10- گدڙ، ڦاڙهو، سيهڙ ۽ شينهن
هڪڙي رات هڪڙو گدڙ وڃي هڪڙي ٻـُـٽي کوهه ۾ ڪريو، ۽
زور سان اونايون ڪرڻ لڳو. هن جون اونايون ٻڌي،
هڪڙو ڦاڙهو انهيءَ کوهه مٿان آيو، ۽ گدڙ کي کوهه ۾
ڏسي، چيائين ته: چاچا گدڙ! اتي ڪيئن ڦاٿو آهين؟
گدڙ چيس ته: يار! هتي رڳو ٻوڙ پلاءُ پيا اچن،
جنهنڪري هتي آيو آهيان. ڦاڙهي چيس ته: آءٌ به
اچان؟ گدڙ چيو ته: ڀلي اچ. تنهن تي ڦاڙهي وٺي کوهه
۾ ٽپو ڏنو. اڃا گهڙي مس گذري ته هڪڙو سيهڙ، اچي
کوهه مٿان سهڙيو، ۽ هنن ٻنهي کي کوهه ۾ ڏسي، گدڙ
کان پڇيائين ته: ماما گدڙ! هت ڪيئن اچي ڦاٿو آهين؟
گدڙ ورندي ڏنيس ته: ميان! هت ٻوڙ پلاءُ پيا اچن.
تنهن تي سهيڙ چيو ته: مان به اچان؟ گدڙ چيو ته:
ابا، ڀلي اچ. سيهڙ به وٺي کوهه ۾ ٽپو ڏنو. اڃا
گهڙي کن گذري، ته هڪ چيتو شينهن به اچي کوهه وٽ
پهتو، ۽ هنن ٽنهي کي کوهه ۾ ڏسي، گدڙ کان پڇيائين
ته: اڙي گدڙ! هتي ڪيئن اچي گڏ ٿيا آهيو؟ گدڙ چيس
ته: سائين! هتي ٻوڙ پلاءُ پيا اچن، سي کائي پيا
مزا ڪريون. اهو ٻڌي شينهن چيس ته: اڙي گدڙ! مان به
اچان؟ گدڙ چيو ته: نيڪيءَ کي منع ڪانهي، ڀلي اچو.
شينهن به وٺي کوهه ۾ ٽپو ڏنو. شينهن، گدڙ جي چوڻ
تي کوهه ۾ ٽپو ته ڏنو، پر جڏهن اتي ڪجهه به نظر نه
آيس، تڏهن گدڙ کي چيائين ته: ههڙا تهڙا، ڪٿي آهن
ٻوڙ پلاءُ؟ مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي، جهٽ حاضر ڪر،
نه ته پهرين توکي کائيندس. گدڙ چيو ته: سائين! مون
کي نه کائو. پـُـکا ٿا وجهون، جنهن جو نالو نڪري،
اُن کي کائو. شينهن چيو ته: چڱو، ڀلي پـُـکا وجهه.
گدڙ چيو ته:
”گدڙ دل جو مدڙ، ســــــــو به ناهي ڪــــار،
شينهن پـَـٽ جو رينهن، سو بـه ناهي ڪار،
ڦاڙهو ڪنن ڳاڙهـــو، ســــــو به ناهي ڪار،
هـــــــڻ سيهڙ کــــــي چنبو ته
کــــائـــــــــون.“
”اڙي گدڙ! هتي ڪيئن گڏ ٿيا آهيو؟“
شينهن ڇا ڪيو، جو سهيڙ کي چنبو هڻي ماري وڌائين، ۽
سڀني ويهي ان کي کاڌو. گدڙ وري ڇا ڪيو جو، سيهڙ جا
آنڊا، جيڪي کيس پتيءَ ۾ مليا هئا، سي پٺيءَ کي
ويڙهي ڇڏيا.
جڏهن ٻيو ڏينهن ٿيو، تڏهن شينهن کي اچي بک لڳي.
چي: گدڙ! مون کي بک لڳي آهي، ڪٿي آهن ٻوڙ پلاءُ،
نه ته مان توکي کائيندس. چـي: سـائين! مـون کـي نه
کاءُ، مان پـُـکا ٿو وجهان، جنهن جو نالو نڪري،
تنهن کي کاءُ. شينهن چيو ته: چڱو، جلدي پـُـکا
وجهه. گدڙ چيو ته:
”گـــــــدڙ دل جــو مدڙ، سو به ناهي ڪار،
شينهن پـَـٽ جو رينهن، سو به ناهي ڪار،
هــــــــڻ ڦــــــاڙهــــــي کــي چنبو ته
کائون.”
شينهن يڪدم ڦاڙهي کي چنبو هڻي ماري وڌو، ۽ پوءِ
شينهن ۽ گدڙ ويهي کاڌو. گدڙ ڇا ڪيو جو، ڦاڙهي جا
آنڊا به پنهنجي پٺيءَ کي ويڙهي ڇڏيائين. جڏهن ٽيون
ڏينهن ٿيو، تڏهن وري اچي شينهن کي بک لڳي، گدڙ کي
چيائين ته: اڙي گدڙ بک لڳي آهي، ڪٿي آهن ٻوڙ
پلاءُ، نه ته مان توکي کائيندس. گدڙ چيو ته:
سائين! ڏس مان پنهنجي پيٽ مان ڪڍي پيو کانوان، تون
به ائين ڪر. شينهن چيو ته: ڪيئن ڪريان. گدڙ پاڻ کي
چنبو هڻي، پٺيءَ تان ويڙهيل آنڊا پٽي، کائڻ لڳو ۽
شينهن کي چيائين ته: سائين! هيئن ڪر. شينهن ڇا
ڪيو، جو وٺي پاڻ کي چنبا هڻڻ لڳو، ۽ ٿوري ئي وقت ۾
پاڻ کي ڦاڙي ماري وڌائين. جڏهن شينهن مري ويو،
تڏهن گدڙ هن کي ويهي کاڌو، ۽ کائي ڍؤ ڪري خدا کان
دعا گهريائين ته: اي خدا! ڏاڍو مينهن وساءِ، جيئن
هي ٻـُـٽو کوهه ڀرجي پوي. قدرت الله جي سان، هن جي
دعا آگهاڻي، ۽ اچي وڏڦڙو مينهن وٺو، ۽ اُهو ٻـُـٽو
کوهه، سڄو ڀرجي تار ٿي ويو، گدڙ به ٻاهر نڪري،
ڌڻيءَ جا احسان مڃڻ لڳو.
هاڻي گدڙ واٽ وٺي راهي ٿيو. ڏسي ته هڪڙو فقير، جو
ڪنهن ڳوٺ مان ڳوٿري اَٽي جي پنيو پيو اچي، ۽ هڪ
ٻڪرار به پنهنجي ڌڻ سان، هن سان رليو اچي. گدڙ ڇا
ڪيو، جو مڪر ڪري، رستي تي سمهي پيو، ڄڻ ڪو مئل گدڙ
آهي. اتي ٻڪرار، فقير کان پڇيو ته: ٻيلي فقير! تون
به در در جو فقير آهي، ڪو ڏس ته ڏي. فقير چيو ته:
جيڪو پڇڻو هجئي سو پڇ. چي: ٻيلي! منهنجي ڌڻ ۾ اچي
ڦيٽ پئي آهي، ڪو ڏس پتو ته ڏي. چي: ادا ٻڪرار! ٻڌ،
هي مئل گدڙ رستي تي پيو آهي، اهو کڻي واڙ ۾ اندر
رکي، کيس ساڙي، سندس دونهين جو ڌڻ کي واس ڏي، ته
ڌڻ ڇـُـٽي پوئي. ٻڪرار ڇا ڪيو جو، گدڙ کي کڻي ڪلهي
تي رکيائين. تڏهن گدڙ وري اتي ٻڪرار جا ويچارا ڪڍڻ
لڳو. ٻڪرار سمجهيو ته فقير ٿو ويچارا ڏئي. اتي
ٻڪرار ۽ فقير ٻئي پاڻ ۾ اچي وڙهڻ لڳا. گدڙ به چڱو
وجهه ڏسي، اَٽي جي ڳوٿري کڻي وٺي ڀڳو، ۽ خدا کان
دعا گهرڻ لڳو ته: ڪا فوج ملاءِ، ته اَٽي جي ڳوٿري
ورهايان. ايتري ۾ ڏسي ته ڪي شڪاري آهن، جي ڪتن جي
فوج سان پيا اچن. ڪتن جو گدڙ کي ڏٺو، سي وٺي پويان
پيس، ۽ خوب ڊوڙايائونس. ڊوڙندي ڊوڙندي گدڙ کي هڪ
چـُـر سـُـجهي آئي، هن ڇا ڪيو جو وٺي اُن ۾ ٽپو
ڏنو، ۽ ڪتا واپس پوئتي موٽي ويا. گدڙ چيو: اي خدا!
مون ته ڪوڙ ڪوڙ ۾ توکان دعا گهري، پر تو سچ پچ فوج
موڪلي ڏني.
vvv
vv
v
11- سهو، شينهن ۽ گدڙ
هڪڙي جهنگل ۾، هڪڙو شينهن اچي رهيو، جنهن جهنگل
ّجي جانورن کي ماري ناس ڪري ڇڏيو هو. چؤطرف انهيءَ
خوني شينهن جو ذڪر ٿيڻ لڳو. هڪ دفعي سڀني ننڍن
جانورن پاڻ ۾ گڏجي فيصلو ڪيو ته: جيڪو به جانور
ڪنهن نموني هن شينهن کي هتان ڀڄائيندو يا ماريندو،
ان کي جهنگل جو بادشاهه مڃيو ويندو، پر ڪنهن کي به
اهڙي جرئت ڪانه ٿي.
انهيءَ جهنگ ۾ هڪڙو سهو ۽ سـَـهـِـي به رهندا هئا.
سهي پيٽ سان هئي، تنهن سـَـهي کي چيو ته: منهنجي
ويامڻ جو وقت ويجهو ٿيو آهي، هلو ته شينهن کان بچڻ
لاءِ ڪٿي لڪي، ٻچا ڄڻي ويهون. پوءِ ٻئي ڄڻا لڪندا
ڇپندا ڀـُـل ۾ انهيءَ شينهن جي غار ۾ گهڙي ويا.
غار ڪشادي هئي، هي وري وڌيڪ ان کي کوٽي منجهس
ننڍيون ننڍيون چـُـرون ٺاهي ويهي رهيا. ڪجهه ڏينهن
ته خير سان گذريا، پر هڪڙي ڏينهن شينهن اچي پهتو ۽
غار جي ٻاهران اچي بيٺو. شينهن کي آيل ڏسي هنن
سمجهيو ته مار، هيءَ ته غار شينهن جي آهي! پوءِ
پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته ڪنهن نموني شينهن کي ڀڄائجي.
تڏهن سهي جي سمجهائڻ موجب سهيءَ ٻچن کي رانبوٽا
هڻي روئاڙيو. ان تي سهو، سهيءَ کان پڇڻ لڳو ته:
”ڇٽ پٽ راڻي“ ٻچا ڇو ٿا روئن؟ تنهن تي سهيءَ جواب
ڏنو ته: ”شم شم شير“ ٻچا چون ٿا ته اڳوڻي شينهن جو
گوشت پاروٿو ٿي ويو آهي، تازو گوشت گهرجي. انهيءَ
تي سهي چيو ته: چڱو آءٌ وڃان ٿو، من ٻچن جي ڀاڳين
ڪو شينهن هٿ اچي وڃي.
سهن جي اها گفتگو ٻڌي شينهن اهڙو ته اچي ڊنو، جو
امالڪ پاهين پير وٺي ڀڳو. هن کي ڀڄندو ڏسي هڪڙي
گدڙ هڪل ڪري چيس ته: شينهن شير خدا جا! توکي ڪهڙي
ڊپ ورايو آهي، جوهيئن ڀڄندو ٿو وڃين؟ شينهن وراڻي
ڏنيس ته: يار گدڙ! منهنجي غار ۾ ڪي اهڙيون آفتون
اچي ويٺيون آهن، جيڪي رڳو شينهن جو گوشت ٿيون
کائين. گدڙ اهو جواب ٻڌي ڪجهه وقت ماٺ ۾ پئجي ويو،
پر پوءِ چيائين ته: مون کي پاڻ سان وٺي هل ته خبر
لهون. شينهن چيو ته: مون کي ڊپ ٿو ٿئي، توهين گدڙ
چالاڪ ٿيندا آهيو متان مون کي وٺي هلي ڦاسارائين.
تنهن تي گدڙ چيو ته: فڪر نه ڪر، آءٌ رسو کڻي ٿو
اچان، جو تنهنجي ۽ پنهنجي ڳچيءَ ۾ ٿو وجهان، پوءِ
ته ٻئي گڏ هونداسون. اها ڳالهه شينهن قبول ڪئي ۽
ٻئي سلهاڙجي جڏهن غار جي در وٽ وڃي بيٺا ته سهيءَ
هنن کي ڏسي سـَـهي کي چوڻ لڳي ته: شم شم شير! اُٿ،
ٻچا ٿا بک مرن، وڏو شينهن هٿ نه اچي ته من ڪو ننڍو
لڀي، پر ٻچن جو ته پيٽ ڀرڻو آهي. اهو ٻڌي سهو، ”ڦر
ڦر ڦوٽو ڦر ڦر ڦوٽو“ ڪري اُٿڻ لڳو ته پويان شينهن
۽ گدڙ تي نظر پيس. پوءِ سهيءَ کي چوڻ لڳو ته: پاڻ
گدڙ کي چيو هو ته ٻه شينهن آڻجانءِ، پر هن رڳو
هڪڙو آندو آهي، في الحال اهو ٻچن جو اَکو ڦلو
ٿيندو. اها ڳالهه ٻڌي شينهن رکيو کڙين تي زور. گدڙ
گهڻئي منع ڪيس ته: ”بادشاهه بيهه، بادشاهه بيهه!“
پر شينهن ڪٿي ٿو بيهي. ڀڄندي ڀڄندي گدڙ ته گهلجي
مري ويو. سندس ڏند ٻاهر نڪتل ڏسي شينهن کي ڪاوڙ
لڳي، چي: مون کي ساهه جي لڳي پئي آهي، ۽ تون مون
تان ٿو کلين! ائين چئي ٺڪاءُ ڪرايائينس چنبو ته
پـِـٿون پـِـٿون ٿي پيو. پوءِ شينهن ڀڄندو ڀڄندو
وڃي جهنگل جي ٻئي حصي ۾ نڪتو، جتي ٻيا شينهن به
رهندا هئا. شينهن هن کي ڀڄندو ڏسي وائڙو ٿي پڇڻ
لڳا ته: يار! خبر ڏي، آهي ته خير؟ هن سهڪندي
سهڪندي چيو ته: يار! هاڻ هن جهنگل ۾ رهڻ مان خير
ناهي. هنن کلي چيو ته: ڀلا آخر ڳالهه ڪهڙي آهي؟
اسين به ته ٻـُـڌون. تڏهن هن آيل آفتن جي سڄي
ڳالهه ڪري ٻڌائي، ۽ چيائين ته: هاڻ ڀڄو ته هيءُ
جهنگل ڇڏي ٻئي پاسي هلون. انهيءَ تي شينهن چيو ته:
تون اجايو ڊنو آهين، اسين هلون ٿا، ۽ هلي ٿا ڏسون
ته ڪهڙيون آفتون آهن؟ پوءِ سڀ شينهن گڏجي روانا
ٿيا.
هوڏانهن جڏهن شينهن ۽ گدڙ ڀڄي ويا، تڏهن سهي
سـَـهـِـيءَ کي چيو ته: هاڻي هت رهڻ ۾ خير ڪونهي،
هلو ته ڪنهن وڻ تي هلي چڙهون. پوءِ ٻچن کي وٺي اچي
هڪڙي گهاٽي وڻ تي چڙهي ويٺا.
اوچتو هتان شينهن جو لشڪر به اچي پهتو. اچي ڏسن ته
غار خالي پيئي آهي، ۽ آفتون الاجي ڪيڏانهن ويون!
غار خالي ڏسي آيل شينهن غار جي مالڪ شينهن کي چيو
ته: ڏٺئي ڀڄي ويا نه! تون هـُـئين ئي ڊنو هـُـئين.
انهيءَ تي غار جي مالڪ جواب ڏنو ته: نه يار نه،
مون کي اڃا به شڪ آهي ته ڪٿي لڪي اسان کي مارڻ
لاءِ ويٺا هوندا. اهڙيءَ طرح بحث ڪندا اچي انهيءَ
وڻ هيٺان لنگهيا، جنهن تي سهن جو لشڪر ويٺل هو.
شينهن کي اتان لنگهندو ڏسي سهيءَ هڪل ڪري چيو ته:
شم شم شير! وارو ڪري ٻه ٽي شينهن ته ماري وٺ، خدا
گهر ويٺي کڻي ڏياريا آهن. ائين چئي، وٺي وڻن جي
پنن ۽ ٽارين کي ”کڙ کڙ“ ڪرايائون. شينهن اهو آواز
ٻڌي اهڙو ته تيز وٺي ڀڳا، جو پوئتي به ڪونه ڏٺائون
۽ اهو جهنگل هميشه لاءِ ڇڏي هليا ويا.
سـَـهي به هاڻي سهي ڪيو ته شينهن موٽي ڪونه ايندا،
سو هيٺ لهي آيو ۽ اچي بيفڪر ٿي پنهنجيءَ جاءِ تي
رهڻ لڳو. هفتي کن جي جاچ بعد هن جهنگل جي سڀني
جانورن کي سڏي دعويٰ ڪئي ته ”مون هن جهنگل جا سڀ
شينهن ماري ڇڏيا آهن، هاڻي سڀ بيفڪر ٿي گهمو ڦرو.“
ان بعد سڀني جانورن سهي کي پنهنجو بادشاهه تسليم
ڪيو، ۽ هن کي ”سهي“ جي بدران ”شم شم شير“ چوڻ لڳا.
vvv
vv
v
12- گدڙ ۽ شينهن*
هڪڙي جهنگ ۾ هڪڙو شينهن رهندو هو، جنهن کي سڀ
جانور پنهنجو بادشاهه ڪري سمجهندا هئا. اُتي هڪڙو
گدڙ به پنهنجي زال ۽ ٻچن سميت هڪڙيءَ ننڍڙيءَ ڏَرِ
۾ رهندو هو.
گدڙ جي زال هميشه پنهنجي مڙس کي چوندي هئي ته: آءٌ
هن سوڙهيءَ ڏر ۾ ڪانه رهنديس. مون کي ڪنهن به ريت
رهڻ لاءِ شينهن جي غار وٺي ڏي، جتي آءٌ ۽ منهنجا
ٻچا خلاصا رهي سگهون. جي اها ڳالهه منظور ڪرين ته
پوءِ مان تو وٽ رهان، نه ته هلي وينديس. گدڙ
ويچارو گهر ۾ جهيڙو ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيو، ۽ زال کي
چيائين ته: شينهن پنهنجو توڙي ٻين سڀني جانورن جو
بادشاهه آهي، اسين غريب ڪيئن ان جو گهر هٿ ڪري
سگهنداسون؟ مفت پاڻ کي ۽ مون کي آزار ۾ وجهڻ جا
گهاٽ نه گهڙَ. ماٺ ڪر، متان شينهن ٻڌي نه وٺي، ۽
پوءِ اسان کي ان گستاخيءَ جي سزا ڏئي. پر گدڙ جي
زال پنهنجي هٺ کان هيٺ لهي ئي نه، چي: بس رهنديس
ته شينهن واري گهر ۾، نه ته مان هلان ٿي مائٽين.
آخرڪار گدڙ، زال کي ريجهائي ترسايو ته: انهيءَ
ڳالهه جو ڪو بلو ڪريون ٿا، حال ته ترس.
هڪڙي ڏينهن، اهو شينهن ڪنهن ڪم سبب ٽن چئن ڏينهن
لاءِ ٻاهر ويو، ۽ پويان گدڙ جي زال پنهنجن ٻچن ۽
مڙس کي زوريءَ وٺي شينهن جي ڏر ۾ اچي ويهي رهي.
گدڙ ويچارو ته ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو، ته هاڻي اسان جو
الائجي ڪهڙو حال ٿيندو! آخر شينهن جي اچڻ جو وقت
ٿيو، تڏهن زال کي چيائين ته: شينهن اچڻ وارو آهي،
هاڻي اجهو ٿا مرون. توکي ته پنهنجي سر وڃڻ جي
پرواهه ڪانهي، پر ناحق منهنجي ۽ منهنجن ٻچن جي به
حياتي ٿي وڃائين! زال جواب ڏنس ته: ڊڄ نه، تون رڳو
همت ڪر، جيئن آءٌ توکي چوان تيئن ڪر. جي ائين
ڪندين ته شينهن ڀڄي ويندو. ايتري ۾ شينهن به گجگوڙ
ڪندو اچي سهڙيو. اتي گدڙ، زال کي چيو ته: جلدي
ٻڌاءِ ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟ گداڙيءَ وراڻيو ته: ٻڌ،
جڏهن شينهن ويجهو ايندو ته آءٌ ٻچن کي چهنڊڙيون
هڻي روئاڙيندس، پوءِ تون هڪل ڪري، وڏي آواز سان
مون کان پڇج ته ”چئنچل راڻي“ ٻچڙا ڇو ٿا روئين؟
ته پوءِ آءٌ پاڻهي توکي جواب ڏيندس. جي شينهن
بادشاهه اهو جواب ٻڌندي ئي ڀڄي جند نه ڇڏائي ته
پوءِ منهنجيءَ ڳالهه ۾ گهٽ آهي. گدڙ کي انهيءَ تي
ڀروسو ته ڪونه ٿي آيو پر لاچار ٿي اها ڳالهه مڃي،
ڏر جي در وٽ لڪي ويهي رهيو.
شينهن جڏهن پنهنجيءَ غار جي ويجهو آيو ته گداڙيءَ
به ٻچن کي وٺي چهنڊڙيون هنيون، جنهنڪري گدڙ جا
ٻچڙا روئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ لڳا، ۽ اُنهن سان گداڙيءَ
به وٺي دانهون ڪيون، پوءِ ته سڄو ٻيلو مٿي تي کڻي
ڏنائون. اتي گدڙ وڏي آواز سان چيو ته: چئنچل راڻي!
اڄ منهنجا ٻچا ڇو ٿا روئن؟ گداڙيءَ جواب ڏنس ته:
منهنجا بهادر بادشاهه! تنهنجا ٻچا هينئر شينهن جو
تازو گوشت کائڻ لاءِ گهرن ٿا، پنهنجي لشڪر کي حڪم
ڏيو ته جلد شينهن کي ماري، ٽـُـڪر ٽـُـڪر ڪري کڻي
اچن. شينهن جو ان وقت دروازي تي اچي پهتو هو، تنهن
جو اهي لفظ ٻڌا، سو موت جي ڊپ کان مٺيون ڀيڙي وٺي
ڀڳو. واٽ تي کيس هڪڙو باندر مليو، جنهن ادب سان
سلام ڪري، کانئس پڇيو ته: اي شينهن شير خدا جا،
خير ته آهي جو هن طرح تڪڙو ڀڄندو پيو وڃين؟ شينهن
چيس ته: ڪهڙي خبر ٻڌايانءِ! خير ڪونهي. منهنجي
غارَ ۾ مون کان به وڌيڪ طاقتور آفت اچي ويٺي آهي،
آءٌ ان کان ڊڄي وٺي ڀڳو آهيان.
جيڪڏهن ڪا
اٽڪل ڪري ڪو بچاءُ ڳولي ڪڍين ته وڏي مهرباني.
باندر چيس ته: سائين، منهنجي جان ۽ ٻار ٻچا به
اوهان تان قربان آهن، پر ٻڌايو ته ڳالهه ڪهڙي آهي؟
شينهن چيس ته: آءٌ ٻٽي ڏينهن ٻاهر ويو هئس ته
پٺيان منهنجيءَ غار ّتي ”چئنچل راڻي“ ۽ ”بهادر
بادشاهه“ قبصو ڪري ويٺا آهن ۽ انهن جا ٻچا وري
منهنجو گوشت پيا گهرن، تنهنڪري وٺي ڀڳو آهيان.
باندر چيس ته: قبلا! توهان خيال نه ڪريو. مون سان
هلو ته مان ڪـَـن کان جهلي ٻاهر ٿو ڪڍانِ. شينهن
اهو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ رسي ۾ پنهنجو ڪنڌ ۽
باندر جو پڇ ٻڌي، ٻئي سلهاڙجي اٿي هليا. گدڙ انهن
کي پري کان ايندو ڏسي زال کي ٻڌايو، تنهن ٻچن کي
اڳئين وانگر روئاڙيو. گدڙ وري به زال کان ٻچن جي
روئڻ جو سبب پڇيو. ان تي گداڙيءَ کيس جواب ڏنو ته:
توهان پنهنجي نوڪر ”باندر“ کي حڪم ڏنو هو ته چار
شينهن وٺي اچي، پر هو ته فقط هڪ شينهن وٺيو پيو
اچي. ٻچڙا چون ٿا ته اسين چار آهيون، اسان کي ته
هڪ هڪ شينهن جدا کپي! شينهن اهي لفظ ٻڌي سمجهي ويو
ته هي باندر هنن جو نوڪر آهي ۽ مون کي ٺڳيءَ سان
هتي مارائڻ لاءِ وٺي آيو آهي. سو ڪاوڙ مان وٺي جو
چنبو هنيائينس ته باندر اتي ئي مري پيو ۽ پوءِ پاڻ
وٺي ڀڳو ۽ وري ڪڏهن به انهيءَ پاسي نه ويو. اهڙيءَ
ريت، گدڙ ۽ سندس زال اُتي آرام سان گذارڻ لڳا.
vvv
|