5- گدڙ ۽ هاري
هڪڙو گدڙ هوندو هو، جو هڪڙي هاري جي ڪمند جي
پـُـڙي کي روز نقصان پهچائي ويندو هو. آخر جڏهن
هاري ڏسي ڏسي ڪڪ ٿيو، تڏهن هڪڙي ڏينهن اُتي ڪوڙڪي
منڊي ڇڏيائين. گدڙ کي به کـُـٽي کنيو بيٺي هئي، سو
اچي اُتان ئي لنگهيو. اڃان هن ڪوڙڪيءَ تي پير رکيو
مس ته قابو ٿي پيو. گدڙ ڦاسڻ کي ته ڦاسي پيو، پر
هاڻي بچاءَ جا اُپاءُ سوچڻ لڳو. آخر رٿ رٿيائين ته
جنهن وقت هاري ايندو، اُن وقت دَت هڻي پئجي رهندس،
پوءِ هو مون کي مئل سمجهي ڇڏي ڏيندو ۽ جان بچي
پوندي.
صبح جو جڏهن هاري کي پريان ايندو ڏٺائين ته يڪدم
دَت هڻي پئجي رهيو. هاري اچي ڏسي ته گدڙ ڦاٿو ته
بلائتو آهي، پر شايد مري ويو آهي. سو ڇا ڪيائين جو
هن کي ڳچيءَ ۾ رسو وجهي، نار ڏي گهلي هلڻ لڳو.
رستي تي هڪڙي ماڻهو کانئس پڇيو ته: ڇا گهليندو پيو
وڃين؟ تڏهن جواب ڏنائين ته: ادا! هن گدڙ مون کي
ڏاڍا ڏنجها ڏنا هئا. جي جيئرو هجي ها ته ڪـُـتن جي
بــڇ ڪرائي دل ٺاريان ها، پر ڪمبخت مري ويو. تڏهن
اُن ماڻهو چيس: يار! آءٌ گدڙ جي پڇ جو ڳولائو
آهيان، جي موڪل ڏين ته پڇ ذرو وڍي وٺانس. تڏهن
هاريءَ چيس ته: ادا! بي ڌڙڪ، مئو ته اڳئي پيو آهي،
جي توکي ڪم اچي ته ڀلي وڍينس. اتي گدڙ دِل ۾ سوچيو
ته: پڇ وڃي ته وڃڻ ڏي، سر ته بچي پوندو..... ڇا به
ٿئي، هرگز ڪين ڪـُـسڪندس. نيٺ اُهو ماڻهو پـڇ وڍي
ٿيو روانو.
هاري وري به گدڙ کي گهليندو، اڃان ٿورو اڳتي هليو
ته وري ٻيو ماڻهو گڏيس، جنهن پڇيس ته: ادا! هي ڇا
گهليندو پيو وڃين؟ هاري اُن کي به گدڙ جو سڄو قصو
ڪري ٻڌايو. تڏهن اُن ٻئي واٽهڙو چيس ته: ادا هاري!
مون کي گدڙ جي ڪنن جي سخت ضرورت آهي، جي اجازت ڏين
ته وڍي وڃي مهل ڪريان. هاري چيس ته: ادا! جيڪڏهن
توکي هن جي ڪنن جي ضرورت آهي ته ڀلي وڍينس. گدڙ
تڏهن وري به پڪو ارادو ڪيو ته ڪـَـن وڃن ته ڀلي
وڃن سر ته بچي پوندو، اصل نه ڪڇندس. آخر اهو به
ڪـَـنَ ڪپي رمندو رهيو.
هاري وري اڃان ٿورو پنڌ اڳتي هليو ته ٽيون ڄڻو
گڏيس. ان به پڇيس ته: يار! ڇاکي ڇڪيندو پيو وڃين؟
هاريءَ جواب ۾ ان کي به ساڳيو احوال ٻڌايو. تڏهن
ان ماڻهو چيس ته: واه واه! طلبئون ته ملئون....
ڪيترن ڏينهن کان گدڙ جي دل جو ڏس مليل هئم، گهڻا
جاکوڙا ڪيم پر هٿ نه آيم، اڄ کڻي موليٰ اڇي پـَـٽ
۾ ڏياريو اٿم، هاڻي جي ڏين موڪل ته دل ڪڍي وٺانس.
هاريءَ چيس ته: ادا! وٺ، جيڪي کپئي سو ڪڍينس. تنهن
تي اهو ٽيون ماڻهو هڪڙو شاهي خنجر ڪڍي اچي هن جي
مٿان بيٺو. گدڙ ڏٺو ته هاڻ ٿو خنجر هڻي ساهه
ڪڍيم، تڏهن رڙ ڪري چيائين ته: هاءِ هاءِ! اهڙي ته
بـُـکئي ملڪ ۾ اچي نڪتس، جتي رڳو دوا ٿي کـَـپي
ويس.
vvv
vv
v
6- گدڙ ۽ موالي*
هڪڙو هو موالي، جو روزانو شام جو ڀنگ گهوٽي، ڪجهه
انهيءَ وقت پيئندو هو ۽ ڪجهه بچائي ڪونڊي ۾ رکي
ڇڏيندو هو، جيڪا هو رات جو ٿورو ٿورو ڍڪ ڪري پيو
پيئندو هو. اوچتو سندس گهر ۾ هڪڙو گدڙ اچي هريو،
جو رات جو سندس سموري ڀنگ پي ويندو هو. موالي ڏاڍو
حيران ٿيو ته آخر ڀنگ وڃي ڪيڏانهن ٿي! نيٺ هڪڙي
رات مواليءَ، گدڙ کي ڏسي ورتو، سو ان کي ڦاسائڻ جا
گهاٽ گهڙڻ لڳو.
هڪڙي ڏينهن ڇا ڪيائين جو سرڪڻ ڦاهي تيار ڪري،
ڪونڊي جي مٿان رکي، پاڻ پاسو وٺي لڪي وڃي ويهي
رهيو. گدڙ ته اڳيئي هريل هو، تنهن اچڻ شرط اچي
ڪونڊي ۾ منهن وڌو. موالي به تاڻيو ويٺو هوس، گدڙ
جو ڪونڊي ۾ منهن وجهڻ ۽ هن جو سرڪڻ ڦاهيءَ کي ڇڪڻ،
گدڙ سوگهو ٿي پيو. پوءِ ته ڇڏائڻ لاءِ گهڻائي حيلا
ڪيائين، پر وريو ڪجهه به ڪين. جيئن پوءِ تيئن قابو
ٿيندو ويو. اتي موالي به اچي رسيس، هن کي به ڏينهن
جا ساڙ هئا، سو ڇا ڪيائين جو گدڙ کي ڳچيءَ ۾ رسو
وجهي، کڻي ٿوڻيءَ سان ٻڌائين. پوءِ موچڙو کڻي اچي
ورتائينس، هڻي مٿو ئي ڪچو ڪري وڌائينس. پوءِ
روزانو مواليءَ جي اها ڪـِـرت هوندي هئي، جو رات
جو سڪل پادر پاڻيءَ جي پاٽ ۾ پسائي ڇڏيندو هو، ۽
صبح جو نيراني اهي پـُسيل پادر کڻي اچي وٺندو هوس.
پوءِ ڪجهه کاڌو پيتو ڏيندو هوس. گدڙ به موچڙا
کائي کائي ڪڪ ٿي پيو هو، سو دل ۾ خيال ڪيائين ته
ٻيلي! هاڻي ڪا ڳـَـڻ ڪجي ته جند ڇٽي، نه ته موچڙن
۾ عمر ئي پوري ٿي ويندي! ويچاريندي نيٺ هڪڙي اٽڪل
خيال ۾ آيس. جڏهن رات ٿي، تڏهن ڇا ڪيائين جو وٺي
اونايون ڪرڻ لڳو. ٻين گدڙن جو هن جو آواز ٻڌو، تن
به پريان جواب ۾ اونايون ڏنيون، پر هن جون اونايون
اندران گهر مان پئي آيون، تنهنڪري اوڏانهن خوف کان
ڪوبه گدڙ نه پيو لڙي. نيٺ هڪڙيءَ رات سڀني گدڙن
صلاح ڪري، پنهنجي پرئي مڙس کي هن ڏي موڪليو ته وڃي
خبر چار وٺي اچي. گدڙن جو پريو مڙس اچي هن سان
مليو ۽ ساڻس حالي احوالي ٿيو ته: ميان گدڙ! ڏي
خبر، هتي ڪيئن اچي اڙيو آهين؟ گدڙ پهرين ته پرئي
مڙس جي آجيان ۽ خوشامد ڪئي ۽ پوءِ ورندي ڏنائينس
ته: سائين! ڌڻيءَ جي مهرباني آهي، جهنگ ۾ ته ڌاڍو
ڏکيو گذاريندو هوس، ڪڏهن کائڻ لاءِ ملي، ڪڏهن نه.
هن گهر جو مالڪ نهايت لائق ماڻهو آهي، جنهن مون کي
اچي هتي ٽڪايو آهي. هو مون تي ڏاڍو مهربان آهي.
روزانو صبح جو سويري پاٽ ڪـُـٽيءَ جي ٺاهي تيار
ڪري آڻي منهنجي اڳيان رکندو آهي، بس پوءِ ته کائي
ڪندو آهيان رڄ. اهڙيءَ طرح ٿڌين ڇانون ۾ پيو
گذاريان. ڪڏهن ڪڏهن وري ائين به دل ۾ خيال ڪندو
آهيان ته ههڙي سـُـکي ستابي روزي ته جيڪر توهان
جهڙي پيرسن کي نصيب ٿئي ته چڱو. مان وري به اڃا
ننڍو نيٽو آهيان، رُلي پني ڌڪا ڌوما کائي به پيٽ
پالي سگهان ٿو. گدڙن جي پرئي مڙس جو هن چالاڪ گدڙ
جون اهي ڳالهيون ٻڌيون سو سندس وات پاڻي ٿيڻ لڳو،
۽ هن چالاڪ گدڙ کي چوڻ لڳو ته: ننڍڙا يار! چئين سچ
ٿو..... اسان جهڙن پوڙهن لاءِ هن وقت جهنگ ۾ گذارڻ
ڏاڍو ڏکيو آهي، هاڻي جيڪڏهن تون مون تي مهرباني
ڪرين، ته آءٌ تنهنجو احسان سڄي عمر پيو ياد ڪندس.
تون چئين ته توکي کوليان، ۽ تنهنجي جاءِ تي آءٌ
ويهي حياتيءَ جا آخري ڏينهن گذاريان. گدڙ ته پئي
پير سوريا، سو پرئي مڙس گدڙ کي چيائين ته: پريا
مڙس! جيڪڏهن تنهنجي هروڀرو اها مرضي آهي ته
ڀلي.... هاڻي هيئن ڪر، جو منهنجي ڳچيءَ مان رسي
ڪڍي، تون پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي، هن ٿوڻيءَ جي ڀرسان
ويهي رهه. صبح جو سوير، گهر جو مالڪ پاٽ ڪــُـٽيءَ
جي کڻي اچي کارائيندءِ. مزي سان کائي خوش ٿي، مون
کي پيو دعائون ڪجانءِ. پوڙهي گدڙ ائين ڪيو، ۽ هو
پنهنجي جان ڇڏائي وٺي ڀڳو.
صبح جو دستور موجب موالي پسيل پادرن جي پاٽ ڀري
اچي هن جي اڳيان رکي. هن جو اها پاٽ ايندي ڏٺي، سو
خوشيءَ کان وٺي ٽپ ڏيڻ لڳو. موالي ايندي شرط ئي
پاٽ مان پسيل پادر کڻي اچي بيٺو هن جي ٽپڻ تي
وسائڻ. گهڻوئي ڇڏائڻ جي ڪيائين پر ڪٿي ٿو ڇٽي ۽
اهي پادر کائي ليٽي پيو. انهيءَ ڏينهن ته اڌمئو
ٿيو پيو هو، نه ڪجهه کاڌائين نه پيتائين. دل ۾
خيال ڪيائين ته گدڙ مون سان چڱي جوڙي جٺ ڪئي. پوءِ
سوچيائين ته، هاڻي ڪيئن جان ڇڏائجي. سو ٻئي ڏينهن
صبح جو مواليءَ کي ايندو ڏسي، چوڻ لڳس ته: ادا!
مان اهو گدڙ ڪين آهيان،بلڪ مان ته گدڙن جو چڱو مڙس
آهيان، ۽ بادشاهه جو يار آهيان. هتي ته فريب سان
اچي ڦاٿو آهيان، هاڻي منهنجي مارڻ مان توکي هٿ ڇا
ايندو؟ مهرباني ڪري مون کي آزاد ڪــر. امـيـد آهـي
ته ان جـي عـيـوض دل گـهـريو ڪم ڪري ڏيندس.
مواليءَ کي به اهـا ڳالهه دل سان لڳي، سو هن تي
اعتبار ڪري کيس ڇوڙي ڇڏيائين. گدڙ به ڇڙڻ سان
سامهون بيهي چيس ته: گهر جيڪي گهرڻو اٿئي؟ مواليءَ
چيس ته: جيڪڏهن ائين ٿو چوين ته پوءِ مون کي هن
ملڪ جي بادشاهه جي وڏور ڌيءَ پرڻاءِ. گدڙ چيس ته:
بس، ڳالهه به ايتري. هاڻي تون ويهي مزا ڏس ته ڪيئن
ٿو توکي شهزاديءَ جو سڱ وٺي ڏيان. ائين چئي گدڙن
جو پريو مڙس، درٻار ڏانهن روانو ٿيو.
گدڙ، بادشاهه جي درٻار ۾ آيو، ۽ ٽپ ڏئي وڃي
بادشاهه سان گڏ تخت تي ويٺو. بادشاهه چيس ته: يار
گدڙ! ڏي خبر، ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟ گدڙ چيس ته: قبلا!
هڪڙو بادشاهه آهي، جو اوهان جي وڏور ڌيءَ سان شادي
ڪرڻ ٿو گهري. هاڻي جيڪڏهن رضا خوشيءَ سان سڱ ڏيو
ته واهه، نه ته هو اوهان سان جنگ ڪرڻ لاءِ به تيار
آهي. انهيءَ لاءِ مان اوهان وٽ آيو آهيان، هاڻي
جيڪا اوهان جي مرضي. اهو ٻڌي اول ته بادشاهه ڪاوڙ
۾ ڳاڙهو ٿي ويو، پر پوءِ گدڙ کي چيائين ته: يار!
انهيءَ جو جواب سڀاڻي مان توکي ڏيندس. پوءِ حڪم
ڪيائين ته: هن کي شاهي مهمانخاني ۾ رهايو وڃي. گدڙ
رات جو شاهي مهمان جي حيثيت ۾ رهي ڪري ڏاڍا مزا
ڪيا. سندس چڱو آڌر ڀاءُ ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو
بادشاهه کيس گهرائي سڱ ڏيڻو ڪيو. گدڙ پنهنجي پهرين
سوڀ ڏسي ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ انجام ٻڌي واپس آيو
مواليءَ وٽ، ۽ چيائينس ته: ادا! هاڻي ترت شاديءَ
جي تياري ڪر. پر ٻيلي! ٻڌاءِ ته سهي، ڪجهه اٿئي
گهر ۾؟ مواليءَ چيس ته: يار! مون وٽ آهن رڳو ٻه
ڍڳيون ۽ هڪڙو منڊڙو گڏهه. گدڙ چيس ته: چڱو ائين
آهي ته اهي ڍور وڪڻي هڪڙو سٺو وڳو جوڙائي ڇڏ، باقي
ٻيو سڀ بار آهي مون تي، آءٌ پاڻهي بندوبست ڪندس.
موالي پنهنجا ڍور وڪڻي، هڪڙو سٺو وڳو جوڙائي رکيو،
۽ مقرر ڪيل تاريخ تي گدڙ ۽ موالي ٻه ڄڻا ڪٺا ٿي
شادي رچائڻ هليا.
هلندي هلندي درياءَ تي اچي پهتا. اتان بادشاهي شهر
ڪجهه پرڀرو هو. درياءَ جي ڀر تي بيهي،گدڙ، مواليءَ
کي چيو ته: تون هاڻي هتي ٿي ويهه، ته آءٌ وڃان ٿو
بادشاهه وٽ ۽ وڃي ڪا تو ڏانهن سواريءَ
موڪليان،سياڻو ٿج، سواءِ هاٿيءَ جي ڪنهن ٻيءَ
سواريءَ تي نه سواري ڪج. ائين چئي گدڙ درياءَ
اُڪري، ٻيءَ ڀر تي گپ ۾ ليٽي پيٽي، سڌو شاهي درٻار
۾ آيو. بادشاهه ۽ وزير، گدڙ جي ههڙي حالت ڏسي حيرت
۾ پئجي ويا ۽ کانئس پڇيائون ته: گدڙ! توسان ڪهڙي
ويڌن آهي؟ گدڙ جواب ڏنو ته: سائين! ڳالهه ئي نه
پڇو. اوهان جي ٿيڻ واري ناٺي ۽ اسان جي بادشاهه جي
عمر ڪا وڏي هئي جو بچي ويو نه ته هينئر الاجي اسين
ڪٿي هجون ها. اتي بادشاهه وڌيڪ حيران ٿي گدڙ کان
پڇڻ لڳو، جنهن تي گدڙ چيس ته: جيئندا قبلا! اسين
جيئن ئي ڄڃ جا ٻيڙا ڀرائي هيڏانهن پئي آياسين ته
اوچتو طوفان اچي لڳو، ۽ اسان جا سمورا ٻيڙا اونڌا
ٿي ويا، فقط آءٌ ۽ بادشاهه سلامت بچي وياسين. ٻي
ڪا هڪ چيڙهه به ڪانه بچي. تڏهن هي حال ٿيا آهن....
هاڻي مهرباني ڪري بادشاهه سلامت ڏانهن ڪا سواري
موڪلي ڏيو، جو هو اتي درياءَ جي ڀر تي بيٺو آهي.
اهو ٻڌي بادشاهه يڪدم هڪ دستو گهوڙن جو ڏياري
موڪليو. پر موالي هو گدڙ جو پڙهايل، سو ڪٿي ٿو
هاٿيءَ کانسواءِ ٻي سواريءَ کي کنگهي. تنهنڪري
انهن گهوڙن کي موٽائي ڇڏيائين. وري بادشاهه جي حڪم
سان ڀلن اُٺن تي پاکڙا رکائي هن ڏانهن موڪليا ويا.
پر هن انهن اُٺن کي به موٽائي ڇڏيو. نيٺ گدڙ کي
گهرائي هن کان حقيقت پڇيائين. جنهن چيو ته:
بادشاهه سلامت! اُٺن يا گهوڙن جي سواري ڪو بادشاهي
شان وٽان آهي! اسان جي بادشاهه سلامت ڏانهن هاٿي
سنجي ٺاهي خدمت ۾ موڪليو ته پوءِ ڏسو ته ڪيئن ٿو
هليو اچي. بادشاهه ائين ڪيو ۽ موالي به يڪدم سوار
ٿي بادشاهه وٽ آيو. بادشاهه به هن جي آجيان ڪئي، ۽
کيس بادشاهي مهمانخاني ۾ رهايو، جتي رهي هن خوب
مهمانيون کاڌيون.
هڪڙي ڏينهن بادشاهه حڪم ڪيو ته، آيل بادشاهه
(مواليءَ) کي شهزاديءَ جي ماڙيءَ تي موڪليو ته
جيئن هو پاڻ ۾ ملي هڪٻئي جي عادتن کان واقف ٿين، ۽
ان کان پوءِ شادي ڪئي وڃي. گدڙ هن کي هر طرح
سمجهايو ته: يار! هاڻي ڪا پنهنجي مڙسي ۽ سياڻپ
ڪجانءِ، نه ته ٺهيل ٺڪيل ڪم خراب ٿي پوندو. سج لٿي
کان پوءِ شهزاديءَ جي ست ماڙ جو رستو ڏيکاري، نوڪر
پٺتي موٽي آيا. هيءَ اندر لنگهيو ته عجيب قسم جا
پردا ۽ چٽساليون ڏسي سندس وايون ئي ولهڙيون ٿي
ويون ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته: مان هڪ غريب موالي، هي
هيڏو سارو معاملو ڪيئن مـُـڪائيندس؟ ائين پور
پچائيندو ساري رات هيٺين ماڙين جي ڪمرن ۾ چرين
وانگر ڦرندو رهيو. تان جو صبح ٿيو ۽ موٽي پنهنجي
رهڻ واري جاءِ آيو. ٻيءَ رات به ائين ٿيو. گدڙ هن
کان حقيقت پڇي. مواليءَ سموري ڳالهه ڪري ٻڌايس.
گدڙ چيس ته: جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ يار منهنجي
موڪلاڻي اٿئي. مواليءَ انجام ڪيو ته اڄ شهزاديءَ
وٽ ويندس. ٽيءَ رات جيئن نوڪر هن کي ست ماڙ جي در
تي ڇڏي ويا، تيئن هن ڇا ڪيو جو پنهنجون اکيون
رومال سان ٻڌي ٿڙندو ٿاٻڙندو اچي ستينءَ ماڙ تي
شهزاديءَ وٽ پهتو ۽ انهيءَ کي ڀر ڪري ڀاڪر وجهي
پلنگ تي ليٽائي، کيس هيڏي هوڏي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳو.
شهزادي ويچاري هيسجي ويئي. نيٺ خدا خدا ڪري صبح جو
هن کان جان ڇڏايائين. صبح جو موالي ڏند ڪڍي اچي
گدڙ سان سموري خبر چار ڪئي. صبح ٿيڻ سان شهزاديءَ
به سموري حقيقت پنهنجي پيءُ سان ڪئي ۽ چيو ته:
هيءُ ته ڪو جهنگلي ٿو ڏسجي، هن کي بادشاهه ڪنهن
ڪيو آهي؟ بادشاهه اهو ٻڌي منجهي پيو ۽ اچي وزير
سان صلاح ڪيائين. وزير چيس ته: جيئندا قبلا! هاڻي
هيئن ڪجي جو هن کي سامونڊي گهوڙو وٺي اچڻ لاءِ
چئجي، پوءِ جيڪڏهن سچ پچ بادشاهه هوندو ته کيس
گهوڙي وٺڻ جي خبر هوندي، نه ته پاڻهي گهوڙو اِٽون
هڻي ختم ڪري ڇڏيندس، اسين به خواريءَ کان بچي
وينداسين ۽ ڳالهه به رهجي ايندي.
صبح جو بادشاهه، گدڙ کي گهرائي چيو ته: اسان کي
هڪڙي سامونڊي گهوڙي جي ضروت آهي، تنهنڪري تون
پنهنجي بادشاهه کي چئي آڻائي ڏي. گدڙ چيو ته: حاضر
قبلا! اهو ته خسيس ڪم آهي. ائين چئي گدڙ اچي سموري
حقيقت مواليءَ سان ڪئي ۽ چيائينس ته: متان حيران
ٿيو آهين. تون رڳو مون سان گڏجي هل ۽ اتي هلي وڻ
تي چڙهي ويهي رهه. مان پاڻهي اهو ڪم ڪندس. تون
جڏهن ڏسين ته گهوڙو ڊوڙي ڊوڙي هاڻي ٿڪجي پيو آهي،
تڏهن وڻ تان لهي اچي اُن تي چڙهجانءِ. اها صلاح
ڪري صبح جو سوير تيار ٿي سمنڊ ڏي هليا ۽ ان جي ڪپ
تي ڳولا ڪرڻ لڳا. نيٺ پري کان هڪ گهوڙي تي نظر
پين. ٽلندا ٽلندا جڏهن گهوڙي جي ويجهو پهتا، تڏهن
موالي وڃي هڪڙي وڻ تي چڙهي ويٺو، ۽ گدڙ لڳو گهوڙي
کي ڊوڙائڻ. صبح کان وٺي ڊُڪائيندو رهيس، تان جو
اچي منجهند ٿي. اتي ڊڪي ڊڪي گهوڙو ٿڪجي پيو، ۽ پٽ
تي ڦان ٿي ڪري پيو. ڪجهه وقت ڏڪي ڏڪي، نيٺ مواليءَ
واري وڻ هيٺان اٿي بيٺو. اتي گدڙ، مواليءَ کي
اشارو ڪيو تهُ ”هاڻي وارو ڪر.“ موالي به يڪدم اچي
گهوڙي تي لانگ ورائي. مواليءَ جي لانگ ورائڻ ۽
گهوڙي جو ڀڄڻ لاءِ وري کنڀ ساهڻ. اڃا نروئي مس
کنيائين ته مواليءَ کڻي وڻ ۾ ٻک وڌو ۽ ڏاڍو سوگهو
جهلي بيٺس. گهوڙي ڀڄڻ لاءِ گهڻائي وس ڪيا پر
ڀـَـوَ کان هن وڻ جي پـَـچـَـر اصل ڪانه ڇڏي. نيٺ
وڻ پاڙئون پٽجي آيو. بس پوءِ ته وڻ مواليءَ جي
ڪــُـلهي تي ۽ موالي گهوڙي جي پٺيءَ تي. وٺي کڻي
کنيائينس، پر گهوڙو هو ٿڪل، سو ٿورو ڊڪي وري ڍرو
ٿي هلڻ لڳو ۽ گدڙ هن کي ڦيرائيندو ڦيرائيندو سڌو
بادشاهه جي درٻار ڏانهن وٺي آيو. بادشاهه ۽ وزير
به هن جي انتظار ۾ بيٺا هئا. انهن جڏهن ڏٺو تڏهن
حيرت ۾ پئجي ويا. چي: مار! هي ته ڪو بهادر شخص
آهي. وزير به بادشاهه کي يقين ڏياريو ته: هيءُ
بيشڪ شهزادو ۽ سورهيه آهي. هن جهڙي جوان سان مائٽي
ڪرڻ مناسب آهي. بادشاهه کي به خاطري ٿي، تنهن ڪنهن
به ويچار ڪرڻ کان سواءِ يڪدم کڻي هائو ڪئي. پوءِ
مواليءَ جي شاديءَ جا سانباها شاهاڻي شان سان ٿيڻ
لڳا. نيٺ بادشاهه هڪ عاليشان محلات ٺهرائي،
مواليءَ جي پنهنجي وڏور ڌيءَ سان شادي ڪرائي، ڏاج
ڏيوڻ ڏيئي، کين اتي وڏي شان مان سان رهايائين. جتي
هو پاڻ ۾ عيش عشرت ۽ مزن موجن ۾ گذارڻ لڳا. پوءِ
هڪڙي ڏينهن گدڙ هنن کان موڪلائي، موٽي اچي جهنگل
ڀيڙو ٿيو.
vvv
vv
v
7- گدڙ ۽ پوڙهي*
هڪڙي پوڙهي هوندي هئي، جنهن کي اولاد ڪونه هو،
تنهن هڪ ٻاروٽو (ٻير جو ننڍو وڻ) گهر ۾ پوکيو. کيس
پاڻي ڏيئي تاتي وڏو ڪيائين. سال کن کان پوءِ اهو
ٻاروٽو تيار ٿيو، ۽ ٻيرن جي مند ۾ ٻير جهليائين.
ٻير به اچي پڪا، سو پوڙهيءَ خيال ڪيو ته اڄ ٻير
هيٺان ٻهاري ڏيئي ميدان صاف ڪري ڇڏيان ۽ صبح جو
اٿي ٻير ڌوڻي کائينديس. انهيءَ رات هڪڙو بکيو گدڙ،
شڪار جي ڳولا ۾اتان اچي لنگهيو ته سندس نظر ان پڪل
ٻير تي وڃي پيئي. آهستي آهستي پير پير ۾ ڏيئي ان
ٻاروٽي جي هيٺان اچي بيٺو. ڇو ته پوڙهيءَ جا ٻه
ڪڪڙ به ان ٻير تي ويٺا هجن، پوءِ ته گدڙ لاءِ عيد
ٿي ويئي. گدڙ يڪدم ڏندن سان ”کڙکڙ“ ڪئي ته ڪڪڙ
”ٽان ٽان“ ڪري اچي پيرن ۾ پيس. ڪڪڙ کائي وري اچي
ٻيرن کي لڳو. جڏهن ٻير کائي ڍؤ ڪيائين، تڏهن هنگڻ
جو خيال ٿيس. گدڙ هميشه ڪنهن نه ڪنهن ٺڪر ڀتر تي
مٿانهين جاءِ تي هنگندو آهي، سو هيڏانهن هوڏانهن
ڏٺائين ته چلهه جي ڀر ۾ تؤ اُڀو پيل نظر آيس، ان
تي هنگي هليو ويو. صبح جو پوڙهي اُٿي ڏسي ته ڪڪڙن
جا کنڀ پيا آهن ۽ ٻير به سڀ کاڌا پيا آهن. وري جو
چلهه ڏي وڃي ته تؤ به گدڙ جي گونهه سان خراب ٿيل
ڏٺائين. ويچاري منهن مٿو پٽي ويهي رهي. ٻيءَ رات
وري به ساڳيو گدڙ آيو ۽ ٻير کائي، تئي تي هنگي
ويو. پوءِ ته گدڙ اچي هريو. روز رات جو اچي ٻيـر
کائي،
تئي تي هنگي هليو ويندو هو. پوڙهي ويچاري گهڻئي
هڪلون ڏئيس پر گدڙ مڙيئي نه. آخر هڪڙي ڏينهن ڪنهن
پاڙي واريءَ چيس ته: مائي، آءٌ توکي هڪڙي اٽڪل ٿي
ڏسيان، ائين ڪرڻ سان نڪي تنهنجا ٻير کاڄندا ۽ نڪو
وري گدڙ ئي ايندو. هيئن ڪر جو رات جو تؤ باهه ۾
وجهي ڇڏ، جڏهن تپي ڳاڙهو ٿئي،تڏهن اُن کي ڪڙو تيل
۽ ڳاڙها مرچ هڻي، اُڀو ڪري رکي ڇڏ. پوءِ ويٺي رنگ
ڏسجئين. انهيءَ رات، پوڙهيءَ اُن مائيءَ جي چوڻ
موجب سڀ سرانجامي ڪري ڇڏي. ڪجهه دير کان پوءِ گدڙ
آيو ۽ ٻير کائي هنگڻ جي خيال سان تئي ڏانهن رخ
رکيائين. اڃا تتل تئي تي ويٺو ئي مس ته پول سڙڻ
لڳس، اوناڙيون ڪري وٺي ڀڳو، ۽ وري ڪڏهن به اُن
پوڙهيءَ ڏانهن نه آيو.
vvv
vv
v
|