سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڪهاڻي؛46 47 48

صفحو :17

46- ڪٻر ۽ ڪانگ*

هڪڙي وڻ تي، هڪڙو ڪانگ ۽ هڪڙي ڪٻر گڏ رهندا هئا. هنن جو دستور ٿي ويو هو، ته ٻئي ڄڻا گڏجي چـُـوڻ ڪندا هئا، ۽ جيڪي کين هٿ ايندو هو، اهو اڌو اڌ ڪري کائيندا هئا. هڪڙي دفعي، چـُـوڻ ڪندي ڪندي، هنن کي ٻاجهريءَ جا داڻا هٿ اچي ويا. تڏهن ڪانگ، ڪٻر کي چيو ته: ادي! منهنجو خيال آهي ته هي داڻا کڻي هلي ڪا ٻني پوکيون. ڪٻر به چيو ته: اهو ٺيڪ آهي. پوءِ گڏجي ٻني جاچڻ ويا، ۽ زمين جو هڪڙو ٽڪر جاچي موٽي آيا. ٻئي ڏينهن صبح جو سويري ٻني پوکڻ لاءِ سنڀري اُٿي هليا. هلندي هلندي، واٽ تي انب جو هڪڙو وڻ ڏٺائون، جنهنّ ۾ پڪل انب ڏسي، اتي ويهي انب کائڻ لڳا.

ڪجهه وقت کان پوءِ، ڪٻر چيو ته: ادا! هاڻ هلو ته هلون، دير ٿي ٿئي، ٻنيءَ ۾ گهڻو ڪم پيو آهي، تڏهن ڪانگ چوڻ لڳو ته:

انب تي ويٺو آهيان، انــب ويٺو کايان

دل کي ٿو وندرايان، راڳڙو ويٺو ڳايان

هل ڙي ادي ڪٻر، تــون هلي پـَـٽ ڇـَـٻر

اجهو ٿو اچــــــــان ڙي، اجهو ٿــــو اچــــان.

اهو ٻڌي ڪٻر هلي ويئي، ۽ ٻنيءَ ۾ پهچي جهنگ وڍي صاف ڪيائين، ۽ پوءِ اتان هڪڙي ڌنار کان، هڪڙو ڳاڙهو ڍڳو ۽ ڳاڙهي ڍڳي وٺي انهن تي هر جوٽي کيڙڻ لڳي. هفتي کن ۾ سڄي ٻني کيڙي، پاڻي ڇوڙي ريج ڪيائين. جڏهن هر ۽ ريج آيو، تڏهن آئي ڪانگ وٽ ۽ اچي چيائينس ته: ادا! هاڻ باقي ڪم هلي تون ڪر! ڪانگ وري به چوڻ لڳو ته:

انب تي ويٺو آهيان، انب ويٺو کايان

دلڙي ٿو وندرايان، راڳڙو ويٺو ڳايان

هل ڙي ادي ڪٻر، تون هلي پـَـٽ ڇـَـٻر

ٻني ۾ آهي وٽ، تـون اتـــي هلي ڪٽ

آءٌ لـهيو جهـــٽ، اجـهـو ٿــو اچـــان ڙي.

اهو ٻڌي ڪٻر هلي ويئي ۽ وڃي ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ٻني پوکيائين.

جڏهن سڄي ٻني پوکي پوري ڪيائين، تڏهن اتي رهي ٻنيءَ جي سنڀال ڪرڻ لڳي. پوءِ جڏهن ٻاجهريءَ تي اَن وريو ۽ جهار اچڻ لڳي، تڏهن ڪٻر آئي ڪانگ وٽ ۽ چيائين ته: ادا! هاڻ ته مهرباني ڪري، جهار هڪلڻ ۾ ته هلي همت ڪراءِ. اهو ٻڌي ڪانگ وري چوڻ لڳو ته:

انب تي ويٺو آهيان، انب ويٺو کايان

دلڙي ٿو وندرايان، راڳڙو ويٺو ڳايان

هل ڙي ادي ڪٻر، تون هلي پـَـٽ ڇـَـٻر

آءٌ اُڏيو انهيءَ وار، اجهو ٿــــو اچان ڙي.

اهو ٻڌي ڪٻر وري به موٽي آئي ۽ اچي جهار هڪلڻ لڳي.

نيٺ ٻني پچي راس ٿي، ۽ لڻي کري ۾ رکي، پوءِ وري آئي ڪانگ وٽ ۽ چيائينس ته: ادا! هاڻ ته هل، باقي رڳو ڳاهه آهي، اهو ته تون هلي ڪر. اهو ٻڌي ڪانگ وري به چوڻ لڳو ته:

انب تي ويٺو آهيان، انب ويٺو کايان

دلڙي ٿو وندرايان، راڳڙو قــــــًو ڳايان

هل ڙي ادي ڪٻر، تون هلي پـَـٽ ڇـَـٻر

تون سنگ هلي ڳاهه، پــــوءِ وائري ٺاهه

آءٌ بڻجو واءُ، اجهو ٿـــــــــو اچـــــــان ڙي.

اهو ٻڌي، ويچاري وري به پوئتي رواني ٿي، ڍڳو ۽ ڍڳي، هلر ۾ ٻڌي اچي سنگ ڳاهيائين. ڳاهڻ کانپوءِ، اَن وائري صاف ڪري هڪڙي کوڙي اَن جي، ٻي تـُـهيءَ جي ٺاهيائين، ۽ اَن جي کوڙيءَ مٿان به تـُـهي ڏيئي ڍڪيائين. پوءِ تـُـهيءَ جي کوڙيءَ جي ڀر ۾ ڍڳو ٻڌائين ۽ اَن جي کوڙي جي ڀر ۾ ڍڳي ٻڌائين. ان بعد ويئي ڪانگ وٽ ۽ وڃي چيائينس ته: ادا! هاڻ هل هلي بٽئي ڪر. بٽئي جو نالو ٻڌي، ڪانگ به خوش ٿيو ۽ ڪٻر سان مٺيون مٺيون ڳالهايون ڪندو، کري ۾ آيو. اتي ڪٻر چيس ته: ادا! هاڻ تون وس وارو آهين، ڍڳي واري کوڙي رکين، يا ڍڳيءَ واري کوڙي کڻين. ڪانگ ٻنهي کوڙين ڏي جاچي، ڏٺو ته ڍڳي واري کوڙي هن کي وڏي نظر آئي. تڏهن ڪٻر کي چيائين ته: ادي! ڍڳي واري کوڙي آءٌ ٿو رکان، ۽ ڍڳيءَ واري کوڙي تون رک. پوءِ پنهنجي پنهنجي کوڙيءَ وٽ آيا، ۽ اچي مٿان تـُـهي لاٿائون. ڪٻر ٿوري تـُـهي لاٿي ته هيٺان اَن ئي اَن هو، جو هوءَ ويهي کائڻ لڳي ۽ ڪانگ تـُـهي اٿلائي ٿڪو، پر هڪ داڻو به ڪونه لڌائين. تڏهن ڏاڍو ڦڪو ٿيو، ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري اُڏامي ويو.

 

vvv

vv

v

 

 

47- هولو ۽ ڪانءُ*

ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙي مائي رهندي هئي، جنهن کي ڪوبه اولاد ڪونه هو، تنهنڪري هن پنهنجي وندر لاءِ ٻه پکي ڌاريا هئا. انهن ۾ هڪڙو هو هولو (ڳيرو) ۽ ٻيو ڪانءُ. مائي ٻنهي کي پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندي هئي ۽ هر هڪ کي هڪجيترو کارائيندي هئي. هڪڙي ڏينهن مائي انهن پکين کي چيو ته: ابا، اڄ ته رڌڻ پچائڻ لاءِ ڪاٺين جو ڇوڏو به ڪونهي، جهنگ مان وڃي ڪجهه ڪاٺيون ڪري اچو! مائيءَ جو حڪم ٻڌي، هي ٻئي پکي اُٿي جهنگ ڏانهن اُڏاڻا.

اُڏامندي اُڏامندي جڏهن جهنگ ۾ پهتا، تڏهن ڪانءُ ته ڪاٺين ميڙڻ ۾ لڳي ويو، باقي هولي ڇا ڪيو جو هڪڙي ڊينبڙي وڻ تي ماٺ ڪري ويهي رهيو. ڪانءُ جڏهن ڪاٺيون ميڙي بس ڪيو، تڏهن اُڏامي آيو هولي وٽ ۽ چيائينس ته: ادا، ڪاٺيون ته ڪونه ميڙايئي، پر هاڻي هل ته گهر هلون! تڏهن هولي چيس ته: تون ڀلي وڃ آءٌ ڪونه ٿو هلان! ڪانءُ ويچاري گهڻئي منٿون ڪيس، پر هولي هن کي صاف انڪار ڪري ڇڏيس. نيٺ ڪانءُ لاچار ٿي، ماٺ ڪري هليو ويو، ۽ گهر اچي سڄي ڳالهه مائيءَ کي ٻڌايائين.

هولو اڪيلوئي اڪيلو جهنگ ۾، اُن وڻ تي ويٺو رهيو ۽ خيال ڪرڻ لڳو ته ”ماءُ لاءِ ڪهڙي شيءِ کڻي وڃان!“ اڃان انهن ئي خيالن ۾ ويٺو هو ته هڪڙو ٻڪرار ٻڪريون چاريندو، اچي انهيءَ وڻ هيٺيان لنگهيو. ٻڪرار کي ڏسي هولي چيس ته:

ٻـــــڪــرار ڙي ٻڪـــرار! تنهنجــا بچن ٻـــچـڙا ٻــــار

منهنجي مـاءُ کي چئو وڃي، پئسو پلئه ۾ ناهه

هــــــــــولــــــــــو اُڃ مــــــــــــري، هــــــــولــــــو بـــــــــک مـــــــــــــري

ڊينبڙي وڻ تي چڙهيو، ويٺو گهگهو تـــُـــــو ڪري.

اهو ٻڌي ٻڪرار چيس ته: ٻيلي، آءٌ آهيان تڪڙو، سو تنهنجي گهر وڃي ڪونه سگندس، توکي هڪڙي ٻڪري ڏيان ٿو، سا وٺ ۽ منهنجي جند ڇڏ! ائين چئي ٻڪرار هڪڙي ٻڪري هولي لاءِ ان وڻ جي ٿـُڙ ۾ ٻڌي، ۽ ٻيون ٻڪريون ڪاهي هليو ويو.

ڪجهه دير کان پوءِ وري هڪڙو ڳنوار ڳئون ڪاهي اچي ان وڻ هيٺيان لانگهائو ٿيو. ان کي ڏسي، هولي ان کي به چيو ته:

ڳـــنــوار ڙي ڳنـوار! تــنهنـجــا بـــچـــن ٻــــچــــڙا ٻــــار

منهنجي مـاءُ کي چئو وڃي، پئسو پلئه ۾ نــاهه

هـــــــــــولــــــــــــو اُڃ مـــــــــــــري، هـــــــــــولــــــو بــــــک مـــــــري

ڊينبڙي وڻ تي چڙهيو، ويٺو گهگهو تـُـو ڪري.

انهيءَ تي ڳنوار چيس ته: يار! مون کي واندڪائي ڪانهي، نڪو آءٌ تنهنجي گهر پهچي سگهندس. هاڻي هيءَ هڪڙي ڍڳي وٺ، ۽ منهنجي جان ڇڏ! تڏهن هولي چيس ته: چڱو ادا، اها ڳئون هن وڻ جي ٿـُڙ سان ٻڌي ڇڏ. ڳنوار به هو تڪڙو، سو ڳئون وڻ سان ٻڌي ماٺ ڪري هليو ويو.

ڳنوار جي وڃڻ کان پوءِ، وري هڪڙو ميهار مينهون ڪاهي اچي اتان لنگهيو. هولي ان کي به چيو ته:

مـيـهـــار ڙي مـيـهـار! تنهنجــا بـچن ٻـچڙا ٻـــار،

منهنجي ماءُ کي چـئو وڃي، پئسـو پلئه ۾ ناهه،

هـــــــــولـــــــــو اُڃ مـــــــــري، هــــــــــولــــــــــو بــــــک مــــــــــري،

ڊينبڙي وڻ تي چڙهيو، ويٺو گهگهو تـُـو ڪري.

اهو ٻڌي ميهار چيس ته: ٻيلي، آءٌ واندو ڪونه آهيان، جو تنهنجا نياپا پيو پهچائيندس- هڪڙي منهن ڏيانءِ ٿو، سا وٺ، باقي مون کي ڇڏ. ائين چئي ميهار به هڪڙي مينهن ان وڻ جي ٿـُڙ سان ٻڌي روانو ٿي ويو.

ٿوري وقت کان پوءِ، وري هڪڙو اُوٺار پنهنجا اُٺ چاريندو اچي ان وڻ وٽ پهتو. هولو ته هريو بيٺو هو، سو اوٺار کي به چوڻ لڳو ته:

اُوٺــــار ڙي اُوٺـــــار! تنهنـــجــــا بــچـــــن ٻـــــچــڙا ٻـــار،

منهنـجـي ماءُ کي چئو وڃي، پئسو پلئه ۾ ناهه،

هـــــــــــــــولــــــــــــو اُڃ مــــــــــــري، هــــــــــولــــو بـــک مـــــــــــــري،

ڊينبڙي وڻ تي چڙهيو، ويٺو گهگهو تـُـو ڪري.

تڏهن اُوٺار چيس ته يار! مون کي هڪڙو ضروري ڪم آهي، تنهنڪري آءٌ ڪونه وڃي سگهندس، باقي هڪڙو اُٺ ڏيانءِ ٿو، تون پاڻ چڙهي وڃي ماءُ کي ڏس. پوءِ اُن کي به هولي چيو ته: چڱو ڀلا، اهو اُٺ وڻ جي ٿڙ سان ٻڌي ڇڏ. پوءِ ته اوٺار به هڪڙو اُٺ وڻ سان ٻڌي هليو ويو.

اوٺار جي وڃڻ کان پوءِ،وري هڪڙو سوداگر اچي اُن وڻ وٽان لنگهيو. سوداگر جو هيترو سارو مال وڻ سان ٻڌل ڏٺو، سو وڻ تي ويٺل هولي کان پڇيائين ته ميان هولا! هي سڀ مال تنهنجو آهي ڇا؟ جڏهن هولي هاڪار ڪئي، تڏهن چيائينس ته: جيڪڏهن تون هي مال وڪڻين ته آءٌ توکي جيڪي چوين سو ڏيان؟ هولو ته انهن ڳالهين گهوريو هو، سو يڪدم کڻي هائوڪار ڪيائين. بس پوءِ ته سودو ٺهي ويو ۽ سوداگر هن کي ڳچ جيترو ناڻو ڏيئي، مال ڪاهي هليو ويو، هولو به سڀ پئسا پنهنجن کنڀن ۾ لڪائي، اُٿي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو.

هولو جڏهن پهتو، تڏهن سڌو ماءُ وٽ آيو ۽ اچڻ سان چيائين ته:

اما ڙي اما! کٽ ڍار، ڏيو ٻـار،

هـــــــولـــــو   پــکـــڙا    ڇـــــــــــنـــــــڊي.

مائي ته اڳ ۾ ئي مٿس ڪاوڙي ويٺي هئي، تنهن چيس ته: نڪر مئا بيڪار! ڪانگڙو ويچارو ڪاٺيون ڪري اڪيلو موٽي آيو ۽ تون سير ڪندو هٿ لوڏيندو اچي نڪتو آهين! وري اها آڪڙ ته کٽ ڍار، ڏيو ٻار، ته پکڙا ڇنڊيان! منهنجي گهر مان ڀلائي ڪري ٻاهر نڪر، هي ويچارو ماٺ ڪري ٻاهر نڪتو ۽ سڌو آيو ماسي جي گهر ۽ ماسيءَ کي به چيائين ته:

ماسي ڙي ماسي! کٽ ڍار، ڏيو ٻار،

هـــــــــــــــــــولـــــو   پــــــکـــــــڙا    ڇـــــــــــنـــــــــــڊي.

پر ماسي به کيس چيو ته: نڪر ماريا! ماءُ کي کٽي کارايئي، باقي هاڻ مونکي اچي پڳ ٻڌائيندين! مون کي نه گهرجين. خير، اهڙيءَ طرح هي گهڻن عزيزن وٽ ويو، پر ويچاري کي ڪنهن ويجهو اچڻ ڪونه ڏنو. نيٺ جڏهن سڀني ڌڪاري ڇڏيس، تڏهن وري ڀيڻ جي گهر آيو. اُتي به اچڻ سان چوڻ لڳو ته:

ادي ڙي ادي! کٽ ڍار، ڏيو ٻار،

هـــــــــولـــــو   پــــکـــڙا    ڇـــــــــــنـــــــڊي.

ڀيڻ يڪدم بتي ٻاري آئي ۽ کٽ وڇائي ڏنائينس. هولو پوءِ اچي اُن کٽ تي ويٺو، ۽ پنهنجا پک ڇنڊيائين، ته پرن ۾ لڪل پئسا، سڀ ڇڻ ڇڻ ڪري هيٺ ڪري پيا، ۽ انهن سان سڄي کٽ ڀرجي ويئي. ڀيڻ، ڀاءُ جي هيتري ساري ملڪيت ڏٺي، سا ڏاڍي خوش ٿي ۽ سڀ پئسا ميڙي چونڊي پاڻ وٽ رکيائين.

جڏهن هولي جي ماءُ ۽ ٻين مائٽن کي اها خبر پئي ته هولي هيترو سارو ناڻو آندو آهي، ته سڀ ڊوڙندا اُتي آيا ۽ هن کي پرچائڻ لڳا. پر هولو به هو سياڻو، سو ڪنهن سان به ڪين پرتو، ڇو ته هو سمجهي ويو ته سڀ لالچي آهن ۽ ناڻو ڏٺو اٿن تڏهن ٿا ٺاهه ڪن. سو سڀني مائٽن کي هڪ هڪ رپيو خرچيءَ جو ڏئي روانو ڪري ڇڏيائين ۽ پاڻ پنهنجيءَ ڀيڻ سان خوش رهڻ لڳو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، ڪانءُ جي ماءُ، هولي جي ڀيڻ وٽ آئي ۽ اچي چيائينس ته: ادي! اهو ته ٻڌاءِ ته هولي کي هيتري ساري دولت هٿ ڪيئن آئي؟ تڏهن هـُن هولي واري سموري حقيقت ڪري ٻڌايس. اها ڳالهه ٻڌي مائي جڏهن گهر پهتي، تڏهن ڪانءُ کي چيائين ته: پٽ! تنهنجو ڀاءُ هولو ته پاڻ کي ڇڏي ويو، هاڻي مون کي تنهنجي شادي به ڪرڻي آهي، پر پئسو پائي هڙ ۾ آهي ئي ڪونه، تنهنڪري تون به جهنگ ۾ وڃي، هولي وانگر ڪو راڳ گانو گاءِ، ته ڪي پئسا ملن، نه ته بکئي کي ڪير به سڱ ڪونه ڏيندو. اهو ٻڌي، ڪانءُ چيو ته: اما! ڳالهه به ايتري! آءٌ هينئر ئي ٿو وڃان، ۽ اهڙا ته وڃي ٿو گانا ڳايان جو ايترا ته پئسا ملندا، جو ڪڏهن هولي جي پيءُ کي به نه مليا هوندا! بس، پوءِ ته ڪانءُ اُڏاڻو جهنگ ڏانهن ۽ ماڻس اُٿي سندس سڱ لاءِ ڳولا ڪرڻ لڳي.

ڪانءُ جڏهن جهنگ ۾ پهتو، تڏهن هولي وانگر هڪڙي وڻ تي چڙهي ويهي رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ، اتان هڪڙو اُوٺار اچي لنگهيو. ڪانءُ ڇا ڪيو جو جڏهن اوٺار تمام ويجهو اچي پهتو، تڏهن چيائينس ته:

اوٺار ڙي اوٺار! منهنجي ماءُ کي چئج،

ڪــــــانءُ اڃ مـــــــري، ڪـانءُ بــــک مــــري،

ٻــــٻــــر جــي ٽار تي، جــهـولا پــيـو جــــهـولـي.

اهو ٻڌي اوٺار چيس ته: ميان ڪانءُ! آءٌ واندو ڪونه آهيان جو تنهنجا نياپا پيو پهچائيندس، آءٌ وڃان ٿو، تنهنجي مرضي! تڏهن ڪانءُ چيس ته: ڀلا، جي تون نٿو وڃين ته ڀلائي ڪري اهو تنهنجو اُٺن جو وڳ مون کي ڏي، ته وڪڻي آءٌ پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڳوليان. اوٺار اهو ٻڌي ٻيڻو ئي اچي ڪانءُ تي ڪاوڙيو، چي: ڪارمنهان! مون کان ڪو قرض گهرين ڇا، جو واڳ ئي توکي ڏيئي ڇڏيان؟ اتي ڪانءُ وري چيس ته: ڀلا جي واڳ نٿو ڏين ته هڪڙو اُٺ يا گؤنرو ئي کڻي ڏي. تنهن تي اوٺار ويتر وڌيڪ بگڙي پيو ۽ لٺ کڻي ڪاهي پيو ڪانءُ پٺيان. ڪانءُ ڏٺو ته مرڳو سـِـُر ٿو وڃي، سو وٺي ڀڳو.

ڪانءُ اُڏامندي اُڏامندي، هڪڙي هنڌ، جتي ڳنوار ڳئون پئي چاريون، اتي اچي لٿو. ڳنوار جو ڪانءُ کي ڏٺو ته ويٺو ”ڪان ڪان“ ڪري، سو ڏاڍيءَ خار لڳس ۽ ڏنڍو کڻي هن ڏانهن وڌيو. ڪانءُ به ڳنوار کي ڏسي ورتو هو، سو جڏهن هو ويجهو آيس، تڏهن چيائينس ته:

ڳنوار ڙي ڳنوار! منهنجي ماءُ کي چئج،

ڪــــــانءُ   اڃ   مـــــري، ڪـانءُ   بــک مــــري،

ٻــــٻــــر  جــي  ٽار تي،  جــهـولا پــيـو جــــهـولـي.

ڳنوار جو ڪانءُ جا اهي نماڻا ٻول ٻڌا، ته کيس ڪانءُ تي رحم اچي ويو ۽ ڪاوڙ به ڍري ٿيس، سو کڻي ماٺ ڪيائين. ڪانءُ هـُن کي ٿڌو ڏسي چيو ته: ادل! تون مڙس ٺاهوڪو ٿو ڏسجين، تڏهن ٿو توکي سوال ڪريان، اڄ ته انهيءَ مال مان اڌ مون کي ڏي ته وڪڻي ڪا اُڃ بک لاهيان! ڳنوار جو ڪانءُ جا لالـچ وارا گفتا ٻڌا، سو وري اچي مٿس ڪاوڙيو، ۽ ڏنڊو کڻي پٺيان ڪاهي پيس. ڪانءُ به ڏٺو ته جتي پـُڄي نه سگهجي اُتي ڀڄڻ ڪم وريام جو. سو اتان به جان بچائي وٺي ڀڳو. رستي ۾ وري ريڍار ۽ ٻڪرار به مليس، پر انهن مان به ڪي هڙ حاصل ڪونه ٿيس ۽ سڀني ڊوڙائي ڇڏيس.

آخر ويچارو نااميد ٿي اچي هڪڙي وڻ تي ويٺو، هو هٿين ٺلهو گهر موٽڻ وڻيس نٿي، تڏهن پنهنجا پکڙا ڪرفتيءَ، سان ڀري اٿي گهر ڏانهن اڏاڻو.

جڏهن گهر پهتو ته ماڻس هن کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، ڀانيائين ته پٽ ڪا ملڪيت ڪمائي آيو هوندو، سو چيائينس ته: پٽ! پکڙا ته ڇنڊ، ڏسان ته ڪيتري ملڪيت ڪمائي آيو آهين؟ ڪانءُ ڏٺو ته جي هينئر تو پکڙا ڇنڊيان ته سڄي ڪارپت ويندي هلي، سو ماءُ کي چيائين ته: امڙ تون ماٺ ڪري شاديءَ جو بندوبست ڪر، شادي ٿئي ته پوءِ پکڙا ڇنڊيندس ته جيئن سڄي راڄ کي خبر پوي! ماڻس کي ته پڪ هئي ته ڪانءُ به هولي وانگر وڏو ڌن ڪمائي ايندو، تنهن اڳواٽ ئي هن لاءِ ڪنوار ڳولي ڇڏي هئي. يڪدم شاديءَ جي تياري ٿي وئي، ۽ ٻئي ڏينهن ڏاڍي ڌام ڌوم سان ڪانءُ جي شادي ڪرايائين. جڏهن ڪنوار کي وٺي گهر پهتا، تڏهن ماڻس ڪانءُ کي چيو ته: پٽ! هاڻي ته پکڙا ڇنڊ ته راڄ ڏسي! پوءِ ته ڪانءُ به سيج تي ئي وٺي جو پکڙا ڇنڊيا ته سڄي سيج ڪرفتيءَ سان ڀرجي ويئي. اهو حال ڏسي، سڄي راڄ ۾ اچي کل پيئي، اهڙيءَ طرح ڪانءُ جي شادي ٿي.

 

 

vvv

vv

v


 

 

48- ڪانءُ ۽ چـِـڙي*

هڪ ڏينهن چـِڙي ڪانءُ کي چيو ته: مون کي آکيرو ٺاهي ڏي. ڪانءُ چيس ته: آکيرو توکي ٺاهي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، مگر ٻچا ٿينئي ته هڪڙو ٻچو مون کي ڏيندينءَ. چڙيءَ اهو اقرار ڪانءُ کي ڏنو، ته مون کي تنهنجو شرط قبول آهي، پر آکيرو جلد ٺاهي ڏي. ڪانءُ آکيرو ٺاهڻ ۾ لڳي ويو، تان جو ٿورن ئي ڏينهن ۾ آکيرو ٺاهي ورتائين. آکيرو ٺهي راس ٿيو ته چـِڙي به منجهس آنا لاهڻ شروع ڪيا. نيٺ قدرت جي قانون موجب ٻچا ڦـُـٽي پيا ۽ ٿورن ڏينهن کان پوءِ ٻچا اُڏامڻ جهڙا ٿيا، تڏهن ڪانو کي به يادگيري آئي، ۽ هڪلي چڙي وٽ آيو، ۽ چيائينس ته: پنهنجي قول کي پاڻي ڏي، چڙي جواب ڏنو ته: ڪانءُ! تون حرام آهين ۽ مان حلال آهيان، تنهنڪري تون وات ڌوئي چهنب صاف ڪري اچ، ته توکي ٻچو ڏيان. ايترو ٻڌي ڪانءُ سڌو کوهه تي ويو ۽ کوهه کي چيائين ته:

کوهه ڙي کوهه، ڏي پاڻيالي ڌووان چهنبالي

کـــــــــــــــــاوان    چـــــــــــــــــڙيءَ    دا چـــــــــيــــــــــــــچـــــــلا.

کوهه چيس ته: وڃي ڪنڀار کان دلو وٺي آءُ. ڪانو سڌو ڪنڀار وٽ آيو ۽ ڪنڀار کي چيائين ته:

ڪنڀار ڙي ڪنڀار! ڏي دلالي ڏيان کوهالي

ڏي پـــــــــــاڻــــيـــــــــالــــي، ڌووان چــــــهـــنــــــبــــــالــــــي

کـــــــــــــــــاوان    چـــــــــــــــــڙيءَ    دا چـــــــــيــــــــــــــچـــــــلا.

ڪنڀار چيس ته: وڃي کڏ کان مٽي وٺي اچ ته توکي دلو ڏيان. ڪانءُ کڏ ڏي ويو ۽ چيائين ته:

کـَـڏ ڙي کڏ! ڏي مـِـٽالي ڏيان ڪنڀالي

ڏي دلالــــــــي، ڏيــــــــان کــــــوهـــــــالــــــــــي

ڏي پـــاڻــــيالــــي، ڌووان چــــهــــنبــــالي

کـــــــــــــاوان  چـــــــــــــڙيءَ  دا چـــيــــــچــــــلا.

کـَـڏ چيس ته: هرڻ کان سـِـڱ وٺي آءٌ ته توکي مٽي کوٽي ڏيان. ڪانءُ ويو هرڻ ڏي، ۽ چيائينس ته:

هرڻ ڙي هرڻ، ڏي سڱالي، ڏيان کـَـڏالي
ڏي مـِـٽــــــــالــــــــي، ڏيـــــــان ڪـــــــنــــــــڀــــــالــــي
ڏي  دلالــــــــــــــــــــي،   ڏيــــــــــــــــــان  کـــــــــــوهالي
ڏي پــــــــاڻــــــــيــــــالي، ڌووان چــــهــــنــــبــــالــــي
کــــــــــاوان   چــــــــــــــــــــــــڙيءَ   دا چـــــــــــيــــــچـــــلا.

هرڻ چيس ته: ڪانو! وڃي ڪتو وٺي اچ ته مون کي کائي ته توکي سڱ ڏيان. ڪانءُ ويو ڪتي ڏي ۽ چيائينس ته:

ڪـُـتا ڙي ڪـُـتا! کاءُ هرڻالي، ڏي سڱالي

ڏيــــــــــــــــان  کــــــــــڏالــــــــي،  ڏي  مـِـــــٽــــــــــــالــــــــي

ڏيــــــــــــان   ڪــــنــــڀــــالــــــــي،   ڏي   دلالــــــــــــي

ڏيــــــــــان   کـــــوهــــــــالي،   ڏي   پـــــاڻيــــــــالــــــي

ڌووان چهنبالي، کاوان چڙيءَ دا چيــچـلا.

ڪتي چيس ته: ڪانوَ، مون ۾ ايتري طاقت نه آهي، تنهنڪري ڳئونءَ جو کير آڻي ڏي، اُهو پـِـي هلي هرڻ کاوان. ڪانءُ آيو ڳئونءَ وٽ ۽ کيس چيائين ته:

ڳئون ڙي ڳئون! ڏي کيرالي، ڏيان ڪتالي
کائي  هرڻالي،   ڏي  سڱالي،  ڏيان کـَـڏالي
ڏي   مـــــــَـٽــــــالــــــي،    ڏيـــــــــان    ڪــــنــــــڀــــــالــي
ڏي     دلالـــــــــــــــي،    ڏيـــــــــــان    کــــــوهــــــــالــــــــــي

ڏي  پـــــــــــــاڻــــيـــالــــــــي،   ڌووان    چــــــــهــــنبــــالي

کـــــــــــــــــــــــاوان   چـــــــــــــــــــــــڙيءَ  دا چـــــــيــــــــــــچــــــــــلا.

ڳئون چيس ته: ٻـُـوڙي مان سر لـُـڻي اچ ته توکي کير ڏيان. ڪانءُ ويو ٻوڙي ڏي ۽ چيائينس ته:

ٻـُـوڙا ڙي ٻـُـوڙا! ڏي گاهالي، ڏيان ڳنوالي
ڏي کـــــــيــــــــرالي،  ڏيـــــــــــان   ڪــــــــتــــالــــــي
کائي هرڻالي، ڏي سڱالي، ڏيان کـَـڏالي
ڏي مـِـٽــــــــالــــــــي، ڏيـــــــان ڪـــــــنــــــــڀــــــالــــي
ڏي  دلالــــــــــــــــــــي،   ڏيــــــــــــــــــان  کـــــــــــوهالي
ڏي پــــــــاڻــــــــيــــــالي، ڌووان چــــهــــنــــبــــالــــي
کــــــــــاوان   چــــــــــــــــــــــــڙيءَ   دا چـــــــــــيــــــچـــــلا.

ٻـُـوڙي چيس ته: وڃي لوهار کان ڏاٽو وٺي اچ. ڪانءُ لوهار ڏي ويو، ۽ کيس چيائين ته:

لوهار ڙي لوهار! ڏي ڏاٽالي، ڏيان ٻـُـوڙالي
ڏي گـــــــاهــــــــــالــــــــــي، ڏيــــــــــان ڳـــــنــــــــــوالـــــي
ڏي کـــــــيــــــــرالي،  ڏيـــــــــــان   ڪــــــــتــــالــــــي
کائي هرڻالي، ڏي سڱالي، ڏيان کـَـڏالي
ڏي مـِـٽــــــــالــــــــي، ڏيـــــــان ڪـــــــنــــــــڀــــــالــــي
ڏي  دلالــــــــــــــــــــي،   ڏيــــــــــــــــــان  کـــــــــــوهالي
ڏي پــــــــاڻــــــــيــــــالي، ڌووان چــــهــــنــــبــــالــــي
کــــــــــاوان   چــــــــــــــــــــــــڙيءَ   دا چـــــــــــيــــــچـــــلا.

لوهار چيس ته: مون وٽ لوهه ڪونهي، وڃ جبل کان لوهه وٺي اچ. ڪانگ سڌو آيو جبل وٽ ۽ کيس چيائين ته:

جبل ڙي جبل! ڏي لوهالي، ڏيان لوهارالي
ڏي   ڏاٽــــــــــــالــــــــي،   ڏيــــــــــــان   ٻـُـــــــــوڙالــــــــــــي
ڏي   گــــــــاهــــــــــــالــــي،   ڏيان   ڳــــــــنــــــــوالـــــــــي
ڏي   کـــــــيـــــــــــرالي،    ڏيـــــــــــان   ڪــــــــتــــالــــــي
کائي هرڻالي، ڏي سڱالي، ڏيان کـَـڏالي
ڏي مـِـٽــــــــالــــــــي، ڏيـــــــان ڪـــــــنــــــــڀــــــالــــي
ڏي  دلالــــــــــــــــــــي،   ڏيــــــــــــــــــان  کـــــــــــوهالي
ڏي پــــــــاڻــــــــيــــــالي، ڌووان چــــهــــنــــبــــالــــي
کــــــــــاوان   چــــــــــــــــــــــــڙيءَ   دا چـــــــــــيــــــچـــــلا.

جبل چيس ته: لوهه ٻاهر ڪڍڻ لاءِ، وڃي ڪٿان بارود وٺي آءُ. ڪانگ اُٿي اُڏاڻو، اچي هڪڙي لشڪر ۾ پيو، جتي هڪڙي سپاهي بندوق هڻي ماري وڌس.

 

 

vvv

vv

v


 

* هيءَ آکاڻي ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي..

* هن آکاڻيءَ جون ٽي روايتون ٿرپارڪر مان (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند ۽ (تعلقي عمرڪوٽ) مان  ”يوسفاڻيءَ“  کان ۽ لاڙ (تعلقي بدين) مان محمد سومار کان مليون.

* هن آکاڻيءَ جون ٻه روايتون، وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهر زادي کان ۽ اتر (تعلقي روهڙي) مان نبي بخش خاصخيلي کان مليون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org