سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي

باب:

صفحو:11 

[  13  ]

شاگرد يونين کي خطاب

[علامه صاحب هيءَ تقرير 27 جنوري 1954ع تي شاگرد يونين جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ڪئي، جيڪا پهريون دفعو سنڌ يونيورسٽي ايڊيوڪيشن جرنل ۾ شايع ٿي هئي.]

منهنجا محترم پروفيسرس صاحبان، شاگرد ۽ شاگردياڻيون، خواتين وحضرات! اهڙين تقريبن جي موقعي تي مون ٻين هنڌن تي ڏٺو آهي ته مقرر اتي اڪثر جوشيليون ۽ فصيح تقريرون ڪندا آهن، پر هتي اڄ شام جو آئون ڊنل ۽ خاموش آيو آهيان، ڇو ته آئون چڱي طرح سمجهان ٿو ته اسين اڄ ڪٿي بيٺا آهيون. اهو منهنجو هن يونيورسٽيءَ ۾ اڍائي سالن جو تجربو ٻڌائي ٿو. آئون هن هال ۾ گذريل ارڙهن مهينن کان هر هفتي ڳالهائيندو رهان ٿو. هتي گفتگو جي ڪا پڄاڻي ڪونهي. تقريرون جاري آهن، پر انهن جو نتيجو توهان ۽ اسان ڄاڻون ٿا.

آئون اڄ شام جو اهو سوچي توهان کي ٻڌائڻ آيو آهيان ته اسان جي هيءَ ڪاوش ڪامياب ڪو نه وئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته خاموشي ڪامياب وڃي. گذريل هفتي ڪراچيءَ ۾ جيڪا گفتگو ۽ تقريرون ٿيون، انهن مون کي ان نتيجي تي پهچايو آهي ته تقريرن مان ڪو کڙتيل نٿو نڪري، جيڪڏهن پنج منٽ خاموش ويهي غور ۽ فڪر ڪجي، ته اهو ڪلاڪن جي تقرير کان وڌيڪ مقصد وارو هوندو. اڄڪلهه ريڊئي جو سڄي دنيا ۾ چوويهه ئي ڪلاڪ واڄٽ پيو پوي. روزانه اخبارن ۾ وڏين سرخين سان  خبرون نمايان نظر اچن ٿيون. اهو ڀڀڪو ۽ واڄٽ مسلسل جاري آهي، پر ان جو ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو مقصد ڪونهي. اڄڪلهه مقرر بهترين تقريرون ڪن ٿا، جيڪي جملن جي چٽسالي ۽ خيالن کي جهٽڻ وارن اصطلاحن ۽ محاورن سان ڀريل آهن، پر ان مان ڪو مقصد حاصل نه ٿيو آهي.

هڪ ڀيري افتتاح ڪندي مون لفظ (Inauguration) جي معنيٰ سمجهائي هئي. مون چيو هو ته (Augury) اڳ ڄاڻ يا سڻس مان اخذ ڪيل آهي. جيستائين توهان جي يونين ڪي شرائط پورا نٿي ڪري ته اهو اڳ ڄاڻ (Augury) لاءِ سٺو سوڻ ڪونهي. توهان ڏٺو ته گذريل دفعي ڪهڙو حشر ٿيو. مهورت ڪشائي کان پوءِ بجاءِ يونين يعني اتحاد جي لڳ ڀڳ ڇهه مهينا نفاق جاري رهيو. شاگرد (مرد ۽ عورتون) ۽ پروفيسر سڄو وقت پاڻ ۾ وڙهندا رهيا. اها يونين جي پهرين افتتاحي تقريب مون کي ياد آهي، جڏهن آئون انگلينڊ مان موٽي آيو هئس، هن ٻي مهورت جي موقعي تي آئون خاموش ۽ هراسيل آيو آهيان، اها اميد رکي آيو آهيان ته هيءَ تقريب توهان ۾ اتحاد پيدا ڪندي. جيئن مون چيو ته اسان هن وقت خاموشيءَ ۾ پوئتي پيل آهيون. خاموشي پڻ هڪ قسم جي گفتگو آهي. فطرت پنهنجو اظهار خاموشيءَ سان ڪندي آهي. ڪراچيءَ ۾ مون پنهنجي تقرير ۾ حافظ جو حوالو ڏنو هو، جيڪو فرمائي ٿو:

بصوت بلبل وقمري اگر ننوشي ميءَ

علاج کي کنمت آخر الدواءُ الکي

يعني جيڪڏهن بلبل ۽ قمري جي آواز ٻڌڻ سان توکي نشو نٿو ٿئي ته پوءِ تنهنجو ڪهڙو علاج ڪجي. ان جو آخري علاج ڏنڀ ڏيڻ آهي!

اهڙي طرح بلبل ۽ قمري جو آواز به نٿو متاثر ڪري ته پوءِ ان مرحلي تي مون کي اقبال جي هڪ سٽ ياد آئي. مون يونيورسٽيءَ ۾ اردوءَ جي پروفيسر کان پڇيو ته مهرباني ڪري ٻڌايو ته اها ڪهڙي ڪتاب ۾  آهي، جيڪا مون کي وسري وئي آئي، اها هڪ سٽ هيءَ هئي.:

خدا اگر دل فطرت شناس دے تجھ کو

سکوت لالہ و گل سی کلام پیدا کر۔

جيڪڏهن الله تعاليٰ توکي فطرت شناس دل ڏي ته پوءِ ڪوشش ڪري گل لاله ۽ گلاب جي گل جي خاموشيءَ سان گفتگو پيدا ڪر.

پهرين خاموشي اختيار ڪري پوءِ فطرت جو مطالعو ڪريو، جيڪا خاموشي گفتگو پيدا ڪري ٿي. لاله گل کي زبان ڪونهي، پر ڳالهائي ٿو، گلاب جي گل کي زبان ڪونهي، پر ڳالهائي ٿو. تنهنڪري خاموشيءَ واري زبان سکو. بلبل ۽ قمريءَ کي ڇڏي ڏيو، جيڪي ڳالهائين ٿيون ۽ ڳائين به ٿيون. لاله ۽ گل جي خاموشيءَ مان گفتگو پيدا ڪريو. پوءِ مون ڪتاب ۾ ڏٺو ته ٽي چار ٻيون سٽون به هيون، جيڪي تمام دلچسپ ۽ موقعي سان ٺهڪندڙ هيون. مون سوچيو ته هي موقعو آهي ته انهن سٽن بابت ڳالهائجي.

هاڻي پهرين آئون توهان کي ان جي تاريخي پس منظر جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندس ته اقبال اهي سٽون ڪٿي ۽ ڪيئن پڙهي ٻڌايون. اقبال 1934ع ۾ گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ انگلينڊ آيو هو. لنڊن ۾ مقيم ڪيترائي مسلمان سندس رهائش گاهه تي هن سان ملڻ لاءِ آيا هئا، مسٽر محمد علي جناح هن جي سامهون ويٺو هو. اسين سڀ ميز جي چوڌاري ويٺا هئاسون. عمر حيات ملڪ، اقبال جو تعارف ڪرايو ۽ ڪجهه الفاظ هن جي باري ۾ چيا. مسٽر ٿيوڊور موريسن (Theodore Morrison) اقبال جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته هي اسان جي آرنولڊ (Arnold) جو شاگرد آهي. پوءِ اقبال اٿي ڳالهايو. پهرين هن چيو ته جيڪي ڪجهه  مون مذهب جي باري ۾ حاصل ڪيو آهي اهو مون فقط پنهنجي والد کان سکيو آهي. هو ٿيو ڊور موريسن جي تاثرات جو جواب ڏيئي رهيو هو. پوءِ هن چيو ته اڄ آئون، هتي ٻيو ڪجهه به نه پر جيڪو مون پنهنجي پٽ جاويد جي خط جو جواب لکيو آهي ۽ ڪجهه سٽون مون هن کي لکيون آهن، اهي توهان کي پڙهي ٻڌائڻ چاهيان ٿو. اهو خط 1934ع ۾ ڏانهنس جاويد لکيو هو، جيڪو هاڻي چوويهن پنجويهن سالن جو هوندو. پوءِ اقبال اهي سٽون پڙهي ٻڌايون جيڪي هاڻي بال جبرئيل ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويون آهن.

دیارِ عشق میں اپنا مقام پیدا کر

نیا زمانہ نئی صبح و شام پیدا کر۔

عشق جي دنيا ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪري پاڻ لاءِ نئين زماني ۾ نوان ڏينهن راتيون پيدا ڪر. مون کي خبر نه آهي ته هو ڪهڙي قوم کي مخاطب هو. ڇا هو نوجوان جاويد جي معرفت پنهنجي قوم کي مخاطب هو؟ ان ڳالهه کي اڻويهه سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، جڏهن هن اهو تحرير ڪيو ۽ چيو هو. اقبال تي الله تعاليٰ جي رحمت هجي. اهو موقعو مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي. جڏهن اسين سڀ اتي چانهه جو ڪوپ پي رهيا هئاسون. محمد علي جناح بلڪل هن جي سامهون ويٺو هو ۽ ٻڌي رهيو هو.

”ديار عشق مين اپنا مقام پيدا ڪر“ ان کي اڻويهه سال گذري ويا آهن پر ڪنهن هڪ به اسان جي ملڪ ۾ ان سڏ کي صحيح نموني نه سمجهيو آهي، ان کي پڙهيو يقيناً هوندو، پر صحيح ٻڌو نه هوندو. پوءِ ان کي پڙهڻ ۽ ڳائڻ مان ڪهڙو فائدو! ڇا ڪنهن ديار عشق ۾ اهو مقام پيدا ڪيو آهي جنهن کان سواءِ اتحاد ممڪن ڪونهي.

اقبال وڌيڪ چيو آهي ته:

اٹھانہ شیشہ گران فرنگ کے احسان

سفال ہند سے مینا و جام پیدا کر۔

میرا طریق امیری نہیں فقیری ہے

خودی نہ بیچ غریبی میں نام پیدا کر۔

ڇا اهي سٽون ڪنهن کي سمجهه ۾ آيون آهن، حضرات! اقبال اهي سٽون پڙهيون هيون ۽ سندس آواز اڃا تائين منهنجن ڪنن ۾ گونججي پيو. آزاديءَ کي ڇهه سال گذري ويا آهن پر ڪٿي به ان جو اثر نظر نٿو اچي. ان جي هڪ لفظ تي به عمل نه ڪيو ويو آهي، هو چوي ٿو ”خودی نہ بیچ، غریبی میں نام پیدا کر“۔ انهن لفظن جي معنيٰ ڇا آهي! ڇا هو اسان کي ڪا نئين ڳالهه چئي رهيو هو؟ هو فقط اسان کي هڪ ڳالهه ياد ڏياري رهيو هو جيڪا هڪ پراڻي عظيم هستي حضور ڪريم ﷺ جن فرمائي هئي ته "الفقر فخري" غربت منهنجي لاءِ فخر آهي.

ڪارلائل جو چوڻ آهي ته دوستيءَ جو بنياد سٺين خوبين تي آهي. ڇا ٻه شخص جن ۾ چڱائي نه آهي، دوست ٿي سگهن ٿا؟ آئون توهان کان پڇان ٿو ته اهو ممڪن آهي! خراب شخص دوست نٿا ٿي سگهن، ڇاڪاڻ ته اهي الڳ رستي تي هلي رهيا آهن، دوست هميشه ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندا آهن. اهي هڪ رستي تي هلندا آهن جيڪو بلڪل سڌو آهي، جنهن تي ماڻهو گڏ هلي سگهن ٿا ٻيءَ صورت ۾ هر هڪ لاءِ الڳ رستو آهي. جڏهن آئون چوان ٿو ته منهنجا مفاد الڳ آهن، توهان جا مفاد الڳ آهن ته پوءِ اسان ڪيئن ساڳيئي رستي تي هلي سگهون ٿا! اهو الله تعاليٰ وارو رستو ڪونهي، جيڪڏهن اسان وٽ ويهه هزار شيطان آهن ته پوءِ اهو سڌو رستو ڪيئن ٿي سگهي ٿو هر هڪ پنهنجي رستي تي هلي ٿو، جيڪو شيطاني آهي.

ڇا اها ڪا نئين ڳالهه آهي، جيڪا آئون چوان پيو! نه! اها نئين ڪونهي، اها ساڍا تيرهن سئو سال اڳ چئي وئي آهي. اتحاد ڇا آهي؟ اتحاد (يونين) جي ڇو ضرورت آهي، اتحاد ڪيئن پيدا ٿئي ٿو ۽ ڇا اتحاد جي باري ۾ ڪو قرآن شريف ۾ ذڪر آهي! هائو! اهو هڪ سٽ ۾ آهي:

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ حَقَّ تُقٰتِھٖ وَلَا تَمُوْتُنَّ اِلَّا وَاَنْتُمْ مُّسْلِمُوْنَ  وَاعْتَصِمُوْا بِحَبْلِ اللّٰهِ جَمِيْعًا وَّلَا تَفَرَّقُوْا  ۠وَاذْكُرُوْا نِعْمَتَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ كُنْتُمْ اَعْدَاۗءً فَاَلَّفَ بَيْنَ قُلُوْبِكُمْ فَاَصْبَحْتُمْ بِنِعْمَتِھٖٓ اِخْوَانًا (175:4)

پر توهان نفاق جو حل ڪڍي ڪونه سگهندا، جيستائين الله جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان نٿا جهليو. الله تعاليٰ جي رسيءَ کي جهلڻ کان سواءِ اتحاد ناممڪن آهي. قرآن شريف فرمائي ٿو، توهان الله تعاليٰ جي نعمت ياد ڪريو، ان کان اڳ توهان هڪ ٻئي جا دشمن هئا. ”اذ کنتم اعداءَ“. هڪ ٻئي سان مستقل وڙهي رهيا هئا. هڪ عرب جو ٻئي عرب جي ڳچيءَ ۾ هٿ هو. پوءِ اسان توهان جي دلين ۾ محبت پيدا ڪئي ۽ توهان کي پاڻ ۾ ڀائر ڪري ڇڏيو. توهان رات جو هڪ ٻئي جا دشمن ٿي ستل هئا ۽ ٻئي ڏينهن اٿڻ سان هڪ ٻئي جا ڀائر ٿي پيا ۽ هڪ ٻئي لاءِ جان ڏيڻ لاءِ به تيار ٿي ويا. مالي مدد ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا ته جيڪي مون وٽ آهي، اهو تنهنجو آهي، جيڪڏهن اها حالت قائم آهي ته پوءِ عليحدگي ممڪن ڪونهي.

اهو معجزو ڪيئن ٿيو ۽ ڪنهن ڪيو! اهو تڏهن ممڪن ٿيو، جڏهن هنن الله تعاليٰ جو رستو اختيار ڪيو. قرآن شريف وڌيڪ فرمائي ٿو ته ”وَاَلَّفَ بَيْنَ قُلُوْبِهِمْ  ۭ لَوْ اَنْفَقْتَ مَا فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا مَّآ اَلَّفْتَ بَيْنَ قُلُوْبِهِمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ اَلَّفَ بَيْنَهُمْ ۭاِنَّهٗ عَزِيْزٌ حَكِيْمٌ“ (63:8)

”جيڪڏهن توهان دنيا جا سڀ خزانا ۽ پوري ڪائنات خرچ ڪريو ها ته به انهن جي دلين ۾ محبت پيدا نه ڪري سگهو ها، جيڪا اسان انهن جي دلين ۾ پيدا ڪئي آهي. دولت خرچ ڪرڻ سان هڪ ٻئي سان محبت نٿي پيدا ڪري سگهجي. اهو سڀ ڪجهه جيڪو توهان کي ڏنو ويو آهي، خرچ ڪرڻ کان پوءِ به محبت پيدا نه ٿي سگهندي. ڇو ته فقط الله تعاليٰ ئي محبت پيدا ڪري سگهي ٿو، ٻيو ڪو به نه!

هاڻي الله تعاليٰ محبت پيدا ڪري ٿو، مان ڇا مراد آهي؟ ان جي اصطلاحي معنيٰ آهي سچ، نيڪي ۽ صداقت، جيئن آئون اڪثر اهو ورجائيندو آهيان. محبت يقينا ٻئي ڪنهن عنصر ۾ رهي نٿي سگهي. اها نفاق ۽ عليحدگيءَ ۾ نٿي رهي سگهي. اها جهڳڙي ۽ ناانصافيءَ سان قائم نٿي رهي سگهي. اها هن زهريلي آلودگيءَ واري ماحول ۾ جنهن ۾ اسين رهون پيا، رهي نٿي سگهي. محبت اهڙي ماحول  ۾ قائم رهي سگهي ٿي، جنهن کي خدائي ماحول (Divine atmosphere) چئجي ٿو. ڪنهن امير ماڻهوءَ جي دولت خرچ ڪرڻ سان ماڻهن ۾ محبت پيدا نٿي ڪري سگهجي. اها فقط سچ، نيڪي ۽ صداقت سان پيدا ڪري سگهجي ٿي. اها الله تعاليٰ جي شاهدي آهي. تنهنڪري مون ڪارلائل جي الفاظن ۾ چيو ته فقط چڱائيءَ ۾ دوستي ممڪن آهي.

منهنجا دوستو! پر اسان اها زندگي سچ، چڱائيءَ ۽ صداقت کان الڳ ڪري ڇڏي آهي. تنهنڪري مون کي يقين هو ته يونين جو افتتاح بلڪل اهڙو هوندو، جيڪو منهنجي ٽن سالن جو تجربو آهي ته شروعات ئي چڱائيءَ کان مختلف آهي. خود افتتاح جي موقعي تي جهڳڙو ٿيو. هر شخص کي پنهنجو مفاد ۽ مقصد عزيز آهي. پوءِ ٻڌي ڪيئن وجود ۾ اچي سگهندي ۽ ڪيئن ڪم ڪري سگهندي. هر شخص ڪونه ڪو عهدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. پر هن جي سامهون ڪو مقصد ڪونهي. الله تعاليٰ جي رضا کي هو تسليم نٿو ڪري. سچ جي هن کي خبر ڪونهي. نيڪي هن ڏٺي ڪونهي. صداقت کان هن کي بخار آهي. پوءِ هو ڪيئن هٿ هٿ ۾ ڏيئي متحد ٿي سگهي ٿو.

دولت اتحاد نٿي پيدا ڪري سگهي. فقط الله تعاليٰ انهن ۾ اتحاد پيا ڪري سگهي ٿو. اهو قرآن چوي ٿو. جنهن خاص شيءِ سان اتحاد پيدا ٿئي ٿو. اها اسان حاصل نه ڪئي آهي. ”ديار عشق مين اپنا مقام پيدا ڪر“ اهو مقام ڪيئن پيدا ڪري سگهجي ٿو، اقبال چوي ٿو ته جيڪڏهن ديار عشق ۾ مقام پيدا ڪرڻو آهي، ته پوءِ نئون زمانو ۽ نئون صبح ۽ شام پيدا ڪرڻا پوندا.

آئون پنهنجي پاڪستاني ڀائرن کان پڇڻ چاهيان ٿو ته اهي صبح ۽ شام مان ڇا مراد وٺن ٿا. آئون نئين صبح ۽ نئين شام بابت پڇان ٿو، جيڪو الڳ مسئلو آهي. اسين پراڻي صبح ۽ شام مان ڇا ٿا سمجهون ۽ نئين صبح ۽ شام مان ڇا ٿا سمجهون. بلڪه لاله ۽ گل سان گفتگو پيدا ڪريو ۽ ان مان بهترين ڪلام پيدا ڪريون، مان ڇا مراد آهي. اقبال اهو پڻ چوي ٿو:

اٹھا نہ شیشہ گران فرنگ کے احسان

سفال ہند سے مینا و جام پیدا کر۔

اهي سٽون ڪيتريون نه چٽيون آهن! جيتري قدر اقبال جو تعلق آهي ته هن لاءِ هتي هر هڪ ’جاويد‘ آهي. هن پاڪستان جي هر هڪ نوجوان کي مخاطب ٿي چيو آهي. هن جي آخري سٽ آهي ته:

میرا طریق امیری نہیں فقیری ہے

خودی نہ بیچ غریبی میں نام پیدا کر۔

اڄ ڪير ٿو انهن سٽن کي ٻڌي ۽ ڪير ٿو قرآن کي ٻڌي! حالانڪه اهو فقط قرآني آيتن جو تفسير آهي، ٻيو ڪجهه به نه آهي. تنهنڪري آئون چوان ٿو ته منهنجا پيارا ٻچوءَ! منهنجي ڳالهين کي اجايو ۽ فضول نه سمجهو. گذريل هفتي ڪراچي ۾ ڪافي بحث مباحثو ٿيو آهي، اهي فقط ڳالهيون ئي آهن. اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته پڙهڻ سان اسان کي بخار اچي ٿو. تنهنڪري چند منٽن لاءِ اکيون بند ڪري، الله تعاليٰ کان مدد جي دعا گهرو ته انهن شين جي سمجهه عطا ڪري ته جيئن ديار عشق ۾ اهو مقام حاصل ٿئي، جنهن ۾ توهان پنهنجا ذاتي مفاد وساري ڇڏيو. اهو مقام توهان کي اُهي جهلڪيون ڏيکاري، جيڪي صداقت جي معنيٰ سمجهڻ ۾ مدد ڏين ۽ سچ ۽ نيڪي جي معنيٰ سمجهه ۾ اچي. جيڪڏهن توهان ائين ڪري سگهو ٿا ته پوءِ اهو محسوس ڪري سگهندا ته خاموشي جيڪو اظهار ڪري سگهي ٿي، اهو تقرير يا گفتگوءَ سان نٿو ٿي سگهي. توهان خاموشي سان اهو ڪجهه حاصل ڪري سگهو ٿا، جيڪو گفتگو سان حاصل نٿو ٿي سگهي. اڄ آئون توهان کي اهو ئي ڪجهه ٻڌائڻ آيو آهيان.

منهنجا عزيزؤ! هاڻي اهو گهڻو ڪري مشڪل ٿي پيو آهي ته مسلمانن ۾ اتحاد پيدا ٿئي. اهو مسئلو ڪونهي ته اهي ڪهڙي ملڪ ۾ رهن ٿا. اهو مصر هجي يا سعودي عربيه، ايران هجي يا عراق، يا پاڪستان. هر هنڌ ساڳي حالت آهي. هاڻي آئون چوان ٿو ته اهو انتهائي مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو پنهنجي نفس لاءِ زندهه رهن پيا، نه ڪو الله تعاليٰ لاءِ! اسان قرآن مان ڪا به رهنمائي نٿا حاصل ڪريون. اسين ان کي سمجهون ڪونه ٿا. اسين سمجهون ٿا ته اهو مدي خارج آهي، جيڪي ڪجھه اهو چوي ٿو، اهو ان ۾ نه آهي ۽ نه ئي ان ۾ ڪا وڌيڪ صداقت آهي. ”وَقَالَ الرَّسُوْلُ يٰرَبِّ اِنَّ قَوْمِي اتَّخَذُوْا ھٰذَا الْقُرْاٰنَ مَهْجُوْرًا“ (30:25).

رسول الله ﷺ جن فرمائن ٿا ته اي رب! ماڻهو قرآن کي رڪاوٽ سمجهن ٿا. منهنجا دوستو! قرآن خارج از وقت ڪونهي، ان جو هر لفظ سچو ۽ عظيم آهي. اهو اڄ به اهڙو سچو آهي، جهڙو ساڍا تيرنهن سؤ سال اڳ هو. پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اسين ان کي سمجهي سگهون. پر اها سمجهه ڪونه ايندي، ڇاڪاڻ ته پاڪ دلين وارا ئي ان کي سمجهي ۽ ڇهي سگهن ٿا. ”لَّا يَمَسُّهٗٓ اِلَّا الْمُطَهَّرُوْنَ“ (79:56). يعني پاڪائي وارا ئي ان کي پڙهي ۽ سمجهي سگهن ٿا.

باقي ٻين لاءِ قرآن شريف فرمائي ٿو: ”خَتَمَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَعَلٰي سَمْعِهِمْ   ۭ   وَعَلٰٓي اَبْصَارِهِمْ غِشَاوَةٌ  وَّلَھُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌ“. يعني (7:2) الله تعاليٰ انهن جي دلين ۽ ڪنن تي مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ اکين تي پردا ڏيئي ڇڏيا آهن ۽ انهن لاءِ عظيم عذاب آهي.

اهڙا شخص ڪيئن قرآن کي سمجهي سگهن ٿا. ”اي محمد ﷺ توهان سمجهو ٿا ته جڏهن توهان قرآن پڙهو ٿا ته هو سمجهن ٿا! نه اهي جانور ۽ جانورن وانگر منجهيل آهن.“ سو اهو ائين ئي آهي. اسين مسلسل قرآن پڙهون ٿا ۽ ان جي باري ۾ ڳالهايون ٿا، پر ڪجھه به حاصل نٿا ڪريون.

عرفي گر  به گريه ميسر شدي وصال

صد سال مي تو ان به تمنا گريستن.

عرفي چوي ٿو ته جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ها ته توهان جي خواهش صرف رڙين ۽ روئڻ سان حاصل ٿي سگهي ها ته پوءِ هر ڪو پنهنجي محبوب جي ملڻ لاءِ سئو سالن تائين روئي ۽ رڙيون ڪري ها. ڇا روئڻ مدد ڪري سگهي ٿو؟ نه، اهو مدد نٿو ڪري سگهي، اهو فقط سوڻ ئي رهي ٿو. اها اڳ ڄاڻ (Augury) آهي، جيڪا قرآن ٻڌائي آهي، اها جيڪا اقبال چئي آهي. ڪنهن به يونين لاءِ ڪجهه شرط ضروري آهن، ٻي حالت ۾ ڪا به ٻڌي يا اتحاد ممڪن ڪونهي. اها قرآن جي ڏنل اڳ ڄاڻ آهي، جيڪا ڪوڙي نٿي ٿي سگهي ۽ اهائي نيڪ شگون آهي. اهي جيڪي پاڻ سان پيار ڪن ٿا، يا پنهنجي ملڪ سان پيار ڪن ٿا، انهن کي خبردار ٿيڻ گهرجي! انهن کي هن نصيحت تي عمل ڪرڻ گهرجي، ۽ ممڪن حد تائين ان جي پوئواري ڪجي. ٻي حالت ۾ يونين ناممڪن آهي. پوءِ چاهي اها شاگردن جي يونين هجي يا زال مڙس هجن، يا پيءُ پٽ هجن يا ماءُ ڌيءَ هجن.

سعدي فرمائي ٿو:

اين چه شوريست که در دور قمرمي بينم

همه آفاق پر از فتنه وشرمي بينم

دختران را همه جنگ است وجدل با مادر

پسران راهمه بدخواه پدرمي بينم.

سعدي چوي ٿو ته هن دنيا ۾ آئون الائجي ڪهڙو گوڙ پيو ٻڌان. آئون ڏسان پيو ته سڄو جهان فتني ۽ فساد سان ڀريو پيو آهي. ڌيءَ ماءُ جي خلاف ۽ پٽ پيءُءَ جو بدخواهه ٿي پيو آهي. هر شخص جا هٿ ٻئي جي ڳچيءَ ۾ آهن. ڌيءَ ماءُ سان، پٽ پيءُ سان، مرد مرد سان ۽ عورت عورت سان، وڙهي رهيا آهن. جيستائين اسان جا ڪريل مفاد اسان تي حڪمراني ڪندا، تيستائين ڪجهه به حاصل ڪري نه سگهنداسين، جڏهن زندگي الله تعاليٰ لاءِ بسر ڪبي، تڏهن ٻن فردن ۾ اتحاد ٿي سگهي ٿو. ان صورت ۾ اهو نيڪ شگون هميشه رهندو. تنهنڪري خواتين وحضرات! چاهي توهان ڪا وڏي بين الاقوامي شخصيت آڻيو  يا آسمان مان ڪو ملائڪ سفير آڻيو، هر صورت ۾ توهان کي قرآن جي پيغام کان وڌيڪ ڪو بهتر پيغام ڪونه ملندو، مون کي ان جو يقين آهي. توهانجي مهرباني!

 

[  14  ]

شاهه ولي الله ۽ معاشرو

 

علامه صاحب هيءَ صدارتي تقرير 29 جنوري 1954ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ هال ۾ ڪئي. هن موضوع تي پهرين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي صاحب جن تقرير ڪئي. جيڪو شاهه ولي الله جي فلسفي تي تازو ڊاڪٽريٽ جي ڊگري آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان وٺي آيو هو  ۽ ’تقابل اديان‘ جو سربراهه هو.

 

خواتين و حضرات! اسان وٽ مذهبي علوم جو پروفيسر صحيح معنيٰ ۾ مذهبي ماڻهو آهي. هو هڪ نهٺو انسان آهي. منهنجي ان مان مراد ڇا آهي؟ اها هيءَ آهي ته موجوده دور ۾ اسين هڪ ٻئي کي گهٽ سمجهڻ جا عادي آهيون ۽ ان تي فخر ڪريون ٿا، پر اڃان به هڪ قدم اڳتي وڌي هر فرد ويڙهه ۽ جهڳڙي لاءِ تيار آهي.

شاهه ولي الله رحه ’اخبات‘ جنهن جي معنيٰ آهي نوڙت ۽ هيٺانهين جنهن کي قرآن شريف ۾ ”بشرالمخبتين“ يعني نوڙت ڪندڙن لاءِ خوشخبري چيو ويو آهي، ان جو بار بار ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر هاليپوٽي، جيئن ته شاهه ولي الله جو خاص طور سالن جا سال مطالعو ڪيو آهي، هن کي مڪمل طور سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ پنهنجي شخصيت کي ان جي مطابق سنواريو آهي. هاليپوٽو انهن جهڳڙالو ۽ پاڻ مڃائڻ وارن فردن مان ناهي. هو هميشه ٻئي جي تعريف ڪندو آهي. هو اسان مان ڪيترن کان وڌيڪ عالم آهي. هو ٻين کي سيکارڻ جي بلڪل لائق آهي. هو ايترو پڙهيل ڳڙهيل آهي جو مذهب جي معاملي ۾ ٻئي ڪنهن جي رهبري ڪري سگهي ٿو. پر ڳالهه هيءَ آهي ته هو انهن مان ناهي جيئن مون چيو ته پاڻ پڏائڻ وارو ۽ پنهنجي تعريف ڪرڻ وارو ته آئون ههڙو آهيان. اهو هن جو طريقو ناهي.

جيڪو عنوان توهان کي ٻڌايو ويو آهي اهو تمام وڏو آهي. جيئن هن چيو ته شاهه ولي الله هڪ عام مفڪر يا فيلسوف يا ليکڪ ناهي. هو ڪيترن ئي مختلف ڌاڳن کي ساڳئي وقت ڳنڍي ٿو، اها ڳالهه غور ڪرڻ جهڙي آهي ته هن جي زندگيءَ ۾ ۾ ايتريون خاصتيون ڪيئن گڏ ٿيون هيون. شاهه ولي الله انگلينڊ جي فيلسوف هيوم (Hume) جو هم عصر آهي. پر هيوم فقط هڪ رواجي نفسيات جو ڄاڻو آهي. انگلينڊ ان وقت تائين سماجيات (Sociology) جي نقطي نظر کان سوچيو ئي نه هو تاهم هيوم تمام وڏو ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته شاهه ولي الله جي نفسيات جي مقابلي ۾ هو ٻار جي حيثيت رکي ٿو. اهو پاڻ پڏائڻ لاءِ نه پر تصديق سان چئي سگهجي ٿو. جيتري قدر سماجيات (Sociology) جو تعلق آهي ان کي سمجهيو ئي نه ويو آهي. آئون ائين ڇو ٿو چوان! ان علم جو پهريون بزرگ ابن خلدون آهي پر عمرانيات يا سماجي علم ۾ شاهه ولي الله هن کان گهڻو مٿي آهي. ابن خلدون ان ڪري وڏو سمجهيو وڃي ٿو، جو هو شاهه ولي الله کان ٻه صديون اڳ آيو. ٻيو ان ڪري جو هو پهريون شخص هو جنهن کي فلسفهءَ تاريخ جو ابو ڪوٺيو وڃي ٿو. هن ئي ٻڌايو آهي ته تاريخ کي فلسفي جي نقطي نظر کان ڪيئن پڙهجي.

تاريخ جيئن توهان کي خبر آهي ته مسلمانن جو فن آهي. اهي مسلمان ئي هئا، جن تاريخ کي سائنسي ۽ فلسفيانه طريقي سان جانچيو ۽ هو تاريخ جي فلسفي جو معمار آهي. اهو مان ابن خلدون جي باري ۾ پيو ڳالهايان. هو تاريخدان آهي ۽ سندس تاريخ بابت ڪيترا ضخيم جلد آهن. پر انهن سڀني جو مهاڳ جنهن کي ’مقدمه ابن خلدون‘ چيو وڃي  ٿو جنهن ۾ ٻه اهم ڳالهيون آهن. هڪ اهو ته انسان ۽ معاشرو ماحول تي ٻڌل آهن، جيئن هن مهل تائين توهان ٻڌندا رهندا آهيو. مون ڪالهه يا هڪ ڏينهن اڳ ٿورو نفرت جهڙو لفظ استعمال ڪيو هو. مون چيو هو ته سڄو هفتو ڪراچيءَ ۾ مذاق پئي هلي ۽ سائنسدان هڪ ٻئي جون ڏاڙهيون پٽ پيا ڪن. هنن جو سمورو جهڳڙو ان ڳالهه تي هو ته ماڻهوءَ کي ورثي مان ڪيترو حصو ملي ٿو ۽ ماحول مان ڪيترو حاصل ڪري ٿو.

ابن خلدون چوي ٿو ته اهو فقط فرد ناهي جيڪو ماحول مان اثر وٺي ٿو پر معاشرو پڻ ماحول مان ٺهي ٿو. ڊاڪٽر هاليپوٽي شاهه ولي الله جو فڪر پيش ڪندي چيو آهي ته معاشرو پڻ فرد آهي، اهو نقطه نگاهه اڻ سڌي طرح هڪ لحاظ کان ابن خلدون پيش ڪيو آهي. اهو اهڙي صحيح نموني سان پيش ڪيو ويو آهي، جهڙي طرح شاهه ولي الله فرمايو آهي ته معاشرو انسان ڪبير جي مثل آهي. هو چوي ٿو ته معاشرو پڻ ماحول کان متاثر ٿئي ٿو. هڪڙو جهنگ جو ماڻهو شهري معاشري کان مختلف آهي. اهڙي طرح هو ان طرف اشارو ڪري ٿو ته معاشرو پڻ فرد وانگر متاثر ٿئي ٿو.

ابن خلدون اهو هڪڙو ننڍو نقطو جيڪو اٽڪل پنج سئو سال اڳ لکي ويو آهي، اڃان تائين يورپي ادب ۾ گهلجي رهيو آهي ۽ ان مان ڪيتريون نيون ڳالهيون وجود ۾ آيون آهن. ڪالهه اسان جو هڪ آمريڪي دوست هتي ڳالهائي رهيو هو، ته جهڳڙو ڇا جو آهي؟ ماحول حالتن تي ڪيترو اثر انداز ٿئي ٿو ۽ ڪارل مارڪس ڪير آهي ۽ سرمائيدار سان جهڳڙو ڇو آهي. اقتصاديات جا ڪهڙا مختلف نظريا وجود ۾ آيا آهن. هڪ صاف ڳالهه جيڪا ڪارل مارڪس چوي ٿو ته انسان ۽ سوسائٽي ماحول مان ٺهيا آهن. اهو ٻيو ڪجهه به نه آهي. پر اها ابن خلدون جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي جيڪا هيگل (Hegal) کانپوءِ وري مارڪس تائين پهچي ٿي. ابن خلدون جو اهو هڪ ننڍو ۽ غير اهم نقطو يورپ وارا اڃان پيا معلوم ڪن ۽ اڃان تائين مڪمل نه ٿيو آهي.

هاڻي اهو سڀ ڪجهه آئون ڇو پيو چوان! ان ڪري ته توهان کي سمجهايان ته جيڪا سماجياتي ۽ نفسياتي ترقي جنهن جي باري ۾ شاهه ولي الله اشارا ڏنا آهن، انهن کي اڃان هٿ نه لاٿو ويو آهي. اهو ميدان اڃان خالي آهي. اڄ کان ڪجهه صديون اڳ واري ابن خلدون ٿورا اهڃاڻ ڏنا آهن، انهن ۾ اهم فقط ٻه آهن. هڪ ته ماحول انسان ۽ سماج کي ٺاهي ٿو ٻيو ته سماج ۾ هڪ ڳنڍيندڙ نقطو (Gluing point) آهي ته ڪيئن هيترا سارا ماڻهو هڪ هنڌ گڏجي رهي سگهن ٿا. هو چوي ٿو ته هڪ هنڌ رهڻ لاءِ ڪي اصول آهن ۽ جيڪڏهن اهو ائين نه آهي ته سماج هڪ نٿو ٿي سگهي. اهو ئي سڀ ڪجهه ابن خلدون ٻن نقطن ۾ ٻڌائي ٿو ۽ اهي ٻئي نقطا يورپ ۾ زير بحث آهن ۽ انهن مان جيڪي ننڍڙيون شاخون نڪتيون آهن انهن ۾ ابن خلدون جو پهريون وڏو شاگرد مانٽيسڪيو (Montesque) آهي جيڪو فرانس ۾ پيدا ٿيو هو. هن کان پوءِ ٻيو بڪل (Buckle) انگلينڊ ۾ پيدا ٿيو. اڳتي هلي ٻيا سوشالاجسٽ مثال ڪارل مارڪس ۽ هيگل ۽ ٻيا جيڪي ماحول بابت مسلسل ڳالهائيندا رهيا آهن ۽ هڪ درجن کن ٻيون شاخون ان نقطي مان نڪتيون آهن، پر انهن سڀني ۾ شاهه ولي الله وڏو سمنڊ آهي. هو انسان جي مڪمل نئين نفسيات جو تصور پيش ڪري ٿو. نئون نفسياتي تصور ته ڪائنات کي ڪيئن سمجهجي. هو معاشري کي ڪيترن ئي طبقن ۾ ورهائي ٿو ۽ چوي ٿو ته هن قسم جو سماج پهرين هن نموني هوندو ۽ هن قسم جي سوسائٽي هوندي. پر هن جو اهو نظريو اڃان نه سمجهيو ويو آهي. آئون مسلمانن جي باري ۾ ڪونه پيو ڳالهايان مسلمانن ته شاهه ولي الله کي اڃان پڙهيو ئي ڪونهي. آئون يورپين جي باري ۾ پيو ڳالهايان، جيڪي علم جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آهن، انهن پڻ هن کي ڇهيو ئي ڪونهي.

ڊاڪٽر هاليپوٽي شاهه ولي الله بابت جيڪو پنهنجو تحقيقي مقالو (Thesis) پيش ڪيو هو، اهو هنن جي سمجهه کان چڙهيل هو. ان ۾ اهڙيون شيون لکيل هيون جيڪي سندن ڪتابن ۾ لکيل ڪونه هيون. انهن سوچيو ته شاهه ولي الله اهي ڪهڙيون ڳالهيون لکيون آهن. بهرحال جيڪو طالب علم هن جو مطالعو ڪرڻ چاهيندو ته ان ۾ علم جو سمنڊ ڏسندو.

هاڻي هتي هڪ آسان نقطو ٻڌايو ويو ته شيون جيڪي بظاهر هڪ لڳنديون آهن اهي گهڻين شين جو مجموعو آهن، اهو ڪنهن اعتبار کان تمام پراڻو تصور آهي ۽ مسلمان ان ۾ گهڻو يقين رکن ٿا. آءٌ وري پراڻي سنڌي استعمال ڪريان ٿو.

”وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل“

هڪ مان ڪيترا ۽ ڪيترن مان هڪ ٿئي ٿو. اهو آءٌ ڪيئن چوان ٿو. هي لوهه جو ٽڪر هتي پيو آهي، اسين چئون ٿا ته اهو لوهه جو ٽڪرو ڇا آهي. ان ۾ لکين قسم جا ائٽم موجود آهن، جنهن کي لوهه جو ٽڪر چئون ٿا. توهان لاءِ اهو هڪ آهي پر ان ۾ لکين جزا موجود آهن. ساڳيو تصور شاهه ولي الله پيش ڪري ٿو ته انسان فقط هڪ فرد نظر اچي ٿو. ڇا اهو هڪ آهي! ان ۾ ڪيتريون شيون آهن. رت جي لکين جزن گڏجي هڪ عضوو ٺاهيو آهي ۽ ان ۾ باقاعده هڪ دنيا هلي رهي آهي. فقط ان جوتنتي سرشتو ۽ تنتي ذرا ڪير به ڳڻي ڪونه سگهندو. ڪيئن نه ٽيليگراف وانگر جڏهن منهنجي آڱر  کي گرمي محسوس ٿئي ٿي ته منهنجو دماغ اها شيءِ هڪ سيڪنڊ ۾ محسوس ڪري ٿو. اهو ٽيليگراف جي ذريعي پيغام مليو ته هاڻي توهان جو هٿ باهه تي آهي، هوشيار! اهو مون ڪيئن ڄاتو! هتي ٽيليگراف ۽ پوسٽ آفيسون، بورچي خانه ۽ عسڪري نظام آهي. توهان جي جسم ۾ هڪ مڪمل ڪائنات آهي. جيڪڏهن توهان مطالعو ڪريو ته علم بدن ۽ علم صحت جو ڪريو. توهان ان ۾ مڪمل ڪائنات ڏسندا. اهو جسم جو مڪمل نظام آهي، جنهن ڪري اسان نامياتي جسم (Organic body) سڏجون ٿا. اهو ڪيئن ٿيو آهي جو اهي ننڍا ذرا هڪ عجيب اتفاق سان پاڻ ۾ منظم ٿي هڪ وجود اختيار ڪري ڪم پيا ڪن. ائين کڻي چئجي ته هر هڪ جو ٻئي سان اتحاد آهي، جگر کي خبر آهي ته ڪيترو پتي جو پاڻي موڪلجي ۽ گردن کي خبر آهي ته ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي. دل کي خبر آهي ته ڪيترو رت ڦڦڙن ڏانهن موڪلجي. ڦڦڙن کي خبر آهي ته ڪيترا دفعا ساهه کڻجي ۽ ڪيترو رت صاف ڪجي.

جسم جو هر حصو هم آهنگي پيدا ڪري ٻئي حصي سان منظم ٿي ڪم ڪري پيو. تنهنڪري ان کي نامياتي جسم چئجي ٿو، پر جيڪڏهن توهان وٽ ائٽم جي ملاوٽ وارو ٽڪرو هجي ته توهان چوندا ته اهو غير نامياتي (Inorganic) آهي. انهيءَ اڃان پاڻ کي منظم نه ڪيو آهي. اهڙي طرح اسان منظم يا نامياتي (Organic) ۽ غير منظم يا غير نامياتي (Inorganic) لفظن جو ڪوشش ڪري تجربو ڪيو آهي. انهن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو اٿئون، پر حقيقت ۾ اهي به هڪ آهن. فقط ايترو آهي ته هڪڙو ٻئي جي مقابلي ۾ وڌيڪ اتحاد ۽ ربط سان ڪم ڪري پيو.

هاڻي فطرت بتدريج اهي هڪ ڪري ٺاهڻ جا طريقا ڳوليا آهن، تنهنڪري انسان جي دماغ ۾ به هڪ خاص صلاحيت موجود آهي، جيڪا ايڪو پيدا ڪري ٿي، جنهن ۾ هڪ ڪري سوچڻ جي قابليت آهي. اها هڪ سوچڻ جي قابليت ڇا آهي؟ ڪوبه فرد جيڪڏهن ان جي اهل آهي ته ڪيترين ئي شين مان هڪ سوچي ۽ انهن کي هڪ ڪري ڏسي ۽ گهڻن کي وحدت ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. ڏکڻ آفريڪا جو هڪ ليکڪ سمٽ نالي جيڪو وزيراعظم ٿيو هو، تنهن هڪ مڪمل ڪتاب لکيو آهي جنهن کي (Holeism) چئجي ٿو. اهو هوليزم ڇا آهي! مڪمل شيءِ جي تصور جي لياقت ۽ ڪيئن نه ڪائنات ۾ سڄيون شيون ٺهن پيون ۽ اهي مڪمل شيون ڪيئن نه وحدت ۾ سمائجن پيون. اهي وحدت کي ٽوڙين ٿيون. جيڪا انهن کي وري ٺاهي ٿي. ڪثرت وري واپس وحدت ۾ سمائجي وڃي ٿي. اهو طريقو نه فقط مذهب ۾ پر زندگيءَ جي هر شعبي ۾ جاري آهي. هن جو ذهن هميشه ترڪيبي طريقن ۾ آهي ته ننڍين شين مان هڪ مڪمل شيءِ ٺاهي. مون ان ڏينهن چيو هو ته هتي هڪ گهڙيال آهي جنهن کي اسان هڪ ڇو ٿا چئون جڏهن ته ان ۾ ڪيترائي پرزا آهن. ان ۾ ڪيترائي ننڍڙا ڦيٿا ۽ ٻيون شيون آهن. اهو هڪ ڪونهي پر اسين ان کي هڪ چئون ٿا. اسين شين کي الڳ واحد نٿا سمجهون پر هاڻي جڏهن دماغ ڪشادو ٿي پيو آهي.

فکر هر کس بقدر همت اوست.

اهي انسان هن سڄي ڪائنات کي انهن تارن سميت ائين ڏسن ٿا جيئن هڪ گهڙيال توهان جي ميز تي آهي. انهن جي ذهن جي اها خوبي آهي جو ستارن ۽ شمسي نظام کي هڪ نظر سان ڏسن ٿا. مڪمل طبعي ڪثرت کي اهي هڪ ٻئي سان ڳنڍين ٿا. اهي چون ٿا ته هيءَ ڪائنات آهي، انهيءَ کي هڪ ڪري ڏسو. اسين انهن کي ٻه يا ٽي ڪري نٿا ڏسون. انهيءَ لياقت کي ڪُليت واري لياقت چئجي ٿو. اها ڪُليت واري اهليت شاهه ولي الله ۾ تمام گهڻي آهي. ايتري قدر جو هر ڪثرت کي وحدت سان ڏسي سگهجي ٿو ۽ هو چوي ٿو ته لکين شيون جيڪي توهان انسان شخص اڪبر ۾ ڏسو ٿا، ان کي هڪ فرد چئو ٿا. اهڙي طرح مڪمل انسانيت هڪ انسان ڪبير آهي، هن ۾ ڪُليت جي لياقت بي انداز آهي. هن شخص دنيا جي ورثي ۾ ايترو ڇڏيو آهي جو اهي جيڪي ڄاڻن ٿا تن کي نه فقط بهشت پر خدا ڏانهن وٺي ويندو، فقط معلوم هجي ته ان کي ڪيئن استعمال ڪجي. پر بدقسمتي اها آهي جو اهو ورثو استعمال ڪرڻ آسان ڪونهي، جيڪو وڏا ماڻهو اسان ننڍڙن ماڻهن لاءِ ڇڏي وڃن ٿا. هو تمام وڏو ماڻهو آهي ۽ اسين تمام ننڍڙا آهيون. هن بابت ڳالهائڻ کان وڌيڪ کيس سمجهڻ ڏکيو آهي.

فطرت ارتقاءِ ۾ لکين سال ڇو ورتا آهن؟ ارتقا ڇا آهي جنهن سان شروعات ڪجي؟ اهو طريقو جنهن سان وحدت ڪثرت بنجي پوي. حقيقت ۾ وقت اندر هڪ نئين شيءِ ظاهر ٿي پوي ان کي ارتقا چئجي ٿو. انهيءَ ڪيترو وقت ورتو؟ لکين سال! پر اڃان اهو هڪ منٽ جو ڪم آهي. اسين ان کي هڪ ساعت ۾ سمجهي وڃون ٿا، ”ڪلمح بالبصر“ يعني اک ڇنڀ ۾ ۽ اڃان لکين سال ارتقا ۽ ظهور لاءِ گهرجن جو وحدت جو مظهر ڪثرت ۾ ڏسي سگهون.

هاڻي اسين چئون ٿا، هائو! اسان هڪ آهيون. اسان چئون ٿا ته اسان مسلمان ڀائر آهيون، پر ائين چوڻ سان نٿا ٿي سگهون. اهو محسوس ڪجي ٿو ته توهان ان بابت ڪيترو گهڻو ڳالهايو. پر ان کي هڪ ڪري محسوس ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن آئون توهان سان بحث ڪريان ته هي ٽي آهن ۽ توهان چئو ٿا ته اهي ٽي نه آهن، پر فقط هڪ آهي. هتي هڪ شيءِ آهي، هتي ٻي شيءِ آهي. تنهن هوندي به توهان اصرار ڪريو ٿا ته هيءَ هڪ آهي. اهو ان وانگر ته جڏهن چئون ٿا ته توهان جو خاندان هڪ آهي. توهان جو شهر هڪ آهي، توهان جو ملڪ هڪ آهي، ۽ توهان جو ايشيا، يورپ، آفريڪا، هڪ آهن ۽ سڄي انسانيت هڪ آهي. توهان جڏهن ائين محسوس ڪريو ٿا تڏهن چئي سگهو ٿا ته اهي ٽي ڪونهي پر هڪ آهي. توهان محسوس نٿا ڪريو ته هي ٻئي هڪ آهن. ٻيا سڀ هڪ کان وڌيڪ آهن. آئون فقط هڪ آهيان، هر ٻيو شخص ٻيو آهي ۽ هي ٽيون، هي چوٿون وغيره وغيره. هڪ ٻه ٽي چار سئو هن هال ۾ ويٺا آهن. توهان چوندا ته ماڻهو چريو ٿي پيو آهي. هن کي گدوءَ ۾ موڪليو وڃي توهان ڏسو ته اهو ڪٿي آهي. ڳالهائڻ ۽ سوچ ۾ فرق آهي. حقيقي محسوسات بلڪل مختلف آهي، جيتوڻيڪ توهان سوچيو ٿا پر محسوس نٿا ڪريو، اهو محسوسات لاءِ پهريون قدم آهي، پر محسوسات بلڪل مختلف آهي. توهان پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ جهڙو نٿا سمجهو پوءِ ڪيئن ساري انسانيت کي هڪ محسوس ڪري سگهندا.

پر شاهه ولي الله نه صرف ان کي سمجهيو پر انسانيت ۾ هڪ ٿي ڏيکاريو ڇو ته هو هڪ منٽ به پنهنجي زندگي ٻئي نموني نٿي رهي سگهيو. ٻي حالت ۾ هو آسمان کان تمام گهڻو هيٺ نظر اچي ها. هن تارن تائين جيڪا بلندي حاصل ڪئي، جتي هن انسانيت کي مڪمل هڪ ڪري ڏٺو ۽ ان نموني زندگي گذاريائين. هن اسان وانگر زندگي نه گذاري. هيءَ ڪجهه ڪونهي، هو هيئن آهي ۽ هو هونئن آهي. هن ائين نه گذاريو. هن انسان ذات ۾ ائين گذاريو. ڄڻ ته هڪ انسان ڪبير آهي، بس انسان ٻيو ڪجهه به نه آهي. پر ان لاءِ تمام گهڻو وقت گهرجي. مون توهان کي فقط هڪ مثال ڏنو ته ابن خلدون هن کان اڳ جو هو، ان جي هڪ نقطي تي اڃا پيو بحث هلي ۽ ان کي سمجهڻ ۽ هضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪارل مارڪس چوي ٿو ته هو صحيح ناهي. هيگل هن طرح چوي ٿو ته هو اجائي ڳالهه ڪري ٿو. فلاڻو سرمائيدار چوي ٿو ته هو عظيم ماڻهو آهي. اهڙيءَ طرح جهڳڙو جاري آهي.

اسان جي ڪالهه ڪراچيءَ ۾ هڪ گڏجاڻي هئي ۽ مسلسل ماحول جي باري ۾ گڏجاڻيون ٿينديون رهن ٿيون. هڪ شخص 600 سال کان اڳ جي ماحول تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ آخر تائين بحث ڪيائين پر سمجهائي نه سگهيو ته ڪيئن ماحول فرد کي متاثر ڪري ٿو ۽ سوسائٽيءَ کي اڃان تائين جاچيو پيو وڃي. دنيا ان کي اڃان تائين تپاسي نه سگهي آهي، ان جي باوجود جو ڪيترائي ڪتاب ماحول ۽ ان جي اثرات تي لکجي چڪا آهن. سو توهان سوچيو ٿا ته هي نظريا، فلسفو ۽ لکڻيون، جيڪي شاهه ولي الله ڏنيون آهن توهان هڪ منٽ ۾ جذب ڪري سگهو ٿا ۽ ڊاڪٽر هاليپوٽي تي بار رکو ٿا ته هو توهان کي آسانيءَ سان سمجهڻ لاءِ هڪ تيار شده معجون ٺاهي ڏي ته جيئن ان کي هضم ڪريو. اهو تمام مشڪل ڪم آهي، جيڪو حل نٿو ٿي سگهي. هن جي هر سٽ جيڪا هن چئي جيئن هن چيو ته ٻه ڪلاڪ گهرجن جو ان جو پورو بيان تفصيل سان پيش ڪجي ته جيئن توهان جي ذهن ۾ سمائجي سگهجي. پر حقيقت ۾ ان کي سمائڻ لاءِ هڪ عجيب روح جي ضرورت آهي. شاهه ولي الله  سماج جا پهلو بيان ڪندي چوي ٿو ته پهرين مرحلي تي اهو هڪ خاندان وارو آهي. ٻئي مرحلي تي اهو هڪڙي خاندان کان وڌي هڪ شهر تائين، پوءِ ملڪ ۽ پوءِ بين الاقوامي سطح جو بنجي ٿو. اهي سڀ سماج مختلف حالتن تحت ۽ مختلف نمونن سان هلندا رهن ٿا. شاهه ولي الله جي نظر ۾ اهو سڀ ڪجهه فطري ۽ عام رواجي حيثيت اختيار ڪري ٿو.

هتي شاهه ولي الله سڀ کان اهم نڪتو اهو پيش ڪيو آهي ته اهو سڀ فطري ۽ ٺيڪ ٺاڪ طريقي موجب آهي. اهو سڀ هڪ ٻئي وانگر آهي ۽ ڪوبه پاڻ کي مٿانهون سمجهڻ جي دعويٰ نه ڪري. شهري حڪومت اهڙي سٺي هجي جهڙي ملڪي يا بين الاقوامي سڀئي پنهنجي جاءِ تي فطري ۽ متوازن هجن. ائين ڪوئي نه چوي ته شهري حڪومت بين الاقواميءَ کان بهتر آهي. اصل ڳالهه آهي ته اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهي.

آئون چاهيان ٿو ته هڪ اهڙي شهري مملڪت جنهن جي باري ۾ مون هن ڪمري ۾ قرآن جا لفظ دهرايا آهن، ”بلدة طيبة ورب غفور“ وجود ۾ اچي. منهنجي هر حال ۾ اها خواهش آهي ته هن سڄي دنيا ۾ اهڙو شهر هجي، جنهن کي خوبصورت ۽ پاڪ چئجي ۽ ٻين لاءِ مثالي هجي. مان بين الاقوامي چوٻول نٿو چاهيان. انسانذات لاءِ هڪ اهڙي پاڪ شهر جي اقوام متحده توڻي يونيسڪو کان وڌيڪ ضرورت آهي. اها بدقسمتي آهي ته دنيا ۾ هڪ به اهڙو شهر ڪونهي، جنهن کي خوبصورت ۽ پاڪ شهر قرار ڏيئي سگهجي ۽ جيڪو ٻين لاءِ مثالي حيثيت رکندو هجي.

دراصل سوسائٽي اڃان تائين ان حد تائين پاڻ کي منظم نه ڪيو آهي ۽ اها اڃان ان حالت ۾ آهي جنهن ۾ هيءَ طبعي دنيا گهڻو وقت اڳ هئي يعني جنهن ۾ ائٽم جو الڳ وجود هو جيڪو ڪا صورت اختيار نه ڪري سگهيو هو. ائٽم انسان جي هڪ خليي (Cell) ٺاهڻ ۾ ڪيترو وقت ورتو. تنهن کان پوءِ اهي فرد گڏجي سماج ۽ وري اڳتي انسان ڪبير جي صورت اختيار ڪن، ان لاءِ ڪيترو وقت کپي. جڏهن اهي سڀ هڪ انساني جسم وانگر منظم ٿي ويندا ته اسين چئي سگهنداسين ته هاڻي انسانيت هڪ منظم جسم آهي ۽ منظم ٿي ڪم ڪري پئي. تڏهن بين الاقوامي حوالو غائب ٿي ويندو. قرآن شريف بين الاقواميت جي باري ۾ نٿو ڳالهائي پر ’اُمة واحدة‘ هڪ ٽولي يا جماعت جي باري ۾ فرمائي ٿو. شاهه ولي الله ان وحدانيت کي انسان ڪبير چئي وضاحت ڪري ٿو. تنهنڪري توهان ڏسو ٿا ته ڪيئن نه هر شيءِ ڪثرت سان ڏسڻ جي باوجود هڪ آهي. پر اها ايستائين ڪم نٿي ڪري سگهي جيستائين اها پاڻ کي منظم ڪري عملي اتحاد جي رستي تي نٿي آڻي. اها جيترو غير منظم هوندي اوترو سوسائٽيءَ کان پري هوندي ۽ جيترو بي ترتيب هوندي اوترو قانون تي عمل گهٽ هوندو.

ڪجهه مهينا اڳ مون ليڪچر ڏنو هو ته سالميت (Wholeness) معنيٰ هيل (Hale) يعني تندرست. مون کي تعجب آهي جيڪڏهن توهان اهو لفظ وساري ڇڏيو آهي ته (Hale) معنيٰ آهي (Whole) ۽ هيل معنيٰ تندرست. انگريزيءَ ۾ (Hale) معنيٰ (Whole) ۽ جرمنيءَ ۾ (Heil) معنيٰ (Hale) ۽ (Whole) اهڙي طرح هول نيس معني آهي تندرست، ٺيڪ ٺاڪ ۽ اها ئي (Holiness) پڻ آهي. اسان کي (Wholeness) تندرست فقط ڳالهائڻ ۾ نه پر حقيقت ۾ مڪمل تندرست ٿيڻو آهي ۽ (Wholeness) ۾ منظم ٿيڻو آهي. جيئن جسم بناوتي طرح هڪ فرد آهي، تيئن انسانيت کي هڪ فرد ٿيڻو آهي. شاهه ولي الله اهو تصور پيش ڪيو آهي. جيڪو هن گهڻي ۾ گهڻي تفصيل سان سمجهايو آهي، حالانڪه اهو هزار سالن کان وٺي انسانذات جي ذمي رهيل هو. شاهه ولي الله اهي نفسياتي، اخلاقي ۽ سماجي حالات (ارتفاقات) پيش ڪيا آهن، جن تحت انسانيت پاڻمرادو محسوس ڪري ۽ هڪ ٿي سگهي ٿي. جيئن مون چيو ته ”بشرالمخبتين“ انهيءَ نقطي منجهان آهي. نئڙت ڪندڙن کي سرفراز ڪيو ويندو. اها خصوصيت انسانيت کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. شاهه ولي الله چوي ٿو ته انسان پهرين نيازمند بنجي. هن جي اڳرائي، وڙهڻ وارو جذبو ۽ حيوانيت انسانيت کي هڪ ڪرڻ ۾ مدد نٿي ڪري سگهي. اها هڪ سخت شيءِ آهي، جيڪا شين کي ڳنڍڻ ۾ مدد نٿي ڪري سگهي. ڳانڍاپي لاءِ نئڙت، گنجائش ۽ اتحاد، ۽ ٻئي کي گڏ رکڻ جي جذبي کان سواءِ ميلاپ يا ڳانڍاپو ڪونه ٿي سگهندو. جيئن ڪالهه مون چيو هو ته جيڪڏهن زال ۽ مڙس، ماءُ ۽ ڌي، پيءُ ۽ پٽ ۾ ٻڌي ڪونه ٿيندي ته پوءِ سڄي شهر ۽ دنيا جو حال ڇا ٿيندو؟ شاهه ولي الله جي نظر ۾ ڪجهه اخلاقي ۽ سماجي حالتون ۽ قدر اهڙا آهن، جيڪي انسانيت جي ڪامليت لاءِ ضروري آهن، جن کان سواءِ وحدت يا ايڪو حاصل ٿيڻ ممڪن ڪونهي، آئون توهان کي ٽيون ڏينهن توهان جي يونين جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هئس ته يونين ٺاهڻ ممڪن ڪونهي سواءِ ڪجهه شرطن جي ٻي حالت ۾ هميشه نفاق ر هندو.

اڄ اهو ساڳيو موضوع آهي جيڪو هاليپوٽي صاحب ٻڌايو آهي ۽ اهو وسيع موضوع آهي. ان جي هڪ ننڍڙي موضوع لاءِ وسيع تشريح جي ضرورت آهي. انسان جي جسماني بناوت ۽ نفسيات ۽ ان جو تفصيل اهو شاگردن لاءِ آهي ته پنهنجي زندگيءَ جون گهڙيون استعمال ڪري انسانيت آڻين. آئون مسلمانن کي خاص طور مخاطب آهيان ته هنن کي سيکاريو جيڪو هنن حاصل نه ڪيو آهي. ڊاڪٽر هاليپوٽي پنهنجو فرض ادا ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو هن ننڍو مقالو لکيو آهي ان ۾ يورپ وارن لاءِ ڪافي مواد ۽ وڏو ثبوت آهي. اهو مقالو يورپ ۾ اڃان تائين ڪٿي به ڪونه پهتو آهي ۽ جيئن مون چيو ته اهي اڃان تائين ابن خلدون جي ماحول ۽ عصبيت ۾ منجهيا پيا آهن. نڪلسن جنهن کي آئون بهترين انسان سمجهان ٿو لکي ٿو ته هو ابن خلدون جي عصبيت جي فلسفي کي ضروري سمجهي ٿو ۽ ان کي (Glue) يعني عصبيت چوي ٿو، جيڪا هڪ شيءِ کي ٻئي ڪنهن سان ڳنڍي ان کي عصبيت چئجي ٿو. اعصاب ڪيئن نه اسان جي جسم جي رڳن ۽ نسن کي ڳنڍين ٿا. اهڙي طرح سوسائٽيءَ لاءِ عصبيت ضروري آهي. جنهن سان هڪ قسم جو مقصد ۽ ڳانڍاپو سوسائٽيءَ ۾ هئڻ گهرجي. اهي ٻئي عجيب اصول آهن. انهن تي يورپ ۾ اڃان بحث ٿي رهيو آهي. هو عصبيت ۽ ماحول کي اڃان تائين هضم نه ڪري سگهيا آهن ۽ نه ئي انهن مان آزاد ٿيا آهن ۽ نه ئي انهن کي ڇڏيو اٿن. ان ڳالهه جو جهڳڙو جاري آهي. اهي سڀ ڪارل مارڪس، اشتراڪيت، سرمايه داري انهن ننڍڙن نقطن ۾ رڌل آهن ته صحيح عصبيت سوسائٽيءَ ۾ ڪيئن پيدا ڪجي جيڪا سڀني کي هڪ ٻئي سان ملائي سگهي. اهڙي نموني جو اتحاد پيدا ڪري جيڪو ٽٽي نه سگهي. اهو ابن خلدون جو فلسفو آهي ۽ جيئن مون چيو ته هو سوشالاجي ۽ تاريخ جي فلسفي جو ابو آهي. پر شاهه ولي الله هن کان ڏهه دفعا وڌيڪ آهي.

شاهه صاحب کي اڃان ڇهيو به نه ويو آهي ۽ نه ئي هن جو صحيح پس منظر ۾ مطالعو پيش ڪيو ويو آهي. مسلمان شاگردن کي جيڪڏهن ڪجهه عقل آهي ته هن کي مطالعي جو مرڪز بنائين. شاهه ولي الله جي سوشالاجي، نفسيات ۽ اخلاقيات جي سمنڊ جو هنن کي مطالعو ڪرڻو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ هيوم جو هم عصر آهي پر جيئن مون چيو ته هيوم فقط علم نفسيات ۾ شاهه ولي الله جي مقابلي ۾ هڪ ننڍڙي نهر آهي. سوشالاجي کي ته هُن ڇهيو ئي ڪونهي، جڏهن ته ٻيا ماحول جي اثر ۽ موروثي اثر تي تفصيل سان بحث ڪري رهيا آهن ته ڪيترو موروثي ۽ ڪيترو ماحولي اثر ضروري آهي. هو نٿو چوي ته ماحول ۽ خاندان ۾ ڪيترو تضاد آهي. هو چوي ٿو ته خاندان ماحول کان متاثر ٿئي ٿو. سماجي ماحول انسان ۽ سوسائٽيءَ کي مڪمل بنائي ٿو. اهو بلڪل مختلف نظريو آهي. مسڪين ڪارل مارڪس کي گهٽ وڌ ڳالهايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو چوي ٿو ته ماحول تمام اهم عنصر آهي. جيڪي ڪجهه حالات پيدا ٿين ٿا، اهي ماحول پيدا ڪيا آهن. سرمائيدارانه سماج جا هي اثر ٿيندا ۽ ٻئي قسم جي ماحول جا ٻيا اثر ٿيندا. اهو هڪ تمام ننڍڙو غير اهم مسئلو آهي، جنهن تي وڙهڻ اجايو آهي، پوءِ ڀلي ان جا اثرات ڪهڙا به ٿين پر اهو مسئلو اڃان تائين سڄي يورپ تي حاوي آهي ۽ هاڻي سوال آهي ته اهي يورپ وارا شاهه ولي الله کي ڪڏهن سمجهڻ شروع ڪندا ۽ محسوس ڪندا، جيئن مون ٿورو اڳي چيو ته نئڙت ڪندڙن کي سرفراز ڪيو ويو آهي.

هن وقت هٺ، خودي، پاڻ پڏائڻ ۽ پاڻ کي وڏو چوائڻ جو دور هلي رهيو آهي. آئون هتي آهيان. اسان مان هر هڪ ائين چئي رهيو آهي پر آخري شخص جيڪو چوي ٿو ته ’آئون هتي (معتبر) آهيان‘ اهو جرمن آهي. هو چوي ٿو ته دنيا ۾ وڏي عزت وارو ماڻهو آئون آهيان. آئون ئي ڌرتيءَ جو نمڪ آهيان ۽ توهان ڏٺو ته هن جو ڇا حشر ٿي ويو؟ اهو پاڻيءَ ۾ ڳري ويو. نئڙت ڪندڙ هميشه سرفراز ٿيندا.

شاهه ولي الله جي اخلاقيات جي باري ۾ ڊاڪٽر هاليپوٽو توهان  کي ٻڌائيندو ته ”اخبات يعني بشرالمخبتين قرآن جو سڏ آهي“ اهو سڄي دنيا کي سکڻو آهي. حضور ڪريم ﷺ جن چوڏهن سئو سال اڳ ٻڌايو ته نئڙت ڪندڙن کي سرفراز ڪيو ويندو. ڇا اهو آواز ڪنهن ٻڌو آهي ته نئڙت ڪندڙ سرفراز ٿيندا. اهي سوچن ٿا ته اها ديوانگي آهي ۽ اها ڳالهه ٻڌڻ جي لائق ڪونهي. غنڊاگردي ۽ جهڳڙي ڪرڻ وارو ئي ڪامياب ٿيندو. پاڻ پڏائڻ وارو سرفراز ٿيندو. پر ”بشرالمخبتين“ وارو ڪونه ٿيندو. ان جو اڄڪلهه رواج ڪونهي ۽ ان جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. هو ائين چوي ٿو. تنهنڪري مهربان! اها به ساڳي شيءِ آهي پر اها آسان ڪونهي.

هاڻي جيڪو ڪجهه توهان ٻڌو آهي، انهيءَ توهان کي منجهائي ڇڏيو آهي. توهان تارن جي ڪائنات ڪڏهن به وحدت ۾ نه ڏسندا. توهان مشڪل سان مون کي هڪ ڏسي سگهو ٿا ۽ شايد مون کي هڪ ڏسو پيا، پر مون کي هڪ ڪري نه ڏسو. آئون بيشمار جزن جو ٺهيل آهيان ۽ اهڙي طرح ڪائنات به گهڻين شين جي ٺهيل آهي، پر اهڙي ڏسڻ واري اک گهرجي، جيڪا ان کي جاميٽري واري نقطي کان ڏسي. جيئن ڪالهه مون چيو ته اهڙو وجود نه، جنهن کي ڊيگهه ۽ ويڪر هجي. جاميٽري جو هڪ نقطو سڄي ڪائنات ڏسي ٿو. تنهنڪري وحدت هن جي ذهن جو مقدار آهي. اها هن ڪائنات کي جاميٽري واري نقطي کان سواءِ وڌيڪ نٿي ڏسي. اها ڪيتري وڏي ۽ ڪشادي آهي. جڏهن هو اکيون بند ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته هاڻي اکيون نٿيون ڪم ڪن. هاڻي اهو ڪم ٻين اکين کان وٺڻ گهرجي. اهي اکيون پنهنجو ڪم ختم ڪري چڪيون.

هاڻي هنن اکين پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو. ڀلي ته هي اکيون پورجن ۽ ٻيون اکيون اچن جيڪي ڪم ڪن. پر هنن اکين کي سندن ڪم ڪرڻ کان اڳ نٿا بند ڪري سگهو، ٻي حالت ۾ اهو ٿيندو ته: خَتَمَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَعَلٰي سَمْعِهِمْ   ۭ   وَعَلٰٓي اَبْصَارِهِمْ غِشَاوَةٌ  وَّلَھُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌ (بقره: 7)

آئون جيڪڏهن ڪجهه پري کان پنهنجيون هي (هٿ جون آڱريون) ڏيکاري پڇان ٿو ته ڪيتريون آهن. انهن پنجن آڱرين کان وڌيڪ صاف حقيقتون توهان جون اکيون آهن. پر توهان انهن کي دريافت نه ڪري سگهندا ته اهي اتي آهن. انهيءَ جي معنيٰ ته نظر ڪمزور آهي. اسان ڏسي نٿا سگهون. اسين سمجهون ٿا ته ڏسون پيا پر اهي اکيون نٿيون ڏسن.

هاڻي هڪ شخص چوي ٿو ته مون کي پڙهڻ لاءِ ڪتاب ٻڌايو. آئون چوان ٿو ته پهرين تون ام الڪتاب پڙهه ان کان پهرين جو ٻيا ڪتاب پڙهين. ٻين ڪتابن کان اڳ ۾ ام الڪتاب تي هڪ نظر وجهه. پر توهان کي پڙهڻ واريون اهي اکيون ڪونهن. پهرين اهي اکيون ڌاريو ته پوءِ توهان کي ڪتاب ملن.

منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو! ڇا اهي وڏا مسئلا آهن. زندگي شاندار ۽ خوبصورت شين جو حيرت انگيز نمونو آهي ۽ تمام عظيم ڳالهه آهي، جنهن کي سمجهڻو آهي جيڪڏهن توهان کي ٿورو گهڻو ذهن آهي ته اها ننڍڙائپ ڇڏي ڏيو. پر توهان ان کي ڪونه ڇڏيندا ڇو ته وڏيون شيون ڏسي نٿا سگهو. اهو توهان تي الزام نٿو هڻي سگهجي.

”فکر هرکس بقدر همت اوست“

 پر توهان کي نصيحت ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي، ”ولاکن لاتحبون النٰصحين.“ يعني توهين نصيحت وٺڻ وارن کي پسند نٿا ڪريو.

هر هنڌ گفتگو هلي پئي، ڪاش منهنجي لاءِ اهو ممڪن هجي ها ۽ توهان کي چاهه ڏياريان ها ته جيئن مون پوڙهي جنهن ڪجهه زندگي ڏٺي آهي ته توهان پنهنجا خوبصورت سال ۽ وقت وڃائي رهيا آهيو ۽ توهان گهڻو ڪجهه ڪونه ڄاتو آهي ۽ ڏٺو آهي. توهان جيڪڏهن هر منٽ استعمال ڪريو ته سئو سال به ٿورا آهن. شلر چوي ٿو ته زندگي ٿوري ۽ فن گهڻو آهي. هو مسڪين چاليهن سالن کان پوءِ گذاري ويو، تنهن هوندي به هو ايترو ڇڏي ويو آهي جو اڃان تائين اسين لطف اندوز پيا ٿيون. هو چاليهه سال بيمار هو، پر هن وقت کي استعمال ڪيو. ڪيترائي وڏا ماڻهو 32، 40، 50 سالن جي دوران گذاري ويا. تنهن هوندي به هو ڪافي ڪجهه اسان لاءِ ڇڏي ويا آهن. امام غزالي جيڪو پنجاهه سالن ۾ گذاري ويو، ڇا زندگي ۽ ڪيتري ٿوري عمر تنهن هوندي به هن اسان لاءِ ڇا نه ڇڏيو آهي. ڪيترائي خزانا پڙهڻ لاءِ ڇڏيا اٿس. اسين هن جون فقط چند سٽون سمجهي سگهون ته به اسين جانورن مان انسان ٿي وينداسون. ان ۾ زندگيءَ لاءِ ڪافي ڪجهه سمايل آهي، تنهنڪري ننڍڙائپ مان نجات حاصل ڪريو ۽ پنهنجون اکيون کوليو. جيئن لطيف جي هڪ سٽ آهي:

جي ورق ورائين ويهه، ته به اکر اهو ئي هڪڙو.

اهو ئي سڀ ڪجهه آهي ۽ اها ساڳي پراڻي ڪهاڻي آهي:

وحدتا ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل.

اهو ئي سڀ حساب ڪتاب آهي جيڪو هر ڪو توهان کي ڏيئي سگهي ٿو ۽ چوي ٿو. ڪوشش ڪري اهو حاصل ڪريو. وڌيڪ ۽ گهڻو ڳالهائڻ مدد نٿو ڪري. ان لاءِ روز بروز ڪم ڪريو ”مک ڏيهاڻي مڪڙي“ لطيف چوي ٿو ته توهان پاڻيءَ ۾ رهو ٿا. توهان جي ٻيڙي پاڻيءَ ۾ آهي. توهان ان کي تيل ۽ مَکُ نه ڪندا ته ان ۾ ڪيترائي سوراخ ٿي ويندا. پاڻي اندر اچي ويندو. هر روز مَکُ ضروري آهي.

گوئٽي چوي ٿو ته هر روز نئين سر آزادي حاصل ڪرڻي پوي ٿي. ٻي حالت ۾ اها نه ملندي. رسول الله ﷺ جن فرمائيندا هئا ته آئون هر روز استغفار ڪريان ٿو. رسول کي استغفار جي ضرورت نه هوندي آهي پر اسان کي ضرورت آهي. تنهنڪري ان طرح گذاريو. اها منهنجي توهان کي گذارش آهي ته زنده رهو. پنهنجي زندگي فضول شين ۾ ضايع نه ڪريو. زندگي تمام خوبصورت آهي، جنهن کي ضايع ڪرڻ نه گهرجي. خاص ڪري شاگردن کي گذارش آهي ته انهن لاءِ ته خزانو اڳيان آهي، جنهن لاءِ هو ڪم ڪن. شاهه ولي الله کي ڏسن ۽ پڙهن ۽ محسوس ڪن ۽ هڪ اهڙو شهر مسلمانن جي دنيا ۾ پيدا ڪن جنهن کي ’بلدة طيبه‘ سڏيو وڃي. اهائي منهنجي سوچ ۽ اڪير آهي جيڪڏهن ائين ڪري سگهو ٿا ته پوءِ توهان گويا دنيا کي مثالي بنائي سگهندا ۽ اهو نمونو دنيا ۾ ڪٿي  به وجود ۾ ڪونهي. اهڙو بلدة طيبه پيدا ڪريو، باقي رب هميشه غفور آهي جيڪو ٻيءَ طرح نٿو ٿي سگهي. ”بلدة طيبة و رب غفور“ اهڙو شهر ٺاهيو، هاڻي توهان تي الله تعاليٰ جي رحمت هجي.

 

[  15  ]

محبت زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو سچ آهي

 

علامه صاحب هيءَ صدارتي تقرير 12 فيبروري 1954ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ هال ۾ ڪئي. هن توسيعي تقرير جو مقرر ڊاڪٽر نبي بخش قاضي هو، جيڪو ان وقت فارسي شعبي جو سربراهه هو.

 

خواتين و حضرات! ڇا آءٌ توهان کان پڇي سگهان ٿو ته منهنجي دوست پروفيسر نبي بخش قاضيءَ جي علمي مقالي بابت توهان جو رد عمل ڪهڙو آهي! جيڪڏهن توهان ايماندارنه راءِ ڏيندا ته انگريزيءَ ۾ چوندا اڳوڻيون ڪهاڻيون (Old tales)! يا جنهن کي عرب ”اساطيرالاولين“ چوندا هئا، ساڳيو پراڻو محبت جو قصو پراڻيون ڳالهيون ۽ ساڳيا اڳوڻا شاعر! اسان اڪثر انهن کي ٻڌو آهي ۽ اسين ڄاڻون ٿا ته اهي ڇا آهن. اسان کي وري انهن محبت وارن ڊگهن قصن ٻڌڻ جي ضرورت ڪونهي. هن ڪشش، ڇڪ، سٻنڌ ۽ مقناطيسي اثر (Magnetism) بابت ڳالهايو ۽ اهو سڀ ڪجهه توهان کي معلوم آهي. انهن جي باري ۾ نئين ڳالهه ڪهڙي آهي؟ توهان چوندا ته اسان انهيءَ پراڻي ڪهاڻيءَ کي به گهڻو ٻڌو آهي.

هاڻي جيئن توهان ڏٺو ته هتي منهنجا ڪجهه نوجوان ڀائر ۽ شاگرد ساٿي، ڪي پندرهن منٽ ته ڪي ويهه منٽ ته ڪي اڌ ڪلاڪ دير سان پهتا آهن. مان خوش آهيان ته هو وري به آيا. پر ان مان ظاهر آهي ته هنن ۾ علم واسطي اها خواهش ايتري مضبوط نه آهي. هنن کي ان جو فڪر ناهي ته هن هال ۾ اسان محبت جي ان آفاقي قانون بابت ڇا چئي رهيا آهيون، جيڪو پوري ڪائنات ايٽم کان وٺي ڏورانهن تارن تائين حڪمراني ڪري ٿو. سوچيو ته جيڪڏهن هنن ۾ خواهش هجي ها ته ڇا ٿئي ها؟ هاڻي آئون توهان کي پنهنجي ذاتي تجربي مان ٻڌايان ٿو ته ڇا ٿئي ها.

انگلينڊ ۾ جڏهن اسان جواني جي دور ۾ يعني اڃان ڇوڪرا هئاسين پهريون دفعو ويا هئاسين ته اسان کي هڪ عجيب لقاءُ ٻين سڀني شين کان وڌيڪ اچرج ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽ اهو ڇا هو؟ اهو اوپيرا (Opera) ڊرامو هو جنهن جي باري ۾ سوسائٽيءَ ۾ گهڻو چؤٻول هوندو هو ته اها ڏاڍي سٺي آهي. اڪثر ماڻهن کي چوندي ٻڌبو هو ته اها خوبصورت شيءِ لنڊن جي فلاڻي ٿيٽر ۾ پهريون ڀيرو ڏيکاري پئي وڃي يا چوندا هئا ته اهو اوپيرا فلاڻي مشهور ڪمپوزر يا موسيقار جو هو. آئون سمجهان ٿو ته هتي اسان مان ڪيترن کي اوپيرا (Opera) لفظ جي معنيٰ جي به خبر ڪونهي. اهو سازن تي ڊرامو هوندو آهي. لفظن جي بجاءِ ميوزڪ هوندو آهي. ڳالهائڻ جي جاءِ تي ڳائڻ هوندو آهي ۽ جيئن ئي ان جو اعلان ٿيندو آهي ۽ ان لاءِ ڏينهن مقرر ٿيندو آهي ته ڇا ٿيندو آهي؟ جيئن ته هال ۾ محدود سيٽون هونديون آهن. فقط مخصوص تعداد ماپي سگهندو آهي. لنڊن ۾ ان وقت اٺ لک آدمشماري هئي. تنهنڪري اٺ لک هڪ ئي وقت اوپيرا هائوس يا ٿيٽر ۾ داخل ٿي ڪونه سگهندا. فقط محدود تعداد ان مخصوص شام جو داخل ٿي سگهندو خاص ڪري پهرين شام جو! هاڻي ان جو حل ڪهڙو هو؟ ان جو حل اهو هو ته ماڻهو پنهنجا ڪمبل، چانهه جي ڪٽلي کڻي وڃي ٿيٽر جي دروازي جي اڳيان پهرين قطار ۾ بيهندا هئا ته جيئن دري کلڻ سان ئي ٽڪيٽ حاصل ڪري سگهن. انهن مان ڪي چوويهه ڪلاڪ اڳي اچي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ انتظار ڪندا هئا. بلڪه هڪ عام رواجي لارڊ ميئر جڏهن جلوس جي صورت ۾ لنڊن مان گذرندو هو  يا راڻي پنهنجي خاص گاڏيءَ ۾ سوار ٿي لنڊن جي گهٽين مان لنگهندي هئي ته ماڻهو ڏهه ڪلاڪ اڳي وڃي قطار ۾ بيهندا هئا ته راڻيءَ جي پهرين جهلڪ کين نصيب ٿئي. يعني پهرين قطار ۾ ويجهو بيهي ڏسن ٻين وانگر نه جيڪي پري کان قطار ۾ بيهي ڏسن.

هاڻي توهان چوندا ته اها هڪ خاص صورتحال آهي، جنهن ۾ خواهش جي مضبوطي، مقناطيس جهڙي ڪشش آهي جنهن بابت پروفيسر نبي بخش قاضيءَ ٻڌايو. آئون توهان کي ٻيو مثال ڏيندس جنهن جو امام غزالي شاهد آهي. هو فرمائي ٿو ته شروعاتي ڏينهن ۾ اسان مان ڪجهه نماز لاءِ ويندا هئا.

اِذَا نُوْدِيَ لِلصَّلٰوةِ مِنْ يَّوْمِ الْجُمُعَةِ فَاسْعَوْا اِلٰى ذِكْرِ اللّٰهِ وَذَرُوا الْبَيْعَ ۭ (62:9)

معني:ٰ جڏهن جمعي جي ڏينهن ٻانگ جو آواز ٻڌو ته پوءِ الله جي يادگيريءَ خاطر ڊڪ پايو ۽ ڪاروبار ڇڏي ڏيو.

اهو حڪم هميشه اسان جي ڪنن ۾ وڄندو هو. جمعي جي فرض نماز لاءِ خريد و فروخت ڇڏي ڏيو ۽ الله جي گهر جي طرف رجوع ٿيو ۽ سندس ذڪر ۽ فڪر ڪريو. اهڙي طرح امام غزالي رح فرمائي ٿو ته جڏهن اسين ننڍا هئاسون ته ٻڌندا هئاسون ته ماڻهو بجاءِ هڪ بجي جي صبح جو ستين بجي کان فرض جماعت لاءِ پهچڻ شروع ٿي ويندا هئا. اهو فقط ان ڪري جو اهڙي سٺي جاءِ تي ويهجي ته جيئن خطيب جي اڳيان جاءِ ملي. اسين خطيب جي نزديڪ ته جيئن هن کي ٻڌي سگهون. صبح کان وٺي الله جو ذڪر ڪريون ۽ دنيا جي ٻي هر شيءِ کي وساري ڇڏيون. خدا جي گهر ۾ فرحت محسوس ڪرڻ ۽ سندس ئي باري ۾ فڪر ڪرڻ ۾ مشغول رهون. هو فرمائي ٿو ته اهو ئي سبب هو جو ماڻهو صبح جو ويندا هئا ۽ نماز کان پوءِ به مسجد ڪونه ڇڏيندا هئا. خطيب ويهندو هو ۽ ان جي صحبت ۾ ويهي وعظ ٻڌندا هئا، يعني جيڪي ڪجهه خطيب چوندو هو. اهڙي طرح اها ننڍڙي جماعت جمعي جي ڏينهن ويجهو ويهڻ پسند ڪندي هئي.

امام غزالي پاڻ چوي ٿو ته هاڻي ڇا ٿي ويو آهي. ماڻهو اڌ ڪلاڪ خطيب جي خطبي کان پوءِ اچن ٿا ۽ سوچن ٿا ته ٻه رڪعتون نماز جيڪي فرض آهن رڳو اهي ادا ڪريون. هو سمجهن ٿا ته خطبو انهن لاءِ فرض ڪونهي. انهن وساري ڇڏيو آهي ته خطبو به فرض آهي. اسين ٻه رڪعتون فرض پڙهڻ وينداسون ۽ جلدي اچي دوڪان کولينداسين ته متان ڪو شخص ٻن آنن سان گڏ ڪنهن خريداريءَ لاءِ نه بيٺو هجي. اهڙي طرح جيئن اسين ڪو گراهڪ نه وڃايون.

هاڻي توهان ڏٺو ته ڪشش ڪيئن نه پنهنجي مخصوص طريقن سان تبديل ٿي چڪي آهي. هينئر توهان هيڏي ساري ڊگهي تقرير ٻڌي جنهن ۾ چيو ويو ته سڄي ڪائنات پيار جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهي. پر هتي ڀاءُ ڀاءُ سان پيو وڙهي، ڀيڻ ڀيڻ سان پئي وڙهي. هن (قاضي نبي بخش) حافظ جو حوالو ڏنو آهي جيڪڏهن مون کي اجازت ڏيو ته آئون به حافظ جو ساڳيو حوالو ڏيان.

اين چه شوريست که در دور قمر مي بينم،

همه آفاق پر از فتنه و شرمي بينم،

دختران را هم جنگ است و جدل بامادر،

پسران را همه بدخواه پدر مي بينم.

ترجمو: هي ڪهڙو زمانو اچي پهتو آهي، جو هر طرف فتنو فساد ڦهليل آهي ۽ اهڙي جنگ جاري آهي. جنهن ۾ ماءُ ڌيءَ سان وڙهي رهي آهي، پٽ پيءُ سان وڙهي رهيو آهي.

ساڳيو شريف انسان حافظ فرمائي ٿو ته اهو بلڪل درست آهي ته محبت هيءَ آهي ۽ محبت هوءَ آهي پر هو چوي ٿو ته محبت اسان ۾ رهي ئي ڪونهي. هاڻي اها ڪهڙي صورتحال آهي. مسلمانن جو سمورو ادب ۽ سڀئي شاعر ۽ فيلسوف محبت جو پرچار ڪري ويا آهن، پر تڏهن به محبت ڪونهي. هاڻي اهو سڀ عنقا ٿي پيو آهي. يعني خيالي پکي آهي. اهو پکي جيڪو ڪنهن ڏٺو ئي ڪونهي.

”عنقا شکار کس نه شود دام باز چين“

هو چوي ٿو ته توهان جيڪا ڄار هن کي پڪڙڻ لاءِ رکي آهي ان کي کڻي وٺو. اهو توهان کان ڪونه پڪڙبو.

اهو بلڪل درست آهي جيئن پروفيسر چوي ٿو ته ائٽم هميشه ائٽم رهندو ڇاڪاڻ ته ان جي ڪشش ثقل (Gravity) ۾ پروٽان (Proton) ۽ اليڪٽران (Electron) گهمندا رهن ٿا. جيڪڏهن ڇڪ ختم ٿي ويندي ته هر اليڪٽران مرڪز کي ڇڏي ٻاهر نڪري ويندو. جيئن ئي اهو ٻاهر نڪري ويندو ته ائٽم جي خاصيت تبديل ٿي ويندي. اهو بلڪل درست آهي انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. اهو درست آهي ته هڪ قسم جي ڪشش (Gravitation) ئي انهن ايٽمن کي گڏ رکي ٿي. اتفاق سان اهو منظر مون کي متاثر نٿو ڪري. منهنجو سڄي زندگيءَ ۾ جنهن ڳالهه توجهه ڇڪايو آهي ۽ منهنجي دل جي آواز کي اٿاريو آهي اها هڪ ٻئي جي قريب نه اچڻ واري حقيقت آهي.

پروفيسر صاحب ٻڌايو ته جڏهن ائٽم ويجهو اچن ٿا ۽ پاڻ ۾ منظم ٿين ٿا ته هڪ نئين شيءِ وجود ۾ اچي ٿي. نئين شيءِ ظاهر ٿئي ٿي. جيترو ائٽم وڌيڪ قريب اچن ٿا اوترو نئين قسم جي زندگيءَ جو ظهور ٿئي ٿو. انهيءَ کي اسين (Philosophy of Emergence) ظهور وارو فلسفو چئون ٿا. ساڳي شيءِ جيترو وڌيڪ قريب ٿئي ٿي اوترو نئين شيءِ جو ظهور ٿئي ٿو. مثال هڪ (Inorganic) غير نامياتي جسم کان وڌيڪ منظم (Organic) نامياتي جسم آهي. هڪ لحاظ سان ٻنهي ۾ ڪو حقيقي فرق ڪونهي. ارتقائي سفر دوران ساڳيو عام عنصر معدني زندگيءَ ۾ به آهي، جنهن کي اسين روح جماداتي چئون ٿا. اهڙي طرح اڳتي هلي اهو روح انساني جو عام عنصر ٿي پوي ٿو. انسانيت جو روح خود انسانيت آهي ۽ اهڙي طرح جيترو به وڌيڪ منظم ڪا شيءِ هوندي ان ۾ هڪ اعليٰ عام يا مشترڪ عنصر هوندو ۽ آئون چوان ٿو ته اهو آهي، آدميت، انسان ذات ۽ انسانيت.

نباتات ۽ نباتاتي روح جو تصور بلڪل صحيح آهي جيئن دنيا وڌ کان وڌ منظم ٿيندي وڃي ٿي تيئن نئون ظهور ۽ نئين طاقت (Power) پيدا ٿئي ٿي. جتي زندگي نه آهي اتي زندگي اچي ٿي. زندگيءَ ۾ روح اچي ٿو، اڳتي ذهن اچي ٿو ۽ ڇا ڇا نٿو اچي جڏهن اتحاد ۽ تنظيم شروع ٿئي ٿي. پر انهيءَ نظريي مون کي اڌ جيترو به متاثر نه ڪيو آهي جهڙو هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ واري ڪيفيت (Phenomena of dissolution)  ڪيو آهي.

مون زندگيءَ ۾ مرده ۽ ختم ٿي ويل جسم ڏٺا آهن. توهان کي خبر آهي ته اهو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن جسم ختم ٿي وڃي ٿو. باهمي ڪشش جي بجاءِ نفرت ۽ ڌڪار جاءِ والاري ٿي. هر ذرو ٻئي کان الڳ ٿيڻ چاهي ٿو. توهان ڏسندا ته ٿوري وقت ۾ سڄو جسم ختم ٿي وڃي ٿو. هر ذرو هوا ۾ اڏامي ڪنهن ٻئي هنڌ هليو وڃي ٿو ۽ جسم کي ڇڏي وڃي ٿو. اها ڪهڙي حقيقت آهي؟ اها ڪشش ۽ مقناطيس ڪيڏانهن وئي. ڇا ٿي ويو آهي جڏهن اسين چئون ٿا ته هي مرده جسم آهي. مرده جسم ۾ ڌڪار وارو قانون (Law of repulsion) ۽ ڳاري ختم ڪرڻ وارو قانون (Law of dissolution) نمايان نظر اچن ٿا. هاڻي منظم ڪرڻ واري قانون ۽ اتحاد واري قانون جيئن منهنجي پروفيسر ڀاءُ چيو ته محبت جو خاتمو اچي وڃي ٿو. مردي ۾ محبت جي ڪابه نشاني ڪونهي جڏهن هو مري وڃي ٿو. پوءِ ڇا ٿو ٿئي! هر ذرو ٻئي ذري کان الڳ ٿي اڏامي وڃي ٿو. جنهن کي اسين خاتمو (Dissolution) چئون ٿا.

آئون جڏهن ڄائو هئس تڏهن انهيءَ حقيقت جو عام اظهار هو، تنهنڪري ڪتاب مون کي متاثر نه ڪري سگهيا. مون کي ڪتاب غير حقيقي لڳا هئا، جيڪي ڪجهه اکيون ڏسي رهيون هيون. اها بلڪل ابتڙ حقيقت (Phenomena) هئي. پهرين حقيقت منهنجي لاءِ فقط ڏند ڪٿا جي مثل هئي، پر جڏهن مون هڪ شاگرد وانگر مطالعو ڪيو ۽ سڄي ڪائنات ۽ فطرت کي ڏٺو ته مون کي به لڳو ته محبت ۽ سچ ئي سڀ ڪجهه آهي، ليڪن اهو فقط منهنجي دماغ واري تجربيگاهه ۾ هو، پر ماڻهن واريءَ حقيقي دنيا ۾ نه هو!

جيئن مون چيو ته هتي چئين بجي اچڻ لاءِ نڪو گهڻي ڪشش هئي نڪو گهڻي خواهش هئي ۽ ويچارو نبي بخش قاضي جيڪو ٽن حصن کان به وڌيڪ مقالو ٻڌائي چڪو هو ۽ باقي هن کي ٻڌڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيو. اهو ئي آهي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي. ڪابه ڳالهه قدمن کي ايترو تيز ڪري ڪونه سگهي جو گهٽ ۾ گهٽ پنج منٽ اڳي پهچي سگهجي ها نڪي پنج منٽ دير سان!

حقيقت ۾ هرهنڌ هر روز اهڙي صورتحال نظر اچي ٿي. اسين ان کي باقاعدگي يا وقت جي پائبندي جي نالي سان سڏي سگهون ٿا، اها بلڪل حقيقت آهي ته هتي ڪشش ڪونهي. محبت کان سواءِ عدل يا باقاعدگيءَ جو سوچي به نٿو سگهجي. ٻيءَ حالت ۾ اهي سڀئي مصنوعي شيون آهن. توهان سعديءَ جو هي هڪ شعر ٻڌو هوندو.

”علي الصباح مردم به کاروبار روند،

بلا کشان محبت بکوئي يار روند.“

ترجمو: صبح جو سوير هر ماڻهو پنهنجي ڌنڌي لاءِ وڃي ٿو پر غريب عاشق پنهنجي محبوب جي گهٽيءَ ۾ سندس در اڳيان انتظار ڪري ٿو.

هو ٻيو ڪجهه نٿو سوچي پر جڏهن سندس يار هتي موجود آهي ته هو چوي ٿو ته ”دست به کار دل به يار“ هٿ هاج ۾ پر دل يار ڏي هجي. اهو محبوب ڪهڙو آهي، اسين نٿا ڄاڻون ته هن جي يار مان ڇا مراد آهي پر اسان مان ڪيترا فخر مان چوندا ته انهن کي اهڙي قسم جي يار جي ٿوري گهڻي شناخت آهي...

”اهڙا چاليها نه چاليهه، جهڙو پسڻ پرينءَ جو.“

پر اهو پرين جو پسڻ فقط هڪ تمنا ۽ ڏند ڪٿا ڪهاڻي آهي. ڇا ڪنهن ان کي ڏٺو آهي. لطيف خود چوي ٿو ته اچو ته انهن وٽ هلون جن اهو (يار) ڏٺو آهي. اچو ته هلون ۽ هڪ رات اتي هلي گذاريون.

مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرين کي،

رهي اچجي، راتڙي، تن جنگن سندي جاءِ،

انهن جي ساڃاءِ، ترهو ٿئي تار ۾.

اهڙي طرح لطيف ٻڌائي ٿو، پر هاڻي اهو سڀ ڪجهه ديون پَرين جي ڪهاڻي وانگر آهي. جيئن مون چيو ته ڇا اسان انهن ڳالهين جو ٻه پايون قدر ڪريون ٿا؟ اسان ڪنهن به شيءِ جو جيڪا اسان کي ڪشش ڪري ٿي ڪيترو قدر ڪريون ٿا ۽ اهو اسان مسلمانن توڻي هندن لاءِ تمام خراب آهي. اسان جو علم ۽ رسمون ان حد تائين دنيا کان عليحدگي اختيار ڪري چڪيون آهن جو اعليٰ وابستگيءَ واري ڳالهه هاڻي ڏند ڪٿا معلوم پئي ٿي ڇاڪاڻ ته ان کي پهچڻ تمام پري ٿي پيو آهي. حد ته اها آهي جو هيٺاهين درجي تي به پهچڻ جو خيال ڪونهي. هن وقت ڀاءُ جي ڀاءُ سان محبت ڪونهي. ننڍي شهر جي ماڻهن جي پاڻ ۾ محبت ڪونهي. قبيلي جي پاڻ ۾ محبت ڪونهي. قوم جي پاڻ ۾ محبت ڪونهي. اهو سڀ محسوس نٿو ڪيو وڃي. پوءِ خدا سان محبت ڪرڻ جي ڳالهه جو ڪهڙو فائدو! اها ڪيئن پيدا ٿيندي. انهيءَ تي تمام گهڻي ڪٽ چڙهي وئي آهي. توهان ۽ اسان اهو محسوس نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ان بابت سوچيو آهي.

ان ڏينهن هڪ شخص انگريزن کي گاريون ڏئي رهيو هو. هن چيو ته اهي ڦٽڪاريل ۽ قوم پرست آهن. مون چيو ته اهي ڦٽڪاريل ۽ قوم پرست آهن پر اسان ڦٽڪاريل قوم پرست به ڪونه آهيون. منهنجي خواهش آهي ته اسين ڦٽڪاريل قوم پرست هجون جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نه آهيون. انهيءَ سان ڪجهه نه ٿيندو. پر اسين ڦٽڪاريل خود غرض انسان آهيون. اسان جو پيار اسان جي نفس سان آهي. ڪافي وقت اڳي محترم مرزا حيرت جيڪو بمبئي جي ايلفن اسٽون ڪاليج ۾ فارسيءَ جو استاد هو، اڪثر هي شعر پڙهندو هو.

از خود پرستي اين بت پرستي بهتر است

خود پرستي مرد مارا بت پرستيدن مراه

هو چوندو هو ته بت پرستي، خود پرستيءَ کان وڌيڪ بهتر آهي. هن جي چوڻ موجب انسان جيڪو ٻه مڻ وزن جو آهي مستقل پوڄيو ٿو وڃي اهو ڪراهت جهڙو ڪم آهي. تنهنڪري اهو گهڻو بهتر آهي ته بت جي پوڄا ڪئي وڃي.

ڪيترائي دفعا اسان هتي وحدت ۽ ڪثرت جي باري ۾ ڳالهايو آهي. اسان نهايت آسان طريقي سان ٻڌايو ته سڄي ڪائنات هڪ آهي. فقط ٻه هفتا اڳي ڊاڪٽر هاليپوٽي ٻڌايو ته سڄي ڪائنات هڪ انسان ڪبير جي مثل آهي. سموري انسانذات هڪ شخص اڪبر آهن. سڄي انسان ذات هڪ فرد جيان انسان ڪبير آهي. هن اهو ٻڌايو جيڪو اسان اڃان وساريو نه آهي. انهيءَ جي معنيٰ آهي ته سڄي ڪائنات منظم ايڪي ۽ ڪشش ۾ جڪڙيل آهي اها اهڙي بناوٽ سان جوڙيل آهي جو ان جي پابند آهي. هاڻي هڪ طرف اهو فطري مظهر آهي، ٻئي طرف ڀاءُ جي ڀاءُ سان ۽ ڀيڻ جي ڀيڻ سان ڌيءَ ۽ ماءُ جي لڙائي جاري آهي.

هاڻي ٻنهي قدرتي مظهرن جي ڀيٽ ڪريو. هڪ قدرتي مظهر جنهن ۾ هڪ رت جو ڦڙو ڏهن مهينن ۾ منظم ٻار جي صورت اختيار ڪري ٿو جيڪو توهان ۽ آئون آهيان. اهو ڪيترو نه حيرت انگيز آهي جو نون مهينن ۽ ڏهن ڏينهن ۾ انساني مواد جو هڪ ڦڙو منظم ٿي هڪ شڪل اختيار ڪري زندهه ٻار بنجي ٿو. ڇا اهو معجزو ڪونهي! ٻئي طرف ڏسو ته هڪ مئل ٻار جو جسم ٿوري وقت کان پوءِ ڌپ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. اها ڌپ ڇا آهي؟ ننڍڙا ننڍڙا سڙيل ائٽم هوا ۾ ڦهلجي وڃن ٿا ۽ توهان جي نڪ تائين پهچن ٿا. توهان چئو ٿا ته ڌپ اچي پئي. اهي فقط ائٽم آهن جيڪي هوا جي وسيلي توهان جي نڪ تائين پهچن ٿا ٻيو ڪجهه به ڪونهي، پوءِ انهيءَ شيءِ مان جند ڇڏائڻي پوي ٿي ۽ ان کي دفن ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن توهان ان کي دفن نه ڪندا ته هر جزو الڳ ٿيندو ويندو تانجو باقي ڪجهه به نه رهندو بلڪه هڏا پڻ ڪونه رهندا.

ڳالهه ڇا آهي ته هن سڄي صورتحال ۾ ملائڻ يا جوڙڻ وارو عنصر ڪونهي. اهو عنصر ڪونهي جنهن ان کي گڏ ڪيو. هينئر ان ۾ اهو عنصر آهي جيڪو ان کي بگاڙي ۽ کاري ختم ڪري ٿو. توهان خدا جي هن ڌرتيءَ تي ان حالت ۾ رهي نٿا سگهو. توهان ضرور الڳ ٿيندا. ساڳئي نموني جڏهن سوسائٽي خاتمي جي ويجهو پهچي ٿي ته ان ۾ بانس ٿي وڃي ٿي. اهڙي طرح ماڻهو جڏهن مري وڃي ٿو ته ان ۾ ختم ٿي وڃڻ جي قدرتي صلاحيت موجود آهي. اها حالت آهي، جڏهن هر جزو ٻئي جزي سان جنگ ڪري ٿو. سماجي سطح تي هر ماڻهوءَ جو هٿ ٻئي ماڻهوءَ جي گلي ۾ هوندو آهي. اهڙي حقيقت کي اسين سوسائٽيءَ جي گهرو لڙائي چئون ٿا. الله تعاليٰ توهان جي مذهبي ڪتاب ۾ فرمائي ٿو ته جڏهن آئون ڏسان ٿو ته هاڻي نجات ضروري آهي. انسان فنا ٿي رهيو آهي ته پوءِ اها خاتمي واري صورتحال سامهون اچي ٿي، جڏهن هر شيءِ ٻي شيءِ سان وڙهي ختم ٿيڻ ۾ مصروف آهي. تنهنڪري هن دنيا ۾ منهنجي قسمت ۾ آهي ته آئون ڄائو ئي ان لاءِ آهيان ته هن دنيا ۾ رات ڏينهن اهو قدرتي لقاءُ ڏسان. ان صورتحال کي ان محبت واري صورتحال سان ڀيٽيو، جنهن بابت توهان فيلسوفن ۽ شاعرن کان ٻڌو آهي ۽ ان بابت گهڻو ڪجهه توهان جي لوڪ ادب ۾ ملي ٿو.

منهنجي دل اهو ڏسي هر وقت ڳڻتيءَ ۾ ڳري ٿي ته جيڪڏهن اهو مرده جسم آهي ته پوءِ ان کي احترام سان دفن ڪيو وڃي. پر جيڪڏهن اهو مرده جسم نه آهي ۽ ان ۾ ڪجهه روح باقي آهي ته پوءِ ان کي وري سجاڳ ڪري زنده رکيو وڃي، پر اڌ مُئل روح ۽ اڌ ڳريل جسم ڪنهن ڪم جو نه آهي. قرآن شريف فرمائي ٿو:

وَمَنْ نُّعَمِّرْهُ نُنَكِّسْهُ فِي الْخَلْقِ ۭ اَفَلَا يَعْقِلُوْنَ(68:36)

ترجمو: جنهن کي اسان وڏي عمر کي پهچايون ٿا ته پوءِ اسان هن کي خلق ۾ ڪمزور ۽ جهڪيل ڪري ڇڏيون ٿا. پوءِ هو ڇونه ٿا سمجهن؟

مطلب هڪ شيءِ جنهن جي وڌيڪ افزائش بند ٿي چڪي آهي ته اها ڇو زنده رهي. ڇا توهان کي عقل ڪونهي. هڪ شيءِ جيڪا وڌيڪ زنده ۽ تخليق نٿي ڪري سگهي بهتر آهي ته ان کي دفن ڪري ڇڏجي. ان جو ڌرتيءَ جي مٿان رهڻ ڇو ضروري آهي. اها زندگيءَ جي سڀني قانونن جي انحرافي ڪري ٿي. ڇا موت زندگيءَ سان گڏ ڌرتيءَ تي رهي سگهي ٿو. انهيءَ لاءِ گڏ رهڻ جي ڪابه جاءِ ڪونهي. اهوئي آئون توهان کي ذهن نشين ڪرائڻ چاهيان ٿو، بنسبت ان جي جيڪو منهنجي پياري ڀاءُ پروفيسر نبي بخش قاضيءَ چيو. هن ڪشش واري قدرتي قانون، مقناطيسي حقيقت، منظم ٿيڻ واري صورتحال ۽ ايڪي واري ڪامل صورتحال بابت ٻڌايو. پر آئون وري غير منظم، نااتفاقي ۽ موت جي باري ۾ پيو ڳالهايان.

ان ڳالهه کي نه وساريو ته توهان ارڙهن مهينا اڳ ڪجهه وڌيڪ سنجيده هئا جڏهن هن هال ۾ اسان موت جي باري ۾ ڳالهايو هو. اسان هڪ ننڍڙي سوسائٽي ٺاهي هئي ته موت جو مطالعو ڪري نڪي حياتيءَ جو ڇاڪاڻ ته اهو ٻي ڪنهن به شيءِ کان وڌيڪ يقيني آهي. توهان چاهيو ٿي ته اهڙو ڪو رستو ڳولهي ڪڍجي جيئن ان مان نڪري زنده رهي سگهجي. موت هر روز هڪ رات کان ٻي رات تائين ۽ هر گهڙيءَ کان ٻي گهڙيءَ تائين پڪاري پيو ۽ اسين چاهيون ٿا ته ڪنهن نموني سان موت کان محفوظ رهون. انهيءَ مقصد لاءِ اسان اها سوسائٽي ٺاهي هئي ته زنده رهڻ جا طور طريقا حاصل ڪريون نڪي موت جا، پر موت جو ۽ ان جي قدرتي حقيقت جو مطالعو ڪريون!

اڄ هتي اسان کي پروفيسر صاحب موقعو ڏنو آهي ته ساڳي مضمون تي ڳالهايون جيڪو اسان ارڙهن مهينا اڳي شروع ڪيو هو. اڄڪلهه هر هنڌ موت اسان کي سامهون ڏسڻ ۾ پيو اچي. هر شيءِ ٻئي شيءِ سان بغاوت ڪريو بيٺي آهي. هر جزو ٻئي جزي جي خلاف جنگ ڪري الڳ ٿي رهيو آهي. اهو فرحت جي بجاءِ بدبو پيدا ڪري رهيو آهي ۽ اسين نڪ جي ذريعي محسوس ڪري رهيا آهيون. اهو بهتر آهي ته ان مان نجات حاصل ڪجي ۽ ان کي دفن ڪري ڇڏجي بجاءِ ان جي جو اهو ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي سڙيل ۽ ڌپ ڪري پيو هجي. انهيءَ صورتحال سڄي ڄمار مون کي تڪليف ۾ وڌو آهي ۽ ان جو اڄ تائين ڪو حل ڪونه مليو آهي. ان کان پري ڀڄي وڃڻ سان مسئلو حل ڪونه ٿيندو. اکين پورڻ سان مسئلو حل ڪونه ٿيندو. اٺ پکيءَ وانگي پنهنجي ڳچيءَ واريءَ ۾ لڪائڻ سان به مسئلو حل ڪونه ٿيندو. اهو مسلسل پوئتي ڌڪي رهيو آهي. اها آخري نشاني آهي ته سڀئي شيون خراب ٿي چڪيون آهن. اسان کي اهو ڪشش ڪري ٿو جيڪو دفع ڪرڻ گهرجي. ليڪن اسان اهو دفع ڪريون ٿا جنهن لاءِ ڪشش هئڻ گهرجي. ذوق سالم اهو آهي ته جيڪو اسان کي گهربل آهي ان لاءِ اسان کي خواهش ڪرڻ گهرجي ۽ جنهن کي دفع ڪرڻو آهي ان کي ٽارڻ گهرجي.

بهرحال اهو ئي واحد رستو آهي ۽ اهو ئي خدا جو قانون آهي. انهيءَ خدا جي قانون کي ڪائنات جو قانون سڏجي ٿو. اهو مرده شيءِ کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. اهو جيترو جلدي ڳري ختم ٿي وڃي اوترو ئي بهتر آهي. انهيءَ کي دفن ڪرڻو پوندو. انهيءَ کي ڪنهن نموني سان ختم ڪرڻو پوندو. خس کم جهان پاڪ_ جيترو اهو جلد ختم ٿيندو اوترو باغائي لاءِ باغ بهتر ٿيندو. جيترو جلد گاهه ۽ غير ضروري ٻوٽا گڏ ڪري ساڙي ڇڏبا اوترو ئي باغ سٺو نظر ايندو. اهو قانون فطرت آهي جنهن کان توهان نٽائي نٿا سگهو.

 مهربان! مون تي احسان ڪريو. توهان پاڻ مطالعو ڪريو ته توهان جي چاهت ڇا آهي. توهان جون خواهشون ۽ ڪشش جو مرڪز ڇا آهي. ڏسو ته توهان ڪهڙي شيءِ ڏانهن ٻين شين جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪشش محسوس ڪريو ٿا. توهان ڪهڙي شيءِ ڏانهن ٻين شين جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڇڪجي وڃو ٿا. توهان کي ڪهڙي شيءِ ڇڪي ٿي ۽ پوءِ ڳولهيو ته اها آخري شيءِ ڪهڙي آهي. اهو توهان جو ذوق هر شيءِ جو فيصلو ڪري ٿو. مون کي ٻيو ڪو شخص اچي نه ٻڌائي ته آئون ڇا آهيان. منهنجو ذوق ٻڌائيندو ته آئون ڇا آهيان ۽ مون کي ڇا گهرجي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org