سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڪهاڻي؛31 32 33

صفحو :12

31- راڪاس ۽ برڙباڪاس*

هڪڙو غريب شخص، پنهنجي ٻڍڙيءَ ماءُ سان گڏ هڪڙي جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو. وٽن رات هوندي هئي ته ڏينهن نه هوندو هو- مطلب ته ڏاڍو ڏکيو وقت گذاريندا هئا. هڪڙي ڏينهن، پوڙهيءَ ماءُ پنهنجي پٽ کي چيو ته: ابا! هتي جي حالت ساريو ويٺو آهين، منهنجي مرضي آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي ڪجهه ڪمائي اچ ته تنهنجي شادي ڪري، پنهنجي من جي مراد پوري ڪريان، الاجي ڪڏهن اها آس پوري ٿينديم! ائين چئي، کيس ورهين جو گڏ ٿيل هڪ ٽـَڪو ڪڍي ڏنائين.

ڇوڪرو، ماءُ کان ٽـَڪو وٺي، کانئس موڪلائي گهر کان ٻاهر نڪتو. اڃا شهر کان نڪري ٿورو پر ڀرو ٿيو، ته کيس هڪ باندر گڏيو. جنهن کانئس خبر چار پڇي. هن غريب سڄي حقيقت ٻڌايس. باندر هن جي ڳالهه ٻڌي، کيس دلداري ڏني ۽ چيائينس ته: يار! پهريائين ته مون کي لڳي آهي بک، ڪي انهيءَ ٽـَڪي جا ڀڳڙا کڻي وٺين ته ٻئي ڄڻا کائي ڪجهه هلڻ جهڙا ٿيون. باقي اهو ٿورو لاهڻ منهنجو ڪم، اميد ته توکي شادي ڪرائي، پوءِ ڪيڏانهن ويندس. هـُو غريب باندر جي دلداريءَ ڏيّڻ تي ڪجهه سرهو ٿيو ۽ شهر ۾ واپس اچي، ڀڳڙا وٺي وري باندر سان اچي مليو ۽ ڀڳڙا آڻي هن جي اڳيان رکيائين. باندر ڪجهه ڀڳڙا پاڻ کاڌا ۽ ڪجهه هن غريب کي ڏنا، ۽ باقي اڳتي جو ثمر ڪري کڻي هڙ ۾ ٻڌائون. ڀڳڙا کائي، پاڻي پي ٻئي ڄڻا اُٿي پنڌ پيا.

Text Box: 00

 

اڃا ٿورو پنڌ مس ڪيائون ته کين هڪ گدڙ مليو، جنهن هنن کي سلام ڪري کانئن حقيقت پڇي. باندر کيس سڄي حقيقت ٻڌائي ۽ هن کي ٻه ٽي ڀڳڙا کائڻ لاءِ ڏنا، جي گدڙ وٺي کاڌا. پوءِ ساڻن گڏجي پنڌ پيو ۽ هڪڙي ڳوٺڙي ۾ اچي پهتا. اُتي ڏٺائون ته هڪ چاڪي گهاڻو پيو ڪاهي، تڏهن باندر، گڊڙ کي چيو ته: آءٌ ٿو هن چاڪيءَ کي چيڙايان، تون اهو رنبو کڻي وٺي ڀـڄ. گدڙ اها ڳالهه ٻڌي انڪار ڪيو، تڏهن باندر چيس ته: جيڪي ڀڳڙا کاڌا اٿئي، سي واپس ڏي. نيٺ لاچار ٿي گدڙ رنبو کڻڻ قبول ڪيو. پوءِ باندر ٽپ ڏيئي اچي ڍڳي تي چڙهيو ۽ کيس ٽاهه وجهڻ لڳو. چاڪي لڳو باندر جي پويان، تيسين گدڙ رنبو کڻي وٺي ڀڳو ۽ باندر به چاڪيءَ کان جند ڇڏائي اچي هنن سان مليو ۽ پوءِ گڏجي اڳتي روانا ٿيا.

 

اڃا ڳوٺڙي کان ٻاهر نڪتا ته کين هڪ حجام مليو، جو اوزارن جو ٿيلهو ڪلهي ۾ وجهي واٽ وٺيو پئي ويو. ان کي ڏسي باندر، گدڙ کي چيو ته: يار گدڙ! هاڻي هن حجام کان اوزار ڦري ڏينم يا جيڪي ڀڳڙا! کاڌا اٿيئي سي موٽائي ڏي. نيٺ ٻئي ڄڻا حجام کي ڦري آيا ۽ کيس رانڀوٽا ۽ چڪ هڻي، کانئس اوزارن جو ٿيلهو ڦري ورتائون. اهو ٿيلهو ۽ رنبو غريب شخص کي ڏيئي، ان سان گڏجي اڳتي هليا، ٿورو پنڌ مس ڪيائون ته هڪ شخص تي نظر پين، جو ڇڄ کنيو پئي آيو. اتي وري به باندر گدڙ کي چيو ته: گدڙ! هن ماڻهوءَ کان هڪ ڇڄ ڦري ڏي، يا منهنجا ڀڳڙا واپس ڪر. نيٺ گدڙ اها ڳالهه قبول ڪئي. پوءِ ته باندر پٿر کڻي ان ماڻهوءَ کي هڻڻ لڳو. هو ويچارو  ڇڄ پٽ تي رکي لڳو باندر جي پويان، ۽ پٺيان گدڙ سندس ڇڄ کڻي وٺي ڀڳو. باندر به ان شخص کان جند ڇڏائي اچي هنن سان مليو، ۽ ٽيئي ڄڻا اڳتي روانا ٿيا.

هلندا وڃن ته کين هڪ پوڙهي ڏسڻ ۾ آئي، جا ڏڌ جي چاڏي مٿي تي کڻيو شهر ۾ وڪڻڻ لاءِ پئي ويئي. اتي باندر گدڙ کي هڪل ڪئي ته: هائو يار! پوڙهيءَ کان اها چاڏي ڦري ڏي يا ڀڳڙا موٽائي ڏي. گدڙ اچي ڦاٿو، نيٺ صلاح ڪري ٻئي ڄڻا پوڙهيءَ کي ڦري آيا. مائي چاڏي پٽ تي رکي لڳي هنن کي ڀڄائڻ. آخر ان کي به چنبا هڻي، ڦٽي، کانئس ڏڌ جي چاڏي ڦري غريب شخص جي حوالي ڪري، اڳتي پنڌ پيا.

ڪجهه پنڌ ڪيائون ته وري ڏسن ته هڪڙو مڱڻهار فقير هڪ ٿڪل گهوڙي تي چڙهيو پيو وڃي. اتي باندر وري به گدڙ کي چيو ته: هن فقير کان اهو گهوڙو ۽ دهل ڦري ڏينم يا کاڌل ڀڳڙا واپس ڪر. گدڙ اچي ڦاٿو هو تنهن مرندي ڪـُـسندي اها ڳالهه به قبول ڪئي. نيٺ ٻنهي ڄڻن گڏجي اچي فقير کي ورايو، نيٺ اهڙو ڪڪ ڪيائونس جو گهوڙي تان لهي هنن جي پويان لڳو، ۽ پٺيان غريب شخص دُهل کڻي گهوڙي تي لانگ ورائي، اهو حال ڏسي مڱڻهار گهوڙي ڏانهن ڀڳو، پر پنڌ ڪٿي ٿو پڄي ۽ نيٺ منهن مٿو پٽندو رهجي ويو. اهڙيءَ طرح، مڱڻهار کان گهوڙو ۽ دهل ڦري، هي ٽيئي ڄڻا اڳتي هليا. گدڙ جو هنن مان اچي اَڙيو هو، تنهن خيال ڪيو ته ڪنهن به حيلي سان هنن مان جند ڇڏايان، نه ته ڪٿي مارائيندم. نيٺ هلندي هلندي، هڪڙي پاسي گوهي ڏيئي، جند ڇڏائي، باندر ۽ غريب شخص کي ڇڏي ڀڄي ويو.

باندر ۽ سندس ساٿي گهوڙي تي سوار ٿي سارو ڏينهن پنڌ ڪيو، آخر سج به اچي لهڻ وارو ٿيو. اتي غريب شخص باندر کي چيو ته: يار! هاڻي ته ڪنهن وسنديءَ ڀيڙا ٿيون، اُڃ ۽ بک تمام هلاک ڪيو آهي. باندر هن کي دلداري ڏني ۽ گهوڙي کي هڪلي اچي هڪڙي شهر ڀيڙا ٿيا. ڇا ڪيائون جو گهوڙي کي هڪ وڻ سان ٻڌي، پاڻ شهر ۾ گهڙيا. ڏسن ته سڄو شهر خالي آهي، چوطرف سڃ پئي واڪا ڪري، آخر گهمندي گهمندي، کين هڪ عاليشان محلات ڏسڻ ۾ آئي. هي لنگهي ان محلات ۾ آيا، جنهن ۾ هڪڙي خوبصورت عورت ويٺل نظر آين. ان عورت جو هنن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو، تڏهن کين چيائين ته: هيءَ جاءِ

راڪاس جي آهي، هو جڏهن آيو ۽ اوهان کي ڏٺائين ته کائي کپائي ڇڏيندو. تنهنڪري منهنجي مرضي آهي ته ماٺ ڪري ترت هتان نڪري وڃو. هنن چيو ته:اسين ساري ڏينهن جي بک ۽ اُڃ سبب بيحال ٿي پيا آهيون، پهريائين ته اسان کي ڪجهه کاراءِ پيار، پوءِ جي راڪاس آيو ته ڏٺو ويندو. مائي تڙ تڪڙ ۾ ڪجهه کاڌي جو سامان تيار ڪري هنن کي ڏنو، جو هو کائي پي خوش ٿي ڪجهه بود ۾ آيا ۽ مائي سان صلاح ڪري وڃي کـُڏ تي چڙهي ويهي رهيا.

ٿوري دير ئي ڪانه ٿي ته اوچتو واچ لڳي ۽ ان سان گڏ مينهن پيو. مينهن اڃا بندئي ڪونه ٿيو ته اوچتو هڪ وڏي گوڙ ٿي ۽ راڪاس اچي ڪڙڪيو. هي جو ٻئي ڄڻا مٿي کڏ تي ويٺا هئا، تن پري کان راڪاس کي ايندي ڏٺو ۽ وري جو ڏٺائون ته سندس چنبا رت سان ڀريل هئا، سو ايندي شرط عورت کان پڇيائين ته: اڄ شهر ۾ ڪا پهر آيل ٿي ڏسجي، ان جو گهوڙو شهر جي ٻاهران ٻڌل هو، جنهن کي ماري آيو آهيان، تڏهن ان عورت چيس ته: آءٌ هت بند ۾ قيد آهيان، مونکي ڪهڙي خبر ته ڪير آيو ڪير ويو. ائين چئي کيس کاڌو آڻي ڏنائين. راڪاس اڃا گرهه ڀڃي وات ۾ ٿي وڌو ته باندر کڏ تي ئي وٺي کيکڙاٽ ڪيا. راڪاس ماني ڇڏي، مٿي نهاري چيو ته: اڙي! ڪير آهين؟ ان تي باندر چيس ته: پهريائين تون ٻڌاءِ ته ڪير آهين؟ ان تي هن ورندي ڏنيس ته:مان راڪاس آهيان. تنهن تي باندر چيو ته: آءٌ برڙباڪاس آهيان. راڪاس تڏهن پڇيس ته: پاڻ ٻنهي ۾ ڏاڍو ڪير آهي؟ باندر چيو ته: اهو اچ ته هڪٻئي کي آزمايون، پوءِ پاڻهي خبر پوندي. تڏهن راڪاس چيو ته: پهرين هڪٻئي کي چنبا ٿا هڻون. ائين چئي راڪاس، باندر کي ڀري چنبو هنيو ته ڪارا نيل ٿي پيس. ان کان پوءِ باندر ڇا ڪيو جو حجام واري ڳوٿريءَ مان سڀ اوزار ڪڍي هٿ ۾ ٺاهي، جهلي جو هڻي راڪاس کي ته رت ڦوهارا ڪري وٺي هليس. ان کان پوءِ راڪاس کي چيائين ته: ٻي ڪا نشاني هجئي ته موڪل. راڪاس پنهنجو ڏند ڪڍي باندر کي اڇلائي هنيو، پر ان جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. باندر هڪل ڪري چيس ته: اچئي ٿو منهنجو ڏند. ائين چئي چاڪيءَ وارو رنبو اڇلائي هنيائينس منهن ۾، ته دانهن نڪري ويس. ان بعد وري ڇڄ اڇلي چيائينس ته: هي اٿئي منهنجو ڪن، هاڻي اچ ته ٿـُڪ پڄايون. راڪاس، سير سوا جي ٿڪ اڇلائي، وري باندر جو وارو آيو تنهن ڏڌ جي چاڏي کڻي راڪاس جي مٿان اڇلائي ته هو سڄو وهنجي ويو. ان کان پوءِ باندر وٺي دهل تي ڏونڪو هنيو. اهو آواز ٻڌي راڪاس پڇيو: ته اهو وري ڇا جو آواز آهي؟ باندر جواب ڏنس ته: اهو منهنجي پيٽ جو آواز آهي، جو بک ۾ پيو وڄي، هاڻي جڏهن توکي کائيندس، تڏهن هو ڀربو ۽ آواز بند ڪندو.

راڪاس جو اها ڳالهه ٻڌي، سو مٺيون ڀيڙي وٺي ڀڳو ۽ پڪ ٿيس ته هيءَ ڪا مون کان به وڏي آفت آهي، تنهنڪري ڪنڌ ڦيري به پوئتي ڪين ڏٺائين. راڪاس جي وڃڻ کان پوءِ، باندر ۽ غريب شخص کـُـڏ تان هيٺ لٿا ۽ اچي ان خوبصورت عورت سان مليا. باندر ان عورت کي چيو ته: هاڻي انهيءَ راڪاس مان تنهنجي جند آزاد ٿي.  هاڻي هن ماڻهوءَ سان توکي شادي ڪرڻي پوندي. هن عورت اها ڳالهه قبول ڪئي. پوءِ باندر ان غريب شخص کي چيو ته: هاڻي هيءُ دهل کڻي آسپاس پڙهو ڏي ته راڪاس هميشه لاءِ ويندو رهيو، هاڻي ڪوبه ڊپ ڪونهي، جيڪو به ماڻهو شهر ۾ رهڻ چاهي ته اچي خوشيءَ سان رهي. اهو پڙهو ٻڌي، ڪيترا ماڻهو لڏي وري اچي شهر ۾ رهيا ۽ ٿوري گهڻي ڏينهن سارو شهر آباد ٿي ويو. غريب به ان خوبصورت عورت سان شادي ڪري انهيءَ  محلات ۾ رهڻ لڳو، ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پنهنجيءَ ٻڍڙيءَ ماءُ کي به ڳوٺان وٺي اچي پاڻ سان گڏ رهايائين.

 

vvv

vv

v
 

32- هرڻي ۽ سندس ٻچا*

هڪڙي هرڻي پنهنجن ٻچن کي ڇڏي پاڻ ويئي جهنگ ۾ چرڻ. وڃڻ وقت ٻچن کي چيائين ته: پنهنجيءَ جاءِ کان پري نه وڃجو. هرڻيءَ جي وڃڻ کان پوءِ ويرم ئي ڪين گذري ته ٻچا گهر کان ٻاهر نڪري راند روند ڪرڻ لڳا. هڪ اُٺن جي قطار وارو پريان پئي آيو تنهن جو هنن کي ڏٺو، سو کين پڪڙي کڻي اُٿي هليو. هرڻي جان اچي ڏسي ته ٻچا آهن ئي ڪونه. پوءِ ويچاري هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ ۽ دانهون ڪرڻ لڳي، پر ٻچن جي ڪا خبر ڪانه پيس. پوءِ ته کڻي جهنگ مـُنهن ڪيائين. هلندي اچي، ڏسي ته هڪڙو ٻڪرار ٻڪريون بيٺو چاري. اُن کي ڏسي، هرڻيءَ چيو: ادا ڙي ٻڪرار!

تو ڪي ڏٺا منهنجا ونـــگا،

تو ڪي موڙي ڀـــڳا ٽنـــگا،

تو ڪي ثابت پنهنجو لوڙيو،

تو ڪي پٻڻ جــو گل ٽوڙيو؟

ٻڪرار وراڻيس ته: نه ڙي مائي هرڻي!

نه مــون ڏٺا تنهنجا ونــگا،

نه مون مـــــوڙي ڀڳا ٽنـگا،

نه مون ثابت پنهنجو لوڙيو،

نه مون پٻڻ جـو گــــل ٽوڙيو.

اُتان وري هلندي هلندي اچي ڏسي ته هڪ ريڍار، رڍون بيٺو چاري، تنهن کي چيائين ته: ادا ڙي ريڍار!

تو ڪي ڏٺا منهنجا ونـــگا،

تو ڪي موڙي ڀـــڳا ٽنـــگا،

تو ڪي ثابت پنهنجو لوڙيو،

تو ڪي پٻڻ جــو گل ٽوڙيو؟

ريڍار ورندي ڏنيس: نه ڙي هرڻي!

نه مــون ڏٺا تنهنجا ونــگا،

نه مون مـــــوڙي ڀڳا ٽنـگا،

نه مون ثابت پنهنجو لوڙيو،

نه مون پٻڻ جـو گــــل ٽوڙيو.

هرڻي وري به دانهون ڪندي اڳتي هلي، ڏسي ته ڳنوار بيٺو ڳئون چاري. ان کي به چيائين ته: ادا ڙي ڳنوار!

تو ڪي ڏٺا منهنجا ونـــگا،

تو ڪي موڙي ڀـــڳا ٽنـــگا،

تو ڪي ثابت پنهنجو لوڙيو،

تو ڪي پٻڻ جــو گل ٽوڙيو؟

ڳنوار چيس: نه ڙي مائي هرڻي!

نه مــون ڏٺا تنهنجا ونــگا،

نه مون مـــــوڙي ڀڳا ٽنـگا،

نه مون ثابت پنهنجو لوڙيو،

نه مون پٻڻ جـو گــــل ٽوڙيو.

هرڻي ويچاري نااُميد ٿي، اکين مان زارو زار لـُـڙڪ هاريندي اڳتي هلي، ته ڏسي ته اُٺن جي قطار پئي وڃي. ڊوڙي اچي اُنهيءَ کي پهتي، ۽ اوٺيءَ کي

چيائين: ادا ڙي اوٺار!

تو ڪي ڏٺا منهنجا ونـــگا،

تو ڪي موڙي ڀـــڳا ٽنـــگا،

تو ڪي ثابت پنهنجو لوڙيو،

تو ڪي پٻڻ جــو گل ٽوڙيو؟

اوٺار ڏٺو ته ويچاري هرڻي ٻچڙن لاءِ پيئي ٻاڏائي ۽ سندن جدائي ۾ پئي مري، سو جيڪڏهن هن کي سندس ٻچڙا نه ڏيندس ته مري ويندي. سو چيائينس ته: هائو ڙي مائي هرڻي!

مــون ڏٺا تنهنجا ونــگا،

مون مـــــوڙي ڀڳا ٽنـگا،

مون ثابت پنهنجو لوڙيو،

مون پٻڻ جـو گــــل ٽوڙيو.

ائين چئي، ٻچڙا کڻي هرڻيءَ کي ڏنائين. هرڻيءَ ٻچن کي ۽ ٻچن ماءُ کي جڏهن ڏٺو ته ڏاڍا خوش ٿيا. پوءِ هرڻي پنهنجن ٻچن کي وٺي پنهنجيءَ جاءِ تي آئي.

 

vvv

vv

v
 

33- هرڻي ۽ واڳون*

 

هڪڙي جهنگ ۾ هڪڙي هرڻي رهندي هئي. هوءَ ڏاڍي سياڻي هئي ۽ سڀڪو قدم جاچي جوچي کڻندي هئي. هڪ دفعي رستي جي پاسي ۾ بيٺي هئي ته پري کان کيس بار سان ڀريل ڇهه گاڏيون ڏسڻ ۾آيون. هيءَ ڊوڙي اچي رستي جي وچ تي ويهي رهي. جڏهن پهرين گاڏي، جنهن تي لوڻ هو، ويجهي آئي، تڏهن گاڏر هرڻيءَ کي رستي ۾ ويٺل ڏسي چيو ته:

هرڻي ڙي هـــــرڻـــي، اُٿي پــاســـــي ٿي،

منهنجا ڍڳا مــــــــارڻــا، توکي ماريندا،

تنهنجا سنهڙا ٻچا، مون کي پاپ ٿيندو.

اهو ٻڌي هرڻيءَ چيس ته: هڪڙي ڳوڻ لاهي ڏي ته پاسي ٿيان.گاڏر مجبور ٿي، لوڻ جي ڳوڻ لاهي ڏني، ۽ اڳتي هليو. ايتري ۾ ٻي گاڏي پئي آئي، جنهن تي ڳـُڙ هو. جڏهن اها ويجهو آئي، تڏهن هرڻي وري به رستي تي اچي ويهي رهي. گاڏي ويجهي آئي ته گاڏر، هرڻيءَ کي ڏسي چوڻ لڳو ته:

هرڻي ڙي هـــــرڻـــي، اُٿي پــاســـــي ٿي،

منهنجا ڍڳا مــــــــارڻــا، توکي ماريندا،

تنهنجا سنهڙا ٻچا، مون کي پاپ ٿيندو.

تڏهن هرڻيءَ جواب ڏنو ته: ڳڙ جي ڳوڻ لاهي ڏين ته پاسي ٿيان. گاڏر لاچار ڳڙ جي ڳوڻ لاهي کيس ڏني. اهڙيءَ طرح، هرڻيءَ چالاڪيءَ سان ٽئين گاڏر کان کنڊ جي ڳوڻ، چوٿين کان ڪڻڪ جي ڳوڻ، پنجين کان چانورن جي ڳوڻ، ڇهين کان چـُنَ جي ڳوڻ ورتي.

پوءِ آئي جهنگل ۾، جتي هڪڙو پراڻو چؤنرو هو، هن اهو ٻهاري صاف ڪيو ۽ سڀ ڳوڻيون کڻي ان ۾ اچي رکيائين. چـُن سان ڇؤنري کي راڳي، نئون ڪري، در مضبوط ڪري ويهي رهي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، هن کي هڪڙو ٻچو پيدا ٿيو، جنهن جو نالو رکيائين ”گاگو پمجهر“. پوءِ ٻچي کي چؤنري ۾ ويهاري، در بند ڪري ويندي هئي، جڏهن ٻاهران چري ايندي هئي، تڏهن در وٽ بيهي، چوندي هئي ته:

چـــونــرو چــــٽـيــــــو، ان ســـان ڏٽـــــــيـــو،

لــــوڻ ســان ڀـريـل، ڳـڙ ســان لنبيـل،

لـــــوڪـان لـڪـائي، گــاگــو کائــي،

کــــــــــــول پـــمــــــجــــــــــهـر جــهــوپـــــڙيـــو.

اهو آواز ٻڌي، ٻچو در کوليندو هو ۽ هرڻي اندر اچي کيس کير ڌارائي، پوءِ وري هلي ويندي هئي.

هرڻيءَ جي چؤنري ويجهو، هڪڙي وڏي ڍنڍ هئي، ان ۾ هڪڙو وڏو واڳون رهندو هو. هو ڪيترائي ڀيرا هرڻيءَ جي ٻچي کي کائڻ لاءِ چؤنري وٽ آيو، پر در بند ڏسي موٽي ويندو هو. هڪ دفعي جيئن هي اتان پئي موٽيو، ته ڏسي ته هرڻي پئي اچي. هرڻيءَ کي ايندو ڏسي، هي پاسي واري گاهه ۾ لڪي ويهي رهيو، هرڻي ايندي شرط در وٽ بيهي، هيڏانهن هوڏانهن نهاري چوڻ لڳي ته:

چـــونــرو چٽـيــو، اَنَ ســـان ڏٽـــيـــو،

لــــوڻ ســان ڀـريـل، ڳـڙ ســان لنبيـل،

لـــــوڪـان لـڪـائي، گــاگــو کائــي،

کــــــــــــول پـــمــجــــــــــهـر جــهــوپـــــڙيـــو.

اهو آواز ٻڌي، ٻچي اندران در کوليو ۽ هرڻي اندر ويئي. واڳونءَ اِهي ٻول ٻڌي ياد ڪري ورتا ۽ ويٺو اُن کي ڀيرا ڏيڻ. جڏهن هرڻي موٽي ويئي، تڏهن هي به کسڪي وڃي ڍنڍ ۾ ڍريو. صبح جو سويري، چونري جي در وٽ وڃي چوڻ لڳو ته:

چـــونــرو چٽـيــو، اَنَ ســـان ڏٽـــيـــو،

لــــوڻ ســان ڀـريـل، ڳـڙ ســان لنبيـل،

لـــــوڪـان لـڪـائي، گــاگــو کائــي،

کـــــــــــــــول پـــمــحـــّهـر جــهــوقـْڙيـــو.

اهو آواز ٻڌي، ٻچي اندران در کوليو ۽ واڳون اندر داخل ٿيو. جهٽ پٽ ٻچي کي ڳهي، در پوري ڍنڍ ۾ هليو ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ، جڏهن هرڻي آئي ته ڏسي ته  چؤنرو خالي پيو آهي، ۽ ٻچو ڪونه آهي. هن ٻچي کي ڏاڍا سڏ ڪيا، پر ڪٿان به پتو ڪونه پيو. هن اتي واڳونءَ جا پيرا ڏٺا ۽ يقين ٿيس ته ٻچو واڳون ڳٿو آهي. سو در وٽ بيهي، وڏي آواز سان چوڻ لڳي ته:

چـــــــونــــــرو چٽـيــو، ان ســـــــان ڏٽـــيـــو،

لــــوڻ ســان ڀـريـل، ڳـڙ ســان لنبيـل،

لـــــــــوڪـان لـڪـائي، صابو کائــي،

کــــــــــــول پـــمــجــــــــــهـر جــهــوپـــــڙيـــو.

اهو آواز واڳونءَ به پئي ٻڌو، تنهن گمان ڪيو ته شايد هرڻيءَ جو ٻيو به ٻچو آهي، جنهن جو نالو ”صابو“  آهي، ڇو نه اهو به تڳائجي. ٿوري دير ترسي، هيءُ چؤنري وٽ آيو ۽ ٻاهران بيهي چوڻ لڳو ته:

چـــونــرو چٽـيــو، ان ســـان ڏٽـــيـــو،

لــــوڻ ســان ڀـريـل، ڳـڙ ســان لنبيـل،

لـــــوڪـان لـڪـائي، صابو کائــي،

کــــــــــــول پـــمــجــــــــــهـر جــهــوپـــــڙيـــو.

هن جو اهو آواز ٻڌي، هرڻي اندران در کولي، پاسي سان ٿي بيٺي. جڏهن واڳون اندر ڍريو، تڏهن هي ڦڙتيءَ سان ٽپو ڏيئي ٻاهر نڪتي ۽ ٻاهران در ڏيئي ڇڏيائين. ٿورو ترسي پوءِ چؤنري تي چڙهي، مٿان هڪ سوراخ وٽ منهن رکي، چوڻ لڳي ته:

اچـو شـڪاري، ڪـريـو بــهاري،

ڪتن کي ڪاهيو، اچي بڇايـو.

واڳون اهو آواز ٻڌي، ڏاڍو ڊنو ۽ هرڻيءَ کي منٿ ڪري چوڻ لڳو ته: مائي، معاف ڪر! تنهنجو ٻچو اجهو ٿو پيٽ مان ٻاهر ڪڍان. خدا جي نالي مون کي هن بند مان ٻاهر ڪڍ! ائين چئي، وٺي زور سان الٽي ڪيائين ته ٻچو سلامت اچي ٻاهر پيو. پوءِ ته هرڻيءَ به در کوليو، ۽ واڳونءَ کي چيائين ته: جلدي ڀڄي وڃي ڍنڍ ۾ پهچ، نه ته ڪـُتا ڄاڻ آيا. واڳون ويچارو شڪارين جي ڊپ کان ڀڄندو، سهڪندو، وڃي ڍنڍ ۾ ڍريو، ۽ هرڻي وڃي پنهنجي ٻچي سان ملي.

 

vvv

vv

v


 

* هن آکاڻيءَ جون ٻه روايتون، وچولي (ٽنڊي الهيار ۽ شهداد پور تعلقن) مان ولي محمد طاهر زادي ۽ اڪبر علي کان مليون.

* هيءَ آکاڻي وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان ماستر محمد بچل کان ملي.

* هي آکاڻيءَ ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان ”معمور“ يوسفاڻيءَ کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org