڏينهن هي ٻئي ڄڻيون
ڳوٺ جي ٻاهران، کري واري ميدان ۾ پئي چڳيون ته
اوچتو هڪڙو ڇوڪرو، جنهن اتي گليل سان شڪار پئي
ڪيو، تنهن جي نظر وڃي هنن تي پيئي. سو ڇا ڪيائين،
جو لڪي ڇپي ٺڪاءُ جو گليل ڪيائين. جهرڪيءَ کي، ته
ويچاري اتي جو اتي ڦٿڪي مري پئي. ڪٻر جو اهو حال
ڏٺو، سا ويچاري ڊپ ۾ جان بچائي اُڏامي ويئي. ڪٻر
ويچاري جان بچائي اُڏامي ته ويئي، پر سندس سڀ
خوشيون ختم ٿي ويون، نه وڻيس گهمڻ نه ڦرڻ.... رڳو
ويٺي پنهنجي ساهيڙيءَ لاءِ لڙڪ وهايائين. نيٺ ڳچ
دير کان پوءِ جڏهن کيس اُڃ تمام هلاڪ ڪيو، تڏهن
اُڏامي انهيءَ ڍوري تي پهتي، جتي اڳي ٻئي ڄڻيون
ساهيڙيون گڏجي اچي پاڻي پيئنديون هيون. ڍوري جو هن
ڪٻر کي اڪيلو ۽ ڪوماڻل ڏٺو، سو پڇيائينس ته: مائي
ڪٻر، اڄ ڇو اڪيلي ۽ ڪوماڻل پئي ڏسجڻ ۾ اچين؟ تڏهن
ڪٻر چيس ته: ادا! اها ڳالهه ئي نه پڇ. تنهن تي
ڍوري چيس ته: واه مائي ڪٻر، ائين وري ڪيئن ٿيندو،
توکي ڏک هجي ۽ مان نه پڇان. انهيءَ تي ڪٻر چيس ته:
چڱو ڀاءَ، جي نٿو مڃين ته ٻڌ.
لال، جهرڪڙي مئي، تڏهن ڪٻر ڪوماڻي
ڍوري پاڻي اَڌ.
ڪٻر جي ايتري چوڻ سان ڍوري جو
پاڻي يڪدم سڪي اڌ ٿي ويو ۽ ڪٻر پاڻي ڍڪ پي، اُڏامي
هلي ويئي.
ڪجهه دير کان پوءِ، هڪڙي مينهن، جيڪا پڻ انهيءَ
ڍوري تان پاڻي پيئڻ ايندي هئي، سا آهستي آهستي
هلندي اچي تڙ تان پاڻي پيئڻ بيٺي. پر ڍوري ۾ جو
پاڻي ماڳهين اڌ ڏٺائين، سو عجب ۾ ڀرجي، ڍوري کان
پڇيائين ته: اي ادا ڍورا! ڇا ڳالهه آهي، جو تون اڄ
اڌ ٿي ويو آهين؟ تڏهن ڍوري جواب ڏنس ته: اي مينهن،
ڪهڙي ٿي خبر پڇين!
لال، جهرڪڙي مئي، ڪٻر ڪوماڻي
ڍورو پاڻي اڌ
مـــــيـــنـــــهــن جــــــا ســــــڱ
پـــاڙئــــون وڍ.
ڍوري جي ايتري چوڻ سان، خدا جي قدرت اهڙي، جو
مينهن جا سڱ پاڙان وڍجي هيٺ ڪري پيا ۽ مينهن
ويچاري ڏٻي ٿي پئي ۽ پاڻي پي ماٺ ڪري هلي ويئي.
مينهن هلندي هلندي، هڪڙي هنڌ ساهي کڻڻ لاءِ هڪڙي
لئي جي وڻ هيٺ اچي ويهي رهي. ڪجهه دير کان پوءِ
جڏهن لئي جي نظر مينهن تي پئي، ته ان کي ڏٻي ڏسي
هيءُ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويو. نيٺ ٿوريءَ دير کان
پوءِ، مينهن کان پڇيائين ته: مائي مينهن، ڏي خبر!
هيءَ اڄ توسان، ڪهڙي ويڌن ٿي آهي، جو تنهنجا سڱ
پاڙان چٽ آهن؟ تڏهن مينهن ٿڌو ساهه ڀري چيس ته:
ڀائو، ڪهڙي ٿو خبر پڇين!
لال، جهرڪڙي مئي، ڪٻر ڪوماڻي
ڍورو پاڻي اڌ
مـــــيـــنـــــهــن جــــــا ســـڱ
پـــاڙئــــون وڍ.
لـَـئو بــاکــــڙو
مينهن ته ائين چئي، پنهنجي ماڳ هلي ويئي، پر لئو
ويچارو باکڙو (ٻـُـسو) ٿي پيو.
شام جو هڪڙو ڳيرو، جنهن جو آکيرو ان لئي تي هو، سو
جڏهن پنهنجي آکيري تي موٽي آيو، ته لئي کي باکڙ
ٿيل ڏسي حيران ٿي ويو ۽ لئي کي چيائين ته: ماما،
ڏي خبر! توتي ڪهڙي مصيبت آئي، جو هڪدم باکڙ ٿي پيو
آهين؟ تڏهن لئي جواب ڏنس ته: اي ڳيرا! ڪهڙا ٿو حال
پڇين! بس،
لال، جهرڪڙي مئي، ڪٻر ڪوماڻي
ڍورو پاڻي اڌ
مـــــيـــنـــــهــن جــــا ســــــڱ
پـــــــاڙئــــون وڍ.
لـَــــــئـــــو بـــــــــاکـُــــــڙ،
ڳــــيــــــــرو گــــــــنـــجو
ايتري چوڻ سان ڳيرو هڪدم گنجو ٿي پيو، ڳچي ۽ مٿي
جا کنڀ کـُـسي ويس ۽ ويچارو ڏاڍو افسوس ۾ ڀرجي
ويهي رهيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو ڳيرو اُڏامي پاسي واري هڪڙي
ٻنيءَ ۾ چڳڻ لاءِ ويو، جتي هو روزانو ويندو هو.
اُتي پهچي هي چڳڻ لڳو. هڪڙو هاري جيڪو روز ان ڳيري
کي اُتي چـُـڳندي ڏسندو هو، تنهن جو هن کي گنجو
ٿيل ڏٺو، سو اچي پڇيائينس ته: ادا ڳيرا! توسان هي
ڪهڙو انڌير ٿيو؟ تڏهن ڳيري چيس ته: ڀائو، ڪهڙيون
ٿو ڳالهيون پڇين؟
لال، جهرڪڙي مئي، ڪٻر ڪوماڻي
ڍورو پاڻي اَڌ
مـــــيـــنـــــهــن جــــــا ســــــڱ
پـــاڙئــــون وڍ.
لـَــــــــئــــــو بـــــــــاکـُـــــــــڙ،
ڳــــيــــرو گــــــــنجو
ته هاري منڊو.
ڳيرو ته ائين چئي اُڏامي ويو، پر هاري ويچارو منڊو
ٿي پيو، سو رڙهندو رڙهندو سڌو پنهنجي اوطاق تي آيو
۽ ڏک ۾ ماٺ ڪري ويهي رهيو.
انهيءَ اوطاق تي هڪڙو ڪوٽار، اُن هاريءَ کان لاپو
وٺڻ لاءِ ايندو رهندو هو. شام جو جڏهن اهو ڪوٽار
هاريءَ جي اوطاق تي آيو، ته هن کي منڊو ڏسي ڏاڍو
عجب لڳس. هاريءَ کان پڇيائين ته: يار، توسان هيءَ
ويل ڪنهن ڪيو آهي؟ تڏهن هاريءَ چيس ته: ميان
ڪوٽار، ڪهڙو ٿو سورن جو حال پڇين!
لال، جهرڪڙي مئي، ڪٻر ڪوماڻي
ڍورو پاڻي اَڌ
مـــــيـــنـــــهــن جــــــا ســــــڱ
پـــــــاڙئــــون وڍ.
لـَــــــــئـــــو بـــــــــاکـُـــــــــڙ،
ڳــــيــــــــرو گــــــــنـــجو
هاري مـــــنــــــڊو تــــــه
ڪـــوٽــــــــار ڪاڻــــــو.
بس، هاريءَ جو ائين چوڻ، ته ڪوٽار ويچارو يڪدم
ڪاڻو ٿي پيو. ڪوٽار کي دل ۾ ته ڏاڍو ڏک ٿيو، پر
پوءِ ماٺ ڪري هليو ويو. ڪوٽار کي ڪا هئي سنوارت
ٺهرائڻي، سو سڌو آيو حجام جي دڪان تي. حڪام جو
ڪوٽار کي ڪاڻو ڏٺو، سو ڏاڍو عجب لڳس. جڏهن حجام
کانئس حقيقت پڇي، تڏهن چيائينس ته: اُستا وڏا، اهو
دردن جو داستان جيڪر نه پڇين ته ڏاڍو چڱو! تڏهن
حجام چيس ته: رئيس، ائين وري ڪيئن ٿيندو! تون اسان
جو رئيس، تنهن سان ههڙي حالت، ۽ اسين پڇون به نه!
تڏهن ڪوٽار چيس ته: چڱو اُستا، ٻڌ:
لال، جهرڪڙي مئي، ڪٻر ڪوماڻي
ڍورو پاڻي اَڌ
مـــــيـــنـــــهــن جــــــا ســــــڱ
پـــــــاڙئــــون وڍ.
لـَــــــــئـــــو بـــــــــاکـُـــــــــڙ،
ڳــــيــــــــرو گــــــــنـــجو
هاري مـــــنــــــڊو تــــــه
ڪـــوٽــــــــار ڪاڻــــــو.
ته حجام ٻوڙو.
ڪوٽار ته حجامت ٺهرائي پنهنجي گهر روانو ٿي ويو،
پر حڪام ويچارو ٻوڙو ٿي ويهي رهيو.
ٻئي ڏينهن، حجام کي ڪا بادشاهه جي سنوارت ٺاهڻي
هئي، سو صبح جو سوير سنڀري ٺهي، سڌو بادشاهه جي
محلات ۾ آيو. جڏهن بادشاهه جي سنوارت ٺاهڻ لڳو،
تڏهن بادشاهه جيڪا ڳالهه پڇيس، تنهن جو ڪو جواب ئي
نه ڏئي. بادشاهه جڏهن ٻه ٽي دفعا ڏٺو ته حجام سندس
ڪنهن ڳالهه جو جواب ئي ڪونه ٿو ڏئي، تڏهن وڏي واڪي
چيائينس ته: استا، آهي ته خير! اڄ ٻوڙو ٿي پيو
آهين ڇا؟ تڏهن حجام ورندي ڏني ته: بادشاهه سلامت،
اڄ هڪڙي مزي جهڙي ڳالهه ٿي آهي. تنهن تي بادشاهه
چيس ته: اها ڪهڙي مزي جهڙي ڳالهه آهي- اسين به ته
ٻڌون! تڏهن حجام چيو:
لال، جهرڪڙي مئي، ڪٻر ڪوماڻي
ڍورو پاڻي اَڌ
مـــــيـــنـــــهــن جــــــا ســــــڱ
پـــــــاڙئــــون وڍ.
لـَــــــــئـــــو بـــــــــاکـُـــــــــڙ،
ڳــــيــــــــرو گــــــــنـــجو
هاري مـــــنــــــڊو تــــــه
ڪـــوٽــــــــار ڪاڻــــــو.
حــجام ٻـــــــوڙو ته بــــــادشـــــــاهه
اُڀــــــــاڻـــــــو.
حجام جو ايترو چوڻ ته بادشاهه يڪدم سـُـڄي سـُـڄي
دهل ٿي پيو. اهو حال ڏسي بادشاهه حجام کي چيو ته:
نامراد، هي ڪهڙي ويڌن ڪيئي؟ تڏهن حجام عرض ڪيو ته:
بادشاهه سلامت، مون ڪجهه نه ڪيو آهي، اهو سڀ گـُـر
ڪوٽار جو آهي. تڏهن بادشاهه يڪدم ڪوٽار کي گهرائي
پڇا ڪئي. ڪوٽار وري چيو ته: سائين، ان ۾ منهنجو
ڪوبه ڏوهه ڪونهي، اهو سڀ هاريءَ جو ڏوهه آهي. وري
جڏهن اُن منڊي هاريءَ کي گهرايائون ته ان وري چيو
ته: اهي سڀ چالاڪيون گنجي ڳيري جون آهن، مون کي به
ان منڊو بنايو آهي. اهڙيءَ طرح سڀني کان پڇا ڪري
پڇاڙيءَ ۾ ڪٻر کي گهرايائين، جنهن جهرڪڙيءَ جي مرڻ
واري سڄي ڳالهه بادشاهه کي ٻڌائي. ڪٻر جو قصو ٻڌي،
بادشاهه يڪدم ان ڇوڪري کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ پوءِ
اها جهرڪي جيئري ڪري ڏنائينس. بس، پوءِ ته لال
جهرڪيءَ جي جيئري ٿيڻ سان سڀ اصل جهڙا ٿي پيا ۽
هرڪو خوش ٿي پنهنجي پنهنجي ماڳ روانو ٿيو. جهرڪڙي
۽ ڪٻر به موٽي پنهنجي ماڳ تي آيون ۽ مزي سان
پنهنجا ڏينهن گڏجي گذارڻ لڳيون.
vvv
vv
v
51- جهرڪي ۽ ڪئي*
هڪڙي هئي جهرڪي، ۽ ٻي هئي ڪـُـئي. ٻنهي جي پاڻ ۾
گهاٽي ساهيڙپ هوندي هئي. هي ٻئي ڄڻيون، هڪڙي پوڙهي
جي گهر ۾ رهنديون هيون. جهرڪي مٿي ڇت ۾ پنهنجي
ٺاهيل آکيري ۾ رهندي هئي، ڪئي جنڊ هيٺان ٻر ۾
رهندي هئي.
هڪڙي ڏينهن، ٻنهي ڄڻين پاڻ ۾ ويهي صلاح ڪئي ته:
ادي! پاڻ جڏهن ٻچا ڪنديون سين، تڏهن جدا جدا هنڌن
تي وڃي رهنديون سين، ۽ پوءِ جيڪا پهرين ٻچو پيدا
ڪندي، سا ڪنهن نه ڪنهن نموني ٻيءَ کي خبر پهچائي.
آخر جڏهن اهو وقت ويجهو آيو، ته جهرڪي جهنگ ڏي هلي
ويئي، ۽ ڪـُـئي اتي رهي پيئي. جهرڪي وڃي جهنگ ۾
آکيرو ٺاهيو، ۽ ان ۾ آنا لاٿا. جڏهن آنن ڦٽڻ جو
وقت آيو، تڏهن ٻيا سڀ آنا خراب ٿي ويس، باقي هڪڙو
ڦٽو، جنهن مان ٻچو پيدا ٿيو. جهرڪيءَ ان ٻچي جو
نالو رکيو ”چيکلو.“
ڪجهه وقت کان پوءِ، جهرڪيءَ کي وعدو ياد آيو، ۽
انهيءَ اڻتڻ ۾ رهي ته پنهنجي سهيليءَ ڪـُـئيءَ کي
ڪهڙي نموني خبر پهچائي، ته کيس ٻچو پيدا ٿيو آهي.
اتفاق سان انهيءَ ڏينهن، اهو ساڳيو گهر جو مالڪ
پوڙهو، ڪاٺيون وڍڻ لاءِ جهنگ ۾ آيو. ان کي ڏسي،
جهرڪيءَ کيس سڃاتو، ۽ وٺي ان ڏي اڏاڻي، ۽ اچي وڻ
تي ويٺي. پوڙهو ان وڻ هيٺان پيل هڪ ڍنگهر کي ڇانگي
رهيو هو، ته مٿان جهرڪي چوڻ لڳي:
ڪاٺيار ڙي ڪاٺيار! ڪاٺي ڇينڀ ڇينڀ ٻار
تو ڪا ڳالهه سـُـئي، تنهنجي گهر ۾ آ ڪئي
جنڊ هيٺان آ ويٺي، پنهنجي ٻـــــــــــــر ۾ پيٺي
تنهن کــــــــــــــــــي سنيهو ڏج، وڃـــي چٽو
چئج
تــــــه چـــــــڙي ٻــــــائـــــــــيءَ
چــــــيـــــکــــــلو حـُــــــائـــــــو.
پوڙهو، جهرڪيءَ جو آواز ٻڌي، اچي ڊنو، ۽ سمجهائين
ته هن وڻ ۾ شايد ڪو جن آهي. سو اتان آهستي آهستي
کسڪي وڃي ٻئي هنڌ پهتو. ٿوري ساهي کڻي، وري ڪاٺيون
ڇانگڻ لڳو. جهرڪيءَ ڏٺو ته پوڙهي ڪا به ورندي ڪانه
ڏني،سو سمجهيائين ته شايد ٻوڙو آهي، تنهنڪري وري
اچي پاسو ورتائينس. پوڙهي جتي ڪاٺيون پئي وڍيون،
اتي ڀر ۾ بيٺل وڻ تي ويهي، وري چوڻ لڳي ته:
ڪاٺيار ڙي ڪاٺيار! ڪاٺي ڇينڀ ڇينڀ ٻار
تو ڪا ڳالهه سـُـئي، تنهنجي گهر ۾ آ ڪـُـئي
جنڊ هيٺان آ ويٺي، پنهنجي ٻـــــــــــــر ۾
پيٺي
تنهن کــــــــــــــــــي سنيهو ڏج، وڃـــ ي چٽو
چئج
ته چـــــــــــــڙي ٻائـــــــــيءَ
چيکلو حـُــــــائـــــــــــو.
پوڙهو وري به ساڳيو آواز ٻڌي، اڳوڻي کان به وڌيڪ
ڊنو، سو وٺي ڀڳو، ۽ تمام پري وڃي، ٿورو دم کڻي،
وري ڪاٺيون ميڙڻ لڳو. جهرڪيءَ به هن جي پٺ ڪانه
ڇڏي. هو پنهنجي مشغوليءَ ۾ هو ته جهرڪيءَ وري به
اچي ساڳيو سـُـر آلاپيو. جيڪو ٻڌندي ئي پوڙهو
ڪاٺين تان هٿ کڻي، يڪي ساهيءَ ڀڄندو اچي گهر پهتو.
هن کي خالي آيل ڏسي، جوڻس جوش ۾ اچي وئي، ۽ ڪاوڙجي
پڇيائين ته: ڪاٺيون ڪٿي آهن؟ پوڙهي جواب ڏنو ته:
اڙي ترس، ساهي پٽيان ته سڀ خبر ٿو ٻڌاياءِ.
ٿوري ساهي کڻي، هن سڄو واقعو بيان ڪري ٻڌايو، جيڪو
جنڊ هيٺان ويٺل ڪئيءَ به پئي ٻڌو. هن جڏهن ڳالهه
ڪري بس ڪئي، ته ڪـُـئيءَ جنڊ جونائو مٿي تي رکي،
جنڊ جي پاسي ۾ اچي چيو ته:
اڙي ڀائڙا! اڄ ڄائو ڪـِـ ڪالهه ڄائو؟
هي اوچتو آواز ٻڌي، پوڙهو ۽ پوڙهي ٻئي هراسجي ويا،
۽ انهيءَ آواز کي به جن سمجهي گهر ڇڏي وٺي ٻاهر
ڀڳا. سڄي رات ٻاهر رهيا، ۽ صبح جو وري موٽي آيا.
اڃان گهر ۾ مس داخل ٿيا ته، ڪـُـئيءَ يڪدم چيو ته:
اڙي ڀائڙا! اڄ ڄائو ڪـِـ ڪالهه ڄائو؟
بس، پوءِ ته پوڙهيءَ کي به پڪ ٿي ته جن اسان کي هن
ڳوٺ ۾ رهڻ ڪونه ڏيندا، سو ٽپڙ کڻي لڏي ٻئي ڳوٺ ۾
وڃي رهڻ لڳا. ٿورن ڏينهن بعد، جهرڪيءَ جو ٻچو به
اڏامڻ لائق اچي ٿيو. هڪ ڏينهن جهرڪي ان کي ساڻ ڪري
اچي ڪـُـئيءَ سان ملي، ۽ پوءِ ٻئي سهيليون گڏجي
رهڻ لڳيون.
vvv
vv
v
52- ڪئي ۽ جهرڪي*
هڪڙي هئي ڪـُـئي، ۽ ٻي هئي جهرڪي، ٻئي پاڻ ۾
سهيليون هيون. هڪ ڏينهن ٻئي ڄڻيون جهنگ ۾ ويون.
اتي هڪڙو ڪونڀٽ جو وڻ بيٺو هو، جنهن ۾ مٿان کؤنر
جو هڪ ڳنڍو نظر آين. هنن جو خيال ٿيو ته ڪنهن به
نموني اهو کؤنر ضرور کائون. جهرڪي ته يڪدم اُڏامي
وڃي مٿي ويٺي، پر ڪـُـئي ويچاري آهستي آهتي مٿي
چڙهي ويئي، ۽ پوءِ ٻنهي ڄڻن گڏجي ويهي کؤنر کاڌو.
جڏهن کؤنر کائي ختم ڪيائون، تڏهن هيٺ لهڻ لڳيون.
ڪئي جيئن هيٺ پئي لٿي، تيئن هڪڙو ڪونڀٽ جو ڪنڊو هن
جي ڪن ۾ اٽڪي پيو، ۽ هوءَ وڻ ۾ ٽنگجي پئي. ڪيتري
به ڪوشش ڪيائين، پر پاڻ ڇڏائي نه سگهي. جهرڪيءَ
ڏٺو ته سهيلي ڦاسي پئي آهي، تنهنڪري يڪدم اُڏامي،
چهنب سان ڪنڊو ڀڃي هن جي جند آزاد ڪرايائين.
ٻئي ڄڻيون گڏجي اڳتي روانيون ٿيون. ڪئي زمين تي
هلندي رهي، ۽ جهرڪي مٿان اُڏامندي هلي. رستي ۾
هڪڙو اُٺ چرندو پئي آيو. اتفاق سان ڪئي اُٺ جي پير
هيٺان اچي ويئي. ويچاريءَ گهڻيون ئي دانهون ڪوڪون
ڪيون، پر اُٺ نه چريو. ڪـُـئيءَ گهڻي ڪوشش ڪئي، پر
پاڻ ڇڏائي نه سگهي. جهرڪيءَ ڏٺو ته هاڻ مرڳو ٿو
سهيليءَ جو مٿو وڃي، سو اُڏامي اچي اُٺ جي پڇ کي
زور سان ٺونگا هڻڻ لڳي، ٺونگن لڳڻ ڪري، اُٺ اڳتي
وڌيو ۽ ڪئيءَ جي جند آزاد ٿي.
وري ٿورو اڳتي وڌيون ته هڪڙي ڍڳي گاهه چرندي پئي
آئي. ڍڳيءَ ڇيڻو لاٿو ته ڪـُـئي ڇيڻي هيٺان اچي
ويئي. هو گهڻو ئي ڦتڪي، پر ٻاهر نڪري نه سگهي.
جهرڪي وري به ڊوڙي آئي، ۽ ٺونگن سان ڇيڻو پري ڪري،
ڪئيءَ کي ٻاهر ڪڍيائين.
وري به ٻئي ڄڻيون اڳتي وڌيون ته واٽ تي هڪڙو
پاڻيءَ جو تلاءُ آيو. ٻنهي ڄڻين صلاح ڪئي ته گهڻي
پنڌ ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيون آهيون، تنهنڪري ڇو نه تلاءُ
۾ وهنجي ٿڪ لاهيون. اهو سوچي ٻئي ڄڻيون وهنجڻ
لڳيون. اتفاق سان ڪـُـئي وڃي، اونهي پاڻي ۾ پئي، ۽
ٻڏڻ لڳي. پاڻ بچائيڻ لاءِ ڦتڪڻ لڳي. جهرڪيءَ ڏٺو
ته مار، اڄ سهيليءَ جو خير ڪونهي، سا اُڏامي ڪئيءَ
جي پــڇ کي چهنب سان جهلي، گهلي ٻاهر ڪڍي آئي.
اتان اڳڀرو هليون ته هڪ ڳوٺ ويجهو آين. ڳوٺ جي
ڀرسان هڪ وڏو وڻ هو. ڪئيءَ، جهرڪيءَ کي چيوته:
ادي! هاڻي ڄاڻ ڳوٺ پهتاسين، پر ٿڪ به گهڻو آهي، ڇو
نه هتي ڇانو ۾ ٿورو وقت آرام ڪري پوءِ هلون.
جهرڪيءَ چيس ته: ڀلي ادي! جيڪا تنهنجي مرضي. مون
کي ته ٿڪ ڪونهي، تون چئين ٿي ته مون کي ڪوبه
اعتراض ڪونهي. پوءِ هي ٻئي ڄڻيون ڇانو ۾ ويهي
رهيون.
رس رهاڻ ڪندي، جهرڪيءَ چيو ته: ادي ڙي ادي! اڄ مون
توکي ڪيترن هنڌن تي بچايو آهي، آءٌ نه هجان ها ته
تون شايد سلامت گهر ڪونه پهچين ها. ڪئيءَ ڏٺو ته
هيءَ ڳوٺ هلي مون کي خوار ڪندي، سو اهڙي ڪا اٽڪل
ڪريان، جو هيءَ اهڙي ڳالهه وري نه ڪري. سو ٿورو
ويچاري چيائين ته: ادي! ٻٽاڪ ڇو ٿي هڻين؟ تو مون
کي ڪٿي بچايو! جهرڪيءَ چيو ته: ڪونڀٽ جي ڪنڊي ۾
اٽڪي پيئي هـُـئينءَ، تڏهن تو کي ڪونه ڇڏايم!
ڪـُـئيءَ چيو ته: بلي ڙي بلي! مون ته ڪن ٿي ٽوپايا
ته صبحاڻي سونا والا ٺهرائي پائينديس. وري جهرڪي
چيو ته: ڀلا، جڏهن اُٺ جي پير هيٺ اچي ويئي
هئينءَ، تڏهن توکي ڪونه ڇڏايم! ڪئي چيو ته: اها ته
مون چـُـڪَ ٿي ڀڃائي. جهرڪيءَ چيو ته: ڀلا ڍڳيءَ
جي ڇيڻي هيٺان اچي ويئي هئينءَ، تڏهن؟ ڪئيءَ چيو
ته: ادي! تون به ڪا بنهه ڀورڙي آهين، ايترو به نٿي
سمجهين ته ميندي لاتي هيم. جهرڪيءَ چيو ته: ڀلا!
تازو هينئر تلاءُ ۾ ٿي ٻڏينءَ، تڏهن جو توکي ٻاهر
ڪڍيم. ڪئيءَ چيو ته: اڙي بيوقوف! اهو ته آءٌ تريس
پئي، ۽ ٽـُـٻيون پئي هنيم. آئينده اهڙيون
بيوقوفيءَ جون ڳالهيون متان ڪرين، اجايو ماڻهو نه
کلائين. هاڻ ڪئي اُلٽو ويچاري جهرڪيءَ تي ٽوڪون
ڪرڻ لڳي. جهرڪيءَ ڏک ۾ ڀرجي چيس ته: ادي مون توبهه
ڪئي. اڳتي ڪڏهن به اهڙي ڳالهه نه ڪنديس. اهو جواب
ٻڌي ڪئي ڏاڍو خوش ٿي، ۽ پوءِ ٻئي سهليون گڏجي اچي
گهر پهتيون.
vvv
vv
v
|