سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڪهاڻي؛40 41 42

صفحو :15

40- طوطو ۽ ڪڇئون

ڪنهن وڏي جهنگ ۾، پاڻيءَ جي هڪڙي کڏ هوندي هئي، جنهن ۾ هڪ ننڍڙو ڪڇئون رهندو هو. ان کڏ جي مٿان هڪ وڻ هو، جنهن تي وري هڪ طوطو رهندو هو، جنهنڪري ڪڇئون ۽ طوطو ٻئي هڪٻئي جا پاڙيسري ٿي پيا. سڄو ڏينهن گذر سفر ڪرڻ کان پوءِ طوطو اچي وڻ جي هيٺين ٽارين ويهي ٻوليندو هو ۽ انهيءَ آواز تي ڪڇئون به پاڻيءَ اندران نڪري اچي طوطي جون مٺيون ٻوليون ٻڌندو هو. اهڙيءَ ريت، هڪٻئي کي روزانو حال احوال ڏيندا ۽ وٺندا هئا.

هڪڙي ڏينهن، دستور موجب ٻنهي ڄڻن پاڻ ۾ خبرچار پئي ڪئي، ته اوچتو پريان هڪ گدڙ جي مٿن نظر پئجي ويئي. گدڙ به هو تمام بکايل، سو ٻنهي ڏانهن نهاري، خوش ٿي چوڻ لڳو ته: واه نصيب! هي ته هڪ جي بدران ٻه شڪار هٿ آيا اٿم. پر، هاڻي پهريائين ڪنهن کي جهٽيان؟ اهو ويچار ڪري، نيٺ خيال آيس ته ڇو نه ٻنهي مان وڏي شڪار کي جهٽيان، جنهن مان پيٽ ته ڀرجي. اهو فيصلو ڪري، گدڙ لڪندو ڇپندو، پيٽ ڀر ريڙهيون ڏيندو،ڪڇئون

ڏانهن وڌڻ لڳو. اهڙيءَ ريت، اوچتو اچي ڪڇئون جي مٿان ڪڙڪيو ۽ ڪڇئون

کي کڻي سوگهو جهليائين. طوطي جي جڏهن گدڙ تي نظر پئي، ته وٺي ڀڙڪي کاڌائين ۽ اڏامي وڃي وڻ تي ويٺو. ڪڇئون قابو ٿيڻ شرط پنهنجي سسي ۽ ڄنگهون هڪدم کوپي ۾ کڻي لڪايون، ۽ گدڙ رڳو هڏي جي مٿان پئي چڪ هنيان. اتي مٿان ويٺل طوطي کلي چيس ته: گدڙ يار! تون ته ڪو ڏڪاريل ٿو ڏسجين، ڇو ته ڏڪر جا ئي ماريل جانور رڳو هڏا کائيندا آهن. ٻيا جانور ته هڏن کي پـُـسائي، نرم ڪري پوءِ کائيندا آهن. پر، تون ته اهـڙو ڪو بکايل ٿو ڏسجين، جو سڪل هڏن کي به نٿو ڇڏين! منهنجي ته صلاح اٿئي ته انهيءَ هڏي کي ٿورو پاڻي ۾ پسائي، نرم ڪري، پوءِ ڀلي ويهي مزي سان کاءُ ۽ پنهنجو پيٽ ڀر. گدڙ کي اها ڳالهه دل سان آئڙي، سو ڪڇئون کي هڪدم کڻي وڃي پاڻيءَ ۾ وڌائين. ڪڇئون جي ته الله ٻڌي! پاڻيءَ ۾ پوڻ شرط وڃي تر ورتائين. هيءَ حال ڏسي گدڙ ڏاڍو لڄي ٿيو ۽ طوطي کي چوڻ لڳو ته: يار طوطا! ياد رک، تو منهنجو ڦاٿل شڪار سو ڀڄايو آهي، باقي هاڻي آءٌ به تو کي اصل نه ڇڏيندس. طوطي، ڪڇئون جو جواب ٻڌي، ورندي ڏني ته: ماما گدڙ! ڪڇئون منهنجو دوست ۽ پاڙيسري هو، جنهن کي بچائڻ منهنجو فرض هو. مون پنهنجو فرض پورو ڪيو، هاڻي جيئن خدا گهريو، تيئن ٿيندو! ائين چئي، طوطو وٺي وڻ تان اڏاڻو. گدڙ به ڇا ڪيو جو طوطي کي نگاهه ۾ رکي، وٺي ڪڍ لڳس. طوطي گهڻوئي پاڻ لنوائڻ جي ڪئي، پر گدڙ سندس پٺ نه ڇڏي. نيٺ ٻنهي کي هڪٻئي پٺيان ڊوڙندي شام ٿي ويئي ۽ سج به اچي لهڻ کي ويجهو ٿيو. اتي طوطي کي خاطري ٿي ويئي ته گدڙ مون کي کائڻ کان سواءِ ڪونه ڇڏيندو. آءٌ جنهن به وڻ تي ويهندس، ته گدڙ ضرور انهيءَ وڻ تي مٿي چڙهي ايندو. هاڻ ڪااٽڪل ڪجي جو بچاءُ ٿئي، نه ته موت اچي مٿان بيٺو آهي. اها ڳالهه ڳڻي، طوطو وڃي هڪڙي وڏي وڻ تي، پنن جي گهاٽي جهڳٽي ۾ لڪي ويهي رهيو.

قضا الاهي، ان وڻ ۾ هڪڙو ڏرڙ هجي. ڏرڙ جو هڪ پاسي وارو منهن تمام ويڪرو هو، جنهن مان گدڙ آسانيءَ سان لنگهي وڃي ۽ ٻئي پاسي وارو وري ايترو ته ننڍو ۽ سوڙهو هو، جو ان مان طوطو به مس لنگهي سگهي. طوطو هو سياڻو، سو سڄي قصي کي سمجهي ويو. ڇا ڪيائين جو ڏرڙ جي موڪري منهن مان لنگهي، اندر وڃي ويهي رهيو. گدڙ طوطي کي تاڻيو ويٺو هو، تنهن جو طوطي کي ڏرڙ ۾ گهڙندي ڏٺو، سو دل ۾ چيائين ته: هائو يار! ڦاٿو ته سوگهو آهين! هاڻي توکي اجهو ٿو پنهنجولقمون ڪريان. ائين چئي وڻ جي ٿڙ کي چنبڙندو، زور لائيندو،وڃي ڏرڙ جي منهن تي بيٺو. جان کڻي نظر ڪري،ته طوطو برابر اندر ويٺو آهي. پوءِ ته نڪا ڪيائين هم نه تم،زور ڏيندو، ڏرڙ م۾ گهڙڻ لڳو. طوطي جڏهن ڏٺو ته هاڻي گدڙ بنهه ويجهو اچي پيو آهي ۽ جهٽ هڻڻ تي آهي، تڏهن ويو اندر وڌندو ۽ گدڙ به ويو اڳتي سرڪندو. آخر طوطو، ڏرڙ جي ٻئي پاسي کان نڪري، اُڏامي هليو ويو. گدڙ زور لائي لائي، ڏرڙ ۾ گهڙي ته ويو، پر پوءِ اچي ٻاهر نڪرڻ جي ڳڻتيءَ ورايس. هن گهڻائي وس ڪيا ۽ پاڻ پتوڙيو، پر نڪري ڪين سگهيو. نيٺ زور لائي لائي ساڻو ٿي پيو ۽ اتي ئي اونايون ڪري، ڦٿڪي ساهه ڏنائين. ان ڏينهن کان پوءِ، هي ٻئي يار هر روز، ساڳيون ڪچهريون ڪندي حياتيءَ جا ڏينهن خوشيءَ ۾ گذارڻ لڳا.          

 

vvv

vv

v


 

 

41- ڪنگ ۽ ناني*

هڪڙي ڀيري، هڪڙي ڪنگ گس هلندي،هڪڙو ٻاجهريءَ جو سنگ لڌو، سو کڻي نانيءَ وٽ آيو ۽ کيس چيائين ته: ناني ڙي ناني! مون کي رٻ رڌي ڏي. نانيس چيو ته: آبا! رڌيان ڇا ۾؟ وڃ ڪنڀار وٽ، ڪو ڪنو وٺي اچ. ڪنگ سڌو ڪنڀار وٽ آيو ۽ چيائينس ته:

ڪـُنڀر ڙي ڪنڀر! مون کي ڪـُنو ٺاهي ڏي،

ڪـُنو نانيءَ کــــــــــي ڏيان ناني رٻڙي رڌي،

آءٌ ڪـــــــــوســــــا ڪـــــوســــــــا ڍُڪڙا ڀريان.

ڪنڀر چيس ته: کاڻ مان مٽي کڻي اچ، ته توکي ڪـُنو ٺاهي ڏيان. ڪنگ اُڏامندو اُڏامندو، کاڻ وٽ آيو، ۽ کاڻ کي اچي چيائين ته:

کاڻ ڙي کــــاڻ! مـــــــــون کــــــــــي مٽي ڏي،

مٽي ڪنڀر کي ڏيان-ڪنڀر ڪـُنو ٺاهي ڏي،

ڪنو نانــــيءَ کـــــــي ڏيان-ناني رٻڙي رڌي،

آءٌ ڪـــــــــوســــــــا ڪـــــوســـــــا ڍُڪڙا ڀريان.

کاڻ، ڪنگ کي چيو ته: وڃي مينهن کان کير وٺي اچ، ته توکي مٽي ڏيان. ڪنگ سڌو مينهن وٽ آيو، ۽ مينهن کي چيائين:

مينهن ڙي مينهن! مـــــــــون کــــــــي کيــر ڏي،

کير کاڻ کي ڏيان، کاڻ مــون کـي مـٽــي ڏي،

مٽي ڪنڀر کي ڏيان، ڪنڀر ڪـُـنو ٺاهي ڏي،

ڪـُـنو نانيءَ کـــــــي ڏيان، نـــــاني رٻڙي رڌي،

آءٌ ڪــــوســـــــا ڪــــــوســــــــا ڍُڪـــــــڙا ڀريان.

مينهن، ڪنگ کي چيو ته: سر کان گاهه وٺي اچ. ڪنگ سٽون پائيندو سـَـر وٽ آيو ۽ چيائينس ته:

سـَــــــــــــر ڙي سـَـــــــــر، مـــــــــون کــــــــي گـــــــــاهه ڏي،

گـــــــاهه مينهن کــــــــي ڏيـــــــــان، مينهن کــــيرڙو ڏي،

کير کاڻ کي ڏيان، کاڻ مون کــــــــي مــــــــٽــــــــي ڏي،

مـــٽــي ڪنڀر کـــي ڏيـــــان، ڪــــــــنڀر ڪـُـنو ٺاهي ڏي،

ڪـُـنو نانيءَ کي ڏيــــــــان، نـــــــانـــــــــي رٻـــــــــڙي رڌي،

آءٌ ڪـــــــــوســـــــــا ڪــــــــــوســــــــا ڍُڪــــــــڙا ڀـــــــريـــان.

سر، ڪنگ کي چيو ته: وڃي لوهار کان ڏانٽو وٺي اچ ته توکي گاهه لڻي ڏيان. ڪنگ سڌو لوهار وٽ آيو ۽ چيائينس:

لوهار ڙي لوهار! مـــــــــــــــــون کي ڏانٽو ڏي،

ڏانٽو سر کي ڏيان، ســـــر مون کي گاهه ڏي،

گاهه مينهن کي ڏيــــــــان، مينهن کيرڙو ڏي،

کير کاڻ کي ڏيان، کـــــــاڻ مون کي مٽي ڏي،

مٽي ڪنڀر کي ڏيان، ڪنڀر ڪـُـنو ٺاهي ڏي،

ڪـُـنو نانيءَ کي ڏيان، نــــــــــــاني رٻڙي رڌي،

آءٌ ڪــــــــوســـــا ڪـــــوســـــــــا ڍُڪـــــڙا ڀريان.

لوهار ڪنگ کي چيو ته: گهڙي کن هتي سمهي آرام ڪر ته آءٌ توکي ڏانٽو ٺاهي ڏيان. ڪنگ ويچارو هو ٿڪل، سو جيئن ليٽيو، تيئن هن کي ننڊ اچي ويئي. لوهار ڇا ڪيو جو ڪاتي تکي ڪري، ڪنگ کي ڪـُـهي کڻي ديڳڙي ۾ وڌائين.

ڪنگ جي ناني ويچاري ڪنگ جي واٽ ڏسندي ڏسندي، نيٺ ڪنڀر وٽ آئي، ۽ اچي چيائينس:

ادا ڙي ڪنڀر! تو ڪــــــــــــو ڪنگ ڏٺو،

منهن مـــــــــــوڙيــــندو، چـــــــپ چوريندو،

ناني گهوري، ڪنگ نيرانو ويو نڪري!

ڪنڀر جواب ڏنس ته: مائي. ڪنگ هتي برابر آيو هو، پر ويو کاڻ کان مٽي کڻڻ. ڪنگ جي ناني وري کاڻ وٽ آئي، ۽ اچي چيائينس ته:

کاڻ ڙي کاڻ! تـــو ڪــــــــــو ڪنگ ڏٺو،

منهن مــــــــــوڙيندو، چــــــــــــپ چوريندو،

ناني گهوري، ڪنگ نيرانو ويو نڪري!

کاڻ، ڪنگ جي نانيءَ کي چيو ته: ادي، آيو برابر هو، پر ويو آهي مينهن کان کير وٺڻ. نانيس ڊوڙندي مينهن وٽ آئي ۽ چيائينس ته:

مينهن ڙي مينهن! تو ڪـــو ڪنگ ڏٺـو،

مـنـهــن مـوڙيـنــــدو، چــــپ چـــوريــنـــــدو،

ناني گهوري، ڪنگ نيرانو ويو نڪري!

مينهن چيس ته: آيو هو پر ويو آهي سـَـر کان گاهه وٺڻ. ڪنگ جي ناني سڌي سر وٽ آئي، ۽ اچي کانئس پڇا ڪيائين:

سر ڙي ســر! قــِو ڪــــــــو ڪــــنگ ڏٺو،

منهن مــــوڙينـــدو، چـــــپ چــــورينـــــدو،

ناني گهوري، ڪنگ نيرانو ويو نڪري!

سـَـر چيس ته: آيو برابر هو، پر ويو آهي لوهار کان ڏانٽو وٺڻ. ڪنگ جي ناني سڌي لوهار وٽ آئي، ۽ اچي چيائينس ته:

لوهار ڙي لوهار! ڪـــــــــــــو ڪنگ ڏٺو،

منهن مــــــــــــوڙيندو، چـــــــــــپ چوريندو،

ناني گهوري، ڪنگ نيرانو ويو نڪري!

لوهار چيس ته: هائو مائي! ويهه، ڪنگ ويو آهي ڪاٺيون ڪرڻ. ماني ٽڪي کائي، ڏانٽي سميت ڪنگ کي وٺي وڃجانءِ.

ٿوري وقت کان پوءِ، لوهار ماني کڻي آيو، جنهن ۾ ڪنگ جو رڌل ٻوڙ به هو. مائي، ماني کائي لوهار کي چيو ته: ادا، ڪنگ اڃا ڪونه آيو؟ لوهار چيس ته: مائي چري ته ڪانه ٿي آهين، هي جو ٻوڙ کاڌئي سو وري ڪنهن جو هو.... ڪنگ کائي، هاڻي ويٺي ڪنگ ڪنگ ڪرين! ناني ويچاريءَ کي اهو ٻڌي ڏاڍو ارمان ٿيو، ۽ روئيندي پٽيندي واپس گهر موٽي آئي.

 

vvv

vv

v

 


 

 

42- ٻگلو ۽ ٻگلي*

هڪڙيءَ ڍنڍ جي ڪناري تي، ٻگلي ۽ ٻگليءَ هڪڙي گهاٽي لئيءَ ۾ آکيرو ٺاهي، اُن ۾ ٻچا ڪيا. هي ٻئي ڄڻا کاڌي جي لاءِ صبح جو سويلو اُٿي هليا ويندا هئا، ۽ سارو ڏينهن ٻچن کي چـُـوڻو آڻي پيا ڏيندا هئا.

هڪڙي ڏينهن، گهمندي گهمندي، هڪ هنڌ جوار جي پوک ڏٺائون. ٻگلي، ٻگليءَ کي چيو ته: تون هتي هن وڻ تي ويهه، ته آءٌ جوار مان جهٽ هڻي ٿو اچان. اهو ٻڌي، ٻگليءَ منع ڪيس ته: ائين نه ڪر! دير ٿي ويئي آهي، اُٿ ته هلون. پر ٻگلو ضد تان نه لٿو، ۽ ٻگليءَ کي اتي ڇڏي جوار ۾ هليو ويو. اڃا ٻه-ٽي داڻا مس کاڌئين، ته هاري اچي پهتو، ۽ اٽڪل سان ڄار اڇلـي، هـن کـي جهلي ورتائين ۽ پوءِ

کـڻي گهر ڏي  روانو ٿيو. جڏهن ٻگليءَ هن کي جهليل ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳي ته:

مون توکي جهليو، مـــــــــون توکي پليو،

جوار متان کائين ڙي جوار متان کائين!

تڏهن ٻگلو چوڻ لڳو ته:

آءٌ چـــــريـــو، آءٌ کـــــــــــريــــــــو،

آءٌ مرندس، تـــــــــون جيئندينءَ،

ٻچن وٽ وڃ ڙي ٻچن وٽ وڃ!

اهو ٻڌي،ٻگلي اُڏامندي سڌي ٻچن وٽ آئي، ۽ ٻچن کي کارائي پياري، سمهاري وري ٻگلي جي خبر وٺڻ لاءِ، هاريءَ جي گهر ڏانهن رواني ٿي.

هاريءَ جي گهر پهچي ٻگلي ڇا ڏسي ته هاريءَ، ٻگلو ڪـُـهي ڇڏيو آهي، ۽ سندس گوشت پيو وڍي. تڏهن هاريءَ کي چيائين ته: هاءِ هاءِ! تو ته هي ظلم ڪيو آهي. هاريءَ جواب ڏنو ته: هن منهنجي جوار کاڌي هئي، تنهنڪري کيس ڪـُـٺو اٿم. ان تي ٻگليءَ چيس ته: چڱو، هن کي رڌي کائي، پوءِ هڏيون ته مون کي ڏجانءِ.

هاريءَ جي زال ۽ هاري گوشت رڌي کائي، جڏهن هڏيون هڪڙي هنڌ کڻي گڏ ڪيون، تڏهن ٻگلي آئي، ۽ هڏين ڏي منهن ڪري چوڻ لڳي ته:

مون توکي جهليو، مـــــون تــــوکي پليو،

جوار متان کائين ڙي جوار متان کائين!

هن اڃان اهي لفظ مس چيا، ته هڏين ۾ چرپر پيدا ٿي، ۽ انهن مان ٻگلو ٺهي پيو، جو يڪدم اُڏامي اچي ٻگليءَ جي ڀر ۾ ويٺو. پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي وڃي ٻچن وٽ پهتا، ۽ ٻگلي آئيندي لاءِ توبهه ڪئي، ته ڪڏهن به پرائي پوک ڪونه کائيندس.

vvv

vv

v


 

 


 

*  هن آکاڻيءَ جو مدار يارهن روايتن تي آهي، جي وچولي مان محمد بچل (تعلقو حيدرآباد)، زمرد شيخ (حيدرآباد شهر) ۽ ڪوڙو خان (تعلقو ٺاروشاهه) کان، اُتر مان احمد خان  ”آصف“  (تعلقو ڪڪڙ) عبدالرزاق (تعلقو روهڙي) غلام رسول جتوئي (تعلقو واره) ۽ فاضل قائمي (تعلقو اُٻاوڙو) کان، ٿرپارڪر مان محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ) ۽ محمد مانجهي (تعلقو ڇاڇرو)، لاڙ مان محمد سومار شيخ (تعلقو بدين) ۽ ڪراچي مان محمد هارون جويي کان مليون.

* هيءَ آکاڻي، ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“  يوسفاڻي کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org