[ 33 ]
اقبال جو پيغام
]علامه
صاحب جو 21 اپريل 1957ع تي ڪيل خطاب[
خواتين وحضرات! هن ڀيري علامه اقبال جو ڏهاڙو
رمضان المبارڪ ۾ آيو آهي. توهان هن ڏهاڙي تي اقبال
جي ڪلام سان گڏ کائڻ پيئڻ جي خاطر تواضع پڻ ڪندا
آهيو. پر اقبال جي وفات کان پوءِ پهريون ڀيرو هي
ڏهاڙو رمضان شريف ۾ آيو آهي. تنهنڪري توهان اڄ هن
ڏهاڙي کي روزي سان ملهايو ٿا. اهو آئون توهان کي
ياد ڏياريان ٿو ته هي پهريون ڀيرو آهي، جو اقبال
جو ڏهاڙو رمضان ۾ آيو آهي، جيڪو توهان کي ذهن ۾
رکڻو آهي. کاڌو خوراڪ انسان لاءِ ضروري آهي، پر
روزا به تمام ضروري آهن. ان لاءِ جيستائين اسان کي
خبر نه آهي ته روزو ڇاکي چئجي ٿو، تيستائين روزو
بي معنيٰ آهي. هاڻي آئون مسٽر پرويز کي سڏيان ٿو
ته هو اچي اقبال جو ڪلام پڙهي ڪاروائيءَ جو آغاز
ڪري.
خواتين وحضرات! آئون سمجهان ٿو ته توهان ڏيڍ ڪلاڪ
۾ هر قسم جون تقريرون ٻڌي هاڻي ڪافي ٿڪجي پيا
هوندا. تنهنڪري آئون اهو چوندي به معافي ٿو وٺان
ته توهان ٿڪي پيا هوندا. اڄ هتي مون هڪ بهترين
دوست محترم زيڊ- زيڊ احمد کي دعوت ڏني هئي ته اچي
اسان کي پنهنجي تقرير سان مسحور ڪري، پر هو ڪنهن
سبب ڪري اچي نه سگهيو آهي. هن سوچيو هوندو ته اسان
کيس ٻڌڻ لاءِ اڃان وڌيڪ انتظار ڪريون، تنهنڪري
اسان وري ڪنهن ٻي تاريخ جو انتظار ڪنداسون. باقي
اقبال جي باري ۾ منهنجا خيال جيڪي آئون مختلف
موقعن تي پيش ڪندو رهندو آهيان، سي گهٽ فهم وارا
هوندا آهن. اقبال جي باري ۾ گهڻو ڪجهه چئي سگهجي
ٿو، پر اهو چوڻ سولو ناهي، تنهن ڪري خاموش رهڻ
ضروري آهي. بهتر آهي ته نه چئجي هتي جيڪو ڪجهه
اقبال لاءِ چيو ويو آهي اهو منهنجو فرض آهي ته ان
جي موٽ ۾ ڪجھه چوان، ڇاڪاڻ ته مون کي ڪرسيءَ تي
ويهاريو ويو آهي. جيتوڻيڪ منهنجي تقرير لاءِ وقت
ڪونهي. پهرين مسٽر ڪارواني ۽ آخر ۾ ڊاڪٽر خان،
اقبال جي خوديءَ واري نقطي بابت ڳالهايو. مسٽر
ڪارواني اقبال جي خوديءَ تي مڪمل تحقيقي مقالو
لکيو آهي، جيڪو آئون سمجهان ٿو ته پڙهندڙن لاءِ
ڇپيل آهي ۽ ڊاڪٽر خان ان موضوع تي ڪافي ڳالهايو
آهي، اهو تمام اونهو مضمون آهي. جيڪڏهن اسان
خوديءَ کي سمجهي وياسين ته پوءِ اسان آمريڪين ۽
ٻين کان ڪافي اڳتي هونداسون، ڇاڪاڻ ته اڄ تائين
اهي ان باري ۾ شڪ شبهي ۾ مبتلا آهن. ٻي ڳالهه جيڪا
مون ڊاڪٽر خليل کان ٻڌي، اها آهي،
"لہو
مجھ کو رلاتی ہے جوانوں کی تن آسانی"
پر ساڳئي وقت وري اهو انهن کي هدايت ڪري ٿو ته
شاهين (باز) بنجو، جيڪو اوچي پرواز کان ڊڄي نه ٿو.
ڊاڪٽر صاحب وري ڪجهه گرم ۽ سرد ڳالهه ڪئي آهي. هن
چيو ته انگريزن اسان جي جسم ۾ هڪ قسم جو زهر وجهي
ڇڏيو آهي، جيڪو اقبال اسان مان ڪڍڻ چاهي ٿو.
محترم! ان ڳالهه تي آئون پنهنجي پر ۾ کليس، آئون
جڏهن انگلينڊ ۾ هئس ته هڪ ڳالهه مون انگريز ماءُ
جي واتان پنهنجي ٻار کي چوندي ٻڌي ته منهنجا ٻچا!
تون پنهنجي ڪمند تارن سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪر ۽ ان کان
گهٽ نه سوچ، ٻيو ته هماليه جي چوٽيءَ تي چڙهڻ جي
ڪوشش ڪر. اهو هڪ انگريز ماءُ پنهنجي ٻار کي سيکاري
رهي هئي. آئون ڊاڪٽر خان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو
ته مون کي پاڪستانين يا جرمنن يا فرينچن وانگر
انگريز به پيارا آهن. اقبال خود نصيحت ڪئي آهي ته
قوم جهڙي ڪا شيءِ ڪونهي. مسلمان ان کان مٿانهان
آهن. هنن کي ڪنهن ٻئي جي خلاف ڪينو رکڻو ڪونهي. سڀ
خدا جي مخلوق آهن، تنهنڪري مسلمان انهن کي ان نظر
سان نٿو ڏسي. بس هو هڪ وڌيڪ ڳالهه ڪري ٿو ته
مسلمان ان شخص سان محبت ڪري ٿو، جيڪو الله تعاليٰ
سان محبت ڪري ٿو. هو ٻئي ڪنهن سان محبت نٿو ڪري.
هزار خويش که بيگانه از خدا باشد
فداي يک تن بيگانه که آشنا باشد
ترجمو: اهڙا پنهنجا هزار ويجها دوست ۽ مائٽ جيڪي
خدا کي نٿا سڃاڻن، ان هڪ ڌارئي تان قربان ڪجن،
جيڪو خدا شناس آهي.
اهو فارسيءَ جي جهوني شاعر سعدي ست سؤ سال اڳ
فرمايو هو، هو چوي ٿو ته جيڪڏهن هڪ هزار مائٽ يا
پنهنجا هجن، پر الله تعاليٰ جي ياد کان غافل هجن
ته انهن سڀني کي ان هڪ ڌارئي تان قربان ڪري ڇڏجي،
جيڪو خدا شناس هجي. هڪ مسلمان جي اهائي سوچ آهي،
باقي ٻي ڪابه رشتي داري ڪونهي. رت ۽ نسل جو رشتو
ڪا اهميت نٿو رکي. اها ڪا قابل عزت ڳالهه ڪونهي ته
ڪو شخص ڪنهن خاص خطي سان تعلق رکي ٿو. تنهنڪري ان
ڳالهه تي آئون خاموش نٿو رهي سگهان ته انگريز اسان
کي زهر سان ڀري ويو آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته ان
زهر سان آئون مڪمل ڀريو پيو آهيان.
خواتين وحضرات! تازو اسان ٻڌو آهي ته ڪراچي ۾ 1500
شاگرد امتحان هال مان واڪ آئون ڪري ويا آهن. انهن
جو چوڻ هو ته پيپر ڏکيو هو. آئون هتي قسم سان چوان
ٿو ته جيڪڏهن هڪ انگريز ماءُ پنهنجي پٽ کان اهو
ٻڌي ها ته پيپر مشڪل هو جنهن جي ڪري هو امتحان هال
مان نڪري آيو هو ته هوءَ ضرور ان کي گهر مان ڪڍي
ڇڏي ها. اڙي گڏهه! امتحان ڏکيو آهي! اهو ڇا پيو
چوين! مون سوچيو هو ته تون ملڪ جي لاءِ وڙهڻ ۽
بندوق جي منهن ۾ پيو وڃين ۽ ماريو پيو وڃين.
امتحان ڏکيو هو! ڇا نوجوانن لاءِ ڪا ڳالهه ڏکي ٿي
سگهي ٿي؟ پر اتي ڊاڪٽر خان جي هڪ سٽ صحيح ترجماني
ڪري ٿي.
"مجھے
رلاتی ہے جوانوں کی تن آسانی"۔
اسان ان حد تي پهچي ويا آهيون ته امتحان ڏکيو آهي.
نيپولين جو چوڻ هو ته ناممڪن لفظ بيوقوفن جي لغت ۾
آهي باقي ناممڪن جهڙي ڪا شيءِ ڪونهي. حضور ڪريم ﷺ
جن کي تڪليفون پهچايون ويون، گهٽ وڌ ڳالهايو ويو.
طائف ۾ ٻارن پاڻ ڪريم ﷺ جن تي پٿر وسايا. پاڻ
سڳورا اهو درد به محسوس ڪندا هئا ۽ غمگين به ٿيندا
هئا. جڏهن آخري ڏينهن آيو ۽ ڪاميابي حاصل ٿي ته
آسماني آواز آيو. ”الم نشرح لک صدرک ۽ ان مع
العسر يسرا“. مطلب ته مشڪل سان گڏ ئي آساني
اچي ٿي. جيستائين توهان هزار مشڪلاتن مان نه
گذرندا، تيستائين سهج ۽ سک ڪونه حاصل ٿيندو. اها
آسائش جيڪا تڪليفن کان سواءِ حاصل ٿي، اها ڪهڙي ڪم
جي آهي، اڄڪلهه جي نوجوانن جي تن آسانيءَ اقبال کي
ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. ڇا ٻي ڪا شيءِ اقبال کي ڪمزور
ڪري سگهي ٿي؟ منهنجا پيارا نوجوانؤ! اقبال توهان
کي ۽ پنهنجي پٽ جاويد کي مخاطب آهي. هو ٻن شين
لاءِ توهان کي مخاطب ٿي چوي ٿو. “سرِ دين صدق مقال
اکل حلال”. توهان سمجهو ٿا ته ان جو مطلب ڇا آهي.
مون کي پڪ آهي ته توهان ڪونه سمجهيو آهي. هي پنج
سال جيڪي آئون پاڪستان ۾ رهيو آهيان، مون هڪ دفعو
به ڪنهن شخص کان حلال ۽ حرام جو لفظ نه ٻڌو آهي.
اقبال چوي ٿو ته هر مذهب جو اصل جوهر ۽ راز آهي
“صدق مقال اکل حلال” يعني سچ ڳالهايو ۽ حلال کائو.
رہا ہے ازل سے یہ قلندروں کا سعی
کہ دل ہی زبان کی رسید۔
اهو نه ڳالهايو، جيڪو دل نٿي چوي. سڄو وقت ڪوڙ
ڳالهائي ماڻهن کي نه مڃايو ته هيءَ چالاڪ ۽ ڪامياب
آهي. اهو ڳالهايو، جيڪو توهان محسوس ڪريو ٿا. قرآن
شريف فرمائي ٿو ته اهي نٿا ڳالهائن سواءِ ان جي،
جيڪو هنن جي دلين ۾ آهي، اقبال چوي ٿو ته اهي ئي
شيون آهن. هاڻي ڇا هو ڪا نئين ڳالهه چوي پيو. هتي
مون وٽ فارسي ڪتاب ”لوائح جامي“ آهي، جيڪو جاميءَ
ڇهه سئو سال اڳ لکيو ۽ انهن ماڻهن بابت لکيو آهي،
جيڪي هن کان هڪ صدي اڳي رهندا هئا. ان جو مطلب ٿيو
ته ست سئو سال اڳي جن ۾ هڪ شخص شيخ ڪمال الدين
عبدالرزاق جيڪو هڪ وڏو عالم هو پڻ شامل آهي. هن
سلسلي ۾ اسان کي سيد علي اڪبر شاهه ٻڌايو ته
مسلمانن ۾ به وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جي باري ۾
جهڳڙا هلندڙ هئا. وحدت الوجود جي باري ۾ ابن عربي
ڳالهايو آهي ۽ وحدت الشهود جي باري ۾ علي اڪبر
شاهه جي چوڻ موجب شيخ احمد سرهندي ڳالهايو آهي. پر
هتي هڪ عالم ٻئي عالم کي لکي ٿو، جيڪو وقت جو شيخ
الاسلام هو. اهو خوبصورت خط اڄ جي ڪنهن جديد عالم
يا عام پڙهيل نه ڏٺو هوندو. اهو فارسي زبان ۾
بهترين خط آهي، جنهن ۾ منطق ۽ سٺن دليلن سان وضاحت
ڪيل آهي. ان کان پوءِ وري مفتي اسلام شيخ رڪن
الدين علاءُ دولـﮧ جو جواب اچي ٿو ۽ هو ان جو جواب
ان خط جي پويان عام ماڻهن جي وضاحت لاءِ لکي ٿو.
هو پهرين هي الفاظ لکي ٿو.
”بزرگان دين و روندگان راهه يقين باتفاق گفت اند
که معرفت حق برخور داري. کسي يا بند که لقمـﮧ صدق
لهجه شعارو کار اوباشد چون اين هردو مفقود ازين
فرحت چه مطلوب.“
اقبال سچ ڳالهائڻ ۽ حلال روزيءَ کي مذهب جو جوهر
چوي ٿو. ڀلا، هي ست سئو سال اڳ وارو جهونو شخص ڇا
ٿو چوي؟ اهوئي ڪجهه، جيڪو مون ٿورو اڳ وحدت الوجود
يعني انسان جي عظمت ۽ خدا کي قريب ڪندڙ فلسفي بابت
چيو هو. هو انهن سڀني حقيقتن بابت ڳالهائي ٿو. هو
چوي ٿو ته اهي تامات ۽ ترهات ڇا آهن؟ تامات معنيٰ
فضول گفتگو ۽ ترهات معنيٰ عمدي گفتگو. اهڙي طويل
گفتگوءَ جو ڪهڙو فائدو آهي. اهي فقط ڏند ڪٿا يا
ڪهاڻيون آهن. هو چوي ٿو ته جن کي صراط مستقيم جي
خبر آهي، انهن لاءِ الله تعاليٰ تائين رسائي جو
آسان رستو حلال رزق ۽ سچ ڳالهائڻ آهي. اقبال هتي
ان مسلمان جيڪو ست سئو سال اڳ گذاري ويو آهي، ان
جي زبان ۾ ڳالهائي ٿو. آخر ائين ڇو نه ڪرڻ گهرجي،
ڇاڪاڻ ته سڄو قرآن ان سان ڀريو پيو آهي. هو انهن
نوجوانن لاءِ چوي ٿو:
دين سراپا سوختن اندر طلب
انتهاءِ يک عشق آغاز از ادب
آبروئي گل و رنگ و بوءِ اوست
بي ادب بي رنگ بوءِ بي آبروست
گرد جواني راکه بينم بي ادب
روز من تاريک مي گردد زشب
اقبال اهوئي چوي ٿو ته جڏهن آئون ڪنهن نوجوان کي
بي ادب ڏسان ٿو ته منهنجا روشن ڏينهن ڪارين راتين
۾ تبديل ٿيو وڃن. ان نوجوان کي ڇا چئجي، جيڪو
پنهنجي وڏن بي ادبيءَ سان پيش اچي ٿو، هتي آئون ان
مقدس هستيءَ جو قسم کڻي سان چوان ٿو ته پنجن سالن
۾ مون کي هڪ يا ٻن شخصن کان سواءِ ادب لفظ جي
معنيٰ ڄاڻڻ وارو ڪو نه مليو آهي. اهو لفظ انهن
لاءِ غير مانوس آهي ۽ انهن لاءِ ادب جي معنيٰ ڇڙو
علم ۽ تعليم آهي.
حضرات! ادب جي معنيٰ اها ناهي. ادب معنيٰ انهن سان
نئڙت سان پيش اچڻ، جيڪي توهان کان وڌيڪ مرتبي وارا
هجن. قرآن شريف ان باري ۾ فرمائي ٿو ته ”بشرالمخبتين.“
يعني نئڙت ڪندڙن کي خوشخبري ٻڌايو ته انهن کي اهو
سڀ ڪهه حاصل ٿيندو جيڪو هو چاهيندا. اڄ اهو ادب
اسان جي ملڪ ۾ ناپيد ٿي چڪو آهي. حالانڪه اهو اڳي
اهڙو ته معروف هوندو هو، جو جيڪڏهن هڪ ڀاءُ ٻه سال
وڏو هوندو هو ته ننڍو هن کي پيرين پئي ملندو هو.
اها ادب جي نشاني هئي، آئون سمجهان ٿو ته هتي
محترم احمد منهنجي پٺڀرائي ڪندو ته اها رسم اسان
جي ملڪ ۾ هئي ۽ هاڻي اهو ادب ڪٿي آهي؟ جيڪڏهن الله
تعاليٰ هيٺ لهي اچي ته به ماڻهو اهڙي نموني آڪڙجي
بيهندا، ڄڻ ته الله تعاليٰ کي سڃاڻين ئي نه ٿا.
پوءِ اسان جي گفتگوءَ جو ڪهڙو فائدو؟ مون شروع ۾
چيو هو ته اقبال جي هيءَ ورسي آهي، جيڪا روزن ۾
آئي آهي تنهنڪي کائڻ پيئڻ جي بدران اڄ روزو رکيو
آهي. اهو ئي سبب آهي ته اڄ آئون خشڪ ڳالهيون ڪريان
پيو. هن مذهب جي باري ۾ ٻه شيون چيون آهن. تامات ۽
ترهات جيڪي مڪمل طرح نه سمجهيون ويون آهن. ڇو ته:
به آدمي نه رسيدي خدا چه مي جوئي
زخود گريخته اي آشنا چه مه جوئي
توهان انسانيت تائين نه پهتا آهيو. پوءِ خدا جي
باري ۾ ڪيئن ٿا ڳالهايو. ڇا خدا توهان وٽ هلي اچي
ته پوءِ انسان ٿي سگهندا؟ ٻي ڳالهه جيڪا هو چوي
ٿو:
بتوں سے تجھ کو امیدیں خدا سے ناامیدی
مجھے بتا تو سہی اور کافری کیا ہے
جڏهن توهان کي خوف ۽ رجاءِ غير الله کان آهي ته
پوءِ پاڻ کي مسلمان ڪيئن ٿا سڏايو. توهان جون
اميدون ۽ نااميدون هڪ يا ٻئي شخص سان منسلڪ آهن،
جيڪڏهن آئون ڊپلوميسي سان ڪم نه ڪندس ته ڪامياب نه
ٿيندس. جيڪڏهن آئون هن سان ٺڳي نه ڪندس ته ڪامياب
نه ٿيندس. جيڪڏهن ٻئي جي چوري نه ڪندس ته شاهوڪار
نه ٿيندس. اسان ان حد تي وڃي پهتا آهيون ته هڪ دوا
ساز مريض جي موت جو سبب بڻجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو نقلي
دوائون تيار ڪري ٿو، پئسا ڪمائڻ چاهي ٿو. اها آهي
اسان جي اڄڪلهه جي اخلاقيات! ڇا آئون ڪنهن شخص کي
پنج سئو روپيه ڏيئي اعتبار ڪري سگهان ٿو ته هو
پنهنجي عزت، ايمانداري ۽ خودداري قائم رکندو ۽ هڪ
پئسو به نه کائيندو.
خواتين وحضرات! الله تعاليٰ توهان جي مدد ڪري!
مون کي انهن انسانن جي خبر آهي، جيڪي ڪنهن شخص جي
هڪ پائي به نه کائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه
سندن عزت کان گهٽ آهي. آئون ٺڳي ڪريان ته پوءِ
پنهنجو چهرو پاڻ کي ڪيئن ڏيکاري سگهندس! اڄ اهو
تصور ڪنهن شخص کي به فڪرمند نٿو ڪري. عزت جهڙي ڪا
شيءِ ڪونهي. اقبال مٿس خدا جي رحمت هجي هن جي نظر
۾ اسان پنهنجا اقدار ڪونه ڪيرايا آهن.
ستاروں سے آگے جہان اور بھی ہیں
ابھی عشق کے امتحان اور بھی ہیں
اقبال انسان جي ٻار کي ڪهڙي آدرشي سوچ ڏانهن وٺي
وڃي ٿو ۽ اسين ڪهڙي تحت ثريٰ ۾ ڪريا پيا آهيون. هڪ
طرف ايتري بي ايماني جو هڪ روپئي جي ڪري دوا ساز
انسان کي ماري ڇڏي ٿو. ڇاڪاڻ ته صحيح دوا هن وٽ
ڪونهي. ٻئي طرف نوجوان امتحان هال مان نڪري وڃي ٿو
ڇو ته پيپر ڏکيو آهي، جنهن کي هو حل نٿو ڪري سگهي.
هوڏانهن وري ماءُ پيءُ خوش ٿين ٿا ۽ چون ٿا ته
منهنجا ٻچا، توهان جي لاءِ وري نئون رستو اختيار
ڪريون ٿا. اسين پروپئگنڊا ڪريون ٿا ته پيپر آسان
ڪڍيو وڃي. الله تعاليٰ اهڙن والدين تي رحم ڪري
اهڙي ملڪ تي رحم ڪري ۽ اهڙن تعليمي ماهرن تي رحم
ڪري ۽ اهڙن مسڪين ٻارن تي رحم ڪري جن کي خبر ناهي
ته انسان جي ٻار کي ڇا ٿيڻ گهرجي. جيئن مون چيو ته
صحيح سوچ رکندڙ شخص اهڙي ٻار کي گهر ۾ داخل ٿيڻ نه
ڏيندو، جيڪو اچي چوي ته مون ڪاپي ڪري امتحان پاس
ڪيو آهي يا چوي ته پيپر ڏکيو آهي، تنهنڪري پيپر نه
ڏيندس. هو ڪاوڙ ۾ اچي ماني نه کائيندو. ماءُ جو
ڪيترن ڏينهن تائين منهن نه ڏسندو. هاڻي ڏسو ته
اسان وٽ ڪهڙي قسم جا ماءُ پيءُ آهن، جيڪي خوش ٿين
ٿا ته اسان جو پٽ ڪاپي ڪري پاس ٿيو آهي. منهنجي پٽ
لاءِ امتحان سولو هو، ٻيءَ حالت ۾ هو وٺي وڏو گوڙ
ڪري ها. فقط ايترو نه، پر پريس به ان ۾ شامل ٿي
وڃي ٿي ۽ اخبارن ۾ واويلا شروع ٿي وڃي ٿي ته
امتحان ڏکيو هو. الله تعاليٰ اهڙي پريس تي، ملڪ تي
۽ انسانن تي رحم ڪري. هاڻي اسين ڪٿي بيٺا آهيون.
اهو سردين صدق مقال اکل حلال، جي معنيٰ سمجهڻ لاءِ
مون کي ڪيترا سال گهرجن. مون ستن سالن تائين
ڪراچيءَ جي هڪ مسجد ۾ جمعي جي خطبن ۾ اکل حلال جي
معنيٰ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪنهن هڪ فرد به ان
کي صحيح سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي. اهو آواز هڪ ڪن کان
آيو ۽ ٻئي ڪن کان هليو ويو. تنهنڪري هتي منهنجين
دانهن ۽ ڪوڪن جو ڪهڙو فائدو!
”ز بت خون جگر خوردم کين آتش بجوشائي“.
ڀلا هتي ٻيو منهنجي لاءِ ڇا رهيو آهي، سواءِ
پنهنجي خون جگر پيئڻ جي! مون کي خبر آهي ته آئون
بيڪار پيو دانهون ڪريان، جيڪڏهن آئون دانهون ڪندي
مري به وڃان ته ڪير خيال ڪندو. هائو، فقط اهي خيال
ڪندا، جن کي ڏسڻ لاءِ اکيون هونديون. اهي ڏسندا جن
جي دلين ۾ الله تعاليٰ جي ياد آهي. جڏهن ڪو الله
جو ٻانهو وڃي ٿو ته انهن جون ”يَخْشَوْنَ
رَبَّهُمْ ۚ ثُمَّ تَلِيْنُ جُلُوْدُهُمْ
وَقُلُوْبُهُمْ اِلٰى ذِكْرِاللّٰهِ ۭ“يخشون
ربهم ثم تلين جلودهم، وقلوبهم الي ذکرالله.“ (قرآن
23:31)
انهن جون دليون ڏڪن ٿيون، هتي اقبال پنهنجي پٽ
جاويد کي آخري نصيحت ڪري ٿو، چوي ٿو:
در مسلمانان مجو آن ذوق شوق
آن يقين آن رنگ بو آن ذوق شوق
هو چوي ٿو ته منهنجا پٽ! هاڻي انهن مسلمانن ۾ اهو
ذوق شوق نه ڳول، انهن ۾ اهو يقين ۽ رنگ بو باقي نه
رهيو آهي.
عالمان از علم قرآن بي نياز
صوفيان درنده گرگ و مو دراز
گرچه اندر خانقاهان هائي هو ست
کو جوان مردي که صبها در کدوست
اهو ئي هو چوي ٿو ته مسلمانن ۾ اهو ذوق ۽ شوق
ڪونهي. هن هال ۾ ڪجهه وقت اڳي اسان تمدن جي باري ۾
ڳالهايو هو ۽ هڪ وڏي پاڪستاني مسلمان چيو هو ته
مسٽر قاضي! تمدن جي تشريح نٿي ڪري سگهجي. ڇو ته ڪن
لفطن جي تشريح نه ڪري سگهبي آهي.
مهربان! هاڻي مون اڇي مٿي واري جي ڳالهه ٻڌو. ڇا
اهڙو ڪو لفظ آهي، جيڪو سمجهائي نه سگهجي؟ تمدن جي
معنيٰ نٿا سمجهون پر ان جو جوهر ذوق شوق آهي. جيئن
مذهب جو جوهر سچ ڳالهائڻ ۽ حلال کائڻ آهي، تيئن
ڪلچر جو جوهر ذوق شوق آهي. ڪارلائل چوي ٿو ته ڪو
شخص کڻي ٻهاري دار هجي، جنهن سان هو گذران ڪندو
هجي. ان ۾ ڪو حرج ڪونهي، ڇو ته جياپي لاءِ هن کي
ڪم ڪرڻو آهي. هو چوي ٿو ته پر اهو ڏسو ته هن کي
فارغ وقت ۾ ڪٿي راحت محسوس ٿئي ٿي. هن جو ذوق ۽
شوق ڪهڙو آهي. توهان هن جو ذوق معلوم ڪري، ان
متاثر ڪندڙ ذوق بابت فيصلو ڪريو ته حقيقت ۾ هو
ڪهڙي قسم جو انسان آهي. هن کي صفائي ڪندڙ انسان جي
حيثيت ۾ نه پرکيو. مون ڪيترائي دفعا اڳي هڪ شخص کي
چيو هو ته حيدرآباد شهر جي صفائي منهنجي حوالي
ڪريو، آئون خوشيءَ سان ڪندس. مون کي رڳو ان جي
عيوض گذران واسطي ڪجهه ڏجو. آئون اها نوڪري ڪرڻ
لاءِ تيار آهيان، جيئن ٻي نوڪري ڪريان پيو. آئون
هڪ سٺو انسان چئبس، جيڪڏهن اهو ڪري سگهان ٿو. پر
جيڪڏهن فرصت جي وقت ويهي گارگند ڪريان ۽ ٻاراڻيون،
بيوقوفاڻيون حرڪتون ڪريان ته پوءِ توهان ڄاڻو ٿا
ته هو انساني روح ڪهڙي سطح تي هوندو. مطلب توهان
جيڪا صحبت ۽ دوستي رکو ٿا، اها توهان جي انساني
حيثيت جو تعين ڪري ٿي، ڪيترن عظيم انسانن هتي غلام
ٿي پنهنجي مالڪ لاءِ سخت پورهيو ڪيو آهي ۽ اهي
تاريخ ۾ عظيم انسان ٿي گذريا آهن، هڪ حبشي غلام
جنهن ’طاؤس الحرمين‘ جو لقب حاصل ڪيو ۽ ٻيا
ڪيترائي حلاج، بجڪائي، پنجارا ۽ ڌوٻي توهان جا وڏا
عالم ٿي گذريا آهن، ڇا اهي پنهنجي پيشي جي ڪري گهٽ
نظر سان ڏٺا ويندا هئا؟ خدارا! اهي توهان ۽ اسان
کان لکين دفعا وڌيڪ وڏا انسان هئا ۽ اهي سڀ مسلمان
هئا. تنهنڪري علامه اقبال پنهنجي پٽ کي مخاطب ٿي
چوي ٿو ته منهنجو طريقو فقيري آهي. اهو اميري
ڪونهي. هو جاويد کي چوي ٿو ته ان بابت سوچ، هينئر
خبر نه آهي ته جاويد ڪٿي آهي. اسين ان حالت تي اچي
پهتا آهيون. انهن تامات ۽ ترهات جي ڪهڙي ضرورت
آهي، جيڪي علاءُ الدين رڪن دولـﮧ ست سئو سال اڳ
ٻڌايا آهن. ان جو ڪهڙو فائدو آهي ته ڊگهيون
تقريرون ڪجن ۽ فلسفي جون اجايون ڳالهيون ڪجن، جڏهن
ته انسان نه حلال کائي ٿو ۽ نه سچ ڳالهائي ٿو. اهي
ٻئي شيون هن ۾ ڪونهن. پوءِ هو الله تعاليٰ جي هن
ڪائنات ۾ ڪهڙي ڪم جو آهي؟
[ 34 ]
اسلام
جو انسانيت بابت نقطه نظر
[علامه صاحب هيءَ خطاب ورلڊ يونيورسٽي سروس جي
زير اهتمام شاگردن لاءِ ڊسپينسريءَ جي افتتاح
وقت 5 نومبر 1957ع تي ڪيو ]
دوائون ۽ ڪتاب توهان کي ٻئي هنڌ به ملي ويندا، پر
سڀ کان اهم توهان جو نقطه نظر ۽ رجحان آهي. اهو
نقطه نظر ئي ته آهي، جيڪو زندگيءَ جي هر مرحلي تي
نهايت اهم آهي. هڪ درزيءَ جي ذهن ۾ هر وقت مروج
فيشن يعني نمونو رهندو آهي، جنهن مطابق هو پنهنجي
گراهڪ جا ڪپڙا سبندو آهي.
ليڪن امام غزاليءَ لاءِ مروج نمونو يا فيشن ڪا
اهميت نٿو رکي، هن لاءِ اها ڳالهه وڌيڪ اهم هئي ته
ماڻهوءَ اهي ڪپڙا يعني لباس ڪيئن حاصل ڪيو. اسان
جي نبي سڳوري ﷺ جي حديث آهي ته توهان پهرڻ واري
لباس کان وٺي هر شيءِ جائز ذريعن سان حاصل ڪريو.
باقي فيشن يا پهرڻ جو نمونو ته ان جي ڪارج سان
منحصر آهي. مثلا هڪ ڊاڪٽر لباس کي موسم جي لحاظ
کان ڏسي ٿو ته سرديءَ جي موسم آهي ۽ ڇا مريض
سرديءَ کان بچڻ خاطر گرم ڪپڙا ڍڪيا آهن. انهيءَ
لحاظ سان ورلڊ يونيورسٽي سروس وارن کي اڄ اها ڳڻتي
لاحق ٿي آهي ته ڊسپينسري قائم ڪن ته جيئن انساني
بدن کي تندرست رکي سگهجي. شايد سڀاڻي اسان ماڻهن
جي ذهنن ۽ روحن بابت سوچينداسون!
هتي اهم ڳالهه آهي ته اسان ورلڊ يونيورسي سروس کان
مستفيد ٿيون ۽ ساڻن لاڳاپي ۾ اچون. مان هتي توهان
کي اهو به ٻڌائي ڇڏيان ته مسلمان ٿيڻ جو مطلب ئي
آهي ته توهان دنيا جي سطح تي دلچسپي وٺو ٿا. اسان
جي هڪ قديم اصطلاح موجب دنيا ۾ هر شيءِ اندر ارتقا
ڪندي ساڳئي قسم جو روح ڪار فرما آهي. انهيءَ پس
منظر ۾ مسلمانن روح جماداتي، روح نباتاتي، روح
حيواني ۽ روح انسان جي ڳالهه ڪئي آهي. ان لحاظ سان
انسانيت جو روح به هڪ ئي سمجهڻ گهرجي. انسانذات جو
روح هڪ ئي آهي. قرآن ان ڪري روح لاءِ واحد جو صيغو
استعمال ڪيو آهي ۽ ارواح ڪٿي به استعمال نه ڪيو
آهي. ساڳيءَ ريت قرآن دين لاءِ به واحد جو صيغو ڪم
آندو آهي. بلڪه ان دين جو فڪر يا فلسفو به هڪ ئي
آهي. مذاهب يا اديان جيڪڏهن آهن ته اهي ان هڪ مذهب
يا دين جا پهلو ۽ پاسا آهن انهيءَ ڪري قرآن ڪٿي به
اديان جو لفظ نه آندو آهي.
هڪ دنيا يا هڪ ڪائنات ئي مسلمانن وٽ نا قابل تغير
حقيقت آهي. مشرق ۽ مغرب جا الفاظ به مسلمانن
پهريون دفعو استعمال ڪيا پر هنن اهي الفاظ به
پنهنجن مسلمانن لاءِ ڪم آندا ۽ ٻين لاءِ نه! اهي
مسلمان جيڪي مصر جي اولهه ۾ رهندڙ هئا جيئن لبيا،
تيونس، مراڪش، الجيريا وغيره تن تي هنن مغرب جو
نالو ڏنو ۽ جيڪي مشرق ۾ هئا يعني عراق ۽ ان جي
اوڀر ۾ تن کي مشرق جو نالو ڏنو ويو. اڳتي هلي يورپ
وارن اهي ئي نالا اختيار ڪيا ڇو ته اهي ئي رواج ۾
اچي چڪا هئا. اهڙيءَ ريت يورپ وارن مسلمانن جي هڪ
دنيا جي هجڻ واري تصور کي وري جياري اختيار ڪيو
آهي، هوڏانهن مسلمان خود پنهنجن اصطلاحن مشرق ۽
مغرب جي چڪر ۾ گم ٿي ويا آهن. هنن اهو وساري ڇڏيو
آهي ته مشرق ۽ مغرب هڪ آهن ۽ قرآن ئي ائين چيو آهي
”رب المشرق و المغرب “
يعني اهو اوڀر ۽ اولهه جو پالڻهار.
حقيقت اها آهي ته دنيا هڪ ادارو آهي جنهن جي پيڙهه
جو پٿر نبي ڪريم ﷺ جن رکيو جنهن پاڻ فرمايو:
اِلٰهُنا وَاِلٰهُکُم وَاحِد
يعني اسان ۽ توهان سڀني جو خدا هڪ آهي.
بلڪ انسانيت هڪ آهي. مسلمان ان ڪري ئي ته مسلمان
آهي جو هڪ ڪائنات جي وحدت ۾ايمان رکي ٿو. خدا هڪ
آهي ۽ ڪتاب هڪ آهي. ايمان جو روح اهوئي آهي ۽
اهوئي انسانيت جو روح آهي. جيستائين اسان ان روح
کي نه سمجهيو آهي تيستائين تهذيب جو سوال پيدا نٿو
ٿئي. ڪلچر جو آخري سبق اسلام ئي آهي ۽ جيڪڏهن اسان
اهو سمجهڻ کان قاصر آهيون ته پوءِ اسان جي صحيح
معنيٰ ۾ مذهب يا تهذيب يافته بنجڻ ۾ شڪ آهي.
[ 35 ]
سائنس جو مطلب ڇا آهي؟
[علامه صاحب هيءَ تقرير، نومبر 1957ع تي ڪئي]
خواتين و حضرات، هڪ ڏينهن اڳ مون پنهنجي گهر ۾ ڪتي
کي سڏي، ان کي کائڻ لاءِ کاڌو ڏنو، پر هو ڪو اڳي
ڍاول هو جو ڪجهه به نه پيو کائي. آخر هو منهنجي
مرضي سمجهي ويو ۽ مون کي خوش ڪرڻ لاءِ هڪ ٽڪرو وات
۾ کنيائين. آءٌ سندس پٺيان لڳس ته ڏسان ته ڪيڏانهن
ٿو وڃي. ٿورو اڳتي وڃي مٽيءَ ۾ کڏ کڻي ان ۾ اهو
ٽڪر پوري ڇڏيائين. هن شايد اهو ان ڪري ڪيو ته اڄ
کيس بک ڪونه هئي ۽ شايد صبحاڻي جڏهن هو بکايل
هوندو ته ڪڍي کائيندو.
هتي ڪو پڇي سگهي ٿو ته ڪتي کي اهو ڪنهن سيکاريو ته
اهو ٽڪر اتان کڻي وڃي ٻئي هنڌ پوري ڇڏي ته جيئن
صبحاڻي استعمال ڪري. بلڪل ان ريت انسان کي به جبلي
طور ڪي ڳالهيون معلوم ٿيل آهن، جن جي آڌار تي شين
جو مشاهدو ڪري ٿو ۽ ڪن کي هو پسند ڪري ٿو ۽ ڪن
لاءِ هُون هُون ڪري کين ڇڏي ڏئي ٿو. ڪٿي ڪا بوءِ
کيس وڻي ٿي ۽ ڪو نظارو کيس پسند اچي ٿو ۽ اهڙيءَ
طرح هر شيءَ پوءِ کيس اها وڻي يا نه وڻي ڏسندو
وائسندو ڪي شيون پاڻ وٽ گڏ ڪري ٿو. هاڻي انسان جي
سائنس جي ڄاڻ فقط ايستائين محدود هئي. مطلب ته هو
ائين ڪندو رهيو، جيڪا شيءِ کيس وڻندي هئي، اهي سڀ
گڏ ڪندو ويو. ساڳئي وقت جن مان کيس نقصان ٿي پهتو
يا سندس طبيعت کي نٿي آئڙيون يا اهي بانس ڪري ٿي
ويون ته انهن کي هن ڇڏي ٿي ڏنو.
هاڻي فرض ڪريو ته اوچتو اهو ٻن ٽنگن وارو جانور
ڪنهن اهڙي هنڌ اچي پهچي ٿو، جتي کيس اهڙي شيءِ ملي
ٿي، جنهن مان شعلو نڪري ٿو. اهڙيءَ عجيب صورتحال ۾
هو حيران ٿي پڇڻ لڳي ٿو ته هي ڇا آهي؟ اها ٻاهر
نڪرندڙ شيءِ الائجي ڇا آهي؟ هائو، پر انهيءَ مرحلي
يا حالت تي پهچڻ لاءِ به هزارين سال لڳا هئا، جڏهن
هن پهريون دفعو اهو چمڪو يا تجلو ڏٺو هو. تجربو
ٻڌائي ٿو ته ان کان پوءِ شين ۾ تبديليءَ جو آغاز
ٿيو ۽ ان طرح سان شين کي گرم ڪري پچايو ويو. اهي
اهڙي قسم جا تجربا سڀني انسانن کي ٿيا هوندا، جيڪي
پوءِ هنن انفرادي طور توڻي ورثي طور ٻين ڏانهن
منتقل ڪيا.
ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ انهن مان هڪ ماڻهو چوي ٿو
مون کي هڪ مقدس ديوي ٻڌائي وئي آهي ته جڏهن توهان
ٻن شين کي زور سان رڳڙيندا ته اهڙي عجيب قسم جي
شيءِ پيدا ٿي پوندي. جڏهن ٻين اهو ٻڌو ته هنن ان
تي ويساهه آڻي ڇڏيو. هن مهل تائين هو پاڻ کي ڍڪڻ
ڪونه سکيا هئا، پر هنن اهو پاڻ ۾ طئي ڪيو ته هو
پوڄا واري انداز ۾ وڏي وڻ هيٺان ويهي ان جي ٻن
ٽڪرن کي پاڻ ۾ زور سان مهٽيندا ته باهه ظاهر ٿي
پوندي ۽ اها ئي سندن ديوي آهي.
اهڙيءَ طرح اگني ديوي وجود ۾ آئي ۽ ان جي پرستش
ٿيڻ لڳي ۽ جنهن ماڻهوءَ اها باهه ٻاري اهو پروهت
بنجي ويو، جنهن جي هرڪو ئي عزت ڪرڻ لڳو ۽ هر ڪوئي
ائين سمجهڻ لڳو ته هن کي مٿان کان اها ڳالهه معلوم
ٿي آهي. اهڙيءَ طرح باهه انسان جي زندگيءَ ۾ داخل
ٿي وئي ۽ پوءِ ان انسان لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو آهي، ان
جو وڏو تفصيل آهي، پر اگني ديويءَ جي تصور تي کلڻ
اجايو آهي ڇو ته انسانن ان مان گهڻو فائدو حاصل
ڪيو آهي، جنهن جو ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي.
ڀلا ٿوري دير لاءِ سوچيو ته جيڪڏهن باهه نه هجي ته
توهان جو ڇا حال ٿئي. خاص طور جيڪڏهن اڄ کان لکين
سال اڳ اها نه هجي ها ته انسان جي ڪهڙي حالت هجي
ها. ڇا اها سائنسي دريافت نه هئي؟ ڇا اها ان کان
گهٽ اهم حقيقت هئي، جنهن مطابق سج جي گرمي هن
ڌرتيءَ جي چوڌاري مهيا ٿيندي رهي ٿي.
اهو سوچيو ته جيڪڏهن سج واري آتشبازيءَ جو اهو
بندوبست ڌرتيءَ جي چوڌاري نه هجي ها ته انسان جي
ڪهڙي حالت هجي ها. يا ائين کڻي سمجهو ته جيڪڏهن
اوچتو اها گرمي ختم ٿي وڃي ته انسان هن ڌرتيءَ تي
ڇا ڪري سگهندو. ڇا انسان جيئرو رهي سگهندو ان صورت
۾ پوءِ ڪيئن چئبو ته جن ماڻهن ان وقت اگنيءَ جي
پوڄا ٿي ڪئي ۽ ان پروهت جنهن باهه جو بندوبست ٿي
ڪيو، اهو سڀ ڪجهه غلط هو. ڇا هو پنهنجي حساب ۾ وڏو
سائنسدان نه هو، جنهن انسانذات کي باهه جي فائدن
کان آگاهه ڪيو.
بهرحال باهه کي ديوي بنائڻ کان اڳ ان جي دريافت
پويان هزارين سالن جو تجربو شامل هو. اهڙيءَ طرح
جڏهن انسانن پاڻ کي ان باهه ۾ ساڙڻ شروع ڪيو ته
اهو شايد تڏهن ٿيو، جڏهن هنن محسوس ڪيو ته اگني
ديوي مٿن ناراض هئي. گويا ان ديويءَ ۾ ٻن قسمن جي
شڪتي هئي، اها راضي به ٿي سگهي پئي ته ناراض به ٿي
پئي سگهي. ڪڏهن ته اها سڄي گهر کي ساڙي رک ٿي ڪري
ته ڪڏهن وري اها جيءَ جو جياپو بنجي پوي ٿي. ان جي
ڪري ته اسان کاڌو پچائي کائي سگهون ٿا!
توهان کي خبر آهي ته حضرت موسيٰ لاءِ به چيو وڃي
ٿو ته جڏهن پري کان باهه ٻرندي ڏٺائين ته چوڻ لڳو
ته مون کي ڇڏيو ته آءٌ اُتان پاڻ کي گرم ڪرڻ لاءِ
باهه کڻي اچان. گويا هو به باهه کي ڏسي خوش ٿيو
هو. مطلب هڪ اهڙو مرحلو آيو هو، جڏهن باهه جي
دريافت ڪا گهٽ اهميت واري ڳالهه نه هئي، ۽ ان پس
منظر ۾ کيس ديويءَ جو درجو حاصل هو ڇو ته ان جو
راضپو ۽ ڪاوڙ به ايترا ئي اهم هئا.
هاڻي ان ڳالهه کي ته اتي ڇڏيون ٿا ڇو ته اها
هزارين سالن جي ڪٿا آهي، جنهن لاءِ دفتر هجن ۽ ٻڌڻ
لاءِ ڪلاڪ نه پر ڏينهن ۽ راتيون گهرجن. ڀلا هاڻي
فرض ڪريو ته توهان بلڪل ٿڌ ۾ ويٺا اهيو ۽ توهان وٽ
باهه کانسواءِ پيو ڪجهه ڪونهي، اوچتو هڪڙو ماڻهو
داخل ٿئي ٿو ۽ اعلان ڪري ٿو ته هن هڪ دريافت ڪئي
آهي ۽ هو انهن اڏامندڙ جيتن ڏانهن اشارو ڪري ٿو.
اسان جا وڏا چوندا هئا ته اهي جيت عجيب مخلوقات
آهن، جيڪي انسانذات لاءِ ڪا اهڙي شيءِ آڻيندا،
جنهن جو کين خواب خيال به ڪونهي. پوءِ ائين واقعي
ٿيو به سهي جو انهن جيتن يا ڪينئن جي پيٽ مان
سنهيون تندون يا ڌاڳا نڪرڻ لڳا، جيئن مڪڙي جو ڄارو
ٿيندو آهي. هتي جيڪڏهن آءٌ پڇان ته توهان مان گهڻن
انهيءَ ڄاري کي ويجهو وڃي چڱيءَ طرح ڏٺو آهي، شايد
ڪن ٿورن يا بلڪل نه! صبح جو سويل ڪڏهن ڪڏهن هڪ
سنهي سڳي جو ڄارو وڻن تي پيل ماڪ مٿان نظر ايندو
آهي، جيڪو موتين وانگر چمڪندو آهي. اهڙو سنهو ۽
سهڻو ڌاڳو ڪنهن ڪوريءَ جي مجال ناهي جو اُڻي
ڏيکاري ۽ اهڙيءَ طرح ماڪ ڦڙن جو نظارو موتين جي
مالها کان وڌيڪ خوبصورت لڳندو آهي.
اهو عجيب نظارو به ڪنهن وڏي سمجهه واري ماڻهوءَ
ڏٺو ته ڪيئن نه اهي ڪينئان پَٽَ جهڙو سُٽ پيا
ٺاهين، حالانڪه ان کان اڳ به ڪيترن انسانن اهو
نظارو ڏٺو هوندو. مختصر طور چئنا سلڪ يعني چيني
ريشم يا پٽ جي اها ڪهاڻي آهي. چون ٿا ته چين ۾ به
ريشم جي ديويءَ جي ان ڪري پرستش ٿئي ٿي، ڇو ته ان
به انسانذات کي فائدو پهچايو آهي. پٽ ڪينئن مان پٽ
حاصل ڪري ان کي اُڻي ڪپڙو ٺاهيو ويو. اهو ڪم به
هزارين سالن جي عرصي دوران ٿيو هوندو. هينئر اسين
اهو ڪپڙو زيب تن ڪريون ٿا، جيڪو نهايت نرم ۽
شاندار آهي. ڇا توهان ان کي سائنسي دريافت چوندا؟
ڀلا هاڻي ٿوري دير لاءِ ان وقت جو تصور ڪريو جڏهن
توهان جا اهي ڪوٽ ۽ ڪپڙا وجود ۾ نه آيا هئا. توهان
سمجهو ٿا ته ان کي ڪو گهڻو وقت لڳو هوندو، پر ائين
ناهي، ڇو ته اهي ٻئي لفظ ’قطن‘ ۽ سلڪ عربي ٻوليءَ
جا آهن. ظاهر آهي ته اهي مسلمانن کان شروع ٿيا ۽
ان ڪري انهن کي گهڻو وقت ڪونه ٿيو آهي.
ڪو وقت هو جڏهن يورپ وارن وٽ ڪپهه جو ڪپڙو پائڻ
لاءِ ڪونه هو ۽ نه وري وٽن سلڪ جو ڪپڙو هو. ان
لحاظ کان اهو هڪ هزار يا ٻارهن سئو سالن جو عرصو
ٿئي ٿو، جو يورپ وارن کي اها خبر پئي. انسانذات جي
عمر ۾ اهو يقيناً وڏو عرصو ڪونهي جو هو ڪپڙي لٽي
کان ان ريت واقف ٿيو آهي. اها دريافت چئي سگهبي يا
نه، ڀلي کڻي ان کي سائنسي دريافت نه چئو! منهنجي
خيال ۾ اها دريافت بجليءَ کان هزار دفعا وڌيڪ
قيمتي آهي، جڏهن کان انسان ڪپڙي اُڻڻ ۽ اُن مان
لباس ٺاهڻ سکيو آهي.
هتي آءٌ وري پڇان ٿو ته ڀلا توهان مان گهڻن ڪپهه
جي فصل جو ٻوٽو ڏٺو آهي. شايد گهڻن نه ڏٺو هجي! هڪ
ڏينهن مون هڪ زميندار جي پٽ کي ٻاجهريءَ جو فصل
ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويس. مون جڏهن سنگن ۾ بيٺل ٻاجهري
ڏيکاري ته هن چيو کيس بلڪل خبر ڪونه هئي ته سندس
گهر ۾ ٻاجهري ڪٿان ايندي آهي. سو ان ۾ ڪو تعجب
ڪونهي، جيڪڏهن توهان ڪاٽن جو فصل نه ڏٺو آهي، خاص
طور ڪپهه مان سٽ يا ڌاڳي جو ٺهڻ ۽ وري ان مان ڪپڙي
جو ٺهڻ ڪافي دلچسپ ۽ محنت وارا آهن. توهان سمجهو
ٿا ته انسانذات کي ڪپهه مان ٺهيل نرم ۽ گرم ڪپڙي
پائڻ ۾ ڪيترن هزار سالن جو عرصو لڳو هوندو، جيڪو
سندس بدن تي سونهي ٿو ۽ هن لاءِ آرام ۽ سڪون جو
باعث آهي. ڇا انهن سڀني ڳالهين کي سائنسي دريافت
چئجي يا نه؟
هاڻي اسان وقت جي وهڪري ۾ وڌيڪ پٺتي وڃون ٿا. جڏهن
بي انداز مينهن پيو آهي ۽ زمين تي انسان جو رهڻ
مشڪل ٿي پيو آهي، بلڪه سڀني جي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ جو
امڪان آهي. اهڙي طوفاني بارش ۽ ٻوڏ جي وقت ۾ هڪ
باريش انسان ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو اعلان ڪري ٿو ته هن
ڏکئي وقت ۾ ٻوڏ کان ڇوٽڪاري جي ضرورت آهي. هو ان
خالق مالڪ کان رهنمائي طلب ڪري ٿو، جنهن سڀني کي
پيدا ڪيو آهي. اهو آهي حضرت نوح عه
جنهن کي پهريون ڪشتيبان سڏيو ويو آهي. هن کي الهام
ٿئي ٿو ۽ هو تختا ملائي ڪشتي ٺاهڻ شروع ڪري ٿو ۽
ان ريت اهو نبي سڳورو انسانذات کي ختم ٿيڻ کان
بچائي وٺي ٿو. ڇا هن کي به دريافت چئجي يا نه!
سائنس ان کي دريافت تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهي،
الائجي نه!
اهڙيءَ طرح انسانذات هر قسم جي معلومات کي گڏ ڪيو
آهي، پر هميشه سندس مقصد زندگي جي سلامتي ۽ تحفظ
رهيو آهي. انهيءَ پس منظر ۾ انگلينڊ جي هڪ جديد
شاعر ڪجهه هينئن چيو آهي:
”انسان جا خيال توڻي سوچ زندگيءَ جي غلام واري
حيثيت رکن ٿا ۽ زندگيءَ کي وري وقت بيوقوف بنايو
آهي.“
اهو صحيح آهي ته خيال زندگيءَ جو غلام آهي ۽ انسان
اهڙن موقعن کان سواءِ ڪڏهن علحده نه سوچيو آهي. هو
جڏهن به مجبور ٿيو آهي ۽ کيس پنهنجو وجود خطري ۾
محسوس ٿيو آهي، تڏهن سندس عقل ۽ سوچ ڪم ڪرڻ شروع
ڪيو آهي. تاهم سندس بنيادي مقصد ظاهري جسم کي
محفوظ رکڻ ئي هيو ۽ ان کان اڳتي وڌي هن انسانيت جي
سطح تي ڪڏهن به نه سوچيو.
مختصر طور هينئن کڻي چئجي ته انسان طرفان ٻيڙي
ٺاهڻ، ڪپڙن جو استعمال، باهه جي دريافت، جانورن جي
کير ۽ گوشت جو استعمال، اهي سڀ عمل فقط پنهنجي
جسماني بقاء لاءِ هيا.
انسان ڪڏهن به جانورن کي فرمانبردار يا مطيع بنائڻ
جي ڪوشش نه ڪئي آهي، ڇو ته هڪ جانور ٻئي جانور کي
سڌاري نٿو سگهي. سڀ کان پهرين ته ان جانور کي پاڻ
ڪافي وڏو ٿيڻو آهي، جو ٻئي جانور کي سڌاري سگهي.
اهو جانور اڃان مَس وڏو ٿيو جو ندين ۽ واهڙن ۾
جهجهو پاڻي جمع ٿي ويو. هن پهريائين ان سان منهن
ڏنو ۽ محسوس ڪيو ته پاڻيءَ ۾ ترڻ مزيدار عمل آهي.
نديءَ جي ڪنارن تي هن ساوا ٻوٽا ۽ گاهه ڏٺو ۽ جلد
ئي کيس پتو پيو ته انهن ٻوٽن جا داڻا به آهن، جيڪي
زمين تي ڪرن ٿا ته وري ٻيهر ڦٽي ساڳي صورت اختيار
ڪن ٿا. هاڻي جيستائين انسان انهن داڻن مان شعوري
طور فصل اپائڻ جي لائق ٿيو، تيستائين هن جو گذارو
ندين جي ڪنارن تي هو. شايد ڪجهه هزار سالن جي عرصي
بعد هو پنهنجي هٿن سان فصل تيار ڪرڻ لائق ٿيو.
انهيءَ مرحلي تي پهچڻ کان اڳ هن ندين يا وهندڙ
پاڻيءَ جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪري ڏني. هن سوچيو ته بس
اها ديوي آهي، جنهن جي ڪري اهو سڀ ڪجهه پيدا ٿي
رهيو هو. جيتوڻيڪ اهي ان داڻا به هر وقت موجود
هئا، پر هن ڏٺو ته ان نديءَ جي پاڻي کانسواءِ ڪجهه
نٿو ٿئي. مطلب اهو وقت هو جڏهن انسان پاڻ کي نديءَ
جي ڪنارن تي پاڻي ۽ کيتي خاطر مشغول رکيو ۽ هو ان
کي ڇڏڻ جو سوچي به نٿي سگهيو.
انسان وري جڏهن ڳئون جي ٻچي کي ڏٺو ته اهو ڪيئن
ماءُ جي کير تي پلجي ٿو ته هن سوچيو ته منهنجو ٻار
به جڏهن سندس ماءُ موجود نه آهي ته ان کير تي ڇو
نه پلجي! ائين هن جانورن کي پالڻ شروع ڪيو ۽ انهن
جي سنڀال لاءِ ڪُتي جي پالنا ڪئي. آرين جي دور ۾
اهي ٻه جانور نهايت اهميت وارا هئا ۽ ائين انهن جي
به پرستش شروع ٿي وئي. مطلب جنهن گهر ۾ ڳئون ۽ ڪتو
موجود نه هوندا هئا ته اهو گهر سڏجڻ لائق نه هو.
هتان کان رولو ۽ هڪ هنڌ رهندڙ انسان ۾ تفريق شروع
ٿي. هڪ آريو هميشه پنهنجي ڳئون ۽ ڪتي سان گڏ نديءَ
جي ڀرسان کيتي ٻاڙي ڪري گذر سفر ڪندو رهيو.
اهڙيءَ طرح وقت جي گذرڻ سان گڏ سوين دريافتون
ٿينديون رهيون. هن پٿر کان پوءِ ڪنجهو ۽ ان بعد
لوهه دريافت ڪيو، جن زمين کيڙڻ ۾ سندس مدد ڪئي. هڪ
ٻئي سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري منجهس وڌيڪ سوچ جو عمل
۽ ٻولي ايجاد ٿيڻ لڳي. ان نموني ۾ هڪ ٻئي پٺيان
لڳاتار دريافتون ٿينديون رهيون، جيڪي سندس تجربي ۽
آزمودي جو نتيجو هيون، تان جو هو انسانيت جي درجي
تي پهچي ويو. اهو دور آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو
ته پٿر جو دور پڄاڻيءَ تي پهتو ۽ لوهه جو دور شروع
ٿيو ۽ هاڻي توهان لاءِ بجليءَ جو دور شروع ٿي چڪو
آهي.
هينئر توهان جي آڏو اهي سڀ ايجادون آهن ۽ جيئن مون
چيو توهان بجليءَ جي زماني ۾ آهيو، جڏهن ٽيليفون
اچي چڪي آهي يعني جڏهن بغير تار وسيلي پيغام رساني
ممڪن ٿي چڪي آهي، ڀلا جيڪڏهن ائين آهي ته بغير تار
وسيلي پيغام رساني کان اڳ جنهن تار وسيلي پيغام
رساني (ٽيليگراف) ايجاد ڪئي، ڇا اها ايجاد گهٽ
هئي!؟ اڄ ان ويچاري اٽليءَ جي باشندي کي ڪو مشڪل
سان پڇي ٿو!
بيشڪ اها تار جي ايجاد وڏو ڪارنامو هو، پر ڇا
توهان جي ڏاند گاڏي ڪا گهٽ هئي؟ توهان ڦيٿي جي
ايجاد کي ڪهڙي لحاظ کان گهٽ قرار ڏيئي سگهو ٿا.
انهيءَ ۾ به هزارين سالن جو عرصو لڳو هوندو!
مطلب اهي سڀ ايجادون هيون، جيڪي هزارن ۽ لکن جي
تعداد ۾ هيون، جن انسان جي زندگيءَ کي رهڻ جي لائق
بنايو. ان لحاظ کان تمدن وجود ۾ آيو ۽ انسان گڏجي
رهڻ سکيو. پر ان ۾ به هزارين سالن جو عرصو درڪار
هو. اهو هڪ انسان جو ڪارنامو ٿورو ٿورو ٿي گڏ
ٿيندو رهيو، جنهن جو بنياد انسان جو ذاتي تجربو ۽
آزمودو هو. آخر ۾ اهو اجتماعي تجربو بنجي ويو،
جنهن انساني زندگيءَ کي نئون رخ يا مقصد عطا ڪيو.
هڪ لحاظ سان آءٌ چئي رهيو هوس ته پهريائين ديوي جو
ظهور ٿيو، جنهن کان پوءِ هڪ اُتساهيندڙ انسان ظاهر
ٿيو ۽ ان کان پوءِ وقتاً فوقتاً بنا اداري جي
دريافتون يا نيون ڳالهيون معلوم ٿيڻ لڳيون، پر
انهن مان ڪنهن کي به سائنسي دريافت نه ڪوٺيو ويو
آهي. جيتوڻيڪ هڪڙي حساب ۾ اهي سائنسي دريافتن کان
گهڻو مٿي به آهن، پر انهن کي سائنسي دريافت نٿو
سڏجي.
هتي سوال آهي ته آخر اها سائنس ڪهڙي بلا آهي؟ ايڏا
وڏا انسان جن کي الهام به ٿيو هو، جهڙوڪ حضرت نوح،
حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ وغيره ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا
ڪيترا جن جو تعداد هزارن ۽ لکن ۾ ٿي سگهي ٿو. آخر
هڪڙو اهڙو انسان اچي ٿو، جيڪو ڏائڻين واري ماحول
جو خاتمو ڪري ٿو ۽ هو اهو کلم کلا اعلان ڪري ٿو ۽
هو انسان لاءِ اها شعوري ڪاوش لازمي قرار ڏئي ٿو
ته توهان فطرت جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪريو. ان اعلان
کان پوءِ فطرت جو ڄاڻي واڻي مشاهدو ۽ حقائق گڏ ڪرڻ
انسانذات جي ذميواري بنجي پوي ٿي. هن لاءِ اهو
لازم ٿي پوي ٿو ته ڏسي ته شيون حالتن تحت ڪيئن ۽
ڪهڙيءَ ريت عمل ۽ رد عمل ڪن ٿيون، يا اهي ڇا جون
ٺهيل آهن ۽ اهي مختلف حالتن تحت ڪيئن عمل ڪنديون.
اڄ ان اعلان کي تيرهن سو سالن کان ڪجهه وڌيڪ عرصو
ٿيو آهي، جو دنيا وارن کي ان نئين طريقئه ڪار جي
خبر پئي آهي، جنهن مطابق ڪائنات جو مشاهدو هڪ
مذهبي فرض طور ادا ڪرڻ جو چيو ويو آهي ۽ ان جو
مقصد انسانذات لاءِ معلومات گڏ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو
ڪجهه ناهي. ان جو مقصد رڳو ڪم ڪڍي وساري ڇڏڻ ناهي.
هن کان اڳ اسان ڏٺو ته سڀ اتفاقي دريافتون توڻي
الهامي دريافتون هڪ محدود ڪارج خاطر هيون. پر هاڻي
انهن جو مقصد يا مطمح نظر انسان جي طبعي ۽ جسماني
ضرورتن تائين محدود ڪونه هو، پر اصل مقصد معلومات
۽ حقائق کي گڏ ڪرڻ هو، جنهن ۾ زندگيءَ کان سواءِ
ڪائنات جا حقائق شامل هئا. اها ڳالهه هن کان اڳ
ڪڏهن به ڪونه ڪئي هئي، لهذا هڪ مسلمان لاءِ پيغمبر
اسلام جو پهريون سبق اهو هو، هن جون ڪيتريون
شاهديون ۽ ثابتيون آهن، پر آءٌ صرف هڪڙي پيش ڪندس.
قديم دنيا در حقيقت ماقبل سائنسي يا غير سائنسي
هئي، يونانين جي علم هيئت ۽ علم رياضي ڌاريون شيون
هيون. يونانين انهن کي فقط منظم ۽ مربوط ڪري نظريي
طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ هنن صبر آزما
مرحلا ڪئي ڪيا. ليڪن اها حقيقت آهي ته فطري حقائق
جو مشاهدو، تجرباتي طريقئه ڪار ۽ کوجنا جو انداز ۽
مثبت معلومات جو هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ سندن طبيعت ۾ شامل
نه هو. اهو انداز ۽ طريقه ڪار اتان آيو، جنهن
فرمايو:
تفڪر ساعة خير من عبادة الف سنة
يعني هڪ گهڙي لاءِ فڪر يا سوچ ويچار هزار سالن جي
عبادت کان بهتر آهي.
مشاهدي وارو اهو انداز تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن چوڻ
واري چيو ته ڪائنات ۾ پنهنجي چوڌاري توهان لاءِ
وڏيون نشانيون موجود آهن.
اِنَّ فِيْ خَلْقِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ
وَاخْتِلَافِ الَّيْلِ وَالنَّھَارِ لَاٰيٰتٍ
لِّاُولِي الْاَلْبَابِ
(190:3)
معنيٰ: بيشڪ آسمان ۽ زمين جي تخليق ۽ رات ۽ ڏينهن
جي اچڻ ۾ عقل ۽ سمجهه وارن لاءِ نشانيون آهن.
چيو ويو توهين ڇا ٿا سمجهو ته اهو چنڊ آهي، هيءَ
سج آهي؟ توهان ان باري ۾ سوچيو آهي ته اهو چنڊ ڇا
جي لاءِ آهي؟ سج ڇا لاءِ آهي؟ ڏينهن ڇو ۽ ڇا لاءِ
آهي؟ ان جو ڪهڙو مقصد آهي؟ ڏينهن ڇا ٿو ڪري؟ اهي
سڀ حقائق مشاهدي هيٺ آڻيو، ڇو ته اهي ئي نشانيون
آهن، ٻيون الڳ نشانيون ڪونه آهن، جن لاءِ توهان
انتظار ڪريو. بلڪه اهي ئي نشانيون آهن، جن جو
توهان کي مطالعو ۽ مشاهدو ڪرڻو آهي. هن سلسلي ۾
فقط هڪ اڌ مشاهدو ڪافي ناهي. تنهن ڪري واضح طور
چيو ويو:
مَا تَرٰى فِيْ خَلْقِ الرَّحْمٰنِ مِنْ تَفٰوُتٍ ۭ
فَارْجِعِ الْبَصَرَ ۙ هَلْ تَرٰى مِنْ فُطُوْرٍ
ثُمَّ ارْجِعِ الْبَصَرَ كَرَّتَيْنِ يَنْقَلِبْ
اِلَيْكَ الْبَصَرُ خَاسِئًا وَّهُوَ حَسِيْرٌ
(سورة مُلڪ: 3 ۽ 4)
ترجمو: ’تون ٻاجهاري مالڪ جي تخليق ۾ ڪو تفاوت نه
ڏسندين تنهنجي نظر واپس ايندي. (آسمان ۾) نهار
توکي ڪو ڏار نظر نه ايندو. ڀلي تون ٻيهر نگاهه
وجهه پر اها توڏي ائين جو ائين موٽي ايندي ۽ آخر
تنهنجي اک ٿڪجي پوندي.‘
مطلب ڏس، پهرين دفعي ڏسڻ سان ان حسين تخليق ۾ توکي
ڪو عجيب يا اوڻائي نظر نه ايندي. اڃان به ڏس، آخر
۾ تنهنجي اک ٿڪجي ساڻي ٿي پوندي، پر توکي ڪو نقص
نظر نه ايندو. گويا مٿي چار دفعا ڏسڻ جو حڪم آهي ۽
ان جي تشريح تمام وڏي آهي. قرآن آخر اهي چار دفعا
ڇو چيا آهن؟ مشاهدي مٿان مشاهدو ۽ وري مشاهدو.
ائين تحقيق ۽ تحقيق ۽ وري تحقيق، مطلب ائين ڪرڻ
سان ئي توهان وڌيڪ گهرائي ۽ گيرائي ۾ وڃي سگهو ٿا.
ٻين لفظن ۾ قرآن اهو طريقه ڪار ٻڌائي ڇڏيو.
مسلمانن اهو ئي طريقه ڪار اختيار ڪيو ۽ انهيءَ
طريقي سان ئي سائنس وجود ۾ آئي. هاڻي اهو ئي طريقو
رائج آهي، جنهن جي ڪري نيون نيون حقيقتون سامهون
پيون اچن.
ائين ڇو آهي يا ائين ڇو؟ اهو ان ڪري ڇو ته هينئر
علم کي علم خاطر حاصل ڪرڻو آهي. علم سڀ کان وڏي
حيثيت جو حامل آهي، خود زندگي علم لاءِ آهي. علم
کي هن عام زندگيءَ جي مقابلي ۾ وڌيڪ بقا حاصل آهي.
تنهن ڪري علم کي علم سمجهي حاصل ڪرڻو آهي. توهان
مشاهدي ۽ تجربي ذريعي اهو ئي سکي رهيا آهيو، ان جي
وسيلي ذاتي مفاد حاصل ڪرڻو ناهي، جيئن ڪن ماڻهن
ايٽم بم ٺاهي، ٻين ڪيترن انسانن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو
آهي.
توهان کي خبر آهي ته چيني لوڪن گندرف واري آتشبازي
ايجاد ڪئي، ان کي ڪن بدمعاشن گن پائوڊ طور استعمال
ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. چيني ماڻهن شوري سان ملاوت ان
ڪري ڪئي هئي ته جيئن ٻارن کي وندرائي سگهن. اهڙيءَ
طرح چيني ئي هيا، جن راڪيٽ ٺاهڻ شروع ڪيو ۽ ان کي
هلائڻ لاءِ چوچڙي ڏيندا هئا. ليڪن اهي ساڳيا چيني
هئا، جن تي برطانوي سامراج 1840ع ۾ آفيم خريد ڪرڻ
لاءِ جنگ مسلط ڪئي. تڏهن هڪ چيني وزير سچ
ڳالهائيندي چيو هو:
از ماست که برماست
يعني: اسان سان جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، اهو اسان جي
پنهنجي ڪئي جو نتيجو آهي.
تڏهن هنن اهو به چيو ته گن پائوڊر اسان ايجاد ڪيو
پر توهان بدمعاشي ڪري ان جي پر تشدد استعمال سان
بيگناهه انسانن کي ماريو آهي. هاڻي اسان کي به
ڪجهه ڪرڻو پوندو. ائين گن پائوڊر جو خطرناڪ
استعمال وڌڻ لڳو ۽ روس به ان جو شڪار ٿي ويو.
جيتوڻيڪ هنن جو اسپٽنڪ (خلائي جهاز) خلا ۾ وڃي
گردش ڪري ٿو، پر اهي ان کي ٻين جي تباهي خاطر ڪم
آڻڻ جي سوچ ۾ آهن. اهي هميشه اناڙي سوچ وارا انسان
ئي آهن، جيڪي انسانذات جي منافعي واري چيز کي
نقصان ده انداز ۾ استعمال ڪرڻ جا طريقا ڳولين ٿا.
اهو خدشو مستقبل ۾ به نظر اچي ٿو.
هن مهل تائين جيڪي به دريافتون ٿيون آهن، انهن
اسان جي ڄاڻ ۽ علم ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ جيئن مون عرض
ڪيو ته ان سڄي ڳالهه جو بنياد مسلمانن رکيو ۽ ان
کي اڳتي وڌايو، تان جو هينئر گهڻو ڪجهه ٿي چڪو
آهي. پر توهان کي احساس آهي ته ان دوران ڪهڙيون
ڪمزوريون پيدا ٿي چڪيون آهن. انهيءَ سائنس ۾ کوجنا
طرف حد کان زياده توجهه رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾
حقائق جو انبار ته گڏ ٿي ويو آهي، جن جو معيار ۽
مقدار معلوم آهي، پر انهن حقائق جي آڌار تي ممڪن
نظرين طرف ڌيان ڪونه رهيو آهي، يعني هنن علمن جا
ماهر اهو نٿا ڄاڻن ته نظريا ڪيئن وجود ۾ اچن ٿا.
ان جو مثال هن ريت آهي سمجهو ته هتي علم نباتات جو
پروفيسر آهي، جنهن رڳو نم جو وڻ ڏٺو آهي ۽ ٻيو ڪو
وڻ نه ڏٺو اٿس. مطلب سندس مشاهدو ايڏو محدود آهي.
هاڻي ٻڌايو ته هو ٻوٽن ۽ وڻن بابت ڪهڙو نظريو ڏئي
سگهندو. اهو صحيح آهي ته جيترا وڌيڪ حقائق هن جي
علم ۾ هوندا، اوتروئي سندس نظريو وڌيڪ مڪمل هوندو،
پر جنهن وٽ اڌورا يا چند حقائق آهن، انهن جي بنياد
تي ڪهڙو نظريو ڏئي سگهندو. اهو نظريو به کٽل ۽
اڻپورو ئي هوندو!
هتي ڊاڪٽر فاروقي توهان کي سير و سفر بابت پڻ
ٻڌائي چڪو آهي. توهان کي خبر هئڻ گهرجي ته قرآن
سير و سفر کي تعليم لاءِ لازمي قرار ڏنو آهي. جيئن
فرمان آهي:
سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ
(عنڪبوت: 20)
يعني زمين ۾ سير ڪريو، مطلب گهمو ۽ ڏسو.
اڳتي اچي ٿو:
كَيْفَ بَدَاَ الْخَــلْقَ
(عنڪبوت: 20)
(ڏسو ۽ معلوم ڪريو ته) شيون ڪيئن پيدا ٿيون آهن.
مان هن ڳالهه کي ورجائيندو رهيو آهيان ته انهيءَ
حڪم تي عمل هڪ لحاظ سان ڊارون ڪري ڏيکاريو. هن هڪ
خاص سامونڊي جهاز ان مقصد لاءِ حاصل ڪيو ۽ گويا
انهيءَ حڪم جي تعميل ۾ نڪري پيو. هو ڌرتيءَ جي
ڪيترن ملڪن ۽ ٻيٽن ۾ ويو، جتي هن زندگيءَ جي
شروعات کي سمجهڻ بابت سنجيده ڪوشش ڪئي. سندس اهي
ڪوششون مسلمانن طرفان ڏنل ارتقا واري نظريي جي
تڪميل خاطر اهم قدم ثابت ٿيون. حالانڪه مسلمان
سائنسدان اڳيئي اهو نظريو مڪمل ريت پيش ڪري چڪا
هئا. البته ايترو ضرور چئبو ته قرآن جي ان حڪم جي
تعميل هن شخص ڪري ڏيکاري!
هتان اها حقيقت به پڌري ٿي ته جيترو گهڻا حقائق
توهين جمع ڪندا اوترو ئي بهتر نظريو پيش ڪري
سگهندا. ورنه توهان جو نظريو يا فڪر رڳو سوچ ويچار
۽ ذاتي ويساهه تي بيٺل هوندو. مثلاً اهي مسلمان ئي
هئا، جن چينين کان شيشه سازيءَ جو هنر سکي ان کي
اندلس کڻي ويا، جتي هنن پوءِ بلور ٺاهڻ شروع ڪيا ۽
ائين هنن دوربين ۽ خوردبين جي سادي شڪل ٺاهي ورتي
۽ انهن جي زور تي هيئت ۽ طبعي سائنس ۾ ترقي ممڪن
ٿي سگهي. هڪ سمجهدار انگريز پروفيسر چوندو هو ته
جيڪڏهن يونانين کي خوردبين جي خبر هجي ها ته جيڪر
يورپ ايترو گهڻو وقت اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون نه هڻي
ها. انهيءَ هڪڙي ڳالهه جي ڪري هو وڌيڪ حقائق تائين
رسائي حاصل ڪري نه سگهيا ۽ سندن علم ۾ ترقي رڪجي
وئي.
اسين بار بار چئون ٿا ته حقائق جي ڄاڻ ۽ گڏ ڪرڻ
تمام ضروري آهي،ڇو ته ان سان ئي توهان جو نظريو
مڪمل ٿي سگهي ٿو. يعني ٺوس شڪل اختيار ڪري ٿو. ڀلا
نباتات جي ماهر وٽ جيڪڏهن هڪ اڌ يا چند ٻوٽن بابت
معلومات آهي ته ان مان هو ڪهڙو نظريو اخذ ڪري
سگهندو. صحيح نظريي تي پهچڻ لاءِ هن وٽ هزارين
ٻوٽن بابت مواد هجڻ کپي، جن ۾ انهن جي پنن، شاخن،
پاڙ، ڦل يا ميوي ۽ ٻوٽي جي مڪمل واڌ ويجهه بابت
سموري معلومات هجي. تڏهن ته هو پڪو پختو نظريو ڏئي
سگهندو.
مطلب نظريو حقائق جي ڄاڻ تي مبني هوندو آهي ۽ ان
کان سواءِ نظريو ناممڪن آهي. هڪ لحاظ سان حقائق جي
ڄاڻ ۽ انهن کي ڪٺو ڪرڻ مسلمان سائنسدانن شروع ڪيو.
هنن ان طرف پورو ڌيان ڏنو. هو هر شيءِ جي تفصيل ۾
ويندا هئا. ائين کڻي چئجي ته هو ڪنهن به منهن بند
ٿيل شيءِ جو منهن کولي ڏسندا هئا ته اها ڪيئن ۽ ڇا
ٿي ڪري. انهن تي غور و فڪري هو ڪو نتيجو اخذ ڪندا
هئا ۽ ان جي بنياد تي ڪنهن نظريي تي پهچندا هئا.
انهيءَ پس منظر ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته مسلمان ان
دور ۾ حقائق جي گڏ ڪرڻ ۾ ماهر هئا ۽ اها سندن
امتيازي خصوصيت هئي. جڏهن ته يوناني فقط نظرياتي
ماڻهو هئا. باقي ٻي دنيا جو ڪو حال نه هو. هو ڪٿي
الفاظن ۾ الجهليل هئا ته ڪٿي نالن ۾ منجهيل هئا،
هو حقائق جي قريب ئي نه هيا، جيئن رومن لوڪ هئا.
هن جديد دور ۾ جيڪڏهن طبعيات جي مطالعي لاءِ ڪا
خاص سوسائٽي قائم ٿيندي ته سندس پهريون ڪم اهو
هوندو ته جسماني اکين جي طاقت وڌائڻ جو بندوبست
ڪري. اسان جون هي اکيون گهڻو ڪجهه ڪونه ٿيون ڏسي
سگهن. انهن کي دوربين جي مدد سان وڌيڪ طاقتور ۽
گهري ڏسڻ لائق بنائڻو پوندو. بلڪه انهن کي دوربين
وسيلي گهڻو پري ۽ ڏور ڏسڻ لاءِ پڻ مدد درڪار ٿيندي
ڇو ته ان سان ئي آسماني گرهن ۽ تارن کي وڌيڪ
چٽائيءَ سان ڏسي سگهبو. ان طرح توهان کي پنهنجي
اکين جي نظر ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. انهيءَ اضافي نظر
سان اوهان جي دماغي نظر ۾ به اضافو اچي ويندو،
جنهن سان توهان حقائق جي دنيا ۾ وڌيڪ معلومات لائق
بنجي ويندا. توهان کي خبر آهي ته آفريڪا ۾ جيڪي
عامل يا ٽوڻي ڦيڻي وارا آهن، اهي جرمنيءَ ۾
نفسياتي مرض جا طبيب سڏجن ٿا. ڇو ته ٻنهي جي ڪم ۾
اها مناسبت آهي ته هڪ عامل کي به اها خبر آهي ته
اعصابن تي دماغ ڪيئن اثر انداز ٿئي ٿو ۽ نفسياتي
مرض جو طبيب به بنيادي طور اها ئي ڄاڻ رکي ٿو.
هتان اها ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي ته ڪيئن هر زماني ۾
انسان ڏاڪي به ڏاڪي اڳتي وڌندو رهيو آهي.
هتي آخر ۾ مون کي اهو ٻڌائڻو آهي ته هن
يونيورسٽيءَ ۾ اسان سرڪار کي بار بار اهو ڇو عرض
ڪري رهيا آهيون ته هوءَ اسان جي مطالبن طرف ڌيان
ڏئي. اسان اڄ کان ڇهه سال اڳ پلان ٺاهي واضح ڪيو
هو ته اسين ڇو يونيورسٽيءَ سان ملحق سڀني ڪاليجن
تي نظر رکڻ گهرون ٿا ته جيئن هو يڪسان ماحول ۾
اڳتي وڌي سگهن ۽ ساڳئي رخ ۾ ترقي ڪن. هنن جا سڀئي
ڪم مربوط هجڻ گهرجن. آءٌ توهان کي ياد ڏياريان ته
ڪجهه وقت اڳ يورپ وارن کي اها خبر نه هئي ته سندن
مرضيءَ جي خلاف امريڪا وارا هنن کي ڇا ڏئي رهيا
آهن. ساڳيو حال آمريڪا جو آهي جو روس کين مجبور
ڪري رهيو آهي ته هو پنهنجي مرضيءَ جي خلاف ڪم ڪري
ڏيکارين.
تاريخي طور جڏهن يورپ وارن مسلمانن جي نقالي ڪندي
حقائق گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ته هو چڱي ۽ خراب، غلط ۽
صحيح جي تميز نه ڪري سگهيا. انهيءَ نقالي جي نتيجي
۾ هو ظاهري ترقي ڪري ويا آهن ۽ مهذب ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
پر آءٌ توهان کي ٻڌايان ته اڄ يورپ ۾ زندگي مختلف
خانن ۾ تقسيم ٿيل آهي. هنن ڪا شيءِ ڪٿان کنئي ته
ڪا شيءِ ڪٿان. ٿورو ذرو کين يونانين وٽان هٿ آيو
ته ڪافي ڪجهه مسلمانن وٽان به پرايائون. اهڙيءَ
طرح هو هر ڳالهه ۾ ترقي ڪندي انتها کي پهچي ويا
آهن، پر ان جي نتيجن کان بي خبر آهن. انهيءَ
ترقيءَ جو هڪڙو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هر لحاظ کان
ورهايل آهن ۽ اها تقسيم مٿن حاوي ٿي چڪي آهي، جنهن
ڪري هو توان وڃائي ويٺا آهن. آءٌ گذريل پنجاهه
سالن کان انهيءَ حقيقت جو اهو اکين ڏٺو شاهد آهيان
جو ٻيو ڪو شايد ئي هجي!
موجوده دور جو هڪ دانشور چوي ٿو ته جديد دور ۾
يورپ جو ڪلچر انتشار ۽ افراتفريءَ جي ور چڙهيل
آهي، ان جو خاص سبب جدا جدا خانن ۾ تقسيم ۾ ورهاست
آهي. ان جي ڪري هنن وٽ مذهب الاهيات، سائنس ۽
فلسفي، ادب ۽ شاعري ۾ علحدگي ۽ بيگانگيءَ جي
حڪمراني آهي. هنن جو ادب اجنبيت جو شڪار آهي، جيڪو
سندن ذهني ڪيفيت ۽ پريشاني جي عڪاسي ڪري ٿو.
هو وڌيڪ چوي ٿو ’اسان جي تهذيب جي عمارت انتهائي
غير متوازن ۽ بي سُري آهي. اها تناسب ۽ توازن کان
خالي آهي. ان جا بنياد تضاد تي مبني آهن، جنهن ڪري
اهي قائم رهڻ بجاءِ هر وقت شڪست وريخت جو شڪار ٿي
رهيا آهن.
اهو ساڳيو دانشور مسلمانن جي باري ۾ پنهنجن خيالن
جو اظهار ڪندي چوي ٿو. مسلمانن جا عالم آفاقي ۽
جامع نقطئه نظر رکن ٿا. هتي انهن لفظن کي ذهن ۾
رکجو. ڇو ته آءٌ توهان کي هنن جي علم هيئت، مابعد
طبيعات، طبيعات، شاعري ۽ موسيقي ۾ ساڳئي وقت ماهر
هجڻ جي باري ۾ اڳيئي ٻڌائي چڪو آهيان ۽ ٿي سگهي
ٿو، ان جي ٻيهر ضرورت پوي. مطلب ان ڪري هو ذهني
طور ورهائجي نه سگهيا ۽ مختلف خانن ۾ تقسيم نه
ٿيا. هو جامع العلوم ئي رهيا.
منهنجي ذهن ۾ اهي ڳالهيون هيون ۽ ان ڪري جڏهن مون
کي هتي يونيورسٽي يعني جامع ۾ موڪليو ٿي ويو ته
مون هنن کان اهو سوال ڪيو هو. مون کين عرض ڪيو هو
ته آءٌ ٻڍو ماڻهو آهيان ۽ ريٽائرڊ زندگي گذاري
رهيو آهيان. مون کي اچڻ جو شوق ڪونهي. مون کين چيو
هو ته ڇا هنن ماڻهن کي يونيورسٽي لفظ جي معنيٰ ۽
مفهوم جي خبر آهي. جيڪڏهن هتي جا ماڻهو ان لفظ کان
ئي ناآشنا آهن ته پوءِ ڪنهن کي ضرور اچڻ گهرجي. ڇا
اڄڪلهه ان لفظ ’يونيورسٽي‘ جو مفهوم واضح ٿيو آهي.
تمام ٿورا ماڻهو ڄاڻن ٿا ته يونيورسٽي لفظ جو
مفهوم انهيءَ ’جامعه‘ ۾ سمايل آهي، يعني اهو هنڌ
جتي جامع ۽ هر لحاظ کان وسيع تعليم جو موقعو فراهم
ڪيو وڃي. ٻيءَ صورت ۾ هر قسم جا اسڪول ته گهڻا ئي
موجود آهن.
هينئر اسان جي ماڻهن جو ڇا حال آهي؟ هنن ان لفظ
سان ڇا ڪيو آهي؟ اڄ مسلمانن کي اهو لفظ يونيورسٽي
(University)
اجايو ڊگهو ۽ غير ضروري ٿو لڳي. سو ان کي مختصر
ڪري
varsity
ٿا چون ۽ اڳيان ڪاما وجهن ٿا، يعني
`varsity
ڪري پڙهن ٿا. هڪ لحاظ سان تڏهن پڪ ٿي ته هو واقعي
ان لفظ جي معنيٰ کان غير واقف آهن.ڀلا جنهن بابت
توهان کي خبر ئي ڪونهي، اها آخر ڪيئن وجود ۾
ايندي. هنن
Uni
اکرن تي مشتمل مٿو هٽائي فقط
varsity
کي ڇڏيو آهي.ڇا اسان جي انهيءَ طرز عمل سان گهربل
جامع تعليم جو مقصد حاصل ٿي سگهندو؟
هو مون کي لکن ٿا ته آءٌ في الحال آرٽ ۽ سائنس سان
شروع ڪريان ۽ ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنيڪل کي ڀلجي
وڃان، جن جا هر وقت آءٌ خواب پيو ڏسان. هو مون کي
اهڙي يونيورسٽي ٺاهڻ کان پري رکڻ گهرن ٿا. پر
منهنجو کين چوڻ آهي ته پوءِ ان کي به ڌوڙ وجهجو.
ان کان وڌيڪ آءٌ کين ڇا چوان. ان صورت ۾ اها
يونيورسٽي ته نه هوندي، پر هڪ عجيب بي معنيٰ ادارو
هوندو.
منهنجو اصرار آهي ته اهڙي آرٽ مان ڪهڙو فائدو ۽
اها سائنس ڪهڙي ڪم جي؟ ان تعليم سان ڪجهه نه
ٿيندو، بلڪه اهي رڳو رشوت وٺندا ۽ حرام کائيندا ۽
پاڻ کي تعليم يافته چورائيندا. ڇا مون کي اهڙو ڪم
ڪرڻ گهرجي، جنهن سان خدا جي اهڙي مخلوق پيدا ٿئي،
جيڪا رشوت تي گذارو ڪري، جنهن سان اهڙا فرد تيار
ٿين، جيڪي پنهنجي ڳالهه جي عزت نه رکن، جيڪي غريبن
جي مدد کان ڪيٻائيندا وتن، جيڪي هر چڱي يا سٺي
شيءِ کان پري ڀڄندا وتن، ڇا اهڙن فردن جي اسان کي
ضرورت آهي؟
منهنجي خيال ۾ ٻه بنيادي ڳالهيون ضرور سيکارڻيون
آهن، هڪڙي آهي طلب العلم يعني علم جي طلب ۽ ٻي آهي
طلب الحلال يعني حلال جي طلب يا ڳولا. مسلمان
پنهنجي پيغمبر کي به اولي لايدي والابصار يعني هن
کي هٿن ۽ اکين جو مالڪ سمجهن ٿا. مطلب هو نه رڳو
ڏسي سگهي ٿو، پر پنهنجي هٿن سان پورهيو ۽ محنت ڪرڻ
وارو به آهي. محنت يا هٿن جي هلائڻ ۾ اصل عظمت
آهي. مون اها ڳالهه ڪالهه به ڪئي هئي، جڏهن هتي هڪ
وزير صاحب آيو هو. محنت جو وزير، جنهن لاءِ توهان
پڇو ٿا ڀلا هو هتي علم وارن جي اجتماع ۾ ڇا ڪرڻ
آيو هو. آءٌ توهان کي ٻڌايان ته اسان جا تعليم
يافته انسان پهريائين محنت ڪش انسان هئا ۽ ان کان
پوءِ تعليم يافته يا ٻيو سڀ ڪجهه. خبر اٿوَ ته
غزالي ڪير هو. هو ته سٽ ڪتڻ وارو هو. امام ابو
حنيفه بجاج يعني ڪپڙو وڪڻڻ وارو هو. اهڙيءَ طرح ڪي
ڌوٻي هئا ته ڪي معمولي واپاري جيڪي پنهنجي پٺيءَ
تي شيون کڻي وڪرو ڪندا هئا. ڪي غلام به هئا. مطلب
ڏينهن ۾ چار آنا ڪمائيندا هئا، ليڪن ويهه ڪلاڪ علم
۽ ڪتابن ۾ گذاريندا هئا. اهي انسان هئا، جن اسلام
جي صحيح نمائندگي ڪئي ۽ اسلامي دنيا کي عروج
بخشيو. بلڪه اهي ئي انسانذات جا معمار هئا.
آءٌ هتي هڪ ڳالهه واضح ڪرڻ گهران ٿو ته جيڪو ماڻهو
حرام تي گذارو ڪري ٿو، اهو عالم يا تعليم يافته
نٿو چئي سگهجي. اها بلڪل ناممڪن آهي، ڇو ته پهرين
يا بنيادي تعليم جيڪا ڏيڻ گهرجي، اها آهي ته ظلم
ڪرڻ سان پيٽ ڀرڻ جو ڇا مطلب آهي. اهو ڪيڏو انڌير
چئبو جو ٺڳي، فريب، ڪوڙ ۽ خونريزيءَ سان ڀڀ ڀرجي ۽
اهو احساس ئي نه ٿئي ته اهو هڪ شريف ۽ معزز انسان
جو ڪم ناهي. مطلب هر حال ۾ اهو تصور واضح ڪرڻ
گهرجي ۽ سيکارڻ گهرجي. پر اهو تڏهن ٿي سگهندو،
جڏهن توهين پهرين هن کي پيٽ پالڻ سيکاريو اهو فرد
ڪهڙي ڪم جو جيڪو آرٽ ۽ شاعري پڙهي ٿو، پر آخر
تائين کيس خبر نٿي پوي ته شاعري آرٽ ڇو آهي. اهو
کيس سيکارڻو آهي ته آخر شاعري آرٽ ڪيئن ٿي پوي ٿي.
عام طور هو آرٽ جو اهو ئي مطلب وٺن ٿا. مون کي خبر
ناهي ته اڄڪلهه جا گريجوئيٽ آرٽ بابت ڪيترو سکن ٿا
يا ڄاڻن ٿا، پر هو ان کي آرٽ چون ٿا.
هاڻي اڄ جڏهن آءٌ هتي آيو آهيان ۽ توهان ننڍي
پيماني تي سائنس سوسائٽي قائم ڪرڻ جو سوچيو آهي ته
مان ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. پر اها صحيح سوچ ۽ جذبي
سان قائم ڪريو ۽ سچي نيت ۽ ارادي سان ان کي شروع
ڪريو. توهان اها ضرور پڪ ڪريو ته ان جي شروعات
صحيح مسلماني طريقي سان ڪري رهيا آهيو، اهو طريقو
جنهن جو آغاز چوڏهن سو سال اڳ ڪيو ويو هيو.
توهان صاف سچي ۽ خالص نيت سان علم جي ترقيءَ خاطر
هن سوسائٽي جي بسم الله سان شروعات ڪريو ۽ پاڻ تي
اهو لازم ڪريو ته الاهي حڪم
’خلق الانسان من طين‘
يعني اسان انسان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ويو آهي جي
اطاعت ڪندي توهان ان مٽيءَ جي طبعي ساخت ۽ ڪيميائي
بناوت کان پاڻ کي پوريءَ ريت باخبر رکو ٿا.
سوسائٽيءَ وارن کي اهو عهد ڪرڻو پوندو ته خدا جي
هن ڌرتيءَ تي ان مٽيءَ بابت سڀ ڪجهه معلوم ڪرڻو
آهي. عقل ۽ سوچ کان ڪم وٺندي حقائق تي ڌيان ڏيڻو
آهي ۽ پوءِ تحقيق جي عمل کي پوريءَ ريت نافذ ڪرڻو
آهي. ان سلسلي ۾ ڪنهن غيبي مدد جو انتظار ڪرڻو
ناهي. فقط ان صورت ۾ اها سوسائٽي هڪ صحيح اسلامي
ادارو بنجي سگهندي. ڇو ته ان کان علاوه ٻي ڪا صورت
ڪانهي. تحقيق جو مثبت ۽ صحيح انداز اهو ئي آهي.
باقي اڄڪلهه جي دور وانگر ’اسپٽنڪ‘ (خلائي جهاز)
ٺاهي مٿي موڪلڻا ناهن. اها تمام معمولي ۽ خسيس
ڳالهه آهي. اها معمولي آتشبازي آهي، جنهن کي
منهنجي گهر واري ته ’لغڙ اُڏائڻ‘ سان تشبيهه ڏني
آهي. لغڙ اُڏائڻ ٻارن جو مشغلو آهي. پر توهان کي
خبر آهي ته اهي لغڙ اڏامڻ کان پوءِ ڪيڏانهن غائب
ٿي ويندا هئا؟
پر هتي وري اڪثر ماڻهو سوسائٽي جي سيڪريٽري ۽ صدر
جي عهدي لاءِ وڙهندا رهندا آهن. ياد رکو، ان طريقي
۽ جذبي سان سائنس جو ڪو ڪم ڪونه ٿي سگهندو. توهان
کي دل ۽ من کي صاف ۽ سچو رکڻو پوندو ۽ صرف اها
ڳالهه ذهن ۾ رکڻي پوندي ته توهان پنهنجو فرض ادا
ڪري رهيا آهيو. توهان جي سائنسدان بنجڻ جو ٻيو ڪو
مقصد ناهي بلڪه انسان ۽ شين بابت ڄاڻ گڏ ڪرڻ آهي.
جڏهن ائين سوچيندا ۽ ڪندا ته نوان حقائق پنهنجو
پاڻ توهان تي آشڪار ٿيندا ويندا. اهي حقائق ئي آهن
جيڪي فلسفي يا فڪر يا نظريي جو بنياد فراهم ڪن ٿا.
حقيقت کان سواءِ ڪا عقليت ٿي نٿي سگهي ۽ حقيقت کان
سواءِ ڪا ڄاڻ ۽ علم به نٿو ٿي سگهي. سڀ کان پهرين
حقيقت آهي، جنهن سان شروعات ٿيڻ گهرجي. حقائق کي
بنياد بنائي توهان عمارت تعمير ڪري سگهو ٿا. بلڪل
ائين جيئن گهر جي تعمير واسطي سرون، سيمينٽ ۽ لوهه
گهربل هوندو آهي. اهو سڀ سائنس جي وسيلي ئي ممڪن
آهي.
پر جيئن مون اڳ ۾ به عرض ڪيو ته اسان جي ان سلسلي
۾ مدد ڪريو ته يورپ وارن جيڪا علم جي جدا جدا خانن
۾ ورهاست ڪري ڇڏي آهي، ان نقصان جو ڪيئن ازالو
ٿئي. هنن توهان جي ان پراڻي شاندار جامع العلوم
هجڻ واري روايت کي وڏو ڌڪ پهچايو آهي. هنن هڪڙي
شيءِ هتي هٿ ڪئي آهي، ته ٻي شيءِ ٻي هنڌ کڻي رکي
آهي. هو ڪن ڳالهين ۾ انتها تي هليا ويا آهن ته ٻين
کي اڌ ۾ يا اونداهه ۾ ڇڏي ڏنو آهي.
لهذا آءٌ اهو ئي عرض ڪندس ته اسان کي صحيح تصور
موجب ’يونيورسٽي‘ کپي ۽ مون کي اميد آهي ته خدا
اسان جي مدد ڪندو. اها يونيورسٽي هوندي جنهن ۾
توهان علم به پرائي سگهندا ته دماغ هلائي پنهنجي
هٿن سان شيون به ٺاهي سگهندو. اهو ان ڪري ته جيئن
توهان لاءِ به اولي لايدي ولابصار يعني هٿن ۽ اکين
کان ڪم وٺڻ وارو قرآني اصطلاح ڪم آڻي سگهجي. ياد
رکو، اسان جو مثالي تصور يا آدرش اهو ئي آهي.
هٿ جو پورهيو يا محنت به دماغي پورهيي جيتري اهميت
رکي ٿو ته ڇا توهان ڪو اوزار ايستائين هٿن سان
ٺاهي سگهو ٿا جيستائين توهان وٽ ان جي دماغ ۽ ذهن
۾ پوري ڄاڻ نه آهي. وري جيستائين اهو اوزار ڪارآمد
ناهي ته اها سائنس ڪهڙي ڪم جي چئبي. توهان کي
سائنس جي خاطر اوزار ٺاهڻ وارو ٿيڻو پوندو ۽ اهو
اوزار توهان جا هٿ ئي ٺاهي سگهن ٿا. آمريڪا ۽
انگلينڊ کي ايستائين ڪو لهر ۽ لوڏو ڪونهي،
جيستائين توهان انهن کان اهي اوزار ۽ شيون گهرايو
ٿا. بلڪه هميشه وانگر سوالي بنجي کانئن خيرات گهرو
ٿا ته صاحب ڏيو. مطلب اوزار ٺاهڻ لاءِ توهان کي
پنهنجا هٿ استعمال ڪرڻا پوندا.
هنن ماڻهن کي جڏهن آءٌ اهو عرض ڪريان ٿو ته مهربان
مون کي پهريائين ٽيڪنالاجي ڏيو ته هو کتو جواب ڏين
ٿا نه، نه! ان جي ڪا اهميت ڪونهي.
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن ٽيڪنالاجي اهميت واري
ناهي ته پوءِ اسين اوزار ڪيئن ٺاهي سگهنداسين.
ليڪن افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ تعليم جو اهوئي تصور
آهي. دراصل اسان گذريل ست سو سالن ۾ سڀ ڪجهه وساري
ڇڏيو آهي. اسان اهو به وساري ويٺا آهيون ته مسلمان
ڪير هئا ۽ ڇا ڪندا هئا نه ته اهڙي ڳالهه هرگز نه
ڪريون ها. اسان کي خبر ئي ڪونهي ته هو ڇا ڪندا هئا
۽ ڇا ڪري ويا. اسان سڀ ڀلجي چڪا آهيون. اڄ اسان کي
امريڪي ۽ يورپي ترقيءَ جي غلط تصوير ڏيکاري پئي
وڃي ٿي ۽ اسان اکيون ٻوٽي سواءِ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي
سواءِ ارادي ۽ نيت جي هنن جي تابعداري ڪري رهيا
آهيون. اهو هڪ مسلمان لاءِ سائنس جو صحيح تصور
ڪونهي. صرف اها سائنس صاف سٿري هوندي جنهن جي صحيح
ارادي ۽ نيت سان ان جي شروعات ڪئي ويندي ۽ ان ۾
صحيح سچا انسان ئي نظر ايندا. آءٌ سمجهان ٿو ته
آءٌ پنهنجي وس آهر توهان لاءِ سائنس جي تصور جي
وضاحت ڪري سگهيو آهيان. |