سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:6 

[  3  ]

سورة اعليٰ جو مفهوم

علامه صاحب هيءَ تقرير 21 ڊسمبر 1952ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ هال ۾ ڪئي. اهو علامه صاحب جو يونيورسٽيءَ ۾ اوائلي دور هو جنهن ڪري شايد توسيعي تقريرن جو سلسلو اڃان باقاعدي شروع ڪونه ٿيو هو. تنهن ڪري اخباري اشتهار ذريعي شاگردن ۽ حيدرآباد جي سڄاڻ علم دوست حضرات کي دعوت ڏيئي مختلف عنوانن تي علامه صاحب جن تقرير ڪندا هئا.

”سَبح اسم ربک الاعليٰ.“

فَذَكِّرْ اِنْ نَّفَعَتِ الذِّكْرٰى. صُحُفِ اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى

حضرات! قرآن جون اهي آيتون مون فقط پڙهڻ جي خاطر نه پڙهيون آهن ۽ اهو ارادو به ڪونهي ته اوهان کي ان جو تفسير ٻڌايان، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳندا. هي سورة ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ماڻهن کي ياد ڏياريو، جيڪڏهن يادگيري ڏيارڻ ڪارگر ٿي سگهي ٿي، ياد ڏيارڻ ضروري آهي، انسان جنهن کي سمجهه آهي، اهو ٻڌندو. جيڪو بدنصيب آهي، اهو نه ٻڌندو، اهڙي شخص جي ناپاڪيءَ جي اثرات کي مٽائڻ لاءِ نصيحت جي بجاءِ سخت باهه جي ضرورت آهي. اهڙي شخص کي پاڪ صاف ڪرڻ آسان ڪم نه آهي. هو ڳالهين ۽ يادگيري ڏيارڻ سان نٿو سمجهي سگهي، هن کي ان کان وڌيڪ ٻي شيءِ جي ضرورت آهي. لوهه جي سيخ کي ڳارڻ جي لاءِ باهه جي ضرورت پوندي آهي. ان کان سواءِ ان کي ڳاري نٿو سگهجي.

ڪنهن به ماڻهوءَ کي جيڪڏهن ٿوري به سمجهه آهي ته اهو پاڻ کي پاڪ رکڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هو الله تعاليٰ جي رحمت حاصل ڪندو، پر اسان مان گهڻا ماڻهو هن عارضي زندگي ۽ زندگيءَ جي ڪاروبار کان ايترو متاثر آهن. (تُـؤْثِرُوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا) جو کين ٻي زندگيءَ جي سچ ۽ حقيقت جي ڪابه يادگيري ڪونه اٿن. انهن آيتن ۾ اهو به فرمايو ويو آهي ته اڳين صحيفن ۾ پڻ اهو ئي پيغام آيل هو، جيڪو توهان کي ٻڌايو ويو آهي. حضرت ابراهيم " ۽ حضرت موسيٰ " جي صحيفن ۾ پڻ اهو سبق هو ته توهان پاڻ کي پاڪ ڪريو ۽ زندگيءَ کي هڪ اڳتي وڌندڙ ۽ ترقي ڪندڙ حقيقت سمجهو. زندگيءَ جي عارضي ۽ ننڍڙين خواهشن ۾ مشغول نه ٿي وڃو پر پاڻ کي انهن کان محفوظ رکو. اهڙي طرح ان ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون چيون ويون آهن ۽ هر لفظ جي تفسير لاءِ ڪلاڪ گهرجن ۽ آئون اهو شروع نٿو ڪريان. جيڪڏهن ان کي شروعات کان بيان ڪبو ته اهو تمام وڏي ذمي جو ڪم آهي.

هيءَ سورة انسان جي پيدائش جو بيان ڪري ٿي ۽ تخليق جا سڀئي مرحلا انهن چند لفظن ۾ بيان ڪيا ويا آهن.

الَّذِيْ خَلَقَ فَسَوّٰى .  وَالَّذِيْ قَدَّرَ فَهَدٰى. وَالَّذِيْٓ اَخْرَجَ الْمَرْعٰى

ترجمو: ’جنهن پيدا ڪيو ۽ ان کي ٺيڪ يا برابر ڪيائين، ۽ پوءِ رستو ڏيکاريائين، اهو آهي، جنهن گاهه (اوڀڙ) اڀاريو آهي.‘

هيءَ آيت ارتقا جي هڪ منزل جيڪا سون، هزارن سالن کان طويل آهي ان کي دائري ۾ آڻي ٿي. انهن پهرين سٽن ۾ تخليق جي ارتقائي تصوير ڏنل آهي، پوءِ ٻڌايو ويو آهي ته انسان ڇا آهي ۽ اهو ڪيئن بهتر ٿي سگهي ٿو ۽ ڪيئن نٿو ٿي سگهي.

اسان گذريل دفعي ’شعور‘ بابت ڳالهايو هو، هن ڀيري ’ذڪر‘ جي باري ۾ ڳالهايون پيا. انساني شعور ۽ ذڪر قدرتي طرح هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. انسان جڏهن شعور وڃائي ٿو ته ذڪر اچي ان کي ياد ڏياري ٿو، جيڪو هن وساري ڇڏيو آهي. اڪثر مسلمانن ذڪر جو لفظ ۽ ان جي ضرورت بابت ٻڌو آهي. ذڪر جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، جنهن مان گهڻو حصو شايد اسان سمجهي نه سگهون. بهرحال انگريزي ٻوليءَ ۾ ذڪر جي معنيٰ ٿيندي (Reminder) يعني ’يادگيري.‘

قرآن شريف جي آخري سورة کان اڳ واري سورة ۾ هڪ لفظ آيو آهي، جيڪو اسان مسلمان روزانو نماز جي دوران سورة ”فلق“ ۾ دهرايون ٿا ۽ اهو آهي ”غاسق اذا وقب“ يعني ’اونداهي جڏهن ڦهلجي وڃي.‘ هاڻي اهو انڌيرو ڇا آهي. جيڪو انسان تي غالب ٿيو وڃي؟ جڏهن زندگيءَ جون ادنيٰ خواهشون هن جي ذهن تي ڪاراڻ وانگر ڇانئجي وڃن ٿيون، جن ۾ هن جا غلط ۽ صحيح جا سمورا تصورات شامل آهن، جڏهن ٿوري وقت لاءِ هن جي سوچ، خيال، صحيح ۽ غلط جي پروڙ جي سلسلي ۾ غافل ۽ بي حس ٿي وڃن ٿا ۽ کيس انڌيرو ويڙهي وڃي ٿو. انهيءَ انڌيري مان نڪرڻ جي لاءِ انسان جي شعور کي جاڳائڻ لاءِ ذڪر اچي ٿو. اهو ذڪر ڪنهن شيءِ جي يادگيري ڏيارڻ لاءِ اچي ٿو ته جيئن انسان جو شعور درست رهي ۽ هو پاڻ کي وڃائي نه ويهي. تنهن ڪري ذڪر جي معنيٰ آهي شعور کي صحيح قائم رکڻ.

هاڻي هڪ ڳالهه شروعات ۾ ئي ٻڌي ڇڏيو ته اسان هتي ڳالهائيندي ٻئي ڪنهن تي الزام نه ٿا هڻون. اسين هتي ڪابه اخلاقي فتويٰ نٿا ڏيون. اهو نٿا چئون ته هي سٺو آهي ۽ هي خراب آهي، هي اعليٰ آهي ۽ هي ادنيٰ آهي. الله تعاليٰ جو فطري قانون پنهنجي تقدير جي رستي تي قائم آهي. ”قدر فهدي“ اهو مقرر ٿيل آهي ۽ ڪم ڪري پيو. اسين ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته انهن منزلن تي پهچون جن وٽان اهو گذري ٿو. انسان لاءِ بهتر آهي ته هو پنهنجي مقام جو صحيح مشاهدو ڪري ۽ ڄاڻي ته آئون اڃان هتي آهيان، نڪو اڳتي ۽ نڪو پوئتي ٿيو آهيان.

انسان ۽ جانور جي تخليق ۾ اهو ئي فرق آهي ته انسان کي عقل ۽ سمجهه ڏيئي پيدا ڪيو ويو آهي.

جانور ڌرتيءَ تي گاهه ۽ چارو ڳولين ٿا ۽ ڌرتيءَ تي ئي هر عمل ڪن ٿا. اهي ڌرتيءَ کان ٻاهر واري دنيا ڪونه ٿا ڏسن. پر انسان کي عقل ۽ فهم  مليو آهي. انسان کي سنئون سڌو خلقيو ويو آهي ته مٿي ڏسي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، پوئتي ۽ خاص ڪري مٿي به ڏسي سگهي ٿو. تنهن ڪري هن کي اهڙي طرح خلقيو ويو آهي ته جيئن اڀو ٿي بيهي مٿي ڏسي سگهي. هن جي ضرورت آهي ته تارن کي ڏسي، نه فقط تارن کي پر انهن کان به اڳتي.

ستارون سي آگي جهان اور بهي هين.

 يعني تارن کان اڳتي به گهڻا جهان آهن. تنهن ڪري فقط تارن جي دنيا تائين محدود نه رهو، تارن کان پوءِ ٻيا جهان به آهن. هاڻي ان جو اهو مطلب ڪونهي ته شيون سٺيون يا خراب آهن. ڪابه شيءِ سٺي يا خراب ڪونهي، اچو ته صحيح اندازو ڪري ڏسون ته اسان جون گهرجون ڇا آهن ۽ ڏسون ته اسين خدا جي هن ڪائنات ۾ ڪٿي بيٺا آهيون. جيڪڏهن اهو ئي ڏسون ته اڃان جانور واري درجي ۾ آهيون جيڪو کاڌي لاءِ رنڀي ٿو ۽ هن جي ضرورت کاڌو ۽ رات جي ننڊ آهي، ان تي ئي مطمئن رهون، پوءِ پاڻ کي دلبو نه ڏيون ته آئون جيڪو آهيان، هن جانور کان بهتر آهيان. اهو سڀ کان وڌيڪ خراب آهي. فقط پاڻ کي ايترو درست ڪريو ته آئون ڪٿي بيٺو آهيان. ڪهڙي شيءِ مون کي متاثر ڪري ٿي. ڪهڙي شيءِ سان مون کي چاهه آهي ۽ ڪهڙي شيءِ جي مون کي خواهش آهي. يعني پنهنجي رهنمائي لاءِ ايترو ئي ڪري سگهان ٿو. ان ۾ ڪابه غلط ڳالهه ڪونهي، ان ۾ ڪابه چڱائي نه ئي برائي آهي. فقط مون کي اهو ڳولڻ گهرجي ته الله تعاليٰ جي هن ڪائنات ۾ ڪٿي بيٺو آهيان. اسان کي پاڻ کي ڌوڪو ڏيڻ نه گهرجي. جيئن گذريل ڀيري مون چيو هو ته پاڻ کي نه ٺڳيو. اهو وڏو جرم آهي. انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو وڏو جرم ڪونهي.

اسان اخلاقي راءِ ڏيون ٿا ته هي سٺو آهي ۽ هي خراب آهي. اهو ڪنهن شيءِ جي ڏسڻ جو طريقو ڪونهي. اسان کي ڪنهن به شيءِ کي صحيح پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي. جيڪڏهن اسين ڏسون ٿا ته انگريز قوم پرستيءَ يا ان جي تصور کان اڳتي نٿا وڌن يا جرمن پنهنجي نسل پرستيءَ جي مٿانهين هجڻ کان مٿي نٿا اڀرن، ان لاءِ اسان کي اخلاقي فتويٰ ڏيڻ جي ضرورت ڪونهي. اسين فقط چئي سگهون ٿا ته اهي انسانيت جي ارتقائي مرحلي ۾ هن مقام تي آهن. اهي اتي ئي آهن ۽ قومي مفادن کان وڌيڪ ارتقا ڪونه ڪئي اٿن اڳتي وڌي نه سگهيا آهن. اسين اڪثر بين الاقوامي مفادن جي ڳالهه ڪريون ٿا، پر اڃا اسين ان درجي تي ڪونه پهتا آهيون.

هاڻي جرمن کي ڇڏي ڏيو ته ڀلي صحيح مطالعو ڪري پنهنجي حقيقت محسوس ڪري ته اهي اڃان ڪهڙي نقطي تي بيٺا آهن ۽ نسل پرستيءَ واري تصور کان اڳتي ڪونه وڌيا آهن. اسان کي به اجائي ٻٽاڪ نه هڻڻ گهرجي ته آئون ڪائنات ۾ آفاقي انسان آهيان. انسانيت پرستي منهنجي لاءِ ڪجهه به نه آهي، پر ڪائنات مون لاءِ سڀ ڪجهه آهي ۽ جيڪو ڪجهه ان ۾ آهي. اسان مسلمان چئون ٿا ته اسان توحيد تي ايمان رکون ٿا. ڪوبه انگريز توحيد تي يقين نٿو رکي. جيڪڏهن جرمن نسل پرستيءَ ۾ يقين رکي ٿو ۽ هو توحيد تي يقين نٿو رکي ۽ جيڪڏهن آئون فقط پاڻ کي ۽ پنهنجي خاندان کي مڃان ٿو ۽ توحيد ۾ عقيدو نٿو رکان. ان صورت ۾ اهو اسان لاءِ چڱو نه ٿيندو ته آئون پاڻ کي موحد ڪوٺايان. آئون موحد (هڪ ذات کي مڃڻ وارو) ڪونه آهيان. مون اڃان انسانيت کي هڪ ڪري نه قبوليو آهي ۽ الله جي باري ۾ منهنجي ڇا راءِ آهي، جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي!

تنهن ڪري مون کي دعا گهرڻ گهرجي ته الله تعاليٰ مون کي اکيون ڏي ته آئون اهو ڏسي سگهان ته حقيقت ۾ آئون ڪٿي بيٺو آهيان. آئون آخري درجي تي ته ڪونه پهتو آهيان، جتي مون کي پهچڻ گهرجي. آئون ڏسان ٿو ته ان کان پوءِ به ڪا شيءِ آهي جتي مون کي پهچڻو آهي. اي الله! مون کي موحد بناءِ ۽ ان درجي تي پهچاءِ. اها بهتر دعا ٿيندي، بنسبت ان جي جو ٻٽاڪ هڻجي ته آئون موحد آهيان، اهو بهتر آهي ته اعتراف ڪجي ته آئون ان منزل تي ڪونه پهتو آهيان. جتي شين جي وحدت ۾ يقين رکڻ جو قائل ٿيان. اهو هزار دفعا بهتر ۽ عمدو رستو آهي، بنسبت ته پاڻ کي ٺڳجي ۽ ڪوڙ ڳالهائجي ته آئون سڀ ڪجهه آهيان جڏهن ته آئون ڪجهه به نه آهيان.

اهڙي طرح سٺي شخص لاءِ پهريون مرحلو اهو آهي ته ڏسي ته هو پنهنجين خواهشن موجب ڪهڙي درجي تي آهي. هو بازار ۾ وڃي ڏسي ته ڪهڙي شيءِ هن کي وڌيڪ متاثر ڪري ٿي، کاڌي جو دوڪان، ڪپڙن جو دوڪان يا ڪتابن جو دوڪان! ڪهڙو دوڪان هن جي طلب ۽ اشتها جو مرڪز آهي. اهو کيس سندس فطرت جو اشارو ڏيندو ته هوا جو رخ ڪهڙي طرف آهي. جيڪڏهن مٺائيءَ جو دوڪان هن جي سڄي دلچسپيءَ جو مرڪز آهي ته کيس خبر هئڻ گهرجي ته هو ڪهڙي منزل تي آهي. هن کي سمجهڻ گهرجي ته هن جو پيٽ جيڪو هن سان ساڻ آهي، فقط ان سان واسطو آهي، پر جيڪڏهن هو پراڻن ڪتابن جي دوڪان يا بازار کي پڻ ڏسي ٿو ۽ هو سوچي ٿو معني ته هن جو ذهن سجاڳ ٿي چڪو آهي، ان کي به خوراڪ جي ضرورت آهي. هن کي ان مان ڪجهه حاصل ڪرڻ جي سخت خواهش ٿئي ٿي. جيڪڏهن هو ڪتابن جي دوڪان اڳيان نٿو بيهي ۽ فقط مٺائي واري دوڪان اڳيان بيهي ٿو ته پوءِ هن کي معلوم هئڻ گهرجي ته هو ڪهڙي ڏاڪي تي بيٺل آهي. تنهن ڪري اهو هن لاءِ بهتر آهي ته معلوم ڪري ته هو ڪهڙي سطح تي آهي. ڇاڪاڻ ته هن کي خبر هوندي ته هو ڪٿي آهي ته پوءِ هو رستو ڳولهي ويندو ته ڪٿان شروع ڪجي ۽ ڪيئن اڳتي وڌجي. پر جيڪڏهن هن کي خبر ئي ڪونهي ته هو ڪٿي بيٺو  آهي ته اڳتي ڪيئن وڌندو. هو وڌي ڪونه سگهندو ۽ بيهي رهندو. تنهن ڪري پهرين اهم شيءِ آهي ”عرف نفسه“ يعني پنهنجي نفس کي سڃاڻو. پنهنجو پاڻ کي ڏسو ته ڪٿي بيٺا آهيو. توهان ڇا آهيو؟

جيڪڏهن ڪو مون کي منهنجون حقيقتون ٻڌائي ته مون کي چڙ اچي ٿي يا مون کي ڪو ڪنهن شيءِ جي باري ۾ ياد ڏياري ٿو، جيڪا منهنجي لاءِ فائديمند آهي، پر آئون نٿو ٻڌان. اهو منهنجي لاءِ ڪافي اشارو آهي ته آئون ڪٿي بيٺو آهيان.

مون گذريل ڏينهن سوره ڪهف جي آخري حصي مان ڪجهه خاص آيتون پڙهيون. مون ڏٺو ته جيڪو پنهنجو پاڻ ۾ گم آهي ۽ پنهنجو رستو وڃائي ويٺو آهي ۽ پوءِ به چوي ٿو ته هو دنيا ۾ عمدا ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هو چرپر لاءِ تيار نه آهي، اهڙي شخص لاءِ قرآن شريف فرمائي ٿو ته عدل واري ڏينهن (يوم الحساب) تي هن جي اعمالن جو ڪو وزن ڪونه هوندو. هن لاءِ ترازو ڪونه قائم ڪئي ويندي! هڪ فارسي شاعر چيو آهي.

آنکس که نداند وبداند که بداند

در جهل مرکب ابد الدهر بماند

”اهڙو شخص جيڪو ڪجهه نٿو ڄاڻي، پر سمجهي ٿو ته آئون ڄاڻان ٿو ته هو هميشه جهالت جي تري ۾ ئي رهندو“

تنهن ڪري بجاءِ ان جي جو ماڻهن تي، قومن تي، فردن تي يا تاريخ جي ڪنهن دور تي اسان ڪا اخلاقي فتويٰ ڏيون، اسان کي گهرجي ته حقيقتن جي سڄي جوڙجڪ جو مطالعو ڪريون ۽ ڏسون ته اسين ڪٿي آهيون. اسين ڪٿي هئاسين ۽ اسان کي ڪائنات ڪيڏانهن وٺي وڃي پئي ۽ اڃان گهڻو هلڻو آهي! اهو قومن جي ڪمال ۽ زوال ۽ انهن جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ڪري سگهجي ٿو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ماڻهن ڪيئن شروعات ڪئي. انهن ڪهڙيون غلطيون ڪيون ۽ ڪهڙي هنڌ اچي اوچتو بيهي رهيا ۽ ختم ٿي ويا. تاريخ جو اهو مطالعو اسان کي سڌي راهه تي هلڻ ۾ مدد ڪندو ته ان منزل تي پهچجي، جيڪا عقل ڪُل يعني ”قدر فهدي“ موجب مقرر ڪيل ۽ رهنمائي واري آهي.

مون کي هڪ ڪهاڻي ياد آئي آهي. هڪ عورت ڪارلائل (Carlyle) کي لکيو ته مسٽر ڪارلائل هاڻي آئون سمجهان ٿي ته مون ڪائنات سان ٺاهه ڪيو آهي. ڪارلائل چيو ته اهو بهتر آهي، جيڪو توهان ڪيو. اهڙي طرح ڪجهه اسان مان پڇن ٿا، جن ڪائنات سان سرچاءُ نه ڪيو آهي ته خدا ڪير آهي ۽ ڪٿي آهي. اسان قبول نٿا ڪريون ته هن ڪائنات پيدا ڪئي آهي. اهو سڀ ٺيڪ آهي، اسين ان کي پسند ڪريون يا نه ڪريون پر اسان کي ان ۾ رهڻو آهي.

دوستو! توهان جي ڄمڻ لاءِ توهان کان مشورو نه ڪيو ويو هو. توهان پنهنجي منظوريءَ کان سواءِ هن دنيا ۾ آندا ويا آهيو. توهان کي ئي منهن ڏيڻو آهي. اها بيوقوفي آهي ته اٺ پکيءَ وانگر اکيون بند ڪري چئون ته منهنجو ان سان واسطو ئي ڪونهي. توهان کي حالتن سان گڏ رهڻو آهي. ڇا توهان پيٽ ڀرڻ کان سواءِ ڪجهه ڪري سگهو ٿا. توهان عام انسان جي زندگي کان علاوه ٻيو ڪجهه ڪري سگهو ٿا. توهان انهيءَ کان سواءِ ڪري نٿا سگهو. توهان دنيا ۾ آيا آهيو ۽ هڪ دفعو هتي آهيو ته پوءِ توهان کي منهن ڏيڻو آهي، چاهي پسند ڪريو يا نه ڪريو ان سان ڪوبه فرق نٿو پوي. ڪارلائل چوندو هو ته جيترو جلد توهان رستو ڳولهي هٿ ڪريو ٿا جنهن تي فطرت توهان کي هلائڻ چاهي ٿي، اهو توهان جي لاءِ بهتر آهي. اهو توهان کي ڪيترن ئي فڪرن ۽ هن ۽ هن طرف جي چماٽن کان بچائيندو. هڪسلي (Huxley) چوي ٿو ته فطرت هميشه پهرين تنبيهه ۽ پوءِ چماٽ نٿي هڻي. پر ڪڏهن ڪڏهن چماٽ تنبيهه ٿي ايندي آهي. ان مان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪڏهن چتاءُ کان اڳ چماٽ لڳي آهي. تنهن ڪري پنهنجي چهري کي غير ضروري چماٽن کان بچايو. ٿي سگهي ٿو ته يادگيري ڏيارڻ سان ئي رستو حاصل ٿي وڃي. توهان وڏي باهه لاءِ انتظار نه ڪريو، جيڪا توهان کي لوهه جي سيخ وانگر ڳاري صاف ڪندي.

ڪنهن شيءِ کي ڌوئڻ سان ئي اها شيءِ صاف ٿي سگهي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو ڪافي آهي. پر جيڪڏهن اهو لوهه جي شيخ وانگر آهي ته پوءِ اها باهه ۾ ڳري ويندي. ان حالت ۾ صفائيءَ لاءِ وڌيڪ جي ضرورت آهي، بنسبت عام ڌوئڻ جي. پوءِ باهه کان نه ڊڄو. دوزخ جي باهه جي باري ۾ تعجب ۾ نه وڃو. غلاظت کي صاف ڪرڻو آهي، پوءِ ڇو نه اسان کي باهه استعمال ڪرڻي پوي! جيڪڏهن ذڪر يعني يادگيري اسان لاءِ مددگار نٿي ٿئي ته پوءِ اسان کي باهه ڏانهن رجوع ٿيڻ گهرجي. تنهن ڪري باهه ضروري آهي. ان لاءِ اسان کي الله جو شڪر ڪرڻ گهرجي. فطرت توهان کي باهه ۾ وجهي، توهان لاءِ سٺو ڪري ٿي. جيڪڏهن توهان باهه مان صاف ٿي سون ٿي نڪرو ٿا ته اهو توهان لاءِ بهتر آهي.

ڪيترن ئي مذهبن ۾ پاڪائيءَ جو تصور موجود آهي ۽ عبادت لاءِ جيڪو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي ان جي معنيٰ ڪنهن حد تائين گرمائش يا ٻرڻ آهي. هندو مذهب ۾ عبادت لاءِ تپسيا يا تپش لفظ استعمال ٿئي ٿو. جنهن جي معنيٰ آهي، ڪنهن شيءِ جي ميراڻ کي صاف ۽ پاڪ ڪرڻ لاءِ گرمي ڏيڻ. اسان مسلمان صلواة لفظ عبادت لاءِ استعمال ڪريون ٿا، ان جي جڙ ”صليٰ“ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي پچائڻ، ساڙڻ يا تئُه ڏيڻ. تنهن ڪري هر هنڌ پاڪائي ۽ صفائيءَ لاءِ گرميءَ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن توهان پاڻ کي صاف ڪرڻ لاءِ اهو گرمائش وارو طريقو نٿا استعمال ڪريو ته پوءِ وڏي باهه جي ضرورت پوندي. سڀئي ماڻهو جن کي خبر آهي ته هتي هڪ نرڳ يعني دوزخ آهي جنهن ۾ سڀ شيون آخر ۾ صاف ٿينديون جيڪڏهن اهي تپش جي ذريعي صاف نه ٿيون آهن. انهن کي ان لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو ۽ اها انهن کي پاڪ ڪندي. هر شخص صاف رهڻ چاهي ٿو. ڪوبه گدلو ۽ ميرو ٿي مرڻ نٿو چاهي.

پر جڏهن ”يوم الحساب“ ايندو تڏهن ڪوبه ياگيري ڏيارڻ وارو ڪونه هوندو. جيئن هڪسلي چيو آهي ته چتاءُ کان اڳي چماٽ لڳي سگهي ٿي. اهو ائين ٿئي ٿو، ڇو ته اهو قانون فطرت آهي. اهو پنهنجو رخ نٿو بدلائي، فطرت جا قانون اٽل ۽ مڪمل هم آهنگيءَ سان ڪم ڪن ٿا. انهن ۾ ڪوبه امتياز ڪونهي. تنهن ڪري اهو قانون بخار وانگر ڪم ڪري ٿو. اهڙي طرح اخلاقي سزا، ذهني سزا اچي ٿي ۽ هر طرف کان چماٽون لڳن ٿيون جن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اهي پاڪ ۽ صاف ٿيڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. اهو اسان جي رياض جو نتيجو آهي، جيترو جلد اسان کي معلوم ٿيندو ته اسين ڪٿي آهيون اوترو ئي جلد اسين هلڻ جي قابل ٿي وينداسين ۽ وڌيڪ يقيني رستي تي اسان کي ضرور هلڻو آهي ۽ هلڻ گهرجي. اهائي ارتقا جي معنيٰ ۽ اڳتي وڌڻ جي معنيٰ آهي.

اسان از خود ڪيترائي مرحلا طئي ڪيا آهن. هر ماڻهو اڄڪلهه مڃي ٿو ته هو ڪيترن ئي دورن مان گذريو آهي. جيڪو ڪجهه هن کي اڄ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ان کان پوءِ هن کي ڪيترن ئي دورن مان گذرڻو آهي ۽ ان جاءِ تي پهچڻو آهي جتي هن کي پهچڻو آهي. اها آخري منزل ڪونهي. اهو ته فقط رستي جو وچ آهي. هن کي اڃا ته تمام گهڻو هلڻو آهي. تنهن ڪري کيس پنهنجي حيثيت معلوم ڪرڻ گهرجي ته هو ڪٿي بيٺل آهي.

هاڻي آئون وري سورة اعلي جي آخري آيت پڙهان ٿو:

اِنَّ هٰذَا لَفِي الصُّحُفِ الْاُوْلٰى  صُحُفِ اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى

حضرت ابراهيم " 4000 سال اڳ آيو. حضرت موسيٰ " 3000 سال اڳ آيو. قرآن شريف فرمائي ٿو ته اهي به ساڳي مقصد لاءِ آيا ته توهان کي چتاءُ ڏين ۽ رهبري ڪن ته ڪٿان توهان شروعات ڪريو ۽ ڪٿي توهان کي وڃڻو آهي. مون هتي توريت ۽ انجيل پاڻ سان آندا آهن ته جيئن توهان کي ٻڌائجي ته پراڻي کان نئين تائين ڪيترو گهڻو اڳتي واڌ يا ترقي ٿي آهي.

حضرت موسيٰ " پنهنجي امت کي مشهور ڏهه احڪام ڏنا ته توهان قتل نه ڪريو. زنا نه ڪريو. پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ڪوڙي شاهدي نه ڏيو وغيره وغيره. هن کان پوءِ وري حضرت عيسيٰ " آيو ۽ هن ڪوشش ڪري ڪجهه ڳالهين لاءِ پنهنجا قاعدا ڏنا. هاڻي توهان پنهنجي ليکي ٻنهي ۾ فرق معلوم ڪريو. هتان توهان کي اها خبر نٿي پوي ته دنيا تبديل ٿي وئي آهي. پر دنيا اڳتي وڌي رهي آهي ۽ توهان صحيح معنيٰ ۾ ڇا ٿي رهيا آهيو ۽ مستقبل ۾ ڇا ٿيڻو آهي. مثال حضرت موسيٰ " چيو ته توهان قتل نه ڪريو، حضرت عيسيٰ " وري اڳتي وڌي وڃي ٿو ۽ پنهنجي پوئلڳن کي فرمائي ٿو ته توهان توريت موجب ٻڌو آهي ته قتل نه ڪريو، جيڪو قتل ڪندو اهو يوم الحساب وقت نقصان ۾ هوندو، پر آئون توهان کي چوان ٿو ته جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان بنا ڪنهن سبب جي ڪاوڙيل آهي، اهو به آخرت ۾ نقصان ۾ هوندو. هو وڌيڪ فرمائي ٿو ته جيڪڏهن توهان مان ڪو پنهنجي ڀاءُ کي ڪاوڙ ۾ بيوقوف چوي ٿو ته اهو به دوزخ جي باهه ۾ ويندو.

هاڻي توهان ڪا تبديلي ڏسو ٿا. فقط هڪ هزار سالن جي عرصي ۾ ڇا ٿي ويو. حضرت موسيٰ " پنهنجي ماڻهن کي چيو ته توهان زنا نه ڪريو، نئين توريت (بائيبل) ان ۾ واڌارو آندو ته آئون چوان ٿو ته توهان مان ڪو ڪنهن عورت ڏانهن جڏهن شهوت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ته اهو گويا دل ۾ زنا ڪري چڪو. هاڻي توهان احڪامن ۾ فرق ڏسو پيا. جيتوڻيڪ اهو عمل نٿو ڪيو وڃي، پر جيئن ئي توهان جي دل ۾ ان جو خيال آيو ته توهان گويا جرم ڪري چڪا آهيو، يعني نقصان ۾ ويا آهيو.

هاڻي انسان ظاهري عمل کان اڳتي وڌي آيو آهي، جتي هن جي سوچ، محسوسات ۽ ذهن جي اندروني ساخت کان پڇاڻو ڪيو وڃي ٿو. هو سمجهي ٿو ته جسم کي ختم ڪرڻ ڪجهه نه آهي، پر روح کي ختم ڪرڻ سڀ ڪجهه آهي. ان ڪري چيو ويو ته جيڪڏهن توهان جا هٿ اڳرائي ڪن ٿا ته انهن کي وڍي ڇڏيو، جيڪڏهن اکيون اڳرائي ڪن ته انهن کي ڪڍي ڇڏيو، پر پنهنجي روح کي گندو نه ڪريو. اِلَّا مَنْ اَتَى اللّٰهَ بِقَلْبٍ سَلِيْمٍ“ (شعرا: 89). يعني ڪوبه الله جو نور نٿو ڏسي سگهي سواءِ ان جي جيڪو پاڪ دل وارو آهي، ڇو ته ڪوبه عمل توهان رڳو هٿن سان نٿا ڪريو، پر پنهنجي دل ۾ سوچيو ۽ محسوس ڪريو ٿا.جڏهن توهان جو من گندو آهي ته ظاهري عمل بيڪار آهن. اهو ڏيکاري ٿو ته حضرت عيسيٰ " مطابق جڏهن انسان ۾ اندر روشني پيدا ٿئي ٿي ته پوءِ هو ڪنهن اهميت جو ٿئي ٿو. هن جو جسماني ظاهري عمل غلط ٿي سگهي ٿو. جيستائين انسان پنهنجا خيال پاڪ نٿو ڪري ته هو ناپاڪ آهي. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته انسان ڪيترين ئي شين جو ٺهيل آهي. هو مختلف ۽ مشڪل سطحن تي اڳتي وڌي رهيو آهي، هو فقط جسماني سطح تي مقيد ناهي، بلڪه هن جي اندر ۾ هڪ نئون انسان جُڙي رهيو آهي، جنهن کي ذهني انسان چئون ٿا. اهو آهي حضرت موسيٰ " ۽ حضرت عيسيٰ " جي پيغام جو نچوڙ ۽ فرق.

اسان حضور ڪريم ﷺ جن جي باري ۾ هتي ڪيترائي دفعا ڳالهايو آهي. اسان ان کي اڃا اڳتي وڌائينداسين، جيڪڏهن زنده رهياسين. اسلام ۾ نيت تمام اهم شيءِ آهي. حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو ته: ”انما الاعمال باالنيات“. عملن جو دارومدار نيتن تي آهي ۽ نيت جي پاڪائي ضروري آهي.  سوچ ۽ عمل بعد ۾ اچن ٿا. تنهن ڪري اسان وٽ جسماني ۽ ذهني انسان سان گڏوگڏ ٽيون انسان به آهي. هاڻي اچو ته ڪجهه وقت لاءِ انهن انسانن جي باري ۾ حيران نه ٿيون، جيڪڏهن ڪو اسان مان پيٽ جو پوڄاري آهي ته اُن جو ڌيان ڪريو ۽ پاڻ تي فخر نه ڪريو ته توهان ذهني ماڻهو آهيو ۽ توهان کي ذهن آهي. جڏهن توهان ذهني سجاڳي محسوس نٿا ڪريو ۽ فقط توهان اهو محسوس نٿا ڪريو ته ماءُ جي پيٽ ۾ ننڍڙو ٻار چري پُري ٿو سگهي پوءِ توهان ڇا چوندا. اُن جو ڪو جواب توهان وٽ آهي؟ ڇهن مهينن کان پوءِ ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ چرڻ شروع ڪري ٿو. ڇا اهو ائين ڪونهي! پر توهان ۾ ذهن جي ڪابه سجاڳي ڪونه آئي آهي. اهو توهان لاءِ بهتر آهي ته چئو ته اسان کي ذهن ڪونهي. توهان جو ٻاراڻو ذهن به اڃا تائين توهان ۾ ڪونهي، اهو خوراڪ نٿو گهري. اهو توهان کي ڪڪ نٿو ڪري ۽ تڪليف نٿو ڏي. توهان سوچ لاءِ ڪوبه توجهه ڪونه ٿا ڏيو. خراب خيال آيو ۽ ويو. توهان ان تي ڌيان ڪونه ڏنو، ڇو ته توهان جو ذهن اڃا زنده ڪونه آهي. اهو تحرڪ ۾ ڪونهي، اهو اڃا پيدا ئي ڪونه ٿيو آهي. پنهنجو پاڻ کي ڏسو ته توهان ڇا آهيو. توهان اڃا تائين حيوان آهيو. توهان جو ذهن فقط پئسن جي سوچ رکي ٿو ته ڪيئن پيٽ ڀرجي. ڪو عمدو خيال ڪونه ٿو اچي.

توهان اڃا تائين ان سطح تي به ڪونه پهتا آهيو، جتي حضرت عيسيٰ " توهان کي وٺي وڃڻ چاهيو ٿي. توهان اڃا سوچ رکندڙ انسان ڪونه ٿيا آهيو. سوچ وارو انسان توهان ۾ ڪونهي. جسماني انسان ۽ جسماني ضرورتون توهان سان گڏ آهن، جيڪي توهان کي گهلي وڃن پيون ته جيئن جسماني خواهشون پوريون ٿين. آئون اڄ مٺائي کان سواءِ گوشت جو ٻوڙ کائيندس. اهو ئي توهان سوچيو ٿا. ٻي ڪابه خواهش ڪونهي ته مون کي ڪا بهتر شيءِ گهرجي. آئون ڪا شيءِ معلوم ڪريان مون کي معلوم هئڻ گهرجي ته آئون ڪٿي آهيان. آئون هتي ڪيئن آيو آهيان. ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان. منهنجا سڀ خيال پاڪ هئڻ گهرجن، صاف ۽ اڳي کان عمدا. آئون ان ڳالهه جي قابل ٿي وڃان ۽ پنهنجو پاڻ کي چوان ته مون اڄ سٺو سوچيو آهي. منهنجو ذهن صاف آهي. مون ڪنهن جي باري ۾ خراب نه سوچيو ۽ ڪنهن کي به گارگند ڪونه ڏني. مون ڪنهن کي به مارڻ جو ڪونه سوچيو. اهو تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن آئون محسوس ڪريان ٿو ته منهنجو ذهن وجود ۾ آيو آهي ۽ سجاڳ آهي. اهڙي طرح اڳتي وڌجي ٿو. نباتاتي مرحلي کان حيواني مرحلي تائين ۽ اُن کان پوءِ انسان تائين پهرين حيوان پوءِ ذهني انسان ۽ آخر ۾ روحاني انسان، جتي توهان جي مرضي ۽ نيت نتيجي خيز هوندي. اهو مقدر آهي، جيڪو هتي هئڻ گهرجي. اسان کي اهو ٻين جي زندگيءَ مان حاصل ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن پنهنجي اندر مان نٿو حاصل ڪري سگهجي.  توهان آفاقي مقدر کي روڪي نٿا سگهو، جيڪو الله تعاليٰ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪوبه شخص اُن کي تبديل نٿو ڪري سگهي، پر جيئن مون پهرين چيو ته اسان لاءِ بهتر آهي ته اسين پاڻ مطالعو ڪريون ۽ ڏسون ته اسان ڪيترو اڳتي وڌيا آهيون. اسان مان ڪن اڃا تائين شايد ترقي ڪونه ڪئي آهي ۽ اسان جانورن جي ٻچن وانگر فقط هڏيءَ تي وڙهي رهيا آهيون. پر اسان مان ڪي شايد اُن حيواني مرحلي مان نڪري چڪا آهن ۽ هڏن تي وڙهڻ پسند نٿا ڪن.

جرمن فيلسوف شوپنهار (Shaupenhaur) کان هڪ سوال پڇيو ويو. هن جواب ۾ چيو ته آئون ٻيو ڪو ڪم نٿو ڪرڻ چاهيان. مون کي زندگي ڏاڍي نازڪ ۽ مشڪل نظر اچي ٿي ۽ آئون اُن تي سوچڻ پسند ڪندس. تنهن ڪري هو زندگيءَ تي سوچڻ ۾ مصروف رهيو. ايتريقدر جو هن پئسن ڪمائڻ ۽ کاڌي لاءِ ڪجهه ڪونه ڪيو. اهڙي طرح هڪ ٻوڌي ڀڪشو جيڪو گيڙو لباس ۾ هو ۽ پنهنجو ڪستو کڻي هلي رهيو هو، جنهن ۾ ڪجهه پيل هو، پر جڏهن هن ٿورو سوچيو ۽ دل ۾ چيو ته جيڪو ڪجهه اُن ۾ آهي، اُن کي ڦٽي ڪر. مون کي سڄو ڏينهن پيٽ ڀرڻ جي تلاش جي مقابلي ۾ وڌيڪ اهم ڪم ڪرڻو آهي. تنهن ڪري انسان کي ويهي سوچڻ گهرجي ته ڪيئن شيون هڪ مرحلي کان ٻئي مرحلي ڏانهن وڌن ٿيون. جيترو جلد معلوم ڪبو اوترو بهتر آهي. هاڻي  اسين هيءَ آيت پڙهون ٿا:

فَذَكِّرْ اِنْ نَّفَعَتِ الذِّكْرٰى

ترجمو: اُنهن کي يادگيري ڏياريو جيڪڏهن يادگيري فائدو ڏي.

مطلب بدنصيب يادگيري نٿا چاهين ڇو ته اهي ڪابه نصيحت ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهن، پر جيڪي الله تعاليٰ کان ڊڄن ٿا، اهي ذڪر جي حڪمت کي سٺو سمجهن ٿا. حقيقت ۾ ذڪر شعور جو مڪمل حصو آهي. اهو ذڪر ئي آهي، جيڪو شعور کي صحيح مقام ڏياري ٿو ته جيئن شعور بي نور ٿي گم نه ٿي وڃي. جيڪو اسان پاڻ کي پاڪ رکندي حاصل ڪيو آهي. اهو گم نه ٿي وڃي. جيئن رات ڏينهن جي روشنيءَ کي ڍڪيو ڇڏي ۽ قرآن شريف فرمائي ٿو ته اونداهي اچي ٿي ۽ غالب ٿي وڃي ٿي. شعور ختم ٿي وڃي ٿو، تنهن ڪري شعور کي برقرار رکڻ ۽ شعور کي اڳتي وڌائڻ انسان جي زندگيءَ جو اهم مقصد هئڻ گهرجي. انسان تڏهن انسان ٿي سگهي ٿو، جڏهن هو فقط پنهنجي شعور ۾ واڌارو آڻي ٿو. ٻيءَ حالت ۾ هو ڪابه شيءِ نه آهي. ان ڪري جڏهن ڪا شيءِ توهان کي يادگيري ڏياري ٿي ته پوءِ توهان ان منظر کي نه وڃايو، پنهنجو حواس نه وڃايو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڪنڌ نه ڦيرايو، سڌا ٿي هلو، انهيءَ کي ’ذڪر‘ چئبو آهي.

’ذڪر‘ مان هروڀرو اها مراد نه آهي ته لفظن کي وري وري ورجائجي. اهو هڪ فن جو طريقو يا اٽڪل آهي ته پاڻ کي ڪيئن يادگيري ڏيارجي. پاڻ کي هوشيار ڪرڻ جا هزارها طريقا آهن ۽ جيڪو به طريقو اسان کي هوشيارڪري ٿو، اهو ذڪر آهي. اسان کي خبر آهي ته مسلمان ٻن شين کي گهڻي مذهبي اهميت ڏين ٿا، اهي آهن ذڪر ۽ فڪر، يعني سوچڻ ۽ مسلسل يادگيري ڪرڻ ته جيئن رستو وڃائجي نه وڃي. توهان ان جي جيڪا به معنيٰ ڪئي آهي، اهو توهان جو معاملو آهي، پر ان لفظ جي حقيقي معنيٰ اها آهي ته ذهن کي سنئين راهه تي رکو ۽ حواسن، خواهشن ۽ سڀئي حيواني شيون جيڪي توهان پوئتي ڇڏيون آهن. اهي اڃا تائين غير شعوري طور توهان جي ذهن تي سوار آهن، انهن کان پاڻ ڇڏايو.

هڪ محترم پڇيو ته ”خناس“ لفظ جي معنيٰ ڇا آهي، جيڪو قرآن جي آخري سورة ۾ آهي، مون چيو ته ”خناس“ معنيٰ انسان جو غير شعوري ذهن، جيڪو حقيقتن کان واقف نه هجي ۽ هر قسم جا مشورا ۽ هر طريقي جا وهم هن جي دماغ ۾ هجن ۽ ذهن کان اهڙا ڪم ڪرائين، جن جي ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي. اها غير شعوري يا لاشعوري ذهن جي ڪيفيت آهي، جيڪا گهڻي وقت کان وٺي انسان ۾ ڪم ڪري پئي، جنهن بابت هن اڃا شعور حاصل نه ڪيو آهي. توهان مان هر ڪو ويهين صديءَ ۾ غير شعوري ذهن بابت سوين ڪتاب پڙهي سگهي ٿو. اهو غير شعوري ذهن هڪ اهڙي قوت آهي، جيڪو انسان کي ماضي واري زندگيءَ ڏانهن ڌڪي وٺي وڃي ٿو ۽ نٿو چاهي ته هو سڌي ترقي واري رستي تي هلي.

حضرت عيسيٰ " فرمائي ٿو ته جڏهن توهان پنهنجو هڪ ڪلهو هر جي پاڃاري ۾ وڌو آهي ته پوءِ هيڏانهن هوڏانهن نه ڏسو. لطيف اُن کي هيٺين خوبصورت سٽن ۾ سمائي چوي ٿو:

رات سهائي ڀونءِ سنئين، پٽئين وڏو پنڌ،

هلندين حبيبن ڏي، ڪرها موڙ مَ ڪنڌ،

ٻنڌڻ سوئي ٻنڌ، جو پهچائي پرين کي.

هڪ دفعو  جڏهن توهان صحيح رستي تي قدم رکيو آهي ۽ هلڻ شروع ڪيو آهي ته پوءِ چوڌاري نه ڏسو. صحيح رستي کي نظر کان گم نه ڪريو ۽ شعور نه وڃايو. جتي توهان اڳي ئي پهچي ويا آهيو اهو ’ذڪر‘ ئي آهي، جيڪو مسلسل توهان کي ياد ڏياريندو رهي ٿو ته توهان ڪٿي آهيو ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو. چوڌاري ۽ پوئتي مڙي نه ڏسو.

اڄ توهان پنهنجو ذهن تيار ڪيو آهي ته آئون اهو عمل وري نه ڪندس ۽ ٻئي ڏينهن اهو ورجايو ٿا. اڄ مون پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ڳالهايو. آئون چوان ٿو ته سڀاڻي ائين نه ٿيندو، پر ٻئي منٽ ۾ ائين ٿئي ٿو. مون هي جرم ڪيو آهي، اهو وري نه ڪندس. پر ٻئي ڏينهن وري توهان ڪريو ٿا. تنهن ڪري ذڪر ضروري آهي ته توهان کي خبردار ڪندو رهي ۽ صحيح رستي تي هلائيندو رهي. اهو توهان جي مدد ڪري ٿو ته ان عمل کي نه ورجايو، جنهن جي ڪرڻ کان توهان کي نفرت آهي. توهان نٿا ڪرڻ چاهيو، پر ڪا شيءِ توهان  کي ان ڪرڻ تي آماده ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ٿي. تنهن ڪري ان خناس تي توهان کي ضابطو ڪرڻو آهي.

تنهن ڪري دوستو! توهان کي جسم ۽ ذهن جي هر چرپر تي ضابطو رکڻو آهي، توهان کي اُن ڳالهه جي خاطري ڪرڻي آهي ته اهڙو ڪوبه خيال توهان جي ذهن ۾ نه اچي، جيڪو توهان جي ضابطي ۾ نه هجي، جيڪو توهان سوچڻ نٿا چاهيواهو توهان جي سوچ ۾ نه اچي ۽ ڪو به ناپاڪ خيال توهان جي ذهن مان نه گذري. تنهن ڪري پاڻ کي ضرور درست رکو، جيڪڏهن توهان پاڻ کي پاڪ رکڻ چاهيو ٿا.

قَدْ اَفْلَحَ مَنْ تَزَكّٰى..... اليٰ آخر  صُحُفِ اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى

ترجمو: ”يقيناً اُهو ڪامياب ٿيندو، جيڪو پاڪائي ۾ پرورش ڪري ٿو. الله جو نالو ياد ڪري ٿو ۽ دل سان عبادت ڪري ٿو، پر توهان هن دنيا جي زندگيءَ کي ترجيح ڏيو ٿا. جيتوڻيڪ ايندڙ زندگي بهتر ۽ دائمي آهي. ائين اڳين نبين حضرت موسيٰ " ۽ حضرت عيسيٰ " جي صحيفن ۾ به لکيل آهي.“

اهو ئي پيغام آهي توهان ان تي توجهه ڏيو. ڪوشش ڪري پاڻ کي پاڪ ڪريو ۽ پاڪائي معنيٰ پنهنجي سوچ تي ضابطو رکڻ. ڪوشش ڪري پاڻ کي تپاسيو ته اهو مخصوص عمل توهان ڇو ڪيو ۽ اهڙو خيال ڇو آيو. جڏهن اُن نُڪتي تي توهان پهچو ٿا ته مسلمان آهيو. پاڻ کي مسلمان سڏائڻ مان مراد آهي ته قرآن جو پيغام توهان تائين پهچي چڪو آهي ۽ هاڻي ٻيو ڪجهه به نه کپي. ڪوبه مسلمان حضور ڪريم ﷺ جو پوئلڳ نٿو ٿي سگهي، جيستائين هو الله جي رسول جي مڪمل اطاعت ۽ تابعداري نٿو ڪري. ”اهو شخص جيڪو هيئن ڪري ٿو ۽ هونئن سوچي ٿو اهو اسان مان ڪونهي.“ انهيءَ مان مراد ڇا آهي؟ پاڻ ڪريم ﷺ جن چند ماڻهو پنهنجي چوڌاري ڪيئن گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. پاڻ مديني وڃڻ لاءِ مديني وارن سان ڪيئن معاهدو ڪيائون. شرط فقط اهو هو ته هيئن ۽ هونئن نه ڪجو. جيڪڏهن اسان جي جماعت ۾ شامل ٿيڻ چاهيو ٿا ته هي سڀ ڳالهيون ڇڏڻيون پونديون. ٻيءَ حالت ۾ اسان جي جماعت ۾ شامل ٿيڻ جو ڪوبه رستو ڪونهي ۽ توهان اسان مان نه آهيو. اهو بار بار فرمايو ۽ ٻڌايو ويو ته جيڪو شخص هي عمل ڪندو اهو اسان مان نه آهي.

حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو ته: ”منهنجا امتي غلط ڪم ۾ شامل نه ٿيندا.“ اهو توهان تي لازم آهي ته اڪثريت جي راءِ تي عمل ڪريو، پر ڏسو ته ”صراط المستقيم“ تي آهن. جيڪڏهن توهان رستو وڃائي ويٺا آهيو ته اُنهن جي پوئلڳي ڪريو. اُنهن جي هرگز تابعداري نه ڪريو، جيڪي چون ٿا ته اسان اطاعت ڪريون ٿا، پر حقيقت ۾ ڪونه ٿا ڪن. اهڙا ماڻهو فقط پاڻ ٿا پڏائين.

توهان کي سمجهڻ کپي ته نباتات کان پهرين جانور ڪونه هئا. پهرين نباتات کي اچڻو هو ۽ نباتاتي زندگي گذارڻي هئي. اهڙي طرح جانورن واري زندگي اچڻي هئي، ساڳي طرح جانورن کان اڳ انسان ڪونه هئا. تنهن ڪري اڳتي واڌ قدم بقدم ۽ مرحليوار طي ٿي آهي. توهان کي اُن جي پوئواري ڪرڻي آهي. پهرين هٿن کي خراب ڪمن کان بچايو پوءِ ذهن کي برائيءَ کان بچايو ۽ پوءِ دل کي برائيءَ کان بچايو ۽ پوءِ دل کي پري رکو. جڏهن توهان پاڻ کي برائي کان پري رکي نٿا سگهو ته ويچاري دل ڇا ڪندي. توهان جا هٿ گندا آهن، مڪمل خون آلود آهن ته پوءِ پنهنجي سوچ تي ضابطو نٿا ڪري سگهو. توهان پنهنجي اعمالن تي ضابطو نٿا ڪري سگهو. توهان انسانن کي ماريو ٿا. جيڪو شخص ماڻهو ماري ٿو، اُن لاءِ حضرت عيسيٰ " جي پيغام ۽ تبليغ جو  ڪهڙو فائدو! جڏهن ڪاوڙ ان حد تائين پهتل آهي جو توهان  پٿر کڻي ماڻهوءَ جي مغز ۾ هڻو ٿا. توهان پاڻمرادو ذهن ۾ سوچيو ته اها سوچ گندي هئي.

توهان کي پنهنجي نيت کانسواءِ خواهشن ۽ ارادن تي ضابطو رکڻ گهرجي. تسلي ڪريو ته توهان جو ذهن پاڪ آهي ۽ ناپاڪيءَ لاءِ نٿو سوچي، پر ان منزل تي ڪيئن پهچندا. جڏهن توهان پنهنجي خيالن تي ضابطي ڪرڻ جي اهل نه ٿيا آهيو ته پوءِ اُن جو ڪهڙو فائدو ته پنهنجي مرضيءَ ۽ خواهش جي پاڪائيءَ جو سوچجي.

اهو سڀ ڪجهه بتدريج ٿئي ٿو ۽ توهان قرآن جي اطاعت فقط تڏهن ڪري سگهو ٿا، جڏهن اهي منزلون طئي ڪري چڪا هوندا. جڏهن هڪ آڱر جي چرپر به ان مرضيءَ سان ٿئي ٿي. انهيءَ منزل تي اسين ڪيئن پهچي سگهون ٿا. قرآن شريف مؤمن تي اهي ڳالهيون واضح ڪري ٿو ۽ فرمائي ٿو: فَلَا تَمُوْتُنَّ اِلَّا وَاَنْتُمْ مُّسْلِمُوْنَ“ (132:2) توهان جيڪي ايمان آڻيو ٿا. مسلمان ٿيڻ کان اڳ ۾ نه مرو. هاڻي اُن جي معنيٰ ڇا آهي؟ اُن جي اها معنيٰ آهي ته اسان ايمان آندو آهي ته هي عمل ڪرڻا آهن.هاڻي تيستائين مرڻو ڪونهي، جيستائين اُنهن کي حاصل نه ڪيو وڃي. سو مهرباني ڪري پنهنجي منزل ڏانهن تيزي ڪريو. اهو حاصل ڪريو، جنهن تي توهان ايمان آندو آهي. اها ضرورت آهي، جيڪو مڃي ٿو ته الله تعاليٰ موجود آهي. هيءَ ارتقا آهي ۽ پاڻ کي پاڪ رکڻ لاءِ توبهه ضروري آهي. موت کان اڳ منزل تي پهچڻو آهي. اهو ئي مسلمان آهي. تنهنڪري ايمان آڻيندڙن کي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته مسلمان ٿيڻ کان اڳ ۾ نه مرو. توهان کي الله تعاليٰ جي مرضيءَ موجب هلڻو آهي. توهان کي اهو تسليم ڪرڻو آهي ته اها الله جي مرضي آهي. اها مون کي ضرور ڪرڻ گهرجي. مون کي ٻيو ڪو به اختيار نه آهي. پاڻ کي پابند بنايو ته اهو خود بخود ڪرڻو آهي. ڇو ته غير شعوري طور ڪرڻو نه آهي. ان کي نيت چئجي ٿو.  هڪ شخص سفر تي  وڃي ٿو. الڪتاب فرمائي ٿو ته ڇا توهان نيت ڪئي آهي؟ اُن تي سوچيو آهي ته سفر ڇو پيا ڪريو ۽ ان سفر جو مقصد ڇا آهي؟ اهو سڀ ڪجهه توهان کي سوچڻو آهي، اهو ئي مون چوڻ چاهيو ٿي. توهان جي مهرباني. توهان تي الله جي رحمت هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org