34-
ٻڪري ۽ لومڙ
هڪڙي لومڙ ۽ ٻڪريءَ پاڻ ۾ گڏجي ڀائيواريءَ تي ٻني
ورتي. ٻنيءَ کي صاف ڪرڻ وقت، جڏهن وڻن وڍڻ ۽ لاهن
ڪڍڻ جي مهل آئي، تڏهن ٻڪريءَ، لومڙ کي چيو ته:
ادا! مند چڙهي آئي آهي، هل ته هلي ٻنيءَ جي ڪريون:
اسان مان هڪ ڄڻو وڻ وڍي ۽ ٻيو وڍيل جهنگ جي ڪـُهڙن
کي باهه ڏئي. لومڙ هو ڪم ڪوس، سو بهانا ڳولڻ لڳو.
آخر هڪڙو ڪوڙ سـُجهي آيس، سو ٻڪريءَ کي ڊپ ڏياري،
چيائين ته: ڀيڻ! هيءَ جا پنهنجي ٻنيءَ جي ڀر واري
ڀـِت آهي، سا اڄ صبح کان لوڏن ۾ آهي، ۽ اجها ٿي
ڪـِري! ڏس، متان پنهنجي ٻنيءَ تي پوي ۽ اسين ٻئي
ڄڻا هيٺان اچي وڃون. پر جي پاڻ کڻي ڀڄي جند
ڇڏايون، ته پوءِ به ٻني ته ضرور دٻجي ويندي.
انهيءَ ڪري، اڄ آءٌ وڃي ٿو ڀـِت کي تري ڏيئي
جهليان، ۽ تون تيستائين اهي ٻئي ڪم ڪري وٺ. ٻڪري
ڀلا ڀورڙي، تنهن کي ويساهه اچي ويو، سا ويچاري وڃي
ڪم کي لڳي. لومڙ، ٻڪريءَ کي ڪم ۾ رنڀائي، پاڻ
لڏندو لمندو وڃي ڀـِت جو پاسو وٺي ويهي رهيو ۽ وري
تڏهن موٽي آيو، جڏهن ٻڪريءَ سموري جهنگ کي وڍي،
ساڙي، صفا ڪري ڇڏيو.
ٿورا
گهڻا ڏينهن گذريا ته مٿان وسڪاري جي مند ڀرجي آئي،
۽ مينهن پوڻ شروع ٿيا. جڏهن مينهن وسي بس ٿيا ته
هارين ٻنيون کيڙڻ شروع ڪيون. ٻڪريءَ جڏهن پنهنجي
ٻنيءَ جي ڀر پاسي ۾ هارين کي هر ڏيندي ڏٺو، تڏهن
هڪڙي ڏينهن لومڙ کي چيائين ته: ادا! هل ته پاڻ به
هلي ٻني کيڙيون! لومڙ وراڻيس ته: هوڏانهن نٿي ڏسين
ته اِجها ٿي ڀـِت ڪـِري! مون کي ڇڏ ته آءٌ ڀـِت کي
تـِري ڏيئي بيهان ۽ تون همت ڪري ٻني کيڙي وٺ. ٻڪري
اهو جواب ٻڌي ماٺ ٿي ويئي، ۽ وڃي ٻنيءَ ۾ هر
ٻڌائين. اهڙي ريت ٻڪريءَ اڪيلي سر ٻج ڇٽي، سموري
ٻني کيڙي ڇڏي. ٿورن ڏينهن بعد سلا زمين مان اُڀريا
۽ ٻني سائي ٿي، تڏهن پاڻ پوک جي سنڀال ڪرڻ لڳي.
مهيني اڌ کان پوءَ، جڏهن فصل ٿورڙو وڏو ٿيو ۽ پوک
مان گاهه ۽ ڪک ڪهڄر ڪڍڻ جو وقت آيو، تڏهن وري به
وڃي لومڙ کي چيائين ته: ادا لومڙ، اچ ته ٻئي گڏجي
پوک مان گاهه ڪڍي وٺون. لومڙ وراڻي ڏنيس: مائي، ڪو
خيال ته ڪر، جي ڀـِت ڪـِري پوي ته پوءِ؟ انهيءَ
معمولي ڪم کي جيڪر تون نه ڪري وٺين! ٻڪري اهو جواب
ٻڌي وائڙي ٿي ويئي، ۽ ماٺڙي ڪري ڪم ۾ جــُـنبي
ويئي.
جڏهن
ٻنيءَ مان ڪک ڪهڄر نڪتو، پوک نسرڻ تي آئي، ۽ اَن
پچڻ لڳو، تڏهن ٻڪريءَ خيال ڪيو ته: هاڻي ڪم بنهه
ڏکيو آهي، جيڪڏهن مهل سر پوک نه لڻبي ته اَن ڇڻي
زيان ٿي ويندو. تنهنڪري هاڻي ڇونه ڀائيوارکي چوان
ته ٻانهن ٻيلي ٿئي ۽ ڪم ۾ هٿ ونڊائي. اهو فيصلو
ڪري لنگهي ويئي لومڙ وٽ ۽ کيس سڄي ڳالهه ڪري
ٻڌايائين. پر اڳيان به لومڙ هو، تنهن ڏٺو ته آءٌ
بنا پورهئي، اٽڪل سٽڪل سان اَڌ ڌڻي بنيو ويٺو
آهيان، سو مون کي ڪهڙو لاچار پيو آهي جو وڃي
پورهيو ڪريان. اهو فيصلو ڪري، ٻڪريءَ کي وري به
اڳئين وانگر جواب ڏنائين ته: ڀيڻ! آءٌ ته هلڻ لاءِ
تيار آهيان، پر ڏسان ٿو ته جي مون پنهنجي هٿ جي
تريءَ کي ڀـِـٽ کان هٽايو، ته ڌوُ اچي مٿان ڪندي ۽
سمورو فصل ناس ٿي ويندو! ٻڪريءَ کي ڪجهه ڊپ ٿيو ۽
ڪجهه شڪ به پيو ته سچ پچ ڀـِـٽ مٿان اُٿلي پئي ته
سموري ڪـَـئي ڪمائي ڪـُـٽ ٿي ويندي، ۽ جي ائين نه
آهي ته پوءِ لومڙ جو نڪي هر گٺو نڪي ڦار،ڏٺو وائٺو
اڌ وٺي ويندو. اهو سوچي اچي لابارو شروع ڪيائين ۽
آخرڪار سنگ سهيڙي آڻي کري ۾ رکيائين. جڏهن اَن
ڳاهڻ جو وقت آيو، تڏهن ٻڪري وري به هڪلي وڃي لومڙ
جي ٿاڪ تي پهتي.ڇا ڏسي ته لومڙ گهريءَ ننڊ ۾ ستو
پيو آهي، ۽ ڀـِـٽ ته پنهنجيءَ جاءِ تي جيئن هئي،
تيئن بيٺي آهي- هيڏانهن هوڏانهن ڏسي پڪ ڪيائين، ته
ڀـِـٽ ته ڪـِـرڻ جي ئي نه آهي. اتي پڪ ٿيس ته لومڙ
مون سان رڳو ڍونگ پئي ڪيو آهي- ڇاجي ڀـِـٽ، ڇا جي
ڳالهه! فيصلو ڪيائين ته هاڻي لومڙ کان ڪنهن نه
ڪنهن طريقي اهو حساب ضرور وٺڻ گهرجي. سو، ڇا
ڪيائين جو ماٺڙي ڪري، اتان ٿي رواني ۽ اچي ڀر واري
هڪ ڳوٺڙي ۾ پهتي، ۽ اتان چار پنج گـُـلر کڻي آڻي
کري جي ڀر ۾ لڪايائين، ۽ پوءِ انهن کي تاتڻ لڳي.
جڏهن ٻارِ کي ڳاهي، وائري اڇو اَن ڪيائين، ۽ بٽئي
ڪرڻ جي مهل ٿي، تڏهن ڪتن کي اُتان وٺي، ٿورڙو
ڀرپرو جهنگ جي ٻـُـوڙن ۾ لڪائي آئي، ۽ پاڻ ٿي
ڀائيوار ڏانهن رواني. لومڙ به انهيءَ تاڙ ۾ ويٺو
هو ته ڪڏهن ٿي ٻڪري بٽئي ڪرڻ لاءِ ڪوٺڻ اچي. هيءُ
اڃان انهن ئي خيالن ۾ هو ته ٻڪري به اچي وٽس پهتي
۽ چوڻ لڳيس ته: ادا لومڙ، اَن ڪڏهوڪو تيار ٿيو پيو
آهي، تون هل، ۽ هل بٽئي ڪري پنهنجو اڌ کڻي اچ.
لومڙ اها ڳالهه ٻڌي، خوش ٿي، ٻڪريءَ سان گڏجي کري
ڏانهن هلڻ لڳو. ٻڪريءَ ته اڳئي لومڙ لاءِ بندوبست
ڪري ڇڏيو هو، سو جڏهن لومڙ ٻارِ تي پهتو، تڏهن ڇا
ڪيائين جو پاسو وٺي وڃي ڪتن کي جهنگ جي ٻوڙن مان
ڪڍيائين. ڪتن جي جڏهن لومڙ تي نگاهه پئي تڏهن وٺي
مٿس جـُـلهه ڪيائون- پوءِ ته لومڙ وٺي پيرن تي زور
رکيو. ڀڄڻ مهل ٻڪريءَ رڙ ڪري چيس: ادا لومڙ، تڪڙ
نه ڪر، ڀـِـٽ ڪانه ٿي ڪـِـري، ڀلائي ڪري پنهنجو اڌ
کنيو وڃ.
vvv
vv
v
35-
روجهه ۽ روجهڻ*
ڪنهن جهنگ ۾ هڪڙا ٻه نر ماد، روجهه ۽ روجهڻ رهندا
هئا، جي اچي ڪنهن ٻنيءَ ۾ هريا. هڪڙي رات، هاري
هـِـنن کي جهلي ورتو ۽ ٻنهي کي واڙ ۾ بند ڪري
ڇڏيائين. هاريءَ جي وڃڻ کانپوءِ، روجهه ته واڙ ٽپي
ڀڄي ويو، باقي رهي روجهڻ، سا هئي ڍُڪي ۽ انهيءَ
ڪري ويچاري ٽپي ڪانه سگهي. جڏهن هاريءَ ڏٺو ته
روجهڻ ڍُڪي آهي، تڏهن کيس ڪهڻ بدران، اتيئي روزانو
پيو گاهه پٺو پهچائيندو هو.
روجهڻ، روجهه کي چيو هو ته مون کي هن واري ٻه ڦر
ڄمندا، روجهه چيو ته ”هڪڙي جو نالو آرا دين ۽ ٻئي
جو بارادين رکنداسين.“ جڏهن روجهڻ ڦاسي پئي ۽ ڪجهه
ڏينهن گذريا ته هڪڙي ڏينهن روجهه سندس سارلهڻ لاءِ
وٽس آيو، ۽ واڙ جي ٻاهران بيهي چيائينس ته:
روجــهـــــــي ڙي روجــــــــهــــــــي!
آراديـــــــــــن ڪـــــــــــــيـــــــــــڏو؟
بــــــــــــاراديــــــــــن ڪـــــيـــــــڏو؟
سک
سرمير، مومن ولي ڪيڏو؟
تڏهن
روجهڻ جواب ڏنس ته:
روجــــــــهــــــــا ڙي روجـــــــهــــــا!
آراديـــــــــن
پــــــيــــــقــــــٌــــئـــــون،
بـــــــــاراديـــــــــن
پــــيــــٽـــــئـــون،
سک
سرمير، مومن ولي پيٽئون.
اهو
جواب ٻڌي، روجهه ماٺ ڪري اُتان هليو ويو.
ٻه
چار ڏينهن گذريا ته روجهه وري اچي روجهڻ کان ساڳيو
سوال پڇيو. تنهن تي کيس به وري ساڳيو جواب مليو، ۽
جواب ٻڌي هيءُ وري به هليو ويو.
ٿورن
ڏينهن کان پوءِ، روجهڻ ويائي ۽ ٻه ڦر ڄايس. ٿوري
گهڻي ڏينهين ان جا ڦر به گهمڻ ڦرڻ جهڙا ٿيا. هاري
پنهنجي ٻئي مال سان گڏ هنن کي به جهنگ ۾ پهرائي
ڇڏيندو هو. هڪڙي ڏينهن روجهه وري به روجهڻ وٽ آيو
۽ واڙ جي ٻاهران بيهي چوڻ لڳو ته:
روجــــــهـــــــي ڙي روجـــــهـــــــي!
آراديـــــــــــن ڪـــــــــــــيـــــــــــڏو؟
بــاراديــــــــــــــن ڪــــــــــيـــــــــڏو؟
سک
سرمير، مومن ولي ڪيڏو؟
تڏهن
روجهڻ جواب ڏنس ته:
روجــــــهـــــــا ڙي روجــــــــهــــــا!
آراديـــــــــــن
گــــــــابــــــــــئــــــون،
بـــــاراديــــــن گـــــــابــــــئـــــــــون،
سک
سرمير، مومن ولي گابئون.
اهو ٻڌي،روجهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٻين ڦرن ۾ پنهنجا
ٻچڙا ڏسي، خوش ٿيندو هليو ويو.
ڪجهه
وقت کان پوءِ، روجهڻ جا ٻچا وڏا ٿيا. هاريءَ جي پٽ
جو هجي طهر، سو ٻئي مال سان گڏ روجهڻ جي ٻچن کي
ڪـُـهي، ڌام ڌوم سان ڏاڍا ڀت ڪيائين.
ٿوري
گهڻي ڏينهن وري به روجهه آيو، ۽ واڙ جي ڀرسان بيهي
چوڻ لڳو ته:
روجــهـــــــي ڙي روجــــــــهــــــــي!
آراديـــــــــــن ڪـــــــــــــيـــــــــــڏو؟
بــــــــــــاراديــــــــــن ڪـــــيـــــــڏو؟
سک
سرمير، مومن ولي ڪيڏو؟
تڏهن
روجهڻ جواب ڏنس ته:
روجهـــا ڙي روجــــــــهــــــــــــــا!
آراديـــــــــــــــن لــــــــــڙائــــــــــي،
بـــــــــاراديـــــــــن لـــــــڙائـــــــــي،
سک
سرمير، مومن ولي لڙائي.
اهو
جواب ٻڌي روجهه سمجهي ويو ته ٻچڙا مارجي ويا آهن،
سو ٽپ ڏيئي اچي روجهڻ سان گڏيو. جڏهن هاريءَ روجهه
کي واپس واڙ ۾ ڏٺو، تڏهن کيس به ڪـُـهي ڇڏيائين.
vvv
vv
v
36-
ڏاهو ڇيلو*
ڪنهن
ڳوٺ ۾ هڪڙو ڇيلو پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندو هو.
هڪڙي ڏينهن ماءُ کي چيائين ته اما! آءٌ ناناڻن ٿو
وڃان. ماڻس چيس ته: ٻچا! تون اڃا ننڍو آهين، پنڌ
تمام ڏکيو آهي، واٽ تي ڪئين دشمن هوندا، تنهنڪري
تون ماٺ ڪري ويهي رهه. پر ڇيلو پنهنجي هٺ تان لهي
ئي نه، روز روز اچي ماڻس کي تپائيندو هو ته
”ناناڻن وڃان“. آخر جڏهن ماڻس به سمجهائي ڪڪ ٿي،
تڏهن هڪڙي ڏينهن ناناڻن وڃڻ جي موڪل ڏنائينس.
ڇيلو
سهي سنڀري گهران روانو ٿيو. اڃا ٿورو پنڌ اڳتي
هليو ته واٽ تي هڪڙو ڪانءُ گڏيس. ڇيلي کي اڪيلو
ڏسي، ڪانءَ چيس ته: ٻـَـڪريا ٻـَـڪريا،
کائيندوسئين. ڇيلي ڏٺو ته دشمن ڦري آيو آهي، سو
اٽڪل ڪري چيائينس ته: ٻيلي! هينئر آءٌ پاڻ ٿوبکن ۾
مران، ڇڏ ته ناناڻن وڃي اُتان مکڻ گيهه کائي متاور
ٿي اچان. پوءِ ڀلي مون کي کائج. ائين چئي، ڪانءَ
کان جند ڇڏائي، اڳتي روانو ٿيو. اڃا ٿورو اڳتي
هليو ته وري هڪڙو گدڙ ڦري آيس، چي: ٻـَـڪريا
ٻـَـڪريا، کائيندوسئين. تڏهن هن کي به ڇيلي چيو
ته: ٻيلي! هينئر مون کي ڇڏ ته وڃان ناناڻين، اُتان
کائي پي ٿلهو ٿي موٽان ته پوءِ مون کي ڀلي کائج.
اهڙيءَ طرح، گدڙ کان به جند ڇڏائي، اڳتي هلڻ لڳو.
اڃان ڪجهه پنڌ ڪيائين ته وري بگهڙ اچي پهتس. اُن
به اچڻ سان چيس ته: ٻـَـڪريا ٻـَـڪريا!
کائيندوسئين.ڇيلي ڏٺو ته ڦاٿو ته چڱو آهيان، پر
وري به دل جهلي، بگهڙ کي به دلاسو ڏنائين ته:
هينئر ڇڏ، باقي ناناڻن مان ڪجهه کير مکڻ کائي ٿلهو
ٿي موٽان ته پوءِ ڀلي کائج. خيرن سان اُتان به جند
ڇڏايائين. ڇيلي ڀانيو ته هاڻي ناناڻن جو ڳوٺ ويجهو
آهي، سو ٻي ڪا مصيبت ڪانه ايندي. پر اڃا ٻه ٽي قدم
اڳتي وڌيو ئي ڪين ته وري هڪڙو شينهن ڦري آيس. اچڻ
سان اُن به چيس ته ٻڪريا، ٻڪريا، کائيندوسئين. آخر
ان کي به ڪيائين منٿ ته: ٻيلي! آءٌ ٿڪو ٽـُـٽو پيو
آهيان، تنهنڪري هينئر مون کي نه کاءُ، باقي ناناڻن
مان ڪجهه مکڻ ماني کائي ٿلهو ٿي اچان، پوءِ ڀلي
مون کي کائج. شينهن کي به لالـچ ٿي، ۽ هن کي وڃڻ
جي موڪل ڏني. اهڙيءَ طرح، ڇيلو سڀني دشمنن کان
دلاسي تي جند ڇڏائيندو، خيرن سان اچي پنهنجي
نانيءَ وٽ پهتو.
ڇيلو
جو هيترن دشمنن کي متارو ٿي موٽڻ جو انجام ڏئي آيو
هو، سو اُهي سڀ هن جي آسري ۾ رستو جهليو ويٺا هئا
ته ڪڏهن ٿو ڇيلو اچي ته کيس کائي ڍؤ ڪريون. اهڙيءَ
ريت، جڏهن به ڇيلي جي ناناڻي پار کان ڪو ماڻهو ٿي
آيو ته اُن کان ڇيلي جون پڇائون پيا ڪندا هئا.
هيڏانهن ڇيلي کي سندس ناني، ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان
نپائڻ لڳي. کيس روزانو کير مکڻ جام کارائيندي هئي.
اهڙيءَ طرح هو مهينو ڏيڍ نانيءَ وٽ کير، مکڻ ۽
سڀڻا مال کائي، مچي بـُـنڊ ٿي پيو. هاڻي هن کي وري
پنهنجي ماءُ ڏانهن وڃڻ جو خيال ٿيو، پر ڊپ ٿيس ته
واٽ تي جن دشمنن کي انجام ڏيئي آيو آهيان، جي
ويندس، ته اُهي ضرور مون کي کائي ڇڏيندا. آخر
هڪڙي ڏينهن، پنهنجي نانيءَ کي سمورو قصو ڪري
ٻڌايائين، جنهن چيس ته: آءٌ توکي هڪ دهلڙيءَ ۾
وجهي، اُن جا ٻئي پاسا سـِـبي، ڌڪو ڏيئي ٿي ڇڏيان.
دهلڙي اُٿلندي هلندي ويندي، ۽ تون خيرن سان وڃي
گهر پهچندين. واٽ تي ڪو دهلڙي روڪي ۽ پڇي ته تون
اندران ئي جواب ڏئي جند ڇڏائج.
ٻئي
ڏينهن نانيس، کيس دهلڙيءَ ۾ وجهي، ان جا ٻئي پاسا
سبي، دهلڙيءَ کي گـِـڙڪائي ڇڏيو. دهلڙي اڃا ڳوٺ
کان ٻاهر نڪتي مس ته آسري ۾ بيٺل شينهن اچي اڳيان
بيٺو، ۽ دهلڙيءَ کان پڇيائين ته: دهلڙي! تو ڪو
ڇيلو ڏٺو؟ تڏهن ڇيلي اندران ئي جواب ڏنس: ”ڇا جو
ڇيلو ڇا جو ٻيو، هل منهنجي دهلڙي، وڄندي هل!“ اهو
جواب ٻڌي، شينهن ماٺ ڪري بيهي رهيو ۽ دهلڙي اڳتي
رواني ٿي. اڃا ٿورو اڳتي هلي ته وري اچي بگهڙ
جهليس ۽ پڇڻ لڳس ته: ڏي خبر دهلڙي، تو ڪو ڇيلو
ڏٺو؟ تنهن تي ان کي به اندران ئي ساڳيو جواب
ڏنائين. اتان جان بچائي، دهلڙيءَ ۾ ڦرندو ڦرندو
وري ٿورو پنڌ ڪيائين ته گدڙ ڦري آيس، ۽ پڇيائينس:
دهلڙي، تو واٽ تي ڪو ڇيلو ڏٺو؟ تڏهن وري به اندران
ئي ساڳيو جواب ڏيئي، دهلڙي هلڻ لڳي. گدڙ به ماٺ
ڪري هليو ويو. ڪجهه پنڌ کان پوءِ، وري ڪانءُ اچي
دهلڙيءَ کي جهليو ۽ ڇيلي جو پڇيائينس: تڏهن ڇيلي
اندران ئي جواب ڏنس: ”ڇا جو ڇيلو ڇاجو ٻيو، هل
منهنجي دهلڙي، وڄندي هل“ پر ڪانءُ ته ڏاهو ٿيندو
آهي، تنهن سهي ڪيو ته اندر ساڳيو ڇيلو ويٺل آهي.
سو ڇا ڪيائين جو چهنب سان ٺونگو هڻي، دهلڙيءَ جو
هڪ پاسو ڦاڙي رکيائين ته ڇيلو ٻاهر نڪري آيو.
تڏهن ڪانءَ، ڇيلي کي چيو ته: هڪ ته تو انجام ڪيو
هو ته ناناڻن مان موٽندس، پوءِ ڀلي کائج، ۽ ٻيو ته
تون، مون سان دوکو ڪري، لڪي ڀڄي ٿي وئين، تنهنڪري
هاڻي توکي اصل نه ڇڏيندس. ڪانءَ ڏٺو ته آءٌ ڇيلي
سان پڄي نه سگهندس، تنهنڪري ڇو نه ٻئي ڪنهن جي مدد
وٺجي. اهو خيال ڪري، ڀڙڪو ڏيئي وٺي اڏاڻو. اڃان
ٿورو اڳتي هليو ته کيس گدڙ ڏسڻ ۾ آيو. اُڏامي اچي
ان سان مليو. خبرون چارون ڏيندي گدڙ کي چيائين ته:
ماما گدڙ! ڪر خبر، اڄ ويڳاڻو پيو ڏسجين؟ انهيءَ تي
گدڙ وراڻيو ته: ادا ڪانءَ! ڪهڙي ٿو خبر پڇين،
ڪيترن ڏينهن کان هڪ ڇيلي جي انتظار ۾ آهيان، الائي
ڪڏهن ايندو. ان تي ڪانءَ چيس ته: ماما گدڙ! جي اهو
ساڳيو ڇيلو توکي هلي ڏيکاريان ته پوءِ مون کي به
حصي ۾ ڪو آنڊن ويڙهو ملندو يا نه؟ گدڙ چيس ته: واه
ڙي ادا واه! اها به ڳالهه آهي. هي ته آنڊا ٿو
چوين، پر توکي جيڪي وڻي سو کڻي کائجانءِ. پوءِ ٻئي
ڄڻا اچي ڇيلي کي رسيا. گدڙ، ڇيلي کي متارو ڏسي، دل
۾ ڪپت رکي، ڪانءَ کي آنڊن کان جواب ڏيئي ڇڏيو.
ڪانءَ کي لڳي خار، سو وري ٻيءَ ڪنهن مدد لاءِ وٺي
ڀڳو، ۽ نيٺ اچي بگهڙ ۽ شينهن سان حقيقت ڪيائين ته
گدڙ، ههڙين پارين سڄو سارو ڇيلو اڪيلو کايو ٿو
وڃي، مهل اها اَٿو.
هوڏانهن وري ڇيلي ڏٺو ته هاڻي ڪا اٽڪل ڪجي، سو گدڙ
کي چيائين ته: ماما گدڙ! ڳالهه ٻڌ، ڪانءُ ويو آهي
بگهڙ ۽ شينهن کي وٺڻ، سي جي آيا ته توکي هڪڙي ٻوٽي
به نصيب نه ٿيندي. تنهنڪري هاڻي هيئن ڪر جو هڪڙي
پوري ڪاٺي ڳولي وٺ. مون نانيءَ وٽان کائي جـُـڳ
ڪيا آهن، رڳي چرٻي ئي چرٻي لڳي پئي آهي. سو منهنجي
مرضي آهي ته اُها پوريءَ نـَـڙيءَ جي وسيلي تنهنجي
پيٽ ۾ وجهي، باقي بچندو اڻڀو گوشت، سو ڀلي اچي
هـُـو کائين. اها ڳالهه ٻڌي، گدڙ جو وات پاڻي ٿيڻ
لڳو، سو يڪدم هـِـتان هـُـتان ڳولي اَڪ جي پوري
ڪاٺي کڻي اچي ڇيلي کي ڏنائين. هن وري سياڻپ ڪري،
ڪاٺيءَ ۾ مٽي وجهي، وات ۾ جهلي، گدڙ کي ويجهو اچڻ
لاءِ سڏ ڪيو. گدڙ جڏهن ويجهو آيو، تڏهن ڇيلي ڇا
ڪيو جو مٽيءَ سان ڀريل ڪاٺي، گدڙ جي اکين ڏانهن
ڪري، کڻي ڦوڪ ڏني، ته سموري مٽي وڃي گدڙ جي اکين ۾
پئي، جنهنڪري هو انڌو ٿي پيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن
ڦيريون پائڻ لڳو. ڇيلو وجهه ڏسي، وٺي ڀڳو ۽ اچي
پنهنجيءَ ماءُ سان مليو.
هوڏانهن ڪانءُ به بگهڙ ۽ شينهن کي ساڻ ڪري اچي
ساڳيءَ جاءِ تي پهتو، پر ڏٺائون ته ڇيلو آهي ته
ڪونه، باقي گدڙ آهي، سو هيڏانهن هوڏانهن پيو
ڦيريون پائي. وڌي اچي گدڙ سان مليا ۽ کانئس ڇيلي
جي حقيقت پڇيائون. گدڙ ساري ماجرا ٻڌاين ته ههڙيءَ
ريت مون کي به انڌو ڪري ڀڄي ويو. پوءِ چار ئي ڄڻا
شرمسار ٿي موٽي ويا.
vvv
vv
v
|