سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي

باب:

صفحو:23 

[  38  ]

انساني حقن جو ڏهاڙو

]علامه صاحب هيءَ تقرير 13- ڊسمبر 1957ع تي حيدرآباد ۾ ڪئي[

خواتين و حضرات، توهان هينئر انساني حقن بابت مسٽر نيازالحق کي ٻڌي رهيا هئا. هن ان موضوع تي تاريخي لحاظ سان روشني وڌي ۽ اسان کي مفيد ڄاڻ فراهم ڪئي. اڄ شام جو هتي اچڻ کان اڳ مون لغت جي ڪتاب ۾ ان لفظ ’حق‘ (Right) جي معنيٰ پئي ڏٺي ۽ اها هئي سچ، صحيح، برابر يا جيڪي هجڻ کپي ۽ غلط جي مخالف آهي. ان لحاظ سان اسين چوندا آهيون هي صحيح ثابت آهي جيڪا ائين هجڻ کپي ۽ ٻيءَ طرح نه هجڻ گهرجي. عام طور اسين ان لفظ کي ان طرح استعمال ڪندا آهيون.

اسان انهيءَ مفهوم ۾ ان لفظ جو ترجمو ’حق‘ ۽ ان جو جمع ’حقوق‘ ڪم آڻيون ٿا. ليڪن ’حق‘ جو لغوي مفهوم آهي ته توهان سچ چئي رهيا آهيو، توهان حق جي ڳالهه ڪريو ٿا جيڪا انصاف تي مبني آهي، پر ان ۾ اهو مطلب جيڪو لفظ (Privilege) يعني دعويٰ يا لهني ۾ سمايل آهي، هرگز ڪونهي گويا جيڪو منهنجو استحقاق ٿئي ٿو. اهو ان لفظ جو جديد استعمال آهي، جنهن ۾ هڪ ماڻهو جيڪو ٻئي ڏانهن واجب سمجهي ٿو يا جيڪي هن کي هُن لاءِ ڪرڻ گهرجي سمايل آهي اهو ان لفظ جو گهڻو پوءِ جو استعمال آهي جيڪو ٻن يا ٽن صدين کان نظر اچي ٿو. هونئن حق لفظ جي معنيٰ هئي جيڪي ڪجھه هجڻ کپي ۽ جيڪي صحيح آهي. بهرحال حق ان خصوصي معنيٰ ۾ گهڻو پوءِ استعمال هيٺ آيو ۽ ان ڪري وڌيڪ تحقيق جو مستحق آهي. حق جو اهو مطلب ته اهو منهنجو استحقاق آهي يا آءُ ان رعايت جو مستحق آهيان شروع ۾ ڪو نه هو. انگريزي ادب ۾ ان خصوصي مفهوم ۾ ان لفظ جو استعمال نٿو ملي. بلڪه سنڌي، عربي، فارسي ادب ۾ به اهو لفظ ان خاص مفهوم ۾ نٿو ملي. بلڪه اهو ان انگريزي لفظ (Right) جنهن مان (Righteousness) نڪتل آهي ۽ ان جو مطلب صحيح، سچو ۽ کرو يا کرائپ آهي. جي مفهوم ۾ استعمال ٿيندو رهيو آهي. ان ڪري چئبو آهي هي ماڻهو صحيح آهي ۽ هي ماڻهو غلط آهي. يا هو صحيح ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ هو غلط ڳالهه ڪري رهيو آهي. ان لفظ جو تاريخي استعمال اهو ئي رهيو آهي.

غريب ماڻهوءَ جو ڪو حق ڪو نه هوندو هو ۽ سمجھيو ويندو هو ته غريب کي ڄائي ڄم کان ڪوئي حق ڪونهي. بس هو هن دنيا ۾ اتفاقي اچي ويو هو. هو ڪهڙو حق کڻي هن دنيا ۾ آيو هو؟ عام طور چوندا هئا هن جو اچڻ ئي اجايو هو. هو روئيندو ئي آيو هو؟ ڇا هو دنيا ۾ خوشيءَ سان آيو هو! اڄ به جڏهن اسين نئين ڄاول ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌندا آهيون ته سمجھندا آهيون ته ويچاري عورت جي جان خلاصي ٿي. ان صورتحال ۾ غريب جو ٻار پيدا ٿئي ٿو، جيڪو ٻين جي هٿن ۾ وڌي وڏو ٿئي ٿو يا ڪجھه نه ڪجھه پڙهي پوي ٿو. هاڻي ٻڌايو ته ان غريب جو ڪهڙو حق ٿيو؟ هن ٻن ٽنگن واري جانور جو ڪهڙو حق آهي!!

هينئر توهان کي مسٽر نيازالحق فرينچ انقلاب جي تاريخ بابت گهڻو ڪجھه ٻڌايو ۽ پين نالي انقلابيءَ جي ڪتاب جنهن ’انساني حقوق‘ متعلق ڪتاب لکيو ان جو تذڪرو ڪيو. هتي اسان کي فرينچ انقلابين بابت ضرور خبر هئڻ کپي ته اهي ڪير هئا. انهن آخر اهو حق جو تصور جيڪو بادشاهه جي خلاف حاصل ڪيو جنهن جو مطلب هو ته هڪ عام آدميءَ جو به بادشاهه طرف ڪجھه لهڻو هو جنهن جي هو دعويٰ ڪري سگهيو ٿي ۽ حق جو اهو تصور ان معنيٰ ۾ ان کان اڳ وٽن مفقود هو.

منهنجا دوستؤ، ڀائرو، شاگردؤ، آءُ هينئر اصل حقيقت ڏانهن واپس اچان ٿو، يعني انهيءَ سرچشمي يا ماخذ جو نالو وٺان ٿو، جيڪو آءُ بار بار دهرائيندو رهيو آهيان، جنهن جو نالو ٻڌي توهان ٿڪجي پيا هوندا. پر آءُ ان نالي سان بيحد پيار ڪريان ٿو ڇو ته منهنجي حياتيءَ لاءِ اهو نالو ’آبِ حيات‘ آهي. آءُ اهو نالو ڳنهندي ڪڏهن به ڪو نه ٿو ٿڪجان ۽ اهو آهي محمّد ﷺ بلڪه ان شخصيت جو ذڪر سامعين حضرات جي سامهون ايترا دفعا ڪيو آهي جو هو چئي سگهن ٿا ته مون وٽ ٻيو نالو ڪونهي يا مون کي ٻي ڪنهن جي خبر ئي ڪونهي. هائو، ٻڌي ڇڏيو. مون وٽ ڪو اسٽالن، ڪو روسو، ڪو والٽيئر وغيره ڪونهي. ائين سمجھو ته آءُ انهيءَ نالي وٺڻ تي مجبور آهيان. منهنجو ان شخصيت کان سواءِ گذارو نٿو ٿئي. آءُ سچ ٻڌائڻ تي مجبور آهيان. ڀلا آءُ ڇو تاريخ کي مسخ ڪريان ۽ ڪوڙ ڳالهيان جيئن منهنجا پيارا انگريز ۽ جرمن دوست ڪندا رهيا آهن؟!

انهيءَ ڪري آءُ تيرهن سؤ سال پوئتي هليو وڃان ٿو ۽ ڏسان ٿو ته هو ئي انهن سڀني ۾ تمام وڏي ۽ عظيم شخصيت آهي. انهيءَ عظيم انسان جڏهن سندس هن دنيا مان وڃڻ جو وقت قريب آيو ته حجة الوداع يعني موڪلاڻيءَ واري اجتماع جي موقعي تي خطاب ڪيو هو. انهيءَ ڏهاڙي هن اهو خطاب مسلمانن ۽ غير مسلمانن سان ڪو نه ڪيو هو. بلڪه انهيءَ ڏينهن هن جو مخاطب ’انسان‘ هو ۽ کين چيو هو ته توهان جو خون هڪ ٻئي تي حرام آهي. تنهن ڪري هڪ ٻئي کي قتل نه ڪريو. توهان جي ملڪيت هڪ ٻئي لاءِ امانت آهي تنهن ڪري هڪ ٻئي جي مال تي زبردستي قبضو نه ڪريو. توهان جي عزت هڪ ٻئي لاءِ مقدس آهي تنهن ڪري هڪ ٻئي جي عزت ڪريو ۽ اجايا الزام نه هڻو. سڀ انسان برابر آهن، پوءِ انهن ۾ ڪو اڇوآهي يا ڪارو يا وچٿرو. يعني عربيءَ کي عجميءَ تي ڪا فضيلت ڪونهي سواءِ تقويٰ يعني جيڪو چڱا ڪم ڪري ٿو. هن عظيم شخصيت پنهنجي سڀني پوئلڳن کي اها ئي هدايت ڪئي هئي!

البت ڪجھه صدين بعد جڏهن ڪافي عجمي ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿي چڪا هئا ته عربن هنن سان صحيح رويو اختيار نه ڪيو. هنن چيو اسين قريش آهيون ۽ اسان خون جي لحاظ کان وڌيڪ معزز آهيون. محمّد ﷺ قريش مان هو. تنهن ڪري اسلام به اسان جو آهي. توهان ڪير ٿيندا آهيون. مطلب هر شيءِ اسان جي آهي ۽ اسين معتبر آهيون. توهان کي ته اسان فتح ڪري چڪا آهيون ۽ توهان جي ثانوي حيثيت آهي. اها هئي شعوبيت يا قبائليت! بلڪه ڪڏهن ته اهو به چيو ويو ته غير عرب مسلمان ئي ڪو نه هئا!

انهن جي جواب ۾ عجمين چيو ڇا توهان نبي سڳوري جا اهي الفاظ وساري چڪا آهيو جڏهن هن چيو هو.

ڪلڪم لآدم و آدم من تراب

توهان سڀ آدم مان آهيو ۽ آدم مٽيءَ مان پيدا ٿيو هو.

توهان سڀ مٽيءَ مان پيدا ڪيا ويا ۽ آدم پاڻ مٽيءَ مان پيدا ڪيو ويو هو. ان صورت ۾ توهان ٻين جي مٿان ذات، قبيلي، رنگ، نسل، مڪان ۽ ملڪ جي ڪري ڪهڙي فضيلت رکو ٿا؟ توهان کي اها مجال ڪيئن ٿي جو ان طرح سوچيو ٿا!

انگريزن وري انهن الفاظن کي پنهنجي خوبصورت انداز ۾ هينئن ادا ڪيو. هنن چيو ”جڏهن آدم کيتي ڪئي ۽ حوا ڪتڻ شروع ڪيو ته ٻنهي ۾ ڪوئي گهٽ وڌ نه رهيو“. هنن کي محمد ﷺ  جن جي اها ڳالهه آئڙي ته آخر هڪڙو ماڻهو شهزادو، ٻيو معتبر ۽ ٽيون فقط خاڪ نشين. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي! مطلب محمّد ﷺ جن جا هي الفاظ جتي ڪٿي ڇانئجي ويا.

ليس العربي عليٰ عجمي فضل الا بالتقويٰ

يعني ڪو به عرب عجميءَ کان اعليٰ يا افضل ڪونهي. البت ٻنهي مان اهو وڌيڪ چڱو آهي جيڪو چڱائي ڪري ٿو.

الله جو ڪتاب اڳيئي اعلان ڪري چڪو هو.

انّ اکرمکم عندالله اتقاکم

يعني الله وٽ بيشڪ اهو ئي وڌيڪ عزت وارو آهي جيڪو پاڻ چڱو ۽ نيڪ آهي.

حاصل مطلب ٿيو ته صرف اهو ماڻهو قابل تعظيم آهي جيڪو ’متقي‘ آهي باقي ذات پات، ڪڙم قبيلي يا نسل سان ڪو به بهتر يا ڀلو ۽ ڍلو ڪو نه ٿو ٿئي. بلڪه جيڪو صحيح سوچ ۽ عمل جو مظاهرو ڪري ٿو، جيڪو خدا جو خوف رکي ٿو ۽ جيڪو باطني طور غلام ڪونهي، اهو ئي ڀلارو ۽ نيڪ آهي.

شاهه لطيف سُر مارئيءَ ۾ ان حقيقت جو هن ريت اظهار ڪيو آهي.

سونهن وڃايم سومرا، ميرو مُنهن ٿيوم،

وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهه حسن ري.

يعني اي سومرا، تون مون کي هن ناپاڪ عمرڪوٽ ۾ وٺي آيو آهين، جنهن ڪري مان پنهنجي سونهن وڃائي ويٺي آهيان. مون کي انهيءَ سونهن کان سواءِ ڪير قبول ڪندو. مطلب اسان مان هر هڪ کي اهڙو سهڻو ٿيڻو پوندو جيئن انسان کي اسان جو مالڪ قبول ڪري. هن کي ڪا ناپاڪ ۽ خراب شيءِ نٿي وڻي بلڪه هن کي پاڪ ۽ سهڻي شيءِ وڻي ٿي. اسان کي هن جي لائق ٿيڻو پوندو تڏهن هو اسان کي قبول ڪندو.

ڇا اسان کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته انساني برابريءَ کي قبول نه ڪرڻ جو ڪهڙو نتيجو نڪتو آهي. اسان چئون ٿا ته جمهوريت عوام جو آواز آهي. اچو ته ڏسون ته جمهوريت جو هڪ وڏو دعويدار نارمن اينسل جنهن دنيا ۾ آزادي نالي سان ڪتاب لکيو آهي، ان ۾ ڇا ٿو لکي. هو پاڻ کي جمهوريت جو پيل پايو سمجھي ٿو. آءُ سندس اصلي الفاظ جيئن جو تيئن هتي پيش ڪري رهيو آهيان.

”هر پهرين جذباتي خيال کي ٻي سڌريل سوچ سان ظاهر ڪرڻ، وري جڏهن ان جو مطلب عوامي آواز هجي، جنهن ۾ تنهنجو ۽ منهنجو آواز به شامل هجي؛ ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن اهو ذهن جي بجاءِ خون سان سلهاڙيل هجي ۽ ان صورت ۾ اهو موتمار آواز ئي هوندو.“

هاڻي اها آهي جمهوريت يعني اهڙو نڪرندڙ آواز جيڪو سڌو سنئون ڪنهن نشاني خاطر هجي. ان صورت ۾ هڪڙو چوندو ته مون کي هيءَ شيءِ کپي ٻيو چوندو ته مون کي وري، هوءَ شيءِ کپي. اهو سڀ ڪجھه خواهش تي مبني هوندو جنهن ۾ ڪا به عقل يا سمجھه واري ڳالهه نه هوندي. سڀئي هڪ قسم جو جبلي يا فطري اظهار ڪندا. ڇا اهڙي آواز کي الاهي آواز چئي سگهبو؟ ڇا اهو آواز ان لائق هوندو جو ان تي ڪو غور ڪجي. ڇو ته توهان صرف پنهنجين خواهشن ۽ گهرجن کي ظاهر ڪري رهيا آهيو. اهڙو آواز ڪنهن جانور جي فطري خواهش کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي حيثيت رکي ٿو.

هڪ قسم جي اسان کي خبر آهي ته ڪُنايه خواهش رکن ٿا. توهان ڇا ٿا سمجھو؟ بلڪه هو به جمهويت ۾ رهن ٿا. پر صرف خواهش رکڻ جو مطلب آواز ناهي حالانڪ اسان جا آواز صرف خواهشون ئي آهن. ان ڪري هر ڪوئي هي به چاهي ٿو هو به چاهي ٿو. ان ڪري جڏهن هن کي توهان اها شيءِ نٿا ڏيو ته هو ڀونڪڻ يا آواز ڪرڻ لڳي ٿو. تاهم هو ڪيتري دير تائين ائين ڪندو ۽ ڪير کيس ٻڌندو. گويا ڪجھه ماڻهن کي ڪن ٻين لاءِ ڪنهن حد تائين رعايت ڪرڻي پوندي. سڀ خواهشون جلد پوريون ڪو نه ٿي سگهنديون ۽ خاص طور جيڪي بلڪل حد کان وڌيل آهن.

ان لحاظ کان جمهوريت جهنگ جو اهڙو آواز بنجي چڪي آهي جنهن ۾ هر قسم جا آواز گڏجي ويا آهن ۽ انهن ۾ روز بروز اضافو ٿيندو وڃي. انهيءَ جو نتيجو آهي جو جمهوريت پسند ڪنهن هڪ ڳالهه تي ٽن ڏينهن لاءِ به متفق نٿا رهن. ڪو وزير مشير ٿيڻ چاهي ٿو ڪو ٻڌي ڇوڙيءَ جو مالڪ بنجڻ گهرجي ٿو. مطلب سڀني کي ڪجھه نه ڪجھه کپي ٿو ۽ ان ڪري مسئلو آهي ته انهن سڀني جي مطالبن کي ڪيئن پورو ڪري سگهبو. وري جڏهن اهي مطالبا پورا نٿا ٿين ته مخالفت جا نعرا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته اسان اڳتي توهان کي ووٽ نه ڏينداسين ڇو ته اسان جا مطالبا پورا نٿا ڪيا وڃن. خدا جي پناهه جيڪڏهن جمهوريت جو اهو ئي مطلب آهي. گويا خواهشن ۽ مطالبن جو هڪ جهنگل آهي ۽ لالچي ماڻهن جو انبوهه آهي جيڪو اهي ڳالهيون ڪري ٿو. اهڙي جمهوريت مان ڪهڙو فائدو بلڪه اها اسان کي ڪنهن ڪم جو نه رهڻ ڏيندي، الٽو آزادي به وڃائينداسين ۽ قانون ۽ قاعدن جو به خاتمو ٿي ويندو.

هاڻي منهنجا ٻچا، منهنجا ڀائرو، ڪجھه وڌيڪ ڌيان ڏئي ٻڌو ته اهي سڀ ڳالهيون ڪتابن ۾ ملن ٿيون جيڪي جمهوريت بابت لکيا ويا آهن. مون توهان کي ٻڌايو ته اهي الفاظ اسان جي پيغمبر ﷺ جن جي وات مبارڪ مان نڪتا آهن. اهي الفاظ هئا جڏهن ٻڌايو ويو ته هي صحيح آهي، هي غلط آهي، هيئن هجڻ کپي ته ڪو ڀاءُ ٻئي ڀاءُ کي قتل نه ڪري، هڪڙو ٻئي جي ملڪيت تي قبضو نه ڪري، بلڪ ٻئي جي ڪنهن ڪم ۾ مداخلت نه ڪري. مسلمانن پيغمبرِ اسلام جي انهيءَ قول کي شاعريءَ جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. هڪ فارسي شاعر انهيءَ سڄي تصور کي عجيب انداز ۾ پيش ڪيو آهي. هو پڇي ٿو ته جنت ڪٿي آهي! جنت ڪنهن کي چئو ٿا؟ اسان سڀني لاءِ جنت جو ڪهڙو مطلب آهي؟

هو پاڻ جواب ڏئي ٿو جنت اهڙي جاءِ اهي جڏهن توهان مون کي منهنجي زندگي منهنجي مرضيءَ مطابق گذارڻ ڏيو. مون کي مڪمل آزادي هجي. بس منهنجي لاءِ اها ئي جنت اهي مون کي اهڙي جنت گهرجي. باقي مون لاءِ ٻيو سڀ ڪجھه سون جو پڃرو آهي. جنت مان مراد اهڙي زندگي آهي.

بهشــــت آنجا کــــه آزاري نباشد

ڪسي را باڪسي ڪاري نباشد

يعني بهشت اهڙي جاءِ هي جتي ڪا تڪليف نه آهي. جتي ڪو به ٻئي ڪنهن جو محتاج ناهي.

اهڙو به ڪو وقت هو جڏهن منهنجو نوڪر ڏينهن رات منهنجي خدمت ڪري خوش ٿيندو هو بلڪ ان کي هو پنهنجي لاءِ جنت برابر سمجھندو هو. ڇا اڄ توهان اهڙي ڪنهن نوڪر جو تصور ڪري سگهو ٿا جيڪو پنهنجي مالڪ جي خدمت کي جنت سمان سمجھندو هجي. هوڏانهن منهنجو نوڪر مون کي چوندو هو، سائين، ڏينهن رات توهان جي حاضريءَ ۾ رهڻ منهنجي لاءِ وڏي خوش نصيبي آهي. يعني اها ئي هن جي جنت هئي.

اها ساڳي ڳالهه مون سان به لاڳو ٿي سگهي ٿي بشرطيڪ مان به ڪنهن اهڙي شخصيت جي قدمن ۾ ويٺل هجان جنهن جي قدم بوسيءَ جو آءُ شرف حاصل ڪرڻ گهران ٿو. تڏهن مان به ائين چوندس، قبلا، مون کي پنهنجي پيرن ۾ ويهڻ جو شرف بخشيو. ڀلا ڪنهن عظيم انسان جي پيرن ۾ ويهڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو شرف ٿي سگهي ٿو. هتي مان توهان کي هڪ تاريخي مثال ڏيان ٿو.

اسان جو پيارو نبي ڪريم ﷺ جن حبشي غلام بلال سان بيحد پيار ڪندا هئا. هڪ ڏينهن پاڻ هن کي سندس يهودي مالڪ هٿان ايذاءُ کائيندي ڏسي ورتائون. پاڻ حضرت ابوبڪر کي چيائون ته وڃ ۽ هن کي آزاد ڪراءِ! اهو نيڪ انسان آهي جنهن کي ڪنهن يهوديءَ کي ايذائڻ جو حق نٿو پهچي. حضرت ابوبڪر پاڻ سان ڪجھه پئسا ۽ هڪ نوجوان غلام گڏ وٺي ان يهوديءَ وٽ ويو ۽ چيائين ته هيءَ پئسا ۽ هي غلام بدلي ۾ وٺ پر هن پوڙهي بلال کي آزاد ڪر. يهودي کلڻ لڳو ۽ چيائين تون ڪو چريو ٿو ڏسجين جو هن بيڪار پوڙهي جي عيوض نوجوان غلام ۽ پئسا پيو آڇين. ٺيڪ آهي وٽ هن پوڙهي کي جيڪو ڪنهن ڪم جو ناهي. جنهن کي آءُ ان ڪري ماري رهيو هوس جو هو ڪو ڪم نٿو ڪري سگهي. هو واقعي ڪنهن ڪم جو نه رهيو آهي. ڀلي هن کي پاڻ سان وٺي وڃ. مون کي نٿو کپي. مون کي اهو سودو قبول آهي!

مولانا رومي پنهنجي جڳ مشهور مثنويءَ ۾ هن واقعي کي بيان ڪندي چوي ٿو، هن لالچي يهوديءَ کي ڪهڙي خبر ته اهو حبشي ڪيترو لهي؟ هو ته ملهه مهانگو هو جيڪو شايد ٻنهي جهانن جي قيمت ۾ به نه ملي! ظاهر آهي ته يهوديءَ کي اها خبر بلڪل ڪو نه هئي.

حضرت ابوبڪر جڏهن حبشي غلام بلال کي پاڻ سڳورن ﷺ جن وٽ وٺي آيو ته پاڻ اُٿي هن کي ڀاڪر ۾ ورتائون. اهو ڏسي حضرت ابوبڪر جي اکين ۾ پاڻي اچيو ويو جو کيس تعجب وٺي ويو ته هن حبشيءَ کي ايترو پيار ۽ عزت ملي رهي هئي. حضرت ابوبڪر جذبات ۾ اچي چوڻ لڳو قبلا، مون هن حبشيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيو. پر هاڻي توهان مون کي پنهنجي غلاميءَ ۾ وٺو. الله جي واسطي مون تي اها مهرباني ڪريو. مون کي اهو اعزاز بخشيو. ڀلا جيڪڏهن آءُ توهان جو غلام نٿو ٿي سگهان ته مون کي ان کان وڌيڪ دنيا ۾ ٻي ڪا عزت نه گهرجي. مطلب اهو ٿيو ته غلامي بذات خود بري ناهي بشرطيڪ توهان کي معلوم هجي ته توهان ڪنهن جا غلام آهيو. اهو ئي سبب آهي جو انسان لاءِ وڏي ۾ وڏو اعزاز ’عبده‘ يعني ٻانهو (الله جو) هجڻ آهي.

آءُ هن کان اڳ به اها ڳالهه ڪري چڪو آهيان ته پاڻ کي نوڪر سڏائڻ جنهن کي آريا لوڪ وڏي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا هئا، ڪو وقت آيو جو ويلس جو انگريز شهزادو پنهنجي لاءِ ’مان توهان جو نوڪر‘ لکڻ اعزاز سمجھڻ لڳو. اڄ ڏينهن تائين ويلس جي حڪمران شهزادن جو اصول حڪمراني جرمن زبان ۾ (Iche dience) آهي. جنهن جي معنيٰ آهي آءُ اوهان جو نوڪر. جرمن زبان ان ڪري جو انگلينڊ جو هينووور خاندان اصل ۾ جرمن نسل سان تعلق رکندڙ هو. ائين لکڻ هو پاڻ لاءِ فخر ۽ اعزاز سمجھندا هئا. توهان کي خبر هجي ته توهان جو ڪتاب قرآن شريف ’عباد الصالحين‘ يعني صالح ٻانها جي لقب کي وڏي ۾ وڏو اعزاز ڪوٺي ٿو. جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ملي سگهي ٿو. واقعي جيڪڏهن هو ’صالح ٻانهو‘  آهي ته هن کي وڌيڪ ڇا گهرجي. هن جي پوري حياتي عبادت واري آهي ۽ جيڪو پنهنجي حياتي ان نموني گذاري اهو ’عابد‘ آهي ۽ ان ڪري ’عباد الصالحين‘ وڏي ۾ وڏو اعزاز آهي. هڪ انسان لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو ته هو ’الله جو ٻانهو‘ آهي ۽ سندس مرضيءَ مطابق زندگي گذاري رهيو آهي ۽ ساڳي وقت نيڪ ۽ متقي آهي. ڇا اهو ماڻهوآزاد ناهي ته ٻيو ڪير آهي؟ دراصل اهڙو ماڻهو ئي اسان ۾ آزاد آهي باقي ٻيا دنيا جا ادنيٰ غلام آهن.

پيغمر اسلام ﷺ جڏهن ’شعوبيه‘ لفظ استعمال ڪيو هو ته ان مان سندن مراد اهو رويو هو جيڪو جاهل عرب غير عرب سان روا رکندو هو، ڇو ته هن عرب جي دماغ تي نسل جو ڀوت سوار هوندو هو. انهيءَ ڪري انهيءَ رويي خلاف بغاوت ٿي ۽ ماڻهن چيو اسان اهو نظريو نٿا قبول ڪريون، اهو اسلام هرگز ڪونهي. نبي ڪريم ﷺ جن پاڻ اهو سبق هرگز ڪو نه ڏنو هو. اسان اهڙي جهالت کي برداشت نه ڪنداسين. اهو ئي پس منظر هو جو اهو لفظ ’شعوبيت‘ خود عربن سان برابريءَ جي معنيٰ ۾ ڪم اچڻ لڳو. بلڪه ان مان صحيح (Right) هجڻ وارو تصور اڀريو جنهن سان هر ڪوئي پاڻ کي برابر سمجهڻ لڳو ۽ ان کي ’حق‘ سمجھڻ لڳو. اهو ان لفظ جو پهريون دفعو استعمال هو جنهن کي ڪجھه ماڻهن انهيءَ مخصوص مفهوم ۾ ڪم آندو هو. وري خاص طور جڏهن اسين چئون ٿا ته جيڪي نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو اهو صحيح ۽ برحق هو ته ان مان اها برابريءَ واري دعويٰ يا حق جو مفهوم اڀريو. بهرحال، انهيءَ حق جو مطلب صحيح يا برابر هجڻ کان وڌيڪ ڪجھه ڪونهي ۽ اهو ئي انصاف جي تقاضا موجب آهي. ان ڪري چيو ويو.

ليس العربي علي عجمي فضل

معنيٰ: عرب کي غير عرب مٿان ڪا وڏائي يا فضليت ڪونهي.

اهو سمجھي ڇڏيو ته انهيءَ وقت کان وٺي اڳتي تاريخ ۾ حق جو اهو مفهوم جنهن سان ڪنهن شخص جي خاص دعويٰ يا لهڻي جو تصور سمايل آهي عام ٿيڻ لڳو. انهيءَ ڪري اڄ اسان چئون ٿا هيءَ منهنجو حق آهي حالانڪ ان جو مطلب ان کان وڌيڪ ناهي ته ’اهو منهنجو صحيح حق (Right Claim) آهي. باقي اهڙو حق جيڪو تسليم نه ڪيو ويو آهي ته، اهو محض دعويٰ ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙي دعويٰ جو ڪو وجود يا ڪو فائدو ڪونهي. حق جي تصور ۾ ان جو صحيح ۽ انصاف تي مبني هجڻ ضروري آهي، تڏهن ته ان کي ’حق‘ چئبو. ان لحاظ کان جڏهن توهان مون کي ڀاءُ سمجھو ٿا ته اهو حق آهي. پر اهو ناحق چئبو جيڪڏهن توهان مون سان ٻانهي يا غلام واري روش اختيار ڪريو ٿا. انهيءَ مفهوم ۾ ’حق‘ ۽ ’ناحق‘ يعني صحيح ۽ غلط جنهن جي پويان انصاف ۽ برابري هجي رائج ٿيو.

هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هر ڪوئي غلام هميشه لاءِ غلط هو. نه، ائين ڪو نه هو. هيءَ تبديل ٿيندڙ دنيا آهي. اهو ڪتاب جنهن اهو مسئلو حل ڪيو توهان جو ڪتاب يعني قرآن آهي. ان ڪتاب هڪ نئون فلسفو ڏنو. اهو ڇا هو؟ ان چيو انسان مٽيءَ مان پيدا ٿيو آهي. وري ٻيو فيصلو صادر ٿيو ته جيتوڻيڪ انسان مٽيءَ مان پيدا ٿيو آهي پر تيستائين هو ڪنهن وڏي عزت جي لائق ڪونهي جيستائين هو پنهنجي انسانيت کي اعليٰ نٿو بنائي. قرآن چوي ٿو انسان لاءِ اهڙو وقت هو جڏهن هو قابل ذڪر يا قابل عزت ڪو نه هو.

هَلْ اَتٰى عَلَي الْاِنْسَانِ حِيْنٌ مِّنَ الدَّهْرِ لَمْ يَكُنْ شَيْـــًٔا مَّذْكُوْرًا. (1:76)

معنيٰ: ڇا انسان تي اهڙو وقت نه گذريو آهي جڏهن هو قابل ذڪر شيءِ ڪو نه هو.

توهان تي اهڙو وقت گذري چڪو آهي پر هينئر اوهين ڇا بنجي چڪا آهيو. توهان پاڻ کي ڪامل سمجھو ٿا. حالانڪ توهان بلڪل ڪامل يا مڪمل نه آهيو. بلڪه توهان جانورن وانگر آهيو ۽ اڳتي هلي ڪامل بنجي سگهو ٿا. ان لاءِ البت توهان کي محنت ۽ جانفشانيءَ سان ڪم ڪرڻو آهي، مطمئن ٿي ويهي رهڻو ناهي، توهان کي پنهنجي انهن حيواني اکين جي جلوه نمائي تي وڏائي نه ڪرڻ گهرجي. اهي اکيون هينئر تمام گهٽ ڏسن ٿيون. اهي گهڻو ڪجھه ڏسي سگهن ٿيون. ان لاءِ گهڻي محنت ۽ جفاڪشي گهربل آهي. ذرا ويڪ محنت، انتظار ۽ صبر ڪريو. جُهد، زهد ۽ تقويٰ تمام اهم قدر آهن جيڪي توهان ۾ هجڻ کپن. انهن جي آڌار تي ئي توهان ترقي ڪري سگهو ٿا ۽ اڳتي قدم وڌائي سگهو ٿا ۽ ڪجھه حاصل ڪري سگهو ٿا.

قرآن چوي ٿو:  لِكُلِّ اَجَلٍ كِتَابٌ (رعد: 38)

يعني هر دور لاءِ هڪ ڪتاب اهي.

هر نئين منزل لاءِ نئين هدايت آهي. اڳتي وڌڻ ۽ تبديلي هڪ هنڌ بيهي رهڻ سان ناممڪن آهن. جڏهن توهان ڪنهن هيٺاهين تي لهڻ شروع ڪندا آهيو ته ٻيو هيٺ لهڻ وارو ماڻهو ئي توهان کي ان بابت ٻڌائي سگهندو آهي. ساڳي ڳالهه مٿي يا چوٽيءَ تي چڙهڻ بابت به لاڳو ٿئي ٿي پوءِ ڀلي توهان هماليه جي چوٽيءَ تي ڇو نه چڙهي رهيا هجو. مطلب توهان جا ساٿي ۽ سونهان ئي توهان کي هيٺ مٿي چڙهڻ يا لهڻ بابت رهنمائي ڪري سگهن ٿا. ان ريت هر وقت يا هر عهد ۾ نيون راهون ۽ نيون ترڪيبون وجود ۾ اچن ٿيون جيڪي ان عهد سان مطابقت رکين ٿيون ۽ جيڪي ان وقت جي ضرورت مطابق هونديون آهن.

انهيءَ پس منظر ۾ جڏهن نبي ڪريم ﷺ جن آيا ته پاڻ چيائون ”پڙهو“. مطلب هو ته هاڻي اهو دور اچي ويو آهي جڏهن کائڻ پيئڻ کان وڌيڪ سوچ سمجھه جي ضرورت آهي. ان ريت گويا هڪ چرندڙ پرندڙ جانور کان وڌيڪ هڪ سوچ سمجھه واري جانور جي وڌيڪ ضرورت هئي. انهيءَ سوچ سمجھه واري زندگيءَ لاءِ هڪ نئين دنيا ۽ نون قاعدن قانونن جي ضرورت هئي جيڪي نئين ڪتاب قرآن ۾ مهيا ڪيا ويا. اهي قاعدا سموري دنيا ٻڌا ۽ پڙهيا. يورپ انهن سڀني تي عمل پيرا ٿيڻ ۾ لڳي ويو. البت خود غرضي، ڪوڙ ۽ جهالت بلڪ ان کان وڌيڪ، سچائي کي نه مڃڻ ۾ سادگيءَ کي اختيار نه ڪندي هنن پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ مسلسل انڪار ڪري رهيا آهن ته اسان توهان کان ڪجھه حاصل نه ڪيو آهي. هو اڃان به چئي رهيا آهن ته هنن قرآن مان ڪجھه نه پرايو آهي. ليڪن اها فقط هوڏ ۽ هٺيلائپ آهي. هنن جيڪي ڪجھه پرايو آهي اهو قرآن مان ورتو آهي. اهو قرآن ئي هو جنهن سڀ کان پهرين اهو اعلان ڪيو ته اڳتي هميشه لاءِ انساني نسل آزاد ۽ خودمختار آهي. ڇو؟ ان ڪري ته هو سوچ سمجھه سان نوازيل آهي. ڇا ان کان پوءِ توهان انسان کي سوچڻ ۽ سمجھڻ کان روڪي سگهيا آهيو!

هيڏانهن اسان وري ملڪن ۾ اهو قانون جوڙي رهيا آهيون ته جيڪو عبادت نه ڪري ته هن کي ڦٽڪا ۽ ڪوڙا هڻو! توهان اهو ڇو وساري ويٺا آهيو ته عبادت فقط اٿڻ ويهڻ تائين محدود ناهي. رڳو اٿ ويهه ته ڪسرت جو نالو آهي. عبادت جو تعلق توهان جي اندر سان آهي بلڪ ان جو واسطو ذهن سان آهي ته پوءِ ڀلا توهان ڪوٽوال بيهاري ماڻهن جي سوچ کي پائبند ڪندا يا انهن جي نيت کي ٻڌي ڇڏيندا. ان ريت صحيح عبادت کي ڪيئن نافذ ڪري سگهبو. ڇا عبادت کي ڪنهن جي اندر ۾ زوريءَ داخل ڪري سگهجي ٿو. هتي اهو قانون واضح ٿيو ته بني نوع انسان سوچ سمجھه واري جنس يا نوع آهي. هن جا خيال آزاد ۽ خودمختار آهن ۽ انهن تي ڪا پابندي نٿي هڻي سگهجي. بلڪ هن کي پنهنجي مرضيءَ موجب سوچ سمجھه جي آزادي ڏيو. اها صحيح ڳالهه هئي جنهن جي صحيح وقت تي خبر پئي. ياد رکوڪو دور اهڙو به هو جڏهن آزادي لاءِ صحيح وقت ڪو نه هو. ان جو مثال اجهو هي آهي ته جيڪڏهن اها آزادي چار هزار سال اڳ ملي ها ته ان سان نسل انساني تباهه ٿي وڃي ها. اهو ان ڪري ڇاڪاڻ ته دنيا ان لاءِ تيار نه هئي ۽ اهو وقت صحيح نه هو. ان وقت شايد غلامي ضروري هئي جيئن توهان کي پروفيسر نياز ٻڌايو ته ارسطوءَ جو اهو خيال هو ته غلاميءَ جو ادارو دنيا جي ضرورت آهي. اڃان وڌيڪ ٻڌو عيسائي ڪليسا ٻارهين صديءَ جي وچ ڌاري اهڙي قانون جي پٺڀرائي ڪئي جنهن موجب دنيا ۾ غلاميءَ جو هجڻ ضروري هو. گويا هنن ارسطوءَ جي سوچ سان اتفاق ٿي ڪيو. هاڻي اهو حال هو انسانيت جو؟

پر اڄ ڏسو هر ڪوئي پيو چوي ته انسان آزاد آهي هو ڪنهن جو غلام ناهي. پر ذرا سوچيو ته اها آزادي ڪيئن آئي ۽ ڇو آئي؟ ان جو ڪهڙو مقصد آهي ۽ اسان کي آزاد ڇو ڪيو ويو آهي؟

جيئن مون اڳ ۾ عرض ڪيو ته اسان هاڻي آزاد آهيون. اسان پنهنجي مرضيءَ سان نه، بلڪ خدا جي مرضيءَ سان پيدا ٿيا آهيون. هاڻي اها خدا جي مرضي آهي جيڪا اسان کي ڪنهن منزل ڏانهن رهنمائي ڪري رهي آهي. ان ڪري اها مدد جيڪا اسان کي ان منزل تي پڄائي، اها ئي درست آهي، باقي سڀ غلط آهي.

هاڻي جيڪڏهن توهان اڃان ’برائي‘ ۽ چڱائي جي باري ۾ پڇو ٿا ته برائي اها آهي جيڪا توهان کي خدا جي راهه کان روڪي ٿي. يا اهو برو ماڻهو آهي جيڪو توهان جي لاءِ ان راهه ۾ رنڊڪ آهي ۽ انسانيت کي ان طرف وڌڻ کان روڪ جو باعث آهي. اهو ئي گنهگار يا پاپي آهي. پر هتي ان رنڊڪ بابت به سوچڻ گهرجي ته رباني راهه ۾ اها ڪهڙي رڪاوٽ آهي. يا اسان ان ڏس ۾ ڪيئن وڌي رهيا آهيون. انهيءَ حقيقت جو فهم گهربل آهي. ان لاءِ انسان جي پوري ڪٿا، جنهن ۾ هن جي مٽيءَ مان تخليق، جانور جي سطح تي پهچڻ ۽ ان کان مٿي اڀرڻ ۽ وري موجوده حالت تي رسڻ ۽ سندس مستقبل شامل آهن.

اسين آخرت جو لفظ ٻڌي کلڻ لڳون ٿا. اسان کي خبر ئي ناهي ته ان جو مطلب اسان جي ارتقا جي اڳين منزل آهي جنهن ۾ اسان کي هر حال ۾ داخل ٿيڻو آهي پوءِ ان کي اسين پسند ڪريون يا نه ڪريون. ان ڪري جيڪو توهان جي ان ارتقا جي راهه ۾ حائل ٿئي ٿو ته اهو ئي ڏوهي آهي. يعني جيڪو مون کي جانور واري سطح کان مٿي نٿو وڌڻ ڏئي، ان کي آءُ ڪيئن ٿو صحيح چئي سگهان. منهنجو اهو حق آهي ته مان اڳتي وڌندو رهان ۽ پنهنجي مالڪ سان ملان. ان لاءِ ظاهر آهي ته مون کي هر وقت هڪ تبديليءَ مان گذرڻو آهي. آءٌ ڪجھه وقت اڳ ساڳيو نه هوس ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ به ساڳيو نه رهندس. مون کي هڪ هنڌ بيهي نه رهڻو آهي. ان ڪري جيڪو مون کي ان راهه ۾ روڪي ٿو يا رنڊڪ بنجي ٿو، اهو گويا زيادتي ڪري ٿو ۽ ان ڪري، آءُ چوان ٿو ته هو غلط ڪري رهيو آهيان. ٻين لفظن ۾ آءُ چوندس ته هو مون کي منهنجو حق نٿو ڏئي يا ان کان محروم ٿو ڪري.

اڄ امريڪا وارن کي ان لفظ حق بابت سمجھڻ ڏيو جيڪڏهن هو ان کان اڳ ان بابت نه سمجھي سگهيا آهن. ڇو ته حق جو اهو ئي مفهوم آهي. ان لحاظ کان جيڪي ڪجھه صحيح آهي، اهو منهنجو حق آهي ۽ جيڪو غلط آهي اهو منهنجو حق ٿي نٿو سگهي. منهنجو حق اهو ئي آهي جيڪو اصلي حق آهي ۽ جيڪو حق ناهي اهو ناحق آهي. اهو قيامت تائين ناحق ئي رهندو. آءُ ڪنهن ناحق جو مطالبو نٿو ڪري سگهان. مطلب حق جي اها ئي وصف آهي ته جيڪي واقعي صحيح ۽ درست آهي، فقط اهو ئي حق ٿي سگهي ٿو.

هاڻي جيڪڏهن توهان مون کان ڪا اهڙي شيءِ گهرو ٿا جيڪا توهان کي نقصان ڏئي سگهي ٿي ته ان جي تقاضا ڪرڻ ڪڏهن به حق نٿو ٿي سگهي. آءُ اهو آخري ماڻهو هوندس جيڪو توهان کي نقصان پهچائڻ جو سوچيندس. بلڪ توهان جي تقاضا جي باوجود مون کي ائين نه ڪرڻ گهرجي. ان جو مثال هينئن ڏئي سگهجي ٿو ته توهان بخار ۾ مبتلا آهيو ۽ بستري تي پيا آهيو بلڪ توهان کي نمونيا ٿي چڪو آهي ۽ توهان برف جي تقاضا ڪريو ٿا. توهان جو اصرار آهي ته برف گهرڻ توهان جو حق آهي ۽ توهان اها ئي گهري رهيا آهيو. ان صورت ۾ آءُ چوندس ته اهو توهان جو حق ناهي. توهان جو ذهني توازن درست ناهي. توهان کي خاموش ٿي بستري ۾ ليٽڻ گهرجي ته جيئن پهريائين توهان جو بخار لهي وڃي. توهان جي ڦڦڙن تي سوڄ آهي. ان صورت ۾ آءُ توهان کي برف ڪيئن ٿو ڏئي سگهان. آءُ توهان کي ڪيئن ٿو نقصان ڏئي سگهان. ان صورت ۾ اهو توهان جو حق نٿو بنجي. پر جيڪڏهن ان جي باوجود تون اصرار ڪندين ۽ ان کي حق سمجھي گهرندين ته آءُ چوندس منهنجي گهران ڇا ٿو وڃي، ڀلي برف کائي پنهنجو انت آڻي ڇڏ. منهنجي نٿو ٻڌين ته نه ٻُڌ. جيڪڏهن تون ان کي حق سمجھين ٿو ته ڀلي منهنجو ڇا وڃي. منهنجا پيارا ٻچؤ، هو ڀلي برف کي حق سمجھي کائي پر اهو هرگز صحيح ڪونهي!

انهيءَ ڪري چئبو ته حق اهو آهي جيڪو اسان کي حق تعاليٰ ڏانهن وٺي وڃي. حق يا صحيح عمل اهو آهي جيڪو اسان کي هن جي قريب ڪري. حق اهو آهي جيڪو اسان کي پنهنجي جانور واري جبلت کان ٻاهر ڪڍي اسان کي صحيح معنيٰ ۾ آزاد انسان بنائي. حق اهو آهي جيڪو اسان کي مٿانهين منزلن ڏانهن وٺي وڃي ۽ اها نظر عطا ڪري جنهن سان اسين هن ڪائنات کان ٻاهر ڏسي سگهون، جڏهن هن ڪائنات کي اسين پاڻيءَ جي هڪ قطري وانگر ڏسون جيڪو توهان جي هٿ جي تريءَ تي رکيل هجي.

توهان منهنجي ان ڳالهه تي اعتبار ڪندا ته آءُ صحيح پيو چوان. باقي هن ڪائنات ۾ صرف ٻن ٽنگن واري جانور وانگر گذارڻ جيڪو صرف کائي پيئي ٿو، کل ڀوڳ ۾ وقت گذاري ٿو ڪا معنيٰ نٿو رکي.

منهنجا دوستؤ، اهو سڀ ڪجھه انسان لاءِ ممڪن آهي، بلڪه جيڪو به آدم جي اولاد ۾ شامل آهي. ڀلا ان صورت ۾ هو ائين ڇو ڪري؟ هو ان جي تقاضا ڇو نه ڪري؟ اهو ئي هر انسان جو ڄائي ڄم کان حق آهي ۽ جيڪو به کيس ان کان ڪنهن ريت روڪي ٿو، اهو وڏي خطا ڪري ٿو. هر انسان کي ان لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. اهو ئي هن جو بنيادي حق آهي ته هو اڳتي قدم وڌائيندو رهي، ترقي ڪندو رهي ۽ رباني راهه تي هلندو رهي. هو ياد رکي ته آءُ مٽيءَ مان خلقيو ويو آهيان، ٻوٽي جهڙي زندگي کان اڳتي وڌي حيواني نوع ۾ داخل ٿيو آهيان. لهذا آءُ ڪنهن هڪ هنڌ بيهي ڪو نه ٿو سگهان. مون کي هر حال ۾ تڪڙو ۽ تيز هلڻو آهي. مون کي ڪو به روڪي نٿو سگهي.

منهنجا پيارا ٻچؤ، اسان جا سڀئي حق ان ريت وسيع آزمائشي انڊلٺ وانگر آهن. باقي پنهنجي ليکي اهي موجود ڪو نه آهن. ان ڪري منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن اسان جا يورپي، چيني ۽ روسي دوست هن معاملي ۾ تڪڙ سان نه ڳالهائن ته بهتر! اهي وڏي مونجھاري جو شڪار آهن جنهن جو خاتمو ڏاڍو مشڪل آهي. حقن جو مثال ائين آهي جيئن آسمان ۾ ڇانيل اهي تارا جيڪي هر دور ۾ رهنمائي ڪندا رهيا آهن جن جي مدد سان انسان سفر ڪندو رهيو آهي. انسان لاءِ هن کان وڌيڪ ٻيا حق نٿا ٿي سگهن.

روسين پنهنجي ملڪ کي انساني حقن کان بالا تصور ڪيو آهي. هو سمجھن ٿا ته روس جي ڌرتي سندس انسانن ۽ انهن جي انساني حقن کان بالاتر آهي. هو چون ٿا ته سندن ڌرتيءَ جي اها تقاضا آهي. ڀلا اهي ملڪ ڇا کي ٿا چون. ڇا ملڪ کي زندگي آهي؟ زندگي انسانن ۾ آهي. انسان اڳتي وڌي ٿو ترقي ڪري ٿو ته ملڪ به ترقي ڪري ٿو. ملڪ پاڻ ترقي نٿو ڪري سگهي. جڏهن توهان جي ترقي رڪجي وڃي ٿي ته ملڪ جي ترقي به رڪجي وڃي ٿي. جيڪڏهن توهان پوئتي پئجي ويا ته ملڪ به پٺتي پئجي ويندو.

هو اهو ڪو نه ٿا سمجھن ته اصل اهميت يا مرڪزي نقطو انسان خود آهي. جيستائين فرد کي ايتري آزادي ناهي جو هو خود اڳتي وڌي سگهي ۽ ان لاءِ کيس مناسب ماحول مهيا ڪيو وڃي تيستائين هو پنهنجي موت مري ويندو. ان صورت ۾ اهڙي ملڪ جو ڇا ٿيندو جنهن جو هو شهري آهي.

انهيءَ پس منظر ۾ ’انساني حقن‘ جو مطلب ٿيندو ته ترقيءَ جي هر مرحلي تي انسان کي اهو ماحول مهيا ڪيو وڃي جنهن سان سندس گهربل نشوونما ٿي سگهي. اهي شيون جيڪي سندس انهيءَ راهه ۾ رنڊڪ بنجن ٿيون انهن کي اچڻ نه ڏجي. حق جو اهو ئي مفهوم آهي. پر جيڪڏهن ڪو غلط فهميءَ وچان ٻي ڪنهن سوچ ۾ مبتلا آهي ته اهو صحيح رستي تي ڪو نه چئبو.

منهنجا دوستؤ، مون کي اصل پريشاني ان ڳالهه جي آها ته قرآن ۾ انساني حقن بابت جيڪا هر قسم جي معلومات آهي ان کان توهان کي واقف ڪرايان. ڇو ته اڄڪلهه دنيا ۾ هن موضوع تي جيڪو مواد شايع ٿي رهيو آهي اهو ڏاڍو منجھائيندڙ ۽ پيچيده آهي ۽ ڪو به صحيح رستي تي ڪو نه آهي. اسان ان اُلجهن مان ٻاهر نڪري سگهون ٿا بشرطيڪ اسان ۾ سکڻ جو اهو جذبو پيدا ٿي پوي. هنن تقريرن جو مقصد اهو ئي آهي.

اها ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن روسو يا ٻيو ڪو يورپي ان حقيقت جو اعتراف ڪري ها ته اهو محمد ﷺ ئي هو جنهن جا اقوال اسان جي رهنمائي جو سبب بنيا. ڇا انهيءَ مڃڻ سان هو لهي وڃي ها يا ڪو سندس نقصان ٿي پوي ها. هو ٻيا گهڻا اعتراف (Confessions) ڪري ٿو جن ۾ گهڻي ڀاڱي ڪوڙ آهي پر هو هي سچو اعتراف ڪو نه ٿو ڪري!

هاڻي جڏهن ڪوڙ جي ايڏي ملاوت هجي ته پوءِ ڪوئي ڇا سکي يا پرائي سگهندو. انهيءَ ڪري منهنجي استدعا آهي ته توهان اها سچائي پاڻ وٽ موجود ڪتاب يعني قرآن ۽ پنهنجي تاريخ مان حاصل ڪريو. انهيءَ ۾ توهان کي سڀني قسم جي حقن ويندي جانورن، ٻوٽن، وڻن ۽ هن ڌرتي يا مٽيءَ جا حق به معلوم ٿيندا. خدا اوهان جو ساڻي ٿئي!

 

[  39  ]

مذهب ۽ قانون

 

علامه صاحب هيءَ تقرير 20 ڊسمبر 1957ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ هال ۾ ڪئي هئي. ان عنوان جو پهريون مقرر جناب قاضي احمد محمد صاحب هو جيڪو قانوني پيشي سان واسطو رکندو هو.

       

خواتين و حضرات!  ڇا آئون ٻن بنيادي لفظن قانون ۽ مذهب جي تشريح سان شروعات ڪريان، جيڪي اڄ شام جو مقرر پنهنجي مقالي ۾ متعارف ڪرايا آهن. ان مان ظاهر آهي ته اڄ مذهب ۽ ان جي سماج ۾ اهميت جي باري ۾ ماڻهن جو هڪ خاص قسم جو تصور آهي. ماڻهن جو عام محاورو ٿي ويو آهي ته ڇا اسان کي مذهب جي ضرورت آهي؟ ان جي موٽ ۾ اڪثر ”نه“ جو جواب ملي ٿو ته اسان کي ان جي وڌيڪ ضرورت ڪونهي. هاڻي جيڪڏهن ڪنهن کان پڇو ٿا ته ڇا توهان کي نصيحت جي ضرورت آهي! ڪنهن جي رهبريءَ جي ضرورت آهي! ڇا ڪنهن دوست جي ضرورت آهي! جيڪو توهان کي ٻڌائي ته صحيح ڇا آهي ۽ غلط ڇا آهي؟ توهان ان جي جواب جي باري ۾ ڇا ٿا سوچيو، هو ڇا چوندو، ”ها“ يا ”نه“! مون کي ڪنهن نصيحت يا هدايت جي ضرورت ڪونهي، نه مون کي ڪنهن دوست جي ضرورت آهي ته رهنمائي ڪري جيڪو مون کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو. بس آئون ٺيڪ آهيان جيئن به آهيان.

هاڻي مذهب جي معنيٰ ڇا آهي! مذهب جي خود معنيٰ آهي رهنمائي، جيڪا اسان جي مٿان ڪنهن مڙهي آهي، جنهن تي اسان ايمان آندو آهي. اهو جيڪو اسان کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو. اهو جيڪو اسان کان اعليٰ آهي، اهو جنهن تي اسان کي ڪجهه وقت لاءِ ايمان آڻڻو آهي ۽ جنهن کي صاف طور تي نه سڃاڻندي به ته اهو ڇا آهي!

جيڪڏهن علم طبعيات جو پروفيسر اسان کي بجلي ۽ اليڪٽران جي وجود جي باري ۾ ٻڌائي ٿو، اسان مان اڪثر هن جي ڳالهين تي يقين ڪريون ٿا. اسين ڀلي اليڪٽرانس جي باري ۾ ڪجهه به نه ڄاڻندا هجون، اسان انهن کي ڪڏهن ڏٺو به نه هجي ۽ نڪو تجربو ڪيو هجي، پر اسين هن جي بيان کي قبول ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته اسين ڄاڻون ٿا ته پروفيسر اسان کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو. ٻئي طرف جيڪڏهن ڪو توهان کي ٻڌائي ٿو ته نماز تمام مفيد شيءِ آهي ته توهان جو يڪدم ردعمل ظاهر ٿئي ٿو ۽ چئو ٿا ته مون کي نمازن کي ڇا ڪرڻو آهي. مون کي يقين ڪونهي ته اها ڪارآمد آهي يا نه! اهو ظاهر ڪري ٿو ته توهان جو ان ڳالهه تي ايمان ڪونهي. انهن لفظن تي توهان کي اعتبار ڪونهي. توهان ان تي ڀروسو نٿا ڪريو ته نماز سٺي ۽ ضروري شيءِ آهي جڏهن ته توهان پروفيسر تي اعتبار ڪريو ٿا ته اليڪٽران جو وجود آهي.

تنهنڪري مذهب ۽ قانون ۾ اعليٰ اختياريءَ جي مرضيءَ جو اسان جي مٿان عمل دخل هڪ گڏيل جزو آهي. هاڻي قانون ڇا آهي! قانون ٻيو ڪجهه نه آهي پر اهو ڪنهن جو اهڙو اختيار يا مرضي جيڪا اسان کان ڪنهن نه ڪنهن طرح مٿي آهي. اها اعليٰ جي مرضي ادنيٰ تي مڙهيل آهي.

آفريڪا جي قديم سماج ۾ ڀوپا (Witch_Doctor) هوندا هئا جن جو ماڻهن جي مٿان گهڻو اثر هوندو هو. جيڪڏهن اهو ڀوپو انهن کي چوندو هو ته توهان هن طرح عمل ڪندا ته مري ويندا، توهان کي لٽڪايو ويندو يا توهان کي ماريو ويندو ته اهي هن تي يقين ڪندا هئا. ڀوپو يعني وچ ڊاڪٽر پنهنجي مرضي ۽ اختيار ماڻهن تي مڙهيندو هو. هاڻي دنيا ترقي ڪري وئي آهي. اسين انهن ڊيڄاريندڙ  (Taboos) احڪامن کي نٿا مڃون. اسان کي انهن تي يقين ڪونهي، انهن بابت گهڻو ڪجهه ڄاڻون ٿا.

ساڳيءَ طرح توهان حضرت موسيٰ " کي مليل ڏهه احڪام (Ten Command-ments) ڄاڻو ٿا. توهان قتل نه ڪريو، چوري نه ڪريو، زنا نه ڪريو وغيره وغيره. اهي (Thou shall not) ”يعني توهان نه ڪريو“ قديم زبان ۾ ڊيڄارڻ (Taboos) جي حيثيت وارا آهن. ماڻهن کي چيو ويندو هو ته جيڪڏهن توهان ايمانداريءَ سان انهن احڪامن تي عمل نٿا ڪريو ته مري ويندا. ان جي سزا به هئي ته اختيار به هو ته هي ڪريو يا نه ته مري وڃو. اهو ئي سماج ۾ وقت جو قانون ٿي پيو.

اهڙي طرح سوسائٽيءَ ۾ ٻيو عنصر رسم و رواج هو. ”ڊپ“ (Taboo) ختم ٿيڻ جي باوجود رسم و رواج باقي رهيا، هي عمل ڪيو ويندو ۽ هي عمل نه ڪيو ويندو. انسان کي هيءَ ڪرڻ گهرجي ۽ هيءَ نه ڪرڻ گهرجي. انهن چوڻين رسم جي صورت اختيار ڪئي ۽ رسم قديم قانون ۾ هڪ مقام حاصل ڪيو. قانون جو هر شاگرد اهو چڱي طرح سان ڄاڻي ٿو ته انساني قانون جي بنياد رسم تي آهي. پر اهو ٻئي نمبر تي آهي. پهريون درجو اها طاقت (Authority) آهي، جنهن جي بابت اسان اڳي ڳالهايو. حقيقت ۾ سماج لاءِ مذهب ڪجهه قانون نافذ ڪيا ته توهان کي هي عمل ڪرڻا آهن ۽ هي نه ڪرڻا آهن. برهمڻ چيو ته توهان پهرين ليپو (potha) ڏيو (پَٽ کي مٽي ۽ ڳئون جي ڇيڻي سان ليپو ڏيو). غسل ۽ هٿ صاف ڪرڻ کان اڳ کاڌو نه کائو. توهان جُوتن سميت ڪنهن ماڻهوءَ کي بورچي خاني ۾ اچڻ نه ڏيو. توهان هي نه ڪريو ۽ هو نه ڪريو، اهو برهمڻ جو قانون هو.

جيڪڏهن توهان انهن ڳالهين تي ڪنهن وقت ويهي سوچيندا ۽ انهن قانونن جو مطالعو ڪندا ته ڏسندا ته اهي سڀ قانون صحت جي باري ۾ آهن. جيڪي توهان کي منع ڪن ٿا ته گندگي ۽ جيوڙا اندر نه آڻيو. پنهنجي کاڌي کي جراثيمن کان بچايو. انهن هدايتن لاءِ سڄو ’يٿرويد‘ لکيو ويو آهي. ان ۾ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، پر کاڌي، صفائي، ڌوئڻ، اٿڻ ۽ سمهڻ ۽ انسان جي هلت چلت بابت منع ناما آهن. پر اهي اهڙي زبان ۾ لکيل آهن جيڪا ڊيڄاري ۽ خوفزده ڪري ٿي. توهان جيڪڏهن ائين نه ڪندا ته خدا جو ڏمر ٿيندو. جيڪڏهن ائين نٿا ڪريو ته توهان جي بدنصيبي ٿيندي. جيتوڻيڪ زبان ڊيڄاريندڙ استعمال ڪئي وئي آهي پر، اهي فقط صحت جون پابنديون آهن ته جيئن انسان صحت مند رهي.

اهي مذهبي سماج جيڪي شروع ۾ اهو ڪونه سمجهي سگهيا ته قانون ڇا آهي، انهن کي اعليٰ فطري اختيار تحت قانوني حيثيت ڏني ۽ ان کي ماڻهن تي مڙهيو. اڄ اسين اهو نٿا چئون ته جيڪڏهن ڪو شخص هٿ ڌوئڻ کان سواءِ کاڌو کائي ٿو ته مري ويندو. جيئن ماضيءَ ۾ چيو ويندو هو. ساڳئي قسم جو عمل ڪرڻو آهي ۽ هر شيءِ بلڪل مقرر هئي. ٻئي طرف نه پردا، نه ڇلا ۽ نڪو پوڄا جون خاص جايون. مطلب ٻيو ڪجهه نه آهي. هتي سڄي ڌرتي توهان لاءِ عبادتگاهه آهي. ان تي جتي چاهيو ۽ جڏهن چاهيو عبادت ڪريو، اها سموري تبديلي مذهب جي ارتقا جي ڪري آئي آهي.

اهو نٿو چئي سگهجي ته اهي تڪلفات ۽ تقريبون ضروري ڪونه هيون. اهي ان وقت ضروري هيون. انهن ماضيءَ ۾ وڏو مقصد سرانجام ڏنو ۽ اهي انهن تڪليفن کان سواءِ هڪ ذرو به اڳتي وڌي نه سگهن ها پر هاڻي انهن جو مقصد ختم ٿي ويو آهي ۽ بيڪار ٿي پيون آهن. انسان هاڻي مختلف ٿي پيو آهي. هو اڳتي وڌيو آهي ۽ اڄ قانون ماڻهن جي ”اعليٰ مرضي“(Supreme Will) ٿي پيو آهي. ماڻهو خود قانون جوڙيندڙ ٿي پيا آهن. ڪوبه ماڻهو پنهنجي ”فرمان روائي واري مرضي“ ٻين جي مٿان نٿو مڙهي سگهي. هاڻي ماڻهو پاڻ قانون جوڙين ٿا. تنهنڪري هاڻي ماڻهن جي مشترڪ مرضي قانون جوڙي ٿي جڏهن ته ڪو زمانو هو ته قانون جوڙيندڙ هڪ شخص هو.

گذريل زماني ۾ سماج ۾ قانون جي تشريح ڪندڙ هڪ شخص هوندو هو جنهن کي شارح چيو ويندو هو، هن کي ”قانون گو“ به چيو ويندو هو. آريا سماج ۾ ”قانون گو“ قانون جي تشريح ڪندو هو. ماڻهو پنهنجا مسئلا هن کي ٻڌائيندا هئا ۽ هن کان قانون جي وضاحت پڇندا هئا، هو اڄڪلهه جي وڪيل جهڙي حيثيت رکندو هو جنهن ڏانهن قانون جي تشريح لاءِ رجوع ٿيڻو پوندو هو. ”قانون گو“ تمام قديمي سرشتو آهي جيڪو موجوده وقت به جاري آهي.

بادشاهه جيڪي اڻ پڙهيل هئا يا ڪن مسئلن کان واقف ڪونه هئا، اڪثر مفتيءَ ڏانهن رجوع ڪندا هئا، جيڪو قانون جي تشريح ڪندو هو ۽ بادشاه ان مطابق فيصلو ڪندو هو. تنهنڪري مفتي قانون گو وارا فرائض انجام ڏيندو هو. هر دور ۾ اهڙو شخص موجود رهيو آهي جيڪو قانون جي تشريح ڪندو رهيو آهي ۽ اهو طريقو تمام گهڻي مدت تائين جاري رهندو آيو آهي، جيئن ته سڀئي ماڻهو هر شيءِ لاءِ موزون نه هوندا آهن، ان ڪري مخصوص ڪم لاءِ ماهر جي ضرورت پوندي آهي. اهڙي طرح قانون گو هڪ اعليٰ ۽ عظيم شخص هو.

هاڻي قانون گو لفظ مان ڪنگ (King) بادشاهه جو لفظ نڪتو. بادشاهه پهرين قانون گو هوندا هئا پوءِ انهن اقتدار حاصل ڪيو ۽ فوج رکيائون. فوج رکڻ کان پوءِ وڌيڪ طاقتور ٿي ويا. اها ان طريقي سان ارتقا شروع ٿي آهي. بادشاهه جا ٻه ڪم هوندا هئا هڪ قانون ڏيڻ ته ٻيو ملڪ جو بچاءُ ڪرڻ، انهن ٻنهي ڪمن جو يعني قانون ۽ بچاءَ جو تاريخ ۾ الڳ مقام هو. پوءِ اهي ٻئي هڪ شخص سان منسلڪ ٿي ويا ۽ هن کي بادشاهه سڏيو ويو. اصل ۾ بادشاهه ڄڻ ته ڪنهن اعليٰ هستيءَ کان قانون حاصل ڪري قانون ڏيندڙ هو. تنهنڪري بادشاهه خدائي حق حاصل ڪيل بادشاهه هو. پاڻ پنهنجي طرفان قانون ڪونه ڏيندو هو. هو فقط قانون ٻڌائيندو هو. جيڪو هن کي پاڻ کان وڏي اعليٰ هستيءَ وٽان حاصل ٿيندو هو.

هاڻي اهي اعليٰ ذريعا مذهب جي پرچار ڪندڙ ڏنا آهن. جڏهن روم جي شهزادي عيسائيت قبول ڪئي ته هن انجيل (Bible) جي سڀني قانونن کي پڻ قبول ڪيو. جڏهن ايران جي شهزادي زرتشت کي نبي تسليم ڪيو ته هن زرتشت جي سڀني قانونن کي قبول ڪيو ۽ سڄي ايران کي ان قانون تحت هلايو ويو. تنهنڪري توهان ڏٺو ته انسان ڪيئن نه مذهب ڏنو ۽ قانون ڏنو ۽ ان ڪري مذهب جي اڪثر معنيٰ آهي قانون.

فقط هڪ ڏينهن اڳ هڪ محترم مون کي خط لکيو جنهن ۾ هن لکيو ته سائين توهان ضرور چوندا ته اڄڪلهه اسان کي اخلاقيات جي ضرورت آهي. آئون قبول ڪريان ٿو ته اسان کي اخلاقيات جي ضرورت آهي، پر مون کي مذهب نه گهرجي. هاڻي توهان هن محترم کي ڪهڙو جواب ڏيندا. اصل ۾ هو مذهب کي پراڻي مطلب ۾ وٺي ٿو. جنهن ۾ ڪنهن پادري، برهمڻ، يا ملان، کي گهرايو ويندو ته ان جي تشريح ڪري ۽ اهو مذهب هن کي نٿو گهرجي. اهو شايد ٻئي ڪنهن کي به نٿو گهرجي. هو نٿو سمجهي ته مذهب ڪنهن پادريءَ ۽ نه ڪنهن ملان يا ڪا ٻي شيءِ آهي، مذهب ته اهڙي رهنمائي جو نالو آهي. جيڪا هڪ اعليٰ انسان ڄاڻي ٿو پر اسان نٿا ڄاڻون. ان کان سواءِ مذهب ٻيو ڪجهه به نه آهي. جيڪڏهن ڪو شخص چوي ٿو ته آئون هر شيءِ ڄاڻان ٿو. مون کي ٻي ڪابه شيءِ نه ٻڌائي وڃي ته پوءِ هو جاهل، ضدي، ۽ گمراهه آهي. هاڻي اخلاقيات ڇا آهي!  اخلاقيات اها آهي جيڪا پاڻ ڳالهايون پيا. اهو چال چلت جو قانون آهي ٻيو ڪجهه به نه آهي. اسان پنهنجي زندگي ڪيئن گذاريون. ڪهڙو برتاءُ ۽ رويو اختيار ڪريون ۽ ڪيئن عمل ڪريون، ان کي اخلاقيات يا اخلاقي قانون چئون ٿا. توهان مان ڪن ميٿيوآرنولڊ (Mathew Arnold) جو نالو ٻڌو هوندو. هن مذهب جي تشريح هن طرح ڪئي آهي ته مذهب جذبات جو اثر آهي. (Morality touched by emotions) حقيقت ۾ اهو بلڪل ائين ڪونهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته اخلاقيات يا اخلاقي قانون هر مذهب جو خاص حصو يا مقصد آهن. اسلام پنهنجي ۽ زرتشت پنهنجي اخلاقيات سيکاري ٿو. مثال طور زرتشت جو قانون هو ته توهان جي گهر ۾ باهه وسامي نه وڃي، باهه کي ٻرندڙ رکيو وڃي. باهه جي مسلسل ٻرڻ لاءِ ڪنواريون ڇوڪريون واري واري سان سڄي رات نگراني ڪن ته جيئن باهه وسامي نه وڃي. هاڻي هن زماني ۾ توهان ان قانون جي پوئواري نه ڪندا ۽ پنهنجي ننڊ ضايع نه ڪندا. ماچيس پاسي ۾ رکي ڇڏيندا ۽ جڏهن ضرورت محسوس ڪندا ته اٿي باهه ٻاريندا. پر زرتشت مذهب ۾ اهو قانون اهم هو. ساڳي طرح ان جو ٻيو قانون هو ته زمين آباد ڪريو. حقيقت ۾ هن وٽ صحيح دينداري جو مطلب زمين آباد ڪرڻ هو. يعني هن وٽ اهي ٻئي ساڳئي معنيٰ رکن ٿا. هاڻي اڄڪلهه اسين زمين آباد ڪريون ٿا، ڇو ته اها ضرورت ۽ ڪارج آهي پر مذهبي حڪم ڪونهي يا قانون ڪونهي جيڪو زرتشت جي دور ۾ هو.

تنهن ڪري توهان ڏٺو ته تاريخ جي هر دور ۾ جنهن مذهب ڏنو تنهن چال چلت لاءِ ڪي قانون نافذ ڪيا. جنهن کي اخلاقيات چيو ويو ۽ اهو مذهب جو اهم حصو بنجي ويو، پر مذهب اهو سڀ ڪجهه ڪونهي، اهو اخلاقيات کان گهڻو ڪجهه وڌيڪ آهي. اخلاقيات معنيٰ توهان ڪيئن برتاءُ ڪريو ٿا، عمل ڪريو ٿا ۽ پيش اچو ٿا. ڇا اهوئي سڀ ڪجهه آهي يا اسان کي ڪا ٻي شيءِ وڌيڪ گهرجي ٿي. جيڪڏهن اسان کي ٻي ڪا وڌيڪ شيءِ نٿي گهرجي ته پوءِ مذهب بلڪل فضول آهي. اسان کي ان جي ضرورت ڪونهي. پر پنهنجي پاڻ کان پڇو ته واقعي توهان کي اُن علم برتاءُ، رواجي چال چلت کان وڌيڪ ٻي ڪا شيءِ گهرجي؟ مون کي اهو سوال خواتين کان ڪرڻ گهرجي، ڇو ته انهن کي اندر جي ٻوجهه، عمدو روح ۽ صاف دليون آهن. اسان کي پنهنجا مشورا ڏيو. فقط سوچڻ سان سڀ ڪجهه نٿو ٿئي، ڀلي ته دل ڳالهائي.

اهو ته صحيح آهي ته ڪيئن هلجي پر ڪيڏانهن هلڻو آهي ۽ ڇو هلڻو آهي! اهو مذهب ئي ٻڌائي ٿو. اهو ذهن يا اخلاقي قانون مان حاصل نٿو ٿئي. آئون ڪيڏانهن هلان پيو. منهنجي منزل ڪهڙي آهي. منهنجي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي. ان جو جواب فقط مذهب ئي ڏيئي سگهي ٿو. ان سوال جو جواب انسانيت پسندي (Humanism)، ماديت پسندي (Materialism) نه ئي عمليت پسندي (Pragmatism) ۾ ڪو تسلي بخش جواب ملي سگهي ٿو. ان جو جواب زمين ۽ آسمان ۾ به ڪونهي. ان لاءِ فقط اعليٰ ذهن ۽ بصيرت رکندڙ سوچ وارن وٽ اسان لاءِ ڪجهه اشارا آهن. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه ذريعو ڪونهي اسان کي انهن تمام عظيم انسانن جي روحن جو شڪر گذار ٿيڻ گهرجي، انهن کي مڃڻ گهرجي، جيستائين اسان ۾ خود ادراڪ پيدا ٿئي.

هڪ اعليٰ خوبصورت روح جنهن مون کان ۽ توهان کان وڌيڪ ڏٺو آهي ۽ جنهن بصيرت سان جيڪا معلومات حاصل ڪئي آهي اها اسين نٿا حاصل ڪري سگهون. هن پنهنجي دل جو احوال اسان جي اڳيان رکيو آهي ۽ چوي ٿو ته اهوئي آهي جيڪو مون ڏٺو آهي. جيڪڏهن اهو توهان جي لاءِ رهنما ٿي سگهي ٿو، ته مهرباني ڪري ان تي عمل ڪريو. جيئن اسان هڪ عظيم اعليٰ روح تي ايمان آڻي پنهنجو رهنما بنايو آهي. جيتوڻيڪ اهو اسان نه ڏٺو آهي. انهيءَ اڻ ڏٺل ۾ يقين کي ايمان چئجي ٿو.

مثلاً مون اهو قبول ڪيو آهي جيڪو حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن فرمايو آهي ۽ هن مون کي جيڪو زندگيءَ جو مقصد ٻڌايو آهي. منهنجي منزل جيڏانهن مون کي وڃڻو آهي ان جا ڪجهه تصورات ڏنا آهن ۽ ان ڏانهن هلڻ لاءِ رهنمائي ڪئي آهي. مون ان کي وقتي طور قبول ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته آئون اڃان منزل ڏسي نٿو سگهان. مون اڃان ڄاتو ڪونهي پر اهو مون کي هلڻ ۾ ۽ اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

مثال طور جڏهن هڪ ماڻهو جيڪو گجرات، شملا يا ڪشمير مان ٿي آيو آهي ۽ مون کي ٻڌائي ٿو ته اهي ڏاڍيون وڻندڙ جايون آهن. جيڪڏهن توهان ڏسو ڄڻ ته بهشت ۾ آيا آهيو. هاڻي آئون هن قديم سنڌ جي صحرا مان فقط هن محترم جي چوڻ تي ايمان آڻي پنهنجو سفر حيدرآباد کان سري نگر تائين شروع ڪريان ٿو. ڇاڪاڻ ته مون کي يقين آهي ته هي بزرگ ڪوڙ نه ڳالهائيندو. هو خوبصورتي ۽ گدلائپ ۾ امتياز ڪرڻ ڄاڻي ٿو. هو ڄاڻي ٿو ته ڪير سٺو آهي ۽ ڪهڙو خراب آهي. آئون هن تي ايمان آڻيان ٿو ته جيڪو هو چوي ٿو اهو سچ آهي. آئون ان ايمان تي حيدرآباد کان سري نگر تائين سفر شروع ڪريان ٿو. ٻي حالت ۾ مون وٽ ڪا رهنمائي ڪونهي، هو وڌيڪ مون کي ٻڌائي ٿو ته پهرين حيدرآباد کان ملتان وڃبو پوءِ ملتان کان راولپنڊي وڃبو. رستن تي مختلف شيون ڏسندا. راولپنڊيءَ کان پوءِ تمام ڏکيو رستو آهي. توهان کي جبلن ۽ پهاڙن مان گذرڻو پوندو. فلاڻي جڳهه کان فلاڻي جڳهه تائين وڃڻو پوندو جيستائين سري نگر اچي. هن مون کي حيدرآباد کان سري نگر تائين سڄو نقشو ٻڌايو. هاڻي منهنجي منزل سري نگر آهي ۽ مون کي بلڪل ائين وڃڻ گهرجي، جيئن هن مون کي ٻڌايو آهي. جيڪا معلومات هن مون کي ڏني آهي ان تي ايمان آڻڻ گهرجي ۽ ان اميد سان سفر ڪرڻ شروع ڪجي ته هن ڌرتيءَ تي ڪشمير جهڙي جنت ڏسي پوءِ مران. آئون ان کي ڏسڻ لاءِ پنهنجو سفر شروع ڪريان ٿو.

منهنجا دوستو!  اهو آهي مذهب ۽ توهان جي اخلاقيات جو مختصر مقصد ته توهان ڇا پيا ڪريو ۽ نه پيا ڪريو. تنهن ڪري ڪجهه وقت تائين منهنجي لاءِ اعليٰ حاڪم طرفان اعليٰ مڙهيل فرمان قانون آهي. آئون توهان کي اهو پڻ ٻڌائيندو هلان ته وقت ايندو ته توهان جي پنهنجي مرضي به قانون ٿي پوندي، جڏهن قانون ۽ توهان جي مرضي (Will) هڪ ٿي پوندا ۽ جڏهن مٿان آيل فرمان (Will) پنهنجي سڃاڻپ ۽ هم آهنگي توهان جي مرضيءَ سان ڪرائيندي.

اڳتي هلي الله جو فرمان توهان جي مرضي بنجي پوندي پوءِ توهان چوندا ته آئون جيڪڏهن ڏسان پيو ته اهو فقط الله لاءِ آهي. اهو فرمان جيڪو هن وقت توهان نٿا ڄاڻو، اهو فرمان اهو چاهي ٿو جيڪا سڄي ڪائنات جي مرضي آهي. اهو فرمان توهان جي مرضي هوندي. جيئن آنحضرت محمد ﷺ جن فرمايو ته جڏهن آئون ڳالهايان ٿو ته الله تعاليٰ منهنجي ذريعي ڳالهائي ٿو. اهڙي طرح سان جڏهن توهان جي ”تمام اعليٰ فرمان“ سان شناسائي ٿي ويندي ته پوءِ توهان خود اهو قانون ٿي ويندا. قانون ۽ اختيار هڪ ۽ ساڳي شيءِ ٿي ويندا. توهان خود پاڻ لاءِ قانون هوندا. ڇا اهو عمل ڪرڻ جو عمدو نمونو نه آهي! پوءِ توهان تي ڪوبه قانون مڙهيو نه ويندو. توهان مڪمل طرح آزاد انسان هوندا. توهان کان مٿي ڪجهه به نه هوندو ۽ توهان خود پنهنجي لاءِ قانون هوندا. اها انسان جي ارتقا آهي. اهوئي آهي جيڏانهن هو هلي ۽ تياري ڪري پيو. آزاديءَ جي اها ئي معنيٰ آهي. ان ڏينهن جڏهن ڪوبه پوليس وارو ڪنهن قانون سان توهان کي ڊيڄاري نه سگهندو. ڪابه قانون ساز اسيمبلي توهان تي ڪو قانون مڙهي نه سگهندي ۽ جڏهن توهان جا پنهنجا ماڻهو توهان کي ٻڌائي نه سگهندا، توهان خود چوندا ته آئون پاڻ لاءِ خود قانون آهيان. پر توهان کي اهو ٿيڻو پوندو. توهان اهو ڍونگ ڪري يا دعويٰ ڪري نٿا سگهو جنهن جي ڪا حقيقت نه آهي. بهرحال جڏهن اهو مقام اچي ٿو ته پوءِ توهان ۽ ڪائنات ۾ نفاق نه رهندو. توهان خود آفاقي ٿي ويندا. اهو مون کي فقير سرمد جو هي شعر ياد ڏياري ٿو:

ملا گويد که درفلک شد احمد

سرمد گويد که فلک به احمد درشد

(ملان چوي ٿو ته احمد آسمانن تي ويو آهي. سرمد چوي ٿو ته احمد لاءِ آسمان هيٺ لهي آيو).

جڏهن اها منزل اچي ٿي ته سڄي ڪائنات جو تعلق توهان سان آهي. توهان خود پاڻ لاءِ قانون آهيو. ڪوبه اعليٰ فرمان توهان کان الڳ ڪونهي. توهان جو ”اختيار“ ۽ ”اعليٰ فرمان“ هڪ آهن. توهان جي بلڪل ان سان شناسائي آهي. ڇا اهو عمدو ڪمال ڪونهي.

تنهنڪري حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جيڪو ڪجهه فرمائي ٿو ان تي ايمان آڻيو ٿا ته توهان مسلمان آهيو. پاڻ فرمائن ٿا ته پهريون قدم آهي ته پاڻ کي الله تعاليٰ جي مرضيءَ جي اڳيان جهڪائڻ. جيڪڏهن توهان پاڻ کي ان جي اڳيان مڪمل طرح جهڪائي ڇڏيو آهي ته پوءِ توهان ان جي مرضي ٿي پئو ٿا. پوءِ توهان جي مرضي ۽ فرمان الاهي ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. توهان جڏهن الله تعاليٰ جي مرضي ٿي پئو ٿا ته ان ڏينهن توهان دنيا جا آزاد ترين انسان ٿي پئو ٿا. دنيا ۽ ڪائنات توهان جي ٿي وڃي ٿي. الله تعاليٰ توهان جو ۽ توهان الله جا ٿي وڃو ٿا. اسلام انسان لاءِ اهو مثالي نمونو مرتب ڪيو آهي.

هاڻي منهنجا دوستو! توهان وٽ ٻه رستا آهن يا ته توهان کي ڪو اهڙو ايمان آڻڻ گهرجي، جنهن کي اسين آدرش چئي ان کي قريب ٿي مٿس عمل ڪري سگهون يا ته توهان کائو، پيئو، سمهو ۽ اهڙي نموني وقت گذاريو ايستائين جو بيماري اچي توهان کي ختم ڪري ڇڏي. هتي ٽيون رستو ڪونهي. توهان انسان وانگر رهي ڪوشش ڪري اڳتي وڌي ڪا اعليٰ شيءِ ٿي سگهو ٿا، بنسبت جيڪي توهان هينئر آهيو يا فقط هڪ پٿر وانگر مري وڃو يا ڳري وڃو جيستائين موت اچي.

وَاَنْ لَّيْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا سَعٰى (النجم: 39)

(۽ بيشڪ انسان اهو ئي حاصل ڪري ٿو، جنهن لاءِ هو ڪوشش ڪري ٿو) پر توهان کي ان اعليٰ نموني (Ideal) کي مڃڻو آهي ۽ اهو ئي ايمان آهي. توهان کي اڻ ڏٺي کي قبول ڪرڻو آهي. ايمان ان تي آڻڻو آهي جيڪو توهان ڪونه ڏٺو آهي.

ذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَيْبَ  فِيْهِ  ھُدًى لِّلْمُتَّقِيْنَ الَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِالْغَيْبِ (2:2) هي ڪتاب (القرآن) هر قسم جي شڪ شبهي کان پاڪ آهي، اهڙن پرهيزگارن لاءِ رهنما آهي، جيڪي اڻ ڏٺل تي ايمان آڻن ٿا“.

هاڻي مذهب قانون آهي ۽ قانون جي صرف معنيٰ آهي اعليٰ فرمان تي مڙهڻ. اسين اهو فرمان ڄاڻون ٿا تنهنڪري مذهب ڄاڻون ٿا جيڪو اعليٰ ترين مذهب جي صورت ۾ دنيا کي مليو آهي. رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو: مون کان پوءِ ڪوبه نبي توهان لاءِ ڪو نئون پيغام کڻي ڪونه ايندو. تنهن ڪري جيڪڏهن ڪا نئين خبر نه آهي. پيغام پهچي ويو آهي جيڪو ڪجهه پهچڻو هو. تنهنڪري مذهب جي ارتقا ختم ٿي هاڻي ٻيو ڪو مذهب ڪونه ايندو. انسان کي ڪيڏانهن هلڻو آهي اهو صاف طور ٻڌايو ويو آهي. هن کي وڌيڪ ڪنهن روشنيءَ جي ضرورت ڪونهي.

ڪارلائل (Carlyle) چوندو هو ته محترم! اهو بهانو نه ٺاهيو ته توهان هلي نٿا سگهو ڇاڪاڻ ته روشني ڪونهي توهان حقيقت ۾ ڪوڙ پيا ڳالهايو. جيڪڏهن ڪيتري به اونداهي رات هجي ۽ توهان هڪ قدم کڻندا ته ٻيو توهان لاءِ چٽو ٿي پوندو. پرواهه نه آهي اها ڪيتري به اوندهه هجي، جيڪڏهن توهان خبرداريءَ سان قدم کنيو آهي ته ٻئي قدم جي ڏسڻ جي قابل ٿي ويندا. تنهنڪري اهڙي بهاني جي ضرورت ڪونهي ته روشني ڪونهي.

قرآن شريف فرمائي ٿو ته ”سراجا منيرا“ (روشني ڏيندڙ ڏيئو) اچي ويو آهي جيڪو هڪ ئي نظر ۾ سڀ ڪجهه صاف ڏيکاري ٿو. هاڻي اسان کي ننڍين بتين ۽ ماچيسن جي ضرورت ڪونهي. اها ايتري چٽي آهي جهڙو ڏينهن جي روشني. توهان آسانيءَ سان هلي سگهو ٿا، بهانو نه ڪريو ته روشني ڪونهي، هتي روشني ڪافي آهي. توهان کي گهرڻ سان هر شيءِ ڏيکاري ويندي. دروازي کي کڙڪايو ته اهو توهان لاءِ کلي پوندو.

هاڻي توهان ڏٺو ته اهو ”اختيار“ جنهن شروعات ۾ قوانين ڏنا اهي مذهبي روپ ۾ ڏنا. تنهن ڪري اسين چئون ٿا ته مذهب سڀني قانونن جو بنياد آهي. قانون مذهب جي ذريعي آيو. ان لاءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونه هو. اهو پهرين ”اختيار“ (Authority) هو، هاڻي ان حد تي پهتو آهي جو ماڻهو خود قانون ٺاهي رهيا آهن، پر حقيقت ۾ اهي اڃان تائين قانون لاءِ ڪنهن ٻي روشني تي ڀاڙين ٿا. پر اهو ڏينهن ايندو جڏهن نه فقط جمهوريت پر هر ماڻهو خود پاڻ لاءِ قانون هوندو. اهو ڏينهن سٺن ۽ بهترين ماڻهن لاءِ ويجهو پيو اچي پر اسان انڌن ماڻهن لاءِ شايد اهو ڏينهن نه اچي. پر اها اسان جي غلطي چئبي نڪي قانون دان جي. اهو ان لاءِ جو اسين وڌيڪ ڏسي نٿا سگهون. اسين گهوڙي کي ته پاڻيءَ وٽ آڻي سگهون ٿا پر پيئڻ تي مجبور نٿا ڪري سگهون، قرآن شريف فرمائي ٿو:

وَالضُّحٰى   وَالَّيْلِ اِذَا سَـجٰى مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَمَا قَلٰى  وَلَلْاٰخِرَةُ خَيْرٌ لَّكَ مِنَ الْاُوْلٰى “ (93: 1-4)

معنيٰ:     قسم آهي صاف ڏينهن واري روشني جو ۽ وري جڏهن رات پکڙجندي آهي (هر هڪ ڏسي. توهان جي مالڪ توهان کي ڇڏي ڪونه ڏنو آهي جيڪو ڪجهه اچڻو آهي اهو توهان لاءِ بهتر آهي) هاڻي چٽي روشني آهي. هرهڪ ڏسي سگهي ٿو، ۽ توهان ان ۾ چڱيءَ طرح هلي سگهو ٿا. پر جيڪڏهن توهان ڏسڻ نٿا چاهيو ته پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي. ٻي حالت ۾ هر ڪو هلي سگهي ٿو ۽ هلڻ گهرجي. اهڙي طرح هلڻ کي اخلاقي قانون چئجي ٿو جيڪو ايمان ۽ مذهب جي ماتحت آهي. اهو ڪيئن ۽ ڪيڏانهن هلڻ ۾ جيڪو تعلق آهي، اهو فقط مذهب مهيا ڪري ٿو. اهڙو مذهب سائنسي ۽ فلسفي جي لحاظ کان هميشه توهان جي ضرورت رهيو آهي، بلڪه جيستائين آخري منزل تي پهچو. اهڙي طرح مذهب ۽ اخلاقي قانون پاڻ ۾ هڪ وحدت وانگر ڳنڍيل آهن. اهي هڪ ٻئي کان الڳ ۽ خود مختيار نٿا رهي سگهن.

تنهن ڪري اخلاقيات فقط جذبات جو اثر يا پيداوار ڪونهي. جيئن ميٿيو آرنولڊ چوي ٿو، اخلاق جي معنيٰ آهي ته ڪيئن هلجي. مذهب وري ڪيڏانهن هلڻ ۽ ڪيئن هلڻ جي ڄاڻ ڏي ٿو. تنهنڪري اخلاقيات مذهب جو لازمي جز آهي ۽ اهو هميشه رهيو آهي. هاڻي مذهب جي آخري صورت تيرهن سئو سال اڳ ٻڌائي وئي آهي. هاڻي ڪا نئين شيءِ اچڻي ڪونهي. نڪو نئون نبي اچڻو آهي ۽ نه ئي ڪو نئون مذهب يا ڪا نئين معلومات جي ضرورت آهي. نبي معنيٰ اهو شخص جيڪو اسان لاءِ خبر يا ڄاڻ آڻي. حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو ته مون کان پوءِ ڪوبه نبي ڪونه ايندو ۽ نه ڪا معلومات آڻيندو. مون سڀ معلومات آندي آهي. جيڪا اچڻي هئي. تنهنڪري سمجهو، عمل ڪريو ۽ هلو. توهان ان منزل تي پهچڻ لاءِ انهن کي عملي جامو پهرايو. ٻيو ڪجهه باقي معلوم ڪرڻو ڪونهي. اهو سڀ معلوم ٿي چڪو آهي. اهو صاف ۽ واضح ڏينهن جي روشني جي مثل آهي، اهڙي طرح مذهب ۽ قانون پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن ۽ مذهب قانون جو بنياد آهي.

هاڻي قانون جي ارتقا سان ايمان به پنهنجو رخ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پر هو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ۽ هتي کان هتي قائم رهيو  آهي. اُهو ڏينهن اچي ويو آهي، جڏهن قديم مذهب جا رهيل کهيل اثرات غائب ٿي ويا آهن. هاڻي ڏينهن جهڙي چٽي روشني ۽ هلڻ لاءِ ڪشادو رستو موجود آهي. ڪوبه ڳجهه يا ڳجهي ڳالهه يا ان بابت ڪو راز باقي ڪونهي. اهو بلڪل صاف ۽ هموار رستو آهي، فقط توهان کي هلڻو آهي. توهان پنهنجون ٽنگون ضرور استعمال ڪريو. اکيون ضرور استعمال ڪريو، قرآن شريف توڻي رسول پاڪ ﷺ اهو ئي فرمائي ٿو. اهو سڀ توهان جي ۽ الله جي وچ جو معاملو آهي. ان جي وچ ۾ ڪابه سفارش ڪوبه مدگار ڪونهي.  ٻيو ان جي وچ ۾ ڪوبه نه آهي، فقط الله تعاليٰ ۽ توهان جي دل آهي، پر توهان کي هلڻو آهي ۽ دعا گهرڻي آهي ته اهو ميلاپ ٿئي.

اهو اڪثر ڪري چيو وڃي ٿو ته اسلام جي ظهور، مذهب کي ختم ڪري ڇڏيو. اسلام ان کي ختم نه ڪيو، پر ان کي مڪمل ڪيو، اُن جي معنيٰ آهي ته جڏهن ڪا شيءِ تڪميل کي پهچي ٿي ته اُن جي منزل پوري ٿي. ان جي انتها اچي وئي ۽ هن جي وجود جي وڌيڪ ضرورت ڪانهي، اها مڪمل ٿي وئي. تنهنڪري ڪماليت ۽ موت ڪنهن حد تائين ساڳي معنيٰ رکن ٿا. تنهنڪري اسين چئون ٿا ته جڏهن مذهب جي ارتقا پوري ٿي ته وڌيڪ ارتقا ڪونهي. ليڪن ڪوبه اسان مان ائين چئي نٿو سگهي ته اسين جيئون پيا ۽ ساڳي وقت اسان جي ارتقا مڪمل ٿي وئي آهي. اهو ناممڪن آهي، جيستائين اسين زنده آهيون، ته اڃا ارتقا پيا ڪريون.

مون توهان کي اُن ڏينهن ٻڌايو هو ته هر ٻار جيڪو ڄمي ٿو، هن دنيا ۾ روئندو اچي ٿو. جيڪڏهن هو هن دنيا کي مسڪرائيندي ۽ کلندي ڇڏي ٿو ته گويا هن پنهنجي زندگي صحيح گذاري آهي، پر جيڪڏهن هو وري روئندي وڃي ٿو ته پوءِ اهو ڪورو وڃي ٿو يعني  جهڙو آيو هو تهڙو! جيڪڏهن توهان پنهنجي زندگي چڱي طريقي سان گذاري آهي ۽ پنهنجي منزل ڏانهن ”صراط مستقيم“ (سڌي رستي) تي هليا آهيو ته مسڪرائيندي ويندا، هتي توهان کي وڌيڪ رهڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي.

سڀني وڏن شاعرن ۽ عالمن جهڙوڪ حافظ، جامي ۽ غزالي فرمايو آهي ته اسان جو گهر هتي ڪونهي. اسان کي پنهنجي حقيقي گهر وڃڻو آهي، شيخ عبدالقادر جيلاني رحه چيو آهي ته هو ٻي دنيا جو پکي آهي ۽ هو هن خراب دنيا ۾ آزمائش لاءِ ڇڏيو ويو آهي ۽ جيترو جلد اُن مان نڪرجي اهو بهتر آهي.

مرغ باغ ملکوتيم درين دير خراب،

مي شد نور تجلاءِ خدا دانهءَ ما.

(معنيٰ: اسين هن خراب جهان ۾ ملڪوت جا پکي آهيون. خدا جي تجليءَ جو نور اسان جو داڻو پاڻي آهي).

جيئن شاهه لطيف رحه به فرمايو آهي ته:

نڪي تقاوت ۾ نڪي منجهه رباب،

ڪهڙي منجهه حساب هئڻ منهنجو هوت ري.

(مون کي نڪي پرهيزگاريءَ ۾ ۽ نڪي وري راڳ ۾ ڪا فرحت ملي ٿي. باقي ڪهڙي ڳالهه جي ڪري آءٌ پنهنجي دوست کان الڳ رهان؟!)

مون پنهنجي زندگيءَ جو مقصد پورو ڪري ڇڏيو آهي. مون کي ڪنهن به شيءِ سان دلچسپي ڪونهي، حتي ڪه اخلاقيات! مون کي اُن جي ضرورت ڪونهي، آئون ان ۾ رهي آيو آهيان. جذبات منهنجي لاءِ ڪا شيءِ نه آهي. آئون انهن ۾ رهي آيو آهيان. هن بيڪار دنيا ۾ ڇو پيو رهان. مون کي هن کي ڇڏڻ گهرجي. غزالي رحه به اُن طريقي سان ويو. هڪ صبح جو هن پنهنجي ڀاءُ احمد کي چيو ته منهنجو ڪفن کڻي اچ، هن پنهنجو ڪفن وٺي ان کي ڌوئي پنهنجي بدن تي پائي بستري تي ليٽي پيو ۽ ڀاءُ

احمد کي چيائين ته آئون پنهنجي بادشاهه ڏانهن وڃان پيو. خدا حافظ! هن ڏٺو ته غزالي رحه گذاري ويو، اهو ئي سبب آهي جو اهي زندگي گذاري اهڙي طريقي سان وڃن ٿا. انهن کي هن دنيا ۾ رهڻ جي ضرورت ڪونهي. قرآن شريف فرمائي  ٿو ته ”ان الدار الا خزة لهي الحيوان“ (بيشڪ ٻي جهان واري ئي زندگي آهي). حقيقي زندگي اڃان اچڻي آهي. هيءُزندگي فقط اٽڪل بازي آهي ۽ هن ۾ ڪا به حقيقت ڪونهي. توهان کي اها حقيقي زندگي هن عارضي زندگيءَ جي ڏيکاءَ تي قربان ڪرڻ نه گهرجي. هي فقط عارضي سامان (متاع) آهي. توهان اُن ۾ گرفتار آهيو، جيئن بخيل يا يهودي جيڪو لکين روپيا گڏ ڪري ٿو ۽ پائي به خرچ نٿو ڪري. توهان اهو پئسو ڇا جي لاءِ گڏ ڪري رهيا آهيو، جڏهن ته توهان ان کي خرچ ڪرڻ نٿا چاهيو. ڇا توهان پنج هزار سال رهڻ چاهيو ٿا! پر اُن جو مقصد ڇا آهي! ڇا جي لاءِ رهڻ چاهيو ٿا! هيءَ عمل ڪرڻ واري دنيا آهي. اها فقط کائڻ، سمهڻ، لطف اندوز ٿيڻ لاءِ نه آهي. اوهان ضرور صحيح زندگي گذاريو. اهو حاصل ڪريو، جيڪو هن ۾ نه آهي. هن مان ڪا عمدي ۽ حقيقي شيءِ حاصل ڪريو. اهو ئي توهان جو آدرش هئڻ گهرجي ۽ اسلام جي معنيٰ به اها آهي ته عارضي طور قانون جي اطاعت ڪرڻ گهرجي، جيستائين توهان کي معلوم ٿي وڃي ته اها ئي بهترين شيءِ آهي، جيڪا توهان ڪري سگهو ٿا ۽ تڏهن توهان خود پاڻ لاءِ قانون هوندا. هاڻي آئون سمجهان ٿو ته مون ڪافي ڳالهايو آهي. مهرباني!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org