سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڪهاڻي؛  9 8

صفحو :4

8- ڪڙمي، شينهن ۽ گدڙ*

هڪڙي ڀيري ڪنهن ڪڙميءَ جوئر پوکي، جا ڏاڍي ڀلي ٿي. ڪڙمي روز پنهنجي پوک جي تمام گهڻي سنڀال ڪندو هو، ۽ پنهنجي ڀلي پوک ڏسي پيو خوش ٿيندو هو. اوچتو هڪڙو شينهن اچي پوک ۾ هريو. شينهن کي جوئر جا ڪانا لڳا مٺا، سو ڪجهه چوسيندو هو ته ڳچ جيترا وري ڀڃي خراب ڪري هليو ويندو هو. ڪڙمي ويچاري پنهنجي پوک جي اها حالت ڏٺي سو ڏاڍو ارمان ٿيس، پر ڇا ڪري جو شينهن سان پڄڻ جي جاءِ ڪانه هيس، سو مـِـٺـِـي به ماٺ، مـُـٺـِـي به

ماٺ، دل جو سور دل ۾ سانڍيو پيو هلندو هو.

 

ڪڙميءَ جي زال، مڙس کي ويڳاڻو ڏسي، کانئس ان جو سبب پڇيو: ڪڙميءَ کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. زال چيس ته: تون ڳڻتي نه ڪر، انهيءَ شينهن جو آءٌ پاڻهي ٿي بلو ڪريان. پوءِ مڙس کي چيائين ته: تون پيهي تي ويهي جهار هڪل. ڪڙمي کانڀاڻي کڻي سڌو ٻنيءَ تي آيو ۽ پيهي تي چڙهي جهار هڪلڻ لڳو. ايتري ۾ شينهن به آيو ۽ پنهنجيءَ ڪرت ۾ لڳي ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪڙميءَ جي زال ڇا ڪيو، جو پنهنجي سڄي بت تي گپ ملي، مـَـنـَـهـَـن مان هڪڙو چڱو موچارو پـَـڃـَـر ڪڍي ڪلهي تي رکي، سڌي پوک ڏي رواني ٿي.

جڏهن ٻنيءَ تي پهتي، تڏهن شينهن جا پير ڏٺائين ۽ ڪانن جي ڀڄڻ ۽ ٽٽڻ جو آواز به ڪن تي پيس. سو هڪل ڪري ڪڙميءَ کي چيائين ته: ڙي ڪڙمي! هتان هيلوڪو، پروڪو يا ٽيو ورهوڪو ڪنهن شينهن جو پير ڏٺو هجئي ته ڏس ڏي. ڪڙميءَ پڇيس ته: تون ڪير آهين؟ ڪڙميءَ جي زال چيو ته: آءٌ عزرائيل آهيان، الله سائين جا نغارا ڦاٽي پيا آهن، سو انهن لاءِ شينهن جي کل گهرجي. هاڻي مون کي ڪيئن به شينهن ماري، ان جي کل لاهي، الله سائين ڏي کڻي وڃڻي آهي. شينهن جو اهو ڳالهاءُ ٻڌو، سو سڄو هراسجي ويو ۽ خوف ۾ ڄـُـڪَ هڻي ويهي رهيو. ڪڙميءَ، عزرائيل کي جواب ڏنو ته: سائين! هتي ته شينهن آهيئي ڪونه، ٻئي ڪنهن پاسي ڳولي ڏسو. عزرائيل چيس ته: تنهنجي ٻنيءَ ۾ پير ڏسجن پيا، تون وري ڪوڙ ٿو ڪرين..... جي سچي نٿو ڪرين ته تنهنجو به خير ڪونهي! ان تي ڪڙميءَ وراڻيو ته: سائين! اهو پير جيڪو اوهين ڏسو پيا، سو ته گهڻي وقت جو آهي. تڏهن برابر هتي هڪڙو شينهن ايندو هو. پر هاڻي شايد اهو ڪنهن ٻئي پاسي هليو ويو آهي. اتي عزرائيل چيو ته: نه ڙي نه! تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.... چڱو آءٌ پاڻهي ڳولهي ٿو ڏسانس. ائين چئي ڪڙميءَ جي زال، ٻنيءَ کي چوڌاري ڦيرا ڏيڻ لڳي.

هوڏانهن شينهن جو ڏٺو ته عزرائيل ٻنيءَ جي ٻئي پاسي ويو آهي، سو هڪدم ٻنيءَ مان نڪري، سڌو ڪڙميءَ وٽ آيو ۽ پڇيائينس ته: ڀائو، اهو ڪير آهي؟ ڪڙميءَ جواب ڏنس ته: يار! اهو عزرائيل آهي، جو تنهنجي کل لاهڻ آيو آهي. شينهن چيس ته: ٻيلي، خدا جي واسطي مون کي ڪنهن پاسي لڪاءِ، نه ته آءٌ مري ويندس. ڪڙمي چيس ته: ٻي ته لڪڻ جي جاءِ ڪانهي، باقي هيءَ هـُـرلي جي چـَـهي آهي، تون ان ۾ لڪي وڃ، هو توکي ٻنيءَ ۾ نه ڏسندو ۽ نيٺ هليو ويندو. ايترو ٻڌي شينهن هڪدم چـَـهيءَ ۾ گهڙي ويهي رهيو، پر چـَـهي هئي ننڍي، سو سندس ڪنن جون چوٽيون ٻاهر رهجي ويون. اتي ڪڙميءَ، شينهن کي چيو ته: تنهنجي ڪنن جون چوٽيون ٻاهر رهجي ويون آهن. اهي جي عزرائيل ڏٺيون ته توکي هڪدم ماري، تنهنجي کل لاهي هليو ويندو. شينهن چيس ته: ادا! وارو ڪر! اهي ڪپي وٺ. ڪڙمي ڏاٽي سان شينهن جي ڪنن جون چوٽيون ڪپي ورتيون.

ايتري ۾ عزرائيل به سڄي ٻني گمهي ڦري اچي ڪڙمي وٽ پهتو ۽ ڪڙمي کي چيائين ته: اڙي ڪڙمي! شينهن جي سچي ڪر نه ته توکي ماري ڇڏيندس، ڇو ته پير تازا پيا ڏسجن. ڪڙمي عرض ڪيو ته: سائين! توهان سڄي ٻني گهمي آيا آهيو.... جي شينهن هجي ها ته ڏسو ڪونه ها! شينهن ويچاري جي عزرائيل جو آواز ٻڌو، سو هيڪاري چـَـهي ۾ ڄـُـڪ هڻندو ويو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته: خدا خير ڪري، هينئر هيءَ آفت ٽري، وري ته هن طرف منهن به ڪونه ڪندس. ڪير مصيبت ۾ ڦاسندو! عزرائيل ڄاڻي واڻي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي چيو ته: اهو پريان چـَـهي ۾ ڇا پيو ڏسجي؟ ڪڙميءَ چيو ته: سائين! اهو واجهه ويڙهي سيڙهي رکيو اٿم. تنهن تي عزرائيل چيو ته: چڱو، ان واجهه مان ٿورو ٽڪر وڍي ڏينم، جو کپيم ٿو. ڪڙمي، شينهن کان اشاري ۾ پڇيو، جنهن چيو ته: پڇ وڍي کڻي ڏينس. پڇ وٺي عزرائيل چيو ته: چڱو آءٌ هينئر وڃان ٿو، پوءِ وري ايندس. جي شينهن اچي ته اُن کي هٿيڪو ڪري ويهارج، نه ته تنهنجو خير ڪونه هوندو. ائين چئي ڪڙمي جي زال رواني ٿي ويئي.

هيڏانهن عزرائيل جو پٺ ڏيڻ ۽ شينهن جو چـَـهيءَ مان نڪري اچڻ. ڪڙميءَ چيس ته: ڀائو، جي ڀڄڻو اٿيئي ته ڀڄ نه ته وري عزرائيل آيو ته پوءِ پاڻ ٿو سمجهين. شينهن هڪدم وٺي ڀاڄ کاڌي ۽ کڻي جهنگ منهن ڪيائين. هوڏانهن ڪڙميءَ جي زال ڦيرو ڏيئي وري ٻنيءَ ۾ آئي ۽ پيهي تي چڙهي پنهنجي مڙس سان خوش ٿي ويهي رهي.

 

شينهن جو جهنگ منهن ڪيو پئي ويو، تنهن کي رستي تي هڪڙو گدڙ گڏيو، جنهن شينهن کي هن حالت ۾ ڏسي کانئس خبر پڇي. شينهن چيو ته: يار، ڳالهه ئي نه پڇ. الله سائين جا نغارا ڦاٽي پيا هئا، جن جي لاءِ شينهن جي کل گهربل هئي. عزرائيل کان مسين مسين جان بچائي وٺي ڀڳو آهيان. گدڙ چيس ته: سائين! اهو نسورو ڪوڙ آهي. اها ڪڙميءَ جي زال هئي، جنهن کڻي ڇند پکيڙيو هو. اعتبار نه اچيو ته هلو ته هلي ڏيکاريانوَ. شينهن چيس ته: تون وري مون کي ٻوهي ۾ ٿو ڏين. تون ڀانئين ته آءٌ شينهن کي ڦاسائي پاڻ ڀڄي وڃان! گدڙ چيس ته: سائين! ائين وري ڪيئن ٿيندو؟ اوهان کي جي اعتبار نه اچي ته اوهان منهنجي ڳچي ۽ پنهنجي ڳچيءَ ۾کڻي رسو ٻڌو.  پوءِ آءٌ ڪيڏانهن ڀڄي به نه سگهندس. شينهن چيس ته: ٺيڪ آهي. پوءِ ڳچين ۾ رسو ٻڌي، سلهاڙجي ڪڙميءَ جي ٻنيءَ ڏي هليا.

ڪڙمي جي زال، جا پيهي تي ويٺي هئي، تنهن جو پري کان شينهن ۽ گدڙ کي گڏ سلهاڙيل ڏٺو، سا سڄي ڳالهه سمجهي ويئي ته هي سڀ بدمعاشي انهيءَ گدڙ جي آهي، هاڻي انهي گدڙ کي ڀڄائڻ کپي. سو هڪدم اهو ساڳيو پڃر کڻي ڪلهي تي رکي، گدڙ کي هڪل ڪري چيائين ته: اڙي چنڊا! تون ته پر سال الله سائين سان ٻن شينهن جي آڻڻ جو واعدو ڪري آيو هئين، هينئر وري رڳو هڪڙو شينهن! سو به پڇ کان لـُـنڊو ۽ ڪنن کان ڪـُـرو وٺيو پيو اچين، باقي هڪڙو شينهن ڪٿي؟ شينهن جو اها ڳالهه ٻڌي، سو پڪ ٿيس ته گدڙ مون سان دولاب ڪيو آهي، سوڪاوڙ مان وٺي جو گدڙ کي چنبو هنيائين، ته گدڙ اتي جو اتي مري ويو ۽ پاڻ وٺي ڀڳو. سڌو  وڃي جهنگ ۾ ساهه پٽيائين ۽ وري انهيءَ پاسي منهن به ڪين ڪيائين.

 

vvv

vv

v
 

9- شينهن، گدڙ ۽ دايو*

 

هڪڙي ڏينهن هڪڙو شينهن شام جو ڪنهن ڳوٺ وٽان اچي لنگهيو، ته ٻڌڻ ۾ آيس ته مائرون پنهنجن ٻارن کي سڏي پيون چون ته: اَبا! ڊوڙي اچو، ڊوڙي اچو، ٽـِـڪار جي مهل ٿي آهي. شينهن جو ”ٽڪار“ جو نالو ٻڌو، سو سمجهيائين ته ٽڪار ڪا مون کان به اهڙي زبردست آفت آهي، جو ماڻهو اُن کان ڊڄن ٿا! ڏسان ته سهي ته اِها ڪهڙي بلا آهي. سو انهيءَ تماشي ڏسڻ لاءِ هڪڙيءَ ڀڳل جاءِ  لڪي ويهي رهيو.

اتفاق سان ڳوٺ جي دائي جو به اُن ڏينهن ڪو گڏهه گم ٿي ويو هو، سو اُن وقت هو ڀڳل جاين ۾ جهوتون هڻندو ان جاءِ وٽ پهتو، جتي شينهن لڪو ويٺو هو. ان مهل ڪجهه منهن اونداهي اچي ٿي هئي، سو دائي به شينهن کي گڏهه سمجهي ٻٽي سونٽيون ڇڪي، ڪن مان جهلي گهر ڏي گهلڻ لڳس. شينهن سمجهيو ته لاشڪ ٽڪار اچي ويئي، سو ڊپ ۾ ماٺ ڪري دائي سان هلڻ لڳو. گهر پهچي شينهن کي ڪلي ۾ ٻڌي، ماني ٽڪي کائي دايو وڃي سمهي رهيو. جڏهن صبح ٿيو تڏهن فجر وقت شينهن کي گڏهه سمجهي، مٿس گهور جو کڙيو رکي ٽپ ڏيئي چڙهي ويٺو ۽ اڳتي هڪلڻ لڳس. ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، دايو دل ۾ چوڻ لڳو: اڄ نامراد کي الاجي ڇا ٿيو آهي، جو هلي ئي ڪونه ٿو ۽ وچڙندو هلي. جڏهن سج ڪـَـني ڪڍي ۽ دائي، شينهن کي چتائي ڏٺو ته يڪدم اچي ٿڙڪڻي ورتس، چي: مار، هيءُ ته شينهن آهي! پر هاڻي ڪري سو ڪري ڇا؟ آخر هلندي هلندي، شينهن جيئن هڪڙي گهيڙ مان ٿي لنگهيو، تيئن دايو کڙيي کي جهلي، آهستي ڪري گهيڙ ۾ ڊهي پيو ۽ شينهن به مٿي ڪپ تي وڃي بيهي رهيو ته متان ٽڪار ڪاوڙجي.

شينهن، دائي جي انتظار ۾ ڪپ تي بيٺو رهيو، ۽ دايو وري شينهن جي ڊپ ۾ کڙيي هيٺان جهاتيون پائڻ لڳو ته شينهن ويو يا نه. ڪجهه وقت کان پوءِ اُتان هڪ گدڙ اچي لنگهيو ۽ شينهن کي هراسيل ڏسي حيران ٿي ويو. نيٺ ويجهو وڃي شينهن کان پڇيائين ته: سائين منهنجا، خير ته آهي، اوسيڙي ۾ بيٺا آهيو؟ شينهن ڊپ ۾ جواب ڏيڻ بدران، آڱر سان دائي ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چپن تي آڱر رکي اشارو ڏنائين ته ماٺ ڪر! تڏهن گدڙ وڌي گهيڙ ۾ کڙيي هيٺان لڪل دائي کي ڏسي، پڇيائينس ته: ميان! ٻيو ته مڙئي سک آهي؟ دائي جواب ڏنو ته: ٻيو سڀ سک آهي پر هن آفت کان ڪنهن طرح جند ڇڏائينم. گدڙ اتي سهي ڪيو ته هي ٻئي هڪٻئي کان ڊنل آهن. هن کي ساڄي لڳي وئي، سو دائي کي چيائين ته: جي توتان اها آفت ٽاريان ته پوءِ ڇا ڏيندين؟ دائي چيس ته: تون جيڪي چوندين اهو ڏيندوسانءِ، رڳو هتان منهنجي جند ڇڏاءِ. گدڙ چيس ته: چڱو، پر مون کي رڳو پيٽ ۾ چڪ هڻڻ ڏجئين. دائي اها ڳالهه قبول ڪئي. پوءِ گدڙ وري آيو شينهن وٽ ۽ چيائينس ته: شينهن شير خدا جا، اِها آفت آهي برابر وڏي، پر اوهان کي بچائڻ منهنجو فرض آهي، جو توهين اسان جا بادشاهه آهيو. هاڻي آءٌ ٿو آڏو بيهان، توهين لڪي لڪي هليا وڃو. پوءِ گدڙ، دائي جي آڏو ٿي بيٺو ۽ شينهن وٺي ڀڳو. شينهن جي وڃڻ کان پوءِ گدڙ وري دائي وٽ آيو ۽ چيائينس ته: هاڻي چڪ هڻڻ ڏي. دائي لاچار ٿي پيٽ تان قميص مٿي کنئي ته ڊپ وچان پيٽ ۾ اچي گـُـڙ گـُـڙ ٿيس. تنهن تي گدڙ پڇيس ته: هي گرڙاٽ ڇا جو آهي؟ دائي چيس ته: ننڍي هوندي مائٽن منهنجي پيٽ ۾ ڪتيءَ جو پلونگڙو وجهي ڇڏيو هو، جو هاڻي وڏو ٿيو آهي ۽ چوي ٿو ته ڇڏ ته انهيءَ گدڙ کي ڏسان آءٌ چوانس ٿو ته ڀلي چڪ هڻي ته خبر پويس. اتي گدڙ کي اچي ڊپ لڳو، سو دائي کي اتي ڇڏي وري  شينهن جي پويان اُٿي ڀڳو ۽ هن کي واپس ورڻ لاءِ منٿو ڪرڻ لڳو. شينهن کي چيائين: هو دايو، تون جهنگ جو بادشاهه....ڊڄي اُٿي ڀڳو آهين! هل ته هلي رستي تي روڪيونس. تڏهن شينهن چيس ته: ٻـيلي! ڇا به هجي، پر اڪيلو هرگز نه هلندس. تڏهن گدڙ صلاح ڏنيس ته: ڀلا گجگوڙ ڪر ته ٻيا شينهن به اچي گڏ ٿين ته پوءِ گڏجي هلي حملو ڪريونس. اتي شينهن وٺي گجگوڙ ڪئي ته ٻه ٽي شينهن اچي اتي نڪتا. پوءِ گدڙ ٿيو اڳيان ۽ شينهن ٿيا پٺيان، ۽ دائي ڏي هلڻ لڳا.

هيڏانهن دائي جڏهن ڏٺو ته سڀ مصيبت ٽري ويئي، تڏهن کڙيي هيٺان نڪتو ۽ اُٿي ڪپڙا ڇنڊي واپس ورڻ جو سعيو ڪرڻ لڳو. اڃا اتي ئي بيٺو هو ته اوچتو سندس نظر وڃي گدڙ ۽ شينهن تي پيئي. ڏٺائين ته مار! مصيبتون ڀڳيون اچن، سو يڪدم ٽپ ڏيئي وڻ تي چڙهي ويهي رهيو. جڏهن اچي ڏٺائون ته دايو وڻ تي ويٺو آهي، تڏهن ان کي پهچڻ لاءِ حيلا هلائڻ لڳا. آخر هڪٻئي جي پٺن تي چڙهڻ لڳا، پر ”ٽڪار“ جو ڏهڪايل شينهن سڀني جي هيٺان بيٺو، ۽ هڪٻئي کي ڊڊيون ڏيئي مٿي چڙهڻ لڳا. باقي هڪڙو شينهن رهيو جو مٿي چڙهي دائي کي پڪڙي ها ته، دائي يڪدم رڙ ڪري چيو ته: اڙي ٽڪار! وٺ هيٺئين شينهن کي. ٽڪار جو نالو ٻڌندي ئي هيٺيون شين تند ٿي ويو، ۽ مٿين به هڪٻئي پٺيان ڌڙم اچي هيٺ ڪيو، ۽ ڪـِـرڻ سان وٺي ڀڳا.

شينهن جي وڃڻ کان پوءِ دائي، گدڙ کي ڏسي چيو ته: وٺ ڙي پلونگڙا، گدڙ کي! گدڙ جو ڪتي جو نالو ٻڌو، سو پڇ زيل ڪري وٺي ڀڳو. اتفاق سان اڳيان شڪاري ٻن ڪتن سان پئي آيا، تن جو گدڙ کي ڀڄندو ڏٺو، سو ڪتن مان کڻي رسيون ڪڍيائون، جن گدڙ کي جهٽ ڪري ورتو ۽ پورو ڪري ڇڏيائونس. اهڙيءَ طرح دايو پنهنجي جان بچائي، سلامتيءَ سان اچي گهر پهتو.

 

vvv


 

* هن آکاڻيءَ جون چار روايتون: اُتر (روهڙيءَ ۽ وارهه تعلقن) مان عبدالرزاق ۽ غلام رسول جتوئي کان، ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان الهه بچائي ساند کان ۽ وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان فتح خان بلوچ کان مليون.

* هن آکاڻيءَ جون ٽي روايتون: وچولي(تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي ۽ (تعلقي شهدادپور) مان الهڏتي بلوچ کان ۽ لاڙ (تعلقي ٺٽي) مان عبدالله گندري کان مليون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org