64- نانگ ۽ جوڳي
ڪنهن جهنگ ۾، هڪڙو جهور جوڳي رهندو هو، جو ڏاڍو
نيڪ ۽ رحمدل هوندو هو، ۽ ڪڏهن به ڪنهن کي ڪين
ڏکوئيندو هو. هڪڙي ڀيري ڪو جوڳين جو ٽولو هڪڙي
ڪلاداري نانگ پويان ڪاهي پيو. نانگ به جان بچائي
وٺي ڀڳو ۽ ڀـڄندو ڀڄندو اچي ان جهور جوڳيءَ وٽ سام
ٿي لڪو. جوڳيءَ کي چيائين ته: منهنجي پويان جوڳين
جو ٽولو پيو آهي، مون کي ڪيئن به ڪري لڪاءِ. تڏهن
پڇيس ته: تو هيڏي ساري نانگ کي آءٌ ڪٿي لڪايان؟
تڏهن نانگ چيس ته: تون پنهنجو وات ڦاڙ ته آءٌ
تنهنجي پيٽ ۾ هليو وڃان، پوءِ جڏهن منهنجي پويان
پيل جوڳي واپس هليا ويندا، تڏهن آءٌ ٻاهر نڪري
ايندس. تڏهن ان رحمدل فقير، نانگ جي قول تي اعتبار
ڪري، پنهنجو وات پٽيو ۽ نانگ اندر هليو ويو.
نانگ جي جهلڻ لاءِ آيل جوڳي ته اتان ڳولا ڪري،
واپس هليا ويا، پر نانگ کي اندر پيٽ ۾ ٿڌي ڇانو ۾
آيو مزو، سو ٻاهر نڪري ئي نه. فقير ويچاري جو پيٽ
ڏينهون ڏينهن ويو وڌندو، پر نانگ پنهنجو قول وساري
پيٽ ۾ ئي ويٺو رهيو.
هڪڙي ڏينهن، فقير ننڊ ۾ ستو پيو هو ۽ سندس وات به
پٽيو پيو هو، نانگ هوا کائڻ جي خيال کان وات مان
منهن ٻاهر ڪڍي، هوا کائڻ لڳو. ان وقت هڪڙي ٻلي به
ڪا اتي ويٺي هئي، تنهن جو نانگ جو منهن نڪتل ڏٺو،
سو آهستي آهستي ڪري، لڪي کڻي جهٽ هنيائينس ۽ سڄي
نانگ کي ڇڪي کڻي ٻاهر ڪڍيائين ۽ چنبن سان ماري،
پورو ڪري ڇڏيائينس. اتي فقير کي به سجاڳي ٿي، سو
نانگ کي مئل ڏسي، ٻليءَ کي ڏاڍي جس ڏنائين ۽
چيائين ته: مائي ٻلي! اڄ ڏينهن کان وٺي، تون نانگ
جي دشمن آهين، اهو آءٌ توکي هـُـدو ڏيئي ٿو ڇڏيان.
هاڻي تون جهنگ ڇڏي وڃي ماڻهن سان گڏ رهه. ڪوبه
ماڻهو تنهنجو اورانگيل کاڌو ڪونه کائيندو، باقي
تنهنجو اوبارو سڀڪو کائيندو. فقير جي اها دعا ۽
نصيحت ٻڌي ٻلي، ماڻهن ۾ وڃي رهڻ لاءِ تيار ٿي.
موڪلائڻ وقت ان فقير مٿن هٿ ڦيرايو. جيئن ان وقت
فقير جي هٿ جون آڱريون ڪاري رنگ مان ٻڏل هيون،
تنهنڪري هٿ ڦيرائڻ سان ٻلي تي ڪارا پٽا ٿي پيا. ان
ڏينهن کان وٺي هر ڪنهن ٻليءَ تي ڪارا پٽا ضرور
هوندا آهن، ۽ هر ڪا ٻليءَ جي ذات نانگ جي دشمن
آهي.
vvv
vv
v
65- گـَـندڻ جا ڪنڊا*
چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾، پاڻيءَ جا جانور به
ڳالهائيندا هئا. هڪڙي ڏينهن، سڀني مڇين جي بادشاهه
هڪ مجلس ڪرائي، جنهن ۾ مڇي مڇيءَ جي ذات اچي گڏ ٿي
۽ هر هڪ پنهنجا ڏک سور پنهنجي بادشاهه جي اڳيان
پيش ڪيا. بادشاهه هر هڪ جي ڳالهه ٻڌي، سڀڪنهن جو
تعدارڪ ڪندو ويو.
انهن مڇين ۾ گندڻ به موجود هو، جنهن کي ان زماني ۾
ڪنڊو بلڪل ڪونه هو، تنهن بادشاهه کي اٿي عرض ڪيو
ته: بادشاهه سلامت! ٻين سمورين مڇين کي ڪنڊا آهن،
جنهنڪري سولائيءَ سان پنهنجو پيٽ قوت حاصل ڪري
سگهن ٿيون، مگر آءٌ ئي هڪڙي مڇي آهيان جو مون ۾ هڪ
به ڪنڊو نه آهي، جنهن سبب آءٌ سولائي سان گهمي ڦري
پيٽ گذر ڪري نٿو سگهان، تنهنڪري منهنجو عرض آهي ته
مون کي ڪنڊا ملن. اها ڳالهه ٻڌي، بادشاهه آيل سڀني
مڇين کي حڪم ڏنو ته: گندڻ کي هڪ هڪ ڪنڊو ڏيو. سڀني
مڇين گندڻ کي هڪ هڪ ڪنڊو ڏنو. ان ڏينهن کان پوءِ
گندڻ ۾ ايترا ته ڪنڊا آهن، جنهن جو شمار ئي ڪونهي.
vvv
vv
v
66- ٿر ڄاهي جا ڪنڊا*
چون ٿا ته اڳئين زماني ۾، جڏهن جانور ۽ پکي پکڻ
ڳالهائيندا هئا،تڏهن ٿـَـر ڄاهي جي بت تي ڪنڊا
ڪونه هئا. سندس بت ريشم جهڙو نرم ۽ لسو هو. هيءُ
جانورن ۽ جيتن کي چڱيون چڱيون ڳالهيون ٻڌائي
وندرائيندو هو، تنهنڪري سڀ مخلوق کيس ڏاڍو ڀائيندي
هئي. پر ٿر ڄاهي ۾ هڪڙي اهڙي عادت هئي، جا ڪنهن کي
ڪانه وڻندي هئي. اها هيءَ هئي جو سڀڪنهن کي سچ چئي
ڏيندو هو ۽ ڪنهن جو رياءٌ اصل نه ڪندو هو. هن جي
انهيءَ عادت ڪري کانئس هر ڪو بيزار ٿي پيو.
هڪڙي ڏينهن، نانگ کي چيائين ته: تون ماڻهن کي ڏنگي
ڪو چڱو ڪم نٿو ڪرين، اها عادت ڇڏي ڏي. نانگ کي ٿر
ڄاهي جي اها ڳالهه نه وڻي، سو ماڻهن وٽ ٿر ڄاهي جي
خلاف چغليون هڻڻ لڳو. ماڻهو اڳئي ٿر ڄاهي مان
بيزار هئا، تن نانگ جي چوڻ تي هن کي کڻي هڪڙي
لوڙهي ۾ اڇلي ڇڏيو، جتي سڄي بت ۾ ڪنڊا اچي ويا.
پوءِ هو صبر سان اتيئي رهڻ لڳو ۽ ڪنڊن کي جان سان
سانڍيائين جي پوءِ سندس بدن جو حـصو بنجي ويا.
انهي ڏينهن کان پوءِ ڄاهي کي معلوم ٿي ويو ته اها
سموري حرڪت نانگ جي هئي، تنهنڪري هن جو دشمن ٿي
پيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين جتي به نانگ کي ڏسندو آهي،
ته ان کي ڪنڊا هڻي، ماري ڇڏيندو آهي.
vvv
vv
v
|