سيڪشن؛لوڪ ادب

ڪتاب: جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڪهاڻي: 1

صفحو :1

لوڪ ڪهاڻيون (6) جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

1- مير خان پاٻوڙي*

 

هڪڙو گدڙ، هڪ ڏينهن شڪار جي تلاش ڪندي، شهر ۾ وڃي نڪتو. هڪڙي هنڌ کيس ڪڪڙين جي ”ڪـَـر ڪـَـر“ ٻڌڻ ۾ آئي، سو ڪتن کان نظر بچائيندو اوڏانهن وڌيو. رات جو وڳڙو، هن جو خيال سارو هو ڪڪڙين ۾، ڇو ته اُتي ڪنهن کٽيءَ جو نير جو ڪـُـن ٺهيل هجي، سوڌوُ وڃي اُن ڪـُـن ۾ ڪيائين. پاڻي ۾ ڪنهن شيءِ جي ڪرڻ جي آواز تي ڪتن به ڪن کڙا ڪيا، پر جيستائين ڪتا پهچن تيستائين گدڙ ڪـُـن مان ٻاهر نڪري رکيو پيرن تي زور ۽ وڃي جهنگ ۾ دم پٽيائين. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين ته ڪتا ته ڪونهن، نيٺ جڏهن دلجاءِ ٿيس، تڏهن پنهنجي بدن کي ڏسڻ لڳو. ڏسي کڻي ته سڄي بدن جو رنگ نيرو ٿي پيو آهي. آخر دل ۾ پهه پچائي جهنگ ڏانهن روانو ٿيو.

جهنگ ۾ گهمندي گهمندي، اوچتو  وڃي هڪڙي شينهن جي غار مٿان بيٺو. اُن ۾شينهڻ کي اڪيلو ويٺل ڏسي، بت ڪانڊاري ڪڙڪيدار آواز ۾ پڇيائين ته: ڪير آهين؟ شينهڻ جواب ڏنس ته: اسين شينهن، جهنگل جا بادشاهه آهيون، پر تون ڪير آهين، جو سيٽجي اچي اسان جي گهر جي مٿان بيٺو آهين؟ حياتيءَ جو خير گهرين ته هتان هليو وڃ نه ته منهنجو نـَـر آيو ته لقموئي هڪڙو ڪندءِ، گدڙ ڪڙڪي مان چيس ته: مان آهيان مير خان پاٻوڙي، ڀڃندو آهيان ستن شينهن جي ڪوڙي. اچڻ ڏي پنهنجي نـَـر کي ته مزو چکايانس. شينهڻ اهو جواب ٻڌي ڏڪي ويئي ۽ ڊپ وچان ٻاهر نڪري، ڪنڌ هيٺ ڪري، گدڙ کان ٿورو پرڀرو ٿي بيٺي. اڃا هي انهن ئي ڳالهين ۾هئا ته اوچتو شينهن به پڇ مان ٺڪاءُ ڪڍائي، گجڪار ڪري اچي غار مٿان ڪڙڪيو. گدڙ، شينهن کي ڏسي دل جهلي نه سگهيو ۽ وٺي ڀڳو. گدڙ کي ڀڄندو ڏسي شينهڻ هڪل ڪري چيس ته: مير خان، ڪاڏي ٿو وڃين؟ ترس ته سهي، مهماني کايو وڃ.

گدڙ جي ڀاڄ تي شينهن به سندس پويان پيو. گدڙ اڳيان ته شينهن پٺيان. نيٺ شينهن اچي ويجهو پيس. گدڙ هراس وچان دڳُ ڇڏي جهنگ ۾ ڪاهي پيو ۽ لئيءَ لاڻيءَ جي مٿان کينهوڙي جيان ٽپندو ڦرندو پئي ويو، پر شينهن به سندس پٺ نه ڇڏي. آخر گدڙ کي شينهن جي ايڏي اچي تڙڀيڙ پيئي، جو هڪڙي سڪل وڻ جو چڱو وڏو ٿـُـڙ هو، اُن جي مٿان وٺي بـُـل ڏنائين، ته شينهن به گدڙ جي پويان بـُـل ڏنو. گدڙ ٽپي ويو، پر شينهن پنهنجو پاڻ اڇلي نه سگهيو، جنهنڪري اُن سڪل ٿـُـڙ جو انگهو شينهن جي پيٽ ۾ چـُـڀي ويو. شينهن جو پيٽ ڦاٽي پيو ۽ ٽنگجي ساهه ڏنائين. گدڙ جڏهن شينهن کي ان طرح ٽنگيل ڏٺو، سو ڏاڍو خوش ٿي، سڌو شينهڻ وٽ آيو ۽ اچڻ سان هڪل ڪري چيائيس ته: او رَن! هـَـل، هلي پنهنجي نـَـر جو حال ڏس، جو ٽوڪون پئي ڪيئي ته ”مير خان اسان جي مهماني ته کاءُ.“ هاڻي اڄ مان تنهنجو مڙس ۽ تون منهنجي زال متان ڪو ٻيو خيال ڪرين ته مـَـهٽي نه ڇڏيانءِ. شينهڻ پنهنجي نر جو اهو حال ٻڌي وٺي اوڏانهن ڀڳي. ڇا ڏسي ته مار! شينهن ته برابر وڻ ۾ ٽنگيو پيو آهي ۽ سندس رت ۾ وڻ سڄو ڳاڙهو ٿيو پيو آهي. اتي شينهڻ جا ڇهه ڇڄي پيا ۽ اچي گدڙ جي آڻ مڃيائين ۽ چيائينس ته: سائين! تون منهنجو نـَـر ۽ آءٌ تنهنجي مادي. هاڻ جيڏانهن چوين اوڏانهن هلان. گدڙ چيس ته: اسان ٻنهي جو گهر گڏ ۽ هڪ هنڌ نه هوندو، ڇاڪاڻ ته اسين جهنگلي جانورن جا بادشاهه آهيون، ۽ ٻيو مون کي خاص ڪري شينهن جي شڪار جو ڏاڍو شوق هوندو آهي. جتي شينهن جو ٽولو مليو، اتي انهن کي پورو ڪري پيا کائينداسون. اتي شينهڻ چيس ته: ميان ميرخان! پنهنجو گهر جوڙڻ ۽ گڏ گذارڻ ضروري آهي، پر جيڪا تنهنجي مرضي. نيٺ گهڻيءَ ريڙهه پيڙهه کان پوءِ، گدڙ سندس رکڻي رکي، ۽ ٻئي اچي هڪڙي گهاٽي جهنگ جي ڪنهن ڳوڙهه ۾ رهڻ لڳا. پوءِ گدڙ جيڏانهن به گهمڻ ڦرڻ يا شڪار ڪرڻ لاءِ ويندو هو، ته شينهڻ کي ساڻ ڪري ويندو هو ۽ ٻئي گڏجي شڪار ڪندا هئا.

هڪڙي ڏينهن شينهڻ گدڙ کي چيو ته: منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي، تنهنڪري اڄ تون وڃ ۽ وڃي شڪار ڪري اچ. گدڙ، شينهڻ سان هائوڪار ڪري جهنگ ڏانهن روانو ٿيو. پر دل ۾ اچي هرکر ٿيس ته هاڻي شڪار ڪيئن ڪريان! انهيءَ سوچ ويچار ۾ هو ته پريان ڏاچين جو هڪ وڳ ڏسڻ ۾ آيس. دل ۾ سرهو ٿيو ۽ هڪ گهيڙ ڏسي، اتي پيشاب ڪري، پڇ سان تـرڪـڻ ڪـري ڇــڏيـائـيــن. پوءِ وڃي ڏاچين ۾ ٽاهه وڌائين. جڏهن ڏاچيون اچي انهيءَ گهيڙ مان لنگهيون، تڏهن ٻيون ته سڀ اُڪري ويون، باقي هڪ پوڙهي ڏاچي جي پير ترڪي ويو ۽ گهيڙ ۾ اچي ڦهڪو ڪيائين. گدڙ کي جهٽ لڳي ويو، تنهن هڪدم سندس پيٽ ڦاڙي وڌو ته ڏاچيءَ اُتي ئي ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏنو. گدڙ خيال ڪيو ته هاڻي هيڏو سارو شڪار مون کان ڪيئن کڄندو، سـو ويـچـار ۾ ويـهـي رهـيـو. هـوڏانـهـن شيـنهـڻ به خيال ڪيو ته ماريو اڃاتائيـن وريـو  ڪونهي، سا به سندس ڳولا ۾نڪتي. اچي ڏٺائين ته ڏاچي ماريو ويٺو آهي. اتي پڪ ٿيس ته برابر هي ڪا وڏي آفت آهي، جنهن هيڏي ساري ڏاچيءَ کي هڻي ماري رکيو آهي. پوءِ گدڙ کي چيائين ته: هاڻي شڪار کي کڻي گهر هلجي. تڏهن گدڙ چيس ته: چڱو، هاڻي آئي آهين ته هيءُ شڪار کڻي گهر هل. سڄي ڏاچيءَ جو گوشت شينهڻ کنيو، باقي اوجهري گدڙ جي کڻڻ لاءِ ڇڏيائين. شينهڻ جي وڃڻ کان پوءِ، گدڙ اوجهري کڻڻ لاءِ ڏاڍا زور لاتا، پر کانئس چـُـري ئي نه. نيٺ زور لائيندي لائيندي، اوجهريءَ جي هيٺان اچي ويو.

 

گدڙ چيو ته: ”مان آهيان ميرخان پاٻوڙي، ڀڃندو آهيان ستن شيهن جي ڪوڙي.“

جڏهن ڪافي دير ٿي ۽ گدڙ واپس نه وريو، تڏهن شينهڻ وري ساڳيءَ جاءِ تي آئي. اچي ڏسي ته گدڙ آهيئي ڪونه. هيڏانهن هوڏانهن نهاري اوجهريءَ کي کنيائين ته گدڙ ٽپ ڏيئي ٻاهر نڪتو، ۽ شينهڻ کي ڪاوڙجي چوڻ لڳو ته: رَن! توکي خبر ڪانه هئي ته آءٌ ڪانون جي شڪار لاءِ لڪو ويٺو هوس. اڄ دل ٿيم ته پکين جو گوشت کائجي، سو تو ته ٽاهي ڇڏيو. هاڻي انهيءَ ڏنڊ ۾ اوجهري کڻي گهر هل، آءٌ پويان ٿو اچان. نيٺ شينهڻ اوجهري کڻي گهر پهتي ۽ گدڙ آهستي آهستي رمز سان اچي گهر پهتو.

هڪڙي ڏينهن دستور موجب گدڙ ۽ شينهڻ جيئن جهنگ مان شڪار لاءِ پيچرو ڏئي پئي ويا، ته اوچتو کين شينهن جون گجڪارون ٻڌڻ ۾ آيون. شينهڻ ٻڌايس ته: شينهن خوشيءَ ۾ نچن ٽپن پيا. اتي گدڙ ڊپ کان ڏڪڻ لڳو، تڏهن شينهڻ پڇيس ته: ميرخان، خير ته آهي، ڏڪين ڇو ٿو؟ گدڙ چيس ته: ڳالهه ٻـُـڌ، جتي به مون کي ڪن شينهن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن، يا ڪو شينهن ور چڙهندو اٿم ته منهنجو رت ٽهڪندو آهي ۽ ائين ڀانئيندو آهيان ته بس اجهو ٿو پورو ڪريانس، سو چڱو پڄئي ته مون کان ٿورو اڳڀرو ٿي هل ۽ چوندي هل ته: ”پري پري ٿي نچو، متان گوڏي هيٺان اچو.“ شينهڻ سندس حڪم موجب کانئس اٺ ڏهه وک کن اڳ ۾ ٿي ۽ ائين ئي چوندي هلي. جڏهن هڪڙي شينهن جي ويجهو پهتي ۽ انهيءَ کي هڪل ڪري چيائين ته: پري پري ٿي نچو، متان گوڏي هيٺان اچو! ته نچندڙ شينهن هن کي هڪل ڪري چيو ته: ڪير آهين ڪمبخت! جو اسان جي شادين ۾ اچي خلل وڌو اٿئي؟ شينهڻ چين ته: خبردار، هو ڏسو ٿا؟ اتي گدڙ ڳچ پنڌ پري ڪنهن دڙي تي بيٺو هو، ۽ سکڻي ڏاڏر ڪيو بيٺو هو. ان کي ڏسي شينهن چيو، الاجي ڪير آهي! شينهڻ چين ته: اهو اٿو ميرخان پاٻوڙي، جو ڀڃندو آهي ستن شينهن جي ڪوڙي. تنهنڪري هڪدم ڀڄي وڃو. ميرخان ڪيترن شينهن کي وڻ ۾ ٽنگي ماري ڇڏيو آهي. اعتبار نه اچيـَو ته هلو ته هلي ڏيکاريانوَ. ائين چئي، شينهڻ هنن کي وٺي وڃي ٽنگيل، شينهن ڏيکاريو، جو ڏسي هو سڀ ڏڪڻ لڳا. انهيءَ تي ميرخان جو مٿن رعب ايترو ته ويٺو، جو هن کان ٿورو ڀرپور بيهي ۽ جهـُـڪي کيس عرض ڪيائيون ته: ميرخان! اسان جي پارت هـُجيوَ. اسان اوهان جا ٻچا آهيون، ۽ اسان جي شادي آهي، اوهين مهرباني ڪري اُن ۾ هلي شامل ٿيو، ۽ اسان ٻچڙن جي دعوت قبول ڪريو. پوءِ جيڏانهن وڻيوَ اوڏانهن ڀلي وڃو. اهو ٻڌي گدڙ کي پيٽ ۾ ڪجهه ساهه پيو، ۽ هونئن جو سـُـڪل بنڊ جيان بيٺو هو، سو سڌو ٿي ۽ ڪانڊرجي، ڪـُـڏ ڏيئي اچي هنن جي وچ ۾ بيٺو.

هرڪو پيو هن کان ڪن هڻي ته متان ڪو پاسو نه لڳي ته مهٽجي نه وڃون. اتي شينهن، گدڙ کي عرض ڪيو ته: ميرخان! اجازت هجي ته راڳ ۽ ناچ شروع ٿئي. گدڙ ورندي ڏني ته: ڀلي، پري پري ٿي نچو، متان گوڏي هيٺان اچو! بس پوءِ ته شينهن هنبوڇيءَ ۾ پئجي ويا، ۽ گدڙ، شينهڻ سان گڏجي وچ ۾ ٿي ويهي رهيو. گدڙ کي سگهو ساهه پيٽ ۾ ڪونه هو، ۽ هيڏانهن هوڏانهن ٿي نهاريائين ته متان ڪنهن جو پاسو نه لڳي وڃي. شينهن نچي نچي کيرا ٿي ڪري پيا، ۽ وري اچي راڳ ڳائڻ لڳـا.

 

 راڳ کان پوءِ سڀ شينهن گڏجي گدڙ وٽ آيا ۽ کيس عرض ڪيائون ته اسان جي ريت آهي ته شاديءَ ۾جي به مهمان ايندا آهن، انهن کان راڳ ۽ ناچ ڪرائيندا آهيون، پوءِ ٿورو ڪي گهڻو اوهين به مهرباني ڪري نچو. گدڙ دل ۾ چيو ته: بس هاڻي مئس، ڇو ته جي اونائي ڪندس ته هڪدم اوسي پاسي جا گدڙ به اونايون ڪندا ۽ ڀڄندا ايندا، ۽ پوءِ مٽي پليد ٿي ويندي. اها ڳالهه ڳڻي، هنن کي چيائين ته: مان راڳ ضرور ڪندس، پر منهنجي آواز ۾ ايڏو ته رعب آهي، جو هي سڀ وڻ ٽڻ، هيٺاهيون مٿاهيون سڀ ڏڪي ويندا، ان ڪري ڪنهن وڏي دڙي تي هلو ته اوهان جي ريت پوري ڪريان. ائين چئي، گدڙ سڀني کي ڪنهن وڏي واريءَ جي دڙي جي هيٺ بيهاري، پاڻ چڙهي ويو مٿي، ۽ اتي بيهي چوڻ لڳو ته: خبردار! هاڻي مان راڳ ڪريان ٿو، تنهنڪري اوهين اکيون ٻوٽي وڻن کي چنبڙي پئو. شينهن ائين ئي ڪيو ته کين گدڙ جي اونائي ٻڌڻ ۾ آئي. اکيون پٽي ڏسن ته مار! هي ته گدڙ هو. گهڻوئي ڪڍ پيس، پر هي رُوڙ ڪري ڀڄي اچي هڪڙي وڏي تلاءُ ۾ پيو ۽ اتي خوب ٽٻيون ڏئي پنهنجي بت جي ڪارنهن لاٿائين، ۽ آئيندي لاءِ وري اهڙيءَ حرڪت ڪرڻ کان توبهه ڪيائين.

vvv

vv

v

* هيءَ آکاڻي اُتر مان فاضل قائمي (تعلقو اُٻاوڙو)، نبي بخش (تعلقو روهڙي) ۽ غلام نبي (تعلقو ڏوڪري) کان ملي.


 
 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

Preface: Dr. Nabi Bux Baloch  - -   مهاڳ؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان   - - مقدمو؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org