سرمد
هو اصل ۾ ايران جو يهودي هو جيڪو پوءِ مسلمان
ٿيو. سترهين صديءَ ۾ پهريائين هو ٺٽي ۾ آيو
جتان پوءِ 1654ع ۾ دهلي هليو ويو جتي شهزادو
دارا شڪوه هن کان گهڻو متاثر ٿيو. هو پنهنجي
فارسي رباعين جي ڪري نهايت متاثر ڪن شخصيت جو
مالڪ آهي. مذهبي نظريات جي لحاظ کان هو متنازع
۽ بي پرواهه هو. آخر ۾ اها ئي ڳالهه کيس
سامهون آئي جو جڏهن پهريائين دارا شڪوه کي
دهليءَ جي تخت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي ٿي ۽
اورنگزيب طرفان هن کي قتل ڪرايو ويو ته ان کان
پوءِ سرمد کي به هن جي همدرد ۽ حمايتي طور قتل
ڪيو ويو. سرمد جو مقبرو دهلي جي جامع مسجد جي
ڏاڪڻ جي ڀرسان آهي. سندس هڪ رباعي جون ٻه سٽون
هن ريت آهن جيڪي هن پنهنجي منصور جيان موت جي
پيش گوئي ڪندي چيون هيون.
عمريست که آوازه منصور ڪهن شد
من از سر نو جلوه دهم دار و رسن را.
سرمد لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو برهنه يعني اگهاڙو
گذاريندو هو جنهن مان ان ڳالهه جو اشارو ملي
ٿو ته هو هميشه مستيءَ جي ڪيفيت ۾ رهندو هو.
هتي جن ٻن مصرعن جو حوالو آهي اهي درحقيقت
سرمد جي رباعي جون آهن ۽ پوري رباعي هن ريت
آهي.
هر که سر حقيقتش پا در شد
او پهن تراز سپهر پهناور شد
ملاگو يد که بر فلک شد احمد
سرمد گويد فلک به احمد در شد
معنيٰ: جنهن جا پير راز حقيقت جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي
ويا. ان جي اُڏام آسمانن کان به مٿي ٿي پوي
ٿي. ملا چوي ٿو ته احمد (ﷺ) آسمانن تي مٿي
ويو. پر سرمد چوي ٿو ته آسمان احمد جي پيرن
هيٺان اچي ويو.
سرمد جي ڪن سوانح نگارن موجب هن رباعي کي
بهانو بنايو ويو ته سرمد معراج جسماني جو
انڪار ڪري ٿو تنهن ڪري هو واجب القتل آهي.
اورنگزيب 1069ع ۾ تخت نشين ٿيو ۽ هڪ سال جي
اندر سرمد کي قتل ڪيو ويو. مون کي 2006 ۾ هڪ
سرڪاري دوري وقت سرمد جي مزار تي وڃڻ جو موقعو
مليو.
]تذڪره
سرمد شهيد- ڊاڪٽر شاهد مختار- ص 105[
***
شيخ عبدالقادر جيلاني (1077-1166)
قادري سلسلي جو باني جنهن جو شمار اسلامي دنيا
۾ وڏي پير ۽ اوليا جي حيثيت ۾ ٿئي ٿو. هو
زبردست مقرر، مبلغ، صوفي ۽ فقيهه هو. هن بغداد
۾ وفات ڪئي جتي سندس مقبرو آهي. سنڌ ۾ کيس
’پيران پير‘ مڃيو ويندو آهي. يعني پيرن جو پير
کيس ’غوث اعظم‘ به ڪوٺيو وڃي ٿو.
شيخ عبدالقادر جو زمانو سياسي، اخلاقي ۽ مذهبي
ڏيوالي جو دور هو ۽ هن پنهنجي مٿان معاشري جي
اصلاح جو ذمو عائد ڪيو هو جنهن جو اندازو خاص
طور سندس تقريرن ۽ وعظن مان ٿئي ٿو جهڙوڪ فتح
الربانيءَ ۽ جلاءَ الخواطر تصوف جي ميدان ۾
سندس ’فتوح الغيب‘ قصيده غوث اعظم ۽ غوثيه
وغيره تمام اهم آهن. سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن مان
شاهه لطف الله قادري، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ
وارو ۽ شاهه عبداللطيف هن سلسلي سان لاڳاپيل
هئا.
شيخ عبدالقادر جيلانيءَ ڏانهن منسوب فارسي
ديوان ملي ٿو جنهن جو هڪ غزل شاهه عبداللطيف
جي شاعري جي مجموعي گنج شريف ۾ پڻ ملي ٿو.
جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ سندس شاعري
به مشهور هئي. ليڪن جديد تحقيق جي لحاظ سان
فارسي ديوان جو انتساب صحيح نه آهي.
***
[40]
استاد جي ذميواري
پيسٽالوزي
Pestalozzi
مشهور تعليمي ماهر جنهن ’تعليمي نفسيات‘ جو
بنياد رکيو هن جو مشهور نظريو آهي ته ٻارن جي
دماغ ۾ معلومات زبردستي داخل ڪرڻ بجاءِ هنن جي
دماغي صلاحيتن کي ترقي ڏيڻ کپي، هن جي خيال ۾
تعليم انفرادي ۽ سماجي اصلاح جو بهترين ذريعو
آهي، ۽ ان تي معاشري جي سڀني طبقن جو هڪجهڙو
حق آهي. هن تعليم ۽ تدريس کي باقاعدي علم جو
درجو ڏنو، هن استادن جي سکيا طرف به ڌيان ڏنو.
۽ هڪ لحاظ سان هوئي استادن جي پيشه ورانه سکيا
جو بنياد وجهندڙ آهي. پيسٽالوزي جا قائم ڪيل
اسڪول گهڻي ڀاڱي رهائشي
(Residential)
هئا.
پيسٽالوزي مجموعي طور افلاطون، ڪانٽ ۽ روسو جي
تعليمي نظريات کان متاثر هو.
]علم
التعليم- لاهور، ص 130[
مانٽيسوري (1952-1870)
اٽليءَ جي مشهور ماهر تعليم عورت جنهن ذهني
طور پوئتي پيل ٻارن جي پرورش ۽ تعليم و تربيت
لاءِ نئين تعليمي طريقي جو بنياد رکيو، هن
ٻارن جي لاءِ راند ذريعي تعليم جو نئون تصور
ڏنو، جنهن موجب ٻارن کي آزادي ڏني وڃي ٿي ته
هو پنهنجي فطري رفتار سان تعليمي عمل مان
مستفيد ٿين، مانٽيسوري طريقي کي دنيا جي ڪيترن
ملڪن ۾ پذيرائي حاصل ٿي آهي ۽ ان ۾ ڏينهون
ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.
]علم
التعليم، ص 560[
***
[41]
ليکڪ ۽ اديب
هينري اٺون- نشاة ثانيه
هينري اٺون 1509ع ۾ تخت نشين ٿيو. هو زبردست
گهوڙيسوار، شڪاري، تيرانداز ۽ موسيقيءَ سان
شغف رکندڙ انسان هو. هو قدبت جي لحاظ سان
پهلوان هو ان ڪري کائڻ پيئڻ جو به گهڻو شوقين
هو، هن جي دور ۾ فرانس سان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا
لڙائي ٿي.
هينريءَ ڪل ڇهه شاديون ڪيون، هن پهرين شادي
ڀاءُ جي بيوه سان ڪئي جيڪا اسپين جي شاهي
خاندان مان هئي، هن مان کيس چار ٻار ڄاوا پر
چارئي مري ويا. 1526 ۾ هن جو ايني بولين سان
معاشقو مشهور ٿيو، پر هوءَ شادي لاءِ تڏهن
راضي ٿي جڏهن هينري پنهنجي پهرين زال کي طلاق
ڏيندو. هينري پوپ ڏانهن رجوع ڪيو ته جيئن کيس
پهرين زال کي طلاق ۽ٻيءَ لاءِ اجازت ملي، پر
پوپ طلاق جي اجازت نه ڏني، ان ناڪاميءَ لاءِ
هن پنهنجي معتمد ٿامس وولسي کي ذميوار ٺهرايو
۽ هن کي پنهنجي عهدي تان فارغ ڪري ڇڏيو، هينري
ان ڳالهه تي ايڏو پريشان ٿيو جو هن پاڻ کي
انگلينڊ جي ڪليسا جو سربراهه قرار ڏنو ۽ ان
طرح رومن ڪليسا کان عليحدگي اختيار ڪئي.
هينري ايني بولين سان شادي ته ڪئي پر کيس پٽ
جو اولاد وري به ڪونه ٿيو ۽ اينيءَ مان کيس هڪ
ڌيءَ ڄائي، هينري پٽ جي اولاد لاءِ پريشان هو،
آخر هن ايني بولين تي فحشڪاريءَ جو الزام
لڳائي هن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪرايو. ڪجهه هفتن
بعد هن جين سيمور نالي عورت سان شادي ڪئي جنهن
مان هينريءَ کي وليم نالي پٽ ڄائو پر جين جلدي
مري وئي. 1539 ۾ هينري جرمن عورت اين سان
چوٿين شادي ڪئي پر ان سان به گهڻو وقت نباهه
ڪونه ٿيس ۽ هن کي به جلد ڇڏي ڏنائين. ان کان
پوءِ هن وري ڪيٿرين هووارڊ سان نڪاح ڪيو جيڪا
1540 ۾ راڻي بنجي وئي. ليڪن هينري فحشڪاريءَ
جو الزام لڳائي هن جو سر به ڪهاڙيءَ سان 1541
ڪٽرائي ڇڏيو، هڪ سال بعد هن ڪيٿرين پار سان
شادي ڪئي جنهن سندس ٻارن کي اچي سنڀاليو ۽
بادشاهه جي به مرڻ گهڙيءَ تائين تيمارداري
ڪئي.
ڏٺو وڃي ته هينري جيتوڻيڪ ظالم شخص هو ۽ جنهن
تي ڪاوڙبو هو هن جو سر وڍرائي ڇڏيندو هو، پر
هو ٻئي لحاظ سان سٺو منتظم ۽ وڏو بهادر هو.
انگلينڊ کي رومن ڪليسا جي چنبي کان هميشه لاءِ
آزاد ڪرائڻ هڪ لحاظ کان سندس وڏو ڪارنامو هو
جنهن جا نهايت دور رس اثرات نڪتا. 1534 ۾ هن
’غداريءَ جو قانون‘
(Treason Act 1535)
پاس ڪرايو جنهن جو مطلب هو ته جيڪو بادشاهه کي
انگلينڊ جي ڪليسا جو سربراهه نه مڃيندو ان کي
موت جي سزا ڏني ويندي، ان ريت انگلينڊ ۾ رومن
ڪليسا جيڪا اڳي ئي غير مقبول هئي ان جو خاتمو
ٿيڻ لڳو. هينري رومن ڪليسا جي تحت هلندڙ ننڍين
وڏين ديولين ۽ عبادتگاهن جو زبردستيءَ خاتمو
ڪيو ۽ انهن جا مال ملڪيتون ضبط ڪيا جنهنڪري
پوري انگلينڊ ۾ هينريءَ خلاف هڪ قسم جي مذهبي
بغاوت ٿي، ڇو ته عوام رومن ڪليسا جي بحاليءَ
جي گهر ڪري رهيا هئا. پر هينريءَ ان بغاوت کي
سختيءَ سان ڪچلي ڇڏيو ۽ اندازاً 250 سرڪرده
ليڊرن کي مارائي ڇڏيائين.
ياد رهي ته 1517 ۾ جرمنيءَ ۾ مارٽن ليوٿر
ڪئٿولڪ يعني رومن ڪليسا خلاف پنهنجا ويچار پيش
ڪيا هئا، جيڪي گويا هڪ قسم جو احتجاج هئا
تنهنڪري هن جي تحريڪ
Protestant
جي نالي سان مشهور ٿي ۽ ان جو مقصد رومن ڪليسا
کان هميشه لاءِ انگلينڊ جي جان ڇڏائڻ هو.
اهوئي زمانو هو جڏهن فرينچ مذهبي مصلح ڪالون
جنهن جا نظر يا مذهبي اصلاح
Reformation
جي نالي سان مشهور ٿيا يورپ ۾ ڦهلجڻ لڳا،
هينريءَ انهن نظريات جو پورو فائدو ورتو جو
انگلينڊ ۾ قائم ديولين ۾ لڳل سونا طبيب ۽ ٻيون
اهڙيون قيمتي شيون بلڪ پوريل خزانا حڪومت جي
تحويل ۾ وٺي ڇڏيائين.
اهو انهيءَ اصلاحي تحريڪ جو نتيجو هو جو اڳتي
هلي بائبل جيڪو لاطيني زبان ۾ لکيل هو ان جا
مقامي ٻولين ۾ ترجما ٿيا ۽ عام ماڻهن جي ان
تائين رسائي ممڪن ٿي سگهي.
[British History Encyclopedia, P92893]
***
[42]
تاريخ جو سبق
هيساڊ
قبل مسيح يوناني شاعر ۽ ليکڪ جيڪو هومر کان
پوءِ ٿي گذريو. هن جو زمانو 700 قبل مسيح
ٻڌايو وڃي ٿو. هن جون ڪجھه تحريرون محفوظ آهن.
]برٽش
انسائيڪلوپيڊيا- ص. 890[
***
ٿيوسيڊائيڊس
هيرڊوٽس (484- 430 ق. م) کي يوناني تاريخ جو
ابو چيو ويو آهي، بلڪ هن کي پهريون مؤرخ تسليم
ڪيو ويو آهي. هن کان پوءِ ٿيوسيڊائس اچي ٿو.
اندازو آهي ته هو 480 ق. م ۾ پيدا ٿيو. هن جو
پيءُ اَٿينس جو رهاڪو هو ۽ خوشحال زندگيءَ جو
مالڪ هو. ٿيوسيڊائيس فوج ۾ وڏي عهدي تي فائز
رهيو ليڪن هڪ مرحلي تي کيس فوج مان ته ٺهيو پر
اَٿينس مان به نيڪالي ڏني وئي، تنهن ڪري هو
اسپارٽس وٽ اچي رهڻ لڳو.
ٿيوسيڊائيڊس هيروڊوٽس جو همعصر آهي. پر هن جي
مقابلي ۾ سندس تاريخ جو تجزيو وڌيڪ گهرو ۽
قابل قبول آهي. هيروڊوٽس تاريخ ۾ ’ڇو‘ ۽
’ڪيئن‘ جو جواب صرف خدا يا قدرت تي ڇڏي ڏئي
ٿو، پر ٿيوسيڊائيس ان جي گهرائي ۾ وڃي ٿو. هو
اهي اسباب ۽ حالتون ڳولي لهڻ ۽ ٻڌائڻ جي ڪوشش
ڪري ٿو جن جي ڪري واقعات جنم وٺن ٿا. ان پس
منظر ۾ ول ڊيورانٽ صحيح چيو هو ته هيروڊوٽس هڪ
ڪچي يا الهڙ مؤرخ وانگر آهي، جڏهن ته
ٿيوسيڊائيس پخته ۽ بالغ مؤرخ وانگر آهي.
[The Idea Of History Through Ages- Tahir
Khan- P. 53]
***
ابن سينا- بوعلي (1003/428- 370/980)
اسلامي دنيا جو وڏي ۾ وڏو طبيب ۽ حڪيم جنهن جي
تصنيف ’القانون في الطب‘ کي طب جي موضوع تي
لاثاني تصنيف مڃيو ويو آهي جنهن کي سورهين
صديءَ تائين يورپ جي يونيورسٽين ۾ نصاب جي
حيثيت حاصل هئي.
ابن سينا نه صرف طبيب هو بلڪ هو هڪ وڏو فلسفي
پڻ هو. منطق ۽ فلسفي ۾ سندس ڪيتريون تصنيفات
آهن جن ۾ سندس ضخيم تصنيف ڪتاب ’الشفا‘ خاص
طور قابل ذڪر آهي.
ابن سينا جنهن کي انگريزيءَ ۾
Avicena
لکيو وڃي ٿو. يورپ ۾ ايترو ڄاتل سڃاتل هو جو
تيرهين صديءَ ۾ جڏهن ڊانٽي ڊوائين ڪاميڊي لکي
رهيو هو ته هن ابن سينا کي جنت
Paradise
۾ مقيم ڏيکاريو هو. اهڙيءَ طرح پندرهين صديءَ
۾ جڏهن چاسر ڪنٽربريءَ جون آکاڻيون لکي رهيو
هو ته هن جالينوس سان گڏ ابوبڪر رازي ۽ ابن
سينا جو نالو کنيو آهي. اهو پس منظر آهي جنهن
ڪري اڄ ڏينهن تائين ابن سينا جي تصوير پيرس
يونيورسٽيءَ جي شعبه طب ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ
جي بوڊلين لئبرريءَ ۾ شايان شان نموني لڳل
آهي.
ابن سينا جي پنهنجي حياتيءَ جو لکيل احوال به
ملي ٿو. انهيءَ خودنوشت ۾ هو ٻڌائي ٿو ته
عبدالله ناتلي سندس منطق، رياضي ۽ حڪمت يعني
فلسفي ۾ استاد هو. هو ٻڌائي ٿو ته انهن ڏينهن
۾ جڏهن ارسطوءَ جي مابعد الطبيعات پڙهي رهيو
هوس. پر اها مون کي تمام مشڪل لڳي رهي هئي.
ايتري قدر جو مون ان کي چاليهه ڀيرا پڙهيو هو
۽ بلڪل ان جو حافظ ٿي ويو هوس. پر مون کي اهو
سمجھه ۾ نه پئي آئي. آخر انهيءَ پريشانيءَ ۾
هڪ ڏينهن آءُ جڏهن ڪتابن جي دڪان تي ويٺو هوس
ته ان جي مالڪ مون کي هڪ ڪتاب زوريءَ ڏيندي
چيو ته هي تنهنجي لاءِ ضروري آهي. مون وٺڻ نٿي
چاهيو، پر هن جي زور ڀرڻ تي ورتم. اهو ڪتاب
وٺي اچي پڙهڻ شروع ڪيم ته مون کي ارسطوءَ جي
مابعد طبيعات سمجھه ۾ اچي وئي. تڏهن مون کي
خبر پئي ته اهو ڪتاب ابو نصر فارابيءَ جي لکيل
شرح هئي.
اها حقيقت آهي ته ابن سينا جي قانون کان اڳ
رازيءَ جي ’الحاوي في الطب‘ کي ان موضوع تي
سند جي حيثيت حاصل هئي. ليڪن قانون کي جيڪا
مقبوليت حاصل ٿي اها ٻي ڪنهن ڪتاب کي نه ملي
سگهي. اها حقيقت آهي ته عيسوي پندرهين صديءَ
کان 1674 تائين قانون في الطب جا گهٽ ۾ گهٽ سٺ
ايڊيشن شايع ٿيا جيڪي سڀ جو سڀ لاطيني زبان ۾
هئا. سڀ کان پهريون لاطيني ترجمو 1187 ۾ ملي
ٿو. يورپ ۾ پريس جي ايجاد کان پوءِ ’قانون‘
عربيءَ ٽائپ ۾ پڻ اتان شايع ٿيو.
[Prince of Physicians- 2017]
***
هلاڪو (منگول)
هو چنگيز جو پوٽو هو. چنگيز خان غير معمولي
انسان هو. جنهن جو اصلي نالو تمو جن هو. 1206
۾ هن سڀني قبيلن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو جنهن ۾ کيس
چنگيز قاآن جو لقب ڏنو ويو جنهن جي معنيٰ آهي
’طاقتور بادشاهه‘. ڪجھه وقت بعد هن چين جهڙي
وسيع ملڪ تي حملو ڪري ڏنو. ليڪن ان کي فتح ڪرڻ
۾ ڪامياب نه ٿيو. تاهم ڪجھه حصي تي قبضي ڪرڻ ۾
ڪامياب ويو. بهرحال ان وقت تائين چنگيز وڏي
فوجي قوت حاصل ڪري ورتي هئي ۽ هن ان وقت
خوارزم تي حملو ڪري ان کي فتح ڪيو ۽
افغانستان، آذربائيجان ۽ ان سان لاڳو علائقن
تي قبضو ڪري ڇڏيو. چنگيز 626/ 1227 ۾ مري ويو
جڏهن سندس عمر 62 سال هئي ۽ هو هڪ وسيع سلطنت
جو حڪمران هو.
چنگيز جي مرڻ کان پوءِ سندس خواهش موجب هن جو
پٽ اوڪتائي سردار مقرر ڪيو ويو جنهن جي زماني
۾ پورو چين فتح ٿي ويو. بلڪ اڳتي ڪوريا تي به
قبضو ٿي ويو. هوڏانهن يورپ طرف پيش قدمي ڪندي
ماسڪو کي فتح ڪيو ويو. اوڪتائي جي مرڻ بعد
حڪمراني تولي خاندان ڏانهن منتقل ٿي وئي ۽
پهريون حڪمران مُنگو بنيو. اهو منگو ئي هيو
جنهن پنهنجي هڪڙي ڀاءُ قبلا خان کي پيڪنگ جي
تخت تي ويهاريو ۽ ٻئي ڀاءُ هلاڪو کي ايران جي
حڪمراني حوالي ڪئي جتي هن موروثي حڪمراني قائم
ڪري ڇڏي ۽ ايلخا نان ايران جي نالي سان مشهور
ٿيو. ايران تي حڪمرانيءَ جي زماني ۾ هلاڪو
خوارزم شاهي سلطنت جي مڪمل خاتمي بعد بغداد ۾
عباسي خليفي جي حڪمرانيءَ جو 1257ع ۾ وڏي بي
درديءَ سان خاتمو ڪيو. ان زماني ۾ هلاڪو جو
دست راست ۽ صلاحڪار مشهور شيعه مفڪر ۽ هيئت
دان نصيرالدين طوسي هو. بغداد کي تهس نهس ڪرڻ
بعد هلاڪو مصر طرف پيش قدمي ڪئي جتي مصر جي
حڪمران وڏي ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪري کيس پٺتي
هٽڻ تي مجبور ڪيو تاهم هو دمشق کي فتح ڪري چڪو
هو.
هلاڪو جي حياتيءَ ۾ ئي سندس خاندان جا ڪجھه
افراد مسلمان ٿيڻ لڳا هئا. 1260 ۾ جڏهن هلاڪو
مصر تي حملو ڪيو ته سندس سؤٽ برقائي خان جيڪو
اسلام قبول ڪري چڪو هو مصري لشڪر ۾ شامل هو ۽
ان لڙائي ۾ هلاڪو کي زبردست شڪست آئي ۽ انهيءَ
صدمي ۾ آخري مري ويو.
]لين
پول- اردو ترجمو- ص. 230 کان 231
تاريخ مين سفر- آغا امير حسين-
ص. 595[
***
ابن البيطار (وفات 1248/ 646)
ابو محمد عبدالله بن احمر نباتات ۽ جھنگلي
ٻوٽين جو ماهر ۽ عالم هو. هو اصل ۾ اسپين جو
هو ۽ اشبيله ۾ علم حاصل ڪيائين. نوجوانيءَ ۾
ئي هن پاڻ کي علم نباتات لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽
ان لاءِ هن افريقا، مراڪش، الجزائر ۽ تيونس ۾
سير و سفر ڪيو. آخري عمر ۾ هو دمشق ۾ اچي
رهيو. سندس مشهور تصنيف ’ڪتاب الجامع في
الادوية المفرديه آهي. ابن بيطار جي وفات بعد
سندس شاگرد ابن ابي صبيعه پڻ وڏو نالو پيدا
ڪيو. ابن بيطار جي ڪتاب جا ترجما ڪيترن يورپي
زبانن ۾ شايع ٿيل آهن.
]انسائيڪلوپيڊيا
آف اسلام- جلد- 1- ص. 439[
***
عبداللطيف بغدادي (1162- 1232ع)
هو علم ڪيميا ۾ خاص ادراڪ رکندڙ هو ۽ طلب ۽
علم طبيعات جو ماهر هو. سندس تصنيفات ۾ قحط ۽
زلزلن جو ذڪر ملي ٿو. سندس ڪتاب ناپيد آهن.
انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام موجب هن جو هڪ ڪتاب
فرينچ ۽ جرمن زبان ۾ ترجمو ٿيل آهي.
]يورپ
پر اسلام کي احسان- غلام جيلاز برق - ص. 195[
***
هومر
قديم يوناني شاعر جيڪو پنهنجي ٻن تخليقي نظمن
اليڊ
Iliad
۽ اوڊيسي
Odyssy
جي ڪري مغربي ادب ۾ ڄاتل سڃاتل آهي انهن جي
تخليق جو زمانو 850 ق. م ٻڌايو ويو آهي ۽ ان
ڪري سندس مواد قديم ترين ادب جي حيثيت رکي ٿو.
اليڊ ۾ هو ٽروجن لڙائي جو ذڪر ڪري ٿو جنهن جو
هيرو ايڪلس آهي. اوڊيسي جو هيرو اوڊيس آهي.
هومر پوري آکاڻي يا قصو کڻي نٿو ٻڌائي پر
ڪهاڻيءَ ۽ ڪردار جي ڪن حصن کي نهايت اثرانداز
شاعريءَ ۾ بيان ڪري ٿو.
[World Literature- Calvin Brown- P. 224]
***
گبن، ايڊورڊ (1794- 1737)
مشهور انگريز مؤرخ ۽ مصنف جنهن ٻارهن سالن جي
عرصي دوران ’رومي سلطنت جو زوال ۽ خاتمو‘ لکيو
جنهن کيس مؤرخن ۾ دائمي شهرت ڏئي ڇڏي. هو
پندرهن سالن جي عمر ۾ آڪسفورڊ ۾ داخل ٿيو جتي
هو ڪئٿولڪ عقيدن کان سخت متاثر ٿيو ۽ ڪيٿولڪ
مذهب جو وڏو حمايتي ثابت ٿيو. انهيءَ ڪري سندس
پيءُ کيس فرانس ڏياري موڪليو ته جيئن هو
پروٽيسٽنٽ مذهب ڏانهن موٽ کائي.
1764 ۾ گبن روم جو تاريخي شهر گهمڻ ويو جتي هن
کي اهو خيال آيو ته هو رومي سلطنت جي تاريخ
لکي جنهن جو پهريون جلد 1776 ۾ منظر عام تي
آيو. ان ڪتاب جي آخري حصي ۾ هن عيسائيت تي چڱي
خاصي تنقيد ڪئي جنهن ڪري هو پاڻ تنقيد جو
نشانو بنجي ويو. دراصل هو پنهنجي لحاظ کان
روشن خياليءَ جو مظاهرو ڪري رهيو هو.
گبن کي تاريخ نويسيءَ ۾ هڪ منفرد مقام حاصل
آهي، ڇو ته هن تاريخ کي ڪنهن نظريي يا فلسفي
سان منسلڪ ڪري نه لکيو آهي. گبن جي تحرير
انگريزي ٻوليءَ ۾ اسلوب جي لحاظ کان خاص ادبي
مقام رکي ٿي.
[The Idea Of History- P. 127- 729]
***
ابن خرداذبه (وفات 300هه/ 912ع)
هو اصل ۾ ايراني نسل جو هو. کيس علم جاگرافيءَ
جو باني چيو وڃي ٿو. هو ٽين صدي/ نائين ۾ ٿي
گذريو. هو خليفي المعتمد جو بااعتماد صلاحڪار
هو. پيشي جي لحاظ سان هو ڊاڪ جي محڪمي جو ناظم
(صاحب البريد والخبر) هو. هو علم موسيقيءَ جو
به وڏو ماهر هو. هن جو ڪتاب ڪتاب المسالڪ و
الممالڪ تاريخي جغرافيه جي لحاظ سان وڏي اهميت
رکي ٿو. ڇو ته کانئس پوءِ ايندڙ ٻين عالمن
جهڙوڪ ابن حوقل ۽ المقدّسي ان مان گهڻو
استفادو ڪيو آهي. سندس انهيءَ ڪتاب جو فرينچ
زبان ۾ پهريون ترجمو ڊي گوئجي 1890 ۾ ڪيو.
]انسائيڪلوپيڊيا
آف اسلام- جلد- 1- ص. 800[
[43]
مسلمانن جي تاريخ
ڪاليداس
سنسڪرت ٻوليءَ جو مشهور شاعر ۽ ناٽڪ نويس جيڪو
اندازو آهي ته چوٿين صدي قبل مسيح ۾ ٿي گذريو.
هو چندر گپت جي درٻار سان وابسته هو. وليم
جونس کيس ڀارت جو شيڪسپيئر جو لقب ڏنو آهي.
بهرحال ڪاليداس جي ٽن ناٽڪن جي خبر پئجي سگهي
آهي جن مان شڪنتلا نهايت معياري ۽ گهڻو مشهور
آهي. شڪنتلا دنيا جي گهڻين سڌريل ٻولين ۾
ترجمو ٿيل آهي جن ۾ سنڌي به شامل آهي.
[World Literature- P. 241]
***
[44]
تعليمي نظام بابت ڪجهه ويچار
ميڪالي (1800-1859)
انگريز مؤرخ، سياستدان 1833 ۾ پبلڪ انسٽرڪشن
ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، هن 1835 ۾
گورنر جنرل جي ڪائونسل ۾ هڪ يادداشت پيش ڪئي
جنهن ۾ هن اهو خيال زوردار نموني ۾ پيش ڪيو ته
هندستان ۾ رائج قديمي يعني مدرسه نظام کي ختم
ڪري ان جي جاءِ تي يورپي علوم ۽ طريقئه تعليم
کي رائج ڪيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته فارسيءَ جي
بجاءِ انگريزيءَ کي ذريعه تعليم بنايو وڃي.
اهو ميڪالي ئي هو جنهن چيو ته تعليم جو مقصد
اهڙو نسل تيار ڪرڻ آهي جيڪو شڪل صورت ۾ ڀلي
هندستاني يعني ڪارو هجي پر ذهني طور ۽ ڪردار ۾
مغربي يعني انگريز هجي. هن ئي اها دعويٰ ڪئي
ته يورپ جي هڪ ڪٻٽ ۾ رکيل ڪتاب هندستان ۽ پوري
عرب دنيا جي سڀني ڪتابن کان وڌيڪ قيمتي آهن،
هن جو چوڻ هو ته مشرقي زبانون ترقي يافته ناهن
۽ انهن ۾ علمي صلاحيت ناهي. جو جديد سائنسي
علوم جو ساٿ ڏيئي سگهن. هندستان ۾ ان وقت جو
گورنر لارڊ بينٽنگ ميڪالي کان گهڻو متاثر هو ۽
هن ميڪالي جي سفارشن کي تعليمي پاليسيءَ جي
صورت ۾ 1835 ۾ پوري هندستان ۾ نافذ ڪري ڇڏيو.
هن ڪمبرج ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ قانون جي ڊگري
کان پوءِ انگلينڊ
House of Common
جو ميمبر ٿيو، هو وڏو مقرر ۽ سياستدان ثابت
ٿيو. هو هندستان آيو ۽ 1834 کان 1838 تائين
سپريم ڪائونسل جو صلاحڪار ٿي رهيو، هڪ
تاريخدان جي حيثيت ۾ سندس ڪتاب ’انگلينڊ جي
تاريخ جيمس ثاني جي عهد کان‘ کيس وڏي مشهوري
ڏني جنهن جا ٻه جلد 1848 ۾ شايع ٿيا.
ميڪالي هڪ انگريز طبيعت جو مثالي نمونو هو، هو
عمليت پسند ۽ ماديت پرست هو، ان لحاظ کان هو
ڪارلائل جو ضد هو، ليڪن هو نثر لکڻ جو بادشاهه
هو ۽ کيس ان تي مڪمل قدرت هئي،
ميڪالي ئي هندستان ۾ رهڻ دوران اهو مشورو ڏنو
هو ته اسان کي هندستان ۾ ڪارا انگريز پيدا
ڪرڻا آهن ۽ هن سلسلي ۾ هن پنهنجو تعليمي خاڪو
پيش ڪيو هو، جنهن جي ڪري سنڌ- هند ۾ انگريزي
تعليم کي مقبوليت حاصل ٿي، ميڪالي سامراجي
ذهنيت جو اعليٰ مثال پيش ڪري ٿو.
***
يورپ ۾ تعليم
هن سلسلي ۾ برٽر انڊرسل هڪ هنڌ لکيو آهي ته
1807 تائين رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو اهو
خيال هو ته مزدورن کي پڙهيل لکيل نه هئڻ گهرجي
ڇو ته ان سان هو هر قسم جا بغاوت توڻي غداري
جي موضوع تي لکيل پمفليٽ پڙهڻ جي لائق ٿي
ويندا، انگريزي تعليم جو قانون 1870 ۾ پاس ڪيو
ويو.
يورپ ۾ پرنٽنگ پريس جي ايجاد تائين تمام ٿورا
ڪتاب موجود هئا، يعني وڏي اڪثريت اڻ پڙهيلن جي
هئي، اهو سڄو انقلاب 1476 ۾ وليم ڪاڪٽس جي
مشين ايجاد ڪرڻ بعد آيو، هن تقريباً هڪ سؤ
ڪتاب ان ريت ڇاپيا جن ۾ چاسر جي تصنيف
ڪينٽربريءَ جون آکاڻيون پڻ شامل هيون.
[British History Encyclopedia, P.111]
***
يوناني ڪتابن جا عربي ترجما ۽ يورپ
هيءَ ڳالهه واضح هجڻ کپي ته يورپ يوناني
تصنيفن کان عربن جي ذريعي ئي واقف ٿيو ورنه
يورپ تقريباً پوڻا ٻه هزار سال يوناني تصنيفن
کان لاعلم هو، ان جا ڪيترا مثال پيش ڪري سگهجن
ٿا، ارسطوءَ جو مشهور ڪتاب ’شاعري‘
(Poetics)
جو 1498 ۾ ’جيوجيولا‘ عربي مان لاطيني زبان ۾
ترجمو ڪيو جنهن کان پوءِ يورپ کي ارسطوءَ جي
ان ڪتاب جي خبر پئي. بهرحال يوناني زبان ۾
اصلي متن پهريون ڀيرو سال 1508 ۾ شايع ٿيو،
گويا جڏهن ارسطوءَ جي وفات کي هڪ هزار اٺ سؤ
سال گذري چڪا هئا.
]ارسطو
سي ايليٽ تک- ڊاکڻر جميل جالبي، ص 92[
***
[46]
عورتن لاءِ ووٽ جو حق
مزيني (1872ع- 1805ع)
اٽليءَ جو مشهور قومپرست سياسي مفڪر جنهن
اٽليءَ کي متحد رکڻ لاءِ خاص سوچ جو مظاهرو
ڪيو. سندس فڪر مان اڳتي هلي فاشزم کي وڏي هٿي
ملي. دراصل اٽليءَ جي تاريخ ۾ اهو هڪ اهڙو دور
هو جنهن ڪري مزينيءَ جي فڪر کي گهڻي پذيرائي
ملي. هو قومپرستيءَ جي جذبي کي اُڀارڻ ۽ مقصد
کي حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوانن جي قربانيءَ جي
اهميت کي بار بار دهرائي ٿو. هڪ لحاظ کان هو
ميڪاويليءَ جي فڪر جو تسلسل آهي جنهن پڻ
اٽليءَ کي متحد رکڻ لاءِ حڪمرانن کي هر قسم جي
حربي ۽ ترڪيب کي آزمائڻ جو مشورو ڏنو هو. ان ۾
ڪو شڪ ناهي ته اهو اهڙن مفڪرن جي فڪر جو نتيجو
هو جنهن ڪري اٽلي هڪ ملڪ جي صورت ۾ متحد ٿي
اُڀريو پر ان سان گڏ اهو اڳتي هلي فاشزم جو
شڪار ٿيندو رهيو جنهن جو آخري وڏو مثال اٽليءَ
جو مسوليني هو.
[Political Science. Raymond Gellell
California 1933]
***
جان لاڪ (1704ع- 1632ع)
انگلنڊ جو مشهور سياسي مفڪر. هن آڪسفورڊ ۾
تعليم حاصل ڪئي جتي هو عربي زبان به سکيو.
آڪسفورڊ ۾ استاد جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو. هو
اسلامي فڪر کان ايترو متاثر هو جو کيس آڪسفورڊ
۾ پنهنجي مذهب کان باغي ۽ محمدي (اسلامي)
عقيدن جي پرچارڪ هئڻ جو طعنو ڏنو ويندو هو.
عمر جي آخري حصي ۾ هن
Two Treatises on Government
نالي مشهور ڪتاب لکيو جنهن سندس شهرت کي
بلندين تي پهچائي ڇڏيو. روسو، هابس ۽ لاڪ مغرب
جي جديد سياسي فڪر جا اهم ٿنڀ خيال ڪيا وڃن
ٿا.
[Islamic Civilization: The First 1000 Years,
Chase F. Rohinson- P. 170]
***
[47]
سنڌي ادب ۾ جديد رجحانات
الارض لله- اقبال جو حوالو
هتي علامه صاحب اقبال جي جن شعرن ڏانهن اشارو
ڪيو آهي، اهي سندس تصنيف بال جبريل ۾ انهيءَ
عنوان تحت ملن ٿا، جيڪي خاص اهميت سبب هتي نقل
ڪجن ٿا:
پالتا هي بيج کو مٽي کي تاريکي مين کون؟
کون درياؤن کي موجون سي اڻهاتا هي سحاب؟
کون لايا کهينچ کر پچهم سي باد سازگار
خاک يه کس کي هي؟ کس کا هي يه نور آفتاب؟
کس ني بهري دي موتيون سي خوشئه گندم کي جيب
موسمون کو کس ني سکهلائي هي خوئي انقلاب
وه خدايا! يه زمين تيري نهين، تيري نهين
تيري اَبا کي نهين، تيري نهين، ميري نهي.
]ڪليات
اقبال- اردو، ص 122[
شاهه جو رسالو ۽ علامه قاضي
علامه صاحب جيئن سندس تقريرن ۽ تحريرن مان
واضح آهي ته هن شاهه لطيف جي شاعريءَ جو گهڻو
اڀياس ڪيو هو، ’صوفي لا ڪوفي‘ ڀاڱي پهرئين ۾
’شاهه لطيف دنيا جو وڏو شاعر‘ جي عنوان تحت
علامه صاحب جو اهو تنقيدي مقالو موجود آهي،
جنهن ۾ هو عالمي ادب جي مطالعي جي آڌار تي
ڪجهه معيار مقرر ڪري، انهن جي روشنيءَ ۾ شاهه
لطيف جي شاعريءَ جي پرک ڪري ٿو ۽ ان لحاظ سان
عالمي شاعرن ۾ شاهه لطيف جي مقام جو تعين ڪري
ٿو.
علامه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ مان وائيس چانسلر
جي عهدي تان سال 1958 ۾ استعفا ڏني هئي، تڏهن
سنڌي ادبي بورڊ پاران کيس ’شاهه لطيف جو
رسالو‘ مرتب ڪرڻ جو ڪم حوالي ڪيو ويو هو،
علامه صاحب جو اهو ترتيب ڏنل رسالو پهريون
دفعو سال 1961 ۾ منظرعام تي آيو هو.
]شاهه
جو رسالو- علامه قاضي- سال 1961[
***
[52]
جارحانه قومپرستي ۽ نيچ سفارتڪاري
راڻي وڪٽوريا
بادشاهه وليم ڇهين جي مرڻ کان پوءِ 1837 ۾
ارڙهن سالن جي ڇوڪري وڪٽوريا انگلينڊ جي راڻي
بنجي وئي، 1840 ۾ هن جي البرٽ شهزادي سان شادي
ٿي جنهن 1861 ۾ وفات ڪئي. جنهن مان هن کي نوَ
ٻار پيدا ٿيا، هن کي پنهنجي مڙس سان گهڻي محبت
هئي، تنهنڪري جڏهن هو جلدي مري ويو ته وڪٽوريا
گهڻو وقت اڪيلائي ۾ گذارڻ لڳي. بهرحال اهو وقت
هو جڏهن بنجامن ڊزرائيلي جهڙو قابل وزيراعظم
سندس ڀروسي وارو ساٿي ثابت ٿيو، وڪٽوريا 1901
۾ وفات ڪئي، سندس تاجپوشيءَ جا 50 ۽ 60 ساله
جشن وڏي ڌام ڌوم سان ملهايا ويا.
وڪٽوريا جوعهد انگلينڊ ۾ صنعتي ۽ سائنسي ترقي
۽ ٻاهرين دنيا ۾ ڪاميابين جو زمانو آهي، 1832
۾ ريلوي انجڻ آمد و رفت جي ڪايا پلٽي ڇڏي
وڪٽوريا جي زماني ۾ هندستان ۾ 1857 جي جنگ
آزادي جي ناڪاميءَ بعد ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي
حڪمرانيءَ کي ختم ڪري هوءَ متحده هندستان جي
راڻي بنجي وئي. اهو صنعتي انقلاب جو نتيجو هو
جو 1830 ۾ انگلينڊ دنيا ۾ ڪپڙي جو وڏي ۾ وڏو
روانگي واپار ڪندڙ هو جتي ڪپهه جي پيداوار جو
سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اهو ڪپڙو دنيا جي ڪيترن
ملڪن ۾ هندستان سميت سستو وڪرو ٿيڻ لڳو
جنهنڪري مقامي صنعتون تباهه ٿي ويون. ساڳئي
زماني ۾ انگلينڊ لوهه پيدا ڪندڙ وڏو ملڪ هو ۽
اهو دنيا ۾ ڪيترن ملڪن ۾ ريلوي قائم ڪرڻ لاءِ
استعمال ٿيڻ لڳو جنهن ۾ هندستان به شامل هو،
1851 ۾ انگلينڊ ۾ وڏي صنعتي نمائش منعقد ڪئي
وئي جنهن جو مقصد اهو ثابت ڪرڻ هو ته انگلينڊ
دنيا جي صنعتي واپار ۾ اڳواڻ هو.
وڪٽوريا جو عهد معاشرتي تبديليءَ جو دور به
ثابت ٿيو. ان دور ۾ عورتن جي پوشاڪ ۾ ڦهليل
گهيريدار چولو جيڪو پيرن کي به ڍڪي ڇڏيندو هو،
عام ٿيو ۽ ان سان گڏ مٿي تي خاص قسم جو ٽوپلو
۽ چولي جي مٿان ڪوٽ مقبول ٿيو. اها ڊريس
وڪٽوريا عهد جي خاص شناخت بنجي وئي، وڏن گهرن
۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن جي پرورش مائرن ڇڏي ڏني
جيڪا داين يعني نرسز جي حوالي ٿي. ٻارن کي اهو
سيکاريو ويو ته هو ’پيءُ‘ کي ’Sir‘
يعني سائين جي لقب سان مخاطب ٿين.
اڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ جڏهن صنعتي
ترقيءَ سبب بي روزگاري وڌڻ لڳي ته ڪيترن هنڌن
تي فساد شروع ٿيا. خاص طور مزدور جيڪي ٻارهن
ڪلاڪ ڪم ڪرڻ لاءِ ٻڌل هئا، انهن پنهنجي معاشي
حالتن جي بهتريءَ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي،
انهيءَ زماني ۾ عورتون به گهر کان ٻاهر نڪري
ٻين عورتن سان گڏجي ڪم ڪار ڪرڻ لڳيون، بهرحال
وڌندڙ غربت سماجي مسئلو بنجي رهي هئي جنهن جو
اندازو چارلس ڊڪنس جي ناول ’آليور ٽوسٽ‘ مان
بخوبيءَ ٿئي ٿو، جتي هڪ غريب ڇوڪري کي ڳڀي جي
ڳولا ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ننڍي عمر جي ٻارن کي
ڪم ڪار تي لڳايو ويو وڏن گهرن ۾ گهريلو ملازمن
جو رواج عام ٿي ويو.
اهوئي زمانو هو جڏهن صرف خاص وڏن ماڻهن جي
بجاءِ عام ماڻهن جن جي عمر 21 سالن کان مٿي
هجي، ووٽ جو حق ڏيڻ بابت سوچ ويچار شروع ٿيو ۽
اها ڳالهه پارليامينٽ تائين پهتي.
ياد رهي ته اڻويهين صدي سائنس جي ترقيءَ جو
زمانو آهي، 1859 ۾ ڊارون پنهنجو نظريه ارتقا
ڏنو، ان کان اڳ 1835 ۾ اليڪٽرڪ ٽيليگراف ايجاد
ٿيو ۽ 1876 ۾ ٽيليفون جي ايجاد ٿي، ريلوي انجڻ
انگريزن ايجاد ڪئي پر موٽر ڪار وري جرمن ايجاد
ڪئي ۽ 1895 ۾ انگلينڊ ۾ ڪارون ٺهڻ لڳيون.
مطلب ته وڪٽوريا نه رڳو گهڻي ۾ گهڻو عرصو
انگلينڊ جي ملڪه رهي بلڪه سندس دور وڌ ۾ وڌ
تبديلين ۽ ترقيءَ جو دور ثابت ٿيو.
[British Encyclopedia History, p.85]
***
صلاح الدين ايوبي (1193-1137)
هو عظيم سپھ سالار ۽ حڪمران هو جنهن شام ۽ مصر
تي حڪومت ڪئي ۽ ٽين صليبي جنگ ۾ جيڪا 1187 ۾
لڳي، صلاح الدين بيت المقدس کي عيسائين جي
لشڪر کي شڪست ڏئي آزاد ڪرايو. ان کان اڳ پهرين
صليبي جنگ 1096 ۾ عيسائين جي گڏيل لشڪر بيت
المقدس کي فتح ڪيو هو، ۽ ٻي جنگ 1147 ۾ هو
ناڪام ٿيا هئا، تنهنڪري ٽين صليبي جنگ نهايت
اهم هئي جنهن ۾ مسلمان صلاح الدين جي اڳواڻيءَ
هيٺ ڪامياب ٿيا هئا.
صلاح الدين فتح کان پوءِ عيسائين جي سپھ سالار
اڳواڻ رچرڊ جنهن کي شيردل جو لقب مليل هو، سان
نهايت عمدو سلوڪ ڪيو جنهن جو اعتراف ڪيترن
عيسائي مورخن ڪيو آهي. صلاح الدين فتح کان
پوءِ عيسائين کي بيت المقدس ۾ رهڻ ۽ عبادت ڪرڻ
جي کلي آزادي ڏني، حالانڪ هن کان اڳ جڏهن
پهرين صليبي جنگ ۾ عيسائين بيت المقدس فتح ڪيو
تڏهن هنن هزارين مسلمانن کي تهه تيغ ڪيو هو.
مغربي مؤرخن صليبي جنگين جي باري ۾ مختلف
خيالن جو اظهار ڪيو آهي، ڪن جي خيال موجب جيئن
ته عيسائيت ۽ اسلام جو وڏي پيماني تي اهو
پهريون ٽڪراءُ هو، تنهنڪري مغرب ۾ اسلام جي
باري ۾ هڪ غلط تصور قائم ٿي ويو جنهن ۾
مسلمانن کي هميشه لاءِ جهادي ۽ اسلام کي هڪ
جنگجو مذهب سمجهيو ويو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄ
تائين اهو تصور گهڻي حد تائين قائم آهي، ليڪن
صليبي جنگين جو مغرب کي وڏي ۾ وڏو فائدو اهو
ٿيو جو هو، ان کان پوءِ ڪنهن نه ڪنهن نموني
عربن جي سائنسي علوم ۽ ڪاوشن کان مستفيد ٿيڻ
لڳا، جنهن کان سواءِ جديد يورپ جي تعمير
ناممڪن هئي، هن سلسلي ۾ راجربيڪن (وفات: 1292)
جي حيثيت کي سڀني تسليم ڪيو آهي جيڪو عربيءَ
جو عالم هو ۽ هن جي ڪاوشن ذريعي مغرب ۾ اسلامي
سائنسي علوم جي روشني پهتي هئي.
[Islamic Civilization in Thirt`1y Lives:
P.168]
***
[54]
ڏينهن ۽ رات
ملٽن (1608 کان 1674)
انگريزي شاعريءَ جو وڏو نالو جيڪو انگريزي
نشاة ثانيه جو نمائندو هو ۽
Puritan
نقطئه نظر رکندو هو. هو پڪو عيسائي هو.
ملٽن ڪيمبرج ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ اتان ئي
شاعريءَ جو آغاز ڪيائين. ملٽن انگريزي شاعريءَ
کي گهڻو ڪجهه ڏنو. پر هو خاص طور پنهنجي ٻن
لازوال نظمن ’وڃايل جنت‘
Paradise Lost
۽ ’حاصل ڪيل جنت‘
Paradise Refained
جي ڪري انگريزي ادب ۾ غيرفاني حيثيت رکي ٿو.
پهريون 1667 ۽ ٻيو 1671 ۾ شايع ٿيا. نوجوانيءَ
۾ هو جڏهن يورپ جي سير سفر تي نڪتو ته هن
اٽليءَ ۾ گليليو سان ملاقات ڪئي.
1649 ۾ جڏهن چارلس بادشاه کي
Puritans
۽ شاهه جي وفادارن جي خانه جنگيءَ جي نتيجي ۾
قتل ڪيو ويو ته ملٽن
Puritans
جي نمائندي طور سامهون آيو ۽ بادشاهيءَ جي
خدائي حق جي ڀرپور مخالفت ڪيائين، ان ڪري کيس
سيڪريٽريءَ جو وڏو عهدو به ڏنو ويو.
[World Literature, P.292]
***
[58]
مشرق ۽ مغرب بابت ڪجهه ويچار
رسڪن جان (1819 کان 1900)
انگريزي نقاد ۽ اديب جيڪو بائبل جي تعليمات
کان گهڻو متاثر هو، هو مصوري بابت به خاص
نقطئه نظر رکي ٿو جنهن جو اظهار هن 1846 ۾
لکيل ڪتاب
Modern Painters
۾ ڪيو آهي. هو وڪٽورين سوسائٽي جي قدرن تي سخت
تنقيد ڪري ٿو ۽ وڌندڙ مادي قدرن ۽ دولت کي
ناپسند ڪري ٿو. بلڪ ان جي مذمت ڪري ٿو. 1860
ڌاري سندس لکيل ڪتاب
Unto this last
جو سنڌي ترجمو ’اقتصادي انصاف‘ نالي سان سنڌي
ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل آهي.
(World Literature,, P.399]
***
[59]
ميڊاس
(Midas)
هن بابت ڪارلائل جي ڪتاب
Past & Present
۾ تفصيلي تشريح ۽ وضاحت ملي ٿي.
اهو ڪتاب جو پهريون باب آهي جنهن ۾ هو دولت
سان وڌندڙ پيار کي سماجي برائي سمجهي ٿو. هن
جو چوڻ هو ته بيشڪ هينئر انگلنڊ دنيا جو وڌ ۾
وڌ دولتمند ملڪ آهي، پر اوتروئي چڱائي ۽ نيڪي
۾ سڀني کان پٺتي آهي، هو چوي ٿو اها دولت ڪهڙي
ڪم جي چئبي!
[Past & Present, Lahore, p.6]
مددگار
ڪتاب
سنڌي ڪتاب
1.
جي.ايم.سيد، ساهڙ جا سينگار، 1968ع.
2.
شاهه جو رسالو، متن ڊاڪٽر بلوچ، شرح ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو،
2016ع.
3.
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، صوفي لاڪوفي.
4.
سه ماهي ’مهراڻ‘ مختلف پرچا، سنڌي ادبي بورڊ
اردو ڪتاب
1.
جمیل جالبی، ارسطو سے ایلیٹ تک، نیشنل بک
فائونڈیشن، 2015ء
2.
نظامی
بدایونی، مشاھیر مشرق تخلیقات لاہور، 1999ء
3.
لسان الغیب اردو شرح دیوان حافظ، میر ولی اللہ
ایبٹ آبادی
دوست
پبلیکیشن، اسلام آباد 2009ء
4.
ڈاکٹر سید سلطان محمود حسین، حیات اقبال عھد
بہ عھد اقبال اکیڈمی پاکستان، 2015ء
5.
ول ڈیورانٹ ترجمہ یاسر جواد،
اسلامی تھذیب کی داستان، نگارشات لاہور، 2015ء
6.
ڈاکٹر خواجہ حمید یزدانی، شرح زبور عجم، سنگ
میل لاہور، 2011ء
7.
خواجہ حمید یزدانی، شرح جاوید نامہ، 2011ء
8.
مضامین غلام ربانی، انجمن ترقی اردو پاکستان
کراچی، 1992ء
9.
اقرار حسین شیخ، شھزادیاں، دی بکس اسلام آباد،
2012ء
10.
کلید کلیات اقبال اردو، مرتب احمد رضا، ادارۂ
اھل قلم، لاہور، 2005ء
11.
کلیات اقبال فارسی، میان عبدالرشید، شیخ غلام
علی، لاہور
12.
بھگوان داس ترجمہ پریتم داس بالاچ، تلسی داس،
فکشن ھائوس لاہور، 2013ء
13.
امولیہ رنجن، ترجمہ یاسر جواد، فلسفئہ مذاھب،
فکشن ھائوس، لاہور
14.
نسیم امروھوی، فرھنگ اقبال، اظہار سنز لاہور،
1989ء
15.
قاضی جاوید، ۲۰ عظیم فلسفہ، فکشن ھائوس، لاہور،
2015ء
انگريزي ڪتاب
1.
Tara Chand, Influence of Islam
on Indian Culture, Al Beluni Lahore,
Reprint, 1978
2.
Thomas Carlyle: Sartor
Resartus, on Heros & Hero Worship Every
Man’s Library, 1940
3.
Allama I. I. Kazi. Casual
Peeps At Sophia, Sindhi Adabi Board 1967
4.
Mushtak Ali Kazi. Journey
Through Judiciary, Royal Book Company, 1990
5.
The Educator Speaks I. I.
Kazi, Edited by N. A. Baloch 1409/ 1989
6.
A. K. Brohi. Life and Work of
Allam I. I. Kazi, A. K. Brohi Hyderabad 1988
7.
Ali Ahmed Brohi. The Quest
Eleven speeches 1992
8.
Abdul Ghani. A History Of
Persian Language & & Literature at the
Mughal Court. 1983
9.
Maurice Bucaille. What Is The
Origin Of Man? Seghers, Paris. 1982
10.
Calvins Brown. The Reader’s
Companion To World, Literature: 1962 New
York
11.
Peter Alexander. Alexandar’s
Indtroductions To Shakespear, Collins
London. 1964
12.
K. K. Aziz. Ameer Ali: His
Life and Work, Reprint 2006, Lahore
13.
Chase F. Robinson. Islam
Civilization in Thirty Lives Thomas & Hudson
14.
Nichola Barber & Angly Jaugly,
British History Encyclopedia 1999
15.
Muhammad Tahir. Books That
Changed My Life, NBF, 2014
16.
Ziauddin Ahmed. Influence Of
Islam On World Civilization, RBC, Karachi
1994
17.
Micheal Cooperson. Al- Mamun
Oneworld Oxford. 2006
18.
Dr. M. Habib. Prince Of
Physicians The life and Times of Ibn Sina
2015
19.
Dr .V. Abdur Rahim. Europe
speaks Arabic, Good word, 2008
20.
Romila Thapar. Early India,
Penguin Books, 2002
21.
Tahir Kamran. The Idea Of
History Through Ages. Lahore, 2017
22.
Safiq Can. Fundamentals Of
Rumi’s Throught Tughra Books, New Joursey,
2011
23.
Dr. Abdul Ghaffar Soomro.
Epistles Of Divine Wisdom Letters of Allam
I. I. Kazi Sindhi Adabi Board, 2015
24.
Ahmed Muhammad Kazi. The Gems
Divine. Letters of Allam Kazi addressed to
Him.
25.
N. A. Baloch. A National
System Of Education And Education Of
Teachers SIPS, 2003
ڏسڻي (انڊيڪس)
ڪتاب ۾ آيل قرآن جون آيتون |
اِذَا نُوْدِيَ لِلصَّلٰوةِ........ ذِكْرِ
اللّٰهِ وَذَرُوا الْبَيْعَ:
229
اَرَءَيْتَ مَنِ اتَّخَذَ اِلٰـهَهٗ:614
اَشْرَقَتِ الْاَرْضُ بِنُوْرِ رَبِّهَا:
76، 403
اِعْمَلُوْٓا اٰلَ دَاوٗدَ ........عِبَادِيَ
الشَّكُوْرُ:
164
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ:
280، 595
اَكْثَرُهُمْ لَا يَعْقِلُوْنَ:
196
اَفَلَا تُبْصِرُوْنَ:
293
اَفَلَا تَتَفَكَّرُوْنَ:
294
اَفَغَيْرَ دِيْنِ اللّٰهِ .... وَّاِلَيْهِ
يُرْجَعُوْنَ:
527
اِلَّا مَنْ اَتَى اللّٰهَ بِقَلْبٍ سَلِيْمٍ:
90، 389
الَّذِيْٓ اَحْسَنَ........الْاِنْسَانِ مِنْ
طِيْنٍ:
412
الَّذِيْ خَلَقَ.....اَخْرَجَ الْمَرْعٰى:
83
اَلرَّحْمٰنُ عَلَّمَ ........ عَلَّمَهُ
الْبَيَانَ:
548
اَللّٰهُ نُوْرُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ:
313
اَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ........ حَقَّ
عَلَيْهِ الْعَذَابُ:
527
اَلَمْ نَشْرَحْ لَكَ صَدْرَكَ
كَان فَارْغَبْ:
183، 426
اِلٰهُنا
وَاِلٰهُکُم وَاحِد:
433
اِلَيْهِ يُرْجَعُوْنَ:
66
اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ:
60، 112
اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰهِ
اَتْقٰىكُمْ:
538
انبتکم من الارض نباتا:
247
اِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحِيْطَةٌ بِالْكٰفِرِيْنَ:
238
ان الدار الا خرة لهي الحيوان:
505
اِنَّ فِيْ خَلْقِ........ لَاٰيٰتٍ لِّاُولِي
الْاَلْبَابِ:
30، 200، 246، 295، 375، 441، 564
اِناللّٰه و اِنا اِليه راجعون:
66
اَنْتُمْ اَشَدُّ ........بَنٰىهَا:
393
اِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِي الْاَرْضِ:
138
ان مع العسر يسرا:
426
اِنَّمَآ اَمْرُهٗٓ
اِذَآ........وَّاِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ:163
اِنَّ هٰذَا.....
اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى:
89
اِنْ هُمْ اِلَّا........ سَبِيْلًا:
78
اِيَّاكَ نَعْبُدُ وَاِيَّاكَ نَسْتَعِيْنُ:
139
بسم اللّٰه الرحمٰن الرحيم:
72، 150، 151
سنريهم آياتنا
.......
لهم انـﮣ الحق:
293
بل توثرون الحياة الدنيا والاخرة خير وابقيٰ:
467
بلدة طيبة ورب غفور:
222
بَيْنَكَ وَبَيْنَ........حِجَابًا
مَّسْتُوْرًا:
70
تَبَّتْ يَدَآ اَبِيْ........جِيْدِهَا
حَبْلٌ مِّنْ مَّسَدٍ:
72، 76
تَـطَوَّعَ خَيْرًا:
65
تُـؤْثِرُوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا:
82
جَآءَ
الْحَقُّ وَزَهَقَ الْبَاطِلُ:
76
خَتَمَ اللّٰهُ عَلٰي........ وَّلَھُمْ
عَذَابٌ عَظِيْمٌ:
213، 225، 562
خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ صَلْصَالٍ
كَالْفَخَّارِ:
35
خَلْقَ الْاِنْسَانِ مِنْ طِيْنٍ:
35، 412
ذٰلِكَ الْكِتٰبُ ..... يُؤْمِنُوْنَ
بِالْغَيْبِ:
501
رب المشرق و المغرب:
433
رب زدني علما:
52، 260، 280، 535، 536
رَبَّنَا مَا خَلَقْتَ هٰذَا بَاطِلًا:
595
سَبح اسم ربک الاعليٰ:
82
سَخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ:
64
سراجا منيرا:
70، 502
سَنُرِيْهِمْ اٰيٰتِنَا........لَهُمْ اَنَّهُ
الْحَقُّ:
30، 286، 375
سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ:
443
سَيَصْلٰى نَارًا ذَاتَ لَهَبٍ:
72، 77
فَاِذَا هُوَ خَصِيْمٌ مُّبِيْنٌ:
163
فَارْجِعِ الْبَصَرَ ........ الْبَصَرَ
كَرَّتَيْنِ:
248، 441
فَذَكِّرْ اِنْ ........اِبْرٰهِيْمَ
وَمُوْسٰى:
82
فَذَكِّرْ اِنْ نَّفَعَتِ الذِّكْرٰى:
92، 506
فَلَا تَمُوْتُنَّ اِلَّا وَاَنْتُمْ
مُّسْلِمُوْنَ:
95
فَمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ........ ذَرَّةٍ
شَرًّا يَّرَه:
377
فِيْ جِيْدِهَا حَبْلٌ مِّنْ مَّسَدٍ:
72، 78
قَالُوْٓا اِنَّمَآ اَنْتَ مِنَ
الْمُسَحَّرِيْنَ:
119
قَدْ اَفْلَحَ مَنْ تَزَكّٰى.....اِبْرٰهِيْمَ
وَمُوْسٰى:
94
قُلْ اِنَّ صَلَاتِيْ ........ لِلّٰهِ رَبِّ
الْعٰلَمِيْنَ:
477
كَالْاَنْعَامِ بَلْ هُمْ اَضَلُّ سَبِيْلًا:
517
کل
آمن باللّٰه
........احدا
من رسله:
68
کل
نفس ذائقة الموت:
104
کما
ارسلنا........مالم
تکونوا تعلمون:
418
كَيْفَ بَدَاَ الْخَــلْقَ:
443
لَآ اِكْرَاهَ فِي الدِّيْنِ:
65، 66، 196، 475
لَا تُدْرِكُهُ........ اللَّطِيْفُ
الْخَبِيْرُ:
136
لَا يَحْزُنُهُمُ........ الَّذِيْ كُنْتُمْ
تُوْعَدُوْنَ:
332، 413
لَّا يَمَسُّهٗٓ اِلَّا الْمُطَهَّرُوْنَ:
213
لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ:
70
لباس التقويٰ ذالک خير:
205
لَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَنْ طَبَقٍ:
247
لَسْتَ عَلَيْهِمْ بِمُصَۜيْطِرٍ:
117
لَسْتَ عَلَيْهِمْ جبار:
117
لَقَدْ خَلَقْنَا........ رَدَدْنٰهُ اَسْفَلَ
سٰفِلِيْنَ:
402، 415
لِكُلِّ اَجَلٍ كِتَابٌ:
487، 529
مَآ اَغْنٰى عَنْهُ مَالُهٗ وَمَا كَسَبَ:
72، 77
مَا تَرٰى فِيْ.......خَاسِئًا وَّهُوَ
حَسِيْرٌ:
441
مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰهِ وَالَّذِيْنَ
مَعَه:
472
نُرِيْدُ اَنْ نَّمُنَّ.... وَّنَجْعَلَهُمُ
الْوٰرِثِيْنَ:
138
ن و القلم وما يسطرون:
418
وَاِذَا رَاَوْكَ........بَعَثَ اللّٰهُ
رَسُوْلًا:
118
واعبد ربک حتي ياتيک اليقين:
251
وَلَا تَـقْرَبَا ھٰذِهِ الشَّجَرَةَ:
607
وَالَّذِيْنَ يَقُوْلُوْنَ
.....لِلْمُتَّقِيْنَ اِمَامًا:
474
وَالشُّعَرَآءُ
يَتَّبِعُهُمُ الْغَاوٗنَ:
254، 255
والعصر ان الانسان لفي خسر:
316
وَالضُّحٰى وَالَّيْلِ اِذَا ........ خَيْرٌ لَّكَ مِنَ الْاُوْلٰى:
502
وَاَلَّفَ بَيْنَ قُلُوْبِهِمْ......
عَزِيْزٌ حَكِيْمٌ:
211
وَاللّٰهُ اَنْۢبَتَكُمْ مِّنَ الْاَرْضِ
نَبَاتًا:
33، 35
واللّٰه مع الصابرين:
249
وَاَنْ لَّيْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا
سَعٰى:
501
وَتَرَى الْجِبَالَ تَحْسَبُهَا........ بِمَا
تَفْعَلُوْنَ:
130
وَجَعَلْنَا مِنَ الْمَاۗءِ كُلَّ شَيْءٍ
حَيٍّ:
35
وَقَالَ الرَّسُوْلُ
يٰرَبِّ........الْقُرْاٰنَ مَهْجُوْرًا:
213
وَكَانَ الْاِنْسَانُ اَكْثَرَ شَيْءٍ جَدَلًا:
163
وَفِي الْاَرْضِ اٰيٰتٌ لِّلْمُوْقِنِيْنَ:
286
وَفِيْٓ اَنْفُسِكُمْ اَفَلَا تُبْصِرُوْنَ:
286
وَلَا تَمُوْتُنَّ اِلَّا وَاَنْتُمْ
مُّسْلِمُوْنَ:
554
وَّلٰكِنْ لِّيَبْلُوَكُمْ فِيْ مَآ
اٰتٰىكُمْ:
261
ولن تجد لسنة اللّٰه تبديلا:
572
وَلَهُمْ اَعْيُنٌ ........ لَّا يَسْمَعُوْنَ:
508
وَمَآ اَسْـَٔــلُكُمْ........رَبِّ
الْعٰلَمِيْنَ:
119
وَمَآ اَنْتَ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا:
119
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْاِنْسَ اِلَّا
لِيَعْبُدُوْنِ:
113
وَمَا عَلَّمْنٰهُ الشِّعْرَ وَمَا
يَنْۢبَغِيْ لَه:
254
وَمَا يَنْطِقُ عَنِ الْهَوٰى: 388
وَمَنْ نُّعَمِّرْهُ ........ اَفَلَا
يَعْقِلُوْنَ:
235
وَيُخْرِجُ
الْـحَيَّ........ مِنَ الْـحَيِّ:
35
هَلْ اَتٰى عَلَي ....... شَيْـــًٔا
مَّذْكُوْرًا:
487
يارب ان قومي اتخذوا هذا القرآن مهجورا:
251
يَاْمُرُوْنَ بِالْمَعْرُوْفِ وَيَنْهَوْنَ
عَنِ
الْمُنْكَرِ:
117، 123
يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا........
فَاَصْبَحْتُمْ بِنِعْمَتِھٖٓ اِخْوَانًا:
210
يٰٓاَيُّهَا الْمُدَّثِّرُ قُمْ فَاَنْذِرْ
وَرَبَّكَ فَكَبِّرْ:
471
يُخْرِجُهُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى
النُّوْرِ:
343
يُخْرِجُهُمْ مِّنَ النُّوْرِ اِلَى
الظُّلُمٰتِ:
343
يَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ ........وقلوبهم
الي ذکرالّٰله:
430
يَرِثُهَا عِبَادِيَ الصّٰلِحُوْنَ:138
يسبح للّٰه ما......
لفي ضلال مبين:418
يَوْمَ نَطْوِي السَّمَا........اِنَّا كُنَّا
فٰعِلِيْنَ:
413
اطلبو العلم من المهد اليٰ اللحد:
52
الاعمال بالنيات:
98، 335، 339، 508، 544، 568، 596
الجنة تحت اقدام الامهات: 206، 533
الناس عالم او متعلم و باقيها هماج:
52
الناس ينا موا واذا ماتو فانتبهو:
32
انما الاعمال باالنيات:
90
بعثت لاتمم مکارم الاخلاق: 334، 421
عالم و متعلم وباقيها همج: 266
طللب العلم فريضة عليٰ کـل مسلم و مسلمة:
53
من طلب شيئاً وجدّ وجَدَ: 506
لااکراه في الدين:
67، 123
اخلاق جلالي: 336، 363، 665
اوستا: 61، 619
ڀوري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾
(Adventure
of the Brown Girl in her Search for God):
17
تحفة الڪرام: 668
تحفة الموحدين: 663
توريت (بائيبل): 89، 90
پدماوت: 356، 667
دي السٽر يٽيڊ نيوز (The
Illustrated News):
240
ديوان حافظ: 621، 644
ديوان فاضل: 12
ديوان مخفي: 357، 663
ساهڙ جا سينگار: 20
سماجي معاهدو (Social
Contract):
47، 49
سياست نامه: 111
شاهه جو رسالو: 261، 420، 657، 696
صوفي لاڪوفي (جلد پهريون): 54
ڪتاب ۾ آيل ڪتابن ۽ اخبارن جا
نالا |
قرآن شريف: 24، 25، 29، 30، 35، 40، 44، 48،
50، 61، 63، 64، 65، 69، 70، 72، 73، 74، 75،
76، 78، 79، 80، 81، 82، 83، 86، 89، 92، 93،
94، 95، 102، 104، 106، 107، 113، 117، 124،
125، 131، 138، 141، 150، 153، 154، 158، 159،
163، 164، 175، 178، 180، 181، 182، 189، 194،
202، 203، 204، 205، 206، 210، 211، 212، 213،
214، 215، 222، 225، 235، 238، 244، 245، 246،
247، 248،249، 250، 251، 254، 255، 259، 260،
261، 262، 295، 303، 316، 322، 332، 333،
3334، 336، 338، 340، 343، 345، 347، 349،
359، 381، 385، 386، 388، 389، 393، 394، 401،
402، 403، 413، 415، 418، 419، 420، 421، 423،
426، 427، 428، 430، 432، 433، 441، 443، 464،
465، 465، 466، 467، 470، 473، 474، 476، 485،
487، 488، 492، 502، 503، 504، 506، 508، 516،
517، 526، 527، 528، 529، 532، 536، 538، 542،
543، 544، 545، 546، 554، 558، 565، 566، 569،
572، 577، 585، 591، 595، 596، 597، 621، 639،
648، 653، 662، 673، 675، 677
ڪاري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾
(Adventure
of the Black Girl in her Search for God):
17
ڪام روپ: 356
لائٽ ٽو ايشيا (Light
to Asia):
674
لوائح جامي:
420، 421، 427، 676
مفرح القلوب (فارسي اخبار): 12
آخوند عبدالعزيز: 12
آدم، حضرت: 48، 114، 481، 607
آرنولڊ (Arnold):
209
آغا تاج محمد: 140
آءِ. آءِ. قاضي، علامه (امداد علي ولد امام
علي قاضي):12، 13، 14، 15، 16، 18، 19، 20،
21، 22، 23، 24، 28، 29، 31، 32، 34، 35، 37،
40، 41، 42، 43، 44، 45، 46، 47، 48، 49، 50،
51، 52، 53، 55، 56، 57، 58، 59، 60
ابراهيم، حضرت: 82، 89، 283، 284، 474، 536
ابن بيطار: 522، 691
ابن خردازبه: 522
ابن خلدون: 51، 216، 217، 221، 223، 224، 523، 639، 641، 642، 643، 670، 682
ابن سينا، بوعلي: 524، 647، 658، 689
ابوالفضل: 362
ابوبڪر صديق، حضرت: 47، 108
ابولهب: 76، 77، 79، 81
ارسطو:
49، 129، 139، 337، 373، 378، 472، 489، 522،
613، 631، 633، 635، 665، 675، 680، 681، 682،
689، 694، 695
اسٽالن: 28، 480
اسپنوزا (Spinoza):
242، 646
اسلم، ڊاڪٽر: 528
افتخار: 383
افلاطون: 99، 128، 129، 132، 133، 134، 135،
139، 254، 255، 373، 411، 581، 633، 681، 685
اقبال، علامه: 13، 56، 353، 424، 431، 456،
672، 673
اڪبر بادشاهه: 356، 359، 363
البيروني: 522، 647، 659
الڪندي: 363، 664، 675
امام ابوحنيفه رحه: 98، 628
امام حسين رضه: 171
امام علي قاضي: 12، 14
امام غزالي رحه: 121، 122، 153، 179، 183،
202، 226، 229، 230، 306، 339، 409، 432، 534،
535، 652
امير سعود: 17
امير علي، سيد: 13، 99، 628، 629، 670
انيس احمد، مولوي: 59، 65
اويس قرني: 360
اي. ايل. شيخ، پروفيسر: 327
اي جولي، ايڊجوٽنٽ جنرل برگيڊيئر: 342
ايڇ. جي. ويلس: 578
اي. ڊبليو. گب، پروفيسر: 73
ايڊون آرنولڊ: 676
اي. ڪي. بروهي: 19، 21، 23، 24، 58
ايڪرمين: 383
ايل. ٽي. هاب هائوس، پروفيسر (هاب هائوس): 13،
56، 277، 369
اين. اي. جي خان، ڊاڪٽر: 195
ايلسا قاضي (مسز قاضي): 14، 23، 72، 199، 201،
383
ايم. اي. حافظ: 12
بابر: 358، 362، 591، 661، 662
بانسنڪيءَ (Bansonquay):
458
برائوننگ (Browning):
459، 625، 678، 683
برائوني (Browne):
458
برٽرانڊ
(Bertrand)
: 271، 647، 652
برنارڊشا: 17
بڪل
(Buckle):
217، 523
بهادر شاهه ظفر: 358، 662
بيگم نقوي: 315
تلسيداس: 361، 666
ٿامس آرنولڊ: 13، 623
ٿوريو
(Thoreau):
192، 636
ٿيوڊور موريسن (Theodore
Morrison):
209
ٿيوسيڊائيڊس: 642، 688
ٽالسٽاءِ : 254، 464، 636، 679، 680
ٽيني سن (Tennyson):
387
پيٽالوزي: 685
جامي، عبدالرحمٰن: 674
جان لاڪ: 695
جاويد: 57، 209، 212، 426، 430، 431، 561،
637، 638
جلال الدين رومي، مولانا: 35، 54، 57، 135،
181، 277، 346، 347، 360، 363، 384، 386، 392،
412، 467، 485، 571، 573، 656، 672، 680، 692
جميل. پروفيسر: 133
جھان آرا: 364، 662
جهانگير: 361، 362، 662، 665، 666
جي. ايم. سيد: 19، 20
جيولن هڪسلي (Julian
Huxley):
199
حاجن خان جتوئي: 23
حافظ شيرزاي: 54، 63، 181، 208، 230، 360،
384، 386، 514، 534، 571، 620، 621
حسن بصري: 360
حڪيم شمس الدين: 417
حوا، بيبي: 48، 481، 607، 657
خديجه رضه، بيبي: 63
خضر، حضرت: 122
خليفو موسيٰ: 245
داراشڪوهه: 359
ڊارون: 33، 34، 396، 443، 637، 698
ڊبليو. بي. باشر پڪارڊ: 16
رابندر ناٿ ٽئگور: 118، 663
رامداس: 361، 666
رام موهن راءِ، راجا: 356، 663
رچرڊ (اول): 420
رچرڊ (دوم): 630
رسڪن جان: 700
راڻي ايلزبيت: 511
راڻي وڪٽوريا: 511، 512، 575، 580، 697، 698
رضا محمد ڀٽو: 23
روسو
(Rousseau):28، 39، 47، 49، 50، 132، 157، 191، 380، 381، 391، 472، 480،
492، 494، 507، 542، 543، 640، 682، 685، 695
زرتشت: 42، 61، 68، 154، 155، 371، 496، 497،
619
ساره: 134
سافوڪلس: 254
سرمد: 500، 684
سليمان، حضرت: 154، 244، 245، 246
سمٽ: 219
سورداس: 361، 666، 667
شاهجھان: 364، 662، 664، 667
شاهه عبداللطيف ڀٽائي: 23، 40، 54، 55، 56، 57، 58، 93، 148، 180، 189، 191،
194، 203، 226، 233، 254، 275، 307، 329، 346،
347، 348، 349، 350، 351، 352، 353، 356، 359،
416، 423، 463، 465، 466، 467، 482، 504، 506،
507، 509، 522، 540، 551، 553، 555، 556، 557،
560، 561، 562، 563، 564، 576، 594، 595، 596،
597، 607، 623، 624، 656، 685، 696
شاهه ولي الله :47، 51، 215، 216، 217، 218،
219، 221، 222، 223، 224، 225، 227، 255، 333،
334، 338، 340، 639، 654، 697
شفيع محمد ميمڻ، پروفيسر: 184، 325
شِلر: 458، 523
شمس تبريزي: 656، 680
شوپنهار (Shaupenhaur):
92، 627
شيخ احمد سرهندي: 427
شيخ رڪن الدين علاءُ دولـﮧ : 427
شيخ سعدي: 59، 146، 163، 177، 214، 232، 355،
380، 384، 425، 514، 634، 643، 644، 666
شيخ عبدالقادر جيلاني رحه: 104، 504، 685
شيخ ڪمال الدين عبدالرزاق: 427
شيڪسپيئر: 126، 131، 132، 133، 139، 192، 292،
359، 361، 384، 390، 420، 453، 454، 466، 467،
576، 631، 632، 635، 636، 651، 681، 693
صلاح الدين ايوبي: 582، 698
طارق: 245
طارق بن زياد: 648
طاهر، مولوي: 304
علاوالدولھ رڪن الدين: 427، 676
عبدالحميد، ڊاڪٽر: 325، 450
عبدالرحمٰن: 248، 281، 282، 648
عبدالعزيز (سعودي بادشاهه): 17
عبدالعزيز ميمڻ، پروفيسر: 417
عبدالقادر: 294، 423
عبدالواحد هاليپوٽو، ڊاڪٽر، (ڊاڪٽر
هاليپوٽو): 59، 63، 64، 215، 216، 217، 221،
223، 225، 234، 333، 334، 338
عرفي: 213
علي اڪبر شاهه: 182، 427
علي نواز جتوئي، پروفيسر:59 ،174
عمر بن عبدالعزيز: 248
عمر حيات ملڪ: 209
عمر فاروق، حضرت: 540
عيسيٰ، حضرت: 25، 43، 60، 68، 89، 90، 91، 93، 94، 95، 97، 130، 157، 159،
171، 175، 180، 244، 263، 347، 354، 387، 439،
464، 467، 509، 657
غلام محمد: 17
فاروقي، ڊاڪٽر: 310، 312، 393، 395، 396، 400،
402، 443
فاطمه رضه، بيبي: 104
فريڊرڪ فان شلر: 532، 622، 678
فضل احمد، مولوي: 59، 60، 63
قاضي احمد ميان اخترجوناڳڙهي: 240
قليچ بيگ، مرزا: 177
ڪانٽ: 132، 134، 135، 137، 631، 633، 678، 685
ڪارلائل
(Carlyle):
26، 28، 87، 118، 149، 156، 157، 166، 210،
211، 251، 257، 263، 385، 420، 422، 431، 466،
501، 523، 553، 555، 561، 586، 590، 596، 604،
622، 623، 638، 639، 683، 694، 700
ڪارل مارڪس: 51، 216، 217، 221، 224، 654
ڪارواني، ڊاڪٽر: 383، 384
ڪالرج (Coleridge):
133، 134، 135، 136، 139
ڪاليداس: 360، 529، 693
ڪومپٽي آگسٽ (Compte
August):
200، 243
ڪي. اي. عبدالحميد، ڊاڪٽر: 128
گبن، ايڊورڊ: 523، 672، 673، 692
گرهوڙي، عبدالرحيم: 174، 176
گوتم ٻُڌ: 25، 43، 60، 68، 155، 275، 332، 347، 387، 509، 517، 620، 627
گوئٽي:
26، 27، 108، 152، 227، 251، 382، 383، 416،
533، 535، 547، 553، 556، 557، 561، 564، 606،
607، 622، 638، 644، 649، 678
لارڊ ائڪٽن (Lord
Acton):
240، 241
لارڊ هيڊلي: 16
لائڊ جارج: 260
ليواني: 15
ماريس بُڪيل، ڊاڪٽر: 34
مامون، خليفو: 98، 99، 260، 261، 356، 419،
522، 527، 627، 671، 674، 675، 681
مانٽسڪيو
(Montesque):
51، 523، 640
مانٽيسوري: 196، 507، 686
محبوب علي چنا، پروفيسر: 547
محمد بن قاسم: 245، 648
محمد جائسي: 356، 667
محمد حسن ڀٽو: 23
محمد حسين: 203، 386، 388
محمد علي جناح، قائداعظم: 56، 208، 209
محمد مرتضيٰ قاضي: 19
محمد مصطفيٰ
ﷺ،
حضرت، (نبي ڪريم/پيغمبر اسلام): 25، 26، 28،
49، 59، 61، 62، 63، 65، 68، 130، 131، 132،
139، 157، 158، 159، 260، 306، 316، 318، 333،
329، 377، 388، 433، 440، 471، 472، 473، 484،
486، 488، 498، 500، 512، 543، 544، 545، 575،
593، 596، 619، 622، 639
محمودالحسن خان، ڊاڪٽر: 195
محمود غزنوي: 355، 658، 659، 660
مرزا حيرت: 234، 348
مزني (Mazzini):
157، 695
مسز حسن: 405، 406، 416
مسڪين امير حسن صديقي: 245
مظهرالدين صديقي: 469، 471
ملٽن: 589، 699
موسيٰ، حضرت: 29، 61، 68، 80، 82، 89، 90، 94،
180، 436، 439، 494
مهاتماما گانڌي:612، 636
ميٿيوآرنولڊ
(Mathew Arnold):
251، 337، 340، 497، 503، 649، 683
ميرزا مدد علي بيگ، ڊاڪٽر: 14
مير علي شير قانع ٺٽوي: 359، 668
مير علي نواز ’ناز‘: 15، 16
ميڪبيٿ
(Macbith):
270
ميڪالي: 54، 453، 531، 693، 694
نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: 22، 417، 531، 648
نبي بخش قاضي: 228، 229، 232، 235
نزهدين (Nuzhiddin):
201، 202، 205، 206
نظام الملڪ: 111، 652
نڪلسن: 223، 419، 672، 673
نوابزاده شير علي خان، ميجر جنرل: 342
نوح، حضرت: 437، 439
نورجھان: 357، 665
نيازالحق: 479، 480
والٽيئر: 28، 480، 627، 640
وائيٽ هيڊ
(White head):
271، 652
وائيڪلف (Wyekliff):
354
هارون رشيد: 527، 664
هٽلر: 159
هيلي فاڪس: 15
هڊسن: 15، 643، 683
هڪسلي
(Huxley):
87، 88، 199، 200، 201، 202، 206، 636
هلاڪو: 165، 634، 690، 691
هومر: 254، 520، 626، 691، 692
هيري هاٽسپر، جرنل: 453
هيساڊ (Heisod):
520، 688
هيروڊوٽس: 520، 688
هيگل
(Hegal):
51، 217، 221، 450، 458، 642، 654، 655
هيوم
(Hume):
49، 51، 215، 216، 224، 640، 653
يورپيڊڊس: 254
آسٽريليا: 103، 302
آڪسفورڊ يونيورسٽي: 22، 215، 259، 267، 623،
649، 657، 683، 689، 692، 695
آفريڪا: 219، 220، 245، 279، 380، 444، 494،
641
آمريڪا:
22، 46، 64، 103، 109، 114، 137، 206، 249،
259، 267، 274، 276، 281، 312، 344، 445، 449،
490، 524، 536، 566، 575، 592، 614، 615، 623،
632، 636، 645، 651، 652، 683
استنبول: 267
اسپين: 242، 245، 258، 354، 362، 641، 645،
647، 648، 670، 681، 686، 691
اشبيله: 258، 691
افغانستان: 245، 656، 659
الجيريا: 433
اندلس: 281، 354، 443، 522، 648، 649، 671
انگلينڊ:
15، 64، 111، 113، 114، 196، 208، 215، 217،
228، 251، 258، 259، 267، 273، 274، 281، 302،
312، 319، 354، 359، 369، 370، 376، 380، 401،
425، 437، 449، 453، 485، 521، 523، 532، 574،
575، 576، 580، 592، 606، 626، 628، 640، 643،
650، 651، 655، 671، 681، 686، 687، 694، 697،
698
ايران:213، 245، 267، 355، 384، 470، 496،
550، 551، 619، 634، 635، 652، 664، 668، 676،
684، 690
بصره: 360
بغداد: 45، 98، 99، 121، 122، 245، 246، 362،
534، 627، 628، 634، 643، 652، 665، 671، 674،
675، 681، 685، 690
بڪل
(Bukle):
51، 217، 523، 643، 655
بمبئي: 19، 20، 234، 276
بمبئي يونيورسٽي: 12
بنگال: 356، 363، 628، 629، 663
ڀارت: 118، 378، 519، 520، 598، 693
تاج محل: 363، 364، 460، 662، 667، 668
تيونس: 433، 641، 691
ٿرپارڪر: 16
ٽنڊو آغا: 14
پاٽ: 12
پاڪستان: 19، 20، 21، 22، 69، 105، 106، 195،
205، 206، 212، 245، 274، 276، 284، 342، 426،
452، 507، 539، 540
جرمني: 267، 672
ڄام شورو: 22، 24
حيدرآباد: 12، 14، 16، 22، 23، 82، 103، 107،
137، 253، 266، 393، 459، 479، 499، 593
حيدرآباد (دکن): 245، 648
خيرپور: 15، 16
دهلي: 257، 684
ديبل: 549، 550، 551
دينا: 246
ڊينمارڪ: 609
راولپنڊي: 499
روس: 111، 112، 119، 371، 432، 442، 445، 491،
645، 659
روم: 298، 380، 389، 470، 496، 649، 656، 680،
692
سرحد: 245، 599
سري نگر: 499
سسلي: 246، 626
سعودي عرب: 18، 213
سنڌ: 12، 14، 15، 16، 19، 20، 21، 24، 57، 58،
66، 97، 167، 172، 173، 177، 245، 310، 312،
359، 361، 420، 460، 463، 499، 509، 540، 541،
549، 550، 551، 561، 563، 619، 628، 634، 635،
648، 656، 658، 668، 685، 696
سنڌ يونيورسٽي: 21، 22، 24، 59، 72، 82، 110،
128، 140، 162، 166، 167، 172، 174، 207، 215،
228، 296، 325، 333، 341، 365، 393، 405، 469،
493، 519، 526، 567، 634، 696
شملا: 499
عراق: 213، 433
عربستان: 69، 131، 257، 364، 592
علي ڳڙهه: 12، 13
غرناطه: 257، 258، 641
فرات ندي: 121، 362
فرانس: 49، 51، 217، 267، 545، 550، 551، 578،
627، 640، 651، 653، 654، 655، 672، 686، 692
گجرات: 361، 658، 660
ڪانگريس: 46
ڪراچي: 19، 426
ڪشمير: 499
ڪيمبرج: 13، 621، 625، 632، 644، 652، 699
لاهور: 13، 20، 392، 593، 658، 660، 661، 662،
664، 665
لبيا: 433
لنڊن: 12، 13، 14، 16، 17، 18، 19، 20، 21،
22، 56، 99، 107، 142، 149، 208، 228، 229،
285، 310، 363، 367، 622، 623، 624، 628، 629،
632، 635، 636، 637، 638، 640، 648، 655، 665،
671
مراڪش:433، 641، 691
مصر: 112، 212، 289، 433، 520، 542، 671، 690،
691، 698
ملتان: 245، 499
نيل ندي: 112
هالينڊ: 242، 267
هند/هندستان: 12، 20، 54، 258، 260، 276، 354،
355، 356، 358، 359، 360، 361، 420، 460، 507،
522، 529، 531، 584، 591، 603، 612، 613، 619،
620، 628، 629، 639، 646، 655، 656، 659، 661
يمن: 360
يورپ: 17، 26، 42، 45 ،49، 51، 68، 109، 150،
155، 188، 217، 223، 224، 240، 242، 243، 244،
245، 247، 248، 249، 251، 257، 258، 259، 279،
281، 286، 287، 318، 337، 344، 354، 355، 359،
361، 363، 376، 380، 381، 385، 420، 423، 433،
437، 443، 445، 448، 488، 508، 521، 523، 524،
532، 534، 542، 545، 566، 575، 582، 591، 614،
637، 640، 645، 646، 647، 653، 665، 672، 673،
679، 681، 687، 689، 690، 691، 693، 694، 699
يونان: 34، 260، 378، 379، 472، 531، 5552،
613