[ 40 ]
استاد جي ذميداري
[علامه صاحب
30-ڊسمبر
1957ع
تي هي خطاب تعليم ۾ ڊپلوما حاصل ڪندڙ استادن
سان ڪيو]
پيارا شاگردؤ، توهان مان گهڻا ڪافي پري کان آيا
آهن. اڄ مون کي الفاظن جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي.
ان جو سبب اهوآهي ته اسان ڪيترن سالن کان مسلسل
ڳالهائي رهيا آهيون پر ڪو نتيجو نٿو نڪري. شايد
ماڻهن تي اهڙيون ڳالھيون مڙهيون وڃن ٿيون، جن لاءِ
هو تيار ناهن. ڳالھائڻ جو به تڏهن فائدو آهي، جڏهن
ان جي واقعي گهرج هجي. هتي مون کي قرآن جي اها آيت
ياد اچي ٿي. پيغمبر ﷺ کي چيوويوته:
فَذَكِّرْ اِنْ نَّفَعَتِ الذِّكْرٰى
(سورة اعليٰ:
9)
يعني انهن کي تڏهن يادگيري ڪراءِ جڏهن هوان مان
فائدو وٺن. مطلب ته جنهن يادگيريءَ مان فائدو ٿئي
تڏهن ڳالھائڻ مفيد آهي.
اهو تمام ضروري آهي ته اسان جيڪي سکون ٿا ان کي ڪم
آڻيون يعني عمل ڪريون، ليڪن سکڻ ۽ پرائڻ لاءِ سچ
جي سمجهه ۽ ڄاڻ ضروري آهي. ڇو ته جيڪو به سچ جي
تلاش ڪري ٿو ته اهو ان کي ڳولھي لهي ٿو. اهڙي طرح
جيڪو سيکارڻ چاهي ٿو ته هو پاڻ ۾ اهڙو ذهن پيدا
ڪري ٿو جيئن هو ائين ڪري سگهي. مثلاً جڏهن اسان کي
ڪنهن شيءِ جي ضرورت هوندي آهي ته اسان اها ڳولھي
هٿ ڪندا آهيون. مطلب ته اصول ۽ قائدو اهو آهي ته
جيڪو ڪنهن شيءِ لاءِ محنت ڪندو ته ضرور حاصل ڪندو
ان ڪري چيو ويو آهي ته:
من طلب شيئاً وجدّ وجَدَ
جنهن شيءِ جي طلب ۾ محنت ڪئي ته اها کيس حاصل
ٿيندي.
سادي ۾ سادو مثال آهي ته اسين کائڻ لاءِ ماني جي
تلاش ڪريون ٿا ته اها اسان کي ڪنهن نه ڪنهن ريت
ملي وڃي ٿي. ان ڪري ڪو سبب نه آهي ته اسين سچ کي
به ان ريت ڳولي لهڻ ۾ ڪامياب ڇونه ٿينداسون
اسان جي سنڌڙيءَ جي شاعر شاھ لطيف ڏسو ته ڇا چيو
آهي:
جئن ٿا پڇن ان کي، تئن جي پڇن پنڌ
هوند رڙهي لڌائون رند ، لٿن لُکَ لطيف چئي.
مطلب جهڙي طرح هوکاڌي جي تلاش ۾ سرگردان آهي تهڙي
طرح جيڪڏهن هو سچ جي راھ جي ڳولها ڪن ها ته اها به
کين ضرور ملي وڃي ها. حقيقت اها آهي ته ماڻهو رڳو
ماني ڳڀي سان زنده رهي نٿو سگهي. هڪ آمريڪي ليکڪ
جيئن چيو آهي ته، ”مون اهڙو ڪو به مرحلو نه گذاريو
آهي، جيڪو زندگي سان ڀرپور نه هجي، ڇو ته زندگي ئي
وڌ ۾ وڌ پياري شيءِ آهي.“
هن سموري بحث جو حاصل ٿيو ته جيڪڏهن توهان پاڻ
پتوڙيندا ته اها شيءِ اوس حاصل ڪري وٺندا. ان لحاظ
کان جيڪڏهن توهان سيکارڻ نه چاهيندا ته ڪڏهن به
سيکاري نه سگهندا. جيڪي راھ جي طلب ڪن ٿا، اهي ئي
راھ لهن ٿا. پر جيڪڏهن توهان کي ان راھ جو فڪر ئي
ناهي ته ٻيو ڪير ڇا ٿو ڪري سگهي.
اڄ مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته اسان جي ڪهڙي حالت
آهي؟ اڄ صبح جو مون امريڪي يونيورسٽي هارورڊ جي
رسالي
CONFLUENCE
جو پرچو ڏٺو، جيڪو هر لحاظ کان جديد چئي سگهجي ٿو.
اهو رسالو بين الاقوامي سطح تي تعليم جي مسئلن
بابت آگاهي ڏئي ٿو. ان ۾ جيڪي ڪجهه مون پڙهيو تنهن
منهنجو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو. ان جو هڪ ليکڪ
نالي مسٽر ليو سلبر مان پنهنجي مقالي ’تعليم جو
تقابل‘ ڪندي چوي ٿو ته هندستان ۾ تعليم گهڻو اڳتي
وڌي رهي آهي، پر لڳو لڳ پاڪستان جي تعليمي صورتحال
گهڻو پوئتي پيل آهي. هن جو مطلب آهي ته پاڪستاني
ان ڪري گهڻو گهٽ آهن.
هتي اچڻ کان اڳ توهان ڪيترن تعليمي ماهرن جا نالا
ٻڌا هوندا جهڙوڪ روسو، پيسٽنالازي ۽ ٻيا ۽ انهن
بابت توهان ڪتابن ۾ پڙهيو هوندو. توهان تعليم ۾
خود اختياري جهڙي مسئلي ۽ ٻين اهڙن مسئلن بابت به
ٻڌو هوندو پر شايد توهان اها تڪليف نه ڪئي هجي ته
اهي مسئلا ڪيئن پيدا ٿيا. توهان اهو به معلوم ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي هوندي ته پيسٽنالازي جيڪي اصول يا
نظريا ڏنا اهي وٽس صدين جي سفر کان بعد ڪيئن پهتا.
توهان ان باري ۾ خيال ئي نه ڪيو هوندو. توهان
پيسٽالازي ۽ مانٽيسوريءَ کان ضرور متاثر ٿيا
هوندا. پر هنن کان اڳ واري تاريخ بابت ڪو غور نه
ڪيو هوندو. انهيءَ ڪري جيڪي ان ڳالهه کان واقف آهن
اهي اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهن ته توهان گهري ننڊ ۾
ستل آهيو ۽ پنهجي تاريخ کان واقف نه آهيو. ڇاڪاڻ
ته توهان ننڊ ۾ هئا، تنهن ڪري توهان احساس ڪمتريءَ
جو شڪار آهيو.
هتي توهان چاهيندؤ ته آءٌ توهان کي توهان جي اها
تاريخ ٻڌايان پر آءٌ ڪٿان شروع ڪريان ۽ ڪٿي ختم
ڪريان. آءٌ انهن ستن صدين جي تاريخ منجهان ڪيترن
مصنفن جا نالا وٺان جيڪي ان کان اڳ ٿي گذريا. جڏهن
يورپ وارن کي ڪا خبر نه هئي. اهو ناممڪن ٿو لڳي
ليڪن هينئر اها حقيقت آهي ته اسين جتي بيهجي ويا
آهيون اتي ئي بيٺل آهيون. تنهن ڪري منهنجي توهان
کي استدعا آهي ته جتي بيٺا آهيو اتي بيٺا هجو، بس
صرف پاڻ سان سچا ۽ وفادار ٿيو. پوءِ توهان استاد
ٿيڻ چاهيو يا شاگرد پر پاڻ کي اجايو دلبو نه ڏيو ۽
ڀنڀلايو نه! جيستائين توهان جي نيت ٺيڪ ۽ ارادا
صحيح ناهن تيستائين توهان زندگيءَ ۾ ڪاميابي نٿا
ماڻي سگهو.
اصل ۾ انگريزن، آمريڪن ۽ جرمن قومن محمد ﷺ جي ان
قول ته
’ان الاعمال بالنيات‘
تي عمل ڪرڻ سکي ورتو آهي انهيءَ ڪري نيت توهان جي
عمل کان وڌيڪ اهم اهي. لهٰذا جيستائين توهان خالص
نيت اختيار نٿا ڪريو ۽ الله جي واسطي ان مقصد کي
پورو نٿا ڪريو، تيستائين توهان پنهنجن ٻارن کي به
صحيح نموني ۾ ڪجهه سيکاري نه سگهندا.
ليڪن ڇا آهي جو اسان مان گهڻا ٻڌن ئي نٿا. اسان هڪ
ڪن کان ٻڌي ٻئي کان ڪڍي ٿا ڇڏيون. انهيءَ ڪري ته
قرآن ۾ ارشاد آهي :
وَلَهُمْ اَعْيُنٌ لَّا يُبْصِرُوْنَ بِهَا ۡ
وَلَهُمْ اٰذَانٌ لَّا يَسْمَعُوْنَ
( ۷/ ۷۹)
ترجمو: ۽ انھن کي اکيون آهن پرانهن سان ڏسن نه ٿا
۽ انهن کي ڪن آهن پر انهن سان ٻڌن نه ٿا.
هاڻي آءٌ ڪٿان شروع ڪريان ۽ ڪٿي ختم ڪريان. اسان
لاءِ هي ڏاڍو ڏکيو وقت آهي. جيڪڏهن اسان کي دنيا
جي آڏو ڪنڌ جهڪائي ڇڏڻو ناهي ته پوءِ اسان کي
جدوجهد ڪرڻي پوندي. هينئر اسان پاڻ کي مذاق جو سبب
بنائي ڇڏيو آهي. آءٌ جتي به وڃان ٿو ته منهنجو ڪنڌ
جهڪيل آهي. اسان جو پنهنجو ٽيون کريل نسل هو ۽ اهو
عمل وڌيڪ جاري رهندو، جيڪڏهن اسان جي استادن ان کي
بدلائڻ جو ارادو نه ڪيو. لهٰذا توهان پنهنجي دل و
جان سان ڪوشش ڪريو ته قوم جي نئين نسل جي تعمير
ڪري سگهو، هنن کي علم جي روشني سان منور ڪريو ۽
کين الله جا بندا بنجڻ ۾ مدد ڪريو!
توهان اقبال جا ڪيترا ئي شعر ٻڌا هوندا جيئن هڪ
شعر ۾ چوي ٿو:
شمع کي صورت هو خدايا ميري
يعني شمع وانگر ٿي ڏيکاريو، جيڪا پاڻ کي ٻاري ۽
ڳاري ٻين کي روشني پهچائي ٿي.
اهو اولين شرط آهي. جيستائين توهان پاڻ کي ڳاريو
نٿا، تيستائين توهان ٻين کي روشني نه پهچائي
سگهندا. اسان جي سنڌ ته باب الاسلام هئي يعني جتان
برصغير ۾اسلام داخل ٿيو. انهيءَ ڪري بغير لالچ ۽
عرض جي فقط خدا واسطي خدمت هتان جي ماڻهن جي طبيعت
۾ شروع کان موجود رهي آهي. هتان جي عالمن پنهنجيون
حياتيون انڌيري کي هٽائن ۽ روشني ڦهلائڻ ۾ صرف
ڪيون آهن. شاھ لطيف چيو آهي:
ٻري جن ٻاري آءٌ نه جيئندي ان ري.
حقيقت به اها آهي ته ان کان سواءِ ڪو به زنده رهي
نٿوسگهي. ان ڪري توهان زندگي کي زندگيءَ جو وسيلو
بنائڻ گهرو ٿا ته پوءِ روشني ڦهلايو. پر اها روشني
تيستائين ڪو نه ڏيئي سگهندا جيستائين توهان پاڻ کي
ٻاريو نٿا. اهو ئي سبب هو جو اسان استادن جي عزت ۽
توقير ڪندا هئاسون ۽ هاڻي ڪو به استادن جي عزت نٿو
ڪري. ڇو ته هو پاڻ سچ ۽ روشني جي عزت ڪونه ٿا ڪن.
گوتم ٻڌ، حضرت عيسيٰ ۽ محمد ﷺ سڀئي استاد ۽ معلم
هئا ۽ انسانيت کي سيکارڻ آيا هئا. انهيءَ ڪي استاد
بنجڻ وڏي ڳالهه آهي پر استاد کي انهيءَ استاد هجڻ
واري مثالي حيثيت جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن کي رڳو
ڏيکاءَ خاطر استاد نه بلڪه حقيقي معنيٰ ۾ استاد
ٿيڻو پوندو. انهيءَ ڪري منهنجو توهان کي مشورو آهي
ته رڳو مڇي مانيءَ جي فڪر ۾ گرفتار نه ٿجو، بلڪ
استاد جي پيشي جي اهميت کي محسوس ڪجو ۽ پنهنجي
پوري صلاحيت کان ڪم وٺجو. توهان هر وقت پنهنجي آڏو
اهو آدرش سامهون رکجو. ڇو ته پنهنجي خالق کي دوکو
نٿا ڏئي سگهو. اهو ئي ڄاڻي ٿو ته توهان کي ڇا
گهرجي. هن ڏانهن روشني لاءِ رجوع ڪيوته توهان کي
اها اتان ملندي. شال سندس رحمتون توهان تي هجن.
[ 41 ]
ليکڪ يا اديب
[علامه صاحب هي خطاب بي- ٽي (BT)
ڪلاس جي شاگردن کي
20
- ڊسمبر 1958ع تي ڪيو.]
اکرن جو استاد (Man
Of Letters)
يا ليکڪ هجڻ جي ڪهڙي اهميت آهي؟ انهيءَ ترڪيب جي
لحاظ سان سائنس جو ماڻهو يا ڪتابي ماڻهو (Man
Of Books)
ڇو نه ٿا چئون. آخر اکرن وارو هجڻ مان ڇا مراد
آهي! ائين کڻي چئجي ته توهان حرفن کي سڃاڻو ٿا ته
اهي ڪيئن گڏجي لفظ لفظ ٺاهين ٿا!
مطلب اکرن کي سڃاڻڻ واري کي هر لفظ جي بڻ بڻياد
تائين پهچڻ گهرجي. مثلاً اڄڪلهه سائنس جي تعليم جو
اصطلاح استعمال پيو ٿئي. هن صورت ۾ توهان پهرين
سائنس، پوءِ وري تعليم جي معنيٰ تي غور ڪندا ۽
پوءِ ڏسندا ته اهو جوڙ معنيٰ خيز آهي يا وري بلڪل
بي معنيٰ ۽ غير سائنسي آهي. ڇا توهان کي تجزيي (Analysis)۽
ترڪيب (Synthesis)
ٻين لفظن ۾ جدا ڪرڻ ۽ جوڙڻ ۾ فرق جي خبر آهي.
تجزيي جي معنيٰ آهي ممڪن حد تائين شيءِ جي جزن کي
ڌار ڪرڻ ۽ ترڪيب معنيٰ انهن جزن کي ڌار ڪرڻ ۽
ترڪيب جي معنيٰ انهن جزن کي توازن سان ملائي وري
اها شيءِ ٺاهڻ. ان لحاظ کان ’سائنسي تعليم‘ جو
تجزيو ڪريو.
پهرين سائنس ڇا آهي جو جواب ٿيندو ته اهي نتيجا
جيڪي اسان تجزبي ذريعي حاصل ڪيا هجن. پر هتي اکرن
واري ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ توهان کي خود لفظ
’سائنس‘
کي
ڏسڻو پوندو ته اهو ڪيئن ٺهيو آهي. ان جو بڻ بڻياد
يا اشتقاق ڇا آهي؟ ان ريت اکرن وارو ماڻهو جڙ يا
پاڙ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته لفظ ڪيئن ٺهن
ٿا. اڄڪلهه اسڪولن ۾ شايد اشتقاق سيکارڻ تي گهٽ
توجه ڏنو وڃي ٿو. اچو ته ڏسون ته اهو لفظ ’سائنس‘
ڪٿان آيو؟ سائنس لفظ لاطيني لفظ
Scio
مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي آءٌ ڄاڻان ٿو. ان
ڪري سائنس جي معنيٰ ٿي ڄاڻ يا علم. ٻيو لفظ آهي
’تعليم‘ جيڪو پڻ لاطيني آهي ۽
e
۽
duco
جو مرڪب آهي يعني ته آءٌ رهبري ڪريان ٿو. هاڻي ان
لحاظ کان ’سائنسي تعليم‘ جو اصطلاح ڪجهه بي معنيٰ
ٿو لڳي. هاڻي جيڪڏهن ’سائنس‘ جي معنيٰ آهي ڄاڻ ۽
تعليم جي ڪنهن حد تائين معنيٰ آهي اوندھ کان روشني
طرف رهنمائي، ته پوءِ آخر ٻنهي جي معنيٰ ٿي ڄاڻ يا
علم. ’لهٰذا ٻنهي کي ملائڻ جو ڪهڙو مفهوم آهي،
جڏهن ٻنهي جي معنيٰ آهي ڄاڻ ۽ علم.‘
توهان روزانو اخبارون پڙهو ٿا. هاڻي جيستائين
توهان ان لفظ
News paper
جو اشتقاق نٿا ڪريو ته توهان ان جي مفهوم تائين
ڪونه پهچندا. هتي به لفظ
news
۽
paper
گڏ آيا آهن. آخر ٻنهي جو ڪهڙو مطلب آهي؟ ظاهر آهي
ته ان مان مراد اهو ڪاغذ آهي جنهن تي خبرون لکيل
آهن.
هاڻي ان لحاظ سان ’سائنسي تعليم‘ جو مطلب ٿيندو
اها تعليم جيڪا مشاهدي ۽ تجربي تي مبني آهي. ان جو
وري مطلب ٿيو ته اهو طريقو جنهن سان توهان ڪنهن
ماڻهوءَ کي اونداهيءَ مان ٻاهر ڪڍي ايندا، اهو
سائنس تي مبني هجي. پر تعليم جو مطلب آهي اها شيءِ
ٻاهر ڪڍي آڻڻ جيڪا توهان جي اندر ۾ آهي. هوڏانهن
سائنس جو مطلب آهي اها ڄاڻ جيڪا حقيقي تجربي ۽
مشاهدي جي ذريعي حاصل ٿئي. بنيادي طور ’تعليم‘
توهان جي ذاتي يا اندروني ترقي آهي. هڪ ٻار ان
حساب سان پنهنجي پسند يا نا پسند کي اختيار ڪري ٿو
۽ ان ريت منجهس اهي دلچسپيون ۽ لاڙا جنم وٺن ٿا.
ٻاهران توهان جيڪا معلومات کيس ڏيو ٿا، اها ڪن خاص
شين ۽ ماحول بابت آهي.
توهان ڪو خاص طريقئه ڪارسکي رهيا آهيو. مثلاً
توهان تاريخ ڪيئن پڙهائيندا ۽ تاريخ پڙهائڻ جو
ڪهڙو مقصد آهي؟ تاريخ منجهان ئي اسان سکون ٿا ته
انسانيت ڪيئن اڳتي وڌي آهي ۽ ڪيئن ترقي ڪئي اٿس.
اهڙي طرح حقائق جو جائزو وٺنداسين. چوندا آهيون ته
فلاڻي دور ۾ ترقي ٿي آهي. پر هڪ ٻئي دور ۾ اها
رڪجي وئي آهي. ان طرح تاريخي حقيقتن جي مطالعي سان
اسين ڪن عمومي نتيجن تي پهچون ٿا. پر ڇا توهان
انهن ڳالھين جي نشاندهي ڪري سگهو ٿا جيڪي ساڳئي
قسم جو نتيجو پيدا ڪري سگهن. ڇو ته تاريخ کي
بهرحال ’علت‘ ۽ معلول يعني اسباب ۽ ان جي نتيجي
طور سمجهڻو آهي.
فرض ڪريو ته توهان کي راڻي ايلزبيت ۽ راڻي وڪٽوريا
جي عهد جي تاريخ پڙهائڻي آهي. ڇا انهن ٻنهي ۾ ڪا
اهڙي مشترڪ ڳالهه آهي جيڪا توهان شاگردن کي ٻڌائڻ
چاهيندئو. ها، ٻه ظاهري ڳالهيون هڪ جهڙيون نظر اچن
ٿيون. ٻئي عورتون هيون ۽ ٻنهي وٽ تاج هيو. پر
توهان کي ان کان اڳتي وڌڻو پوندو. ڇا توهان
ايلزبيٿي ادب جو مطالعو ڪيو آهي، ڇا تاريخ اسان کي
ٻڌائي ٿي ته مختلف عهدن ۾ ادب ڪيئن سرجيو آهي؟
تاريخ ۽ ادب ٻئي جدا شيون آهن، پر بنيادي طور هڪ
ٻئي سان گنڍيل آهن. هاڻي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته
ٻنهي راڻين جي زماني ۾ ڪا خاص ڳالهه ٿي، پر ان جو
نتيجو ساڳيو نڪتو!
سوال آهي ته انهن ٻنهي عهدن جي تاريخ ڪهڙا حالات
پيدا ڪيا. وڪٽوريا جي عهد ۾ جيڪو صنعتي انقلاب
آيو، سو تاريخي لحاظ کان تمام اهم هو. وڪٽوريا جي
عهد کان اڳ ۾ وري فرينچ انقلاب آيو. اهڙي طرح ڏسڻو
آهي ته ايلزبيٿ جي تخت نشين ٿيڻ کان اڳ ڪهڙي خاص
ڳالهه ٿي. اهو انقلاب خون ۽ رت کان پاڪ هو ۽ اهو
هو تجديد يا حيات نو ۽ جاڳرتا
Renaissance
جو انقلاب! ڀلا جاڳرتا يا سڄاڳي
ڇا لاءِ هئي؟ اها انسان جي ذهن توڻي زندگي ۾
اختلافي تحريڪ (Protestantism)
جي روح کي زنده ڪرڻ لاءِ هئي. ڀلا هينري اٺين ڇا
ڪيو؟ هن ئي ته ڪليسا جو اڳواڻ بنجي پاپائيت جو
خاتمو ڪيو.
هاڻي ٻنهي عهدن ۾ جيڪا مشترڪ حقيقت آهي سا اها ته
ايلزبيٿ جي عهد کان اڳ سجاڳي جو زمانو آيو ۽
وڪٽورين عهد کان اڳ فرينچ انقلاب آيو ۽ ٻنهي جي
نتيجي ۾ ادب جنم ورتو. ڇا اسين ٻنهي تاريخي واقعات
کي انهن جو نتيجو تسليم ڪري سگهون ٿا، ڇا تاريخ
اهو ٻڌائي سگهي ٿي ته مختلف دورن ۾ ادب ڪيئن اسريو
۽ اڀريو آهي؟ بلڪ ادب ته ھميشه تاريخي واقعات کان
متاثر ٿيو آهي. ٻئي، سجاڳيءَ جو عهد توڻي فرينچ
انقلاب انساني عقيدي ۾ اصلاح جي ڪوشش هئا ۽ ان ڪري
نئون ادب پيدا ٿيو. عقيدن ۾ اصلاح هميشه تخليقي
عمل کي جنم ڏنو آهي.
ڇا توهان ٻنهي عهدن کي خلافت سان ڀيٽي سگهو ٿا؟ ڇا
توهان انهن ٻنهي تاريخي واقعات ۾ ڪا هڪجهڙائي ڏسو
ٿا؟ آخر ڪيئن اوچتو مسلمان سڄاڳ ٿي پيا ۽ گهڻو
ادبي مواد تخليق ڪري ورتائون. خلافت کان اڳ نبي
ڪريمﷺ جن اچي روشني ڏيکاري ان سان ماڻهن جي عقيدي
۾ اصلاح جو عمل ٿيو ۽ ان سان سندن عملن ۾ هڪ وڏي
تبديلي آئي. مطلب عقيدن ۾ اصلاح جي ڪري نئين ادب
جي تخليق ممڪن ٿي.
تارخ جو مطالعو صرف نالن ۽ سنن کي ياد رکڻ تائين
محدود نه هئڻ کپي. بلڪ ان سان حقائق جي تھه تائين
پهچڻ کپي. تنهن ڪري پهريائين تاريخ کي سمجهو ۽
پوءِ پڙهايو. هتي توهان پڙهائڻ جو طريقه ڪار سکڻ
آيا آهيو ته ڪيئن پڙهائجي پر ان جو مدار ان تي به
آهي ته توهان ڇا پڙهي رهيا آهيو. جيڪو طريقه ڪار
سکڻ چاهي ٿو ان جي ذهن ۾ بنيادي حقيقت جي ڄاڻ هجڻ
لازمي آهي. ان کان پوءِ ان کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته
اهو مواد ٻارن کي پڙهائڻ وقت ڪيئن پيش ڪري سگهجي
ٿو. مطلب جيڪڏهن توهان وٽ مواد آهي ئي ڪونه ته
طريقه ڪار سکڻ اجايو آهي.
انهيءَ ڳالهه تي ڪو تعجب ڪونهي ته اڄڪلهه اشتقاقن
بابت نٿو ٻڌايو وڃي ڇو ته اسڪولن ۾ اهي ڪونه ٿا
سيکاريا وڃن. انهيءَ ڪري صحافي حضرات اهڙي ٻولي ڪم
آڻي رهيا آهن جيڪا هو پاڻ نٿا سمجهن.
سائنسي طريقو تجزيي ۽ تجربي وارو طريقو آهي.
انهيءَ طريقي جي پابندي جو مطلب آهي ته توهان لفظن
جي اشتقاق بلڪ خيالات جي پاڙ تائين پهچڻ جي ڪوشش
ڪريو. مثلاً پاڻيءَ جي باري ۾ سبق پڙهائڻ وقت
توهان ان ريت شروع ڪريو ته اهو پاڻيٺ آهي، بي رنگ
آهي ۽ اُڃ وغيره کي ختم ڪري ٿو. ظاهري طور اها
معلومات ڪافي آهي. پر ڪو چئي سگهي ٿو ته پاڻيءَ
بابت اها سائنسي معلومات ناهي. پاڻيءَ بابت وڌيڪ
معلومات لاءِ ضروري آهي ته ان کان وڌيڪ ڄاڻ هئڻ
گهرجي. يعني ته ان جو تجزيو معلوم هئڻ گهرجي ته
اهو ڇا مان ٺهيل آهي. مثلاً جڏهن پاڻيءَ کي گرم
ڪيو ويو ته ٻاڦ پيدا ٿي ۽ ان کانپوءِ وري توهان ان
نتيجي تي پهتا ته اهو آڪسيجن ۽ هئڊروجن جو مرڪب
آهي. ان ريت سائنسي طريقي موجب معلوم ٿيو ته پاڻي
ڇا جو ٺهيل آهي ۽ اسان ان کان پوءِ مطمئن ٿي
وياسون ته ان کان وڌيڪ تجزيو ممڪن نه هو. ليڪن
ڪجهه وقت بعد هڪ ماڻهو اسان جي ان تجزيي تي کلڻ
شروع ڪري ڏنو ۽ چوڻ لڳو ته آڪسيجن ۽ هئڊروجن جي
دريافت سان ڳالهه پوري ڪانه ٿي وئي. ڇو ته جڏهن
خود هئڊروجن کي وڌيڪ ٽوڙيو ويو ته معلوم ٿيو ته
ايٽم جو بنياد اليڪٽران هو. هاڻي ڪنهن کي خبر آهي
ته هڪ ڏينهن اهڙو به اچي سگهي ٿو جو خبر پوي ته
اليڪٽران کان اڳتي به گهڻو ڪجهه آهي. مطلب ته جنهن
کي اسان مادو (Matter)
ٿي چيو، ان کي ته الائي ڪيترو پوئتي ڇڏي آياسون.
سائنسي معلومات جو اهو ئي مطلب آهي يعني جيڪا
تجزيي ۽ تجربي سان وڌيڪ صحيح ثابت ٿئي. ان لحاظ
کان جيڪڏهن توهان کي سائنس جي معنيٰ جي خبر ناهي
ته پوءِ ان لفظ جو استعمال مذاق کان وڌيڪ ناهي.
اهو اهڙو ئي مذاق آهي جيئن ڪو ماڻهو محاورن جي
اصلي مفهوم کان ئي واقف نه هجي. اهو ئي سبب آهي جو
ٻوليءَ ۾ معنيٰ جو شعور حاصل ڪرڻ لاءِ به توهان کي
تجزيي جي طريقه ڪار مان گذرڻو پوندو. مثلاَ توهان
هڪ دائرو ٺاهيو ٿا. ان جي گهيري جي ڪنهن به حصي کي
قوس (Arc)
چون ٿا. ان مثال ذريعي سمجهو ته اها نا مڪمل ڄاڻ
انهيءَ قوس يعني گهيري جي هڪ حصي وانگر آهي، يعني
جڏهن توهان کي منڍ کان آخر تائين معلومات نه آهي.
هاڻي سمجهوته توهان ان جي هڪ ڇيڙي کان وڌڻ شروع
ڪريو ٿا ته جيئن اهو قوس وڌندو ويندو تهڙيءَ طرح
توهان جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو ويندو. ساڳيءَ ريت
جيڪڏهن توهان قوس جي ٻئي ڇيڙي کي وڌائڻ شروع ڪيو ۽
ائين وڌندا وڃو.
هاڻي فرض ڪريو ته آءُ هڪڙي طريقي کي تجزيو ڪوٺيان
ٿو ۽ ٻئي کي ترڪيب. جيڪڏهن توهان صرف هڪڙي طريقي
کي اختيار ڪري وڌندا رهندا ته توهان جي ڄاڻ جو قوس
وسيع ٿيندو رهندو. پر عقلمنديءَ جي تقاضا آهي ته
ڄاڻ جو دائرو تجزيي سان گڏ ترڪيب سان وڌندو رهي ۽
ٻنهي طرفن کان ان ۾ اضافو ٿيندو رهي تانجو اهو
دائرو مڪمل ٿي سگهي.
ڀلا توهان انسان ۽ ڪائنات بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟ ارتقا
(Evolution)
جي باري ۾ ڄاڻ اسان کي حيوان کان مادي تائين
پهچائي ڇڏيو آهي ۽ اهو مادو جيڪو زنده ناهي. مطلب
اسان مٽيءَ مان ٺهيل آهيون. پر اها به حقيقت آهي
ته مٽي هئي ۽ اسان نه پيدا ٿيا هئاسون ۽ هينئر
اسان موجود آهيون. اسان پوءِ مٽيءَ مان ڪيئن ٺاهيا
وياسون. معلوم ٿو ٿئي ته اسان جي ڄاڻ ۾ ڪنهن شيءِ
جي ڪمي آهي. سموري ڌرتي فقط 92 عنصرن تي مشتمل آهي
پوءِ اهي يا انهن جا ڪجهه حصا پاڻ ۾ ڪيئن گڏ ٿيا
جو زنده شيون وجود ۾ آيون. گويا اسان کي ڪنهن شيءِ
جي معلومات کٽل يا گهربل آهي جنهن لاءِ اسين ڪوشش
ڪري رهيا آهيون.
اهڙي طرح اسان جي علم جو قوس هر وقت وسيع تر ٿي
رهيو آهي. اسان ٻنهي ڇيڙن تي ترقي ڪندا رهون ٿا ته
جيئن اهو دائرو مڪمل ٿي سگهي.
هڪ استاد کي وڌ ۾ وڌ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ
گهرجي. جيستائين هڪ استاد شاگرد جي مقابلي ۾ پنجاھ
دفعا وڌيڪ معلومات نٿو رکي هو شاگردن کي مطمئن ڪري
نه سگهندو ۽ نه چڱي ريت پڙهائي سگهندو. ليڪن اڄ
استاد وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ بابت بلڪل بيپرواھ آهن.
سعدي ءَ چيو آهي ته:
آن خويشتن گم است، کرا رهبري کند
يعني جيڪو پاڻ گم آهي، اهو ٻين جي ڪهڙي رهبري
ڪندو.
حافظ وري هيئن چيو آهي:
اي بيخبر بکوش که صاحب خبر شوي
تا راه بين نه باشي کئي راهبر شوي
در مکتب حقائق پيش اديب عشق
هان اي پسر بکوش ڪه روزي پدر شوي
معنيٰ: اي بي خبرڪوشش ڪر ته تون با خبر ٿئين.
جيستائين تون پاڻ رستو طئي نه ڪيو آهي ته ٻين کي
واٽ ڏيکاريندڙ ڪيئن ٿيندين؟ حقيقي زندگي جي مڪتب ۾
عشق جي استاد آڏو اي پٽ، ڪوشش ڪر ته ڪڏهن تون به
پيءُ بڻجي سگهين!
مطلب جڏهن تو پاڻ رستو نه ڏٺو آهي ته ٻين جي ڪهڙي
رهنمائي ڪندين. تون اڃا پاڻ ٻار ۽ ڇوڪروآهين، پيءُ
بنجڻ لاءِ توکي وقت گهربل آهي. ڀلا هڪڙو انڌو ٻئي
انڌي کي کڏ ۾ ڪيرائڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري
سگهي. هتي اسان جي ملڪ ۾ اهو مسئلو آهي. اسان جي
استادن کي علم سان بهرور هجڻ کپي. جيستائين هو پاڻ
نٿا ڄاڻن ته پڙهائيندا ۽ سيکاريندا ڪيئن؟
توهان ۾ سکڻ جو جذبو هئڻ گهرجي. اسان مان هر هڪ کي
پهرين اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته آءُ ڪير آهيان؟ کاڌو
ڇا آهي؟ پيئڻ جو پاڻي ڇا آهي؟ اهي سوال پڇڻ گهرجن
۽ انهن جا جواب اچڻ گهرجن. انهن سوالن جي جواب
کانسواءِ ماڻهو اڌ انسان آهي!
هتي اسان توهان کي فقط طريقه ڪار جي سکيا ڏينداسون
ته ٻار کي ڪيئن پاڙهجي. ليڪن ان لاءِ اهو لازمي
آهي ته توهان کي اهو اچڻ گهرجي جيڪو توهان کي
سيکاري رهيا آهيون. دنيا ۾ اهڙي ڪا طاقت ناهي جيڪا
توهان کي اهو سيکاري سگهي جيڪو توهان پاڻ نٿا
ڄاڻو. آخرڪار اها توهان جي پنهنجي ڄاڻ ئي آهي جيڪا
توهان شاگردن کي منتقل ڪندؤ. انهيءَ ڪري ڄاڻ حاصل
ڪرڻ واسطي هميشه جذبو ۽ اتساهه رکو.
توهان جڏهن هنن کي لفظ سيکاريو ته هڪ عالم وانگر
کين پاڙهيو ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن توهان کي
لفظن جي پاڙ يا اشتقاقن بابت معلومات هوندي. اچو
ته هڪ ٻيو مثال وٺون. سمجهو ته توهان شاگردن کي
لفظ
Consider
جي معنيٰ سمجهائي رهيا آهيو. عام طور توهان لفظ جي
مروج معنيٰ ئي ٻڌائيندا. پر جيڪڏهن توهان لفظ جي
اشتقاق ڏانهن ويندا ته ڏسندا ته اهو
Can
۽
Sidar
جو مجموعو آهي.
Can
جي معنيٰ آهي گڏ ۽
Sidar
جي معني آهي ستارو. هاڻي ڏسو ته هن هڪڙي لفظ ڪيڏي
تاريخي معنيٰ ٻڌائي ڇڏي آهي.
Sidar
۽ ستاري ۾ بلڪل معنوي ۽ صوتي هڪجهڙائي آهي. ان ريت
اسين رومن ماڻهن جا سوٽ بنجي وڃون ٿا. ايراني ان
کي ستاره چون ٿا ۽ اسين ان کي تارو چئون ٿا. مطلب
ان ريت ساڳيو هڪڙو لفظ مختلف قومن جي استعمال هيٺ
آيو آهي. ڏسو ته علم صوتيات ۾ ڪيڏي نه تاريخ لڪل
آهي. ان کانسواءِ اهو پڻ معلوم ٿيو ته اهو لفظ علم
هيئت سان واسطو رکي ٿو. مطلب ماڻهو سوچ سمجهه ۽
عقل جي استعمال کي ڇڏي پنهنجي ڄاڻ کي ستارن سان
وابسته ڪندا هئا. گويا لفظ تڏهن وجود ۾ آيو هو
جڏهن اڃا سوچ سمجهه جو استعمال شروع نه ٿيو هو.
دماغي انسان اڃا ظاهر نه ٿيو هو جو هو ڪا آزاد سوچ
ويچار ڪري سگهي. انسان سوچ ويچار جو عمل آهستي
آهستي اختيار ڪيو آهي. هن سلسلي ۾ ٻه طريقا اختيار
ڪيا ويا. هڪڙو هيو نجوم يعني ستارن جو حساب ڪتاب ۽
اهو ڇڪي راند وانگر هو. جيڪڏهن مورت نڪتي ته ڪم
ڪبو، پر جيڪڏهن اکر نڪتو ته ڪم نه ڪبو. يونانين ۽
ٻين آرين قومن نجوم جي بجاءِ سوچ ويچار کي اختيار
ڪيو. توهان مان هتي ڪنهن ’لگن لينا‘ (ٽپڻو) الفاظ
ٻڌا آهن. ها پر اهي الفاظ هاڻي ختم ٿي ويا آهن جو
پنڊت ئي مري ويا آهن. پنڊت ستارن ۽ برجن مان ئي
معلوم ڪندا هئا ته ڪنهن ڪم لاءِ مناسب وقت آيو آهي
يا نه! ’قران السعدين‘ ٻن ڀاڳ وارن تارن جو ويجهو
اچڻ ضروري سمجهيو ويندو هو. مگر هاڻي ان جي جاءِ
تي سوچ ويچار ۽ عقل کان ڪم ورتو وڃي ٿو. رومن
ماڻهن جو طريقو وري سوڻ وٺڻ وارو هو. اهو لفظ
aug
مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي پکي ۽ ان لفظ
augury
جي معني آهي ته پکي جي اڏام مطابق عمل ڪجي. ان
لحاظ سان لفظ تي ذرا ويچار ڪريو جنهن جو بنياد به
اهو لفظ آهي. ليڪن اڄڪلهه لفظ
inauguration
هڪ ٻي معنيٰ ۾ مستعمل آهي. بجاءِ ان جي اصلي معنيٰ
جي ته پکين کي اڏامندي ڏسڻ ۽ سوڻ وٺڻ.
هتان معلوم ٿيو ته ڪيئن انساني تهذيب هزارين سالن
جو سفر طئي ڪيو آهي. انساني تهذيب جي تاريخ ان ريت
لفظن جي استعمال منجھان معلوم ڪري سگهجي ٿي. اهڙي
طرح مختلف ٻولين ۾ لفظن جي اهڙي تاريخ تي
ويچاريندي اسان اهو معلوم ڪري سگهون ٿا ته ڪهڙيون
قومون پاڻ ڳنديل يا ويجهيون آهن. گويا لسانياتي
يعني ٻولين جي تاريخي ۽ تقابلي مطالعي سان اهو
معلوم ٿي سگهي ٿو ته ڪهڙيون قومون سوٽاڻ ۾ آهن.
اهڙي طرح هڪڙي لفظ جو تجزيو ان جي پٺيان پوري
تاريخ کي نروار ڪري سگهي ٿو. مطلب ته جڏهن توهان
اهڙيءَ طرح لفظن جي ڀڃ گهڙ ڪريو ٿا ته توهان اديب
يعني
Man Of Letters
سڏجڻ ۾ اچو ٿا. لفظن کي ڀڃڻ جي اهڙي عادت ته جيئن
سندن پاڙ يا بڻ معلوم ڪري سگهجي توهان جي ذهن کي
کوليندو ۽ ائين توهان کي هزارين لفظن جي معنيٰ
ملڪل چٽي ٿي آڏو اچي بيهندي. منهنجي لفظن جي ان
ريت ڀڃ گهڙ واري عادت مون کي لفظن جي اهڙي معنيٰ
سان واقفيت بخشي آهي جيڪا ڪنهن لغات ۾ ڪونه ٿي ملي
۽ ان ريت مون کي تاريخ جون اهڙيون حقيقتون ڄاڻڻ جو
موقعو مليو آهي جيڪي تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪونهن. اهو
سادو ۽ سولو طريقو آهي پر توهان کي ان لاءِ پاڻ ۾
اها عادت پيدا ڪرڻي پوندي. لفظ جي پاڙ تائين وڃي
ان جي معنيٰ معلوم ڪريو. هڪ استاد جي اها پهرين
خاصيت هجڻ کپي. تجزيي ۾ دلچسپي وٺو ۽ ان کي اوليت
ڏيو. تجزيو ئي ڄاڻ کي وڌائي ٿو. ٻيءَ صورت ۾ اهو
محض ڌڪو آهي.
اڳين وقتن ۾ استاد ۽ والدين ٻارن کان هن قسم جو
سوال ڪندا هئا.
عيان نشد که چرا آمدم کجا بدم
دريغ و درد که غافل ز کا رخوشيتنم
ان بيت جو مطلب ڪجهه هن ريت آهي:
”آءٌ هن دنيا ۾ ضرور ڪنهن مقصد خاطر آيو آهيان پر
ان جي مونکي خبر ناهي. مان سخت اونداهيءَ ۾ آهيان،
پر ان کان وڌيڪ افسوس اهو آهي ته مان پنهنجون
ڪوششون زندگيءَ جي ان مقصد لاءِ وقف ڪونه ڪري رهيو
آهيان.“
هن زماني ۾ ڪوبه اهڙو سوال نٿو ڪري. ماڻهو کائڻ
پيئڻ کانپوءِ ڪچهري ڪري وقت گذارين ٿا. پر جڏهن هن
زندگيءَ کان گذري اڳتي ويندا ته توهان کي خبر
پوندي ته اهو کاڌو پيتو ۽ ڪچهري ته مقصد هئا ئي
ڪونه!
جيڪڏهن ڪو توهان کي موت بابت خبردار ڪري ٿو ته ان
مان به توهان سجاڳ ڪونه ٿا ٿيو. ليڪن هڪ سچ آهي ته
عظيم انسان ڪڏهن به جانورن وانگر زندگي گذارڻ سان
مطمئن ڪونه ٿيا آهن. گوتم ٻڌ جهڙي انسان پنهنجو
سمورو عيش عشرت ۽ شهزادن واري زندگيءَ کي ترڪ ڪري
ڇڏيو ته جيئن زندگيءَ جو راز معلوم ڪري سگهي ۽ ته
اها ڪيئن گذارجي؟سياڻا ماڻهو ضرور ڪوشش ڪن ٿا ته
اها ڪهڙي شيءِ آهي ۽ پوءِ ان کي ڳولي لهن ٿا. ان
ريت جڏهن ڪو انسان پنهنجي لاءِ اهڙي شيءِ ڳولي لهي
ٿو ته پوءِ هر قسم جو اطمينان محسوس ڪري ٿو ته
واقعي هن زندگي گذاري. توهان کي شاگردن کي ٻڌائڻو
پوندو ته زندگي ڇا آهي ۽ موت ڇا آهي ورنه اهي
جانورن کان به بدتر هوندا. جيئن قرآن چوي ٿو:
كَالْاَنْعَامِ بَلْ هُمْ اَضَلُّ سَبِيْلًا
(اعراف: 179)
ترجمو: اهي جانورن وانگر آهن، بلڪه انهن کان به
وڌيڪ گمراهيءَ تي هلندڙ. توهان شين لاءِ هن دنيا ۾
روئيندي آيا هئا ۽ ماءُ جو اهڙو ڪهڙو ٻار آهي،
جيڪو روئيندو نه آيو آهي. پر توهان هتان
مسڪرائيندا وڃو. اهوئي معيار يا ڪسوٽي آهي.
گوتم ٻڌ جيڪي آخري الفاظ چيا هئا سي هن ريت هئا:
”منهنجا ٻارؤ، منهنجا دوستو، مون کي اهڙي زندگيءَ
جي ڪا ضرورت ڪونهي، جنهن کي توهان زندگي سمجهو
ٿا. اهڙي زندگيءَ کان جيترو جلد مڪتي حاصل ڪريان
اوترو بهتر.“
انهيءَ ڪري هو هن زندگيءَ مان مسڪرائيندي روانو
ٿيو. اسان جيڪڏهن هن وانگر زندگيءَ مان مسڪرائيندي
روانا نه ٿياسون ته ڄڻ اسان زندگي اجائي گذاري.
توهان جيڪڏهن شاگردن کي اهو نٿا سيکاري سگهو ته
توهان هنن جي ۽ پنهنجي زندگي ضايع ڪري رهيا آهيو.
ڪنهن چيو آهي:
چهل سال عمر عزيزت گذشت
مزاج تواز حال طفلي نگشت
معنيٰ؛ تنهنجي عمر جا پورا چاليهه سال گذري ويا پر
تنهنجو اهو ٻاراڻو مزاج ڪونه بدليو.
يا جيئن هڪ مصرع آهي:
گو ساله ما پير شد ولي گاؤ نشد
چاليهن سالن گذرڻ بعد به هو ٻار جو ٻار آهي. جڏهن
ته ٻار کي وڌي وڏو ٿيڻ گهرجي ۽ هن کي پيءَ بنجڻ
کپي.
مهربانؤ، اهو سکو جيڪي توهان کي ڪرڻو آهي. اهو
تمام وڏو ڪم آهي. ان کي پئسن ۽ رپين ۾ نه ماپجو.
توهان بهترين انسان آهيو ۽ علم وارا آهيو.
آخر ۾ آءٌ اهوئي چوڻ چاهيندس جيڪو هن شعر ۾ آهي:
تو بندگي چو گدا يان بشرط مزد مکن
که يار خود روش بنده پروري داند
ترجمو: تون گداگرن وانگر تابعداري ڏوڪڙن ملڻ جي
آسري يا عيوض خاطر نه ڪر. ڇو ته تنهنجو سڄڻ پاڻ
ٻانهن کي نوازڻ ڄاڻي ٿو!
ڪرايي ۽ ڏوڪڙن ملڻ جي آسري تي خدمت نه ڪريو، نڪي
کاڌي جي لالچ تي پاڻ کي وڪڻي ڇڏيو.
اڄ مون توهان کي گهڻو ڪجهه ٻڌايو آهي، جيڪو شايد
توهان کي سوچڻ تي مجبور ڪري. سو ان ڳالهه تي ڌيان
ڌريو. فقط اهي سکيا جا طريقا ڪم جا ناهن. انهن کي
اصلي جڙ يا پاڙ تائين پهچڻ ڏيو. پاڻ کي سڃاڻو ۽
پاڻ کي اوندھه مان ڪڍي سوجهري ۾ آڻيو ۽ پوءِ ٻين
جي رهنمائي ڪريو.
آءٌ وري به چوندس:
آن خويشتن گم است، کرا رهبري کند
معنيٰ: جيڪو پاڻ واٽ وڃائي ويٺو آهي، اهو ٻين کي
ڪهڙو ڏس ڏيندو! |