سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڪهاڻي؛ 16 17 18

صفحو :7

16- گدڙ ۽ سهو*

هڪڙي دفعي، هڪڙو سهو، پاڻي پيئڻ لاءِ تلاءَ تي اچي بيٺو ته اُتي هڪڙو گدڙ گڏيس. گدڙ هو چالاڪ، سو سهي کي ڦري آيو ۽ چيائينس ته: اڄ آءٌ توکي کائيندس! اهو ٻڌي سهو ويچارو ڊڄي ويو، سو گدڙ کي چيائين ته: ماما گدڙ، مون کي کائڻ مان توکي ڇا ملندو؟ هن دفعي مون کي معافي ڏي، باقي آئيندي آءٌ ڪڏهن به هن پاسي ڪونه  ايندس.پر گدڙ هن جون آزيون نيازيون مڃي ئي نه، چي: ميان، هٿ آيل شڪار ڪير ٿو ڇڏي؟ اڄ توکي نه ڇڏيندس! سهي ويچاري ڏٺو ته هاڻي هن کان بچڻ ته ڏکيو آهي، پر ڪا اٽڪل ڪريان. سو گدڙ کي چيائين ته: ماما، ڀلا توکي مٺو پاڻي پياريان، پوءِ مون کي ڇڏيندين؟ مٺي پاڻيءَ جو ٻڌي گدڙ جو به وات پاڻي ٿيڻ لڳو، ۽ ٻيو ته دل ۾ خيال ڪيائين ته ڏسان ته واقعي مٺو پاڻي پياري ٿو يا نه! سو چيائينس: چڱو ڀلا، پيار مٺو پاڻي! پوءِ سهي ڇا ڪيو جو ماکيءَ جي ميڻ واري هڪڙي ڪاٺي کڻي، پاڻيءَ ۾ گهمايائين ته پاڻي مٺو ٿي پيو. پوءِ گدڙ کي چيائين ته: ماما، هاڻي پي ڏس! گدڙ جو پاڻي پيتو، سو ڏاڍي خوشيءَ مان چيائينس ته: يار، اها ڪرامت ته مون کي به سيکار! تڏهن سهي چيس ته: ماما، اهي ڪرامتون سکڻ ڪي سوليون آهن ڇا، جو جهٽ پٽ کڻي سيکاريانءِ؟ اهڙيءَ طرح سهو، گدڙ کان نٽائي وٺي ڀڳو. گدڙ جو سهي کي ڀڄندي ڏٺو، سو وٺي پٺيانئس لڳو.

سهو ڊوڙندي ڊوڙندي، ٽپن تي ٽپا ڏيندي، وڃي جبل تي چڙهيو. گدڙ به پٺيان ڪاهيندو آيس، پر سهو گهڻو پري نڪري ويو. آخر جڏهن سهو اُڀ سلاميءَ

تي چڙهڻ لڳو، ته سندس پير ترڪڻ لڳا، جيئن جيئن تڪڙو ڀڄي، تيئن تيئن پير ترڪيو وڃنس. اتي سهي ڇا ڪيو، جو مٿان ئي رڙ ڪري گدڙ کي چيائين ته: ڀڄ، ماما ڀڄ! جبل ٿو مٿان ڪـِـرئي! پهرين ته گدڙ اعتبار ڪونه ڪيو، پر جڏهن مٿي نهاريائين ۽ سهي کي ترڪندو ڏٺائين، تڏهن پڪ ٿيس ته جبل ليٽندو اچي، سو ڇا ڪيائين جو يڪدم هڪڙيءَ وڏيءَ ڇپ کي مٿو ڏيئي بيهي رهيو، ته جيئن جبل کي ڪـِـرڻ کان جهلي. سهي کي ته لڳو وجهه، سو ايتري ۾ جبل ٽپي، هن پاسي ڀڄي ويو، ٿوريءَ دير کان پوءِ گدڙ کڻي جاچ ڪري ته مار، جبل جيئن آهي تيئن بيٺو آهي، ۽ سهو ٺهي ئي ڪونه. پوءِ ته جهڙو هو تهڙو ڦڪو ٿي واپس موٽي ويو.

***


 

 

17- گدڙ، ڪانءُ، ڪبوتر ۽ چنڊول*

ڪنهن جهنگ ۾ گدڙ، ڪانءُ، ڪبوتر ۽ چنڊول رهندا هئا، جن جي پاڻ ۾ ڏاڍي گهاٽي ياراڻي هئي. هڪڙي ڏينهن اهي چارئي يار پاڻ ۾ گڏجي گهمڻ لاءِ نڪتا، ته واٽ تي مينهن اچي وراين. گهڻي مينهن سبب چارئي يار لاچار ٿي پيا. اتي هڪڙو قبو ڏسي، چارئي ان ۾ گهڙي وڃي ويهي رهيا.

ڪجهه وقت کان پوءِ، گدڙ کي اچي بک لڳي، پر ڪري سو ڪري ڇا! ٻاهر مينهن ڪري نڪري نه پيو سگهي، نيٺ دل ۾ دوستن سان دغا ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيس، پر يارن کي کائي ڪيئن؟ ائين بنا سبب کائڻ چڱو ڪونه ٿي ڄاتائين.... بک جا پيٽ ۾ گهوڙا پئي ڊوڙيس. نيٺ ويچاري ويچاري، پهريائين ڪانءَ کي چيائين ته: اڙي ڪانءَ! خبر ڏي ته تون ننڍڙن ٻارن کان لولا ڇو ڦريندو آهين؟ ڪانءُ جي ته اها عادت هئي، سو ڇا چئي. چيائين ته: يار گدڙ! ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي.... اسان جي ته ٿي اها عادت. پر گدڙ کي ته هئوئي وڙهڻو، سو چيائين ته: مون کي سبب ڏي، نه ته کائيندوسئين. ڪانءُ ويچارو لاجواب ٿي پيو. جنهن تي ڪانءَ کي چنبو هڻي کائي ڇڏيائين. وري ڪبوتر کي چيائين ته: اڙي ڪبوتر جا ٻچا! خبر ڏي ته تون مسيت ۾ وِٺيون ڇو لاهيندو آهين؟ ڪبوتر ويچارو به لاجواب ٿي پيو، جنهنڪري گدڙ هڪدم سندس منڍي مروٽي ڇڏي. پوءِ وري چنڊول کان پڇيائين ته: اڙي چنڊول! ڏي خبر، توکي هيءَ پڳ ڪنهن ٻڌائي آهي؟ چنڊول چيو ته: ادا، اها پڳ ڀائرن ٻڌائي آهي. تنهن تي گدڙ چيو ته: انهن سڀني کي هتي وٺي ايندين؟ چنڊول چيو ته: هائو، انهن کي ڇو نه وٺي ايندس. گدڙ خيال ڪيو ته پاڻ وڌيڪ جهـُـوڙا ڪندس، سو چنڊول کي موڪل ڏنائين.

چنڊول، قبي کان ٻاهر نڪتو. ان مهل برسات به بند ٿي ويئي هئي. چنڊول پري کان ڏٺو ته ڪي شڪاري، ڪتا وٺيو پيا اچن، سو وڌي وٽن ويو ۽ کين چيائين ته: دوستو! سامهئين قبي ۾ هڪڙو گدڙ ويٺو آهي. شڪارين چيس ته: هلي ڏيکار. چنڊول هنن سان گڏجي، قبي وٽ آيو ۽ وڌي گدڙ کي چيائين ته: يار! ڀائر وٺي آيو آهيان، ٻاهر هلي ڏس. گدڙ ٻاهر اچي ڏٺو ته مار! هي ته ڏنگا ڀائر وٺي آيو آهي. بس، پوءِ ته ڪتن، گدڙ سان اهڙي جٺ ڪئي، جهڙي گدڙ پنهنجي دوستن سان ڪئي هئي.

 

vvv

vv

v


 

 

18- گدڙ ۽ سندس سنگتي*

گدڙ، ڪڪڙ، اُٺ، ڍڳي، ٻڪريءَ ۽ شينهن جي پاڻ ۾ گهاٽي سنگت هئي. هڪڙي ڏينهن صلاح ڪيائون ته قوت گذران لاءِ سڄو ڏينهن جهنگ ۾ تـَـتيءَ ٿڌيءَ رلڻو پنڻو ٿو پوي، تنهنڪري ڇو نه جهنگ جي ڀرواري زمين، جيڪا واندي پيئي آهي، اُتي کڻي جوئر جي پوک ڪريون! اها صلاح ڪري، سڀني زمين پوکڻ لاءِ ڪم ورهائي کنيو.

اُٺ لڳو نار ۾ وهڻ، ڍڳي هـَـرُ ڏيڻ شروع ڪيو، ڪڪڙ کي پيهي تي چڙهي جهار هڪلڻ جو ڪم ڏنائون، ٻڪري گـُـڏ جو ڪم ڪرڻ لڳي، ۽ باقي رهيو پاڻي ورائڻ، سو گدڙ ڏٺو ته متان مون تي ڳري ڪم جي مصيبت اچي وڃي، سو شينهن کي ريجهائڻ لڳو ته: سائين، اهو سامهون جيڪو جبل ڏسو ٿا، اهو رات جو اُتان هـَـٽي اچي پوک تي پوندو، تنهنڪري جيستائين اَنُ پچي راس ٿئي تيستائين ان کي مٿو ڏئي بيهڻو آهي، ته جيئن اُتان هڪ ٻاڙي به چـُـري اڳتي نه ٿئي. شينهن چيو ته: گدڙ، خبر ٻـُـڌي اٿئي، پاڻي ورائڻ جو ڪم منهنجو، باقي انهي جبل کي مٿو ڏيڻو آهي توکي.

گدڙ کيڏ سان پنهنجي جان ڪم کان ڇڏائي، سڄو ڏينهن ڀرواريءَ کڏ مان مڇيون ماري پيو کائيندو هو، ۽ جڏهن ڪو سنگتي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسندو هو ته ڊوڙي وڃي جبل کي مٿو ڏيئي بيهندو هو، ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري، سنگتين جي نظر کان پاڻ لڪائي وڃي آرام ڪندو هو.

آخرڪار پوک پچي ٿي راس، سنگن اَن جهليو. ڪڪڙ جو پيهي تي چڙهي جهار پئي هڪلي، تنهن جي دل نه رهي، سو هڪڙو ٻه سنگ پيهي تي بيٺي بيٺي چـُـڳي پالهو ڪري ڇڏيائين. شينهن گهمندو اچي ڏسي ته مار! سنگ ته ناس ٿيندا ٿا وڃن، سو سڀني سنگتين کي ڪـَـٺو ڪري پڇيائين ته: ٻنيءَ سان هي ڪلور ڪنهن ڪيو آهي؟ گدڙ سمجهي ويو ته اهو ڪم ڪڪڙ جو آهي، تنهنڪري هي ڀيرو معاف ڪجيس. سو شينهن کي هٿ جوڙي چوڻ لڳو ته: سائين! ههڙي بي ايماني ڪنهن ڊگهيءَ ڳچيءَ واري جي ڪيل آهي، باقي ڊگهن ڪانن جي چوٽين تي تون ۽ آءٌ ڪٿي ٿا پهچون؟ ان تي شينهن ڪاوڙجي، چنبو هڻي اُٺ کي ماري وڌو، ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي ويٺس کائڻ. ٻڪري ۽ ڍڳو پرڀرو وڃي ويهي رهيا. جڏهن شينهن ۽ گدڙ کائي ڍؤ ڪيو ۽ باقي اوجهري بچي، تڏهن شينهن، گدڙ کي چيو ته: پريان جيڪا ڍنڍ آهي، ان ۾ اوجهريءَ کي ڌئاري اچجانءِ ته کائينداسون. ٻئي ڏينهن گدڙ، ڍڳي کان اوجهري کڻائي ڍنڍ تي آيو، ۽ ڍڳي کي چيائين ته: تون پاڻيءَ ۾ گهڙي اوجهريءَ کي ڇاڇول. ايتري ۾ پاڻ اوجهريءَ مان ڪجهه ٽـُـڪر ڪـَـرٽي ورتائين. آخر اوجهري ڌئاري، ڍنڍ جي ڪپ تي رکائي، ڍڳي کي چيائين ته: تون به هاڻي وڃ جهنگ ڏانهن، ۽ وڃي ڪو اَکو ڦـُـلو ڪري اچ. ڍڳو جيستائين موٽي ئي موٽي، تيستائين گدڙ اوجهري کائي سـُـڃ ڪري ڇڏي، باقي وڃي ڪو ٽـُـڪر بچيو.... جڏهن ڍڳو آيو، تڏهن هن کي چيائين ته: غضب ٿي ويو.... اوجهري ته مڇيون کائي ويون، هاڻي شينهن ڏاڍو ڪاوڙبو. ڍڳي چيو ته: پوءِ ڇا ڪجي؟ گدڙ چيو ته: اچ ته ڍنڍ جو پاڻي پي سـُـڪايون، پوءِ رهنديون مڇيون، سي ٻڌي کڻي ٿا هلون شينهن وٽ، جي پڇندو ته چونداسينس ته: اوجهري هنن کاڌي آهي، هاڻي جيڪا وڻيئي سا ڪار هنن سان ڪر. ڍڳي، گدڙ جو چوڻ مڃي، ڍنڍ جو پاڻي پيئڻ شروع ڪيو، پر ڪڏهن ڍنڍون به ڍڳن جي پاڻي پيئڻ سان سـُـڪيون! ويچارو آڀامجي پيو. گدڙ چيو ته: ادا، جي پاڻي نٿو کـُـٽي ته پرواهه ڪانهي، هلي ٿا سچي حقيقت شينهن سان ڪريون. پوءِ باقي بچيل اوجهري کڻي آيا شينهن اڳيان. شينهن پڇيوته: بس، اوجهري هيتري هئي، ٻڌايو ته ڪنهن کاڌي؟ گدڙ عرض ڪيو ته: سائين! اوجهريون اُهي کائيندا، جن جا پيٽ آڦريل هوندا. پوءِ ته ڍڳي جو پيٽ ڦوڪيل ڏسي، شينهن چنبو هڻي آنڊا ڪڍي رکيس. وري لڳا ڍڳي مان ڍؤ ڪرڻ. هاڻي گدڙ ڏٺو ته باقي وڃي رهيو آهي ڪڪڙ، سو ڇا ڪيائين جو جوئر جي سنگن کي رانبوٽا هڻي، ڪڻا ڪيرائي، وڃي شينهن کي دانهن ڏنائين ته: پاڻ واريءَ ٻنيءَ جو خير ڪونهي، ڪڪڙ سنگن جي پـَـتِ ڌوئي ڇڏي آهي! شينهن جا کڻي ڏسي ته برابر سنگ کاڌا پيا آهن، پوءِ ته ڪاوڙ ۾ ڪڪڙ جا به آنڊا ڪڍي ڇڏيائين.

هاڻي وڃي رهيا ٽي دوست: يعني گدڙ، شينهن ۽ ٻڪري. ٻڪريءَ مان ته گدڙ کي ڪوبه خوف نه هو، باقي شينهن مان هر وقت خوف ٿيڻ لڳس ته متان مبادا هڻي مون کي به ماري وجهي، سو ڀڳو ڌراڙن ڏانهن. انهن کي وڃي چيائين ته: سامهون ٻني ڏسو ٿا؟ ڌراڙن چيو ته: هائو. پڇيائونس ته: اها ڪنهن جي ٻني آهي؟ گدڙ وراڻيو: شينهن جي. ڌراڙن چيو ته: شينهن ته پوءِ اسان کي جيئرو ڪين ڇڏيندو. گدڙ چيو ته: توهين منهنجي ڳچيءَ ۾ ڳـَـٽُ وجهي، شينهن کي هلي چئو ته اسين سرڪاري ماڻهو آهيون، تو ٻني پوکي آهي ان جي ڍل هڪدم ڏي، نه ته گدڙ وانگر توکي به ٻڌي جيل ۾ رکائينداسون. پوءِ شينهن کي آءٌ ڊپ ڏياريندس ته ڀڄي ويندو، پوءِ توهين هلي ٻني ڀيلائجو، ۽ مون کي فقط ٻه ٽي ڪـَـچڙا سنگ کائڻ ڪاڻ ڏجو. نيٺ گدڙ جي صلاح قبول ڪري، کيس ٻـَـڌي، شينهن جي اڳيان آندائون. گدڙ جڏهن شينهن جي سامهون آيو، تڏهن چوڻ لڳو ته: سائين، ڀڄڻو هجئي ته ڀڄ! هي سرڪاري ماڻهو ڪين ڇڏيندءِ، پوءِ متان چئين ته گدڙ نمڪحرام ٿيو، سو آءٌ تنهنجي بدران پنهنجو سر قربان ٿو ڪريان، تون سيگهه ڪري هٿان ڀڄي وڃ. اها ڳالهه ٻڌي، شينهن رکيو پيرن تي زور ۽ اوڏيءَ مهل ئي اتان ڀڄي هليو ويو.

هاڻي باقي رهيل هئي ٻڪري، تنهن تي ته گدڙ جي اَک ئي نٿي ٻـُـڏي. دل ۾ پيو سوچيندو هوته رڳو ٿورو ٻاڙو ٻولي ته مان ئي کائي ختم ڪندوسانس. ٻڪريءَ ٻين ساٿين جو گدڙ هٿان موت ڏٺو هو، تنهن دل ۾ سوچيو ته اڄ ڪي سڀان، گدڙ مون کي به ڪين ڇڏيندو. اهو سوچي، ٻـِـن ڪـُـتن سان وڃي دوستي رکيائين، ۽ روز هنن کي کير پياريندي رهي. ڪتا، ٻڪريءَ مان ڏاڍا راضي ٿيا، سو کيس چيائون ته: فڪر نه ڪر، اوکيءَ سوکيءَ رڳو  ’ٻي‘  ڪندينءَ، ته اچي تو وٽ حاضر ٿينداسون.

جڏهن فصل پچي تيار ٿيو ۽ بـَـٽئي جو وقت آيو، تڏهن گدڙ، ٻڪريءَ کي چيو ته: تنهنجي آهي پنجين پتي ۽ منهنجا آهن چار ڀاڱا. ٻڪريءَ ورندي ڏني: ائين وري ڪيئن! تنهن تي گدڙ اچي ڪاوڙيو. ٻڪري به وٺي ڪئي  ’ٻي‘  ته ڪتا اچي حاضر ٿيا. گدڙ جو ڪـُـتن کي ڏٺو، سو وٺي ڀڳو، ڌُو وڃي هڪ لومڙ جي ڏر ۾ ڪيائين. لومڙ پنهنجي ٻچن سان ويٺو هو، تنهن چيس ته: گدڙ! تون ڇو منهنجي گهر ۾ گهڙي آيو آهين؟ ڏسين نٿو ته مان پنهنجن ٻچن سان رهيو پيو آهيان! گدڙ آزي ڪري چيو ته: ڀائو! مون کي معاف ڪر، ٻه لهڻيدار ٻاهر بيٺا آهن، هلي منهنجو ضامن پـَـئو! هنن جو قرض مون تي آهي، سو مان کين جلد ڏيندس. تون موچارو جانور آهي، من تنهنجو ڪو شرم پوين. گدڙ منٿون ڪري هن کي راضي ڪيو لومڙ جيئن ضامن پوڻ لاءِ ڏر کان ٻاهر نڪتو، تيئن اُمالڪ ڪـُـتا چنبڙي ويس. لومڙ ويچاري وٺي کيکڙاٽ ڪيا. جوڻس جو کيکڙاٽ ٻڌا، سو گدڙ کي چيائين ته: ادا، ٻاهر ته ڏس مـُـڙسم جو آواز پيو اچي. گدڙ وراڻيو: ڀاڄائي، فڪر نه ڪر، هو هنن سان ڀليڪار پيو ڪري، تنهن هوندي به تون ڀلي ٻاهر نڪري ڏس. لومڙي جيئن ٻاهر نڪتي ته ڪـُـتن اُن کي به چيري ڦاڙي ختم ڪري ڇڏيو.

ٻئي ڏينهن گدڙ، ڏر مان نڪري ٻڪريءَ وٽ آيو، ۽ بٽئي ڪرڻ لاءِ پاڻ سان ٽويو آندائين. گدڙ ڇا ڪيو جو سنئون ٽويو ڀري وجهي پنهنجي پاسي، ۽ اونڌو ٽويو وجهي ٻڪريءَ جي پاسي. ٻڪريءَ هيءُ حال ڏسي وري وٺي  ”ٻي ٻي“  ڪئي. هوڏانهن ڪـُـتا به ڪـَـنُ ڏيو ويٺا هئا، تن جو ٻڪريءَ جي ٻيڪاٽ ٻڌي، سو هڪڙو آيو هڪڙي طرف کان ۽ ٻيو آيو ٻئي طرف کان. ايندي شرط گدڙ کي ڪنڌ کان جهلي، کيس اتي ئي چيري ڦاڙي ٻه اڌ ڪري ڇڏيائون. گدڙ جي مرڻ کان پوءِ، ٻڪري سمورو اَن پنهنجي گهر کڻي آئي

 

vvv

vv

v


 

* هيءَ آکاڻي وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمدطاهرزادي کان ملي.

* هن آکاڻيءَ جون ٻه روايتون: وچولي (تعلقي شهدادپور) مان ميرمحمد ”سڪايل“ کان ۽ ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان الهه بچائي کان مليون.

* هن آکاڻيءَ جون ٻه روايتون: وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ۽ اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان  ”آصف“  کان مليون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org