[ 42 ]
تاريخ جو سبق
[علامه صاحب جو هي خطاب توسيعي ليڪچرن جي
سلسلي ۾ هو، جيڪو هن سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيو.]
جيڪڏهن اسين تاريخ جو وسيع نظريو پيش ڪرڻ گهرون ٿا
جنهن جو مطلب آهي ته ڪائنات جو مڪمل ماضي اسان جي
آڏو هجي ته پوءِ اسان سولائي سان مختصر عرصي يعني
سالن ۽ مهينن دوران ملندڙ تاريخ جي سبقن کي نظر
انداز ڪري سگهون ٿا. ان ڪري اسان ان جو آغاز
’تاريخ جي سحر‘ کان ڪونه ڪنداسين بلڪ ان جو آغاز
انهيءَ سحر جي روشنيءَ کان به اڳ ڪرڻو پوندو جڏهن
اڃان ڌنڌ ۽ اوندهه ڇانيل هئا.
ليڪن هتي اسان تاريخ کي محدود نقطئه نظر کان پيش
ڪنداسين جنهن جو مطلب آهي صرف انسان جو ماضي. پر
ان صورت ۾ اسان انسان کي ڪائنات جو حصو تصور
ڪنداسين ۽ مٿس اهي ساڳيا اصول لاڳو ڪنداسين جيڪي
ڪائنات سان لاڳو آهن ۽ اهي اصول بدلجندڙ ۽ ناقابل
تغير آهن. ان لحاظ کان تاريخ انهن اصولن جو مجموعو
آهي جيڪي ماضيءَ ۾ عمل ڪندا رهيا ۽ جيڪڏهن اسان
انهن کي صحيح سمجهيو ته پوءِ اهي مستقبل ۾ اسان جي
رهنمائي ڪري سگهندا. هن سلسلي ۾ اسان وڌ ۾ وڌ
تاريخ جي تاريخ تي مختصر نظر وجهنداسين ۽ اهو ڏسڻ
جي ڪوشش ڪنداسين ته اها ڪيئن لکجڻ ۾ آئي.
ان پس منظر ۾ ڏسجي ٿو ته غارن ۾ رهندڙ انسان جنهن
غار جي ديوارن تي جانورن جون تصويرون ٺاهيون، ان
هڪ لحاظ کان پنهنجي تاريخ لکي آهي. ساڳيءَ ريت
سڀئي مصور جن ڪابه تصوير ٺاهي آهي ته هنن پاڻ کي
ئي پيش ڪيو آهي. ان کان پوءِ جڏهن انسان پنهنجن
ابن ڏاڏن کي پوڄڻ ۽ حافظي ۾ محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو ته
تاريخ جو آکاڻي (Anecdote)
۽ ڏند ڪٿا وارو دور شروع ٿئي ٿو.
اڳتي هلي تاريخ ۾ رزمين ۽ جنگي داستانن (Epic)
وارو دور اچي ٿو. ان لحاظ کان اليئڊ، يعني يوناني
ڪٿا، مها ڀارت توڻي رامائڻ تخيّل ۽ فن شاعري جو
مثال پيش ڪن ٿا. ان دور ۾ تاريخ هڪ نسل جي مجموعي
تصوير پيش ڪري ٿي پر ان ۾ سڀئي دور گڏيل آهن ۽
سالن يا اڳتي پوئتي وارو تصور غائب آهي.
هتي ان ڳالهه جي وري نشاندهي ڪجي ٿي ته جڏهن چيو
ويو آهي ته ڀارت جي اتهاس ۾ تاريخ نظر ڪونه ٿي
اچي. ان ڪري اهو دهرايو ويو آهي ته ڀارت جو ڪوبه
ڪتاب پراچين دور جي سالن تي مبني تاريخ ڪونه ٿو
پيش ڪري ۽ نه وري ان جي لکجڻ جي ڪا تاريخ يا زماني
جي شاهدي ملي ٿي. ان ڳالهه ۾ وڏي حد تائين سچائي
آهي. ليڪن اهو طعنو صرف ڀارت وارن لاءِ درست ناهي،
بلڪ اهو تاريخ جي ان دور سان عمومي طور لاڳو آهي،
جڏهن انسان ارتقا ڪري رهيو هو. بابل، اسيريا ۽ مصر
۾ به اهڙي صورتحال سامهون اچي ٿي جيتوڻيڪ هو
اهرامن ۽ مورتي لکت جي ڪري ڪيڏا مشهور آهن.
هيساڊ (Heisod)
پهريون شخص آهي جنهن جي لکيتن کي تاريخ سان مشابهت
آهي. پر هو ساڳئي وقت هومرجي الاهيات کي تاريخ ۾
شامل ڪري ڇڏي ٿو. ان باري ۾ ڪوبه تامل ڪونه ٿو
ڪري. هن کانپوءِ ٻيو نالو هيروڊوٽس جو اچي ٿو جيڪو
تاريخ لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ليڪن هو وڌ ۾ وڌ اڳ ۾
بيان ٿيل حقيقت کي عام فهم ڪرڻ تائين پاڻ کي محدود
رکي ٿو. بهرحال هن جو اهو ڌڪي وارو ڪم ڪنهن به
لحاظ کان مثبت تاريخ جي زمري ۾ شامل نٿو ڪري
سگهجي. اهڙو واقعو جيڪو عجيب ۽ انوکي قسم جو محسوس
ٿي رهيو آهي، ضروري ناهي ته اهو ٿيو ئي نه هجي.
ليڪن هيروڊوٽس ائين ڪيو آهي. بهرحال هيروڊوٽس جو
ڪارنامو سندس يوناني ذهن جو تنقيدي تجزيو آهي جنهن
جو هو پاڻ هڪ مثال آهي. هن واقعي جو وڏو مثال
يونانين جو مصر جي بندر ۾
670
قبل مسيح ۾ داخل ٿيڻ آهي. اهو ٻاهرين قومن سان
سندن تعلق ئي هو جنهن جي ڪري هنن هومر جي بيان ڪيل
تاريخي ڳالهين کي شڪ ۽ شبهي سان ڏسڻ شروع ڪيو.
هيروڊوٽس جي گمان تي بيٺل رجحان جو اهو ئي پس منظر
آهي جنهن جي ڪري هو مافوق الفطرت واقعات کي روايت
جي بجاءِ فطري رنگ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
تاريخ جي لکجڻ ۾ ان کي جائز طور هڪ اهڙو عارضي
مقام ڪوٺي سگهجي ٿو جيڪو هڪ قوم جي ٻي ڪنهن قوم
سان تعلق ۾ اچڻ سبب پيدا ٿيو هو. موجوده دور ۾ ان
جو نعم البدل سير و سفر آهي. ڌارين ملڪن جي سفر جي
اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اهي
آريا ئي هئا جن جي قديم تهذيب موجب هڪ هنڌ گهر
ٺاهي ويهڻ لازمي هو. اوائلي ماڳ مڪان آرين جي
تهذيب جو خاص اهڃاڻ آهن. بلڪ هنن ڄاڻي واڻي
سامونڊي سفر جي ممانعت ڪئي. هنڌين ماڳين اچ وڃ ۽
لڏ پلاڻ جي ايڏي حوصله شڪني ڪئي وئي جو ايرانين،
ڀارتين ۽ مصرين ڪڏهن سمنڊ ۾ پير نه پاتو جنهن کي
هو ڪارو پاڻي چوندا هئا. حد ته اها آهي جو اڻويهين
صديءَ جي اڌ تائين، جڏهن هڪ هندو کي انگلينڊ آءِ-
سي- ايس امتحان لاءِ وڃڻو هو ته کيس سماج نيڪالي
ڏني وئي ڇاڪاڻ ته هن کي ڪاري پاڻيءَ مان گذرڻو هو.
هاڻي اسين موضوع ڏانهن واپس اچون ٿا ۽ ڏسون ٿا ته
ستين صدي عيسوي ۾ هڪ اهڙو تاريخي واقعو رونما ٿئي
ٿو، جيڪو آزاد سوچ تحت تاريخ لکڻ ۾ معاون ٿئي ٿو،
جنهن جو اسان هينئر ڪو تصور ڪري سگهون ٿا. انسان
جي هڪ هنڌ باقاعدي ماڳيتي ٿي ويهڻ وارو مقصد جڏهن
حاصل ٿي ويو ته ان کانپوءِ هو متحرڪ ٿئي ٿو. گويا
ان ريت انسان جي تحرڪ ۽ سڪون ۾ هڪ قسم جو توازن
قائم ٿيڻ لڳي ٿو. ان وقت هڪ اهڙو آواز اڀري ٿو
جيڪو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ٿو ۽ اهو چئي ٿو ته
’سفر‘ ڪريو، جيڪو رڳو هڪ شاگرد لاءِ ضروري ناهي
بلڪه هر فرد لاءِ اهو ضروري آهي. ان جا ٽي مقصد
بيان ڪيا وڃن ٿا.
پهريون مقصد آهي ته معلومات حاصل ڪريو، ٻيو ته
گذريل قومن جي آثارن جو اڀياس ڪريو ۽ سندس تاريخ
بابت ڄاڻ گڏ ڪريو ۽ ٽيون ڌرتي تي ڦهليل فطرت جو
مطالعو ڪريو ته جيئن توهان ڪائنات ۽ ڌرتي جي تخليق
۽ انسان جي تخليق کي سمجهي سگهو. اهو ان تعليمات
جو سڌو سنئون نتيجو هو. فقط هڪ صدي اندر ڌرتي جي
هڪ گوشي م انسان نه رڳو ان وقت تائين معلوم ٽن
کنڊن ۾ پهچي ويا بلڪه انهن جي درميان جيڪي ننڍڙا
ننڍڙا ٻيٽ حائل هئا، اتي به پهچي ويا ۽ اهو نئون
سبق جيڪو کين مليو هو تنهن کي اهڙي خلوص ۽ محنت
سان پهچائڻ لڳا جنهن جو تاريخ ۾ اڳ ۾ ڪو مثال نٿو
ملي. اهي افراد نون علائقن ۾ وڃي اتي رهڻ لڳا،
اتان جي ٻولي سکيا ۽ اتان جي ماڻهن جي تمدن، فن ۽
ادب، ماضيءَ جي روايتن وغيره جو مطالعو ڪيو. حقائق
گڏ ڪيا ۽ انهن تي تنقيدي نگاھه وڌي ۽ شاهديون گڏ
ڪيون ۽ جڏهن کين انهن جي درست هجڻ جي پڪ پئي تڏهن
ان کي تاريخ جي حيثيت ۾ لکيائون.
هتي اسين يورپ جي هڪ موجوده وڏي ليکڪ ۽ ماهر سائنس
دان جو اقتباس پيش ڪري رهيا آهيون جيڪو انهن ماڻهن
جي طور طريقي تي وڌيڪ روشني وجهي ٿو.
”عرب محققن جو رجحان نظرياتي هجڻ جي بجاءِ ٺوس
حقائق کي گڏ ڪرڻ طرف هو ۽ هو پنهنجي اهڙي معلومات
کي بلڪل صحيح مقدار ۾ پيش ڪرڻ جا عادي هئا. هڪ
حقيقي ۽ ديرپا ۽ نتيجه خيز سائنسي ۽ ٻي ڇڙوڇڙ قسم
جي سائنسي معلومات ۾ مقداري ۽ وصفي هجڻ جي اعتبار
کان اهو ئي فرق آهي، جنهن تحت ماپ ۽ پيمائش جا
ممڪن حد تائين بلڪل صحيح پيمانا اختيار ڪرڻ لازمي
هو. عربن جي معروضي ۽ مقداري صداقت ئي سندن نشان
امتياز هيون جنهن تحت هو تحقيق ڪندا رهيا ۽ سندن
تحقيق ۾ اهو ئي روح ڪارفرما نظر اچي ٿو. انهيءَ پس
منظر ۾ خليفي مامون عباسي پنهنجي پوسٽ ماسٽر جنرل
ابن خردازبه کي حڪم ڪيو هو ته هو سندس سلطنت جو
هڪ اهڙو نقشو تيار ڪري جنهن ۾ سامونڊي ۽ زميني
رستا جيڪي زير استعمال آهن ڏيکاريل هجن. ان ڪري
بجا طور تي اهو جاگرافيءَ جي ميدان ۾ پهريون ڪتاب
آهي جنهن دنيا جي نئين شڪل کي نروار ڪيو. بلڪه هن
کي چيو ويو هو ته هو هر شهر يا مڪان جي ڊگهائي ۽
ويڪرائي ڦاڪ بابت به معلومات مهيا ڪري.“
اهڙي طرح البيروني چاليھ سال پٿرن جا نمونا گڏ
ڪندو رهيو ۽ هن انهن جا جيڪي خاص وزن ۽ گهاٽائي
وارا تناسب معلوم ڪيا اهي اڄ تائين درست بيٺا آهن.
ابن بيطار وري اسلامي دنيا ۾ گهمي ڦري نباتات جا
نمونا گڏ ڪيا ۽ انهن جي ڀيٽ هندستان، ايران،
يونان، ۽ اندلس جي ٻوٽن سان ڪيائين. هن جو چوڏهن
سؤ ٻوٽن بابت ڪيل ڪم يادگار حيثيت رکي ٿو.
هاڻي انهيءَ سائنسي جذبي ۽ مشاهدي جي مسلسل تحقيقي
انداز کي قديم زماني ۾ غالباً رڳو ذهني سوچ ۽ فڪر
سان مقابلو ڪريو جنهن تي هو مطمئن رهندا هئا.
ارسطو جنهن طبعيات تي لکيو پر هڪڙو تجربو به نه
ڪيائين ۽ ائين تاريخ فطرت بابت هڪڙي مشاهدي يا
حقيقت جي جاچ نه ڪيائين. بلڪه جيئن مشهور آهي ته
ڏاڍي اطمينان سان چئي ڇڏيائين ته مردن کي عورتن
کان گهڻا ڏند آهن. ائين طب جي دنيا جو وڏو نالو
جالينوس جنهن چيو ته انسان جي هيٺين ڄاڙيءَ ۾ فقط
ٻه هڏا آهن ۽ اها ڳالهه تيستائين نا قابل انڪار
رهي جيستائين عبداللطيف نالي سائنسدان اچي انساني
کوپڙيءَ جو مشاهدو ڪيو. مطلب ته عربن حقيقت جي
صداقت ۽ صحيح هجڻ تي ايترو زور ڏنو جو هو اهڙي قسم
جا تحقيقي بيان حلفيه طور دستخط ڪندا هئا.
(تاريخ جا يادگار ڪارناما- ميئر گشٽي ڊر بيٽانڪ
حوالو جرمن تصنيف جلد پهريون)
فن تاريخ نويسي بابت انهن اصولن ۽ طريقن جي
استعمال سان نه رڳو تاريخ جنم ورتو بلڪ ان سان گڏ
انساني معلومات جا ٻيا اهڙا ميدان کلي پيا جن کي
سائنسي علوم قرار ڏنو ويو.
اهو اهڙن عالمن جو وڏو انگ هيو جن نه رڳو تاريخ
دان جاگرافيدان هيئتدان، ڪيمادان، رياضيدان، پٿرن
جا ڄاڻو طبيب ۽ جراح شامل هئا، بلڪ جن ۾ اخلاقيات
۽ ادب جا ليکڪ به هئا.انهن سڀني گڏجي جديد سائنس ۽
ادب جو بنياد رکيو.
پندرهين صديءَ ۾ اهو عظيم فلسفي تاريخ نويس ابن
خلدون ئي هيو جيڪو تاريخ جي جديد فلسفي جو ابو آهي
۽ صحيح معنيٰ ۾ مانٽسڪيو، بڪل ۽ گبن جو پيش رو
آهي. هن ئي پنهنجي دور ۾ خبردار ڪيو هو بلڪ ان تي
افسوس جو اظهار به ڪيو هو. اهي تاريخ نويس جيڪي
تاريخ کي سائنس جي درجي تي پهچائي ويا، اڄ انهن جا
پونير ۽ سندس همعصر واقعن کي محض ٻڌل انداز ۾ بيان
ڪري ڇڏين ٿا ۽ تصديق ۽ تحقيق جو عمل نٿا ڪن جنهن
جي ڪري سندس متقدمين سڃاتا ويندا هئا ۽ جن وٽ
مشاهدي جي پرک کانسواءِ ٻي ڪا حقيقت ڪونه هئي.
ان طرح اسين ڏسون ٿا ته تاريخ ڪيئن سائنس جي درجي
تي پهچي وڃي ٿي جستائين حقائق جو تعلق آهي ۽ ٻي
لحاظ کان جستائين ان کي بيان ڪرڻ يا پيشڪش جو تعلق
آهي ته اها هڪ فن جي حيثيت اختيار ڪري وڃي ٿي
جيستائين اها سچائي تي مبني آهي.
سائنسي تاريخ جي اها روايت اڳتي هلي يورپ وارا
اختيار ڪن ٿا ۽ ان تاريخ جي اصلي توڻي لاطيني
ترجمن جي صدين جي مطالعي ۽ محنت کانپوءِ اتي
مانٽسڪيو، گبن، شِلر ۽ ڪارلائيل جهڙا مورخ پيدا
ٿين ٿا.
انگلينڊ ۾ شلر جي قدمن تي هلندي جيڪو بهترين مثال
سامهون اچي ٿو، اهو ڪارلائيل آهي. هن جي نظر ۾
اسلام ۽ اسلامي تاريخ انتهائي اهميت جا حامل آهن ۽
اها ڳالهه فروڊي پنهنجي شاگرد سان گفتگو ڪندي
نهايت آسان نموني ۾ واضح ڪري ٿو. هو ان ڪري چوي ٿو
ته هڪ سوانح نگار لاءِ هر قسم جي حقيقت کي بيان
ڪرڻ ضروري آهي پوءِ ان جو پڙهندڙ ڪهڙو به تاثر
وٺي.
اها بدقسمتي آهي ته فروڊي پنهنجي استاد جي سوانح
لکندي ان اصول کي بلڪل نظر انداز ڪري ٿو، جنهن
مطابق هن جو چوڻ هو ته مٽيءَ جهڙو خشڪ مواد گڏ ڪرڻ
تاريخدان جو ڪم ناهي. ان روش جو نتيجو انتهائي
خطرناڪ نڪتو. اهو شخص يعني سندس استاد ڪارلائل
جيڪو چيلسا جو بزرگ انسان مڃيو ويندو هو، سندس
انهيءَ سوانح لکڻ سبب اصل اهميت وڃائي ويٺو.
انگلينڊ ۾ اهڙي تاريخ نويسيءَ جا تمام ڀيانڪ نتيجا
نڪتا آهن. انهيءَ ڪري تاريخدان پاڻ کي طاقتور
سمجهڻ لڳو آهي ڇو ته هن جي پيشڪش جو انداز ئي وڏو
فرق پيدا ڪري وجهي ٿو. هو هر قسم جا شڪ شبها هڪ
طرف رکي پنهنجي سموري قوت کي تنگ نظري خاطر
استعمال ڪري ٿو ۽ اهو رحجان آهي، جيڪو هر دور ۾ فن
جي زوال جو سبب بنيو آهي. مطلب ته هو نه رڳو ان
طريقي سان پيشڪش جي انداز جو غلط استعمال ڪري ٿو
بلڪ هو حقائق سان به کيڏڻ لڳي ٿو، ان ريت هو حقائق
کي ٽوڙي مروڙي، گهٽائي وڌائي يا مسخ ڪرڻ کان به
نٿو ڪيٻائي بلڪ هو پنهنجيون ڳالهيون گهڙي ٺاهي
جوڙي بلڪل غلط تصوير پيش ڪرڻ کان به نٿو باز اچي ۽
ان سان هو پنهنجا مخصوص نام نهاد قومي مفاد حاصل
ڪرڻ گهري ٿو. اهڙيءَ طرح هو تاريخ کي تنگ نظر قومي
پروپئگنڊا بلڪ ان کان به ڪريل مقصدن خاطر استعمال
ڪري ٿو. اها افسوسناڪ صورتحال اڄ به جاري آهي،
جيئن اسان موجوده دور جي هڪ وڏي تاريخدان جي لکڻين
مان محسوس ڪري سگهون ٿا. اها رڳو ٻه سال اڳ جي
ڳالهه آهي جو هن ريت ان گوهرافشاني ڪئي.
جيتوڻيڪ اڻويهين صديءَ جي تاريخ سڀني کي چڱيءَ طرح
معلوم آهي، آءٌ ان جي سچي ۽ صحيح تصوير پيش ڪندس،
۽ اها تاريخ جيڪا سياسي مقصدن کان آجي هوندي!
هتي اسين هڪ دفعو وري عربن ڏانهن رجوع ڪريون ٿا ۽
منجهن ڪارفرما روح جي نشاندهي ڪريون ٿا، جيڪو هن
موجوده دورجي برعڪس هو. اچو ته ان جي هتي وري
وضاحت ڪريون پوءِ عربن طب جي ابتدائي معلومات
يونانين کان حاصل ڪئي پر ان فن ۾ بلڪل انقلاب آڻي
ڇڏيو ۽ اهي طبيب ۽ جراح پيدا ڪيا جيڪي اڳ ۾ اڻ
ڄاتل هئا. اهو ئي سبب هو جو سترهين صديءَ ۾ يورپ ۽
سالرنو جي شهرن ۾ ابن سينا جي ڪتاب ’القانون‘ کي
درسي ڪتاب طورپڙهايو ويندو هو، پر حد ته اها آهي
جو اڄ ڏينهن تائين ان جي يوناني طب طور سڃاڻپ ڪن
ٿا. اهڙيءَ طرح هنن ڪيترائي تارا دريافت ڪيا،
هزارين ٻوٽا ڳولي لڌا، پر انهن مان ڪنهن کي به
سندن نالي پٺيان نه سڏيو. ڀلا اڄ امريڪا ۽ يورپ ۾
ڇا پيو ٿئي. هڪڙو ماڻهو ٻئي ملڪ مان ڪو پن يا
ڏانڊي پٽي به آڻي ٿو ۽ اهو سلو جيڪڏهن اتي وڌڻ
ويجهڻ لڳي ٿو ته ان کي پنهنجي نالي پويان سڏي ٿو.
ان جا ڪيئي مثال آهن اهو بُگين ۽ زينيا يا رگلاس
اهي ئي نالا ته آهن. مطلب اهو ذاتي مفاد يا قومي
مفاد پرستيءَ ۾ سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. معمولي
ڪاميابيءَ کي به دنيا جي هر هنڌان تشهير ڪري ايڏو
وڌائي پيش ڪيو وڃي ٿو جو ان انڌ جي عشق ۾ حقائق
کي به مسخ ڪيو وڃي ٿو. ان جو ٻيو ڪو مقصد ناهي
سواءِ ان ’بُت‘ جي جنهن جي پالنا ۽ پرستش ڪئي وڃي
ٿي.
ها پر ان جو ڇا نتيجونڪتو آهي؟ اها تاريخ جنهن جو
مقصد سچائي ۽ حقائق جي تلاش هئي ۽ انسانيت جي ان
لحاظ کان رهنمائي ڪرڻ هئي ته جيئن هو پنهنجي
ماضيءَ مان سبق سکي، اها سڄي ڳالهه پس منظر ۾ هلي
يعني غائب ٿي وئي آهي. اڄ هر قوم تاريخ کي پنهنجي
مفاد خاطر ٽوڙي مروڙي ۽ مسخ ڪري رهي آهي. انهيءَ
ڏينهن هڪڙي مفڪر ڏاڍو صحيح چيو ته جڏهن اسان جي هن
زماني جي تاريخ لکي ويندي ته ان کي ڪوڙن جو زمانو
(The
age of lies)
سان ياد ڪيو ويندو. ڪوڙ کي فن جي درجي تي پهچايو
پيو وڃي، بلڪه آءُ چوندس ته ان کي ئي سائنس بنايو
پيو وڃي ۽ ان ريت سخت مونجهارو پيدا ڪيو پيو وڃي.
اڄ جي ويچاري شاگرد لاءِ تاريخي سچائي تي پهچڻ جو
ڪو رستو نه بچيو آهي. هن ويچاري کي ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جي
درياءَ مان گذرڻو پوي ٿو جنهن سان هو ڪٿي به نٿو
پهچي. وڏي مصيبت اها آهي ته جيڪڏهن هو بلڪل اڻ
واقف آهي ته سڌو دوزخ ۾ پهچي وڃي ٿو.
اسين ان مالڪ وٽان شيطان ملعون کان پناهه گهرون
ٿا.
[ 43 ]
مسلمانن جي تاريخ
هي صدارتي تقرير علامه آءِ. آءِ قاضي صاحب سنڌ
يونيورسٽيءَ اولڊ ڪئمپس جي سينيٽ هال ۾ ڪئي
هئي، جيڪا هن پروفيسر مظهر الدين صديقي، جيڪو
اُن وقت تاريخ جي شعبي جو صدر هو، اُن کان
پوءِ ڪئي هئي.
مسلم تاريخ جا شاگردؤ! خواتين و حضرات! توهان هاڻي
تمام جذباتي ٿي ويا هوندا ۽ ظاهر آهي ته توهان جا
جذبات بجا آهن، پر جيڪڏهن توهان ٻڌڻ چاهيو ٿا ته
توهان کي خاموش رهڻو پوندو.
اهڙا موقعا فقط جوش ڏيارڻ ۽ اُڀارڻ لاءِ نه هوندا
آهن، جو اُن کان پوءِ ڪجهه به نه ڪيو وڃي. اهڙا
موقعا ڪجهه ٺوس حقيقتن کي سمجهڻ لاءِ ملندا آهن ته
جيئن اُنهن کي وساريو نه وڃي. جيڪڏهن توهان اُنهن
کي ٻڌڻ جو جذبو گهٽ رکو ٿا يا سنجيده حقيقتون ٻڌڻ
جي خيال ۾ نه آهيو ته پوءِ يقيناً اسان کي اُنهن
بابت ڳالهائڻ نه گهرجي. پر توهان کي خاموش ۽ متوجه
ٿيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته اها قرآن جي بي ادبي ٿيندي.
هينئر منهنجي هڪ نوجوان دوست قرآن جون چند آيتون
پڙهي ٻڌايون، پر قرآن شريف جي اهڙي تلاوت ڪرڻ مان
ڪهڙو فائدو، جيڪا فقط رسم ۽ عادت بنجي چڪي هجي.
حقيقت ۾ ادب کان سواءِ انسانيت ئي ڪونهي. ادب کان
وڌيڪ ڪابه قيمتي شيءِ ڪونهي ۽ اهو ادب سماج مان
غائب ٿي ويو آهي. اسين فضول شين جو قدر ڪريون ٿا.
اسين پنهنجو پاڻ کي بي وجود شيءِ جي اڳيان جهڪايون
ٿا.
توهان جيڪڏهن ذهني طرح متوجه نه آهيو ته ڪابه شيءِ
سمجهي ڪونه سگهندا. جيستائين ڪجهه ماڻهو ٻڌڻ لاءِ
تيار نه آهن ته اها بي عقلي آهي. آئون چوان ٿو ته
اهو منهنجي لاءِ نه آهي. اهو ان مراد لاءِ آهي،
جيڪو ڳالهايو ويندو. تمام سنجيده حقيقت جنهن جي
اڳيان سڄي ڪائنات مٿو جهڪائي ٿي. اهو تيستائين
ڳالهائي ڪونه سگهبو، جيستائين توهان ذهني طرح تيار
نه آهيو.
محترم قرآن شريف مان هڪ آيت پڙهي، جنهن ۾ فرمايو
ويو آهي ته ”لم تقولون مالاتفعلون“ توهان
اهو نه چئو، جيڪو توهان نٿا ڪريو. توهان ڪجهه شين
جي باري ۾ ڳالهايو ٿا، پر توهان ڪڏهن به ائين نٿا
ڪريو. انهيءَ چوڻ مان ڪهڙو فائدو ته هي ۽ هو اسين
سڀ مسلمان آهيون. اسين هينئن نه ڪنداسين ۽ هونئن
نه ڪنداسين. توهان جو ذهن اُنهن ڳالهين ڪرڻ لاءِ
تيار ڪونهي. توهان فقط اُنهن شين لاءِ چئو ٿا.
هاڻي مسلم لفظ مان مسلم تاريخ نڪتي آهي، جنهن ۾
گهڻين ڳالهين جي معنيٰ سمايل آهي. قرآن جنهن اهو
لفظ آندو آهي، ڪيترين ئي شين جي معنيٰ سمايل آهي.
قرآن جنهن اهو لفظ آندو آهي، ڪيترين ئي شين جي
معنيٰ ٻڌائي ٿو. تنهنڪري جيستائين لفظ جي صحيح
معنيٰ نه سمجهندا، تيستائين مسلم تاريخ ۽ نڪا ٻي
مسلم شيءِ سمجهي سگهندا. مسلم معنيٰ اهو انسان،
جنهن اسلام کي پنهنجي زندگيءَ جو طريقو قبول ڪيو.
قرآن اُن انساني رويي کي چٽو ڪيو آهي. اهو ٻڌائي
ٿو ته توهان سان گڏ ٻيون ڪهڙيون شيون مسلم آهن، جن
جي باري ۾ توهان غور نه ڪيو آهي. مسلم تاريخ معنيٰ
هڪ تمام وڏي شيءِ، ڇاڪاڻ ته هن ڪائنات ۾ ڪيتريون
ئي مسلم شيون آهن، جنهن جي توهان تاريخ معلوم ڪرڻ
چاهيو ٿا. هي فقط مامون ۽ هارون رشيد ڪونهن. اها
سڄي ڪائنات آهي. هتي پهريون فقرو آهي.
اَفَغَيْرَ دِيْنِ اللّٰهِ يَبْغُوْنَ وَلَهٗٓ اَسْلَمَ مَنْ
فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ طَوْعًا وَّكَرْھًا
وَّاِلَيْهِ يُرْجَعُوْنَ
(آل عمران: 83)
ڇا پوءِ الله جي دين کان سواءِ (ٻيو دين) گهرن ٿا.
هوڏانهن جيڪو آسمان ۽ زمين ۾ آهي، سو رضامنديءَ ۽
مجبوري سان سندس فرمانبرداري ڪن ٿا ۽ هن ڏي ئي
موٽايا ويندا.“
”ڇا آئون ڪو ٻيو مذهب قبول ڪريان.“ هو چوي ٿو.”پر
اسلام“ جڏهن ته هن ڪائنات ۾ هر شيءِ ”طوعا“ ۽
”کرها“ اُن مذهب جي اطاعت ڪري ٿي. پهرين فقري کان
پوءِ شروع ٿئي ٿو. ”اَلَمْ
تَرَ اَنَّ اللّٰهَ يَسْجُدُ لَهٗ مَنْ فِي
السَّمٰوٰتِ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ وَالشَّمْسُ
وَالْقَمَرُ وَالنُّجُوْمُ وَالْجِبَالُ
وَالشَّجَرُ وَالدَّوَاۗبُّ وَكَثِيْرٌ مِّنَ
النَّاسِ ۭ وَكَثِيْرٌ حَقَّ عَلَيْهِ الْعَذَابُ.“
(الحج: 18)
”ڇاتو نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾
آهن، سي سج، چنڊ ۽ تارا، جبل، وڻ ۽ جانور ۽ ماڻهن
مان گهڻا الله تعاليٰ کي سجدو ڪن ٿا ۽ گهڻن تي
عذاب نازل ٿي چڪو آهي.“
اهو چوي ٿو، ڇا توهان نٿا ڏسو ته هن ڪائنات جي هر
شيءِ الله جي اطاعت ۽ الله کي سجدو ڪري ٿي ۽ اهي
ڪهڙيون شيون آهن، آسمان ۽ زمين ۾! هر شيءِ جيڪا
زمين ۽ آسمان ۾ آهي. پوءِ تفصيل ٻڌائي ٿو. سج،چنڊ،
تارا، جبل، وڻ، جانور ۽ اڪثر انسان ۽ ٻيا سڀ انسان
جيڪي نٿا ڪن، انهن لاءِ عذاب آهي. تنهنڪري جڏهن
انسانن جو ذڪر اچي ٿو ته ورهاست ٿئي ٿي. ڪجهه
مسلمان آهن ۽ ڪجهه مسلمان ڪونهن، پر ڪائنات ۾
انسان کان سواءِ هي شيءِ مسلم آهي.
هاڻي جڏهن قرآن اسلام جي معنيٰ اها ٻڌائي آهي ته
ساري ڪائنات مسلم آهي ته پوءِ اها ئي مسلم تاريخ
آهي، جيڪا اسين هتي ڳالهايون پيا. جڏهن کان اسان
توسيعي تقريرون شروع ڪيون آهن، اسان تارن سان
شروعات ڪئي آهي. اسان آسمان سان شروعات ڪئي آهي.
اسان سج ۽ چنڊ سان شروعات ڪئي آهي. اسان نجوم ۽
جبال سان شروعات ڪئي آهي. هاڻي اسين ڊاڪٽر اسلم جي
علم نباتات سان شروعات ڪنداسين.
اهو سڀ اسين مسلم جي باري ۾ ڳالهائيندا رهيا
آهيون. هي مسلم تاريخ آهي. اها فقط مسلمان بادشاهن
جي تاريخ نه آهي، جن پاڻ کي مسلمان سڏايو. تنهن
ڪري توهان ڏٺو ته مسلم تاريخ جو قرآن جي مطابق
تمام وڏو ذمو آهي. اهو آسان ڪم ڪونهي. جڏهن توهان
ڄاڻو ٿا ته الله جي ڪائنات ۾ مسلم ڪير آهن.
اهو ئي قرآن اُن جو مفهوم ڪڍي ٿو. الله تعاليٰ وٽ
هر شيءِ مڃيندڙ آهي ۽ هيءَ مسلم آهي. ساڳيو لفظ هي
پسند ڪري ٿو. هاڻي جيڪڏهن اهو ائين آهي ته پوءِ
توهان مسلم تاريخ جي اوچائي گهرائي ۽ ويڪر ڏسي
سگهو ٿا. اهو يا ته معلوم ڪرڻو آهي نه ته اهو فقط
ڏيکاءُ آهي، پر حقيقت نه آهي. تنهنڪري اهو وڏي
ذميواريءَ جو ڪم آهي. ان ئي مفهوم ۾ تاريخ خود
مسلم آهي. اها مسلم تاريخ ڪونهي، پر تاريخ خود
مسلم آهي.
هاڻي انهيءَ اعتبار کان آئون تاريخ کي مسلم سمجهان
ٿو، ڇاڪاڻ ته قرآن جڏهن تاريخ لکڻ ايجاد ڪئي ۽ اڄ
جي جديد دور ۾ تاريخ، جنهن مفهون سان لکون ٿا،
تنهن جو اڳي وجود ڪونه هو. ڪنهن به شخص قرآن شريف
جي نازل ٿيڻ کان اڳ نه تاريخ لاءِ ائين سوچيو هو،
جنهن نموني سان اسين سوچيون ٿا. تاريخ هڪ زنده
رڪارڊ ٿي پئي آهي ته الله تعاليٰ ڪائنات جي تخليق
ڪيئن ڪئي ۽ ڪنهن سان ڪهڙي هلت جو برتاءُ ڪيو؟ هن
جا قانون ڪهڙا آهن؟ اها اسان جي تاريخ بڻجي چڪي
آهي. الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته: ”وڃو ۽ وڃي پنهنجي
اکين سان پنهنجا ماڻهو ڏسو ته مون اُنهن سان ڇا
ڪيو آهي، جڏهن هنن هِن نموني يا هُن نموني جي روش
اختيار ڪئي.“
تنهن ڪري تاريخ خود جيڪا اڄ لکي وئي آهي، اها فقط
ڏند ڪٿا ۽ خيالي ڪهاڻي آهي. حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ
ڪو محقق پيدا ڪونه ٿيو. اهو مسلمان ئي هو، جنهن
اهو سيکاريو ته محقق ڪيئن ٿجي،. حقيقتون قلمبند
ڪيئن ڪجن ۽ نڪي ڏند ڪٿا ۽ نڪو خيالي ڪهاڻيون! دنيا
۾ محقق کي مسلمان ئي سيکاري سگهي ٿو. اڳي تاريخ
پيش ڪرڻ جي لائق ڪونه هئي. هندستان ۾ خصوصاً جتي
اسان رهون پيا ماڻهن کي تاريخ جو تمام گهٽ فهم هو.
اُنهن کي سالن جي خبر ڪونه هئي. ڪوبه اهڙو ڪتاب
ڪونهي، جنهن ۾ اهم واقعن جون تاريخون لکيل هجن.
ڪاليداس ڪڏهن ڄائو هو.ڪنهن کي به خبر ڪونهي. فلاڻو
۽ فلاڻو ماڻهو ڪڏهن ڄائو هو؟ ڪنهن کي به خبر
ڪونهي. اهو سڀ ڏند ڪٿا بنا تاريخ ۽ سال جي آهي. ٿي
سگهي ٿو ته اهي تمام عاليشان ڏند ڪٿائون ۽ خيالي
ڪهاڻيون هجن، پر تاريخي اعتبار کان ڪابه معلومات
ڪونه ٿيون ڏين. ڇاڪاڻ ته تاريخ معنيٰ وقت اندر
ترقي! جڏهن اسين وقت وارو فهم ڇڏي ڏيون ته تاريخ
بي معنيٰ ٿي ويندي. وقت اندر اسان ترقي ڪيئن ڪئي
آهي! اسين وقت اندر انسان ڪيئن ٿيا آهيون! اسان
وقت اندر مسلمان ڪيئن ٿيا آهيون! قرآن شريف وقت
واري معاملي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ”
لِكُلِّ اَجَلٍ كِتَابٌ“
(رعد: 38) هر دور لاءِ ڪتاب آيو آهي. ” لِكُلِّ اَجَلٍ“
هر قوم لاءِ مقرر وقت آهي. انهيءَ کان وڌيڪ اهو
ٿي نٿو سگهي. جڏهن قوم جي ختم ٿيڻ لاءِ وقت اچي ٿو
پوءِ اها هڪ منٽ به اڳتي يا پوئتي نه ٿي ٿي سگهي.
اها ضرور وڃڻي آهي. اهو قرآن شريف فرمائي ٿو.
تنهنڪري وقت تاريخ جو جوهر آهي.
تاريخي ترقي معنيٰ وقت جي اندر ترقي، جيستائين
حقيقت جا انگ اکر ۽ وقت اندر ترقيءَ کي نظر ۾ نه
رکندا ته تاريخ ڪونه لکي سگهبي. ڪائناتي تاريخ به
وقت کي نظر ۾ رکي لکي وڃي ٿي ته ڇا هو! ڇا ٿي پيو،
اڳتي ڇا ٿي پيو! اهو سڀ وقت اندر ڪيئن ٿيو. وقت
ڀلي حقيقي نه هجي، پر تاريخ لاءِ اهو سڀ ڪجهه آهي.
اهو اُن جو جوهر آهي. تنهنڪري وقت اندر سوچ، وقت
اندر حقيقت کي درست نموني لکڻ، اها تاريخ آهي. سڄي
ڪائنات جي تاريخ الله تعاليٰ لاءِ مثال آهي، جيڪا
هن خلقي آهي ۽ جيڪا هن جي سهاري هلي ٿي، جنهن جو
فقط الله خالق نه پر رب به آهي، جنهن کانسواءِ هڪ
سيڪنڊ به سهارو نٿو ٿي سگهي. جنهن هن کي خلقيو آهي
۽ جنهن هن جو وجود آندو آهي. ٻي حالت ۾ اها هڪ
سيڪنڊ ۾ ختم ٿي ويندي.
اهي سڀ شيون هڪ مسلم تاريخ نويس کي نوٽ ڪرڻيون
آهن. مسلم تاريخ جو مضمون جيڪو هتي پڙهايو وڃي ٿو
۽ جيڪو هاڻي مسٽر مظهر الدين صديقي پڙهائيندو ۽
اسان جا سٺا شاگرد سکڻ جي ڪوشش ڪن پيا، پر اُنهن
کي انهيءَ ذمي جي اوچائي گهرائي ۽ ويڪر ڏسڻي
پوندي. اهو تمام وڏو ذمو آهي. انهيءَ کي ڄاڻڻ
ٻاراڻو ڪم نه آهي. اها صرف مسلمان بادشاهن جي
تاريخ نه آهي، پر اها تمام وڏي شيءِ سکڻ آهي.
تنهنڪري جيئن مون چيو ته هي موقعو تمام اهم آهي،
ان ذمي لاءِ جيڪو ان جي اڳيان آهي ۽ ان کي آسان
ڪري نه وٺڻو آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙا موقعا سڀني شين ۽
سڀني ذريعن لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن.
[ 44 ]
تعليمي
نظام بابت ڪجهه ويچار
خواتين و حضرات، هينئر توهان تعليم جي پروفيسر
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نهايت دلچسپ ۽ عالمانه
تقرير ٻڌي. هن توهان کي مختصر طور 1835ع کان وٺي
برصغير ۾ تعليمي ادارن جي تاريخ بيان ڪري ٻڌائي.
اسان تي اڪثر اهو الزام لڳايو ويو آهي ته هن سينيٽ
هال ۾ اسان اڪثر خيالي ۽ آدرشي ڳالهيون ڪريون ٿا.
بلڪه زمين ۽ آسمان جي وچ تي اڏامندا رهون ٿا. مون
تي ذاتي طور غير عملي هجڻ جو الزام آهي. هينئر
جيڪو مقالو توهان ٻڌو ان جي ڪري شرمنده ٿيڻ جي ڪا
ضرورت ڪونهي، ڇو ته ان ۾ گهڻي ڀاڱي پراڻا الزام
دهرايل آهن.
ڊاڪٽر بلوچ توهان کي بلڪل خشڪ حقيقتون بيان ڪري
ٻڌايو آهن ته اسان ڪيئن ماضيءَ ۾ سبق سکڻ کان
انڪار ڪيو ڇو ته اسان وٽ تاريخ ڪا معنيٰ نٿي رکي.
هن ميڪالي جي مسلمانن جي مذهب توڻي ادارن بابت سخت
۽ ناشائسته بيانن جو حوالو پڻ ڏنو، جن جو واسطو هڪ
صدي اڳ سان آهي. ليڪن هتي آءٌ هڪ غلط فهميءَ کي
درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، جيڪا مون اڪثر ميڪالي جي
باري ۾ ٻڌي آهي. عام طور سمجهيو وڃي ٿو ته هندستان
۾ تعليم کي عام ڪرڻ جو مخالفت جو سبب ميڪالي جو
سامراجي مقاصد جي تڪميل خاطر هو. پر اها ڳالهه
مڪمل طور درست ناهي. دراصل اهو وقت اهڙو هو، جڏهن
هر معتبر انگريز اها سوچ رکندو هو ۽ هنن جو پنهنجن
ٻين عام انگريزن ڏانهن به اهو رويو هو.
حقيقت اها آهي ته سڀني آريائي نسل جي ماڻهن ۾ اها
تمام قديم روايت هئي، پوءِ اهي آريا هندستان،
ايران، يونان يا روم جا ڇو نه هجن. اها روايت
برهمن ازم کان به گهڻي پراڻي آهي. فقط هڪ خاص طبقو
پادري يا جنگجو سڄي قوم ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا اهل
سمجهيا ويندا هئا. اها روايت اڃان به قائم آهي.
رومن ڪئٿولڪ فرقي جا عيسائي اڃان تائين چون ٿا ته
نه رڳو پادري ۽ روحاني پيشوا ئي بائبل کي سمجهڻ جو
حق رکن ٿا ۽ باقي ماڻهن جو ڪم آهي ته جيئن انهن کي
ٻڌايو وڃي تيئن ڪن ان لحاظ سان رومن ڪئٿولڪ مذهب ۾
پادري بلڪل پيءُ وانگر آهي، ان ڪري سندس لقب فادر
آهي ۽ باقي عوام جانورن جي ڌڻ وانگر آهي. گذريل
صديءَ جي آخر ڌاري جڏهن انلگينڊ ۾ تعليم کي لازمي
قرار ڏنو ويو، تڏهن به ان روايت جا ڪيترائي پوئلڳ
موجود هئا. البته انگريزن کان هڪ صدي اڳ جرمنيءَ
جي روشن خيال حڪمران فريڊرڪ حضور ڪريم ﷺ جي ارشاد،
’طلب العلم فريضة عليٰ کل مسلم و مسلمة“ (علم جي
طلب هر مسلمان مرد توڻي عورت تي لازمي آهي) کي
پنهنجي ملڪ ۾ حڪم طور نافذ ڪيو هو. انگريزن کي اها
ڳالهه گهڻو پوءِ سمجهه ۾ آئي هئي.
انگلينڊ ۾ لازمي تعليم جو اهو تصور ٻي عالمگير جنگ
کان پوءِ پيدا ٿيو، جيڪو قرآن جي مڃيندڙن کي چوڏهن
سئو سال اڳ ملي چڪو هو. اهو پهريون دفعو تسليم ڪيو
ويو ته تعليم نه فقط فوج جي وڏن عهديدارن جهڙوڪ
جنرل ۽ ڪپتان لاءِ اهم هئي، بلڪه فوج جي هر
سپاهيءَ ۽ عام ماڻهوءُ لاءِ به نهايت ضروري هئي.
ڇاڪاڻ ته جنگ جي آخري مرحلي ۽ آخري ڏينهن تي پڻ
قوم جي هر فرد جي اهليت ۽ ڪوشش ئي آهي، جيڪا فيصله
ڪن ثابت ٿئي ٿي.
بهرحال اسان اڄ ڏينهن تائين اهو سبق نه پرايو آهي.
اسان اڄ به ان فريب ۾ متبلا آهيون ته قوم جي
خوشحالي ان جي چند فردن جي تعليم يافته هجڻ تي
منحصر آهي. اسان اڃان اهو تاريخ جو سبق ياد نه ڪيو
آهي ته جنگ جي آخري ڏهاڙي جو فيصلو به قوم جي
عورتن ۽ مردن جي ڪردار تي آهي ۽ جيستائين اهي ڪنهن
حد تائين ان جو مظاهرو نٿا ڪن ته پوري قوم ختم ٿيو
وڃي. آءٌ جڏهن اهڙيون ڳالهيون ڪريان ٿو ته توهين
مون کي غير عملي يا فقط خيالي دنيا ۾ گم هجڻ جو
طعنو ڏيو ٿا. حالانڪه اها غير عمليت ئي دنيا ۾
صحيح عمليت ۽ ڪاميابيءَ سان هم ڪنار ڪري ٿي. اها
نهايت عجيب بدقسمتي آهي ته دنيا جي وڏي روشن روح
توهان کي تعليم بابت اهڙيون هدايتون ڏنيون، پر
توهان انهن کي مسلسل نظرانداز ڪري رهيا آهيو. ليڪن
اهي انسان ۽ معاشرا جيئن اوائلي اسلامي معاشرو
جنهن ان هدايت تي عمل ڪيو ۽ ان کان پوءِ يورپ خاص
طور جرمن قوم ان تي عمل ڪري اڄ هر ميدان ۾ اڳتي
آهي.
ٻيو اهم نڪتو جيڪو ڊاڪٽر بلوچ زير بحث آندو اهو
مادري زبان ۾ تعليم جو نظريو آهي. هن سلسلي ۾ هن
ڪيترن ئي تعليمي ماهرن جا حوالا پيش ڪيا آهن. آءٌ
صرف ايترو پڇڻ گهران ٿو ته ڇا ان نظريي جي ابتڙ به
ڪا ڳالهه ٿي سگهي ٿي، ڇو ته اها ماءُ ئي آهي، جيڪا
ٻار جي لاءِ فطري ۽ پهرين استاد جي حيثيت رکي ٿي.
ڇا هوءَ پنهنجي مادري زبان کان سواءِ ڪنهن ٻي زبان
۾ اهو ڪم ڪري سگهي ٿي؟ پوءِ اها ٻي ڪهڙي به زبان
هجي؟ سڀئي نفسيات جا ماهر پنهنجي ڳالهه اتان شروع
ڪن ٿا ته ٻار جي تعليم جا اهم مرحلا ابتدائي ستن
سالن ۾ مڪمل ٿي وڃن ٿا. انهن نفسيات جي ماهرن کان
گهڻو اڳي گوئٽي پنهنجو ذاتي تجربو بيان ڪندي افسوس
ظاهر ڪيو هو ته هن ابتدائي ستن سالن جي عمر تائين
جيڪي ڪجهه سکيو هو، اهو اڪثر وساري چڪو هو. حقيقت
۾ ان کي ئي تربيت يا پالنا چئجي ٿو. ان سلسلي ۾ هن
کان وڌيڪ ٻيو ڪو معنيٰ خيز قول ٿي نٿو سگهي،
’الجنة تحت اقدام الامهات‘ يعني جنت ماءُ جي پيرن
هيٺان آهي. اهي فقط اسان نه آهيون، جيڪي پنهنجي
لاءِ دوزخ ۽ جنت تيارڪريون ٿا، بلڪ اسان جون
مائرون جن اسان کي ڄڻيو ۽ پاليو آهي ۽ زندگيءَ جي
ابتدائي ستن سالن ۾ حقيقي استاد جي حيثيت ۾ اسان
جي پرورش ڪئي آهي، جڏهن انسان زندگيءَ ۾ گهڻي ۾
گهڻو متاثر ٿئي ٿو. اهو ئي دور آهي جڏهن والدين
نهايت پيار سان ٻار کي پيار ۽ شفقت سان سيکارين
ٿا. استاد ته اديب آهي، جيڪو ٻار جي اخلاقي
ڪمزورين کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪرڻ جو ذميوار آهي ۽ هو
ٻار کي شعوري تعليم ڏئي ٿو ۽ ضابطي هيٺ رهڻ سيکاري
ٿو. ان ڪري چيو ويو هو ته ’جو ر استاد به ز مهر
پدر‘ يعني استاد جي سختي جيءُ جي شفقت کان بهتر
آهي.
تعليم جو آخري مقصد ذهن کي خوراڪ پهچائڻ آهي ڇو ته
جيئن انسان کي کاڌي ۽ ورزش جي ضرورت آهي، تيئن کيس
ذهني خوراڪ جي به ضرورت آهي. تعليمي نفسيات جو
ماهر ڪنهن ٻار جو مطالعو ڪري صحيح منشور ڏيئي سگهي
ٿو ته هن کي ڪهڙي تعليمي کاڌي جي ضرورت آهي ۽ ڇا
هن کي چٻاڙڻ لاءِ گهربل ڏند آهن؟ بلڪل ائين جيئن
هڪ معالج ڪنهن کي مشورو ڏيندو آهي ته هن کي ڪهڙي
غذا کائڻ جي ضرورت آهي.
تعليم مسلمان مرد توڻي عورت لاءِ لازمي قرار ڏني
وئي آهي، اها عورت لاءِ ان ڪري به ضروري آهي،
ڇاڪاڻ ته هوءَ ٻار کي شروعاتي سالن ۾ سيکاري ي.
هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسان صحيح تعليم ڏيڻ ۾
ڪيئن ڪامياب ٿي سگهون ٿا. تعليم پنهنجي اعليٰ
مفهوم ۾ قرآني الفاظن مطابق فرد کي ان قابل بنائي
ٿي ته هو اونداهيءَ مان نڪري روشني طرف اچي ٿو،
يعني
يُخْرِجُهُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ
(البقره، 257)
پر اڄڪلهه وري اسان جسماني ذهني ۽ روحاني تعليم
بابت ڳالهايون ٿا. ڀلا جي ائين آهي ته پوءِ اچو ته
انهن الفاظن ۾ ڪجهه وڌيڪ امتياز ڪريون. اهو هينئن
ته جسماني تعليم کي جسماني تربيت چئون، ذهني تعليم
مان مراد دماغ جي تعليم وٺون ۽ روحاني مان روح جي
تهذيب يا سڌارو سمجهون. پر اها تفريق انهن ذهنن
لاءِ آهي، جيڪي واقعي سجاڳ آهن ۽ علم حاصل ڪري
رهيا آهن. موجوده دور ۾ اسان جا ذهني مفاد يا ذهني
دلچسپي ڪونهي. اهو ان ڪري جو اسان کي يا ته واقعي
ذهن ڪونهي يا اهو معطل ڪيفيت ۾ آهي. حد ته اها آهي
جو اسان جي ٻارن ۾ به پڇڻ ۽ ڳولا ڪرڻ جو ڪو اهڃاڻ
نظر نٿو اچي، جهڙوڪ اهي گونگا هجن. ان جي مقابلي ۾
يورپي ٻار ماءُ پيءُ کي پنهنجي چوگرد شين بابت
سوال ڪندي ٿڪائي وجهي ٿو. اسان جي اها حالت ڪجهه
صديون اڳ هئي پر هينئر اسين پٿر جي بت وانگر خاموش
۽ جامد آهيون. جيڪڏهن ذهن بيدار ۽ صحتمند آهي ته
ان کي پنهنجي غذا جي بلڪل ائين ضرورت آهي جيئن جسم
کي کاڌي جي ضرورت پوي ٿي.
حافظ چوي ٿو:
عيان نه شد که چرا آ مدم کجا بودم
دريغ و درد که غافل زکار خويشتنم.
معنيٰ: مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آءٌ ڇو آيو
آهيان ۽ ان کان اڳ ڪٿي هوس. افسوس صد افسوس جو مون
کي پنهنجي ڪم يا مقصد جي ڪا خبر ڪونهي.
هينئر ڪوبه ماڻهو اهڙا سوال نٿو ڪري، اسين ڪير
آهيون ۽ هتي ڇو آهيون؟ اسان ڪيئن زنده آهيون؟ ڪنهن
کي به انهن سوالن جي جواب جو فڪر ڪونهي. اسين
مسلسل خواب غفلت ۾ آهيون. اسان کي مڃڻ کپي ته
ڌرتيءَ جي هن خطي ۾ ذهن عمل کان خالي آهن، ڇو ته
اهي احساس ۽ زندگيءَ کان وانجهيل آهن.
اچو ته پاڻ کي پڏائڻ کان پرهيز ڪريون ۽ اجاين
ڳالهين کي ڇڏي حق سچ جو اقرار ڪريون. ڀلا ماضيءَ ۾
مسلمان جسماني آسائشن کان ڇو پري ڀڄندا هئا؟ هنن
تڏهن ڪتب خانا قائم ڪيا ۽ مزارن مقبرن جي تعمير
کان پري رهيا. ان جو مثال آهي ته مامون الرشيد
ڪتابن جو وڏو شوقين هو ۽ هن ڪو مقبرو ڪونه ٺهرايو.
جڏهن قرطبه ۾ مسلمانن وٽ ڇهه لک ڪتاب ڪتابخانن ۾
هئا، تڏهن سموري يورپ ۾ فقط ڏهه ڪتاب موجود هئا.
امام غزاليءَ جي ڪتابن لکڻ جي رفتار موجب هو هر
روز سرتهن صفحا لکندو هو. هو چوندو هو ته مون کي
هر روز صبح جو قرآني آيت والقلم ومايسطرون معنيٰ
هو قلم ۽ مس سان لکن ٿا، جي هدايت مليل آهي.
غزاليءَ جي ڪتابن جو تعداد سون ۾ ٻڌايو وڃي ٿو،
جڏهن ته وفات وقت سندس عمر فقط 52 سال هئي. سندس
زندگيءَ ۾ هڪ مرحلو اهڙو به آيو جو هن محسوس ڪيو
ته سندس ذهن کي جيڪا غذا گهربل هئي، اها بغداد ۾
ڪونه هئي، تنهنڪري هن اها زندگي ترڪ ڪئي ۽ اڪيلائي
۾ وڃي گذارڻ لڳو. ڀلا، مسلمانن ڇو ٻين ڪيترن ٻولين
جي ڪتابن جا عربيءَ ۾ ترجما ڪيا. اهو ان ڪري جو ان
وقت سندن ذهن سجاڳ هئا ۽ انهن کي ذهني غذا جي
ضرورت هئي. انهن جي اهڙي قسم جي غذا جي ضرورت ۾
جيئن پوءِ تيئن اضافو پئي ٿيو ۽ ان ڪري سندس دعا
هوندي هئي.
رَّبِّ زِدْنِيْ عِلْمًا
اي منهنجا رب، منهنجي علم ۾ واڌارو ڪر.
گوئٽي جا آخري الفاظ هئا: وڌيڪ روشني! هاڻي اها
ڪهڙي روشني هئي. اُها اها روشني هئي، جنهن لاءِ
قرآن شريف ۾ چيو ويو آهي ته اها توهان کي
اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ڏانهن وٺي اچي ٿي. اهڙي
شخص جي ضرورت فقط جسماني بُک پوري ڪرڻ نه هوندي
آهي، هو هميشه اهو سوچيندو آهي ته آءٌ خدا جي ڏنل
ذهني ضرورتن کي ڪيئن پورو ڪري سگهندس، جيڪڏهن رڳو
جسماني ضرورتن جو خيال رکندس.
چگو نه طوف کنم درفضائي قدس
که در سرائي چمن ترکيب تخت بندشم..
معنيٰ: آءٌ مقدس فضا ۾ ڪيئن طواف ڪري سگهندس،
جيڪڏهن منهنجو وڇاڻو فقط هيٺ باغ ۾ ٻڌل آهي.
بقول امام غزالي اهو شخص قابل رحم آهي، جيڪو آسمان
ڏانهن نهاري ٿو ۽ سندس نظر فقط تارن تائين محدود
آهي ۽ هو تارن جي اهميت تي سوچڻ کان سواءِ ڪنڌ هيٺ
ڪري ڇڏي ٿو. چنڊ هميشه پنهنجي جاءِ تي نظر اچي ٿو،
پر انسان کي اهو سمجهڻ ۾ به ڪيترو عرصو لڳي ويو
آهي. آخر توهان ۾ ڇو اهو تجسس ڪونهي ته تارن کي
اتي هجڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟ انسان کي ان لاءِ نه
پيدا ڪيو ويو آهي ته هو هڪ مرده روح وانگر گذاري
سٺ سالن کانپوءِ ختم ٿي وڃي. ياد رکو، انسان جي
تخليق ۾ جسم کي ثانوي حيثيت حاصل آهي.
هينئر مسلمانن جو مسئلو اهو آهي ته هو ادارن جي
باري ۾ ائين ڪونه ٿا سوچين جيئن گذريل وقت ۾
سوچيندا هئا. جيڪڏهن اسان ذهني خوراڪ بابت جسماني
خوراڪ جي مقابلي ۾ فقط چوٿين حصي جيترو به سوچيون
ها ته اسان آسانيءَ سان پنهنجي ملڪ جي تعليمي
مسئلن کي حل ڪري سگهون ها. اڄ ٻار کي تعليم ان
لاءِ ڏياري وڃي ٿي ته پڙهي صاحب اقتدار ۽ قوت بنجي
ته جيئن پنهنجي ٻين مغرور ساٿين کي هيسائي سگهي.
هو اها تعليم پنهنجي ذهني ارتقا لاءِ حاصل نٿو
ڪري. در حقيقت هو خواب غفلت ۾ آهي، بلڪه ننڊ ۾ هلي
رهيو آهي ۽ ان ڪري هو پنهنجي ڳالهائڻ سان ڪيترن
معصومن کي نقصان پهچائي رهيو آهي، پر جيڪڏهن هن جو
ذهن سجاڳ هجي ها ته هن جي پهرين پڪار هيءَ هجي ها،
’رَّبِّ
زِدْنِيْ عِلْمًا‘،
يعني او منهنجا رب منهنجي علم ۾ واڌارو ڪر.
اسان کي بجليءَ جي بلب جي روشنيءَ جو ڪيترو انتظار
رهي ٿو، جنهن سان اسان جي جسماني اکين کي شين کي
ڏسڻ ۾ مدد ملي ٿي، پر اسين روح جي روشنيءَ جو ڪو
فڪر نٿا ڪريون، جيڪا حقيقي روشني آهي. مسلمانن کي
اهو احساس ئي ڪونهي ته هنن جو مذهب شروع ئي تڏهن
ٿئي ٿو جڏهن سندن اکيون پنهنجو ڪم مڪمل ڪريو ڇڏين.
اهو ئي سبب هو جو حضرت ابراهيم
"
چوي ٿو ته مون کي انهن شين ۾ ڪا ڪشش محسوس نٿي
ٿئي، جيڪي جلدي گم ٿي وڃن ٿيون. قرآن جا اهي الفاظ
آهن:
لا احب الآفلين
حقيقت يعني آءٌ لهي ويندڙ يا گم ٿي ويندڙن کي پسند
نٿو ڪريان، هو ان تي تڏهن پهچي ٿو، جڏهن سج، چنڊ ۽
تارا هن جي نظرن کان اوجهل ٿي وڃن ٿا. مطلب هي
ظاهري اکيون جيڪي ڪجهه ڏسن ٿيون، اها حقيقت نه
آهي، حقيقيت انهن جي پويان يا اڳتي آهي. هڪ مسلمان
جو مذهب اتان شروع ٿئي ٿو. ڇا اڄ مسلمان اهو سمجهي
ٿو؟ ڇا مسلمانن اهو محسوس ڪيو آهي ته اها ڪم بختي
ڪٿي آهي؟ ان باري ۾ هن جو ذهن ستل آهي.
هن ۾ روشنيءَ لاءِ ڪا تڙپ ڪونهي. هن کي ذهني خوراڪ
جي اشتها ڪونهي. ڪڪڙ جهڙي پکيءَ کي زوريءَ داڻو
کارائي ٿلهو متارو ڪري سگهجي ٿو، پر انساني ٻار
سان اها زبردستي ڪونه ٿي ڪري سگهجي. بلڪه جيڪڏهن
توهان ڪنهن ٻار سان اهڙي زبردستي ڪندا ته الٽو اثر
ٿيندو. هاڻي جيئن اهڙو زبردستيءَ وارو کاڌو غير
هضم رهي ٿو ته اهو انسان کي بيمار ڪري وجهي ٿو.
تنهن ڪري غلط ۽ زوريءَ واري تعليم بيماريون پيدا
ڪيون آهن ۽ پنهنجا ابتا اثر ڏيکاريا آهن. ان ڪري
توهان کي ٻارلاءِ صحيح حالتون ۽ ماحول مهيا ڪرڻو
پوندو ته جيئن هو ملندڙ ذهني خوراڪ کي هضم ڪري
سگهي. اهو بنيادي سبق آهي، جيڪو قرآن هن آيت ۾ ڏنو
آهي:
لا اکراه في الدين
يعني دين ۾ ڪو زور زبردستي ڪونهي
اسان ٻين قومن مٿان پنهنجي فوقيت جو بار بار ذڪر
ڪريون ٿا، پر هن وقت اسان ڪنهن به صورت ۾ يورپي ۽
آمريڪا کان مٿي نه آهيون. ڪنهن وقت هئاسون. اسان
هنن کي سيکاريو، پر هينئر اسان ستل ۽ غافل آهيون.
اسان کي گهرجي ته پهرين سجاڳ ٿيون، پوءِ پنهنجي
سماجي حالتن جو تجزيو ڪري تشخيص ڪريون، جنهن سان
بيماريءَ جو اڌ علاج ٿي ويندو. پنهنجو احتساب
ڪريو. هڪ نفسيات جي ماهر کي معلومات گڏ ڪرڻ ڏيو.
اهڙين فضول ڳالهين تي فخر ۽ جهڳڙو نه ڪريو، منهنجي
ٻولي، مادري ٻولي وغيره. توهان کي ياد رکڻ گهرجي
ته هي ملڪ تڏهن قائم رهندو، جڏهن ان ۾ زنده ذهن
موجود هوندا، جن کي سجاڳ رهڻ لاءِ خاص خوراڪ ضروري
آهي. آءٌ هاڻي توهان کي نٿو روڪيان ڇو ته توهان کي
مغرب جي نماز پڙهڻي آهي.
الله تعاليٰ جي توهان تي رحمت هجي. |