سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:30 

[  48  ]

انساني نصب العين ۾ ٻولين ۽ ادب جو ڪردار

اڄ هتي خاص طور هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪندس ته هي جو  ’لکڻ‘ تي ادب ۽ شاعري جو هيڏو سارو زور ڏنو ويو آهي اهو ’لکڻ‘  دراصل آهي ڇا ۽ انسان کي ان جي ڇا لاءِ ضرورت درپيش اچي ٿي.

سنڌي به آخر انسان آهن، انهن جو هيترو لکيو آهي تنهن لاءِ هنن شابس ته بيشڪ لهڻي پر اهوبه ڪڏهن سوچيو اٿن ته لکن ڇا؟

’لکڻ‘ دراصل اسان جي جذبات جي اظهار جو هڪ ذريعو آهي، جنهن وسيلي لکڻ يا ڳالهائڻ سان ساري مخلوقات استعمال ڪري ٿي. جانور ڳالهائين ٿا. توهان گهوڙي جي ’هڻڪار‘ ته ٻڌي آهي؟ هو به پنهنجي نموني ۾ پنهنجي خواهش جو اظهار ڪري ٿو اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن جو آواز ۽ ٻولي ٻئي نموني جي آهي ۽ اها اسان نه ٿا سمجهي سگهون. هڪ شاعر انهيءَ ڪري چيو آهي ته ”ڏس ته گهوڙو ڪهڙو نه شاندار جانور آهي، پر انهيءَ تي جيترو افسوس ڪجي اوترو ٿورو، ته هو غريب ڳالهائي نٿو سگهي ۽ نطق جي ڏات کان محروم آهي.“

انسان به ’حيوان ناطق‘ آهي يعني ڳالهائيندڙ ساهه وارو کيس ڳالهائڻ جي ڏات ٻين حيوانن کان ممتاز بنائي ٿي ۽ اها گويائي جي طاقت آهي جنهن کيس صحيح  معنيٰ ۾ انسان بنايو آهي.

بنيادي طور فقط ٻه اکرا اشتقاق آهن، جن مان پوءِ ٻيا آواز ۽ الفاظ جڙندا ويا. لفظن مان ٻوليون ٺهيون، جي وڌنديون ويجهنديون هن وقت دنيا جي هزارها مختلف زبانن تي مشتمل آهن. مصيبت اها آهي جو هاڻي انهن زبانن جي درجي بندي ڪري انسان انهيءَ تي جهڳڙڻ شروع ڪري ڏنو آهي ته ڪنهن جي زبان وڌيڪ ممتاز آهي. نٿا سمجهن ته هر زبان جو بنياد ۽ اصول اهوئي هڪ آهي ته اسان پنهنجي جذبات جو اظهار موزون نموني ۾ ڪري سگهون ۽ انهيءَ تي ئي اڪتفا ڪريون. ڇاڪاڻ ته قدرت اسان کي نطق جي ڏات ڏئي ٻين حيوانن کان ممتاز ڪيو آهي. انهيءَ ڪري ڇو جانور وانگر فقط هڪ ٻئي سان جهڳڙندا رهون.

قرآن شريف ۾ آهي ته:

اَلرَّحْمٰنُ  عَلَّمَ الْقُرْاٰنَ خَلَقَ الْاِنْسَانَ عَلَّمَهُ الْبَيَانَ“ (55:1)

انسان جي تخليق کان پوءِ سڀ کان اول ان کي ’بيان‘ سيکاريو ويو، جنهن کي اسان ’زبان‘ يا ’نطق‘ جو نالو ڏيون ٿا، ان نعمت عظميٰ عنايت ٿيڻ بعد ئي انسان ’حيوان ناطق‘ ٿيو ۽ منجهس پرجهڻ جي پروڙ پيدا ٿي، انهيءَ لائق ٿيو ته جيئن سمجهي ۽ محسوس ڪري ڪجهه ڳالهائي ۽ ڪجهه لکي سگهي. پر جيڪڏهن هن قدرت جي ڪتاب مان ڪجهه به نه پڙهيو ۽ پروڙيو ته پوءِ لکندو ڇا ۽ ڳالهائيندو ڇا؟

ظاهر آهي ته ’لکڻ‘ لاءِ سڀ کان اول ضرورت پڙهڻ جي آهي. پڙهڻيون آهن فطرت جون اهي ’آيتون‘ جن ۾ قدرت جا سمورا راز پنهان آهن. انهن آيتن يا نشانين جي پروڙ کان سواءِ اسان ۾ ڪابه سمجهه يا پرجهه پيدا ٿي نٿي سگهي، جنهن مان انسان جو احساس جاڳي ۽ اهو نطق ذريعي پنهنجي اظهار جي ضرورت محسوس ڪري.

آرسيءَ ۾ عڪس فقط انهيءَ شيءِ جو نظر ايندو آهي، جا ان جي اڳيان هوندي آهي. اهڙي طرح سان جيڪڏهن اسان ڪنهن ڳالهه کي ڏٺو يا پڙهيو نه هوندو ته ردعمل طور اسان ڪجهه به چئي يا لکي نه سگهنداسين.

ڪلام الاهي ۾ قدرت جي انهن ڪمالن کي نظر انداز ڪندڙن کي ’گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا‘ سڏيو ويو آهي، جي سڀ ڪجهه اڳيان هوندي به نٿا ڏسن!

جيسين اسين انهن قدرتي ڪرشمن جي مشاهدي ماڻڻ لائق نه ٿيا آهيون تيسين اسان کي ڪوبه حق ناهي جو پنهنجي زبان يا ٻوليءَ جي بهتري يا برتري لاءِ ڪنهن سان برسر پيڪار ٿي سگهون، ڇاڪاڻ ته اصل ۾ دنيا جي سمورين زبانن جو ماخذ هڪ هئڻ ڪري سندن هڪ ٻئي سان نهايت گهاٽو ۽ گهرو تعلق آهي ۽ اهي هڪ ٻئي ۾ اهڙي طرح جڙيل آهن جهڙيون زنجير جون ڪڙيون.

آءٌ هتي هڪ مثال ڏيئي، ان اختلاف کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. ’ديبل‘ اکر توهان سڀني ٻڌو آهي، بلڪه ڪيترا دفعا ٻڌو ۽ عرب تاريخ نويسن جي ڪتابن ۾ پڙهيو آهي. توهان مان ڪنهن اها تحقيقات به ڪئي آهي ته اهو ’ديبل‘ آهي ڇا؟ ڪنهن ماڻهو جو نالو آهي يا جانور جو، آخر هڪ شهر تي اهو نالو ڇو رکيو ويو، توهان ڪڏهن اهڙي زحمت گوارا ڪرڻ جي ضرورت نه سمجهي هوندي.

اسان کي ’هي تنهنجو‘ ۽ ’هي منهنجو‘ انهيءَ تان جهڳڙن کان فرصت هجي ته انهن مسئلن تي سوچيون. سڀڪو پنهنجي قبضي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ غلطان آهي. اهو نٿو سمجهي ته (ان الارض لله) زمين الله جي آهي، ڪنهن جي پيءُ ڏاڏي جو ورثو ناهي. بهرحال آءٌ ’ديبل‘ اکر جو ذڪر ڪري رهيو هوس ته اهو ڪيئن نه مختلف زبانن جي هڪ ٻئي سان وابسته هئڻ جو مثال پيش ڪري ٿو.

’ديبل‘ دراصل آهي ’ديو- بيل‘ ديو معني ڌڻي ۽ بيل معنيٰ شهر، يعني ’خدائي شهر.‘

اهو اصل سنسڪرت لفظ سڏجي ٿو پر پهلويءَ ۾ ڪم آيل آهي. فارس جي هڪ شهر جو نالو آهي ’اردبيل‘ آرد معنيٰ لشڪر، بيل معنيٰ شهر يعني ’لشڪري شهر‘. اردو به انهيءَ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’لشڪري زبان.‘ ’ارد‘ جرمن زبان ۾ لشڪر کان سواءِ موت جي ديوتا جو به نالو آهي.

اهو بيل يا ويل فرينچ زبان ۾ به ساڳي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ آهي، جتي ويل يا (Villa) سڏيندا آهن شهر کي ۽ گهر کي. قديم آرين زبان ۾ به ’بيل‘ ساڳيءَ معنيٰ ۾ سڏيو ويندو آهي.

’ديول‘ اکر جو به اهڙو ئي مطلب آهي، جهڙو ’ديبل‘ جو يعني ’الله جو گهر‘ عبادت گاهه.

انگريزيءَ ۾ ديو ڦري ٿيو ڊيو (جنس) جيئن ته ان مان روشني جي معنيٰ نڪري ٿي انهيءَ ڪري جڏهن مون عربيءَ ۾ اهڙي اکر جي ڳولا ڪئي تڏهن معلوم ٿيو ته ’ضيا‘ ساڳيءَ معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو.’ديا‘ يا ’ضيا‘ ۾ تفاوت ٿورو آهي. پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ اهو ساڳيو اکر ’ضيا‘ ڦري ٿيو.’ڏيا‘ جيڪي اسان کي روشني ڏين ٿا.

ساڳي طرح آريا لفظ مان آريائي ۽ پوءِ آرياڻي ٿيو جو اسان جي شاهه عبداللطيف ڪيترن هنڌن تي پنهنجي هيرو ’پنهون‘ لاءِ استعمال ڪيو آهي.

انهيءَ سموري تفصيل پيش ڪرڻ مان منهنجو مطلب آهي ته دنيا جون سڀ زبانون هڪ ٻئي ۾ اهڙيون جڪڙيل ۽ جڙيل آهن جو اهي هڪ لڙهي ۾ پوتل موتين وانگر معلوم ٿين ٿيون جن تي جهڳڙڻ اجايو آهي.

اسان سڀني کي فقط پنهنجو ويل وکر سنڀالي اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن قدرت جي ڪارخاني مان ڪا نئين شيءِ ايجاد ڪريون، ڪو نئون راز پروڙيون. اهو فقط غور ۽ فڪر سان مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿي سگهي ٿو. شاعرن، مصنفن، مصورن ۽ ٻين فنڪارن وانگر اسان کي ڪا اهڙي نئين شيءِ ايجاد ڪري دنيا اڳيان آڻڻ گهرجي جا انهن جون اکيون خيره ڪري ڇڏي ۽ سڀڪو چوي ته بيشڪ جدت طرازي آهي.

جيئن ته اسان فقط آرسيءَ وانگر ڪنهن عمل جي ردعمل طور ان جو اهوئي عڪس ڏيکاري سگهون ٿا جو پهرين اسان ڏٺو هجي، انهيءَ ڪري ضرورت فقط پڙهڻ، ڏسڻ، پرجهڻ ۽ پروڙڻ جي آهي.

اسان جون جيڪڏهن اکيون بند ۽ ڪن ٻوڙا هوندا ته ڇا ڏسنداسين ۽ ڇا ٻڌنداسين جو پوءِ دنيا کي ڏيکاريون ۽ ٻڌايون. بقول لطيف:

”جيڪي ڏٺو هو مون ، اديون اوهان ڇا ڏٺو.“

مصنف يا مصور جيڪي ڪي پنهنجي اکين سان ڏسي ٿو ۽ ان ڪري منجهس جيڪو احساس پيدا ٿو ٿئي، ان جي سهڻن اکرن يا رنگن ۾ ادائگي ڪري ٿو، ان احساس جو ردعمل جڏهن اسين ڪنهن تحرير يا تصوير ۾ ڏسون ٿا تڏهن خود بخود زبان مان واه واه نڪريو وڃي.

ساڳي ڳالهه ڪارلائل پنهنجي هڪ شعر ۾ چئي آهي ته ”خدا جي ساري خدائي سونهري ستارن سان سينگاريل آهي، پر اسان نٿا ڏسي سگهون جڏهن ڪو مصور ان نيري آسمان جو نقش ڪڍي اسان جي اڳيان آڻي ٿو جنهن ۾ سونهري ستارا جڳمڳ جهلڪي رهيا هوندا آهن تڏهن اسان جو وات ڦاٽيو وڃي ته مار! هي ته آسمان آهي.“

سبب ڇا آهي ته اسان جي مشاهدي جو دائرو محدود آهي. انهيءَ ڪري اسان کي هيڏي ساري ڪائنات ۾ ڪجهه به نظر نٿو اچي پر مصور جڏهن ان مان ڪنهن حسين حصي جي تصوير ڪشي ڪري اچي ٿو تڏهن اسان اهو حسن معلوم ۽ محسوس ڪري سگهون ٿا.

سچو شاعر ۽ اديب آهي ئي اهو جنهن کي اهڙي مشاهدي ماڻڻ جي الاهي ڏات مليل آهي. باقي جيڪڏهن فقط نقالي ڪبي رهبي ته ان مان ڪجهه به ورڻو ناهي. اهو ٿيو ”وهي نه وهي وٺ رينگٽ کي“ سو رينگٽ پيو هلندو، پر اهڙي ڪنهن تصنيف يا تاليف کي ادب يا شاعري سڏي نٿو سگهجي. زنده جاويد تحرير يا تصنيف اها آهي جا قدرت جي ڪنهن نئين راز کي عيان ڪندي هجي. اهڙي فطري شاعري اسان جي احساسات کي جاڳائي، جذبات اڀاري ڇڏيندي آهي، اهڙي شاعري سنڌ اندر فقط شاهه لطيف پيش ڪئي جا لکڻ بجاءِ اندر جي اٿل مان آيل آهي. اها شاعري ڪنهن به وقت مري نٿي سگهي ۽ هميشه لاءِ امر رهندي. مون لطيف جو هڪ بيت پنهنجي تقرير ۾ بار بار پئي دهرايو آهي ته:

”الا ائين م هوءِ، جيئن آئون مران بند ۾،

جسو   زنجيرن  ۾، راتون   ڏينهان  روءِ

پهرين  وڃان  لوءِ، پوءِ  مر پڄنم ڏينهڙا.“

ڏسو ته انهن ٽن سٽن ۾ ڪيڏو اٿاهه سبق سمايل آهي. ساڳي ڳالهه گوئٽي چئي آهي ته:

”قدرت جي هيڏي ڪائنات ۾ آءٌ حيران آهيان ته ڪيڏانهن وڃان. ڇا ڪريان، چوڌاري اونداهه آهي ۽ آءٌ سمجهي نٿو سگهان ته ڪٿي آهيان، ڇو آيس آخر مون کي ڪرڻو ڇا آهي؟“

زندگي جي مقصد يا راز حيات هٿ ڪرڻ لاءِ اسان کي اهڙن شعرن مان وڏي هٿي ملي ٿي، جيڪڏهن اسان اهو مسئلو به نه سلجهائي سگهياسين ته ڏينهن پٺيان راتيون ۽ راتين پٺيان ڏينهن گذرندا ويندا ۽ اسين ٻاٽ اونداهيءَ ۾ جنهن بنديخاني ۾ بند آهيون انهيءَ ۾ پيا هونداسين. هر روز ٻڌون ٿا ته اڄ فلاڻو انتقال ڪري ويو پر اهو معلوم نٿا معلوم ڪريون ته اهو فلاڻو منتقل ڪٿان ٿيو ۽ آخر هڪ ڏينهن اسان کي به هلڻو آهي.

جيڪڏهن لطيف جي مٿئين سبق مان مليل مام سلي، انهيءَ تي ٿورو سوچيون ته اسان ۾ اهو احساس ضرور جاڳندو ته:

”الا ائين مَ هوءِ جيئن آئون مران بند ۾“

ائين نه ٿئي جو آءٌ جنهن حالت ۾ قيد ٿي آيس انهيءَ ۾ ئي لڏي لاڏاڻو ڪري وڃان، آخر ڇو آيس؟ منهنجي اچڻ جو ضرور ڪو مقصد هوندو. آيا اهو مون پورو به ڪيو يا نه؟

ممڪن آهي ته انهيءَ لؤن لڳڻ بعد اسان کي ان ’بند‘ بابت ڪجهه معلومات ملي پوي ۽ اسان قرآن شريف جي انهيءَ زمري ۾ نه اچي سگهون، جن بابت چيل آهي ته:

خَتَمَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَعَلٰي سَمْعِهِم وَعَلٰٓي اَبْصَارِهِمْ غِشَاوَةٌ  وَّلَھُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌۢ “ (2:7)

معنيٰ: الله تعاليٰ انهن جي دلين تي، ڪنن تي مهر هڻي ڇڏي آهي، ۽ اکين تي پردو وجهي ڇڏيو آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.

انهيءَ خوف ڪري شاهه لطيف هتي ئي ٿو ڪُوڪاري ته:

”جسو زنجيرن ۾ راتون ڏينهان روءِ“

روڄ آهي انهن شيءِ لاءِ، جيڪا ميسر نه ٿي.  موت هر وقت اسان کي شڪار ڪرڻ لاءِ واجهه وجهي رهيو آهي، ليڪن اسان بلڪل بي خبر آهيون.

شاعر اهو جو اسان کي اهڙي سمجهه ڏئي، فنڪار فقط انهيءَ کي چئي سگهجي ٿو جنهن جي شاهڪار ۾ ڪانه ڪا قدرت ۽ جدت طرازي هجي ۽ آرسيءَ وانگر هر شيءِ جو عڪس ان جي ڪلام مان صاف ۽ شفاف نظر اچي. اها معلومات جا اسان کي عذاب الاهيءَ کان نجات ڏيارڻ لاءِ معاون ثابت ٿي سگهي ۽ جسو زنجيرن مان آزاد ڪرائي، اهڙي ادب، حسن، شاعري يا مصوري کي ئي فنڪاري سڏي سگهجي ٿو.

انهيءَ ڄاڻ لاءِ اسان کي ’بيان‘ سيکاريو ويو. اسان تي واجب آهي ته جيڪي ڪجهه پڙهون يا ڄاڻون اهو ٻين کي ٻڌايون ۽ روشني ڦهلايون. هتي حالت اها آهي جو پنجن سالن اندر ڪوبه اهڙو نئون ڪتاب نه لکيو ويو آهي جنهن ۾ طبع زاد ۽ فطري احساسات سمايل هجن.

هونئن به اها انسان جي عادت آهي ته هو جڏهن ڪا نئين  شيءِ ڏسندو آهي تڏهن ڊوڙي ٻئي کي ٻڌائيندو آهي ته ”ادا! سج لهڻ جو منظر ته ڏس ڪهڙو نه سهڻو ٿو لڳي.“ اهوئي اندروني احساس آهي جو ردعمل طور ٻين ۾ به پاڻ جهڙو جذبو پيدا ڪرڻ گهري ٿو نه ته سج لهڻ ۽ اڀرڻ جا نظارا سڀ ڪو پيو ڏسي. اسان جي ذهني يا روحاني دنيا جي به اهڙي ئي حالت آهي، جتي ڪجهه معلوم ٿيڻ بعد اهو ٻين تائين پهچائڻ ۽ ٻيو دفعو مشاهدي ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. پر جيڪڏهن ڪا شيءِ معلوم ئي نه ڪبي ته ڏيکاربو ڇا؟ جيسين ’احساس‘ پيدا نه ٿيو آهي، تيسين اسان جو ڏسڻ مطالعو ڪرڻ سمورو بي سود آهي. شاهه لطيف جو ڪوبه بيت پڙهو، اندر اجاري ويندو.

”سڪي جان  ستياس، تان سڪ سمهڻ نه ڏي،

جاڳي ستيس  جن لئي سي آيا تان نه اٿياس،

ڀينر آئون ڀلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي.“

جيستائين سنڌ جي ادب ۽ شعر ۾ اهڙي لطافت ۽ ميٺاج موجود آهي تيسين ان جو فنا ٿيڻ ناممڪن آهي.

جنهن وقت اسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ اهڙو تاثير ۽ زندگي پيدا ڪئي تنهن وقت دنيا جا اديب مجبور ٿيندا سنڌي سکڻ لاءِ، هينئر جو اسان کين سنڌي سکڻ لاءِ چئون ٿا، پوءِ کين اسان کي هزار منٿون ڪرڻيون پونديون ته سنڌي سيکاريو. مون پنهنجي هڪ غير سنڌي اديب دوست کي چيو هو ته توهان جيستائين سنڌي سکي شاهه جو مطالعو نه ڪندؤ، تيستائين توهان جي ادبي معلومات نامڪمل آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن وقت اسان ڪلام لطيف جو ترجمو ڪري توهان کي ٻڌايون ٿا، تنهن وقت ان مان اها لطافت، نزاڪت ۽ نهٺائي نڪريو وڃي. مثال طور دنيا جي ڪابه ٻي زبان هن سٽ جي مفهوم جي ادائگي کان قاصر آهي ته:

”ڏري  ۽  ڏاري، سٽ سورن  جي  سسئي،

پيائي  پنهونءَ   ڏي، نرمل   نهاري.......!

لالن جي لطيف چئي، سونهن ستي ساري،

پريتڻون   پاري،  مارڳ  ۾  منڌ  مئي!

مون اهڙيون چار سٽون ڪنهن به عالمي ادب ۾ نه پڙهيون آهن. مون عربي سکي، فقط قرآن سمجهڻ لاءِ. جرمن سکڻ جي ڪوشش ڪيم فقط گوئٽي کي سمجهڻ لاءِ. ڪنهن انگريز، امريڪن يا جرمن لاءِ اهو ڪافي نه آهي ڇا ته سنڌي سکي لطيف پڙهڻ لاءِ. ڪاش! اڄ به اسان ۾ سچي سونهن ۽ سچائي جي پروڙ پئي ۽ اسان اصل ۽ نقل ۾ تفاوت معلوم ڪري سگهون. جنهن وقت اسان ائين ڪيو، تنهن وقت دنيا اسان جا قدم چمڻ لاءِ تيار ٿي ويندي، شرط فقط هي آهي ته اسان قدرت جي ڪائنات جو صحيح صورت ۾ مشاهدو ماڻي سگهون. ساري خدائي انهن ’آيتن‘ سان سٿي پئي آهي.

اِنَّ فِيْ خَلْقِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَاخْتِلَافِ الَّيْلِ وَالنَّھَارِ لَاٰيٰتٍ لِّاُولِي الْاَلْبَابِ“  (3:190)

معنيٰ: بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۽ ڏينهن رات جي ڦيرگهير ۾ عقل وارن لاءِ نشانيون آهن.

جنهن وقت اسان کي انهن قدرتي نشانين پرجهڻ جي پروڙ پئي، تنهن وقت اسان پاڻ کي ’حيوان ناطق‘ سڏائي سگهون ٿا ۽ نه ان کان اڳ،  پوءِ ڇو نه اڄ کان ئي ان ڏس ۾ ڪوشش ڪرڻ شروع ڪري ڏيون.

[  49  ]

 

تعليم جو اصل مقصد

 

مونکي بيحد خوشي ٿي آهي جو اڄ مان اوهان جي وچ ۾ موجود آهيان. خاص ڪري ان لاءِ به خوش آهيان ته آءٌ انهن سند يافته نوجوانن کي خطاب ڪري رهيو آهيان جيڪي تعليمي ادارن مان وڏي ۾ وڏي سند وٺي رهيا آهن. آءٌ هن موقعي تي توهان کي قومي نظام ۾ هڪ اهم جڳهه حاصل ڪرڻ تي وڏي چاھ وچان واڌايون ٿو ڏيان، جو توهين علم جي انهن گهراين تائين پهتا آهيو، جتي اوهين ڪارآمد ۽ سٺا شهري ٿي سگهو ٿا. هن اڄوڪي ڏينهن کان اصل ۾ توهان جي عملي ۽ حقيقي زندگي جي ابتدا ٿي رهي آهي. توهان يقيناً يونيورسٽي اختياري وارن طرفان، پنهنجي والدين طرفان، دوستن احبابن طرفان ۽ هن ملڪ جي سڀني رهواسين جي طرفان جن جي خدمت لاءِ سندرو تاڻي بيٺا آهيو، مبارڪ وٺڻ جي مستحق آهيو.  

آءٌ سڀ کان اول توهان کي هيءَ ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ ٿو چاهيان ته توهان وڏي غلطي ڪندؤ جي توهان ڪڏهن به اهو محسوس ڪندا ته بس هاڻي توهان جي تعليم مڪمل ٿي چڪي آهي. هن قسم جي ڀل فرد توڙي قوم لاءِ برباديءَ جو ڪارڻ بنجي ٿي. ان لاءِ تاريخ گواھ آهي ۽ توهان تي فرض آهي ته توهين تاريخ کي پٺيءَ پاسي اڇلائڻ جي بجاءِ ان مان عبرت وٺو. تعليم زندگي جي لڳاتار ڪاوش جو نالو آهي. تعليم وقت جيان هڪ اڻ ٽٽندڙ سلسلو آهي، جيئن وقت کي اسين صرف سهولت خاطر ڏينهن، هفتن، مهينن ۽ سالن ۾ ورهايون ٿا، تيئن ئي تعليم کي به اسين بعد از پرائمري ثانوي، يونيورسٽي واري تعليم ۽ ٻين اهڙن ڀاڱن ۾ ورهايون ٿا.

اسان جي زندگي اٿاھ علم پرائڻ لاءِ بلڪل ٿوري ۽ اڻ پوري آهي، ۽ زندگيءَ جو بهترين حصو اهو ئي آهي، جيڪو علم سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ خرچ ڪيو ٿو وڃي. علم ذات پات ۽ رنگ روپ جو ڪو فرق نٿو رکي. قرآن حڪيم ۾ تعليم کي ’روشني‘ (نور) سان تعبير ڪيو ويو آهي، جيڪا اسان کي اونداهيءَ  مان ڪڍي سوجهري ۾ آڻي ٿي. يونيورسٽيءَ سامهون لڳل مونوگرام تي جيڪو اُڪريل لفظ ڏسو ٿا اهي حضورﷺ جي خيالن جو عين عڪس آهن ۽ اهي لفظ هي آهن: توهين ڄمڻ کان مرڻ تائين علم حاصل ڪريو(اطلبوا العلم من المهد الي اللحد) اهو ئي سبب هو جو مسلمانن علم حاصل ڪرڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو مکيه شيوو قرار ڏنو. مسلمان جيترا وڌيڪ عالم هئا، اوترو ئي وري بي غرض ۽ انساني عظمت جا علمبردار هئا. هو پورهيي جي عظمت جا قائل هئا ۽ ڪڏهن به هٿن سان محنت ڪرڻ کي عار نه سمجهندا هئا. ائين کڻي چئجي جو پورهيي سان انهن جي محبت هئي، جو کين خبر هئي ته ’پورهيت الله جو دوست آهي.‘ (الڪاسب حبيب الله) ۽ ائين پڻ تلقين ڪئي وئي ته ’حق ۽ حلال جي روزي ڪمائڻ هر مسلمان تي فرض آهي.‘(طلب الحلال فريضة) حضورﷺ جي انهيءَ تلقين جي ايتري قدر پوئواري ڪئي وئي جو وقت جا بادشاھ خود پنهنجي هٿن جو پورهيو ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندا هئا پراڄ قصو ئي اور آهي!!

اسان جي اڄوڪي سماج جي اندر تعليم کي صرف ڏوڪڙن ڪمائڻ جو ذريعو ڪري ورتو ويو آهي ۽ ائين اسان اوچائين تان پستيءَ ڏانهن دکدائڪ نموني ڪرندا پيا وڃيون. آءٌ اوهان کي اهڙي بد سوڻ تبديليءَ جو ڪارڻ ٻڌايان ٿو. اها هڪ حقيقت آهي ته آمريڪا ۽ يورپ جي ماڻهن قرآن حڪيم جي ڪيترين حڪمت ڀرين نڪتن کي پنهنجو بڻايو آهي، پر اڃا به ڪيترا گڻ اهڙا آهن، جن کي هنن هنئين سان نه هنڊايو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هنن جا پنهنجا نظرياتي رويا اهي آهن جيڪي اسين اميراڻي طبقي ۾ خاص طور تي ڏسي سگهون ٿا. اهڙا وڏ گهراڻي جا ماڻهو اڃا تائين هٿ جي محنت کي هيچ سمجهن ٿا ۽ اهڙي پورهئي کان نفرت ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اهڙن خاندانن جي پونيرن صرف هيٺين ٽن ڌنڌن کي اختيار ڪرڻ لاءِ تعليم پئي حاصل ڪئي آهي. فوج، ديول ۽ قانون. ٻيا ڌنڌا جن م سخت جفا ڪشي ۽ محنت درڪار آهي. هو ڊاڪٽر جهڙي پيشي کي به اختيار ڪرڻ ۾ عار محسوس ڪن ٿا.

هيءَ بيماري هڪ نه ٻي صورت ۾ اسان کي مغرب کان ورثي ۾ ملي آهي ۽ ان جو اثر اسان جي نوجوان طبقي تي اهو ٿيو آهي ته هو علم پرائڻ ۽ زندگيءَ کي وڌيڪ حسين بنائڻ خاطر نٿا وٺن ۽ نه وري پنهنجي زندگي تي خود اختياري حاصل ڪرڻ خاطر ٿا پرائين، پر ان کي فقط وڏين وڏين سرڪاري نوڪرين جي حصول جو ذريعو سمجهي پرائن ٿا جو هو سمجهن ٿا ته پيٽ گذران جو بهتر طريقو ڪو آهي ته بس اهو ئي آهي. علم پرائڻ جي ڏس ۾ هن قسم جي غلط سوچ ۽ غلط روش اسان جي قوم کي ڏاڍو ڇيهو رسايو آهي. هيءُ وقت آهي جو اسين پنهنجي غلطي محسوس ڪريون ۽ پنهنجي وک صحيح رستي ڏانهن وڌايون جو اهو سرڪار نامدار لاءِ پڻ هڪ ڪٺن مسئلو ٿيو پوي ته هر هڪ کي تعليم ڏيارڻ کان پوءِ کين نوڪري ڏيارڻ لاءِ به ٻڌل رهي.

اسلام جو هيءُ سونهري اصول آهي ته ”علم صرف علم پرائڻ خاطر پرايو وڃي.“ علم اسان کي زندگي جي ڪشمڪش جي سامهون جهڪڻ بجاءِ ان کي مڙس ٿي منهن ڏيڻ لاءِ آماده ڪري ٿو. اهڙي طرح توهين نه رڳو پنهنجي قوم جي خدمت ڪري سگهندؤ پر ايندڙ نسلن جي پڻ، يا کڻي ائين چئجي ته توهان خود خدا جي حڪمن جي پوئواري ڪري سگهندؤ. توهين مستقبل جي اميد آهيو ۽ توهان ئي آئيندي جا صحيح رهنما آهيو. ايندڙ نسل توهان کان رهبري وٺڻ لاءِ توهان ڏانهن واجهائيندا. اها توهان جي وڏي قومي خدمت ٿيندي جو توهين ڪي اعليٰ ۽ افضل ڪارناما سرانجام ڏيو ۽ اهڙي سونهري تاريخ پوين لاءِ ڇڏي وڃو جا سندن لاءِ مشعل راهه بنجي.

صورتحال جي ان رخ تي نظر رکندي سنڌ يونيورسٽي اختياري وارن هن سال کان مئٽرڪ جو اهڙو نصاب مقرر ڪيو آهي، جنهن ۾ مختلف ڪارآمد مضمون جهڙوڪ ڊکاڻڪي، ڪنڀارڪي ۽ درزڪي ڪم وغيره کي شامل ڪيو ويو آهي. تعليم کي عام ڪرڻ جي مقصد سان سنڌ يونيورسٽي عملي اڀياس تي زور ڏئي علمي سکيا کي1951ع ۾ صحيح جاءِ ڏني آهي. هن ڏس ۾ هڪ جامع منصوبو تيار ڪيو ويو آهي جنهن تحت علم جي هر شعبي کي شامل ڪيو ويو آهي. وسيع پيماني تي برک پروفيسرن جي تقريرن جو سلسليوار پروگرام جيڪو گذريل ٻن سالن کان جاري آهي پڻ هن ڏس ۾ اڳتي قدم آهي.

هتي اهو بيان ڪرڻ ضروري ٿيندو ته اسان جي پڙهيل ڪڙهيل طبقي تي سماج ۽ قوم طرفان گهڻي ئي ذميداريون عائد ٿين ٿيون. اهڙن ماڻهن کي صرف رهبري ڪرڻي آهي پر جيڪي ماڻهو کانئن گهٽ نصيب وارا آهن تن کي علم حاصل ڪرڻ جا ذريعا ميسر ڪري ڏيڻا آهن پر عجب جي ڳالهه آهي ته اسان جي پڙهيل ڳڙهيل طبقي جا ماڻهو بجاءِ ان جي جو هو ٻين کي زنده رهڻ جو ڍنگ سيکارين، خود قوم تي هڪ چٽي آهن. اچو ته اسين پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي انهن سڀني ڪوتاهين جي پورائي ڪريون ۽ وقت جي چيلينج کي قبول ڪريون. هاڻي اهو پنهنجي وس ۾ آهي ته اسين ۽ اوهين سڀ گڏجي پنهنجي ذهني توڙي جسماني صلاحيتن کي اهڙي طرح سان اجاگر ڪريون تان ته ملڪ ۾ قوم جي صحيح معنيٰ ۾ فلاح ۽ بهبود ٿي سگهي.

جيتري قدر فنون لطيفه ۽ ٽيڪنيڪي هنرن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جو سوال آهي ته ائين چوڻ بيجا نه ٿيندو ته اسان وٽ آرٽس ۽ سند يافته نوجوانن جي گهٽتائي ڪانهي، پر ان جي ابتڙ اسان وٽ ٽيڪنيڪي سَند يافته، جن جو ملڪ جي ترقي ۽ زندگيءَ ۾ مکيه ضرورتن مهيا ڪرڻ ۾ وڏو هٿ آهي، ماڻهن جي سخت ڪمي آهي. ان ڪري اها اميد ڪئي ٿي وڃي ته علم جي هر ميدان جا ماهر زندگيءَ جي حالتن پٽاندڙ پنهنجين صلاحين کان ڪم وٺندا.

توهان تي اهو فرض عائد ٿيل آهي ته توهين صحيح نموني زندگي گذاري پاڻ کي هڪ سٺو شهري بنائڻ لاءِ علم حاصل ڪري، پنهنجي فرض جي پوري طرح پوئواري ڪري، پوري قوم جي خدمت ڪري، صحيح معنيٰ ۾ پاڻ کي سند وٺڻ جي لائق بنايو.

اهڙيءَ طرح مطالعو ۽ سندس معنيٰ جيئن عام طرح سمجهي وڃي ٿي ته اها فقط ’علم جي طلب‘ آهي سا غلط آهي. ’اسٽڊي‘ جي معنيٰ آهي ڪنهن به شيءِ ڏانهن متوجهه ٿي جدوجهد ۽ ڪوشش، توجهه ۽ ڌيان سان ان جو اڀياس ڪرڻ. مثلاً ائين چئي سگهجي ٿو ته مون کيسي کي ڪترڻ جا سمورا طريقا ’اسٽڊي‘ ڪيا آهن ۽ هاڻي ان ڌنڌي ۾ تجربيڪار ۽ مشاق آهيان. بهرحال جي اسٽڊي جي معنيٰ فقط علم جي طلب رکجي ته به مسلمان جي لاءِ اڃان ٻي هڪڙي ڳالهه جو فيصلو ڪرڻو آهي ته هو علم جي طلب ڪهڙي نيت سان ٿو ڪري؟ ڇا لاءِ ته مسلمانن جي دين ۾ ’نيت‘ کي ’عمل‘ کان وڌيڪ ضروري سمجهيو ويو آهي. ان متعلق رسول خدا ﷺ جو ارشاد مبارڪ آهي ته:

”انما الاعمال بالنيات“

پر اتي به ڳالهه جو خاتمو نه ٿو ٿئي. ان کان به وڌيڪ زور ڏنو ويو آهي ته

”نيت المومن خير من عملـﮣ“

جنهن جو مطلب ٿيو ته ”مومن جي نيت سندس عمل کان گهڻو قيمتي آهي“

نماز به نيت کان سواءِ نه ٿيندي. هاڻي آءٌ پڇان ٿو ته اسان منجهان ڪهڙو ماڻهو ڪهڙي علم سکڻ جو مقصد، ڪنهن خاص نيت سان ڪري ٿو؟ جي دل جو آواز پڇو ته ماءُ جي نيت اها آهي ته منهنجو پٽ مختيارڪار ٿيندو پوءِ هيترا پيسا ڪمائيندو، جنهن مان بنگلو به ٺهرائيندو ۽ موٽر ڪار به وٺندو.

جيڪڏهن علم پرائڻ جي اها نيت آهي ته پوءِ ظاهر آهي ته مسلمان يا نه مسلمان هئڻ، تنهن سان سندس مناسبت ئي ڪانه آهي!

هاڻي شايد اسان اسٽڊي ڇڏي پيغام ڏانهن ٿا اچون. لفظ پيغام هيڪاري وڌيڪ تشويش جو باعث ٿيندو. ’پيغام‘ لفظ اسان کي ’پيغمبر‘ جو لفظ ياد ڏياريو. پارسين لفظ ’پيغامبر‘ کي مختصر ڪري پيغمبر ڪيو.

پيغمبر کي انگريزي زبان ۾ (Prophet) ٿو سڏجي، پر لفظ اسان جي دنيا ۾ ڪٿي به ڪم اچي ٿو ته پوءِ ان جي نسبت ’خدا جي رسول سان ڪئي وڃي ٿي ڄڻ ته (Prophet) لفظ جي معنيٰ ئي محمد ؐ آهي. محمد ﷺ هڪ پيغام آندو، ان جو نالو ئي آهي ’پڙهڻ‘ (قرآن) هاڻي ٻڌايو ته انهيءَ پڙهڻيءَ (قرآن)کي ڪيترن مسلمانن پڙهيو؟ جي پڙهيو ته پوءِ سمجهيائون ڇا؟

جڏهن ان ’پيغام‘ کي پڙهڻ کان اسان محروم آهيون، تڏهن ٻين ”پيغامن“ پڄڻ يا وٺڻ کان اسان ڪهڙو منهن ٿا کڻون! پڇاڙي جو ’پيغام‘  ته سڄي انسان ذات کي ملي چڪو آهي پر آهي ڪو پڙهڻ وارو؟ آهي ڪو ان تي عمل ڪرڻ وارو؟

غزالي ٿو ڇوي ته: ”جيڪڏهن ڪنهن دوست کي ٻئي دوست جو خط اچي ۽ ضروري احوال لکيل هجن ۽ ڪن ضروري ڪمن لاءِ تاڪيد ٿيل هجي، اهو آءٌ صبح جو کڻي پڙهان ۽ پوءِ وري ڍڪي رکي ڇڏيان ۽ وري ٻئي صبح جو کولي پڙهان ۽ ان طرح عمر گذاريان ته پوءِ چريو چئبس يا سياڻو؟ منهنجو دوست، جنهن اميد رکي ڪن ضروري ڪمن لاءِ پيغام موڪليو هو سو ڇا چوندو؟ منهنجي سڃاڻپ ۾ ڪو چريو شڪ نه آڻيندو.

هاڻي آءٌ پڇان ٿو ته پهرين اسان ۾ قرآن پڙهندڙ آهي ئي ڪونه، پر جيڪڏهن ڪو آهي ته برابر ائين ٿو ڪري جيئن غزالي بيان ڪيو آهي يا حقيقت کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نٿو ڪري.

ٿورو گهڻو جيڪي مون سمجهيو آهي، ان جي آڌار تي آءٌ يقين سان چئي سگهان ٿو ته (قرآن جون) سندس ٻه سٽون سڄي دنيا جي بناوت ۽ آدميءَ جي آئنده حالت جي لاءِ صاف خبر مهيا ڪري سگهن ٿيون پر آهي ڪو پڙهڻ وارو يا ڪو سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو؟

جيڪڏهن هڪڙو پڙهندڙ به اهڙو نٿو ملي ته پوءِ ’علم‘ جي طلب ڪرڻ ڇا آهي ۽ پيغام پڄڻ جو مطلب ڪهڙو آهي! ڇوڪرن جو يا اوهان جو؟ ان طرح ادب سان، استادن کان پڇون ٿا ته ڏوه توهان کي ڏيون يا پڙهندڙن کي ڏيون.“

 

[  50  ]

 

تصويرن جي نمائش: آرٽ ڇا آهي؟

 

انسان پنهنجو توازن وڃائي ويٺو آهي. هو ايترو چريو ٿي پيو آهي جو پنهنجي اصل کي نٿو سڃاڻي. هو ڌرتيءَ کي ٿڏا ٿو هڻي، ۽ سج ۽ ٻين ستارن تي کلي ٿو. کيس اها خبر ئي ڪانهي ته ڌرتي سندس ماءُ آهي ۽ جيڪڏهن اها غائب ٿي وئي ته هر شيءِ غائب ٿي ويندي. نه رڳو اهي اوچيون عمارتون ۽  محلات بلڪ اهي آسمان ڏانهن ويندڙ خلائي جهاز به گم ٿي ويندا. انهن جو ڪو نالو نشان نه ملندو. توهان اهو وساري ويٺا آهيو ته توهان جو دماغ جيڪي سوچي ٿو، اهو مٽي ۽ خاڪ آهي. جرمن قوم کي جڏهن ڪجهه هوش ۽ عقل هو جيڪو هو هاڻي وساري چڪا آهن ته هو ڌرتيءَ کي ’ڌرتيءَ جو روح‘ (Erd Geist) ڪري چوندا هئا. توهان اهوبه وساري ويٺا آهيو ته هيءَ ڪائنات خالق ڪائنات جي تخليق آهي ۽ ان مان سندس شان ۽ وڏائيءَ جو اظهار ٿئي ٿو. اهوئي سبب آهي جو هن سموري ڪائنات ۾ تخليقي صفت موجود آهي. اهي رڳو توهين نه آهيو جيڪي ڪجهه پيدا ڪري سگهو ٿا پر ان جي هر شي ڪجهه نه ڪجهه تخليق ڪري رهي آهي. هن ڪائنات ۾ هر ممڪن شيءِ تخليقي عمل سان ڀرپور آهي ۽ توهان به ائين آهيو.

ڪو مرحلو هو جڏهن توهان پنهنجو قوت پنهنجي بدن مان حاصل ڪندا هئا، پوءِ اهو کاڌو توهان ڌرتيءَ مان حاصل ڪرڻ شروع ڪيو جنهن جو بندوبست فطرت ڪيو. توهان پنهنجي سوچ کان ايترا غافل هئا جو جڏهن توهان فطرت جي نقالي ڪندي کاڌو حاصل ڪيو ته پاڻ کي آريا، يعني سڌريل ڪوٺيو. فقط ان ڪري جو توهان کي هر هلائڻ اچي ويو هو.

ائين هرروز ڪانه ڪا شيءِ ٿئي پئي. توهان ڪو رانديڪو ٺاهي هوا ۾ اڏاريو ٿا ته ٻارن وانگر خوش ٿيڻ لڳو ٿا ۽ پوءِ وري پاڻ کي عقل ڪل ۽ خدا سمجهڻ شروع ڪريو ٿا. جيئن آرين پاڻ ايئن ڪيو هو جو ’هري‘ کي ديوتا جو درجو ڏيئي ڇڏيائون ۽ ان کي پوڄڻ لڳا. اهو ٻيو ڪجهه ڪونهي فقط پاڻ کي وڏي سمجهڻ جو سوداءُ آهي. ننڍڙو انسان هر نئين ۽ ننڍڙي شيءِ تي هنبوشي هڻڻ شروع ڪري ڏئي ٿو.

خدا توهان کي تخليقي قوت سان نوازيو ته جيئن توهان سندس تخليقي قوت کي سمجهي سگهو ۽ ان تي غور ويچار ڪري سگهو. هاڻي جهڙيءَ طرح توهان جسماني طور تخليق جي اهميت رکو ٿا ساڳيءَ ريت توهان ذهني طور به ان جا اهل آهيو. توهان سونهن کي محسوس ڪريو ٿا ۽ شاعريءَ جي تعريف ڪريو ٿا يا ڪا تصوير ۽ چٽ ڪڍو ٿا جيئن غار ۾ رهڻ واري زماني ۾ انسان ڪندو هو. توهان ڪا ننڍي شيءِ تخليق ڪريو ٿا ۽ پاڻ کي غيرفاني سمجهڻ شروع ڪريو ٿا. پر اهو نٿا ڄاڻو ته اهي توهين نه آهيو بلڪ اهو پاڻ آهي جنهن توهان کي تخليق ڪيو آهي ۽ اهو پاڻ توهان کي ان قابل بنائي ٿو. پر توهان کي ياد رکڻ گهرجي ته توهان جو مالڪ پاڻ ائين نه ٿو ڪري.

عظيم فارسي شاعر مولا نا رومي پاڻ کي هڪ نڙ جي ڪانيءَ سان تشبيه ڏني هئي جنهن مان الاهي آواز ٿي آيو. هن پنهنجو پاڻ کي اهو اعزاز نه ڏنو جڏهن هن اها شاهڪار مثنوي دنيا وارن جي آڏو پيش ڪئي. ائين حافظ جهڙي شاعر پاڻ کي فقط اهڙي طوطي سان ڀيٽ ڪئي جيڪو فقط اهو ورجائي ٿو جيڪي سندس پردي پٺيان ويٺل سندس مالڪ سيکاري ٿو. هاڻي هي هيو انهن عالي دماغ انسانن جو رويو جيڪي تخليق جي حسن ۾ ايترو محو ۽ غرق رهندا هئا جو هو پردي پٺيان انهيءَ حسن ازل کي محسوس ڪندا هئا.

توهان هڪ سترهن سالن جي ڇوڪريءَ سان پيار ڪريو ٿا ۽ هن کي حسين چئي مخاطب ٿيو ٿا، پوءِ ٻي هر شيءِ کي وساري ان جي ڪڍ لڳي پئو ٿا. آخر ۾ نتيجو ڇا ٿو نڪري؟ هڪ يا ٻه ٻار! اها ساڳي حالت يا نتيجو ان صورت ۾ سامهون اچڻ کپي. بشرطيڪ هاڻي توهان جو ذهن ۽ روح ايڏا بالغ هجن جيترو توهان هونئن جسماني طورسترهن سالن جي عمر ۾ هئا، ته توهان فطرت سان محبت جي ڪري ٻيو ڪجهه تخليق ڪري سگهو ها. ان صورت ۾ اهي توهان جا ذهني ۽ روحاني  ٻار يا اولاد ليکجن ها. انهيءَ تخليق کي ئي آرٽ يا فن سڏيو وڃي ٿو. البت اها نهايت افسوسناڪ حالت آهي جو اسان کي انهيءَ سونهن ۽ حسن جو احساس يا خبر ڪانهي. اسان وٽ اهي اکيون ۽ ڪن ناهن ان ڪري اهو تخليقي عمل وجود ۾ ڪونه ٿو اچي.

اڄڪلهه جو انسان وڏائي ۽ ڦونڊ ۾ مورڳو انڌو ٿي چڪو آهي ۽ ڪنهن به قسم جي سونهن جي احساس کان خالي آهي. انهيءَ ڪري ان ۾ ڪو تعجب نه هجڻ گهرجي ته هو پنهنجي خالق جو انڪار ڪري ٿو. حالانڪ انهيءَ جي مهرباني ۽ احسان سبب ئي هو ڪجهه تخليق ڪري سگهي ٿو.

جيڪڏهن هيءَ حالت جاري رهي ته ڌرتيءَ کي پنهنجي اصلاح پاڻ ڪرڻي پوندي يعني هن کي جديد انسان مان ڇوٽڪارو ڳولھڻو پوندو ته جيئن هن جي جاءِ تي ڪو صالح انسان اچي سگهي. انهيءَ لاءِ فقط هڪ لوڏو ئي ڪافي آهي.

 

[  51  ]

 

انقلاب زنده باد

 

اڄ اچو ته انقلاب، تبديلي ۽ استحڪام بابت سنجيده گفتگو ڪريون، انهن لفظن جو ڪهڙو مطلب ۽ معنيٰ آهي؟ ڇا زندگي خود مستحڪم آهي؟ استحڪام ۽ تبديلي جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي. ماڻهو ’انقلاب زنده باد‘ جا نعرا هڻي رهياآهن، ڇا اسان کي به تبديليءَ لاءِ ٻاڏائڻ گهرجي. ڇا رڳو تبديلي ئي دنيا ۾ مستقل حيثيت نٿي رکي؟ يا تبديليءَ کي ڪوئي روڪي نٿو سگھي، ڇا ڪو ڌرتيءَ کي ائين چئي سگھي ٿو، تون پنهنجو ڦرڻ ۽ ڦيرو ختم ڪري ڇڏ؟ دراصل تبديلي ئي زندگيءَ جو قانون آهي، اسان تبديليءَ سان سڃاتل آهيون، انهي ڪري چوڻ گھرجي ’تبديلي زنده باد‘ پر اها ڳالهه ڪرڻ مذاق برابر آهي. ان جي بجاءِ اسان جي دعا هجڻ گهرجي شال استحڪام نصيب ٿئي! يا اهو ڏينهن اچي جڏهن غير بدلجندڙ صورتحال کي محسوس ڪريون؟ توهان چئو ٿا خدا ڪڏهن تبديل نٿو ٿئي ۽ نڪو ٿڪجي ٿو. لهذا اسان جي اها دعا هجڻ گھرجي ته انهن صفتن مان اسان کي ڪجهه ڀاڱو نصيب ٿئي! اسان جي دعا اها هجي ته اسان کي ڪامل ۽ مڪمل ڪر، اسان کي بقا ڏي!

ڀلا، تبديلي ۽ استحڪام جو پاڻ ۾ ڪهڙو سٻنڌ يا تعلق آهي. ڌرتي هميشه کان پئي ڦري ۽ ان کي خبر آهي ته کيس ڪٿي وڃڻو آهي، ۽ ائين سج جي چوڌاري پئي گھمي. هاڻي ڌرتيءَ جي ڦرڻ يا گھمڻ وارو قاعدو مستحڪم ۽ مضبوط آهي. اها ڪٿي به ان کان ٻاهر نٿي وڃي، ان کي پنهنجي سفر جي آغاز ۽ انجام جي خبرآهي. اها ڦري ۽ گھمي پئي، پر پوءِ به اها هڪ وڻ يا درخت وانگر مضبوط ۽ مستحڪم آهي، جيڪو زمين مان اڀرڻ جي باوجود وڌي ويجهي رهيو آهي، استحڪام يا مضبوطيءَ جو اهوئي قاعدو قانون آهي. هر تهذيب کي استحڪام حاصل ڪرڻ گھرجي، بلڪه استحڪام ئي تهذيب جو ٻيو نالوآهي. استحڪام کانسواءِ تهذيب قائم رهي نٿي سگهي. قرآن ۾ فرمايو ويوآهي:

ولن تجد لسنة اللّٰه تبديلا

ترجمو: بيشڪ تون ڪڏهن به الله جي عادت کي ڦرندڙ گهرندڙ نه لهندين.

هاڻي توهان اتي قابو آهيو يعني جنڊ جي ڪِيرَ سان ٻڌل آهيون، اها ئي توهان جي جڙ يا پاڙ آهي ۽ اها ئي وڏي نعمت آهي، جيڪڏهن توهان کي ٿوري دير به لاءِ اهو احساس ٿئي ته زندگي بي قاعدي ۽ هڪ هنگامو آهي ته جيڪر توهان جو سڀ سک ۽ آرام ڦٽي وڃي ۽ توهان هر اميد تان هٿ کڻي وڃو، توهان هڪڙي هاريءَ کي ته چئو ته تنهنجو زمين کي کيڙڻ اجايو آهي، ڇا ڪو به ماڻهو ٻج ڇٽڻ ۽ فصل پوکڻ کانسواءِ پيداوار کڻي سگھي ٿو. ڇا پوءِ به هو فصل پوکيندو. توهان جو هر ڪم ۽ عمل اهڙي قاعدي قانون تحت آهي، جيڪڏهن ائين نه هجي ته جيڪر توهان ڪو ڪم نه ڪريو، بلڪه اهو سوچڻ ئي محال آهي، اهو هر اهڙي صورت ۾ لاڳو قاعدن قانونن جو نتيجو ئي آهي، جو سوچ ۽ فڪر جو عمل ممڪن ٿي پيو آهي.

بهرحال تبديليءَ جي عظمت جو اهڃاڻ رولو ۽ خانه بدوش قبيلن جي لڏپلاڻ ۾ سمايل آهي. اهي آريا ئي هئا جن هڪ هنڌ گھر ٺاهي ويهڻ ۽ زمين کي کيڙي آباد ڪرڻ ۽ ڍور ڍڳن کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو. انهن ئي گھر کي مقدس سمجھڻ جو تصور ڏنو ۽ مستقل قيام يا هڪ هنڌ ويهڻ کي عزت وارو سمجهيو. انهن جو متو هو ته زمين توهان جي آهي ۽ اهو توهان جو فرض آهي ته ان کي آباد ڪريو. رومي نسل وارن آرين وري گهر کي ’جانس‘ ديوتا جو درجو ڏنو، جنهن جا ٻه منهن هئا، هڪڙو منهن سندس گهر طرف هو ته ٻيو ٻاهرين طرف هو.

آرين لاءِ اهو به لازمي هو ته باهه ٻرندي رهي.  ڪنوارين عورتن لاءِ هردم خبردار رهڻ کان هرڪوئي واقف هو. استحڪام تمام ضروري هو، هنن وٽ اها خاطري ته هيءَ کيت اسان جو آهي، منجھان ئي ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي پيو.

مطلب ته زندگي ۽ ان جو تسلسل جي اهميت کي محسوس ڪرڻو آهي، جيڪڏهن انسان اهو احساس نٿو رکي ته اهو ڪنهن جاءِ جو نه رهندو، پر اڄڪلهه ڪنهن به شيءِ بابت ڪا خاطري ڪونهي. اسانجي ابن ڏاڏن جو وقت مختلف هو، جيئن ايڇ جي ويلس پنهنجي ڪتاب (Outlook for Homo Sapiens) ۾ لکيو آهي ۽ آءٌ هتي سندس ڪتاب مان اهو ٽڪرو پيش ڪريان ٿو.

”هنن کي سيکاريو ويو هو ۽ هو ان تي اعتقاد ڪندا هئا ۽ اهڙي اعتقاد لاءِ هنن وٽ هر سبب هو،  يعني هي شيءَ يا هوءَ ڳالهه ئي صحيح هئي ۽ صحيح ڳالهه تي ئي عمل ڪرڻو هو ورنه توهان جي مٿان ڪا آفت اچي ٿي سگھي. ان قاعدي تي زور هوته جيڪڏهن توهان ان تي عمل ڪندا ته توهان کي ڪا تڪليف نه پهچندي ۽ نه ڪنهن مصيبت کي منهن ڏيندا. پر هينئر دنيا ۾ اهڙي ڳالهه يا اعتقاد جو وجود نه رهيوآهي ۽ اهو غائب ٿي ويو آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو ماڻهن جي روين ۾ خرابي پيدا ٿي وئي آهي ۽ هو پريشاني، غلط سوچ ۽ وهمن جو شڪار ٿي ويا آهن، بلڪه هر ٺڳي ۽ بي ايمانيءَ کي پسند ڪرڻ لڳا آهن، جيڪو گويا ان عدم تحفظ جو نتيجو آهي جيڪو اصل ۾ فطري قوانين کان منهن موڙڻ جي ڪري پيدا ٿيو آهي. 

هن وقت صورتحال هڪ خطرناڪ پيهه واري آهي، جنهن جو احساس فقط چند ڏاهن ماڻهن کي آهي ته ڪيئن جلد کان جلد اهو اعتماد بحال ٿي سگھي ٿو. جيئن وڌيڪ ميل جول وڌندو ۽ فرد کي گھربل تحفظ حاصل ٿيندو، جيڪو هو تنگ نظر ۽ ظالم ڪامورن کان ضروري سمجھي ٿو،  بلڪه ان کان وڌيڪ هو اهڙين حالتن تحت غلط مفادن جي ور چڙهڻ کان بچڻ گهري ٿو، جيڪي اسان جي بي سمجھه ۽ ٻاراڻي سوچ ڪري پيدا ٿيون آهن.“

هاڻي اهي آهن اهي خيالات جيڪي ايڇ جي ويلس 1946ع ۾ بيان ڪيا هئا، پر تڏهن هو فقط انقلابن بابت ڳالهائي رهيو هو. آءٌ جڏهن (غالباً سال 1937ع) ۾ انگلينڊ کان واپس آيس ته مون ڏٺو ته اسان جي قانونساز اسمبليءَ جا ميمبر ان حد تائين وڃڻ لاءِ تيار هئا، جو گويا سوچ ۽ فڪر بابت پڻ قانون جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، ان وقت مونکي قانون سازيءَ جون سرحدون (Limitations on Legislation) نالي ڪتاب ياد آيو هو، جنهن مطابق جيڪڏهن اهڙين حدن جو وجود نٿو مڃيو وڃي ته پوءِ خود قانون لاءِ ڪو احترام نٿو پيدا ٿي سگهي. مثلاً اڄ جيڪڏهن ڪو اهڙي قانون جوڙڻ جو سوچي، جنهن مطابق هر نيرين اکين واري ڄاول ٻار کي مارڻ لازمي ڪجي ته اهڙي قانون کي ڪو ڪونه مڃيندو،  دراصل قدرتي يا الاهي قانون جي هڪجھڙي هجڻ ڪري ئي زندگي کي استحڪام مليو آهي. انهيءَ وڏي قانون پٺيان ئي انسان قانون ٺاهڻ سکيو آهي. جيڪڏهن اهڙو قانون وجود ٿو رکي ته پوءِ انتشار کان سواءِ ڪجهه باقي نه بچندو،  مطلب ٿيو ته جيستائين آءٌ اهڙي قانون کي نٿو ٽوڙيان ته آءٌ محفوظ آهيان.  زندگي جي بقا ۽ تسلسل ئي اهڙي قانون جي مدعا ۽ مقصد آهي. هڪڙي مقصد جي گم ٿيڻ جو مطلب ناقابل تلافي نقصان آهي، جنهن ڪري عدم تحفظ ۽ انتشارجنم وٺن ٿا.

اسين مقصديت ۽ خدا جي باري ۾ ڳالهايون ٿا. پر اسان جي حقيقي زندگي گھڻو پٺتي پيل آهي. قرآن شريف ۾ آهي ته تحفظ ۽ استحڪام انتهائي اهميت وارا آهن ڇو ته هونئن انتشار دنيا جو مقدر ٿي پوندو. اقبال جڏهن سفر جي طور طريقن جي ڳالهه ڪري ٿو ته هو چوي ٿو ”اهي سفر به زندگيءَ جا طور طريقا ئي آهن، جيڪي اسان کي ٺڳي ۽ دوکي لاءِ مجبور ڪن ٿا، ته جيئن اسين هر صورت ۾ هيءَ زندگي گذاري سگهون.

هر معاشري کي هر دور ۾ الهامي پيغام ملندو آيو آهي، پر آخري پيغام جيڪو پيغمبر اسلام کي مليو، ان جو مطلب هو ته انسان پاڻ ۾ گڏ ٿين ۽ ڪنهن نظريي تحت عهد پيما ڪن ۽ اهڙي رياست ٺاهن جو هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگھن. معاشري جي ان تصور تحت جيڪو پيغمبر ڏنو، معاشري جي سڀني فردن تي ساڳيو فرض عائد ٿئي ٿو، ۽ هنن کي ٻئي ڪنهن نموني ۾ عمل ڪرڻو ڪونه هو، ليڪن هن سلسلي ۾ ڪو به جبر ڪونه هو، جيڪي هن معاهدي ۾ نٿا اچڻ گهرن، اهي پنهنجي ليکي الڳ رهي سگهن ٿا. پيغمبرِ اسلام باهمي اشتراڪ عمل جو هڪ نمونو پيش ڪيو ته جيئن افراد پنهنجي مرضيءَ سان گڏجي دلي طور ان ۾ حصو وٺن. خانه بدوش زندگي کان وٺي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو اچي ٿو. جڏهن چيو وڃي ٿو ته توهان اسان سان گڏجي رهڻ گھرون ٿا،  يا اسان کان الڳ رهڻ جو انتخاب ڪريو ٿا، وڏي ڳالهه ته ڪا زور زبردستي ڪونهي. اڄ اسين جنهن معاشري ۾ رهون ٿا ان کي جمهوري معاشرو چيو وڃي ٿو، جتي افراد پنهنجي معاملن کي پاڻ سنڀالين ٿا ۽ ٻاهر ڪو ٻيو انهن تي حڪم هلائڻ وارو ڪونهي ڇو ته اهي افراد عاقل بالغ آهن ۽ ٻار ناهن جيڪي پاڻ کي ڪنهن قانون جي دائره اختيار ۾ رکن ٿا ڇو ته ان ۾ سندن گڏيل سماجي مقصد سمايل آهي ۽ ان ۾ ئي سندن ترقيءَ ۽ اڳتي وڌڻ جو راز سمايل آهي. راڻي وڪٽوريا جي عهد جي پڄاڻيءَ تائين افراد اهائي ڪوشش ڪندا رهيا، انهيءَ باري ۾ ايڇ جي ويلس جي راءِ هن ريت آهي.

”1900ع کان اڳ تائين دنيا عملي طور هڪ قسم جي اندروني وحدت طرف وڌي رهي هئي. ڪو به ماڻهو پاسپورٽ کانسواءِ يورپ جي ڪنهن حصي ۾ وڃي سگھندو هو، ٽپال ذريعي موڪليل خط بنا ڪنهن رڪاوٽ ۽ رنڊڪ جي دنيا جي ٻي ڪنڊ چليءَ جھڙي ملڪ تائين پهچي ويندو هو، ناڻي جو ملهه سون سان سلهاڙيل هجڻ ڪري، ان ۾ ڪا به وڏي گهٽتائي ڪونه ٿيندي هئي، برطانيه جي شهنشاهيت ۾ تجارتي پابندين جو ڪو وجود ڪونه هو، ۽ هرهڪ سان هڪجهڙي سلوڪ ۽ کليل ڪاروبار واري صورت هئي، آمريڪا جھڙي ملڪ ۾ ڪير به وڃي سگھندو هو ۽ ڪو به پڇڻ وارو نه هوندو هو، اڄ جي مقابلي ۾ اهو زمانو هر صورت سهوليت سلامتي ۽ چڱائي جو زمانو هو.

پر هاڻي اهو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي، تازو جڏهن هڪ انگريز جا لفظ مون پڙهيا ته منهنجي اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا، هن جو چوڻ هو ته انگلينڊ جي نئين راڻي جي اقتدار سان پهرين يا اوائلي ايلزبيٿ جو زمانو موٽي ايندو. دراصل جڏهن حال ناقابل برداشت ٿي پوندو آهي ته پوءِ اسين سڪون خاطر ماضيءَ ۾ پناهه وٺندا آهيون،  مونکي اهو پوئتي ڏسڻ ڏاڍو خوفائتو لڳو، انگلينڊ ماضي کي ڏسي رهيو آهي، اهو مستقبل کي ڇو نه ٿو ڏسي، اتي مونکي شيڪسپيئر جي ڊرامي مئڪبيٿ جي تقرير جا هي الفاظ ياد اچن ٿا: ”زندگي اهڙي ڪهاڻي آهي، جيڪا بيوقوف بيان ڪن ٿا. جنهن ۾ گوڙ شور ۽ اجايو جوش آهي، جنهن جو ڪو مقصد ناهي.“

شاهه لطيف چوي ٿو:

 وٺيو وڃج واٽ، ڪنڌ نه ڦيرج ڪيڏهين،

 لوڻي ڦير لپاٽ،  لڳندئي لطيف چئي.

هو سڌي واٽ وٺيو ٿو وڃي ۽ پوئتي ڪو نه ٿو نهاري. هو پنهنجي ڪلهي تي هر کڻي هلي ٿو ته جيئن هو پنهنجو ڪم ڪري سگھي ۽ پوئتي نه ڏسي، اڳتي وڌڻ جو اهو ئي هڪ رستوآهي، توهان کي منزل تي پهچڻ لاءِ تمام ڊگھو رستو طئي ڪرڻو آهي، ۽ توهان کي پوئتي مڙي ڏسڻ کان هر صورت ۾ بچاءُ ڪرڻو آهي، پوءِ ان ۾ کڻي توهان جو مفاد ڇو نه هجي، اصل ۾ ڳالهه آهي ته ائين به جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي اها پڪ آهي ته هن کي رستي جي خبر آهي، ۽ کيس ڪٿي وڃڻو آهي، ته پوءِ هو پوئتي ڇو نهاريندو؟ هائو، جڏهن اسين رستو ڀلجي ويندا آهيون ۽ پڪ نه هوندي آهي، ته پوءِ هيڏي هوڏي ڏسندا۽ واجھائيندا آهيون،  جڏهن اسان کي مستقبل جي ڄاڻ نه هوندي ۽ اسان جو حال تڪليف ده مونجھاري جو شڪار هوندو آهي، تڏهن اسان ماضيءَ کي ياد ڪندا آهيون.

غير يقيني ۽ شڪ ۾ مبتلا رهڻ هڪ قسم جي بيماري آهي، پر اسان جي لاءِ اها موتمار حالت آهي، اڄ غير يقيني جي اها حالت اسان کي ڪنهن به شيءِ ۾ يقين ۽ ايمان کان محروم ڪري ٿي، استحڪام کي ويجھو اچڻ نٿي ڏئي ۽ اسان ڪنهن به قانون ۾ ويساهه نٿا رکون، بلڪه قانون کي ته ڪنهن به شخص جي مرضي ۽ منشا مطابق بدلايو وڃي ٿو،  ايتري قدر جو اسان جي پنهنجي ڪا شيءِ ناهي نه اسان جو گھر نه اسان جا ٻار مطلب ته ڪا به شيءَ اسان جي ناهي، ان صورت حال کي اسان استحڪام نٿا ڪوٺي سگهون،  هوڏانهن استحڪام کانسواءَ زندگي جو وجود نا ممڪن آهي، هر شيءَ جي پٺيان اهو قدرتي ويساهه آهي.ته ان جو ڪو بنياد آهي، جنهن سان ان جو واسطو آهي يا جنهن کان سواءِاها چري نٿي سگھي،  ان لحاظ کان جيڪو خدا مان ويساهه وڃائي ويهي ٿو، اهو ضرور هيڏانهن هوڏانهن لڏندو لمندو يا هيٺ مٿي ٿيندو، مثلا ماڻهو سمجھن ٿا ته هيءَ ڌرتيءَ اجايو بي مقصد پئي گھمي ۽ آخر انهيءَ جي بي مقصد هلڻ يا ڦرڻ جو هڪ ڏينهن نتيجو اهو نڪرندو جو خلا ۾ دائري جي ڪنارن کان ٻاهر نڪري هميشه لاءِ گم ٿي ويندي، پر جيڪڏهن ان جي جاءِ تي اسان کي اهو خيال يا ويساهه اچي وڃي نه ته هي ڌرتي ڪنهن قدرتي قاعدي تحت گھمي رهي آهي ۽ ان کي هڪ قسم جو استحڪام آهي ته پوءِ جيڪر اسان آزاد ٿي پونداسين،  انسان فطري طور اها ڳالهه ائين سمجھي ٿو ۽ ان جو ثبوت هي آهي ته هو جيت جڻيو يا ڪتي جھڙو جانور ٿيڻ پسند ڪندو، پر هو هر حال ۾ جيئڻ يا زنده رهڻ چاهي ٿو، ليڪن اها زنده رهڻ جي خواهش هر حال ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت ڪو مقصد رکي ٿي، جئين هڪ انگريزيءَ جي شاعر چيو آهي.

’مان ته بدلجي ويندس، پر توهان ڪونه بدلبا‘

هاڻي هو ان خيال سان چهٽيل آهي ۽ ان ڪري پاڻ کي صحيح سلامت سمجهي ٿو. گويا هو ڪنهن رسيءَ سان ٻڌل آهي. قرآن چوي ٿو ’آءٌ زنده آهيان، آءٌ گم نٿو ٿي سگهان.‘ مطلب جيستائين توهان وٽ ان قسم جو خيال ناهي ته جيئرو رهڻ ناممڪن آهي.

اڄوڪي اخبار ’ڊان‘ ۾ ايڊيٽوريل جو عنوان آهي ته ذخيره اندوزي ڪرڻ وارا قوم تي بدنما داغ آهن. منهنجو خيال آهي ته ايڊيٽر صاحب جي مک تي نظر ڪونه ٿي پوي باقي سڄو سارو اٺ ڳهي وڃي ٿو. هن کي ٻيا عيب ته نظر ڪونه ٿا اچن، جن قوم جو سڄو چهرو ڪارو ڪري ڇڏيو آهي، بلڪه جن لاءِ فارسيءَ جي هڪ شاعر هينئن چيو آهي:

’همه تن داغ داغ شد، پنجه کجا کجا نهم‘

منهنجو سڄو بدن زخمي آهي، آءٌ ڪٿي ڪٿي پٽيون ٻڌان.

اڄ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڪوڙ ۽ ٺڳي عام قاعدو آهي، بجليءَ وارو اهڙيءَ طرح بٽڻ ٺيڪ ڪري ٿو جو جيئن کيس ڏينهن ٻن ۾ وري گهرايو وڃي. اهڙيءَ طرح هڪ مڪينڪ ڪار کي ٺيڪ ڪرڻ وقت ٻي ڪا خرابي پيدا ڪري وجهي ٿو ته جيئن مالڪ وٽس ٻيهر اچي. ائين جوتن ٺاهڻ وارو اهڙا جوتا تيار ڪري ٿو، جيڪي چند مهينن کان وڌيڪ جٽاءُ نٿا ڪن. کير وڪڻڻ وارو کير ۾ پاڻي ملائي ٿو. بيڪريءَ وارو ڊبل روٽيءَ ۾ ليمي جي بدران ڪجهه ٻيو وجهي ڇڏي ٿو. گهر کي رنگ ڪرڻ وارو اهڙو رنگ ڪري وڃي ٿو، جيئن توهان هڪڙي مينهن وسڻ کان پوءِ وري کيس گهرائڻ تي مجبور ٿيو. هر هنڌ غير معياري شيون مهانگيون وڪرو پيون ٿين. روڊن رستن ٺاهڻ ۾ غير معياري مواد استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ ساڳي حالت عمارتن ٺاهڻ جي آهي. ساڳيءَ ريت هڪ محسن شاگردن کي تمام ننڍڙي شيءِ جهڙو ڪيڪ پيسٽريءَپهچائڻ سان پاس ڪريو ڇڏي. هڪ اڻ پڙهيل ماڻهو جيڪو پنهنجو نالو به نٿو لکي سگهي، اهو صرف پئسن جي زور تي ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وڃي ٿو. نوڪر مالڪ کي ته مالڪ نوڪر سان ٺڳي پيو ڪري، بلڪه پيءَ پٽ سان ۽ پٽ پيءَ سان ٺڳي پيو ڪري. مطلب هرهڪ ٺڳي ۽ دغابازي پيو ڪري. جيئن اقبال چوي ٿو ته اها حالت آهي جو انسان نه مٿي ٿو ڏسي ۽ نه وري هيٺ ئي نهاري ٿو. جيترو حالتون وڌيڪ خراب ۽ بگڙن ٿيون ته اسان اوترو وڌيڪ فرحت پيا محسوس ڪريون ۽ جيڪي اسان کي سڌارڻ گهرن ٿا ته اسان انهن کي ڀڄائي ڪڍون ٿا.

انهيءَ لحاظ کان اسين اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ کان سواءِ تباهيءَ طرف وڌي رهيا آهيون، ڇو ته اسان کي ان جو ڪو احساس باقي نه رهيو آهي، اسان سچ کي ڪوڙ کان الڳ ڪرڻ کان عاري ٿي چڪا آهيون. پر جيڪڏهن اسان کي ڪا ظاهري ۽ عارضي استحڪام جي صورت نظر اچي ٿي ته اسان ان کي جلدي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃون ٿا، پوءِ ڀلي ان جو مثال سمنڊ ۾ اوچتو نظر ايندڙ وهيل مڇيءَ جي پٺي ڇونه هجي، جيڪا جلدي اسان جي پيرن هيٺان نڪري وڃڻ واري آهي. هڪ دفعو ٻيهر ايڇ. جي. ويلس جو هي قول ياد ڏياريان ٿو:

”جيئن جيئن بي رحميءَ جو عنصر وڌي ٿو، تيئن شهر خطرناڪ ۽ راهه گم ڪندڙ ڏيک ڏيڻ لڳندا ۽ ٻهراڙين تي حملن جو خطرو وڌڻ لڳندو. ڪو وقت نه ڪنهن جهڙو ڪجهه افراد گڏجي ڪنهن دوکي يا نصيب جي زور تي فتح حاصل ڪري اتي پنهنجي ڌوئنس ۽ ڌانڌلي جو راڄ قائم ڪن ٿا. ڪجهه وقت لاءِ ويچارا مفتوح سک جو ساهه کڻن ٿا ته آخرڪار ڪا مضبوط حڪومت دنيا ۾ قائم ٿي آهي. تڏهن اهي پاڻ مٿان مڙهيل مذهب به قبول ڪن ٿا. جيئن فرانس ۾ عيسائيت جو آخري ساهه يا نازي جرمنيءَ ۾ خاص عقيدو، يا جنرل چيانگ ڪائي شيڪ طرفان عيسائيت جي مخصوص فرقي جي حمايت. اهڙيءَ حالت ۾ هو ٻڌايل اخلاقيات جي پابندي پڻ ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي جو ڳجهه نٿا کولن. ڇا تڏهن ذهني تخليق جو تصور ڪري سگهجي ٿو؟ بلڪه تڏهن آزاد سائنسي سوچ جي روشني گم ٿي وڃي ٿي ۽ باقي رهيل کهيل ڄاڻ هميشه لاءِ محڪوم ذهنن جي هٿ ۾ هلي وڃي ٿي.“

وقتي طور انسانذات جيڪڏهن اهڙي قسم جي ڪوڙي استحڪام کي به قبول ڪيو آهي ته ان مان خبر پوي ٿي ته اصل ۽ فطري استحڪام جي ڪيڏي اهميت آهي. صد افسوس جو انسان انڌو ٿي چڪو آهي ۽ هو چوي پيو ته آخر ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ خونريزي جا اصول ئي انسان جي زندگيءَ جو بنياد آهن ۽ جيڪڏهن اهي قائم نه رهندا ته زندگي به تباهه ٿي ويندي. هڪ دفعو ڪوڙ ڳالهائڻ سان مون گويا اهو مثال قائم ڪيو آهي ته ٻيا به ڪوڙ ڳالهائن. دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته هڪ اصول جي ڀڃڪڙيءَ سان ڪيڏو نه وڏو نقصان پهتو آهي. جرمنيءَ ۾ هڪ اصول ٽوڙيو ويو ته ان جو نتيجو سڀني جي سامهون آهي، جيڪو ماڻهو ٻئي کي زخم رسائي ٿو، اهو ئي شروعات ڪري ٿو. اسلام چوي ٿو ڪنهن به صورت ۾ اصول ٽوڙڻو نه آهي. توهان کي ٻئي ڪنهن جي باغ مان هڪ گل به نه ٽوڙڻو آهي، ڇو ته صبحاڻي هو توهان جا ٻوٽا پاڙن سوڌا پٽي هليا ويندا. اسلام چوي ٿو توهان ڪڏهن به پنهنجو وعدو نه ٽوڙيو. جيڪڏهن توهان اهو ڪنهن حالت ۾ اچي ٽوڙيو ته ٻيا سڀ به ائين ڪندا.اصول، قانون ۽ استحڪام جو هرحال ۾ احترام ڪرڻو آهي. هر روز قانون بدلائڻ جو مطلب آهي ته توهان کي قانون لاءِ عزت ڪونهي ۽ اهڙو قانون خود لاقانونيت کي جنم ڏيندو. مطلب ته استحڪام سان ئي زندگي جو بچاءَ ٿي سگهي ٿو.

 

[ 52  ]

 

جارحانه قومپرستي۽ نيچ سفارتڪاري

 

اسان جا برطانوي يعني انگريز دوست هڪ صديءَ کان دنيا کي ٻڌائيندا اچن ٿا ته سندن ’آئين‘  لکت يعني لکيل صورت ۾ موجود ناهي. ليڪن ان جي باوجود هو پاڻ ’آئيني‘ يا ’آئين‘ تي عمل ڪرڻ وارا آهن ۽ اهو سڀ وڏي فخر ۽ شان سان چئي رهيا آهن.

مون کي معلوم ناهي ته اسان جا ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ ان بابت ڇا سوچيندا هوندا جڏهن بار بار اهو جملو ٻڌن ٿا.

هڪ عقلمند شخص جي ذهن ۾ جيڪو پهريون سوال اڀري ٿو جيڪو هو لارڊ سونٽن (Swinton) کان پڇڻ چاهي ٿو، سو اهو ته مهربان! توهان کي اهڙي آئين قائم ڪرڻ ۾ ڪيترو عرصو لڳو آهي؟

ڇا ائين چئون ته اهو وليم فاتح کان وٺي راڻي وڪٽوريا وارو عهد يا زمانو آهي يا جيئن هڪ اڌ دماغ تاريخدان چئي ٿو ته اهو عرصو بادشاھ جان کان پوءِ شمار ڪرڻ گهرجي. ويچاري انگلينڊ ڪيتريون خانه جنگيون، ڪيتريون نااتفاقيون، ڪيترو خون خرابو صدين تائين بردداشت ڪيو آهي۽ تنهن کان پوءِ اهو ’اڻ لکيل آئين‘ وارو ڪمال حاصل ڪيو آهي. انهيءَ ڪماليت جي ڪيتري قيمت ادا ڪئي وئي آهي؟

ڇا اڄ ڪو به سنجيده ۽ عقلمند ماڻهو انهيءَ طريقي مان فائدو وٺڻ چاهيندو جيڪو انتهائي فرسوده ۽ جهنگلي لڙائي واري قانون تي عمل ڪندي، صدين جو عرصو ضايع ڪرڻ بعد، تمام گهڻين زندگين ۽ سرمايي جي نقصان سهڻ کان پوءِ ۽ انتهائي غير مستحڪم حالتن کي منهن ڏيندي وڏين مصيبتن مان گذرڻ بعد حاصل ٿيو. جڏهن ته انهن تڪليفن کي مختصر سوچ ۽ فڪر ذريعي حل ڪر ي سگهجي پيو.

اهو سڀ ڪجهه تڏهن صحيح هو جنهن دور ۾ پنجن کان وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ سوچ رکندر ماڻهو موجود ڪونه هئا ۽ جڏهن پيغام قاصدن ذريعي پڄايا ويندا هئا. جڏهن جيٽ واري تيز رفتاري ڪونه هئي تڏهن اهڙا تجربا لازمي هئا. هن موجوده ايٽم بم ۽ لازمي تعليم واري زماني ۾ اهڙن قديم ۽ مدي خارج تجربن لاءِ اهو موقعو مهل ناهي. ان کان سواءِ ڀلا تاريخ جي مطالعي جو ڪهڙو فائدو آهي. جيڪڏهن انسان پنهنجي متقدمين جي اهڙين خراب حالتن مان ڪو سبق نه وٺي سگهي. ڇا انسان کي انهن سڀني مصيبتن مان لنگهڻ گهرجي۽ پنهنجي سوچ کان ڪو ڪم نه وٺي!

هاڻي اسان افلاطون کان وٺي پوءِ جي نسلن تائين جيڪي ڪجهه ٿي گذريو، ان کي ڏسون ته اهو ڌرين ۾ فقط پنجاھ سالن جي لڙائي جهڳڙن سان ڪونه نبري سگهيو، جيستائين ان جو فيصلوتلوار جي نوڪ سان نه ڪيو ويو.

آءٌ اهڙي آئين کان ڪنهن به ملڪ کي محروم ڏسڻ وڌيڪ پسند ڪندس جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ برطانيه جي عوام کي صدين تائين وڙهڻ جون مصيبتون بردداشت ڪرڻيون پيون. ڇو ته هن زماني ۾ اهڙن خطرناڪ نتيجن ۽ مصيبتن جو تصور نه ٿو ڪري سگهجي جيڪي برطانيه جا ماڻهو نون صدين تائين ڀوڳيندا رهيا.

مون کي لارڊ سونٽن کي ٻڌائڻ ڏيو ته مهربان تنهنجو آئين رت جي درياءَ سان لکيو ويو آهي ۽ نه قلم جي نوڪ سان!!

مون کي لارڊ سونٽن جهڙي پڙهيل ڳڙهيل شخص تي تعجب ٿوٿئي جنهن  کي پنهنجو اهو اٺ نظر نٿو اچي پر ٻئي ڀاءُ جي اک ۾ پيل ڪک تي کلي رهيو آهي. ڀلي ان نئين آئين ۾ هڪ سؤ يا ان کان به گهٽ فقرا هجن، پر هزار مصيبتون ڪونهن جن مان گذرڻ کان بعد هن جو پنهنجو آئين تيار ڪيو ويو هو.

جيڪڏهن هن کي ٿوري به همدردي هجي ها ته هو هڪ نئين رياست جنهن ۾ هر قسم جا فرد آهن جن مان ڪي مختلف فرقن ۾ ورهايل آهن ۽ ڪي قدامت پرست آهن. انهن ۾ ڪي اهڙا تعليم يافته به آهن جن کي پنهنجي نمائندگيءَ جي حق جو پورو پورو دفاع ڪرڻو آهي ۽ نئين آئين جي هر لفظ ۽ فقري سان سوچ ۽ ويچار بعد متفق ٿيڻو آهي. بلڪ هر فقري تي تنقيدي نظر وجهي ان مان هر قسم جون اوڻايون يا زيادتيون ختم ڪرڻيون آهن. انهن ڳالھين کي بنياد بنائي سموري آئين کي رد نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن مهربان ليکڪ ڪجهه دل جي ڪشادگيءَ کان ڪم وٺي ها ۽ هر فرد جي ڪيل ڪاوش کي ڪجهه پسنديدگيءَ جي نظر سان ڏسي ها جنهن سان اتفاق ۽ صلح جو رستو هموار ٿي سگهي ها ته اهو وڌيڪ بهتر ٿئي ها. اختصار اتي ڪم ڪري ٿو جتي افراد هڪ ئي سوچ يا فڪر جا حامل آهن ۽ منجهن عمل جي طرف رجحان موجود آهي. باقي اتي ڪوئي ڪم نٿو ٿي سگهي جتي افراد رڳو اهڙا موقعا پيا ڳولهين ته ڪيئن اصلي ڪم ۾ تاخير ڪجي يا بلڪ ان تي عمل درآمد ئي نه ٿيڻ ڏجي.

مهربان لارڊ صاحب جي اها زيادتي آهي جو هو پاڻ آئين جي سلسلي ۾ ڪا عملي مدد نٿو ڪري ته جيئن اهو آئين هر فرد لاءِ قابل قبول بنجي پوي، بلڪ ڪنهن حد تائين ان کي مذاق جو سبب بنائي ٿو. آخر ۾ اسان کيس ياد ڏياريون ٿا ته کلڻ بنسبت ڪم ڪرڻ جي گهڻو آسان آهي. وڏي حقيقت اها آهي ته اڻويهين صديءَ جي شروعات سان جنهن قوم پرستيءَ جو آغاز ٿيو انسان ذات اڃا تائين ان ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. جيتوڻيڪ وقتي طور ان جي ضرورت هئي پر اها صدي گذرڻ کان اڳ ئي هڪ ٻه- ڌاري تلوار بنجي وئي. قوم پرستيءَ جو اهو بنياد جنهن انسانيت جي تڪفير يا انڪار ڪيو هو، اڳتي هلي ان انساني اخلاق جو جنازو ڪڍي ڇڏيو. 

ان جو مطلب ٿيو ته هاڻي انسانذات جي لاءِ هڪ نئون ضابطه حيات گهربل هو بلڪ ان جنگ و جدل سان ڀرپور اخلاقي ضابطو اختيار ڪيو. اهڙي صورت ۾ هر قوم پاڻ کي انهن آدم خورن کان بچائي رهي هئي جيڪي کيس ڳڙڪائڻ جي چڪر ۾ هئا. ڪوڙ ۽ ٺڳي، دغابازي ۽ فريب، بزدلي ۽ بي حيائي سڀ ڪجهه قومي مفاد پرستي خاطر جائز سمجهيو ويو. هڪ انسان ذات جو تصور بذات خود اهڙو گناھ بنجي چڪو هو جيڪو ڪنهن به سفارتڪار ۽ عملدار کي پنهنجي عهدي تان هٽائڻ جو سٺو سبب هو.

اها صورتحال هئي جنهن جو نتيجو 1914ع ۾ پهرين عالمگير جنگ ۽ پوءِ 1939ع ۾ ٻي عالمگير جنگ جي انتهائي اخلاقي ڏيوالي جي صورت ۾ ظاهر ٿيو جيڪو سموري ڌرتيءَ کي وڪوڙي ويو. ڪو پڇي سگهي ٿو ته آخر ان جو ڪهڙو علاج آهي؟ تاريخ هڪڙو علاج ٻڌايو آهي. عربن جنگ جي ميدان تي به ’سورهيائي‘ (Chivalry) جو تصور متعارف ڪرايو هو. فرسيت جو اهو قائدو يورپ وارن پوءِ جانباز  (Knight) جي طور تي اپنايو هو. نشاني بازي ڪندڙن جو نه رڳو مظاهرو ڪيو ويندو هو بلڪ انهن جي وڏي پذيرائي ڪبي هئي توڻي جو هو ڪڏهن ناڪام ويندو هو، جيڪو عهد ڪبو هو ان جو پورائو ضروري هو پوءِ ڀلي موت کي منهن ڏيڻو پوي.

بدمعاشيءَ تي مبني سفارتڪاري جنهن ۾ عقل جو مجرمانه استعمال ڪيو وڃي ٿو۽ جنهن سان مخالف کي ٺڳي ۽ ڌوڪيبازيءَ سان پنهنجو ڪيو وڃي ٿو، ان جي جاءِ تي نيڪ رويو اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. مختصر لفظن ۾ ائين چئجي ته ڪنهن هڪ قوم کي ذهني ۽ فڪري لڙائي جهڙا صاف سٿرا هٿيار استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. وري ڪو صلاح الدين ايوبي ظاهر ٿئي جيڪو بين الاقوامي سفارتڪاريءَ کي نئون رخ ڏي، انهن اوچاين تي وٺي وڃي جتي انفرادي اخلاق جو اعليٰ مظاهرو ٿي سگهي. انسانيت کي هڪ ڪرڻ  طرف اهو ئي وڏي ۾ وڏو قدم ٿي سگهي ٿو.

انسانيت جو وري گڏجي هڪ ٿيڻ ۽ گڏيل سوچ رکڻ هڪ سٺي ذهن جو مقصد هئڻ کپي جنهن لاءِ اسان جون سڀ ڪوششون وقف ٿيڻ گهرجن. ڪوڙ ۽ ٺڳي، فريب ۽ دولاب، ذاتي مفاد، بي شرم مخاصمت ۽ هڪ ٻئي ڏانهن دشمني جو رويو ترڪ ڪرڻا پوندا ته جيئن اها تبديلي اچي سگهي.

اها ذهني بهادري ذهني مقابلن ۾ هڪ ٻه دفعو شڪست کائي سگهي ٿي ۽ شهيد ٿيڻ جا ڪي واقعا سامهون اچي سگهن ٿا پر آخرڪار ان سان انسانذات کي مٿي اڀرڻ جو موقعو ملندو جنهن سان جنگ و جدل جو خاتمو ٿي سگهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org