سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:31 

[  53  ]

قانون سازي

اسلام عام رواجي معنيٰ ۾ مذهب ناهي، بلڪ اهو زندگي بابت هڪ جامع نظريو يا رجحان آهي. ان جو مطلب آهي ته ڪي اهڙا اٽل قانون آهن جن مطابق ڪائنات جي هر شيءِ انهن جي تابعداري ڪري ٿي ۽ انسان به ان ۾ شامل آهي.

اڄ کان چاليهه سال اڳ متحده هندستان ۾ هڪ تحريڪ هلي هئي جنهن جو نعرو هو ’قانون ٽوڙيو‘، انهيءَ ڪري قانون ٽوڙڻ هڪ سٺو عمل بنجي ويو هو ۽ ’قانون‘ لفظ پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو هو. اهو سوال پنهنجي جڳهه تي قائم آهي ته ڇا ان مان واقعي ان وقت جي سياستدانن کي فائدو پهتو؟ ليڪن ان مان هڪڙي ڳالهه ضرور واضح ٿي ته پنهنجي عارضي مفادن خاطر دائمي اصولن جي ڀڃڪڙي باهه سان کيڏڻ برابر آهي. انهيءَ صورتحال جو هڪ نتيجو اهو نڪتو جو جيڪي قانون ساز اسيمبليون وجود ۾ آيون، انهن هڪڙي ڏينهن هڪڙا قانون ٺاهيا ۽ ٻئي ڏينهن وري اهي رد ڪري ٻيا ٺاهيا. قانون جو اهو مطلب وڃي رهيو ته اڄ جيڪو قانون پنجاهه ماڻهن جي مرضيءَ مطابق ٺهيو هو جيڪو هڪ قسم جو عارضي بندوبست هو، اهو ٻئي ڏينهن انهن ساڳين ماڻهن کي ڀانءِ نه پوڻ ڪري بدلجي ٿي ويو، مطلب اڄ ٺهيل قانون صبحاڻي ختم ٿي ويو.

اڪثر قانون بيپرواهيءَ سان ٺاهيا وڃن ٿا ۽ انهن جي پويان اها سوچ هوندي آهي ته ضرورت مطابق ان ۾ وري ڦيرگهير ڪري ڇڏينداسين. قانون ٺاهيندڙن کي اهو خيال ايندوئي ناهي ته جڏهن ڪو قانون ٺهي وڃي ٿو ته ماڻهو ان تي عمل پيرا ٿيڻ لڳن ٿا. پر جيڪڏهن قانون کي هر هر جلدي جلدي پيو بدلائبو ته قانون جي ڪا عزت ئي ڪونه رهندي.

اڄ ڏينهن تائين اهو ئي رويو هلندو آيو آهي، پر ان جا نتيجا نهايت ڀيانڪ آهن ۽ مستقل لاءِ ڏاڍا خطرناڪ پڻ.

اسين مٿئين دل سان نظم ۽ ضبط جي ڳالهه ڪريون ٿا، اهو نظم تڏهن قائم ٿيندو جڏهن اسين قاعدن مطابق هلنداسين، ان کانسواءِ نظم قائم نه ٿي سگهندو. جتي قاعدن جي پوئواري ڪونه ٿيندي اتي ڪنهن به قسم جو نظم ناممڪن آهي اڄ اسان کي هر طرف نظم ۽ ضبط جو فقدان نظر اچي ٿو ان جو وڏو سبب اسان جو اهو رويو آهي جيڪو اسان قانون جي باري ۾ عام طور روا رکيو آهي، آءٌ هن ڳالهه تي اڃان وڌيڪ ڊيگهه ڪري سگهان ٿو ايتريقدر جو پورو ڪتاب ڀرجي ويندو. پر جيئن چوندا آهن ته عاقل لاءِ اشارو ڪافي آهي. قدرت جي اٽل قوانين ۾ ايمان اسان کي ان لاءِ آماده ڪري ٿو ته اسان اهڙا قانون ٺاهيون جيڪي انهن سان موافق هجن ۽ هڪ دفعو جڏهن اهڙا قانون ٺاهي وٺجن ته انهن تي خلوص دل ۽ سچائيءَ سان عمل پيرا ٿجي، الله جو ڪتاب قرآن اهائي تعليم ڏئي ٿو.*

[  54  ]

ڏينهن ۽ رات

 

قدرت هر قسم جي مخلوق جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جو ڪيڏو نه بندوبست ڪيو آهي ته ان کي پنهنجي ضرورت جي شيءِ ميسر ٿئي ٿي، اسان ڏينهن جو معمولي مخلوق جي حيثيت ۾ ڪيڏو نه مشغول ٿي وڃون ٿا، جو ان جي ٻئي حصي رات کي ڄڻ وساري ويهون ٿا، حالانڪ اها وڌيڪ فرحت بخش ۽ وڻندڙ آهي، اسان ڏينهن جي ظاهر ٿيڻ تي ڪيڏو نه خوش ٿيون ٿا جو چئي ويهون ٿا، ’ڏينهن ٿي ويو آهي ۽ سج اُڀريو آهي، رات جي اونداهي ختم ٿي وئي آهي.‘

اسان گويا ڏينهن جا ڏيڏر آهيون ۽ اُن وانگر بند يا قيد آهيون. اسان ڏينهن جي سوڙهي ڏر يا ڳليءَ ۾ لڪل آهيون، جنهنڪري اسان هر وقت رات جي وسعت ۽ ڦهلاءُ کان خوف پيا کائون ۽ پاڻ کي غيرمحفوظ ۽ غيرمطمئن سمجهون ٿا.

ڇا ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ڏينهن جو اسان جا گهڻا ڪم ڪار آهن ۽ اسان مک وانگر مشغول آهيون، جنهڪري اسان ٻئي شاندار اڌ يعني رات جي انگڙاين کان بي خبر آهيون، شايد اسان جو حال ان بي حال صحافيءَ جهڙو آهي جيڪو سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان کان پوءِ جڏهن پنهنجي ڪم ڪيئن به ڪري پورو ڪري ٿو ته هو اهو وساري ويهي ٿو ته ’ڏينهن‘ سال جو هڪ اهڙو ننڍڙو حصو آهي، بلڪه اهو ڪنهن وڏي زماني يا عهد جي معمولي جُز آهي جيڪو ابد تائين ڦهليل آهي، ان ريت گويا هو پاڻ کي بيوقوف پيو بنائي، هڪ لحاظ سان جڏهن هو ابد واري تصور کي وساري ويهي ٿو ته هو ’ڏينهن‘ جي غلط تصور ۾ ڦاسي پوي ٿو.

اڄ، اڄوڪو ڏينهن يا هر روز بابت جيڪو سوال ڪري ٿو يا جنهن جي سوچ ايستائين آهي، اهو ڪارلائل جي هيٺين سٽن جي مفهوم کان قاصر رهندو.

هاڻي هڪ ٻيو روز روشن عيان ٿيو آهي،

ڇا تون ان کي وري ائين ضايع ڪري ڇڏيندين!

بيشڪ اهو سچ آهي، پر اهو روز روشن ابد جو جُز آهي، اهو پنهنجو پاڻ ڪيئن ٿو ظاهر ٿئي يا پنهنجو وجود ڪٿان ٿو آڻي، ڀلي اهو ڪيڏو روشن ڇونه هجي!

’ڏينهن‘ جو اهو نامڪمل ۽ غلط تصور ئي اسان جي ڏينهن کي ضايع ڪري ٿو ۽ ڏينهن جي ڪئي ڪمائي کي چٽ ڪري ٿو. وڏائي جڳائي ان خالق ۽ مالڪ کي جنهن ڪائنات، سج چنڊ ۽ ستارن کي پيدا ڪيو. وڏائي ان خالق جي جنهن ڏينهن ۽ رات کي ان ريت جوڙيو جو ڏينهن کي ڪمائتو بنايائين ۽ رات کي سهڻو ۽ وڻندڙ ڪيائين. ان صورت ۾ سندس مخلوق جو ڪيڏو نه شاندار مقدر آهي ۽ انسان جو ڪيڏو عاليشان مستقبل آهي. اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته اکين کي ڇا ڇا نه ڏسڻ جي لائق بنايو ويو آهي، تاهم جيڪي ڏسڻ کپي اهو ڪونه ٿيون ڏسن. اسان جي مٿان ڦهليل نيرو آسمان جيڪو هڪ چادر وانگر ڇڪي ڦهلايو ويو آهي، اهو اسان جي نظرن کي پار ڪرڻ کان روڪي ٿو ته جيئن اسان زمين ڏانهن متوجه رهون ۽ اها ننڍڙي ڌرتي جنهن تي انسان پيدا ٿئي ٿو. انهيءَ سڄي مانڊاڻ ۾ سج هڪ عظيم الشان شمع وانگر لٽڪيل آهي جنهن جي روشني ۽ گرميءَ ۾ ڌرتيءَ جو ڪارخانو ۽ ٻي مخلوق پنهنجي ڪم ڪار ۾ مشغول آهن. اتي هر قسم جي مخلوق پنهنجي روزانه معمول ۾ ايتري رُڌل آهي جو ان جو ٻي طرف ڌيان ئي ڪونهي. سج جو اهو سونهري گولو ۽ ان جي ڪري هلندر ورڪشاپ باقي ٻي ڪائنات کان الڳ محفوظ آهي، ايتريقدر جو جيڪي ٻيا سج ۽ تارا آهن، اهي هن جي روزمره واري ڪم ڪار ۾ ڪو خلل ڪونه ٿا وجهن. گويا اهو اصول ڪارفرما نظر اچي ٿو ته هرڪوئي پنهنجو ڪم پوريءَ ريت سرانجام ڏئي ۽ ان ۾ ڪنهن قسم جي غفلت نه ڪري.

پر اهي جيڪي وڌيڪ نازڪ ڪم ڪن ٿا يا جن کي اهڙو فرض سپرد ڪيو ويو آهي جيڪو وڌيڪ ڌيان ۽ سوچ سمجهه جي تقاضا ڪري ٿو، انهن جي لاءِ گنجائش به انهيءَ حساب سان فراهم ڪئي وڃي ٿي، جيڪا ظاهر آهي ته وڌيڪ ٿلهن پردن يعني ڪڪرن پويان لڪل آهي ۽ هنن کي انهن حالتن ۾ ئي ڪم ڪرڻو آهي، انهن لاءِ اهو ان ڪري ضروري آهي ته جيئن هو ٻاهرين دنيا کان ڪٽجي پنهنجي سونپيل ڪم ڏانهن پوريءَ ريت متوجه رهن ۽ غير ضروري شين تي وقت نه وڃائن ۽ اها روشني ضايع نه ڪن جيڪا فائدي خاطر استعمال نٿي ٿي سگهي، سڄي مخلوقات انهيءَ حساب سان مطابقت رکي ٿي، اهوئي سبب آهي جو ڪي ساهوارا حال ۾ مست آهن ته ڪي وري مستقبل لاءِ ڪم ڪندي نظر اچن ٿا، ڪي بلڪل حقيقت پسند آهن ته ڪي وري بلڪل آدرشي پيا معلوم ٿين.

هن مهل تائين اسان صبح جي باک ڦٽڻ، نيري آسمان، سج، بادلن ۽ ڌنڌ جو ذڪر ڪيو آهي. مطلب انهيءَ نيري چادر هيٺان قدرت جو سمورو ڪارخانو هر ڏينهن پنهنجو ڪم پورو ڪري ٿو. اهو سڀ ان عظيم الشان فانوس يعني سج جي روشنيءَ جي ڪري ممڪن آهي جيڪو هر ڪنهن جون سندس گهرج مطابق گهٽ وڌ ضرورتون پوريون ڪري ٿو ته ڪٿي گهٽ روشني پهچڻ کپي، ڪٿي ڪڪرن پويان ۽ ڍڪيل نرم و گرم روشني ملڻ گهرجي ته ڪٿي ڌنڌ سان گڏيل روشني پهچي. مطلب مجموعي پيغام اهو آهي ته ڪم ئي ڪم ۽ بس ڪم! تان جو سانجهيءَ ڌاري هڪ فرشتو اچي اها روشني گُل ڪري ٿو ۽ پردو ڇڪي آڏو ڪري ٿو.

ان کان پوءِ جلدئي آسمان تي تارا ظاهر ٿيڻ لڳن ٿا ۽ جيئن پوءِ تيئن آسمان جي گهرائي اسان ڌرتيءَ وارن کي وڌيڪ ڀاسڻ لڳي ٿي. اسان کي هن ظاهري ورڪشاپ کان گهڻو ڪجهه پري نظر اچڻ لڳي ٿو. بيشمار دنيائون هڪ ٻئي پويان ڦهليل سمجهه ۾ اچن ٿيون، ليڪن اسان جون هي جسماني اکيون جيڪي سڀڪجهه صرف سج جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ جون عادي آهن، انهن کي هڪ ڪاري تِر کان وڌيڪ نظر نٿو اچي. دراصل اکيون ان صورت ۾ ڪنهن به قسم جي گهرائي ۽ وسعت کان بلڪ ان شاندار نظاري کان معذور آهن. اهوئي سبب آهي جو ويچارو انسان چئي ويهندو آهي، هاڻي ته رات ٿي چڪي ۽ ڏينهن پورو ٿي چڪو اوندهه ڦهلجي وئي آهي، اچو ته هلي سمهي آرام ڪريون، ان صورتحال ۾ هو اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿو ۽ اهي وري تڏهن کولي ٿو جڏهن پردو وري کڄي ٿو ۽ سج جو فانوس روشن نظر اچي ٿو.

پر اي انسان، قدرت صرف مهرباني ڪري نيري چادر کي تنهنجي مٿان سرڪايو آهي، جنهن جي ڪري تنهنجي نگاهه محدود ٿي وئي هئي، اهو پردو ان ڪري هٽايو ويو ته جيئن تون پنهنجي ڪم ڪار واري ڪوٺيءَ کان ٻاهر ڏسي پنهنجو ڏينهن وارو ڪم پورو ڪري سگهين. مطلب اهو پردو ان ڪري هٽايو ويو ته جيئن تون ان مالڪ جي وسيع و عريض گهر جو احساس ڪري سگهين جنهن کي ڪائنات ڪوٺجي ٿو. ان جو مطلب اهو هو ته تو ۾ احساس پيدا ڪيو وڃي ته تون نه رڳو هن ننڍڙي ڌرتيءَ جو رهاڪو آهين، پر تون هن وشال ڪائنات جو حصو آهين جنهن ۾ ڪروڙين اربين تارن جون دنيائون هر وقت محو رقص آهن. هن سڄي مانڊاڻ ۾ توکي تمام ننڍڙي ڪنڊ مليل آهي ته جيئن تون پنهنجو فرض نباهين پر ساڳئي وقت تون هن ڪائنات جا باغ و بستان، وهندڙ چشما، عاليشان محل ڏسي پنهنجي روح کي طراوت بخشين. اهو ان ڪري به ته جيئن سڄو ڏينهن هڪ بند ڪوٺيءَ جي چوديواريءَ ۾ رهڻ کان پوءِ آزاد فضا ۾ ساهه کڻين سگهين. اهو صحيح آهي ته تو پنهنجو وقت هن جي خدمت ۾ گذاريو ۽ اهو ساراهڻ جوڳو فعل آهي پر انهيءَ سڄي عمل پاڻ کي ايڏو مشغول نه رک جو خود ان مالڪ کي ڀلجي وڃين. تون ٻاهر نڪري مٽيءَ کي به ڏس، چمن ۽ کيتن جو نظارو ڪر. ڇو ته ائين نه ٿئي ته تون فقط پنهنجي ان ڪم تائين محدود رهجي وڃين، جيڪو تو کي هٿ ۾ آهي، ۽ اصلي مالڪ جي ٻي هر جهلڪ کي ڏسڻ ۽ پسڻ کان محروم رهجي وڃين.

مطلب اها قدرت جي مهرباني آهي جيڪا ان پردي کي هٽائي ٿي ته جيئن ڪم ڪندڙ انسان کي ڪجهه سڪون ملي، ڪجهه نئين اميد ۽ آسرو نظر اچي، نئين قوت ۽ ارادي سان ٻيهر پنهنجي ڪم ۾ مشغل ٿئي. تاهم ٿئي وري به ائين ٿو ته هو پنهنجي نگاهه کي مٿي نٿو کڻي ۽ هو ان کي اونداهي سمجهي ٿو، بيشڪ ٻاراڻي سمجهه موجب اها اونداهي آهي، پر سوال آهي ته ڇا اها فقط روشني هئي جنهنڪري توکي پنهنجي جاءِ ۽ ڪم جو پتو پيو؟ ڇا ان کي اوندهه چئبو جنهن جي ڪري تون لکين ڪروڙين دنيائن سان روشناس ٿئين ٿو، جيڪي هن سج کان وڌيڪ روشن آهن، ان کي اوندهه چئجي يا وڌيڪ روشني! هيءَ ڳالهه ٻار به سمجهي سگهي ٿو.

توکي اها حقيقت اڃان سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر توکي مليل وقت جو پورو اڌ رڳو ان لاءِ آهي ته جيئن تون رڳو ڌرتيءَ کي ڏسي ۽ رهي بيزار نه ٿي پوين، بلڪ پنهنجي نگاهه کي باقي اڌ وقت لاءِ  هن ڏس ۾ صرف ڪرين، اهو ان ڪري ته جيئن تون زندگيءَ جو مزو ماڻي سگهين، ۽ پاڻ کي وساري نه ويهين!

انگريز شاعر ملٽن وڏو سوال ڪيو هو ته ڇا سڄي ڏينهن جي محنت توکي خدا جي روشنيءَ کان محروم رکيو؟ هن ان سوال جو ڪوبه خاطر خواه جواب ڪونه ڏنو هو، حالانڪ جواب هو ته نه! دراصل جيئن هو چاهي ٿو ته تون پنهنجي ڏينهن جو ڪم پورو ڪرين ته ان لاءِ هو توکي اها ’ڏينهن واري اک‘ ڏئي ٿو ۽ تنهنجي ڪم لاءِ اهڙي پردي جو بندوبست ڪري ٿو جو توکي ٻي سموري ڪائنات کان الڳ ڪري ڇڏي ٿو. گويا هو توکي امر ڪري ٿو ته تون پاڻ کي ڏينهن جي چوديواريءَ ۾ بند ڪري پنهنجو سونپيل ڪم پورو ڪر.‘ پر جڏهن هو مالڪ ڏسي ٿو ته هڪ ڪم ڪندڙ انسان رات جي رهاڻ ڪرڻ وارو آهي ۽ ان وسيع و عريض ڪائنات مان لطف ماڻڻ وارو آهي، پر ان جي باوجود هو پاڻ کي صرف ڏينهن تائين محدود رکي ٿو ۽ رات صرف سمهي گذاري ٿو، ته ان صورت ۾ اهڙي انسان لاءِ ڏينهن جي روشني جون ڳڙکيون به بند ٿي وڃن ٿيون ۽ هو صرف رات گذارڻ لاءِ وقف ٿي وڃي ٿو. ملٽن سان ائين ٿيو هو جو سندس ’مستقل رات‘ ڦري ’وڃايل جنت‘ (Paradise Lost) ٿي پئي هئي.

ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته هي چمڪندڙ تارا توهان لاءِ ائين ’آدرشي‘ ۽ ’حقيقت‘ آهن جيئن توهان جي ڏينهن جو ڪم! ڏينهن جي ڪم کي آدرش جي اڌ برابر وقت ڏيڻو پوي ٿو ته جيئن آدرش جي يادگيري سان گڏ اهو مقصد اکين آڏو رهي. توهان کي هلڻو ضروري آهي، پر رڳو مقصد تي نظر نه رکو، جيڪو توهان جي مصيبتن جو به آماجگاهه آهي.

’اسان ۾ ڪي اهڙا ڏينهن جي ضروري ڌنڌن کي وساري ويهن ٿا ۽ ڏينهن جو پاڻ کي پڃري ۾ بند پکيءَ وانگر سمجهن ٿا ۽ هر وقت سهاني رات جي تصور ۾ گم رهن ٿا. پر اهي ئي آهن جيڪي نڪو ڏينهن جو ڪم پورو ڪن ٿا ۽ نڪو رات جو ڪا شيءِ ڪري سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح ٻيا وري ان قسم جا آهن جو ڏينهن جي ڌنڌن ۾ ڪنن جي چوٽين تائين ٻڏل آهن ۽ رات جي باري ۾ هنن وٽ ڪو خيال ڪونهي. بلڪ افسوس  ته اهو آهي جو رات کي بلڪل وساري ويهڻ کان پوءِ ڏينهن جو به ڪو ٻوٽو نٿا ٻارين. اهڙا تمام ٿورا آهن جيڪي ڏينهن جي وقت به پنهنجي ڌڙڪندڙ دل ۽ کُليل اکين سان تارن جو نظارو ڪن ٿا ۽ اهي سندن نظرن کان ڪڏهن به اوجهل نٿا ٿين. اهي هٿوراڙيون ڪونه ٿا هڻن نڪو اجايا خواب ٿا لهن، بلڪ هنن جو وجود ئي اهڙو مترنم آهي جو اهي بنا آرام ۽ بنا تڪڙ ڪرڻ جي، پنهنجي مقصد ڏانهن روان دوان آهن.‘

ڪارلائل هڪ دفعي رڙ ڪري چيو هو ته، ’هاري بحيثيت پير‘، ساڳيءَ ريت هڪ موچي ۽ درزي ڇو نه خدا جو دوست هجي! ائين بادشاهه ولي ڇو نه هجي! اهي آهن جن قدرت جي آڏو سر تسليم خم ڪيو آهي. اهي قيد خانو خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا، ڇو ته هنن لاءِ قيد جي ڪا تڪليف معنيٰ نٿي رکي، اهي پنهنجو ڏينهن جو ڪم پورو ڪن ٿا، رات جو خوشيءَ سان انتظار ڪن ٿا، هنن کي اهڙيون اکيون آهن جيڪي ڏينهن جي روشنيءَ کان وڌيڪ ڏسي سگهن ٿيون ۽ رات جو اونداهيءَ کي پار ڪري وڃن ٿيون. اهي رڳو سج جي روشنيءَ ۾ ڪونه ٿيون ڏسن، بلڪ رات جي وڳڙي کي اکيون ٻوٽي روشن ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح هو رات جي هوندي جيڪي رات ڏيکاري سگهن ها، هو ان کان وڌيڪ ڏسن ٿا، هو ڏينهن جون ذميواريون چڱيءَ طرح ادا ڪن ٿا ۽ رات جا مزا پڻ ماڻين ٿا. اهي جڏهن اکيون بند ڪن ٿا ته پاڻ وڌيڪ پري ۽ چِٽو ڏسن ٿا. اهي جاڳيل آهن جڏهن اهي سمهن ٿا. اهي ننڊ ۾ به ڏاڍا وڻندڙ ۽ مزي ۾ آهن، هنن جي اها ننڊ وڏي پاڪائي ۽ تقويٰ واري آهي.

[  55  ]

گلن جي نمائش

 

اڄ شام جو علم حياتيات جي شعبي جي سربراهه مون کي هتي گلن جي نمائش جي افتتاح ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي، توهان کي خبر آهي ته گهڻي وقت کان وٺي گلن جو نظارو ڪرڻ توڻي گلن جو تحفو ڏيڻ هڪ سٺي رسم ۾ داخل آهي.

جيستائين منهنجي تقرير جو تعلق آهي ته مون کي اهو ٻڌائڻ ڏيو ته گلن جي خاموشي منهنجي تقرير کان گهڻو بهتر پيغام ڏئي ٿي. اها عجيب ڳالهه آهي ته اسان انهن ساهوارن کي خوشيءَ جو موقعو هجي يا غم جو، مرڻ جو هجي يا پرڻي جو هجي، انهن کي استعمال ڪريون ٿا. بلڪ ڪنهن وڏي شخصيت جي آجيان ڪرڻي هجي، يا ڪنهن ڪنوار جي سينگار جو سوال هجي، يا ڪنهن جي قبر مٿان گل رکڻا هجن، ويندي گهر ۾ ميزن تي گلدستن جي صورت ۾ اسان انهن کي ڪم آڻيون ٿا.

هتي اهو چئي سگهجي ٿو ته گل ئي فطرت جي حسن ۽ رعنائي جو مڪمل مظهر آهن. گلن جي حياتي اسان انسانن لاءِ بهترين مثال پيش ڪري ٿي سڀ کان پهرين ڏسو ته گل جو ٻوٽو ڀاڻ جي خوراڪ تي وڌي ويجهي ٿو، پر گل بذات خود پاڻ ڪجهه نٿا کائن، بلڪ اهي سج جي روشنيءَ مان به ڪجهه حاصل نٿا ڪن جيئن عام طور ٻيا ساون پنن وارا ٻوٽا ڪن ٿا. وڏي ڳالهه ته ان جي باوجود اهي عمدي خوشبو ۽ ڪشش ڪندڙ رنگن جو مظاهرو ڪن ٿا.

اسان مسلمانن لاءِ انهن جي خاص اهميت آهي، قرآن ۽ جنت کي جو باغ باغيچن وارو ٻڌايو ويو آهي، انهيءَ ڪري مسلمانن کي اها سمجهه آئي ته هنن جنت کي خاص جڳهه جي بجاءِ اهڙي حالت يا ڪيفيت قرار ڏنو جيڪا گلستان ۽ بوستان جو مظهر پيش ڪري، انهيءَ ڪري مسلمان جتي به ويا ته هنن ڪوشش ڪري ڌرتيءَ تي گلن وارا باغ لڳايا ۽ انهن جي پوري پرورش ڪئي.

مسلمانن قرآن جي سبق ’جنات و عيون‘ يعني باغ ۽ چشمن کي نه وساريو، اهي مسلمان ئي هئا جن کي يورپ گلن جا باغ قائم ڪرڻ جو سبق سکيو. اهو سورهين صدي ۾ راڻي ايلزبيٿ جو زمانو آهي جڏهن انگلنڊ ۾ گلن جا باغ باقاعدگي سان قائم ٿيڻ لڳا، حالانڪ مسلمان ان کان گهڻو اڳ جتي ڪٿي ڌرتيءَ کي گل و گلزار ڪرڻ لڳا هئا. هندستان ۾ مغل خاندان جو باني بابر گل لاله جي لاءِ پاڳل هجڻ جو مظاهرو ڪندو هو. هن کان پوءِ سندس پونيئرن اهي باغ باغيچا قائم ڪيا جيڪي اڄ ڏينهن تائين سندن شوق جو اظهار ڪن ٿا. ’نشاط‘ ۽ ’شاليمار‘ جا گل چئن صدين گذرڻ کان پوءِ به سندن يادگيري ڏيارين ٿا ۽ سندن جمالياتي حس جي شاهدي ڏين ٿا ته هو پاڻ ڇا نه هوندا!

اڄ هن شهر ۾ هيءَ گلن جي پهرين نمائش آهي، آءٌ چاهيندس ته توهان گلن ۾ دلچسپي پيدا ڪريو.

آءٌ هتي توهان کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته مان ۽ منهنجي گهر واري گلن جي پويان چريا آهيون. اهو پهرين عالمگير جنگ جو زمانو هو جڏهن اسان زندگيءَ جون ٻيون مشغوليون ڇڏي انگلنڊ جي هروسيءَ ۽ واهڻ ۾ جهنگلي گلن جي ڳولا ۾ نڪتا هئاسين. اسان هر اهڙي گل کي وڃي هٿ ڪيو هو جنهن جو ذڪر ڪتابن ۾ هو. منهنجي گهر واري ان کان پوءِ انساني شڪلين ٺاهڻ جي بجاءِ گلن جي مصوريءَ تي ڌيان ڏنو، انهيءَ عرصي ۾ هڪ انگريز جيڪو اسان جو دوست ۽ شاعر هو ۽ ’انگلينڊ جي شاعري سوسائٽي‘ جو  چيئرمن هو، انهيءَ مهم ۾ اسان جو ساٿي هو، هو گلن جو ايڏو عاشق هو جو پنهنجي پيسي مان هزارين پائونڊ خرچ ڪري اتي جهنگلي گلن جي واڌ ويجهه ۽ تحفظ تي خرچ ڪري ڇڏيائين.

مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته جيڪڏهن هڪ دفعو توهان گلن جي دنيا سان متعارف ٿي ويا ته توهان کي پوري زندگيءَ جو مشغلو ملي ويندو، جنهنڪري توهان کي سکڻ ۽ لطف وٺڻ جو اٿاهه موقعو ميسر ٿي پوندو.

مون کي خبر ناهي ته توهان مان ڪيترن کي اها ڄاڻ آهي ته توهان جي پويان ڪٻٽ ۾ رکيل پاڪ ڪتاب ڪپھ جي ٻوٽي جا جاڙا ڀائر آهن، جن مان توهان کي پهرڻ لاءِ ڪپڙو ملي ٿو يا ڪيترن کي اها خبر آهي ته ڪنول ۽ نيلوفر خوشبودار گل انهيءَ ساڳي جنس سان واسطو رکن ٿا جنهن سان ٿوم جو واسطو آهي، انهيءَ ساڳي جنس مان پٽاٽو، ٽماٽو ۽ تماڪ آهن ته ڳاڙها مرچ به آهن بلڪ ڌاتوري جهڙو زهريلو ٻوٽو به انهن سان واسطو رکي ٿو.

مون کي اچرج ٿيندو ته شايد توهان کي اها خبر هجي ته اهو ساڳئي جنس جو ٻوٽو آهي، جيڪو عربستان ۾ ملي ٿو، پر لاطيني امريڪا جي ملڪ پيرو ۾ اهو ڪافيءَ جي پيداوار ڏئي ٿو، ۽ ان جي هڪ خاص قسم مان ڪوئنين جهڙي دوا تيار ڪئي وڃي ٿي.

مون کي خبر آهي ته توهان گلاب جا گل ڏٺا آهن، پر مان نٿو سمجهان ته توهان کي اها خبر آهي الائجي نه ته اسٽرابيري جيڪا هاڻ اسان وٽ پيدا ٿئي ٿي ان ساڳي جنس سان واسطو رکي ٿي، ڀلا صوف، آلو بخاري، ۽ چيري جي ڦل وغيره لاءِ ڇا خيال آهي. اهي سڀ گلاب جي گل جي جنس سان واسطو رکن ٿا.

هڪ دفعي گنجي ٽڪر جو سير ڪندي اسان کي اتي هڪ ننڍڙپو ٻوٽو مليو، پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ان جو نالو ’ڌنار کستوري‘ آهي معنيٰ ڏتارن جي لاءِ خوشبو. دراصل اهو ٻوٽو هيڊي رنگ جي گل ڊيزيءَ جو اوائلي نوع آهي ۽ اڄڪلهه جيڪي گل دائودي ڏسو ٿا ۽ جن جي لاهور ۾ هر سياري ۾ عاليشان نمائش ٿئي ٿي ته انهيءَ جنس سان تعلق رکن ٿا.

توهان کي تعجب ٿيندو ته اڄڪلهه اسان حيدرآباد ۾ بلڪل نئين قسم جا گل (artichoke) پوکڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون جن جو پڻ گل بهار سان واسطو آهي. مان هتي چند گلن جي نالن تي اڪتفا ڪريان ٿو ورنه دنيا ۾ انهن جا لاتعداد قسم آهن، جن جي الڳ اڀياس جي ضرورت آهي. اهو بلڪل ائين آهي جيئن علم الانسان ۾ اسان انسانن جي مختلف نسلن جي شناخت ڪريون ٿا جيئن علم هيئت ۾ تارن جي پنهنجي هڪ الڳ دنيا آهي، هاڻي جيترو وڌيڪ توهان گلن بابت معلومات حاصل ڪندا اوترو توهان کي انهن سان وڌيڪ پيارا ٿيندو ۽ توهان جي روح کي طراوت ۽ تازگي ملندي.

آءٌ ضروري سمجهان ٿو ته هتي توهان کي نبي ڪريم ﷺ جن جي گلن سان محبت ۽ عزت بابت ڪجهه ٻڌايان. پاڻ جڏهن به زمين تي گل جو ڪو ڪِريل پن ڏسندا هئا ته اهو کڻي پاسي ڪندا هئا ته جيئن ماڻهن جي لتاڙ هيٺ نه اچي.

اسان اڄ هتي جيڪو گلن جي نمائش جو ننڍي پيماني تي اهتمام ڪيو آهي، ان سان اميد آهي ته توهان ۾ گلن بابت چاهت پيدا ٿيندي ۽ هن شهر ۾ اهڙو ڪو گهر نه رهندو جنهن ۾ گل نه هوندا. انهن کان پوءِ ڀاڄيون ۽ ميون جو وارو ايندو ڇو ته اهي گلن جي نسل منجهان آهن.

[  56  ]

شاهه عبداللطيف جي 214 ورسيءَ تي موڪليل پيغام (1966)

اهو انتهائي مسرت جو موقعو آهي ته شاهه لطيف ڪميٽي هن ڀيري شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ اسلامي اقدار جي موضوع تي سيمينار منعقد ڪري رهي آهي، دراصل اها خوش آئنده ڳالهه آهي ته توهان گهٽ ۾ گهٽ قدرن (Values) بابت سوچي رهيا آهيون جڏهن ته جديد دور جو انسان ۽ سندس جدت پسندي اهڙن ’قدرن‘ کي پٺيءَ پويان اُڇلائي ڇڏيو آهي ۽ هو صرف مصلحت پسندي ۽ ڪم ڪڍڻ کي اوليت ڏئي ٿو.

اهو موجوده دور جو وڏو الميو آهي ته دنيا ’تنگ نظري‘ جو شڪار آهي، ۽ ڪوبه پنهنجي نڪ کان اڳتي ڏسڻ جو قائل ناهي. مقصد ۽ منزل جو ڪنهن کي احساس ڪونهي. جديد دور جو انسان صرف هلندڙ گهڙيءَ يا پل لاءِ جيئڻ گهري ٿو. ائين هو گهڙيءَ گهڙيءَ کي اڳتي وڌائڻ گهري ٿو ڇو ته هن جي آڏو ڪو مقصد ناهي.

هڪ دور اهو به هو جڏهن انسانذات ’ڊگهي نطر‘ جو شڪار هئي، اهي ڏور نظر ايندڙ جبلن ۽ پهاڙن کي ڏسڻ ۾ ايترو محو رهندا هئا. جو انهن جي ويجهو وڃڻ جي ڪڏهن ڪوشش ئي نه ڪيائون، اڄ اها صورتحال بلڪل الٽ آهي، اڄ جو انسان فقط ’اڄ‘ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ان ريت هو ’ابديت‘ کي وساري ويٺو آهي. هينئر جيڪي بهترين انسان شمار ٿيڻ جي لائق آهن، اهي به پنهنجين ضرورتن کي پوري ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن مقصد لاءِ ڪونه ٿا جيئن. اسان مان گهڻا ان ڳالهه بابت سوچڻ لاءِ تيار ئي ناهن. اسين سڀ وسيلن ۽ ذريعن جي تلاش ۾ ايڏا محو آهيون جو اهو مقصد جنهن لاءِ اهي وسيلا گهربل آهن، اسان کان اوجهل آهي. هاڻي ماڻهو دولت گڏ ڪرڻ ۾ رُڌل آهن ۽ ان کي وڌائڻ ۾ مشغول آهن، اهي اهو به ڪونه ٿا ڄاڻن ته هو ائين ڇو ٿا ڪن. اڄ انسان طاقت جي لڙائيءَ ۾ زخمن کان چور چور آهي، پر کيس اها خبر ڪونهي ته اها طاقت يا اقتدار به فقط هڪ ذريعو يا وسيلو آهي ته جيئن پنهنجي وجود کي برقرار رکي سگجهي.

’سائنس‘ به پنهنجو مقصد وڃائي ويٺي آهي. سائنس به دولت ڪمائڻ توڻي قوت ۽ اقتدار جو ذريعو بنجي چڪي آهي بلڪ مون کي چوڻ ڏيو ته اها انسان مٿان انسان جي جبر ۽ استحصال جو ذريعو ٿي پئي آهي.

گهڻو وقت اڳ قرآن شريف انسان کي ’پڙهڻ‘ جو حڪم ڪيو ۽ چيو ته فطرت سان گڏ پنهنجي اندر جي تحقيق ڪريو، پر انهيءَ حڪم سان گڏ ائين به چيو ويو ’پنهنجي رب جي نالي سان پڙهه‘ گويا پڙهڻ لاءِ اهو شرط اهو تڏهن ته چيو ويو، اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ‘ اهو ان ڪري ته جيئن پڙهندڙ پنهنجي ’مقصد‘ کان غافل نه رهي، اهڙن سائنسي تحقيق ڪندڙن لاءِ چيو ويو ته اهي ڪائنات ۾ اندر توڻي ٻاهر يعني ’انفس و آفاق‘ ۾ غور و فڪر ڪندا رهن ٿا.

رَبَّنَا مَا خَلَقْتَ هٰذَا بَاطِلًا

يعني اي اسان جا رب، تو هي سڀ ڪجهه اجايو ۽ بيڪار نه خلقيو آهي. مطلب ته هر قسم جي سوچ ۽ هر قسم جي عمل وقت مقصد کي آڏو رکڻو آهي. اهڙيءَ طرح روزمره جي ڪم ڪار کي ڇڏڻو ڪونه هو، بلڪه مذڪور رهنمائي تحت ڪم ڪرڻو هو، اهڙو بامقصد ۽ متوازن عمل ذريعي اڳتي وڌڻو هو، ان ڪري قرآن پاڻ کان اڳ واري انتهاپسند عمليت جو اچي خاتمو ڪيو.

هتي اسان اهو سوال پڇڻ گهرون ٿا ته ڇا لطيف وٽ اهو احساس موجود آهي ۽ ڇا هو ان حد تي پهتل هيو جتي اهو بامقصد ۽ متوازن عمل هر وقت ڏينهن توڻي رات ۾ هن جي آڏو هيو؟ ڇا زندگيءَ جي سفر ۾ هو ننڍي توڻي وڏي عمل بابت اهو مظاهرو ڪري ٿو ۽ ڪڏهن به مقصد کي پنهنجي اکين اڳيان گم ٿيڻ  نٿو ڏئي، هائو، هن جي اوڻٽيهن سُرن مان هرهڪ سُر ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو، سُر سسئيءَ ۾ ان جو وڏي ۾ وڏو ثبوت ملي ٿو. جيئن هو پاڻ بيان ڪري ٿو ته سسئي سڀ کان پهرين پڪو ارادو ڪري ٿي ڇو ته ان کي خبر آهي ته سندس منزل يا مقصد ڪهڙو آهي ۽ پوءِ هوءَ هلڻ شروع ڪري ٿي.

اول آخر آهه، هلڻ منهنجو هوت ڏي.

سسئي کي ڀنڀور جي سونهن جي خبر آهي جيڪو سندس رهڻ جو عارضي هنڌ آهي، پر اهو کيس اعليٰ مقصد يا منزل ڏانهن وڌڻ ۾ ڪونه ٿو روڪي سگهي، بلڪ هوءَ ان کي ڪابه اهميت نٿي ڏئي ۽ پختي ارادي ۽ عزم سان هر قسم جي تڪليفن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي منزل ڏانهن وڌڻ شروع ڪري ٿي، لطيف چوي ٿو:

پنهونءَ ســـــاڻ پريت جو، ڪو جـــو پيچ پئوم

ڀنڀــــــي هــــن ڀنڀــور ۾، ويهــــڻ وهه ٿــــئــــوم

متيون موٽڻ سنديون، ڪاڪيون ڪيم ڏئوم،

سرتيون ســاه سندوم، ٿئو حوالي هـــــوت جي.

سسئي جو اهو ارادو ۽ اُتساهه ئي هو جنهن ڪري ڪنهن به قسم جي تڪليف کيس پنهنجي مقصد ڏانهن پيش قدميءَ کي روڪي نه سگهي. وري خاص ڳالهه اها ته ڏينهن ۽ رات بنا ڪنهن آرام ڪرڻ جي هوءَ برابر هلندي رهي ۽ ان دوران هن هڪ پل به پنهونءَ ۽ هن جي ماڳ ڪيچ کي ڪڏهن نه وساريو جتي کيس اڳي پوءِ پهچڻو هو. سردي هجي يا گرمي، ڏينهن هجي يا رات هو هلندي رهي. هوءَ ان حقيقت جو ناقابل ترديد ثبوت آهي ته هزار تڪليفن جي باوجود ڏينهن ۽ رات جي هل هلان ۽ ڏکن ڏوجهرن هوندي، هن ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ پنهنجي مقصد ۽ منزل جي تلاش کي هن هڪ پل لاءِ به نه وساريو. ان صورت ۾ هن تي ڪنهن به ريت اها ميار نٿي رکي سگهجي ته هن موجود حياتيءَ جا سک ۽ مزا کيس پنهنجي حقيقي مقصد کان ٿوري دير لاءِ به غافل ڪري سگهيا.

انسان جي اها هميشه وڏي ڪمزوري رهي آهي ته هو مقصد ڏانهن وڌڻ ۾ پهل ڪرڻ کان ڪيٻائيندو آهي، انهيءَ ڪري ڪارلائل چوندو هو ته مقصد جي گهڻي پچار ڪرڻ اجائي آهي، بس توهان پهريون قدم کڻو ته ٻئي لاءِ راهه از خود هموار ٿي پوندي، سسئيءَ کي ڪنهن به پهرين قدم کڻڻ لاءِ آماده ڪونه ڪيو هو، پر هوءَ هلندي رهي، ڪاهيندي رهي. البت مقصد ۽ محبوب هر وقت سندس سامهون رهيو ۽ ان کان هن ڪڏهن به غفلت نه ڪئي.

اڄ جڏهن لطيف کي ٻه صديون گذري چڪيون آهن ته اسان کي محسوس ٿئي ٿو ته دنيا کي پاڻ هينئر هن جي وڌيڪ ضرورت آهي. جيڪڏهن لطيف کي چڱيءَ طرح سمجهيو وڃي ته ان وڏي ماڻهوءَ جي سوال جو جواب به ملي سگهي ٿو جنهن شهر ۾ هيٺيون سوال ڪيو هو:

عيان نه شد چرا آمدم و کجا بودم

هڪ صحيح مسلمان ڪو هڪڙو قدم به اڳتي ڪونه ٿو کڻي سگهي، جيستائين هن کي ان قدم جي مقصد ۽ منزل جي خبر نه هوندي آهي، اهوئي سبب آهي جو نبي ڪريم ﷺ  جن جي حديث مبارڪ آهي.

انما الاعمآل بالنيات

يعني عملن جو دارومدار نيت تي آهي.

هينئن به فرمايائون:

نيت المؤمن خير من عمله

يعني مؤمن جي نيت سندس عمل کان وڌيڪ بهتر آهي.

انسانذات جي تاريخ جي هن اهم موڙ تي جڏهن هو پنهنجي مقصد ۽ منزل کان بلڪل بي خبر ٿي چڪو آهي، تڏهن قرآن جي پوئلڳن ۽ خاص طور لطيف جي هم وطنن تي اهو لازم ٿو ٿئي ته هو اهو پيغام دنيا وارن تائين پهچائين، ڇو ته اڄ انهيءَ دنيا وارن جو هر عمل چڱي مقصد کان خالي آهي، بلڪ اهو حيوان جي حد تائين پهچي چڪو آهي. انسان کي جيڪڏهن اڳتي ترقي ڪرڻي آهي ته هن کي ان موجوده سطح کان مٿي اچڻو پوندو.

قرآن انساني تاريخ ۾ پهريون دفعو ’نيت يا ارادي‘ ۽ ’مقصد يا منزل‘ کي انسان جي ترقيءَ لاءِ ان جي اهميت کي اُجاگر ڪيو آهي.

لطيف جي شاعريءَ ۾ اهوئي سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ بنيادي قدر (Value) آهي. پاڪستاني سماج اهڙن بنيادي قدرن ۾ ويساهه کان سواءِ اڳتي وڌي نٿو سگهي، تنهنڪري هن جي فردن کي انهيءَ ذميواريءَ جو احساس ڪندي پنهنجي مضبوطيءَ خاطر هر قسم جو جائز ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، بلڪ قومي سطح کان وڌي دنيا ۾ صحيح انساني معاشري جي تعمير ۾ ڀرپور حصو وٺڻو پوندو.

انهيءَ پس منظر ۾ اچو ته ’لطيف جو مقصد‘ ڪهڙو هو جي شناخت ڪريون ۽ اها ساڃهه پيدا ڪريون، هڪ دفعو جڏهن اسان کي ان مقصد جو احساس ٿي وڃي ته پوءِ اسان کي سسئي وانگر ڪشالن کان ڪڏهن به گهٻرائڻ نه کپي، فقط ان صورت ۾ اسان کي ڪوبه ’بي مقصد‘ عمل جو طعنو نه ڏيئي سگهندو، جيڪو هڪ حيوان لاءِ به غير فطري آهي.

[  57  ]

انساني شعور جي ارتقا

اڄ مون کي پهريائين اهو اعتراف ڪرڻ ڏيو ته اسان هتي گڏ ٿيل پاڻ کي ’مذهبي مطالعي جو گروهه‘ (Religions Study Cirde) ڪوٺيون ٿا. پر حقيقت اها آهي ته اسان جيڪي ڪجهه ڳالهائيندا رهيا آهيون؟ ان جو مذهب سان تمام گهٽ واسطو هو. بلڪ اسان عام موضوعن جهڙو  طبعيات، سياسيات ۽ ٻين سائنسي موضوعن بابت گفتگو ڪندا رهيا آهيون. ڪڏهن ته اسان رڳو اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن تي به بحث ڪندا رهيا آهيون، ان صورت ۾ توهان پڇي سگهو ٿا ته انهن سڀني ڳالهين جو آخر ’مذهب‘ سان ڪهڙو واسطوآهي؟

هتي هڪڙي ڳالهه جي پڪ آهي ته اسان هن سينيٽ هال ۾ جذبات کي ڀڙڪائيندڙ تقريرن ۽ گفتگوءَ کان پرهيز ڪئي آهي. اسان هتي چونڊيا انتخاب لاءِ ووٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي آهي. هتي گڏ ٿيڻ جو ٻيو ڪو مقصد نه هو بلڪ صرف اهو ته اسان شين کي ائين سمجهون جيئن اهي اصل ۾ آهن، پر هتي وري سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اهڙي قسم جي سمجهاڻي يا فهم جو مذهب سان ڪو واسطو آهي يا ان کي مذهبي نوعيت جو قرار ڏئي سگهجي ٿو.

قديم زماني ۾ مذهب ۽ اهڙي قسم جي سمجهه جو پاڻ ۾ ڪو تعلق نه هو، بلڪ جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ ايندي هئي، ان کي ڪڏهن به ’مذهبي‘ يا مذهب سان واسطو رکندڙ نه سمجهيو ويندو هو. بلڪه تڏهن صرف اهڙين ڳالهين کي مذهبي قرار ڏنو ويندو هو جيڪي هر لحاظ کان ڳجهيون ۽ هڪ قسم جي راز وانگر هيون يا جن کي عام ماڻهو سمجهي نه سگهندو هو. ان ۾ اهي ڳالهيون به شامل هيون جيڪي اسان کي ڪنهن ٻئي معتبر يا ڄاڻو انسان ذريعي پهچايون ويون هيون، ۽ اسان انهن تي عمل ڪندا هئاسين، مطلب مذهب جو عام طور اهوئي تصور هيو.

آءٌ هتي هن کان اڳ ٻڌائي چڪو آهيان ته رومن سماج ۾ صرف خانداني اميرن کي خدا تائين پهچڻ جو مستحق سمجهيو ويندو هو.

اهڙيءَ طرح ڀارت ۾ وري صرف برهمڻن لاءِ سمجهبو هو ته هو خدا تائين پهتل آهن. گويا صرف اهو خاص طبقو ئي خدا تائين رسائي حاصل ڪري سگهي پيو، باقي عام انسانن کي ان کان پري رکيو ويو هو. بلڪ انهن لاءِ لازم هو ته جيڪي ڪجهه هن کي ٻڌايو وڃي ان جي تابعداري ڪري ۽ ڪوبه سوال وغيره نه ڪن.

هتي اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ جتي اسان هزارين سالن کان رهندا پيا اچون، آريا لوڪن جي زماني کان جڏهن ويد لکيا ويا، رگويد کانسواءِ ٻين سڀني ويدن ۾ رڳو ريتيون رسمون آهن. اهو ٻڌايو ويو آهي ته هي کائو هي نه کائو، هن کي ڇُهو يا هٿ لايو ۽ هن کان پري ڀڄو، اهڙيءَ طرح ڪي دعائيه گيت ۽ ڀڄن ملن ٿا، بلڪ ڪن هنڌن تي اهڙا منتر به ملن ٿا جيڪي کائڻ وقت يا ٻين موقعن لاءِ ٻڌايل آهن. بهرحال انهن سڀني ڳالهين ۾ سمجهڻ ۽ عقل کي ڪو دخل ڪونهي ڇو ته ان جي ڪا ضرورت ڪونه هئي. منترن پڙهڻ جو مطلب هو ته انهن الفاظن ۾ اهڙي قوت سمايل آهي جنهن سان انسان جو فائدو ٿيڻو هو، ليڪن ان جي باوجود منتر جي لفظن کي سمجهڻ جي ڪا ضرورت نه هئي، نه ڪو وري انهن لفظن تي غور ڪرڻو هو ته آخراهي اسان جي ڪيئن مدد ڪري سگهن ٿا.

اهڙيءَ طرح ڪجهه ٻيا عمل صبح کان شام تائين ڪرڻا هئا جن ۾ برهمڻن جي پيرن کي ڌوئڻ ۽ ڪجهه ٻيون رسمون شامل هيون، ٻين مذهبن جي به ساڳي حالت هئي، اها حالت رڳو آريائي مذهب جي نه هئي پر دنيا جي ٻين مذاهب ۾ به ساڳي طرح جا قاعدا ۽ قانون هئا. مطلب مذهب ۾ سمجهڻ جي ڪا شيءِ نه هئي، انهيءَ دور ۾ مذهب کي اهڙي سرحد سان تعبير ڪيو ويندو هو جتي عام ماڻهوءَ جي عقل جي پهچ ڪونه هئي. اهڙا چند انسان جن جي اها دعويٰ هوندي هئي ته کين هڪ بالا ذريعي کان معلومات ملي رهي هئي، اهي ئي عام انسانن تي حڪم هلائيندا هئا ۽ عام انسان سواءِ ڪنهن چون چرا جي انهن جي فرمانبرداري ڪندا هئا. ڪجهه الفاظن ۽ ڪجهه عملن جو ورجاءُ جن جي باري ۾ ڪا سمجهه نه هوندي هئي ته انهن جي پويان ڪهڙو مقصد آهي، مذهب جو تت ۽ ست سمجهيا ويندا هئا. مطلب جيڪا ڳالهه عقل ۽ فهم ۾ ايندي هئي ان کي مذهب کان خارج سمجهيو ويندو هو. گويا مذهب مخفي راز ۽ ڳجهه جو نالو هو ۽ جيڪو ڳجهه ۾ داخل نه هو ان کي مذهب نه پيو چئي سگهجي. عام ماڻهوءَ جو به اهو حال هو ته جڏهن کيس ڪا شيءِ سمجهه ۾ ايندي هئي ته اها انسان جي طاقت کان ٻاهر ناهي ته ان کي مذهب ۾ داخل نه سمجهندو هو.

[  58  ]

مشرق ۽ مغرب بابت ڪجهه ويچار

 

هڪ دفعي جڏهن مون آسمان ڏانهن نهاريندي عقرب تارن جي ميڙ ڀرسان چمڪندڙ شعلو ڏٺو ته مون ان کي تارو سمجهيو، پر ان وقت منهنجي ڀرسان جيڪو منهنجو انگريز دوست بيٺو هو ان منهنجي اصلاح ڪندي مون کي چيو ته اهو ’باهه جو گولو آهي‘ مان پنهنجي غلطيءَ تي هن کان معافي وٺندي چيو ته مون کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ان لاءِ جيڪو مناسب لفظ نظر آيو، ان کي استعمال ڪيو، اها آتشبازي ته ختم ٿي پر انهيءَ جي ڪري منهنجي ذهن ۾ سوچ جو هڪ سلسلو قائم ٿي ويو، مون کي محسوس ٿيو ته اسان ٻنهي جي مختلف نالن ڏيڻ کان وڌيڪ ان ۾ سوچ ويچار جو سامان آهي. جيتوڻيڪ هڪ سنڌي ماڻهو شيءِ جي حقيقت کان بيخبر هجڻ ڪري ان کي ستارو ڪوٺيو هو، پر ٻيو ماڻهو جنهن اهو هڪ قسم جو ڪاغذ جو ٿيلهو ٺاهي، ان ۾ باهه جو شعلو رکي مٿي آسمان ڏانهن موڪليو هو، تنهن ان کي ’ستارو‘ نالو ڏئي مٿي اُماڻيو هو ۽ هن پاڻ ان کي ڦوڪڻي جو نالو نه ٿي ڏنو. البت اهو ٽيون ماڻهو هو جنهن ان جي هوائي ڦوڪڻي هجڻ جي نشاندهي ڪندي منهنجو ڌيان ڇڪايو هو ۽ هن جو اهو چوڻ صحيح هو ته ’مون حقيقت ڏانهن‘ توجه ڇو نه ڏنو.

ان مٿيئن نقطئه نظر جي پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت آهي، جيڪا آءٌ نه سمجهي سگهيو هوس، پر اڳتي جيئن مون کي مختلف قوم جي ماڻهن جي ڪردار ۽ صلاحيتن جي خبر پئي ته مون کي پنهنجي ان پراڻي روش جي سمجهه اچڻ لڳي. مون کي سمجهه ۾ آيو ته جيڪو ماڻهو پاڻ حقائق جي ويجهو هو ۽ اهي هن جي هٿن مان گذري چڪا هئا جيئن ان هوائي ڦوڪڻي جو پنهنجي هٿن سان ٺاهڻ ته ظاهر آهي هو ان کي ان اصلي نالي سان سڏيندو، پر ٻيو ماڻهو مون وانگر جيڪو ان کي پري کان ڏسي رهيو هو ۽ مٿي آسمان ۾ ڏسي رهيو هو ته اهو ان کي ’ستارو‘ ئي سمجهندو. گويا پهويون ماڻهو ان کي خوردبين نظرن سان ڏسي رهيو هو ۽ ٻيو پري هئڻ سبب ان کي دوربين نظر سان ڏسي رهيو هو.

مطلب انهن ٻنهي مان هرهڪ جو اهو رويو هجڻ گهربو هو ان جو انڪار نٿو ڪري سگهجي. ان ۾ به شڪ ناهي ته اهڙيءَ طرح هرهڪ جي مختلف ماحول سبب ائين ٿيڻ لازمي هو، تاهم اها حقيقت آهي ته هرهڪ جي پنهنجي خاصيت آهي. اها ساڳي حقيقت رسڪن جي انهيءَ ڳالهه جو جواب آهي، جڏهن هو چوي ٿو ته مشرق وارا حقيقت کان خالي دنيا ۾ رهن ٿا ۽ هو فطرت جي سچائي کان ڏور گذارين ٿا. اهو ٺيڪ آهي ته مشرقي ماڻهو گهڻو دور کان ڏسي ٿو ۽ ان ڪري هن جو نقطئه نظر مغربي ماڻهن کان مختلف آهي. اهوئي سبب آهي جو مشرقي ماڻهو پنهنجي لاءِ روحاني هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو جڏهن ته مغرب وارو حقيقت جي وڌيڪ قريب گذاري ٿو. ان ڪري مشرق وارن جو نقطئه نظر گهڻو وسيع ٿئي ٿو، پر اها ڳالهه غلط آهي ڇو ته روحانيت جو ان ڳالهه سان ايڏو واسطو ڪونهي. اهو چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته ٻنهي جي طبيعتن، مزاج ۽ روين ۾ فرق آهي ان ڪري هڪڙو ڪنهن خاص ڪم لاءِ مناسبت رکي ٿو ته ٻيو ٻئي ڪم لاءِ لاڙو رکي ٿو. ٻنهي جي جدا جدا طبيعت هجڻ ۾ سندن ڪو ڪمال ڪونهي. البت ايترو ضرور چئبو ته هڪڙي جي مزاج ۾ دور رهڻ وڌيڪ پسنديده آهي ۽ هو وڌيڪ ويجهڙائي جو قائل ڪونهي، انڪري هو دنياوي معاملات کان به ايترو پري گذاري ٿو. پر ان جو اهو لازمي نتيجو نٿو نڪري، ته هو واقعي آسماني مخلوق آهي ۽ هو زميني مخلوق آهي. پر پهرين صورت ۾ ان عادت پيدا ٿيڻ جي گهڻو احتمال آهي ته هو هوائي قلعا تعمير ڪرڻ شروع ڪري ۽ وقت کان اڳ آنن مان ٻچا پيدا ٿيڻ جي اميد رکي، اهڙي صورتحال ۾ جيتوڻيڪ مقصد جي شناخت رهي ٿي پر اها تياري ڪونه ٿي ڪجي جنهن سان پهرين قدم جي شروعات ڪجي.

هتي اهو مڃڻ گهرجي ته مشرق وارو گهڻي ڀاڱي خيالي ۽ مثالي دنيا سان ڳنڍيل رهي ٿو ۽ هن جي نگاهه ٺوس حقيقتن تي جيڪي کيس ويجهو به آهن، انهن تي گهٽ ٿي پوي، پر هو ان سان پنهنجو وڌيڪ نقصان ڪري ٿو جيڪڏهن هو پاڻ ٻئي طرف ڪا پيش رفت نٿو ڪري، اهڙيءَ طرح مغرب وارو جيڪڏهن وڌيڪ تنگ نظري کان ڪم وٺي ٿو، پر ان جو امڪان موجود رهي ٿو هو آهستي آهستي اڻ ڏٺل مقصد ڏانهن وڌندو رهي ۽ ان دوران هو وڌيڪ گهري نگاهه کان ڪم وٺي سگهي ٿو. هن جي لاءِ ’صبحاڻي‘ جي بجاءِ فقط ’اڄ‘ آهي. اهو صحيح چيو ويندو آهي ته انسان کي اڄ جو فڪر ڪرڻ کپي ۽ هن کي پهريون قدم ان لحاظ سان کڻڻ کپي. اصل ڳالهه آهي ته هڪ قدم کان پوءِ ٻيو قدم کڻجي ۽ پوءِ ان ڳالهه جو فڪر نه ڪرڻ کپي ته منزل ڪيتري پري آهي، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. ۽ آخر منزل تي هلي پهچبو. ان دوران اها تسلي ضرور حاصل ٿيندي ته آءٌ برابر پنهنجي مقصد ڏانهن وڌي رهيو آهين. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ڏورانهين منزل جو نظرن ۾ رهڻ ان طرف هلڻ ۾ سولائي جو سب بنجي ٿو. تاهم جيڪي ان کانسواءِ محو سفر آهن، اهي وڏي مرتبي وارا آهن. اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته دنيا جي ماڻهو نه هجڻ جو اهو مطلب ڪونه ٿو نڪري ته  هو آسماني يا روحاني مخلوق بنجي ويو آهي، اسان سان گهڻو ڪري ائين ٿئي ٿو ته اسين ٻئي جهان وڃائي ويهون ٿا، پر مغرب وارا گهٽ ۾ گهٽ هڪ کي ته قابو ڪري وٺن ٿا، جيڪڏهن ٻيو کين نٿو هٿ اچي. اصل حقيقت اها آهي ته هيءُ دنيا ۽ هوءَ دنيا هڪٻئي کان الڳ ڪونهن، هيءَ دنيا ٻي دنيا لاءِ چاڙهي يا دِڪي آهي جيڪڏهن توهان ان چاڙهي يا ڏاڪڻ تي نٿا چڙهو ته توهان مٿي ڪيئن پهچندا. توهان جيڪڏهن گهر جي چانئٺ تي نٿا پهچو ته گهر جو نظارو ڪيئن ڪري سگهندا. ان ڪري اجائي ٻٽاڪ ۽ هوڙائي کان پرهيز ڪريو.

[  59  ]

سرمايو ۽ مزدور

 

(1938 ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪيل تقرير)

اڄڪلهه جڏهن صبح جي وقت ڪو اکيون مهٽي مَسَ اُٿي ٿو ۽ سندس واسطو ’سرمايو ۽ مزدور‘ (Capital and Labour) جهڙي موضوع سان پوي ٿو ۽ وري جڏهن هو مزدورن جي هڙتال جون خبرون ٻڌي ٿو، ته هو سوچڻ لڳي ٿو ته هو پاڻ واقعي سجاڳ به آهي يا ننڊ ۾ آهي. مون کي چوڻ ڏيو ته خاص طور تازو ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪيل ’صنعتي نمائش‘ کي ڏسڻ کان پوءَ هو ضرور سوچيندو ته هو جاڳيل ڪونهي بلڪ اصحاب ڪهف جي ستن دوستن وانگر ڪنهن غار ۾ سُتل آهي.

مان سمجهان ٿو ته هتي گهڻن دوستن کي اصحاب ڪهف جي ان ڪهاڻيءَ بابت واقفيت آهي، اهي ٻه ٽي سؤ سال غار ۾ سُتل هئا ۽ جڏهن جاڳيا هئا ته هڪ ساٿيءَ کي پنهنجي زماني جو رکيل سڪو ڏيئي بازار موڪليو هئائون ته ماني وٺي اچي. تڏهن بازار جي ماڻهن کي شڪ پيو ته هي پراڻو سڪو آهي ۽ هن ماڻهوءَ وٽ ڪٿان آيو ته هن کي پڪڙي وڃي ڪوٽوال وٽ حاضر ڪيائون.

هيءَ آکاڻي موجوده حالتن جي پس منظر ۾ عجيب و غريب ڪونهي، ڇو ته ان نمائش ۾ جتي هڪ طرف الائجي ڪيتريون صنعت و حرفت جون شيون ڌيان ڇڪائين ٿيون ته ساڳي وقت وري اهو به چيو وڃي ٿو ته هندستان جيڪو زرعي ملڪ آهي، اهو صنعتي ميدان ۾ قدم اڳتي وڌائڻ سان ترقي يافته ٿي سگهي ٿو. ٻئي طرف اها حالت اهي جو هر روز صبح جو ’سرمايه دار ۽ مزدور‘ جي باهمي چپقلش جو آواز اڳي کان اڳرو ٻڌجڻ ۾ اچي ٿو. وري حد ته اها آهي، جو ان ڪشمڪش کي علاج طور پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ هر روز هڙتالن کي همٿايو وڃي ٿو، جنهنڪري هر عقلمند ۽ سوچ وارو انسان حيران پريشان آهي.

انهيءَ پس منظر ۾ هڪ سوچيندڙ ذهن ان نتيجي تي پهچي ٿو ته يا ته هو پاڻ ڪا ڳالهه سمجهڻ کان قاصر آهي يا هو صدين واري غفلت جي ننڊ ۾ آهي. ڇو ته اها حقيقت آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اڌ صدي گهربل آهي، ته اسان جا ڪارخانا اهڙيون شيون پيدا ڪن جيڪي دنيا جي مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ڪن. ان سان گڏ اهڙا سرمائيدار ۽ صنعتڪار پيدا ٿين جيڪي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ شين ٺاهڻ جون فيڪٽريون قائم ڪن جو هر وقت مشين هلڻ جو آواز اچي، فقط تڏهن مزدورن کي اها گهر ڪرڻ کپي ته هنن جي پورهئي سان جيڪي شيون پيدا ڪيون ويون آهن انهن ۾ هنن کي هيترو يا هيترو حصو ملڻ کپي يا جيڪي هنن کي معاوضي طور ملڻ گهرجي اهو نه ملي رهيو آهي. يا ائين چئي سگهجي ٿو ته سرمائيدار کي مستقبل جي سيڙپ لاءِ جيڪو سرمايو گهربل آهي، اهو گهٽ يا وڌ آهي.

حقيقت اها آهي ته اڄڪلهه جي اخبارن ذريعي هرڪوئي ’سرمايي‘ ۽ ’مزدور‘ کي هڪٻئي جو ضد سمجهڻ لڳو آهي، هن جي وڌيڪ وضاحت اجائي آهي، ليڪن اها ڳالهه واضح هجڻ کپي ته سرمايي يا موڙيءَ جو مطلب ڪنهن سگهڙ زال جي بچت يا پاڇي ناهي جيڪا هن سانڍي يا لڪائي رکي آهي، ان مان مراد ڪنهن مهاراجا جا چند آڏاڻا به نٿا ٿي سگهن، بلڪ ان مان مراد اهو سرمايو آهي جيڪو مزدورن جي ڪري ڪٺو ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ اهو وسيع معنيٰ ۾ سرمايو آهي پر ان تي مزدور جو حق نٿو تسليم ڪري سگهجي. بيشڪ مزدورن کي چيلهه سان سندرو ٻڌي ڪم ڪرڻو پوي ٿو ۽ دولت پيدا ڪن ٿا. ليڪن جڏهن هو ايتري دولت پيدا ڪن جو ڪجهه بچت جي صورت اختيار ڪري، ان صورت ۾ هو شايد دولت جي ڪافي هجڻ ۽ ان جي پنهنجي ترقيءَ واسطي خرچ جي تقاضا ڪري سگهن ٿا. پر هتي اهو تمام اهم آهي ته اهڙي دولت جو ايترو حصو ضرور بچت جي صورت ۾ محفوظ رهڻ گهرجي، جنهن سان مستقبل ۾ صنعت جي مسلسل ترقي به مدِنظر هجي، ڇو ته ان تي ئي مزدور جي بهتر ڪاڪردگي جو دارومدار آهي. ٻيءَ صورت ۾ ان جو مطلب ٿيندو ته هو کائي کپائي سڀ ڪجهه ناس ڪري ڇڏيندو. يا ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب ان بيوقوفانه خواهش جي تڪميل ٿيندو جنهن موجب سونا آنا ڏيندڙ ڪُڪِڙ کي ئي ماري ڇڏڻ آهي.

انهيءَ پس منظر ۾ اسان جي ملڪ اندر اڃان تائين مزدور جو ڪم ان سطح تائين نه پهتو آهي جتي هن جي محنت سبب اهو ’سرمايو‘ پيدا ٿيڻ لڳي جنهن جو اسان ذڪر ڪيو آهي. اڃان ايترو سرمايو به پيدا نه ٿيو آهي جنهن ۾ مزدور جي محنت جو هزار ۾ هڪ ڀاڱي حصو هجي. اهوئي سبب آهي جو اڄ اسين ’غير ملڪي سرمايي‘ (Foreign Capital) کي دعوت ڏيڻ ۽ ان جي استعمال جي بار بار ڳالهه ڪريون ٿا.

’سرمايي‘ ۽ ’مزدور‘ جو باهمي تضاد اتي نظر اچي ٿو، جن ملڪن ۾ دولت جي پيداوار ايتري گهڻي ٿي آهي جو ان جا ڍڳ ٿي ويا آهن. ڪارلائل وڪٽوريا عهد جي انگلنڊ کي سون جي وسيع و عريض ميدان جنهن کي هو ميڊاس (Midas) سڏي ٿو سان تشبيهه ڏيندو هو، جنهن مان ڪنهن کي ڪوبه فائدو نه ملندو هو، ليڪن اتي به اهو سوال گهڻو پوءِ پيدا ٿيو جڏهن اهي ’نبوب‘ (Nabobs) مري ختم ٿي چڪا هئا. مطلب ان جو بنياد اصل ۾ حد کان وڌيڪ پيداوار آهي ۽ ساڳئي وقت ان جي غير منصفانه ورهاست يا تقسيم آهي. ان وقت ايترو سرمايو گڏ ٿي ويو هو جيڪو نه رڳو ملڪي صنعتن کي هلائڻ کان فالتو هو بلڪ اهو ٻين ملڪن ۾ وسائل جي استعمال کان به وڌيڪ هو. بهرحال اها وڏي حقيقت هئي ته سرمايدارن وٽ ايترو اضافي سرمايو (Surplus) جمع ٿي ويو هو، جو عوام جو هڪ حصو اهو سمجهڻ لڳو ته سرمايدارن لاءِ اهو جائز نه هو ته هو ايترو پئسو پاڻ وٽ گڏ ڪن. سولي سمجهاڻيءَ مطابق اهو مالڪ ۽ مزدور جي وچ ۾ ان پيداوار (Production) جي ورهاست جي تناسب تي جهڳڙو هو جيڪا ٻنهي جي محنت جو نتيجو هئي. هڪ معاشيات جي ماهر جي زبان ۾ ائين کڻي چئجي ته ’سرمايدار ۽ مزدور‘ جي وچ ۾ اهو مسئلو انهن ملڪن ۾ پيدا ٿيو جتي پيداوار (Production) جي مقابلي ۾ ان جي تقسيم ريا ورهاست (Distribution) جو تنازعو وڌيڪ اهم هو. يا ائين کڻي چئجي ته جتي پيداوار ۽ ان جي ورهاست ۾ نئين تناسب جي ضرورت هئي جنهن جو مطلب سرمايه دار ۽ مزدور جي وچ ۾ ان نسبت کي نئين سر طي ڪرڻ هو.

هاڻي ان صورتحال ۾ اهو ڪيڏو نه عجيب ٿو لڳي ته هر روز شام جو اسان سنجيدگيءَ سان اهو ويچار ڪرڻ لڳون ٿا ته ڀلي کڻي غير ملڪي سرمايه دارن کي دعوت ڏيڻي پوي پر اسان کي هر صورت ۾ صنعتي طور اڳتي وڌڻو آهي. پر ٻئي ڏينهن صبح جو وري جڏهن اکيون مهٽي اُٿون ٿا ته پهرين خبر اها پڙهڻ لاءِ ملي ٿي ته ’سرمايه ۽ مزدور‘ سان لاڳاپيل سڀني مسئلن جو حل سوشلزم آهي. ڇا اهو تضاد ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اسان جي خيال ۾ سرمايه ۽ مزدور جي درميان سخت تنازعو جيڪو اصل ۾ آهي ئي ڪونه، ان جو اهو حل بنيادي طور غلط آهي.

ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته هن تضاد جو به اسان اهوئي حل ڳوليو آهي جيڪو ٻين اهڙن مسئلن ۾ اسان هميشه ڪندا آهيون، يعني پنهنجي مطلق جهالت سبب هميشه ٻاهرين حل کي پاڻ تي مسلط ڪندا آهيون، ان صورت ۾ اهو بلڪل واضح ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته اسان تباهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه سوچيو آهي. جنهن سان اسان جي ملڪي صنعت جو ٻوٽو مورڳو اُڀرڻ کان اڳ ئي مرجهائجي ويندو.

بهرحال ان جو ٻيو ڪهڙو حل ٿي سگهي ٿو. اهو آءٌ ايندڙ ليڪچر ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

[  60  ]

خودي ۽ آزادي

 

[سال 1940 ۾ لکيل تقرير جو باقي محفوظ حصو]

گذريل ويهن سالن ۾ خودي ۽ آزادي جهڙن لفظن جو استعمال موتمار حد تائين وڌي ويو آهي. اقبال پهريون لفظ متعارف ڪرايو ۽ ٻيو لفظ آزادي حالتن جي پيداوار آهي. اهي ٻئي لفظ ممڪن حد تائين ٻنهي، غلط توڙي صحيح نموني ۾ استعمال ٿي رهيا آهن.

هتي اهو اعتراف ڪري سگهجي ٿو ته اقبال جو خوديءَ جي لفظ کي شخصيت يا انفراديت جي بجاءِ استعمال ڪرڻ ڪو گهڻو سٺو ڪونه ٿو لڳي. مطلب اهو بهتر انتخاب ڪونه هو. گهڻا ماڻهو ان خيال جا آهن ته اقبال اهو لفظ ايجاد ته ڪيو، پر اهو صحيح ڪونه ٿو لڳي.

ويهين صدي جي شروعات ۾ اهي ٻئي لفظ نفسيات دانن ۽ فلسفي حضرات وٽ گهڻي بحث هيٺ هئا. مون کي پاڻ چگيءَ طرح ياد آهي ته مون پاڻ اقبال سان هن سلسلي ۾ 1908ع ۾، جڏهن اسين انگلينڊ ۾ شاگرد هئاسون ته چڱو ڀلو بحث ڪيو هو. اهو هڪ نئون خيال هو جنهن کان عوام واقف نه ٿيا هئا. وقت جي گذرڻ سان گڏ اهو لفظ وڌيڪ اهميت اختيار ڪندو ويو ۽ اقبال جنهن جي سڄي دنيا جي ادب تي نگاھ هئي، ان لفظ کي ڇڏي نه سگهيو ۽ نه وري ان جي اهميت کي گهٽائي سگهيو. ظاهر آهي ته لفظ شخصيت(Personality)  خوديءَ جي مقابلي ۾ مونجهارو پيدا ڪري ها، خاص طرح جڏهن اقبال اڳتي هلي بيخودي جو لفظ ايجاد ڪري ٿو، ڇو ته هو ٻنهي کي هڪ ٻئي جو ضد طور ڪم آڻي ٿو. ان صورت ۾ وڌيڪ ابهام پيدا ٿي پوي ها.

بهرحال شخصيت ٻنهي خودي ۽ بيخودي کان مٿاهين آهي پر هتي ان تي اسين پوءِ اچون ٿا. منهنجي خيال ۾ اهو بهتر ٿيندو ته اسان ان جي شروعات گوئٽي جي جرمن ٻوليءَ ۾ هنن شعرن سان ڪريون:

ترجمو:

جيتوڻيڪ آءٌ ديوارن کي ڊهندي ڏسان ٿو.

مون کي ديوارن ۾ ڪيترا ئي وڏا ڏار نظر

اچن ٿا. هتي ڪيترا ئي قيد ۾ بند آهن.

ڇا پوءِ هيءَ دنيا وڏي ڪال ڪوٺڙي آهي ۽

فقط چريو ماڻهو آزاد آ جيڪو گلن جي هار

بدران زنجيرن کي گلي لڳائي ٿو.

ڇا هتي گوئٽي ڪا عجيب ڳالهه ڪري رهيو آهي؟ ڇا واقعي چريو ماڻهو موتين مالها جي مقابلي ۾ زنجيرن کي پسند ڪري ٿو؟ ڇا واقعي اهڙو ڪو ماڻهو ٿي گذريو آهي، جيڪو اڳ ۾ زنجيرن ۾ هجڻ کان سواءِ آزاد ٿيو هجي؟ ورڊس ورٿ جهڙو شاعر ماڻهو نوڪر واري حيثيت پسند ڪري ٿو، مطلب هو به زنجير کي پسند ڪري ٿو. جڏهن حضرت ابوبڪررضه حضرت بلالرضه کي آزاد ڪرايو ته نبي ﷺ سان هيئن مخاطب ٿيو هو: ”مون بلال کي جيئن توهان فرمايو هو آزاد ڪرايو آهي پر منهنجو پنهنجو نماڻو عرض آهي ته مون کي پنهنجي غلاميءَ ۾ قبول ڪريو ۽ منهنجو اهو عرض اگهايو.“ اسان جو پنهنجو شاعر شاهه عبداللطيف چوي ٿو:

سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾

انهيءَ ڏينهن جڏهن حڪمت الاهيءَ جو اهو فرمان جاري ٿيو هو:

وَلَا تَـقْرَبَا ھٰذِهِ الشَّجَرَةَ (البقره: 35)

ترجمو: توهان ٻئي هن وڻ جي ويجهو نه وڃجو.

 دراصل ان ڏينهن کان اسان کي آزادي ملي آهي. اهي ڪي گهڻا ڪم ناهن، وڌ ۾ وڌ ٻارهن آهن جن کان رڪجڻ يا مڙڻ سان توهين جنت ۾ پهچي سگهو ٿا. آدم ۽ حوا جي جنت فقط انهيءَ وڻ جي ويجهو نه وڃڻ سان مشروط هئي. ڀلا جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اسان آزاديءَ کي ايڏو ڇو ٿا مٿي چاڙهيون؟ جيڪڏهن آزادي واقعي ايڏي ضروري آهي ته پوءِ اهي سڀ وڏا ۽ عظيم انسان غلامي ۽ ٻانهپ کي ڇو پسند ڪري ويا؟

ان کان اڳ جو اسين هن سوال جو ڪو جواب ڏيون، اچو ته سنجيدگيءَ سان سوچيون ته ڪيترا ماڻهو واقعي آزادي جو شعور رکن ٿا. ڪيترن ماڻهن کي خاص طور تي سندن کائڻ پيئڻ ۽ جنسي ضرورتن کي پوري ڪرڻ کان سواءِ واقعي آزادي جي طلب آهي. ڪيترا آهن جن کي دنيا جي ٻين نعمتن جي مقابلي ۾ آزادي وڌيڪ پياري آهي! هاڻ ڪجهه وڌيڪ سنجيده ڳالهه ڏانهن متوجهه ٿجو جنهن مطابق بني نوع انسان جو هڪ سيڪڙو به آزادي جو شعور نٿو رکي، خاص طور جيستائين اهي آزاد نه ٿيا آهن. بلڪ ڪي ماڻهو ته آزاد هجڻ جي سوچ کان ئي خوف کائن ٿا.

بهرحال اچو ته معلوم ڪريون ته اسان ڪيئن آزادي جو شعور حاصل ڪري سگهون ٿا. هن سلسلي ۾ آءٌ هڪ آکاڻي ٻڌائيندس جيڪا مون ننڍي هوندي پڙهي هئي. هڪ شخص ڪنهن ڇوڪري وٽ پڃري ۾ ڦاسايل پکي ڏٺو. ان شخص پنهنجي کيسي مان هڙئي پئسا ڏئي اهو پکي پڃري سوڌو خريد ڪيو ۽ ان پکي کي آزاد ڪري ڇڏيو. جيڪي ماڻهو اتي بيٺا هئا سي چوڻ لڳا: هي شايد ڪو چريو ماڻهو آهي يا سندس هوش حواس سالم ناهن. تڏهن ان شخص انهن ماڻهن سان مخاطب ٿيندي چيو: ڪاش جيڪڏهن توهان به مون وانگر ڏھ سال قيد ۾ قابو رهو ها ته شايد ئي ڪنهن کي قيد ۾ ڏسي سگهو ها.

مطلب اها جسماني بندش ۽ قيد آهي، جيڪو اسان کي آزادي جي قدر ۽ قيمت جو احساس ڏياري ٿو. اها ساڳي حالت اخلاقيات جي دنيا سان لاڳو آهي جنهن جو واسطو اسان جي ذهن سان آهي. اهي احڪام ته توهان ’هيئن به ڪندا ۽ هونئن به ڪندا‘ انهيءَ لاءِ آهن ته جيئن توهان ذهني آزادي جو قدر ڪري سگهو. هاڻي سوال آهي ته ان خالق ڪائنات جي منشا آخر ڇو اسان کي اهو محسوس ڪرائڻ گهري ٿي ته هو آزاديءَ جي ضرورت محسوس ڪري، ان جي طلب ڪري، ان جو قدر ڪري ۽ ان کي وڏي ۾ وڏي نعمت سمجهي!

ان سوال جو هڪڙو جواب ٿي سگهي ٿو. آزادي ئي انسان جو مقدر آهي، اها هن جو مذهب آهي ۽ اها ئي هن جو مقصد حيات آهي. هن جي زندگيءَ جو مقصد اها آزادي ماڻڻ آهي. حد ته اها آهي جو انسان کي پنهنجي طبعي يا جسماني آزاديءَ لاءِ به جدوجهد ڪرڻي آهي، ڇو ته سموري فطرت هن لاءِ قيد ۽ بندش جي حيثيت رکي ٿي، جنهن ۾ خود هڪ انسان ٻئي کي پنهنجي غلاميءَ ۾ ڏسڻ چاهي ٿو. ليڪن اهو سڀ ڪجهه ائين ئي ٺاهيل ۽ مقرر ٿيل آهي. اهو ئي ته سبب آهي جنهن ڪري انسان آزاديءَ جو سڀ کان وڌيڪ  قدرڪرڻ لاءِ مجبور آهي ۽ ان کي هر قيمت تي حاصل ڪرڻ گهري ٿو ۽ ان آزاديءَ کي برقرار رکڻ لاءِ ڪنهن به ڪوشش کان نٿو ڪيٻائي. انسان کي اهو احساس آهي ته آزاديءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو هڪ جهنگليءَ جيان بند ۾ آهي، هو ڪيترن ڳرن زنجيرن ۾ قابو آهي ۽ هو پنهنجي ڪوشش ۽ ڪاوش کان سواءِ انسان لاءِ اها وڏي ۾ وڏي نعمت حاصل ڪري نه سگهندو!

[  61  ]

ڊائريءَ جا چند ورق

 

(ڊينمارڪ، 3 آڪٽوبر، 1915ع)

اڄ صبح جو جيئن آءٌ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي چڙهي پهتس ته مون تي خوشي ۽ فرحت جا جذبات غالب اچي ويا. مون کي لڳو ته سموري فطرت پوريءَ ريت آرام ڪرڻ کان پوءِ جاڳي پئي هئي ۽ نئين ڏينهن جي ڪم ڪار لاءِ تيار ٿي رهي هئي ۽ هر طرف گهما گهمي ۽ زندگي حرڪت ۾ اچي رهي هئي. نئون اڀرندڙ سج اڃان پوريءَ ريت مٿي نه آيو هو  ۽ اهو افق جي ان هنڌ تان آهستي آهستي چُري رهيو، جتي زمين ۽ آسمان هڪ ٻئي سان مليل نظر ايندا آهن. اهو پر اسرار نظارو هو، جنهن ۾ ساوا کيت، سونهري جهنگلات، چمڪندڙ پاڻيءَ واريون ڍنڍوون ۽ ساهه کڻندڙ جبل حد نگاهه تائين ڦهليل هئا. هوا تي هلندڙ پن چڪي ۽ ڪجهه پنڌ تي نظر ايندڙ ننڍڙو قلعو به ان نظاري ۾ شامل هئا. ٿورو پري ننڍڙو ڪارو پکي ايندڙ سرد موسم کان بيخبر مست ٿي ٻولي رهيو هيو. مون کي ٿوري دير لاءِ خوشيءَ جو هڪ عجيب احساس ٿيڻ لڳو، مان سوچي رهيو هوس ته جيڪڏهن آءٌ ٽڪريءَ تي مٿي چڙهي نه اچان ها ته آءٌ ان سونهن جي احساس کان محروم رهان ها ۽ اهو اطمينان جيڪو هتي اچي مون کي نصيب ٿيو آهي ان کان خالي رهجي وڃان ها!

پر اسان جي نظر، علم توڻي صحيح عمل اهي هڪٻئي تي دارومدار رکن ٿا، صحيح عمل ۽ هلت سان ئي سچ سمجهڻ جي قوت ملي ٿي. مطلب اهي گڏوگڏ هلن ٿا ۽ جدا نٿا ٿي سگهن. اهڙيءَ طرح اسان جي وجود جا مختلف دائرا به ملندڙ جلندڙ آهن، جيتري اعليٰ سوچ رکنداسين، اوترو اسان جو نقطئه نظر وسيع ٿيندو. مثلاً هڪ نظر ۾ اسان کي زمين ۽ آسمان پاڻ ۾ ڪٿي ڳنڍيل ۽ مليل نظر اچن ٿا ته اهڙيءَ طرح اسان کي سڀ شيون هڪ ’ڪُل‘ جو جُز نظر اچن ٿيون. اهو وڌندڙ فاصلو بذات خود ڪشش جو باعث بنجي ٿو ۽ ان سان اسان کي آزاديءَ جو اعليٰ احساس ۽ اطمينان ٿيڻ لڳي ٿو، جيڪو زندگي جي وجود ۽ ان جي رحمت جو نشان آهي.

پر جڏهن اسين هيٺ لهڻ شروع ڪريون ٿا ته اسان جو منظرنامو يڪسر بدلجڻ لڳي ٿو ۽ شيون هڪٻئي پٺيان غائب ٿيڻ لڳن ٿيون، نظر جو نٿيون اچن. اسان جو منظرنامو سُسُڻ يا گهٽجڻ لڳي ٿو. آسمان ڌرتيءَ کان هميشه لاءِ جدا ۽ پري نظر اچي ٿو ۽ اسان تي هتي پنهنجي بندري ۽ غلام هجڻ جو احساس ڇانئجڻ لڳي ٿو. اسان هر لحاظ کان پاڻ کي جڪڙيل ۽ سوگهو محسوس ڪريون ٿا.

اسان ذهني ۽ اخلاقي طور به ان حالت مان گذرڻ لڳون ٿا. گپ چڪ ۽ هيٺاهين واري زمين تي اسان جون خواهشون به هيٺين سطح واريون اڀري اچن ٿيون. مطلب ته اسان جي نظر ۾ ’جُز‘ وارو تصور وڌيڪ سمائجي وڃي ٿو ۽ ’ڪُل‘ وارو تصور بلڪل ختم ٿي وڃي ٿو. هڪ غير مطمئن زندگي ۽ قيد و بند ۾ هجڻ جو تصور غالب ٿي وڃي ٿو. اسان جي اندر ۾ دوزخ جي باهه ٻرڻ لڳي ٿي ۽ جنت جي هوا گهڻو پري هلي وڃي ٿي.

پر جيڪڏهن اسين مٿي چڙهڻ لڳون ۽ انهن خواهشن تي ضابطو رکي سگهون، پوءِ ڀلي ان لاءِ ڪيڏو به زور لڳائڻو پوي ته اسان کي مٿي اڀرڻ جو ايڏو احساس ٿيندو، جنهن سان اسان ۾ اها وسيع نظر پيدا ٿيندي جو اسان پاڻ کي هڪ دفعو وري هڪ وڏي ’ڪُل‘ جو جُز سمجهڻ لڳنداسين. اسان ۾ اهو ويڳاڻپ ۽ باهه ۾ هجڻ جو احساس ختم ٿي ويندو ۽ ان جي بجاءِ محبت ۽ رحم جيڪي بهشت جون نشانيون آهن، ظاهر ٿي پونديون. ان سان اسان جو ذهن آزاد ٿي پوندو ۽ کيس مڪمل اطمينان ۽ سڪون نصيب ٿيندو.

ان ڪري جيڪي سچائي جي رستي تي هلڻ لاءِ تيار ناهن، اهي هميشه سچ جي وسيع ۽ دائمي تناظر کان محروم رهن ٿا. اها خاص ’نظر‘ انهن لاءِ آهي، جيڪي اها راهه اختيار ڪندا ۽ ان تي هلندا رهندا. ڇڇوندر کي اکين جي بجاءِ هڪ چير هوندو آهي ڇو ته هو ڌرتيءَ جي اندر مٽيءَ ۾ رهندو آهي، پر عقاب جي وڌ ۾ وڌ تيز نظر آهي ڇو ته هو تمام گهڻو مٿانهين بلنديءَ تي اڏامندو آهي.

اهڙيءَ صورتحال ۾ اسان کي ان مليل روشنيءَ تي شڪرگذار ٿيڻ کپي ۽ اسان کي ان روشنيءَ ۾ پوري ذميداريءَ ۽ وفاداريءَ سان پنڌ ڪرڻ کپي. ياد رکو ڪو به پنڌ ڪندڙ اڳتي وڌڻ کان روشنيءَ جي ڪمي جي ڪري پٺتي نه پيو آهي، پوءِ ڀلي ڪيڏي به رستي تي اونداهه ٿي وئي هجي، توهان هڪڙو قدم صحيح کڻو ٻيو ازخود واضح ٿي پوندو. پهريون فرض پهرين ادا ڪريو. هڪ هنڌ بيهي اجائي پڇا ڳاڇا ۾ وقت نه وڃايو ۽ بيوقوفن وانگر سوال نه ڪريو ته منزل ڪيترو پري آهي ۽ ڪيئن پهچبو، پوءِ ڀلي اها ڏينهن ڏٺي جي روشني ڇو نه هجي. ڇو ته توهان اها ڏورانهن جڳهه جتي توهان کي پهچڻو آهي، هتان هيٺان بيهي ڏسي ڪونه سگهندا، جتي توهان هينئر بيٺا آهيو. توهان جي اها حالت ان نٺر ٻار واري آهي، جيڪو پنهنجي ضد تان لهڻ وارو ناهي ۽ اتي ئي بيٺو آهي، جتي شروع کان بيٺو آهي.

اها اجائي بزدلي ۽ نيڪ نيتيءَ جي ڪمي آهي، جيڪا توهان کي اڳتي چرڻ نٿي ڏئي، باقي روشنيءَ جي ڪمي يا نه هجڻ جي شڪايت اجائي آهي.

ان کي ڪيئن سجاڳ چئي سگهبو، جنهن جو ڏينهن ائين گذري وڃي ٿو ۽ رات اچي وڃي ٿي، جڏهن ڪوبه ڪم نٿو ڪري سگهي. گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن توهان پنهنجي رات کان خوف کائڻ نٿا گهرو. توهان انهن اجاين خيالن ۽ خوابن جو شڪار ٿيڻ کان بچي سگهو ٿا، بشرطيڪ توهان اڳتي وڌندا رهو.

ڊائريءَ جا ڪجهه ورق

ڊائوني ڪينٽ

(18 آگسٽ، 1916ع)

انهيءَ ڏينهن اسان حسين چراگاهن ۽ کيتن ۾ اهڙي ڪشش محسوس ڪئي، جو اهو به خيال نه ڪيوسين ته متان ڪو اسان تي اندر زوريءَ گهڙي اچڻ جو الزام عائد ڪري، ڇو ته اسان ڪڻڪ جي فصل جي نظاري ۾ بلڪل محو ٿي چڪا هئاسون. اهو ڪيڏو نه خوبصورت نظارو هو. ڪڻڪ جي سونهري سنگن وارو اهو فصل، جنهن جي وچ وچ تي سرنهن ۽ جوَ به بيٺل هئا، ۽ اهو سمورو نظارو هڪ لهواري ميدان تي پوريءَ ريت ڦهليل هو ۽ جيستائين نگاهه وئي ٿي، اهو منظر هيو. ان کان پري ڪجهه وڌيڪ مٿانهين تي سرو جا درخت بيٺل هئا، جيڪي جبلن جي نيري پس منظر ۾ وڌيڪ خوبصورت لڳي رهيا هئا. ان واديءَ جي وچ ۾ جهوپڙين نما گهر به هئا، جتي وري ديودار جا درخت ۽ ٻيا ننڍا وڻ به نظر اچي رهيا هئا ۽ انهن گهرن جي چمنين مان دونهون نڪري رهيو هو. اهو قدرت جو ڪيڏو نه حسين ۽ پر لطف  نظارو هيو هو. اهو قدرت جو ڪيڏو نه حسين نظارو هو، جتي جهنگلن ۾ هوندي فصلن ۽ اناج جي جهجهي نعمت ميسر هئي.

انهيءَ وقت مون کي اهو خيال اچڻ لڳو ته جيڪڏهن مون کي قدرت طرفان اهڙي قوت ملي ته جيڪر هڪ لمحو ضايع ڪرڻ کان سواءِ آءٌ پنهنجي جنم ڀوميءَ کي به اهڙي جنت بنائڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ هر اها ڪوشش ضرور ڪندس، جنهن سان ان جي خوشين ۾ اضافو ٿي سگهي. بلڪه مون کي دماغ ۾ اهو خيال به اچڻ لڳو ته نه رڳو منهنجو ملڪ پر هن ڌرتيءَ جو هر اهو ملڪ جيڪو هن جيان خوبصورت نه آهي.

مان انهن خيالن ۾ گم هوس ته آءٌ ڪيئن پنهنجي وطن جي هر گليءَ ۽ گهٽ گهيڙ کي جنت نظير بڻائي سگهندس. ان واديءَ ۾ هر طرف خوبصورتي ۽ شادابي جي سمان مون کي ايڏو بي قابو ڪري ڇڏيو، جو منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.

26 آڪٽوبر 1936ع

اڄ صبح جو مون مهاتما گانڌيءَ جي هٿان هڪ مندر جي افتتاح بابت خبر پڙهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ان مندر ۾ رواجي مورتين بجاءِ هندستان جو نقشو لڳايو ويندو. هڪ لحاظ کان ان جو مطلب ٿيندو ته ’گهريلو ديوتا‘ جي بجاءِ ’قومي ديوتا‘ ان جي جاءِ وٺندو يا ’وڏڙن جي جذبات‘ جي جڳهه ’قومي جذبات‘ والاريندا. اهو ڪيڏو نه عجيب آهي ته انسان جي اها ارتقا ’گهريلو جذبي‘ کان ’قبيلي جي جذبي‘،  پوءِ ’شهر جي جذبي‘ کان ٿيندي ’قومي جذبي‘ تائين پهچي ٿي.

هتي منهنجي ذهن تي سليمان ڏانهن منسوب ان عبادتگاه جو تصور اچي ٿو، جنهن ۾ ڪيترن خدائن کي ڏيکاريو ويو هو. پر شايد هندومت وارا ان مرحلي مان نه گذريا آهن. هند وارا ’ڳوٺڙي‘ (خاندان جي رهائش) تائين پهتا هئا، جيئن ارسطو جي ڏهاڙن ۾ يونان وارا ’شهر‘ (City) تائين پهتا هئا ۽ ان کان اڳتي وڌي نه سگهيا هئا. اهو ئي سبب آهي جو هندستان ۾ ’ڳوٺاڻي پنچايت‘ (Village Panchayaet) هڪ منظم ادارو ٿي اڀريو. انهيءَ پس منظر ۾ اڄڪلهه جيڪڏهن ڪو ڪيسر لنگ بلڪل پنهنجي عجيب انداز ۾ ’ڌرتيءَ جو روح‘ جو اصطلاح استعمال ڪري ٿو ته هر ڪوئي ان کي پراچين مفهوم ۾ وٺي ٿو. ڪوبه ماڻهو اهو سمجهڻ لاءِ تيار ناهي ته هن کان اڳ ’اسان جي ابن ڏاڏن جو روح‘ وارو اصطلاح عام هوندو هو.

ليڪن اهي مسلمان ئي هئا، جيڪي ’مشرق جو روح‘ توڻي ’مغرب جو روح‘ ٻنهي کي ڇڏي گهڻو اڳتي نڪري ويا. هنن ٻنهي ۾ ڪا تفريق ڪونه ڪئي ۽ ٻنهي کي پنهنجو ڪيو، بلڪه هنن لاءِ اهو جديد اصطلاح ’ڌرتيءَ جو روح‘ به ناڪافي ۽ بلڪل غير مناسب هو.

هنن جي نظر ’ڪائنات جي روح‘ تي مرڪوز هئي، جنهن ڪري هنن لاءِ سموري انسانذات ’انسان ڪبير‘ واري حيثيت رکندڙ هئي. بلڪه خود ڪائنات کي هنن ’شخص اڪبر‘ ٿي ڪوٺيو ۽ ڳڻپ کان مٿي جهانن يا ڪائناتن جي مالڪ کي هنن ’رب العالمين‘ ٿي سمجهيو ۽ هن ’ڌرتيءَ واري انسان‘ لاءِ اها ذات ئي مطمح نظر هئي.

هاڻي جڏهن اها صورتحال هئي ته پوءِ ڪنهن هڪ هنڌ مخصوص جاءِ تي ويهي عبادت جو تصور به گهڻو ناقص هو، بلڪه هڪ عقلمند انسان لاءِ بيوقوفيءَ کان گهٽ نه هو. جيڪڏهن ’ڳوٺڙي‘ واري مقامي تصور جي بجاءِ ’قومي روح‘ جي تصور کي اعليٰ سمجهيو ويو آهي، ڀلا پوءِ توهان انهن ماڻهن لاءِ ڇا چوندا، جن پنهنجو آدرش ’تخلقو با خلاق الله‘ يعني پاڻ ۾ خدائي صفتون پيدا ڪريو‘ کي قرار ڏنو هو. هڪ مثالي مسلمان لاءِ لازم هو ته هو خدا جي اکين سان ڏسي، هن جي ڪنن سان ٻڌي ۽ هن جي زبان سان ڳالهائي (بي يبصر، بي يسمع، بي ينطق). باقي ٻيو سڀ ڪجهه هن جي معيار کان گهٽ هو.

البته اهو بلڪل ٻيو بحث ٿي پوندو ته پوءِ هن ڇو پنهنجي لاءِ اڻ ڳڻيا خدا ٺاهي ڇڏيا، اهو ڪهڙو مسلمان آهي، جيڪو پاڻ کي مسلمان به چوي ٿو، پر هن جو خدا سندس خواهشن ۽ پست لالچن سان مناسبت رکي ٿو. جيئن فرمايو ويو آهي:

اَرَءَيْتَ مَنِ اتَّخَذَ اِلٰـهَهٗ  (29:25)

يعني ڇا تو ان کي به ڏٺو آهي، جيڪو پنهنجي خواهشن کي معبود ٺاهي ٿو.

29 آڪٽوبر 1936ع

اڄ صبح جي اخبار ۾ امريڪي صدر جي انتخاب بابت خبر آئي آهي. يورپ جي موجوده نام نهاد مهذب سوسائٽي توڻي امريڪي سماج نهايت تڪليف ده منظر پيش ڪري رهيا آهن. هن سلسلي ۾ منهنجي ذهن ۾ ڏاڍا خراب لفظ ٿي آيا جهڙوڪ شر انگيز، قابل نفرت، ناقابل برداشت، اڻ وڻندڙ يا غير مهذب، پر پوءِ مون کي خود خيال آيو ته اهي الفاظ پاڻ هنن جي ’سودي بازيءَ‘ يا ’بازاري زبان‘ کي مضبوط ڪندا. ان ڪري مان هن نتيجي تي پهتس ته ان جي مقابلي ۾ همدردي ۽ رحم جا الفاظ وڌيڪ ڪارائتا ٿيندا.

جڏهن عالمي جنگ هلي رهي هئي ته ٺاهي ٺڪي ڪوڙ ڳالهائڻ، هٿراڌو ۽ ڪوڙيون خبرون، گمراهه ڪندڙ افواهه، هڪ ٻئي جي تذليل، انهن سڀني کي ملائي ’پروپئگنڊا‘ جو نالو ڏنو ويو. ائين ڪرڻ لاءِ اهو سبب ڏنو ويو ته جنگ ۽ پيار ۾ هر شيءِ جائز آهي. پر انهيءَ صورتحال جي ويهن سالن گذرڻ بعد به يورپ ۽ آمريڪا ۾ انسان جي ان حد تائين ڪري پوڻ ڪنهن جي گمان ۾ نه هو.

اهي قومون جيڪي پاڻ کي ’مهذب‘ ۽ ’عظيم‘ پيون سڏائن، پنهنجن اڳواڻن کي ڪچيون گاريون پيا ڏين، جيڪي شايد ڪنهن مهاڻيءَ کان به وڌيڪ پيون لڳن. هو پاڻ تي هر قسم جا الزام پيا لڳائين، جنهن ۾ مڪر و فريب، ٺڳي ۽ دغابازي، منافقت ۽ ٻيائي، دوکي بازي وغيره ته عام ڳالهه آهي.

باهمي عزت ۽ اعتماد، وعدي وفائي ۽ پنهنجي قول کي پاڙڻ، عهدنامن تي پوروبيهڻ، اهي سڀ ڳالهيون ماضيءَ جو قصو بنجي چڪيون آهن. بلڪه انهن قدرن جو کلم کلا مذاق اڏايو وڃي ٿو ۽ انهن کي وحشي ۽ قديم دور جو يادگار سمجهيو وڃي ٿو. ان جي مقابلي ۾ باهمي نفرت، هڪٻئي خلاف بيعزتيءَ وارو رجحان، مصلحت جي ڳالهه کي هر لحاظ کان گهٽ سمجهڻ، شرافت جو ڪو خيال نه ڪرڻ، اهي سڀ جيئڻ لاءِ ضروري سمجهيا وڃن ٿا ۽ انهن کان سواءِ زندگيءَ کي محال خيال ڪيو وڃي ٿو.

امريڪا جيڪو اڄ جي قومن ۾ وڌيڪ مهذب سمجهيو وڃي ٿو. پاڻ انهيءَ وچڙندڙ بيماريءَ جو شڪار آهي. اڄ جي اخبار ۾ امريڪي صدر لاءِ لکيو ويو آهي، ”اهي چالاڪ ۽ حرفت باز ان ڳالهه کي انتخاب جي مرحلي تائين ملتوي ڪرڻ جي چڪر ۾ هئا. پر اهي ريپبليڪن جيڪي وڌيڪ جذباتي هئا، ان ڳالهه کي جلدي ظاهر ڪري ڇڏيو“ حد ته اها آهي جو ٺڳي ۽ مڪر، ڌؤنس ۽ ڌانڌلي جهڙا ڳجها اوزار استعمال ڪيا پيا وڃن ته جيئن سماج جي نيڪ ۽ شريف انسان کي منتخب ڪري سگهجي، جيڪو قومن جي تقدير جو فيصلو ڪري سگهي.

ان لحاظ کان جيڪي قابل احترام ادارا آهن، تن کي به هيٺاهين ۽ ڪريل سطح تي ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي، هينئر مجموعي طور انسانذات جي اها حالت آهي. سنجيده، باوقار، ايماندار، اعليٰ ظرفي ۽ خوش خلقي اهي الفاظ جهڙوڪ متروڪ ٿي چڪا آهن، پر جيڪڏهن اهي استعمال ڪيا وڃن ٿا ته مذاق ۽ دروغ گوئي طور ڪم آڻن ٿا.

سڀ ماڻهو انهيءَ طرز زندگيءَ جا ايترا عادي ٿي چڪا آهن، جو هاڻي انهن کي ٻيءَ طرح سوچڻ جي سگهه ئي ڪونه رهي آهي ۽ اهي ان جي وسعت کان ڪو خوف نٿا کائن. ’سچائي‘، ايمانداري ۽ بي خوفي قابل نفرت الفاظ ٿي چڪا آهن، ۽ انهن کان هرڪو ئي خوف کائي ٿو ۽ انهن کان ڀري ڀڄي ٿو.

مون کي عجيب ٿو لڳي ته اڄ کان پنجاهه سال اڳتي يعني 1986 ۾ جڏهن ڪو هي ڳالهيون پڙهندو ته هو ڇا سوچيندو يا چوندو؟!


* جيئن هن تقرير مان ظاهر آهي ته اها هندستان ۾ سول نافرماني تحريڪ جي پس منظر ۾ ڪئي وئي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org