[ 6 ]
ايمان ۽
ان جو فلسفيانه مفهوم
علامه صاحب هيءَ صدارتي تقرير 11 ڊسمبر 1953ع
تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ هال ۾ ڪئي. ان
موقعي تي مقرر ڊاڪٽر ڪي اي عبدالحميد شعبي
فلسفي جو سربراهه هو.
خواتين و حضرات! توهان هاڻي پروفيسر ڪي اي حميد
جيڪو اسان جي يونيورسٽيءَ جي فلسفي جي شعبي جو
سربراهه آهي جو لکيل علمي مقالو ٻڌو. هن کي نڙيءَ
۾ هلڪو سور هو، تنهن ڪري پاڻ تقرير پڙهڻ جي قابل
نه هو، سو هن سندس ساٿيءَ کي چيو ته پڙهي ٻڌائي.
توهان ڏٺو ته هن انهن چئن صفحن ۾ ڪيترو مواد
سهيڙيو آهي. اهو علمي اعتبار کان چوويهه سؤ سالن
جو مواد آهي.
اسان جي مهربان پروفيسر فلسفي جي تاريخ کي مختصر
نموني پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن افلاطون کان
شروع ڪري يوناني فڪر ٻڌايو ته ڪائنات چئن عنصرن
يعني هوا، پاڻي، مٽي ۽ باهه جي ٺهيل آهي. هيءُ
تصور افلاطون کان به اڳي ڄاتل هو. هيءَ مادي دنيا
جيئن اسين ڏسون پيا انهن چئن عنصرن جي ٺهيل آهي.
اهو تصور انسان جي ان وقت جي ڪاوش جو نتيجو آهي،
جڏهن هو خاص کي عام ڪرڻ واسطي ٻي ڪنهن بنيادي شيءِ
تائين نه پهچي سگهيو هو، سواءِ، انهن چار عنصرن جي
يعني باهه، مٽي، پاڻي ۽ هوا. تنهنڪري هو ان کان
اڳتي ڪونه وڌيو ۽ سوچيائين ته ڪائنات جي هر شيءِ
انهن چئن عناصرن جي ٺهيل آهي. هن جو خاص کان عام
جو تصور ان کان اڳتي نه وڌيو.
يوناني ماڻهن کي ان وقت ايشيا مائنر مان لڏڻ کان
پوءِ رهڻ لاءِ ننڍڙيون رياستون قائم ڪرڻيون پيون.
ليڪن ان کان پوءِ هو جڏهن ترقي ڪري اڳتي وڌيا ته
معلوم ٿين ته اهي چار عنصر ڪائنات جي حقيقي تخليق
جو مڪمل جواز نٿا مهيا ڪن. ظاهر آهي ته ڪو ربط گم
آهي. بظاهر هيڏي وڏي ڪائنات جي تخليق انهن چئن
عنصرن سان پوري نٿي جڙي جيئن قديم نظريو ٻڌائي ٿو.
حقيقت ۾ اڳوڻا ماڻهو پٿر کي خدا ڪري پوڄندا هئا،
اهي جانورن کي خدا ڪري پوڄا ڪندا هئا. هو انهن کي
بلند ۽ اعليٰ، خوبصورت ۽ عيب کان پاڪ ڪري پوڄندا
هئا. انهيءَ کان وڌيڪ هو ڪجهه نه سوچيندا هئا.
اڳتي هلي يونانين جي ذهن، سوچڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪيو.
انهن نوان خيال ۽ تصور حاصل ڪيا ۽ آخر کين اها
روشني ملي ته فطرت انهن چئن عنصرن تائين محدود نه
آهي. اهو معلوم ٿين ته فقط انهن چئن عنصرن ڪائنات
جون سڀئي شيون نه ٺاهيون هونديون. ظاهري طرح هتي
ان کان ڪا وڌيڪ وڏي هستي هئي جنهن جي هو اڃان
تائين سمجهه حاصل نه ڪري سگهيا. البت انهن کي خبر
پئي ته سوچ يا خيال وڌيڪ اهم شيءِ آهي بنسبت انهن
شين جي جيڪي چئن عناصر مان ٺهن ٿيون. اها حقيقت
معلوم ڪرڻ کان پوءِ انهن سوچيو ته جيڪڏهن خدا آهي
ته هن کي يقيناً ڪامل عقل، سالم دماغ ۽ ڪامل فهم
هوندو. اهو بلڪل فطري نتيجو هو. تنهنڪري يوناني
ذهن ان دور جي ماديت کان بالا ٿيو ۽ ”فهم“ جي اوسر
ٿي.
منهنجا دوستو! مون کي اميد آهي ته آئون اهي خيال
توهان تائين چڱي طرح منتقل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو
آهيان. مهربان! مونکي ڪجهه وقت لاءِ سنجيده ٿي
ٻڌو، آئون ڪوشش ڪري توهان کي گذريل چوويهه سئو
سالن جي فڪر يا فهم جي تاريخ ٻڌائي رهيو آهيان. هن
موضوع بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن ۽ ڪيترا
لکجي رهيا آهن. ان لاءِ گهڻو وقت گهرجي ته انهن کي
پڙهجي ۽ سمجهجي. آئون ان ڪري ڪوشش ڪري رهيو آهيان
ته توهان کي اهو آسان ڪري سمجهائجي. مون کي اميد
آهي ته توهان ان کي ڪارائتو سمجهندا.
هاڻي اڳتي وڌڻ کان پهرين آئون توهان کي اهو
سمجهائيندس ته جديد ذهن ڪيئن اهي تصورات حاصل ڪيا.
پهرين اسين ان سوال جو حل ڪڍون ته هي هيڏا ڳرا
جبل، ڌرتيءَ جو هيڏو وڏو گولو، وڏا تارا ۽ سج ڪيئن
پيدا ڪيا ويا. اهي پڻ قديم زماني جي ماڻهن جي
زندگيءَ ۾ تمام اهم هئا ۽ انهن کي خدا سمجهيو
ويندو هو. مشتري ۽ اپالو خدا هئا. آسمان جا سڀ وڏا
تارا خدا هئا. ٻيو ته اهي سڀ شيون ڪيئن ختم ٿي
سگهن ٿيون. اهو عقيدي جو معاملو هو. انهن معاملن
بابت سڀني نبين کان سواءِ فلسفين جهڙوڪ افلاطون ۽
ارسطوءَ وغيره پڻ ردعمل ظاهر ڪيو ۽ انهن جي ممڪن
وضاحت ڪيائون. ٻيو سوال هي آهي ته اسان جي عقيدي ۽
نبين جي عقيدي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ پروفيسر حميد توهان
کي ٻڌايو ته فلسفي جي ڄاڻ تمام ضروري آهي. هن چيو
ته فلاسافي جو لفظ ٻن حصن تي مشتمل آهي. فلو
(Philo)
جي معنيٰ دوستي يا محبت ۽
(Sophia)
معنيٰ حڪمت يا دانائي. تنهنڪري فلاسافي جي معني
آهي ، دانائي يا حڪمت سان محبت ڪرڻ. جيڪڏهن اهو
ڄاڻو ٿا ته پوءِ توهان فلاسافر آهيو. اهو ياد رکو
ته ”سوفيا“ دانائي يعني حڪمت جي ديوي جو نالو پڻ
آهي.
مون هڪ دفعي رسالي
(Philosopher
Magazine)
۾ مضمون لکيو هو ته گهريلو ڪم ڪار ڪندڙ عورت به هڪ
بهترين فيلسوف آهي. هر ماڻهو ڪجهه ڄاڻڻ چاهي ٿو ۽
پنهنجا مسئلا پنهنجي طريقي سان حل ڪرڻ چاهي ٿو.
ضروري ڪونهي ته هو فيلسوف هجي. تنهنڪري توهان جو
ويساهه اهو آهي جيڪو توهان استدلال، سمجهه يا عقل
جي ذريعي حاصل ڪريو ٿا. جڏهن آئون پنهنجي آڱر باهه
تي رکان ٿو ته منهنجو عقيدو ٿي وڃي ٿو ته باهه مون
کي ساڙي ٿي. پوءِ آئون ان کان هميشه لنوائيندس؛
اهي انسان جا عقيدا تجربي ۽ دليل سان ٺهن ٿا.
جيڪڏهن آئون وري باهه تي آڱر رکندس ته اها وري مون
کي ساڙيندي گويا مون کوجنا ڪري ورتي ته باهه جي
خاصيت ساڙڻ آهي. تنهنڪري دليل پڻ عقيدي جي تائيد
ڪري ٿو جيڪو مون تجربي جي بنياد تي حاصل ڪيو آهي.
اهڙي طرح عقيدا تجربي ۽ عقل يا سمجهه جي بنياد تي
ٺهن ٿا. هاڻي ايمان ڇا آهي ۽ ايمان ۽ عقيدي ۾ ڪهڙو
فرق آهي؟
عقيدي ۾ ايمان شامل آهي ۽ ايمان عقيدي ٺاهڻ ۾
مختلف ذريعا استعمال ڪري ٿو. اهو تجربو جيڪو آئون
خود نٿو ڪري سگهان. جنهن جو دليل آئون نٿو ڏئي
سگهان، يا جيڪو آئون ڪنهن به طريقي سان ڄاڻي نٿو
سگهان، پر هڪ عالم اچي ٻڌائي ٿو ته آئون هيءَ
حقيقت ڪافي وقت کان ڄاڻان ٿو ۽ ان جي آئون تصديق
ڪريان ٿو ته اهو ايمان آهي. هڪ وڏو انسان جيڪو
ڄاڻو ۽ ماهر آهي، اهو اچي چوي ٿو ته آءٌ هيءَ
حقيقت گهڻي وقت کان ڄاڻان ٿو ۽ چوان ٿو ته اها سچ
آهي. هاڻ ڇا توهان اهو قبول ڪري ان تي يقين ڪندا.
جيستائين توهان کي خود اهو معلوم ٿي وڃي ته اهو
ائين آهي. اهوئي ايمان ۽ عقيدي ۾ فرق آهي. ايمان
پڻ عقيدو پيدا ڪري سگهي ٿو. پر جيڪو عقيدو ايمان
پيدا ڪري ٿو اهو ڪنهن ٻي اختياريءَ سان اچي ٿو،
جيڪو توهان کان الڳ آهي، اهو فقط ان سان پيدا ٿئي
ٿو. اها اعليٰ ذهن واري اختياري توهان کان الڳ
آهي. توهان تڏهن فقط هٿ ٻڌي چئو ٿا ته ”هائو“ حضرت
عيسيٰ هينئن چيو ۽ آئون حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ کي
مڃان ٿو يعني جيڪو توهان چئو ٿا جيتوڻڪ مون وٽ ان
جي ڄاڻ ڪونهي.
”وَتَرَى
الْجِبَالَ تَحْسَبُهَا جَامِدَةً وَّهِىَ
تَمُــرُّ مَرَّ السَّحَابِ
ۭ
صُنْعَ اللّٰهِ الَّذِيْٓ اَتْقَنَ
كُلَّ
شَيْءٍ
ۭ
اِنَّهٗ خَبِيْرٌۢ بِمَا تَفْعَلُوْنَ“
(27: 88)
ترجمو:
۽ توهان جبل ڏسو ٿا جيڪي مضبوطيءَ سان ڄميل آهن پر
اهي ڪڪرن وانگر اڏامي ويندا. الله تعاليٰ هر شيءِ
کي ڪامل بنايو آهي ۽ هو (الله تعاليٰ) توهان جيڪي
عمل ڪريو ٿا انهن کان باخبر آهي.
عربستان جي ريگستان مان اهي قرآني الفاظن جون ٻه
سٽون حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ ڇهين صدي ۾ بغير ڪنهن
استاد، بغير اسڪول، مس قلم ۽ فلسفين جي ڪتابن جي
مطالعي جي ارشاد فرمايائون. پاڻ فرمايائون ته اهي
پربت جيڏا جبل جيڪي مضبوط ۽ ڀاري سمجهو ٿا، اهي
ڪڪر مثل اڏامي ويندا، اهي شيون جيڪي وڏي ڪاريگريءَ
سان خدائي حڪمت سان خوبصورت ٺاهيون ويون آهن ۽ اهي
وڏا تارا ۽ جبل جيڪي توهان ڏسو ٿا، هوا جي جهٽڪي
سان اڏامي گم ٿي ويندا. اهو اعلان هڪ امي عرب ان
ريگستان مان ڪيو، جتي تعليم ناممڪن هئي.
شيڪسپيئر تائين جڏهن اهو آواز پهتو ته هن ان جو
خوبصورتيءَ سان لفظي ترجمو ڪيو، جيڪو اڄ به پڙهڻ
سان توهان کي تحرڪ ۾ آڻي ڇڏيندو. هو پنهنجي مشهور
ڊرامي ’طوفان‘
(Tempest)
۾ ٻڌائي ٿو ته هڪ سهرو پنهنجي ناٺيءَ کي ڪيئن روح
نڪرڻ وقت سمجهائي ماٺ ڪرائي ٿو. جڏهن هو سمجهي ٿو
ته جوڊو (Judo)
۽ ٻيا ارواح هن جي خوشي ملهائڻ لاءِ اچي رهيا آهن.
شيڪسپيئر هن طرح شروع ڪري ٿو:
You do look, my son, in a moved sort
As if you were dismayed,
Be cheerful, sir,
Our revels now are ended.
These our actors…….with my infirmity
ترجمو: ”منهنجا پٽ تون تمام گهڻو پريشان ٿي
گهٻرائجي ويو آهين مان چوان ٿو ته خوش رهه! اسان
جون عيش عشرتون هاڻي ختم ٿي ويون آهن. اسان جا
اداڪار ارواح مون اڳي ئي چيو هو، اهي سڀ هوا ۾ ڳري
هوا جي جهُوٽي وانگر اُڏامي ويندا ۽ اها بي بنياد
اڏاوت خواب وانگر آهي، اُهي مُنارا جيڪي ڪڪرن سان
ڳالهيون پيا ڪن، اهي وڏا محلات، مذهبي عمارتون
هيءَ ڌرتيءَ جو گولو خود، نه فقط اهو پر جيڪو ڪجهه
ان ۾ آهي، ختم ٿي ويندو ۽ هيءُ نقلي ٺاٺ ڪو نشان
به نه ڇڏيندو. اسين اهڙو وجود آهيون جيئن خواب آهن
۽ اسان جي مختصر حياتي ننڊ سان گهيريل آهي. سو
آئون عاجز آهيان، منهنجي ڪمزوري کي برداشت ڪر،
منهنجو جهونو ذهن تڪليف ۾ آهي، منهنجي هيڻائيءَ جي
ڪري نه گهٻراءِ!“
اهڙي طرح شيڪسپيئر اهو خيال پيش ڪري ٿو ته جيڪو
ڪجهه ناقابل شڪست ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اهو ڪڪر يا هوا جي
جهوٽي وانگر اڏامي ويندو. پر اها حقيقت قرآن شريف
تي ايمان آڻڻ وارن تيرهن سئو سال اڳي قبول ڪئي.
ظاهر آهي ته قرآن جي اها هڪ سٽ جيڪا مون توهان کي
پڙهي ٻڌائي اها ان تي ايمان آڻڻ وارن ڪنهن جرم، ڀل
چوڪ يا غلطي وچان ڪونه تسليم ڪئي هئي. مطلب پراڻي
سوچ تي منحصر چئن عناصرن وارو نظريو، هن ڪائنات جي
جوڙجڪ لاءِ آخري حرف سمجهڻ سراسر غلط هو. اُهو
هاڻي اسڪولي ٻار کي به وڌيڪ متاثر نٿو ڪري سگهيو.
اهو نظريو هوا جي جهوٽي وانگر ختم ٿي چڪو آهي.
هاڻي هوا ڇا آهي؟ اها مختلف گئسن تي مشتمل آهي.
جڏهن هائڊورجن ۽ آڪسيجن گئس ملن ٿيون ته اهي پاڻي
ٺاهين ٿيون. جڏهن اهي گئسون ٻين عنصرن سان ملن
ٿيون ته مادو ٺاهين ٿيون جيڪو ڌرتيءَ جو تهه ٺاهي
ٿو. اهي گئسون ٻئي مادي تي ڪيميائي عمل ڪن ٿيون ته
باهه پيدا ٿئي ٿي، پر باهه هر شيءِ کي تباهه ڪري
ڇڏي ٿي. اڪثر شيون سڙڻ سان هميشه لاءِ ختم ٿي وڃن
ٿيون. ان حقيقت کي اسان سائنسي دليل ڏيئي ثابت ڪري
چڪا آهيون. اسان پنهنجي اکين سان ڏسي سگهون ٿا ته
نهرا مادا هوا جي ذرڙن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا ڄڻ ته
انهن جو وجود ئي ڪونه هو.
تنهنڪري اهي ماڻهو جن پيغمبرِ اسلام تي ايمان آندو
۽ ڀروسو ڪيائون اهي ڪنهن به لحاظ کان غلطي تي نه
هئا. تيرهن سئو سال اڳ انهن کي ٻڌايو ويو ته هڪ
لحاظ کان اهي لافاني آهن. انهن لاءِ حقيقي موت
ڪونه هوندو. اهي جڏهن دنيا مان جسماني طرح هليا
وڃن ٿا ته اهي ٻي دنيا ۾ پهچي وڃن ٿا. هاڻي پڻ اهو
عقيدو آهي جنهن ۾ ڪابه گهٽ وڌائي ڪونهي ۽ انسان
عقيدي کان سواءِ جانور جي مثل آهي. ڇاڪاڻ ته اهو
ٻڌائي ٿو ته هن کي ڪا سمجهه ڪونهي، اهڙي طرح هر
عقيدو هڪ اعليٰ حاڪماڻي عقل تي ايمان آڻڻ سان پيدا
ٿئي ٿو.
مون شيڪسپيئر جو اهو هڪڙو ننڍڙو بيت توهان جي ذهن
۾ نواڻ پيدا ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو. آئون ڄاڻان ٿو ته
منهنجي پروفيسر ڀاءُ جي تقرير ڪجهه توهان کي ڳوري
لڳي هوندي خاص ڪري انهن کي، جن فلسفو نه پڙهيو
آهي. افلاطون ۽ ڪانٽ جو فلسفو ۽ محاورا مثال طور
”خالص عقل“
Pure Reason
۽ خالص عقل جي ڇنڊ ڇاڻ
(Critique
of Pure Reason)
قياس جي ڇنڊ ڇاڻ
(Critique
of Judgment)
۽ عقل جي ڇنڊ ڇاڻ
(Critique
of Reason)
آسانيءَ سان سمجهه ۾ نه ايندا. پروفيسر پنهنجي
مقالي جي چئن صفحن ۾ ڪافي مواد سهيڙيو آهي. هن
پنهنجي مقالي ۾ جديد مسئلن جهڙوڪ جمهوريت، مساوات
۽ اقتصادي حالتن تي پڻ بحث ڪيو آهي. هن صرف چئن
صفحن ۾ انهن سڀني حقيقتن کي سهيڙي اچي پهچايو آهي.
مون سوچيو ته انهن سڀني شين کي سمجهڻ، توهان جي
لاءِ ضرور مشڪل هوندو. تنهنڪري ڪجهه تبديلي ڪجي ۽
ڪا هلڪي مصالحي لڳل شيءِ هجي ان لاءِ مون هيءَ
شيڪسپيئر جي بيتن مان هڪ ننڍڙو شعر کڻي پيش ڪيو.
اهو قرآني آيتن جو ذري گهٽ لفظي ترجمو هو، جيڪو
خوبصورت به هو. شيڪسپيئر جي شاعريءَ ۾ تمام ٿورا
فقرا آهن، جن کي شاهاڻي رنگ وارا فقرا چئي سگهجي
ٿو. اها هڪ جادوگر جي پنهنجي ناٺيءَ سان مختصر
گفتگو هئي. مون ڪالرج
(Coleridge)
جو پڻ هڪ بيت توهان لاءِ آندو آهي.
ڪالرج اهو بيت ان وقت لکيو هو جڏهن هو پنهنجي زال
سان هني مون ملهائڻ ويو هو. ڪالرج انگريزي زبان جي
شاعري ۾ شاعرن جو شاعر ڪوٺيو ويندو آهي. هيءَ
سنجيدو تيز فهم ۽ بلڪل مٺي آواز وارو شاعر هو. هن
کي الهامي شاعر چيو وڃي ٿو. ان ڪري نقاد يا انگريز
پارکو هن کي شاعرن جو شاعر چون ٿا. هن جا هي ٻه
نظم تمام خوبصورت آهن. جيڪي انگريزيءَ ٻوليءَ ۾
ورلي ملندا ۽ اهي ٻئي نظم هن شادي کان پوءِ پنهنجي
جهوپڙيءَ ۾ پنهنجي زال جي پاسي ۾ ويهي لکيا هئا.
اهڙا نهايت سُريلا نظم مون ڪالرج کانسواءِ ڪنهن
ٻئي شاعر جا انگريزي ادب ۾ ورلي پڙهيا هوندا.
مون سوچيو ته هي شعر توهان کي به ٻڌايان. ڇاڪاڻ ته
افلاطون جا خدا جي باري ۾ خيالات ته الله عقل ڪُل
(Perfect-Reason)
آهي جيئن عربن ان جو ترجمو ”عقل ڪُل“ ڪيو جيڪو
ڪائنات جو الله آهي. اهو سڀ هن بيت ۾ سمايل آهي.
جيڪڏهن توهان ٿڪل نه آهيو ته آئون توهان کي هيءَ
بيت پڙهي ٻڌايان ٿو. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن
ٿورو وڌيڪ توجهه سان ٻڌندا ته توهان سمجهي ويندا.
اهو جهڙوڪ ترنم وارو غزل آهي:
هتي اچڻ کان اڳ مون پروفيسر جميل کي چيو ته اڄ صبح
جو مون کي اهو ڪتاب موڪلي. آئون گهر ويس ۽ مون
پنهنجي گهر واريءَ کي اهو بيت پڙهي ٻڌايو. هوءَ
ڪجهه لکڻ ۾ مصروف هئي. مون هن کي چيو ته ڇا تون هي
بيت نه ٻڌندينءَ ۽ هُن ان کي سؤ دفعا ازخود ٻڌو ۽
گڏوگڏ پڙهيو. پر جڏهن مون پڙهيو ته هن جا لڙڪ
زاروقطار وهڻ لڳا، ان جو هُن تي ايترو اثر ٿيو جو
رڙيون ڪري روئڻ لڳي.
تنهنڪري مون هيءُ ڪتاب پاڻ سان آندو آهي ته اهو
بيت توهان کي به پڙهي ٻڌايان. نظم ٿورو طويل آهي،
جيڪو ڏهن منٽن جيترو وقت وٺندو. نظم جو عنوان آهي
(Aeolian
harp)
يعني اهو ساز جنهن مان سرندي جهڙو آواز اچي. اهو
هڪ قسم جو ساز آهي، جيئن گٽار يا ستار يا سرندو
جيڪو اسين وڄايون ٿا. پر هي ساز جو هڪ اهڙو قسم
آهي جنهن ۾ ڪاٺ جي ٽڪر ۾ تندون ٻڌي وڻ ۾ ٽنگي ڇڏي
ڏنو آهي ۽ جڏهن هوا انهن تندن کي لڳندي آهي ته ان
مان ساز جهڙو آواز ايندو آهي ان کي
(Aeolian
harp)
چئبو آهي. اهو حقيقت ۾ سُرندو ڪونهي.
ڪالرج پنهنجي بيت جو نالو
(Aeolian
harp)
رکيو آهي، هاڻي اهو سوچيو ته هن ائين ڇو ڪيو ۽
اهو نالو ڇو منتخب ڪيو! ڪالرج چوي ٿو ته اسان جا
ذهن ڄڻ ته الاهي سرمنڊل آهن جيڪي آفاقي عقل
(Universal
Mind)
جي اشاري تي ڪم ڪن پيا ۽ جيڪي ڪجهه اسان جا خيال
آهن اهي ان خالص عقل
(Perfect
Mind)
جو نتيجو آهن جيڪو اسان کي هلائي پيو. هن اهوئي
ڪجهه ان نظم ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪالرج،
افلاطون ۽ ڪانٽ جي خيالن کان متاثر ٿيو هو. هن
افلاطون ۽ ڪانٽ کان علاوه ٻين مفڪرن جو پڻ مطالعو
ڪيو هو، هن جڏهن هي بيت لکيو پئي ته اهو سڀ غير
شعوري هن جي ذهن تي تريو پئي تنهنڪري هو پهرين
پنهنجي ذهني سوچ جي حالت ٻڌائي ٿو، پوءِ ان معتبر
ايمان
(Authoritative
Faith)
جيئن هن سمجهيو آهي ان بابت پنهنجو ردعمل ڏيکاري
ٿو.
هاڻي اهو آئون توهان کي پڙهي ٻڌايان ٿو، مون کي
اميد آهي ته توجهه ڏيندا. هو پنهنجي زال جنهن جو
نالو ساره
(Sara)
آهي، هن ڏانهن نهاري چوي ٿو:
My pensive Sara! Thy soft cheek reclined
Tells us of silence
ترجمو: ”منهنجي گم سم ساره، تنهنجو نرم نرم ڳل
منهنجي ٻانهن تي رکيل ڪيڏو نه سٺو ٿو لڳي. (ان سان
گڏ) پنهنجي جهوپڙيءَ جي آڏو ويهڻ اها جهوپڙي جنهن
کي چنبيليءَ ۽ ولائتي مينديءَ جي جهڳٽي وڪوڙي ڇڏيو
آهي. ڪيڏو نه سٺو ٿو لڳي. ڪڪرن کي لاڳيتو تڪڻ، ڪڪر
جيڪي اڳ ۾ روشن چمڪندڙ هئا ۽ هاڻي وڃن ٿا جهڪا
ٿيندا، ۽ سانجهيءَ جو اڀريل تارو ڏسڻ واه جو چٽو
واه جو روشن ٿو لڳي (اهڙي ڏاهپ هئڻ گهرجي) ڪهڙي نه
وڻندڙ آهي ڦلاريل فصلن مان ٿڌڙي هير جي آندل خوشبو
۽ هي جهان ڪيڏو نه چپ چاپ آهي. پري کان سمنڊ جو بي
آواز ڀڻڪو ڇانيل خاموشي جو پيغام ڏي ٿو.
ڪالرج چوي ٿو ته مون وٽ ڪيترن قسمن جا خيال ۽
تصورات مسلسل اچن پيا. منهنجي ذهن کي ڪا شيءِ
مسلسل هلائي رهي آهي.
And what if all animated nature
At once the soul of each and God of all
”ڇا ائين ته نه آهي ته سموري جيوت متنوع ذي روح
ربابن جو مجموعو آهي جن کي هڪ نهايت ذهين ڦوڪ حرڪت
۽ ترنم ۾ آڻي ٿي، جيڪا هر رباب جو روح به آهي ته
خدا به.“
هاڻي انهن پنجن سٽن ۾ اسين وري افلاطون جو تصور
جنهن بابت مون ڳالهايو پئي ته انساني ذهن ڄڻ ته
رباب آهن ۽ هڪ اپار ڦوڪ هنن جي مٿان لڳي ٿي ۽ ان ۾
سُر پيدا ڪري ٿي. مولانا رومي ان کي تمام خوبصورت
انداز ۾ بيان ڪيو آهي ته اهو بانسريءَ جو ڪمال
ڪونهي پر اها ڪنهن ٻئي جي وات ۾ آهي، جيڪو سڄو وقت
هن کي وڄائي پيو.
”بشنو ازني چون حڪايت مي ڪند،
واز جدائي ها شڪايت مي مند.“
(ترجمو:
نڙ (جي ساز) کي ٻڌجو ڳالهيون پيو ڪري، بلڪه دراصل
هو پنهنجي جدائي يا فراق جي شڪايت پيو ڪري).
توهان ڪجهه سمجهيو؟ ڪالرج اهو نظارو بيان ڪري رهيو
آهي، جڏهن هو پنهنجي ونيءَ سان گڏ کٽ تي ويٺو آهي،
جنهن جي چوڌاري چنبيلي جي ول آهي ۽ ان کان علاوه
مينديءَ جي گلن جي ول به ان جي مٿان ڦهليل آهي. هو
چوي ٿو ته اهو ڪيڏو نه خوبصورت نظارو آهي، بادل
جيڪي ڪجهه وقت اڳي ڇانيل هئا، وڃي چڪا آهن. پري
کان سمنڊ جي ويرن جو ڌيمو آواز سندن ڪنن تائين
پهچي رهيو آهي. ٻيو ڪو آواز ان سامونڊي ويرن جي
هلڪي آواز کي ڪونه ٿو رنڊائي ۽ هو ٻئي نهايت پُر
سڪون ويٺا لُطف اندوز ٿي رهيا آهن. هن کان اڳتي
آءٌ ڪالرج جا گهڻا بند ڇڏي ڏيان ٿو ۽ فقط خاص مقصد
وارا هتي پڙهان ٿو:
اي منهنجي محبوبه، جڏهن مان اهڙي هنڌ ليٽي
منجهند جي وقت پنهنجون ٻانهون گهڻو مٿي ڪريان ٿو.
وري جڏهن اڌ ٻوٽيل اکين منجهان آءٌ سج جي ڪرڻن کي
ڏسان ٿو
جيڪي مون کي موتين وانگر ترنگ ۾ نظر اچن ٿا.
جڏهن عجيب مڌر موسيقي هر طرف ڇانئجي وڃي ٿي
جڏهن ڪيترائي اڻ سڏيا خيال ۽ سوچون
منهنجي موڳي ذهن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏين ٿا
اهي هڪ وڄ جهڙي طوفان وانگر اڀري
هن سِتار جي آواز سان هم آهنگ ٿي وڃن ٿا.
توهان محسوس ڪندا ته ڪالرج افلاطون جي زير اثر
آهي، بلڪه هو ڪانٽ جي نظرين ۽ پنهنجي فڪر ۾ به ٻڏل
آهي. گويا هتي هو پنهنجو ردعمل ظاهر ڪري ٿو ۽ اها
ڳالهه منهنجي نقطئه نظر جي وضاحت ڪري ٿي ته عقيدا
مختلف ذريعن سان وجود وٺن ٿا ۽ ايمان انهن سڀني ۾
وڌيڪ اهم آهي، جيڪو پاڻ کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ
اختياريءَ يا اٿارٽيءَ جي ڪري وجود ۾ اچي ٿو.
اڳتي وري هينئن چوي ٿو:
پر منهنجي محبوبه، تنهنجي اها گهُور جيتوڻيڪ ٿورو
ڇينڀي به ٿي، پر اي جاني! اها منهنجا ڪچا ڦڪا خيال
رد نٿي ڪري تاهم مون کي پنهنجي خدا سان نهٺائي سان
هلڻ جو حڪم به ڪري ٿي.
”او مسيحي خاندان جي نياڻي نماڻي! واه جو چيئه! ۽
هن ٻيهر نه جوڙيندڙ ذهن جي ڪارسازين مان، ادب سان
ئي سهي، وڏ به ڪڍئي ته اهي فضول فلسفي جي بڙ بڙ
ڪندڙ چشمي تي حُبابن جيان جڙن ٿا چمڪن ٿا ۽ ڦاٽن
ٿا، ڇو ته اهو ممڪن نه آهي ته آئون هن جو ذڪر
ڪريان ۽ ان ۾ خطا نه ڪريان، جو هو ته سمجهه کان
بالاتر آهي. سواءِ ان جي جو ڪمال عجز ۽ پختي ايمان
سان هن جي حمد و ثنا ڪريان. اهو ايمان جيڪو فقط
محسوس ٿئي ٿو. جنهن جي مهربان ٻاجهه مون کي چيٺي
چڱو ڪيو، جنهن مون هڪ گنهگار، سورن جي ستايل ۽
اونداهه ۾ ڀٽڪيل انسان کي سڪون جي لازوال دولت هٿن
۾ ڏني ۽ هيءَ جهوپڙي ۽ تو جهڙي من جي راڻي مون کي
بخشي ڏني!“
ڪالرج چوي ٿو ته الله تعاليٰ جنهن مون کي اهي سڀ
شيون ڏنيون آهن، جن جو آئون بيان نٿو ڪري سگهان.
آئون عاجزي سان ان جي اڳيان پيش پوان ٿو ته هو
درٻوڌ آهي ۽ منهنجي سمجهه کان مٿي آهي. حضور ڪريم
ﷺ تي تيرنهن سئو سال اڳ هڪ آيت نازل ٿي، جنهن ۾
اهو فرمايو ويو هو ته ”لَا تُدْرِكُهُ
الْاَبْصَارُ ۡ وَهُوَ يُدْرِكُ
الْاَبْصَارَ
ۚ
وَهُوَ اللَّطِيْفُ الْخَبِيْرُ“
( 6: 103). (ڪابه اک هن کي نٿي پروڙي سگهي پر هو
هر شيءِ کي ڏسي پسي ٿو ۽ هو تمام نازڪ خبرون
ڄاڻندڙ آهي.
هو سمجهه کان بالاتر آهي، ان خيال جو اظهار ڪالرج
ايمان جي صورت ۾ ڪيو آهي. جنهن کي هن فلسفي جي
اعتبار کان پرکيو آهي ۽ پنهنجي تصورات جي دنيا کي
خالص عقل
(Perfect Mind)
جيڪو سرندي تي مترنم هو، ان کي بنياد بنايو آهي.
ايمان هن وٽ اعليٰ ذريعن وٽان اچي ٿو. اهو ان
اختياري وٽان حاصل ٿئي ٿو ته الله ان کان تمام
گهڻو وڏو آهي، جيڪو هو سمجهي ٿو. اهو هن کان تمام
ڏورانهون ۽ هن جي سمجهه کان مٿانهون آهي. هڪ
ويچارو ماڻهو جيڪو هر لحاظ کان گنهگار آهي ان کي
ڪهڙو حق آهي ته هن ذات کي ڏسي ۽ چوي ته اهو هينئن
يا هُونئن آهي. ان صورت ۾ هو واپس ايمان ڏانهن
موٽي پنهنجا عقيدا تبديل ڪري ٿو، ۽ اهي اختيار ڪري
ٿو، جيڪي ڪنهن اعليٰ عقل ۽ اٿارٽي کيس ڏنا آهن.
هاڻي توهان صاف فرق ڏسي سگهو ٿا ته اسان ڪيئن
عقيدا رکون ٿا. ايمان ڇا آهي ۽ ٻيا عقيدا ڇا آهن ۽
اسين هڪ ٻئي جي پويان انهن کي ڪيئن تبديل ڪريون
ٿا.
هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن اعليٰ ذهن جي سرداري قبول
نٿو ڪري ته ان سان هو ڇا ٿو ثابت ڪري! اهو ثابت
ڪري ٿو ته هن جي سوچ ۾ اوسر يا ترقي ڪونه آئي آهي
۽ اهو ته هن جي خيال ۾ پاڻ کان وڌيڪ ڪا وڏي شيءِ
ڪونهي. هو تمام اعليٰ انسان آهي ۽ هن کان وڌيڪ ٻيو
ڪو شخص ڪونهي. جنهن کان هو حق ۽ سچ جي شاهدي قبول
ڪري. اهو ائين آهي جيئن ڪنهن آمريڪا نه ڏٺي آهي ۽
هو حيدرآباد ۾ ويٺو آهي. شايد هن کي خبر ڪونهي ته
امريڪا ڪٿي آهي، پر ان شخص جنهن آمريڪا ڏٺي آهي.
اهو هن جي شاهدي قبول نه ڪندو. هو يا ته پاڻ ڏسندو
يا ته هن جي شاهدي قبول نه ڪندو.
اها هن جي ذهن جي ساخت آهي، جنهن ۾ ايمان جو وجود
ڪونهي. جيڪو ڪابه حاڪمي قبول نٿو ڪري ۽ پنهنجي
ذريعن کان علاوه اعليٰ ذريعن مان عقيدا نٿو اختيار
ڪري.
بهرحال جيڪڏهن اوسر جاري آهي ته پوءِ انسان يقيناً
وڌي رهيو آهي ۽ هو يڪدم تسليم ڪري ٿو ته هن کان به
ڪا شيءِ وڌيڪ وڏي آهي ۽ اها اعليٰ هستي هن وقت به
اسان کي معلومات ڏيئي رهي آهي. جيڪا اسان نٿا
ڄاڻون ۽ اها اسان قبول ڪريون ٿا جنهن کي ايمان
چئجي ٿو.
هن وقت تائين مون توهان سان فلسفي بابت ڪونه
ڳالهايو آهي. آئون توهان کي ڪانٽ جي سرمائي خاصيتن(Antimonics)
يا ڪانٽ جي تنقيد
(Critique
of Kant)
يا صاف حاڪمانه اصولن
(Categorical
Imperative)
بابت ڪونه ٻڌايو آهي، پر آئون سمجهان ٿو ته اهو
مشڪل موضوع آهي ۽ ان جي سمجهڻ لاءِ توهان کي گهڻي
مطالعي جي ضرورت آهي. تنهنڪري آئون انهن موضوعن تي
تقرير ڪونه ڪندس پر هتي مون توهان کي عقيدن جي ٺهڻ
بابت آسان طريقو ٻڌائي ڇڏيو آهي. ايمان جي تاريخ
ڇا آهي. ايمان کي ڪيئن تسليم ڪيو ويو، حقيقتن سان
تصديق ڪري ثابت ڪيو ويو ۽ ڪڏهن ۽ ڪيئن اسين انهن
تي ايمان آڻيون ٿا ۽ سلامتيءَ واري پاسي اچون ٿا.
آخري نُڪتو جيڪو پروفيسر حميد ٻڌايو ته جيستائين
توهان اُن خاص نموني نه هلندا ته ختم ٿي ويندا ۽
هن ٻڌايو ته چوڌاري مالڪ جي ڪارسازي پنهنجو عمل
جاري رکيو اچي، اسين ان جو حصو آهيون. پر سمجهو ته
اها ذات ائين آهي ۽ اسين خدا جي ان زنده قوت جو
حصو آهيون. تنهن ڪري اسان کي خبردار ٿي سوچڻ ۽ غور
و فڪر ڪري هلڻ گهرجي.
هاڻي توهان جي جسم ۾ ڇا ٿو ٿئي، فرض ڪريو ته جڏهن
پنهنجي ٻانهن ڪپي ڇڏيو ٿا. توهان کي ڪٿي زخم يا
جلن ٿيندي. ظاهري طرح توهان لاءِ جسم جا جراثيم
ڪوشش ڪري ان کي ختم ڪن ٿا. جيڪي نقصان ڏيندڙ آهن.
جيڪڏهن ان کي ڇڏيو ويو ته زهر گڏ ٿيندو ويندو ۽
ڦرڙي ٿي پوندي پوءِ ڦرڙي ڦاٽي پوندي ۽ زهر ٻاهر
نڪري ويندو. انساني جسم لڳاتار هزار طريقا انهن
بيڪار شين کي خارج ڪرڻ لاءِ اختيار ڪري ٿو. سڄي
ڏينهن ۾ پراڻي چمڙي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ نئين چمڙي فقط
مهٽڻ سان وجود ۾ اچي ٿي. سڀئي بدني اوڄا (Tissue)
زندهه هئا ۽ هاڻي ختم ٿي ويا آهن. جن کي مهٽي
ڇڏجي. تنهنڪري جسم مسلسل نئون ٿي رهيو آهي. هر
گهڙي اهو ختم ٿي وري زنده ٿي رهيو آهي. ختم ٿيل
حصو ڪڏهن به جسم ۾ رهي نٿو سگهي. اهو ضرور ٻاهر
نڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ان کي جسم ۾ ڇڏيو ويو ته اهو
سڄي جسم کي زهريلو ڪري ڇڏيندو.
هو وڌيڪ چوي ٿو ته جڏهن انسان جو ڪوبه ٻچو پاڻ کي
وڏو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پنهنجي باري ۾ وڏا
خيال اٿس ته اهو ختم ٿي ويندو، جيڪو شخص فساد ۽
نفاق پيدا ڪري ٿو، اهو ضرور ختم ٿي ويندو. عاجز کي
ئي عالي بنايو ويندو. فرمان الاهي آهي ته
(بشرالمخبتين) عاجزن کي خوشخبري ٻڌايو. هاڻي فرعون
جي ڪهڙي غلطي هئي جو هو ختم ٿي ويو. قرآن شريف ۾
فرمان آهي ته ”
اِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِي الْاَرْضِ“
(10: 83) هن پاڻ کي زمين تي مٿانهون سمجهيو. هن
چيو ته آئون خدا آهيان. تنهنڪري نابود ٿي ويو. هو
ڇو ختم ٿي ويو! ”نُرِيْدُ
اَنْ نَّمُنَّ عَلَي الَّذِيْنَ اسْتُضْعِفُوْا
فِي الْاَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ اَىِٕمَّةً
وَّنَجْعَلَهُمُ الْوٰرِثِيْنَ“
(5:28)
ترجمو: پوءِ اسان گهريو ته مٿن ٿورو ڪريون، جيڪي
ڌرتيءَ تي نهايت ڪمزور ٿي چڪا هئا ۽ کين اڳواڻ ۽
ڌرتيءَ جو مالڪ بنايون.
خود پسندي ڪم نه ڪندي. اها بيماري آهي. عاجزي
فضيلت آهي. رسول الله ﷺ کي چيو ويو ته عاجزن کي
خوشخبري ڏي ته ڌرتي انهن لاءِ آهي. قرآن شريف
فرمائي ٿو ”يَرِثُهَا
عِبَادِيَ الصّٰلِحُوْنَ“
مون پنهنجي ڌرتي فرمانبردار ٻانهن لاءِ خلقي آهي
نه انهن لاءِ جيڪي پاڻ کي خدا سمجهن ٿا. تنهنڪري
اهي هوا جي جهوٽي وانگر هليا ويندا. اهي ڀلي ڪيترا
به مضبوط ڇو نه هجن. ڀلي پاڻ کي وڏا شهنشاهه يا
قيصر سڏائيندا هجن اهي هوا جي جهوٽي وانگر هليا
ويندا. ”تمر مرالسحاب“ ڪڪر مثل اڏامي ويندا.
پيغمبرِ اسلام اهو ئي 1300 سال اڳ سيکاريو ۽ اسان
ان تي ايمان آڻيندي اهو ثابت ڪيو آهي ته پاڻ صحيح
هئا ته ڪابه ننڍي يا وڏي شيءِ باقي نه رهندي.
شيڪسپيئر جي چوڻ موجب اهي شهنشاهه ۽ قيصر و قصريٰ
هوا جي جهوٽي وانگي هليا ويندا. اهي سڀ ختم ٿي
ويندا جن جو خدا جي منصوبي ۾ ڪو ڪارج ڪونهي. اهي
زندهه رهن ٿا جن کي هو (الله) چاهي ٿو ۽ جيڪي سندس
فرمانبرداري ۽ اطاعت پنهنجي پوري قدرت ۽ عقيدي سان
ڪن ٿا.
ڇا توهان اهي لفظ ٻڌا آهن جيڪي اسين مسلمان روزانو
پنج وقت نماز ۾ پڙهندي چئون ٿا. ”اِيَّاكَ
نَعْبُدُ وَاِيَّاكَ نَسْتَعِيْنُ“
اسين تنهنجا ٻانها آهيون ۽ تنهنجي ئي مدد گهرون
ٿا.
ڇا اڄ ڪو مسلمان اهي لفظ ياد ڪري ٿو. اهو ئي الحمد
جو مطلب آهي. اسان جي پنج وقت نماز پڙهڻ تي افسوس
آهي. اسان اهو سمجهون نٿا. اسان کي شعور ڪونهي
جيڪو ڪجهه اسين چئون پيا ۽ پاڻ کي رجوع ڪريون پيا
۽ اسان جي حيثيت الله تعاليٰ جي اڳيان ڇا آهي. هن
اسان کي خلقيو ۽ اپايو آهي پر اسين اهو سمجهائي
نٿا سگهون ته هو (الله) اسان جي سمجهه کان بالاتر
آهي.
تنهنڪري منهنجا دوستو! مون هي ٻه ڪتاب ڪالرج ۽
شيڪسپيئر جا آندا ته ٿورو ڪجهه توهان کي سوچ لاءِ
آماده ڪجي. آئون ڏيڍ ڪلاڪ ۾ سڄو فلسفو نٿو ٻڌائي
سگهان جيڪو پروفيسر حميد پنهنجي مقالي ۾ تجويز ڪيو
آهي. هن ڪوشش ڪري انهن سڀني ادارن جو احوال ڏنو
آهي ته افلاطون کان ارسطو ۽ ان کان پوين جي تصور
ڪيئن ترقي ڪئي ۽ اسان پاڻ سڃاڻڻ ڪيئن شروع ڪيو ۽
انسان پنهنجن مسئلن ۽ جهيڙن جهٽن سان ڪٿي پهتو
آهي. انسان اهي جهيڙا جهٽا، گارگند ۽ احمقانه ڪم
اڃان ڪري پيو. پر خدمت، اطاعت، محبت ۽ اتحاد ۽ هم
آهنگي هن ۾ ڪونه پيدا ٿي آهي. ان ڪري مون ٿورو اڳ
چيو هو.
بسي ناديدني هاديده ام من،
مرا اي ڪاش کي مادرنه زادي.
ترجمو:
مون گهڻيون ئي اڻ ٿيڻيون ڳالهيون ڏٺيون آهن، ڪاش،
منهنجي ماءُ، مون کي ڄڻي ئي نه ها! |