[ 1 ]
پيغمبرِ اسلام
زرتشت
ايران يعني فارس جي قديم مذهب جو باني جيڪو ستين
صدي قبل مسيح ۾ ٿي گذريو، باهه ۽ سج هن مذهب ۾
مقدس سمجهيا وڃن ٿا جنهن ڪري سندس پوئلڳن کي باهه
جا پوڄاري به ڪوٺيو وڃي ٿو. ’اوستا‘ سندن مذهبي
ڪتاب آهي جيڪو قديم فارسي زبان ۾ آهي. اسلام جي
آمد کان پوءِ هن مذهب جو خاتمو ٿي ويو، بلڪ هن
مذهب جي پوئلڳن ايران کي ڇڏي هندستان جو رُخ رکيو
جتي هنن کي پارسي ڪوٺيو وڃي ٿو، انهن مان ڪجهه سنڌ
۾ اڃان تائين باقي آهن.
[The world Literature, p 493]
***
اپنشد
هندو مذهب جو اوائلي مواد جيڪو نثر جي صورت ۾ ملي
ٿو ڪن ماهرن انهن جي تاليف جو زمانو 600 قبل مسيح
ٻڌايو آهي حالانڪ ان ۾ اختلاف جي گنجائش آهي،
اپنشدن ۾ ڪل 108 مڪالما آهن جن جو موضوع برهما سان
وصال آهي، اهي هڪ قسم جون دعائون، پرارٿنا، اقوال
وغيره آهن. اپنشدن ۾ برهما سان گڏ آتما جو تصور به
ملي ٿو، جيڪو هڪ قسم جي آفاقي روح وانگر آهي جيڪو
ٻي سموري مخلوقات کان اڳ ۾ هو. رگويد ۾ خدا جي
هيڪڙائي جو اهڙو تصور ملي ٿو جنهن کي بيان نٿو ڪري
سگهجي، اهوئي آهي جنهن جهان کي جوڙيو آهي ۽ ان کي
هلائي رهيوآهي، انهيءَ خدا جي پرستش سان ۽ پنهنجي
اندر جي خواهش کي ترڪ ڪرڻ سان ڇوٽڪارو ملي سگهي
ٿو، بلڪه برهما سان وصال به حاصل ٿئي ٿو.
مولانا ابوالڪلام آزاد ان راءِ جو آهي ته اپنشدن ۾
توحيد وجودي
(Pan
theism)
جي تعليم آهي پر ان سان گڏ شرڪ يا گهڻن خدائن جو
تصور(Poly
theism)
به هرهنڌ ملي ٿو. هو چوي ٿو ”گويا هڪ قسم جو
توحيدي اشراڪي تصور
(Mono
Theistic Poly Theism)
وارو مزاج نظر اچي ٿو، جيڪو هڪ وقت فڪري لحاظ کان
توحيد جي تقاضا به پوري ڪري ٿو ته ٻئي لحاظ سان
بتن ۾ عقيدي جي نظام کي به ڊهڻ نٿو ڏئي. ويدانت ۾
اهو فڪر گهڻي ڀاڱي نظر اچي ٿو.
]ابوالڪلام
آزاد، فلسفه اصول و مبادي، ص 134-135[
[The world Literature, P. 466]
***
گوتم ٻڌ (567ق.م-483ق.م)
هن جو اصل نالو سڌارٿ آهي هو نيپال جي ڀرسان ڪپل
وستوءَ ۾ ڄائو، سندس ماءُ کيس ڄڻڻ کان پوءِ ستن
ڏينهن بعد فوت ٿي وئي، هو وڏ گهراڻي ۾ پيدا ٿيو
هو، تنهنڪري هن جي پرورش شهزادن وانگر ٿي، ليڪن 29
سالن جي عمر ۾ هو گهر ٻار ۽ بادشاهي ڇڏي جهنگ منهن
ڪري نڪري ويو، ستن سالن جي سخت رياضتن بعد کيس اها
سچائي حاصل ٿي جنهن جي کيس تلاش هئي جنهن کي ’ٻڌ‘
يا سمجهه جهڙي لفظ سان تعبير ڪيو ويو آهي.
گوتم ٻڌ جي نظر ۾ زندگي دک درد ۽ پيڙا جو ٻيو نالو
آهي ۽ ان کان ڇوٽڪارو ئي زندگيءَ جي ڪاميابي آهي،
هو چوي ٿو ته دنيا ڏکن ۽ غمن سان ڀرپور آهي، ڄم،
وڏي عمر ۽ موت سڀ دک سان ڀريل آهن، مطلب ڏک ئي
زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو سچ آهي، ۽ ان کان نجات کي هر
’نروان‘ ڪوٺي ٿو.
گوتم ٻڌ هندن جي مذهبي ڪتاب ويدن ۾ رسمن ۽ قرباني
وغيره جهڙن عقيدن کي اجايو قرار ڏنو، گويا هو ويدن
جي الهامي حيثيت کان انڪار ڪري ٿو، هو زندگيءَ جي
فقط عملي تجربي کي تسليم ڪري ٿو اُنڪري روح يا
خدا جو انڪار ڪري ٿو، زندگيءَ جو اهو عملي تجربو
اٺن اصولن يعني اشٽڪ مارگ سڏجي ٿو ۽ اهي اصول هن
ريت آهن: (1) درست يا صحيح نظر، (2) درست ارادو،
(3) درست ڳالهائڻ، (4) درست روش، (5) درست ڪمائي،
(6) درست ڪوشش، (7) درست سوچ، (8) درست مراقبو
يعني ڌيان.
]فلسفه
مذاهب- اموليه رنجن مهاپتر، ص 186[
***
چوکحل بينش ما خاک آستان شما ست
کجا رويم بفرما ازين جناب کجا.
هيءَ شعر حافظ جي هڪ غزل مان ورتل آهي.
]لسان
الغيب، ص 60[
خواجه حافظ شيرازي (1315/715- 792/1388)
فارسي زبان جو جڳ مشهور شاعر جيڪو پنهنجي ’ديوان
حافظ‘ جي ڪري ڄاتل سڃاتل آهي، اٺين صدي هجري
اسلامي دنيا ۾ جنگ و جدل جو زمانو هو، حافظ جي
زندگيءَ ۾ شيراز جا ست حڪمران اهڙيءَ ريت تخت نشين
ٿيا. وڏي ڳالهه ته اهو زمانو هو جڏهن امير تيمور
پوري ايشيا کان وٺي ترڪيءَ تائين ملڪن کي فتح ڪري
رهيو هو. مشهور روايت آهي ته جڏهن تيمور شيراز فتح
ڪيو ته حافظ کي شاهي درٻار ۾ گهرايو ويو ۽ کانئس
هن شعر بابت باز پرس ڪئي وئي جنهن ۾ چيو هئائين ته
جيڪڏهن سندس محبوب راضي ٿئي ته هو ان جي ڪاري تِر
عيوض سمرقند ۽ بخارا کي قربان ڪري ڇڏيندو.
اگر آن ترک شيرازي بدست آرد دل مارا
بخال هندوش بخشم سمرقند و بخارا را.
خواجه صاحب جواب ڏنو، ’همين غلط بخش هاست که
بدين نوبت رسيدم‘ يعني اهڙين غلط بخششن ڪري ان
حال تي پهتو آهيان.
چون ٿا ته امير تيمور کي اهو جواب پسند آيو، هونئن
به تيمور عالمن ۽ شاعرن جو قدردان هو.
حافظ جي سموري شاعريءَ ۾ اهڙي هڪڙي مصرع به مشڪل
ملندي جنهن ۾ شراب ۽ شاهد جو ذڪر نه هجي، ليڪن ان
کي تصوف جي لحاظ کان استعارو قرار ڏنو ويو آهي،
سندس شاعريءَ جي مقبوليت جي اها حد آهي جو سندس
ديوان مان فال ڪڍي ويندي آهي، ديوان حافظ جا ڪي
اهڙا ايڊيشن ملن ٿا جن ۾ ان طريقي جي خاص وضاحت
ملي ٿي، حافظ جي انهيءَ مصرع وارو پورو شعر هن ريت
آهي:
صبح خيزي و سلامت طلبي چون حافظ
هرچه کردم همه از دولت قرآن کريم.
ترجمو:حافظ اگر صبح جو اُٿڻ ۽ خير جون دعائون
گهرڻ، اهو سڀڪجهه جيڪي کيس حاصل ٿيو آهي اهو قرآن
شريف جي برڪت سبب آهي.
]لسان
الغيب، مير ولي الله، ص 122 ۽ 460[
***
ٿامس ڪارلائل (1881-1795)
مشهور انگريزي نثرنگار نقاد، دانشور، اسڪاٽلينڊ جي
ڳوٺڙي ايڪليفيچان ۾ ڄائو، سندس پيءُ سنگتراش هو،
هن ابتدائي تعليم انان اڪيڊمي ۾ حاصل ڪئي ۽ 1809 ۾
ايڊنبرگ يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ ڪيائين، والدين جي
مرضي هئي ته هو پادري بنجي. پر اوائلي عمر ۾ هو
مذهبي عقيدن کان ڦري چڪو هو ۽ ڪافي وقت مذهب جو
انڪاري هو، اوچتو منجهس روحاني تبديلي آئي ۽ هو
پڪو مذهبي انسان بنجي چڪو هو. اهو سمورو تفصيل هن
پنهنجي ڪتاب
(Sartor Resartus)
۾ ڏنو آهي، هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ هو گوئٽي کان گهڻو
متاثر هو جنهن جي خيالات کي هو گهڻو قبول ڪري ٿو،
1825 ۾ هن مشهور جرمن عالم شلر جي سوانح
Life of Schiller
مرتب ڪئي.
1834 ۾ هو لنڊن هليو آيو هن 1837 ۾ فرينچ انقلاب
بابت مشهور ڪتاب لکيو، ان کان پوءِ 1839 کان
1841جي عرصي ۾ هن ليڪچر ڏنا جيڪي ’هيرو ۽ هيرو
پرستي‘ جي عنوان سان شايع ٿيا. ’ماضي ۽ مسقتبل‘ جي
عنوان سان هن
Past and Present
ڪتاب لکيو جنهن ۾ هن صنعتي انقلاب جي سماجي اثرات
جي خوب خبر ورتي، سندس آخري تصنيف فريڊرڪ هڪ عظيم
اڳواڻ جي زندگيءَ جي احوال تي مشتمل آهي.
1866 ۾ زال جي وفات کان پوءِ هن ويڳاڻپ ۾ وقت
گذاريو ۽ آخر 1881 ۾ وفات ڪري ويو، وصيت موجب کيس
سندس اباڻي ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو.
ڪارلائل انگريزي ادب ۾ هڪ منفرد نثر نويس آهي ۽
سندس نثر ۾ بلا جي رواني ۽ زور آهي، هن جو اسلوب
ڏکيو ۽ پيچيده آهي هو جرمن ۽ لاطيني فرينچ زبان جا
ڪيترا الفاظ استعال ڪري ٿو، هو گوئٽي جي زير اثر
مشرقي علوم ۽ اسلام کان واقف ٿيو، هو گوئٽي کان
بعد پهريون وڏو مغربي دانشور هو جنهن پيغمبرِ
اسلام جي حقانيت کي پنهنجي مشهور ليڪچر
Hero as Prophet
۾ کليءَ دل سان تسليم ڪيو آهي اهوئي سبب هو جو سر
سيد احمد خان جڏهن 1870 ۾ سروليم ميور جي پيغمبرِ
اسلام بابت لکيل ڪتاب جو جواب تحرير ڪرڻ جي سلسلي
۾ لنڊن ۾ هو ته هن ڪارلائل سان ان ڪتاب جي حوالي
سان خاص ملاقات ڪئي هئي.
تاريخ جي باري ۾ ڪارلائل جو چوڻ هو ته اها بائبل
ڪبير جي حيثيت رکي ٿي ۽ خدا انسان کي پنهنجي صحيح
ڪارنامن جي سمجهاڻي ان ذريعي ڏني آهي، ۽ اهي
ماضيءَ جا سبق سندن حال تي دهرايا آهن. مطلب ته
ڪارلائل مڪمل طرح هڪ سچو ۽ کرو مذهبي انسان هو ،
هو سڄي عمر خدا ۽ روحاني آزاديءَ جو پرچار ڪندو
رهيو ۽ هڪ لحاظ سان هو پنهنجي وقت جي وهڪري جي
بلڪل مخالف هو، هن جو فڪر ۽ سوچ شاهه لطيف جي هن
سِٽ جو مظهر هئي:
لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وهه اوڀار.
علامه صاحب ڪارلائل جي مذهب اسلام بابت حقيقت
پسندانه رويي کان گهڻو متاثر هو ۽ اڪثر پنهنجي
تقريرن ۾ مذهب، فلسفي، تاريخ، ادب ۽ شاعري جي
حوالي سان کيس سَندَ طور پيش ڪري ٿو، چوڻ خاطر چئي
سگهجي ٿو ته علامه صاحب کي ڪارلائل ۾ پنهنجو عڪس
نظر آيو هو.
[1. Henry Hudson: An outline History of English
Literature
2. Khaliq Nizami, Sir Sayed Ahmed Khan,
P.48)
***
[2]
سورة اللهب جي سمجهاڻي
گِب هملٽن
مشهور انگريز مستشرق جيڪو اسڪندريه ۾ 1895 ۾ پيدا
ٿيو، ۽ عربي زبان جي تعليم لنڊن اسڪول آف اورينٽل
اسٽڊيز ۾ حاصل ڪيائين. هو اتي ٿامس آرنولڊ جهڙي
عالم فاضل جو شاگرد ٿيو. هو لنڊن ۽ آڪسفورڊ
يونيورسٽي ۾ عربيءَ جو استاد رهيو، آخري عمر ۾ هو
امريڪا جي فورڊ يونيورسٽيءَ ۾ مشرق وسطيٰ جي
مطالعاتي مرڪز جو سربراهه مقرر ٿيو. هن ابن بطوطه
جي سفرنامي جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو جيڪو گهڻو
مشهور ٿيو. هن مختصر انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام کي
پڻ مرتب ڪيو هو. ان کانسواءِ سندس ٻيون به ڪيتريون
تصنيفون ۽ ڪيترا تحقيقي مقالا موجود آهن.
]انسائيڪلوپيڊيا
آف اسلام، جلد 17، ص 520[
***
ڪراشا رچرڊ (جنم 1612)
سترهين صديءَ ۾ انگريزي ٻوليءَ جو مشهور شاعر جنهن
کي مابعد طبعياتي شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هو
پهرين اينگليڪن فرقي سان تعلق رکندو هو پر پوءِ
وري ڪئٿولڪ مذهب اختيار ڪيائين.
سورلي جنهن شاهه عبداللطيف آف ڀٽ لکي ڊاڪٽوريٽ جي
سَندَ حاصل ڪئي، کيس پنهنجي ٻئي ڪتاب
Musa Pervagens
۾ دنيا جي چونڊ وڏن شاعرن ۾ شمار ڪري ٿو ۽ سندس
منتخب شاعري به پيش ڪري ٿو.
***
اسپينسر، ايڊمنڊ (1599-1552)
هو پنهنجي ڊگهي نظم ’فيئري ڪئين‘ جي ڪري انگريزي
ادب ۾ اهم جڳهه والاري آهي، تاهم کيس تمام گهٽ
پڙهيو ويو آهي. هو هڪ لحاظ کان چاسر جي شاعرانه
روايت جو تسلسل آهي، هن کي ’شاعرن جو شاعر‘ ان ڪري
چيو ويو آهي جو سندس شاعريءَ ۾ پراسراريت واري
ڪيفيت ملي ٿي.
اسبينسر ست سال ڪيمبرج ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ اُتي ئي
شاعر جي حيثيت ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيائين.
اتي ئي هو فلپ سڊني جو دوست بنيو ۽ کيس راڻي
ايلزبيٿ تائين رسائي حاصل ٿي، اسپينسر پنهنجي
شاعريءَ ۾ چاسر جي نقالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڇو ته هو
چاسر کي پنهنجو امام سمجهندو هو، تاهم هو ان ۾
گهڻو ڪامياب ڪونه ويو.
1590 ۾ جڏهن ’فيئري ڪئين‘ شايع ٿيو ته هن ان جو
انتساب راڻي ايلزبيٿ ڏانهن ڪيو ۽ ان کي پنهنجي نظم
جي هيروئن قرار ڏنو، ان نظم سان اسپينسر جي وڏي
شهرت ٿي ۽ کيس پنجاهه پائونڊ ساليانو وظيفو ملڻ
لڳو، ليڪن هو شاهي درٻار ۾ ڪو مستقل عهدو حاصل ڪري
نه سگهيو. جنهن تي هو گهڻو بددل ٿي پيو ۽ ان جو
اظهار هن پوءِ لکيل نظمن ۾ ڪيو، بهرحال 1596 ۾ هن
فيئري ڪئين جا باقي ٽي داستان لکي پورا ڪيا.
آخري عمر ۾ هو آئرلينڊ ۾ بغاوت ٿيڻ کان پوءِ اتان
ڀڄي نڪتو ۽ اچي لنڊن ۾ ساهه پٽيائين جتي اوچتو
1599 ۾ وفات ڪري ويو. سندس همعصر شاعرن جي ڪوشش
سان جنازي کي ويسٽ منسٽر ايبي ۾ دفن ڪيو ويو پر
کيس چاسر وارو اعزاز نه ملي سگهيو.
[World Literature, p. 223-424]
***
ڊرائيڊن، جان (1631-1700)
ڊراما نگار، نقاد ۽ مزاحيه شاعر ڊرائيدن سترهين
صدي جي آخري چوٿائي جي قدآور شخصيت هو. هو ڪيمبرج
جو تعليم يافته هو. هو مشهور فلسفي ڊيڪارٽ ۽ مشهور
سياسي مفڪر هابس کان گهڻو متاثر هو.
ڊرائيڊن جون تحريرون تنقيد ۽ طنزيه ادب ۾ مثالي
سمجهيون وڃن ٿيون، اهڙيءَ طرح نثري تحريرن ۾ سندس
Essay of Dramatic Poetry
جيڪو هن 1688 ۾ رقم ڪيو پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ ان
ڪري کيس’انگريزي نثر جو اَبو‘ چيو ويو آهي.
[World Literature, p. 140]
***
ڊوني جان (1573-1631)
شاعر، اديب ۽ مذهبي مبلغ، سندس ابتدائي زندگي
عياشيءَ ۾ گذري هئي، ايتريقدر جو هن ان دور ۾ جيڪي
ڪجهه لکيو ان کي پنهنجي نالي سان ظاهر نه ڪيو.
سندس تحريرون گهڻي ڀاڱي سندس موت کان پوءِ منظرعام
تي آيون، سندس مشهور تصنيف
Essays in Divinty
آهي، ان کانسواءِ سندس خط ۽ 160 خطبات يا وعظ آهن
جن ۾ هو طاقتور نثر جو مظاهرو ڪري ٿو.
ڊوني پنهنجي متاخرين کي گهڻو متاثر ڪيو آهي جن ۾
ڊرائيڊن، پوپ، ڪولرج، برائوننگ وغيره شامل آهن.
[World Literature, p. 134]
***
چاسر جيوفري
(Geoffrey Chaucer)
هن جو زمانو 1340 کان 1400 عيسوي آهي، هو پنهنجي
تصنيف ’ڪينٽربري جون آکاڻيون‘ سبب گهڻو مشهور آهي،
سندس شاعري به ملي ٿي، هن هڪ ننڍڙو ڪتاب اصطرلاب
جي استعمال بابت به لکيو هو، چاسر پنهنجي زندگيءَ
۾ ڪيترن وڏن سرڪاري عهدن تي رهيو ۽ وقت جي بادشاهه
سان به قريب هو، بلڪ ڪجهه وقت لاءِ هو سفير به
رهيو ۽ ان دوران هن اٽليءَ ۾ به ڪجهه وقت گذاريو.
اٽليءَ ۾ رهائش دوران هو ڊانٽي جي شاعريءَ کان
گهڻو متاثر ٿيو. هونئن هن فرينچ ادب جو به گهڻو
مطالعو ڪيوهو، لاطيني زبان ۾ کيس اڳيئي مهارت حاصل
هئي.
ڪينٽربري آکاڻين کي انگريزي ادب ۾ بنيادي اهميت
ڏني وئي آهي، اهڙيءَ طرح چاسر کي سندس شاعري سبب
انگريزي ادب جو وهائو يعني اڀرندڙ تارو ڪوٺي سگهجي
ٿو. چاسر حياتيءَ جي پوئين حصي ۾ ٻه ڪتاب
The House of Fame
۽The
Parliament of Fowls
لکيا. پهرين ڪتاب ۾ هو ڏيکاري ٿو ته هڪ عقاب کيس
کڻي ’عاليشان محل‘ ۾ پهچائي ٿو جتي هو محبت جي
رازن رمزن کان واقف ٿئي ٿو. ٻئي ڪتاب ۾ هو ڏيکاري
ٿو ته سينٽ ولينٽائن ڏهاڙي تي جڏهن مختلف پکي گڏ
ٿين ٿا ته هو پنهنجي جوڙي جو انتخاب ڪيئن ڪن ٿا ان
موقعي تي هو مختلف پکين، بدڪ، ڪبوتر، ڪُڪو ۽ عقاب
وغيره جي زباني گفتگو ٻڌرائي ٿو، ان ۾ هڪ دفعو وري
عقاب جي اعليٰ ڪردار کي بيان ڪري ٿو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چاسر هي ٻئي ڊگها نظم ڊانٽي جي
ڊوائين ڪاميڊي کان متاثر ٿي لکيا هئا ۽ هينئر
محققن اها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته ڊانٽي جو اهو
سمورو خيال معراج جي واقعي ۽ ابن عربيءَ جي خيالات
کان ماخوذ آهي. اهڙيءَ طرح اسان جي خيال ۾ چاسر جا
هي ٻئي نظم فارسيءَ جي عظيم صوفي شاعر فريدالدين
عطار جي منطق الطير جو پڙاڏو آهن، جن ۾ چاسر
پنهنجي نظرين کي جاءِ ڏني آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه هجڻ
گهرجي ڇو ته تيرهين صديءَ جي اٽليءَ ۾ سسلي يا
صقليه جي ذريعي اتي اسلامي اثرات ڇانيل نظر اچن
ٿا. چاسر کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هو پهريون شاعر
۽ اديب هو جيڪو انگلينڊ جي شاهي ديول ويسٽ منسٽر
ايبي ۾ دفن ٿيو.
[World Literature, p. 85-86]
***
پوپ، اليگزينڊر (1744-1688)
هو ارڙهين صدي ۾ انگلينڊ جي نئين ڪلاسڪ عهد جو
نمائندو شاعر آهي، هو قد ۾ تمام ننڍو هو بلڪ مشڪل
سان ساڍا چار فوٽ هو، رومن ڪئٿولڪ فرقي سان منسلڪ
هجڻ سبب هو ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ به تعليم حاصل ڪري
نه سگهيو، ليڪن قدرتي ڏات سبب 25 سالن جي عمر کان
اڳ کيس وڏو شاعر تسليم ڪيو ويو، هن پهريون هومر جي
اليڊIliad
۽ پوءِ سندس
Odyssey
کي انگريزي زبان ۾ ڪاميابيءَ سان منتقل ڪيو، پهرين
ڪتاب جي ترجمي تي کيس پنج هزار پائونڊ مليا جنهن
ڪري هو خوشحال زندگي گذارڻ لڳو.
پوپ پنهنجي شاعريءَ ۾ صحيح ۽ غلط جي تصور کي واضح
ڪري ٿو ۽ هو هميشه صحيح هجڻ تي زور ڏئي ٿو، ان ڪري
سندس شاعري نصيحت آموز پر طنزيه انداز واري آهي،
هو پنهنجي مشهور تصنيف
Essays in Criticism
۾ شاعريءَ جي جماليات جو تصور پيش ڪري ٿو، جنهن
۾ هو ارڙهين صديءَ ۾ غالب نظريي کي بنياد بنائي
اڳتي وڌي ٿو. ان مطابق هو ڪائنات کي عقل جي تابع،
چڱائي يا خير سان وابسته سمجهي ٿو، مختصر لفظن ۾
هو چوي ٿو، ”جيڪي ڪجهه موجود آهي، اهوئي بهتر آهي،
سندس ٻيو اصول آهي ته ’انسانذات جي صحيح اڀياس جو
مرڪز‘ فقط انسان آهي. پوپ جي اهڙن نظرين کي فرانس
جي والٽيئر پنهنجي تصنيف ڪئنڊيڊ ۾ سخت تنقيد جو
نشانو بنايو آهي.
[World Literature, p. 359-360]
***
[3]
سورة اعليٰ جو مفهوم
شوپنهار (1788-1860)
جرمن فلسفي جيڪو ڊينزنگ شهر ۾ پيدا ٿيو، هن فرانس
۽ برطانيه ۾ تعليم حاصل ڪئي، هن برلن ۽ فرينڪفرٽ
جي يونيورسٽي ۾ پڙهايو، سندس مشهور ڪتاب
(The World as will and Idea)
آهي، جيڪو 1818 ۾ شايع ٿيو، هن جو چوڻ آهي ته دنيا
منهنجو خيال ئي آهي، شوپنهار کي قنوطيت
Pessimism
جو علمبردار چيو وڃي ٿو. هو گوتم ٻڌ ۽ هندومت جي
فڪر کان متاثر ٿيو هو. هو نروان جي به ڳالهه ڪري
ٿو.
]علم
التعليم، ص 414[
***
[4]
انتخابات ۾ بد ديانتي ۽ ٻارهين ربيع الاول جي
اهميت
امام ابو حنيفه (80 هجري کان 180 هجري)
امام صاحب کي قيد ڪرڻ يا دُرن هڻڻ جو پهريون واقعو
مامون جي زماني کان اڳ ڪوفي جي گورنر يزيد بن عمر
جي وقت ۾ ٿيو. جنهن ڪجھه وقت کان پوءِ کيس آزاد
ڪري ڇڏيو. ٻيو دفعو اهو واقعو خليفي منصور جي
زماني ۾ ٿيو جڏهن امام صاحب کي 146هه/763 ۾ بغداد
گهرايو ويو. خليفي کيس قاصي القضات جو عهدو پيش
ڪيو پر پاڻ انڪار ڪيائين جنهن جي نتيجي ۾ امام
صاحب کي تقريباً ٽي سال نظربند رکيو ويو. تاهم پاڻ
درس و تدريس جو ڪم ڪندا رهيا. چون ٿا ته آخر ۾
خليفي امام صاحب جي غير معمولي مقبوليت جي خوف کان
کيس زهر ڏياريو جنهن ۾ پاڻ 150/ 767 ۾ وفات ڪيائين
۽ کيس بغداد ۾ دفن ڪيو ويو.
]مشاهير
مشرق- ص. 199
امام ابوحنيفه- مولوي محمد اسماعيل آزاد- ص. 160[
***
سيد امير علي (1849 کان 1928)
هو بنگال جي ڳوٺ چنسوره ۾ ڄائو. هن جي پيءُ کيس
انگريزي تعليم لاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو. البت گهر
تي هو عربي فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪندو رهيو.
هوگلي ڪاليج مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن کي
اسڪالرشپ ملي جنهن ڪري هو 1868 ۾ اعليٰ تعليم لاءِ
انگلينڊ روانو ٿيو. لنڊن ۾ رهڻ دوران هينري چينگ
سان هڪ ملاقات ۽ سوال جواب سندس پيغمر اسلام بابت
مختصر مگر مدلل تصنيف
“The Critical Examination of the Life and
Teaching of Muhammad”
جو سبب بنيا ۽ اهو ڪتاب هن 1873 ڌاري مڪمل ڪيو
جيڪو لنڊن مان شايع ٿيو.
واپسيءَ کان بعد امير علي ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت
شروع ڪئي. 1879 ۾ هو پريزيڊنسي مجسٽريٽ مقرر ٿيو ۽
ساڳئي وقت بنگال ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر پڻ
مقرر ٿيو.
مسلمانن جي سياسي زوال ۽ روز افرون پستيءَ امير
علي کي پريشان ڪيو ۽ هن 1877 ۾ نيشنل محمڊن
ايسوسيئيشن قائم ڪئي جنهن جو هو پاڻ 25 سالن تائين
سيڪريٽري رهيو. جلد ئي پوري هندستان ۾ ان جون 34
شاخون قائم ٿي ويون جن ۾ سنڌ به شامل هئي. ان
ايسوسيئيشن جي سجاڳيءَ جو اهو نتيجو نڪتو جو 1906
۾ بنگال ۾ مسلم ليگ قائم ڪئي وئي.
1880 ۾ جڏهن امير علي انگلنڊ ۾ هو ته هن جي ملاقات
Nineteenth Century
رسالي جي ايڊيٽر سان ٿي جنهن کيس رسالي ۾ لکڻ لاءِ
آماده ڪيو. ان کان پوءِ هو پنجاهه سالن تائين
مسلسل ان رسالي لاءِ لکندو رهيو جنهن ۾ سندس مقالا
ڇپبا رهيا. 1880 ۾ ئي هن هڪ انگريز عورت سان شادي
ڪئي. انهيءَ عرصي دوران هن
Personal Law of Mohammadans
تي ڪم شروع ڪري ڏنو. 1883 ۾ امير علي کي امپيريل
ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. 1889 ۾
هن مختصر تاريخ اسلام
Short History of Saracens
لکي جنهن کي چڱي موٽ ملي. 1891 ۾ هن جو ڪتاب
The Sprit of Islam
منظرعام تي آيو. جنهن کي تمام گهڻي پذيرائي ملي.
1904 ۾ ڪلڪته هاءِ ڪورٽ جي جج جي حيثيت ۾ رٽائر
ٿيڻ بعد امير علي بيگم سميت لنڊن ۾ رهائش اختيار
ڪئي. هوڏانهن 1906 ۾ امير علي جي آبائي صوبي بنگال
۾ مسلم ليگ قائم ڪئي وئي ته جيئن هندستان ۾
مسلمانن جي اقليت ۾ هجڻ سبب سندن جائز حقن جو تحفظ
ٿي سگهي. اهو وقت هو جڏهن امير علي هم خيال دوستن
جي اصرار تي 1908 ۾ لنڊن ۾ مسلم ليگ قائم ڪئي. هتي
علامه صاحب جو اشارو انهيءَ واقعي ڏانهن آهي.
انهيءَ عرصي ۾ علامه صاحب پاڻ لنڊن ۾ هو ۽ جيئن
محسو س ٿئي ٿو ته هو انهيءَ مجلس ۾ موجود هو جنهن
۾ امير علي تقرير ڪري رهيو. اها تقرير غالباً 7-
مئي 1908 تي ڪاڪسٽن هال ۾ ٿي هئي جنهن جي باري ۾
لنڊن جي وڏي اخبار
The Times
۾ پورو تفصيل ڏنو ويو هو. علامه صاحب هتي اهو به
ٻڌايو آهي ته انهيءَ سلسلي ۾ سيد امير علي ڏانهس
خط به لکيو هو جيڪو وٽس محفوظ آهي.
اسان علامه صاحب جي خطن تي تحقيق ڪندي جيڪو مواد
چمڙي جي بيگ اندر سنڌي ادبي بورڊ ۾ محفوظ آهي، ان
جو چڱيءَ طرح جائزو ورتو هو. پر اسان کي اهو خط
نظر نه آيو هو.
سيد امير علي 3- آگسٽ 1928ع تي لنڊن ۾ وفات ڪئي،
جتي کيس دفن ڪيو ويو. 1904ع کان وفات تائين لنڊن ۾
رهندي امير علي هندستان توڻي باقي اسلامي دنيا
خصوصي طور ترڪيءَ جي باري ۾ گهڻو ڪجھه لکيو ۽ عملي
ڪردار به ادا ڪيو. اهو وقت هو جڏهن برطانوي سامراج
عروج تي هو ۽ مسلمان حڪومتن کي پنهنجي مرضيءَ
مطابق ٽڪرا ٽڪرا ڪري پنهنجي مستقبل جي لاءِ مستقل
منصوبابندي ڪري رهيو هو. امير عليءَ جون اهي
تحريرون ۽ عملي ڪاوشن جو رڪارڊ هينئر ڪتابي شڪل ۾
موجود آهي.
[Ameer Ali: His Life And Work, K. K. Aziz R. S.
P. Lahore, 2006]
***
جميعت المسلمين
علامه صاحب لنڊن ۾ رهائش دوران 1934ع ۾ جميعت
المسلمين نالي جماعت قائم ڪئي. جنهن جا ٻيا ميمبر
هن ريت هئا.
آءِ. آءِ. قاضي
باني
صدر
گل محمد
نائب صدر
الحاج سعيد محمد علي الشامي
سيڪريٽري
صاحب داد خان
جوائنٽ سيڪريٽري
امير شاهه
نائب سيڪريٽري
الهداد خان
خزانچي احمد دين قريشي
مسجد جو خزانچي
نقيب الله
انتظامي ڪميٽي
تاج محمد، خير محمد، ولي محمد، فضل خان ۽ محمد
الاهي.
انهيءَ جميعت جي اٺين سالياني ميٽنگ 1941- 42 جي
رپورٽ ۽ ڪجھه ٻيا ڪاغذ اسان
Epistlesa Of Divine Wisdom
۾ ڏٺا آهن.
[Epistles of Divine Wisdom- P. 196- 197]
***
[5]
پبلڪ سرونٽ يعني عوام جو خادم
رچرڊ ٻيو
انگلنڊ جو بادشاهه جنهن جو دورِ حڪومت 1377ع کان
1399ع تائين ڦهليل آهي. هو ڏهن سالن جي عمر ۾ تخت
تي ويٺو. سندس زماني ۾ بغاوتن زور ورتو. کيتي
ڪندڙن تي زوريءَ ٽيڪس هنيا ويا. آبادگارن متحد ٿي
ڪليسا تي حملو ڪيو ۽ ڪينٽربريءَ جي وڏي پادريءَ جو
سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو. رچرڊ گهڻي ڪوشش ڪئي پر
ڪامياب نه ٿيو.
شيڪسپيئر 1601ع ڌاري تاريخي ڊرامو ’رچرڊ ٻيو‘ لکي
اسٽيج تي پيش ڪيو جيڪو وڏي ڪشمڪش ۽ سياسي ڇڪتاڻ جو
باعث بنيو.
[Introductions to Shakespear- P. 104]
***
سرف
Serf
عام طور معنيٰ غلام پر انگلنڊ توڻي مغرب ۾ انهن جي
سماجي ۽ معاشي حالت نهايت ابتر هوندي هئي. انهن جو
درجو هاري
Peasant
کان به هيٺ هو. اهي ننڍي توڻي وڏي جاگير جا ٻڌل
ٻانها هئا. اهي ٻن صورتن ۾ آزادي ماڻي سگهندا هئا
يا ته هنن جي شادي ڪنهن آزاد هاري خاندان مان ٿئي
يا هو ايترا پئسا گڏ ڪري جو پنهنجو زمين ٽڪرو وٺي
آباد ڪري سگهي. پر اهو تمام مشڪل ڪم هوندو هو.
خوراڪ جي ڪمي ۽ سخت ڪم ڪار جو اهو نتيجو نڪرندو هو
جو تاريخي طور عيسوي 1300 تائين گهڻي ڀاڱي اهڙا
غلام پنجويهه سالن جي عمر کان اڳ ئي مري ويندا
هئا.
[British History Encyclopedia- P. 63]
***
[6]
ايمان ۽ ان جو فلسفيانه بنياد
ڪانٽ عمانيوئل (1724-1804)
مشهور جرمن فلسفي جيڪو هڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو،
هن جون ٻه مشهور تصنيفون خالص عقل تي تنقيد ۽ عملي
عقل تي تنقيد
Critique of Pure Reason
۽
Critique of Practical Reason
مشهور آهن. هن جو چوڻ آهي ته صرف عقل جي زور تي
خدا جي حقيقت کي نٿو سمجهي سگهجي، حالانڪ ارسطوءَ
کان وٺي سڀ فيلسوف ان خيال جا رهيا آهن، ڪانٽ جو
خيال آهي ته عقل صرف مظاهر
(Phenomenon)
کي سمجهڻ جي قوت رکي ٿو، اهو اصل حقيقت
(Noumena)
تائين رسائي جي قوت نٿو رکي، البت اسان جي اندر ۾
اها روشني جنهن سان اسين اخلاقي قدرن جو احساس
ڪريون ٿا يا جنهن سان اسين هن ڪائنات جي حسين
نظارن ۽ تارن سان ڀريل آسمان کي سهڻو سمجهون ٿا،
اهو احساس اسان کي خدا جي وجود جو يقين ڏياري سگهي
ٿو.
]فرهنگ
اقبال، ص 656[
***
فلاسافر رسالي لاءِ لکيل مضمون
علامه صاحب اهو مضمون سال 1928 ۾ لکيو جنهن جو
عنوان
Who is a Philosopher?
هو، اهو مضمون علامه صاحب جي پهرئين مجموعي
Causal Peeps at Sophia
۾ شامل آهي. ان ڪتاب جو ترجمو مڪمل تشريحي حوالن
سميت ’صوفي لا ڪوفي‘ ۾ ڏنل آهي، جيئن اسان سوانح
تحت ٻڌايو آهي ته علامه صاحب جو نه صرف اهو مضمون
شايع ٿيو هو، بلڪ کيس فلاسافيڪل سوسائٽيءَ جو
ميمبر پڻ بنايو ويو.
***
طوفان
Tempest
شيڪسپيئر جي مزاحيه ڊرامن ۾ سندس آخري ڊرامو آهي
جيڪو هن 1610 ڌاري لکيو هوندو، ڇو ته ان جو پلاٽ
يا آکاڻي جو موضوع شيڪسپيئر جي ذهن ۾ پلاءِ مائوٿ
کان ورجينا (آمريڪا جي نئين دنيا) ڏانهن وڏن ٻيڙن
۾ سفر ڪندڙن بابت لنڊن ۾ پهچندڙ خبرن مان سرجيو
آهي، ياد رهي ته انهيءَ سامونڊي سفر جو آغاز 1609
۾ ٿيو هو ۽ کين سفر ۾ اٽڪل هڪ سال جو عرصو لڳو هو.
شيڪسپيئر جو اهو شاهڪار ڊرامو انگريزي ذهن کي جتي
دنيا جي ظاهري مصيبتن بابت جنجهوڙي ٿو اتي کيس
نئين اميد ۽ آسري سان آشنا ڪري ٿو. اهو ڊرامو
شيڪسپيئر جي اعليٰ ذهني تخليق جو بي مثال ڪارنامو
آهي.
***
ڪولرج (1834-1772)
هو ڊيون شائر ۾ پيدا ٿيو ۾ ڪيمبرج ۾ اعليٰ تعليم
لاءِ داخل ٿيو، پر ڊگري وٺي ڪونه سگهيو، سندس
شاعريءَ جو پهريون مجموعو
Poems on Various Occasions
شايع ٿيو. 1797 ۾ ورڊسورٿ ۽ سندس ڀيڻ ڊوروٿي ڪولرج
جا پاڙيسري بنيا ته ورڊس ورٿ ۽ ڪولرج ۾ گهاٽي
دوستيءَ جنم ورتو، جنهن جو نتيجو 1798 ۾ ٻنهي جي
مشترڪ تصنيف ’سريلا گيت‘
Lyrical Ballads
وجود ۾ آئي جنهن ۾ ڪولرج جو نظم ’قديم ملاح‘
Ancient Marire
شامل هو، هو ڪجهه وقت جرمنيءَ ۾ به رهيو، 1802 کان
هو آفيم کائڻ لڳو ۽ ان عادت مان آخر تائين جان نه
ڇڏائي سگهيو.
هن جون ڪيتريون شعري تخليقات آهن، 1816 ۾ سندس
مشهور نظم ’قبلاخان‘ منظرعام تي آئي، 1834 ۾ هو
مري ويو.
ڪولرج انگريزي ادب ۾ نئين رجحان جو علمبردار آهي
هن رومانوي تحريڪ کي نئون رخ ڏنو ۽ پاڻ ئي ان جو
رهنما ۽ نقاد بنجي ويٺو.
]ارسطو
سي ايليٽ تک، جالبي، ص 303[
***
افلاطون ۽ ڪانٽ
مشهور يوناني فلسفي جيڪو 228 قبل مسيح ۾ پيدا ٿيو
۽ 347 ۾ وفات ڪري ويو، هو مشهور ڏاهي انسان سقراط
جو پيارو شاگرد هو، افلاطون کي آدرشيت
(Idealism)
جي نظريي جو باني سڏيو ويو آهي، افلاطون جي فڪر
مسلمان فيلسوفن کي پڻ متاثر ڪيو آهي. افلاطون جي
تحريرن ۾ ’مڪالما‘
Dialogue
۽ جمهوري رياستRepublic
خصوصي حيثيت رکن ٿا.
ڪانٽ (1724 کان 1804) مشهور جرمن فيلسوف آهي جنهن
جا مشهور ڪتاب ’خالص عقل جي ڇنڊڇاڻ‘ توڻي ’عملي
عقل جي ڇنڊڇاڻ‘ فلسفي جي تاريخ ۾ اهم حيثيت رکن
ٿا، هن کي پڻ آدرشيت جي فلسفي جو تسلسل سمجهيو وڃي
ٿو، سندس ٽيون آخري ڪتاب ’واضح ۽ صاف احڪام‘
Categorical Imperativs
آهي جنهن ۾ هو اخلاقيات جي باري ۾ ڳالهائي ٿو.
]عظيم
فلسفي، اردو، صفحا 15 ۽ 45[
***
[7]
هڪ مثالي استاد
تعليم يعني ايڊيوڪيشن جي موضوع تي سڀ کان پهرين
تصنيف برهان الدين زرنو جيءَ جو ڪتاب ’تعليم
المتعلم‘ آهي جيڪو هن ڇهين صدي هجريءَ ۾ لکيو،
سندس وفات جو سال 620/1223 آهي.
هن ڪتاب ۾ هو سکيا جا طريقن(Melthods
of Teaching)
تي روشني وجهي ٿو ۽ سکڻLearning
سان گڏ تربيت تي زور ڏئي ٿو، هڪ هنڌ لکي ٿو ته
قديم زماني ۾ ماڻهو پهرين ڪو هنر سکندا هئا ۽ پوءِ
علم ته جيئن علم کي دولت جي ڪمائڻ جو ذريعو نه
بنائن. اهو ان ڪري ته جيڪڏهن عالم لالچي ٿي پيو ته
علم جو احترام ۽ وقار باقي نه رکي سگهندو ۽ حق جي
ڳالهه نه ڪري سگهندو، علم جي فضيلت جي باري ۾ چوي
ٿو ته جڏهن توهان وٽ گهڻو پئسو اچڻ لڳي ته ان سان
ڪتاب خريد ڪريو ڇو ته ڪتابن سان ئي علم ۽ دانش ۾
اضافو ٿئي ٿو.
هتي اهو ٻڌائڻ مناسب آهي ته اٺين صدي سنڌ جي وڏي
عالم مخدوم جعفر بوبڪائي پڻ زرنوجي طرز تي ’نهج
المتعلم‘ نالي ڪتاب لکيو جنهن ۾ هو تعليم جي طريقن
بابت سمجهاڻي ڏئي ٿو، هيءَ ڪتاب چڱي وڏي تصنيف آهي
جنهن کي مصنف مختصر ڪري پڻ پيش ڪيو. هن ڪتاب تي
تحقيق ۽ ان جو انگريزي ترجمو ڊاڪٽر بلوچ ڪيو جيڪو
پهريائين سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن
طرفان شايع
ٿيو.
]حاصل
النهج- 1965[
***
(1) هيءَ حديث مشهور ڪتاب ’ڪشف الخفا “ ۾ ملي ٿي،
ان ڪتاب جو مؤلف شيخ محمد اسماعيل عجلوني آهي
]صفحو
326، جلد 2، قاهره[
***
[9]
نئين تعليمي سال جي آمد
ابرو باد،مھ و خورشيد، فرمان نبري
هيءَ قطعو شيخ سعديءَ جي مشهور تصنيف گلستان مان
ورتل آهي.
***
هلاڪو (منگول)
هن کي ايلخان به چون ٿا. هو چنگيز جو پوٽو ۽ هن جو
چوٿون جانشين هو. سال 651/1253 ۾ ايران جي سلطنت
کيس ورثي ۾ ملي. 656/1258 ۾ هن نصيرالدين طوسيءَ
جي مشوري سان بغداد تي حملو ڪيو، جيتوڻيڪ ڪمزور
خليفو معتصم بالله آڻ مڃي پيش پيو. پر هلاڪو لکين
انسانن جي قتل سان دجله جي پاڻيءَ کي ڳاڙهو ڪري
ڇڏيو، هن انتهائي وحشيانه حرڪتن جو مظاهرو ڪيو
ايتريقدر جو بغداد جا سڀ ڪتبخانا ساڙائي يا پاڻيءَ
۾ لوڙهي ڇڏيائين. هلاڪو جي انهيءَ ظلم ۽ بربريت جو
مثال تاريخ انسانيءَ ۾ ڪونه ٿو ملي، سعدي شيرازي
جيڪو بغداد جي ان تباهيءَ جو اکين ڏٺو شاهد آهي
تنهن پنهنجي هڪ قطعي ۾ هينئن اظهار ڪيو آهي:
آسمان را حق بود گر خون ببارد بر زمين
بر زوال ملک مستعصم امير المؤمنين
اي محمد در قيامت سر برون آري ز خاک
سربرون آور و قيامت را ببين
ترجمو: آسمان کي جڳائي ته خليفي مستعصم جي
حڪمرانيءَ جي تباهيءَ تي رت جا ڳوڙها ڳاڙي، اي
محمد ﷺ قيامت ڏينهن تون پنهنجو منهن مٿي کڻي اُمت
کي ڏسندين، هاڻي ئي پنهنجو منهن مٿي ڪري ڏس ڇو ته
قيامت برپا ٿي چڪي آهي!
***
سڪندراعظم (388-356ق.مسيح)
مشهور يوناني فاتح جنهن دنيا جو وڏو حصو فتح ڪيو،
هو مشهور يوناني فيلسوف ارسطوءَ جو شاگرد هو، هو
ويهن سالن جي عمر ۾ تخت جو مالڪ ٿيو. هن پنجويهن
سالن جي عمر ۾ ايران جي بادشاهه دارا سان جنگ ڪئي
جنهن ۾ دارا مارجي ويو. دراصل اها لڙائي سڪندر جي
وڌيڪ حوصله افزائي جو سبب ٿي ۽ هو اڳتي وڌي پهرين
پنجاب ۽ پوءِ سنڌ ۾ داخل ٿيو، پنجاب ۾ هن جو
مقابلو راجا پورس سان ٿيو جتي پڻ هن کي فتح حاصل
ٿي، سنڌ ۽ بلوچستان کان لنگهندو هو اڳتي عرب ملڪن
۾ داخل ٿيو پر اوچتو سخت بخار سبب بابل ۾ ٻٽيهه
سالن جي عمر ۾ مري ويو. ايران جي مشهور شاعر نطامي
گنجوي ’سڪندرنامه‘ ۾ دارا ۽ سڪندر جي باري ۾
پنهنجو شاهڪار رزميه نظم لکيو آهي جنهن کي هن
1200/597 ۾ مڪمل ڪيو، سڪندرنامو اڻويهين صديءَ جي
آخر ۾ سنڌي زبان ۾ منظوم ترجمو ٿيل آهي جيڪو ليٿو
تي ڇپيو هو.
]مشاهير
مشرق، ص 507[
***
[11]
موت کان اڳتي زندگي
شيڪسپيئر (1616-1564)
انگريزي ٻوليءَ جو مشهور شاعر ۽ ڊراما نگار ۽
اداڪار جنهن کي دنيا جي ادب ۽ عظيم آرٽسٽ تسليم
ڪيو ويو آهي، هو راڻي ايلزبيٿ جي دور ۾ اسٽريٽ
فورڊ اپان اوان (اوان نديءَ جي ڪناري اسٽريٽفورڊ
ڳوٺڙي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم اتي ئي حاصل
ڪيائين. هن ويهن سالن جي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو جڏهن
هو لنڊن هليو آيو ۽ لارڊ پيمبروڪ جي ڊراما ڪمپنيءَ
سان وابسته ٿيو. شيڪسپيئر جي تاريخي ڪهاڻين تي
مشتمل ڊرامن جو تعداد نو، مزاحيه ڊرامن جو انگ
چوڏهن ۽ حزنيه تيرنهن آهي، ان کانسواءِ سندس خالص
شاعري جي صنف
Sonnets
به موجود آهن.
شيڪسپيئر جا ڊراما دنيا جي وڌ ۾ وڌ زبانن ۾ ترجما
ٿيا آهن، سندس ڊرامن جو ڪل تعداد 38 آهي، 1597 ۾
شيڪسپيئر ٻيهر موٽي وڃي پنهنجي اصلي ڳوٺ ۾ نئون
گهر ٺهرائي رهائش پذير ٿيو. هينئر جنهن گهر ۾ هو
ڄائو ۽ پوءِ هن پاڻ جيڪو گهر ٺهرايو، ٻئي محفوظ ۽
سلامت آهن ۽ علم دوست سياح اهي ڏسي سگهن ٿا ته
شيڪسپيئر ڪهڙي ماحول ۾ پيدا ٿيو ۽ آخر ۾ اچي ڪهڙي
گهر ۾ رهائش اختيار ڪيائين، هو ڀرسان ڪليسا ۾ ئي
مدفون آهي. اسان کي سندس رهائش 27 جنوري 2018 تي
ڏسڻ جو موقعو مليو.
***
ٿوريو
(Thoreau Henry David)
(1862-1717)
آمريڪي فلسفي جيڪو فطرت پسند هو ۽ انفراديت جو
پرچار ڪندڙ هو، هن آمريڪا جي مشهور يونيورسٽي
هارورڊ ۾ تعليم حاصل ڪئي. آخر ۾ هو هڪ واهڻ ۾ وڃي
رهيو جتي پاڻ ڀاڄيون ۽ ميوا پوکي زندگي گذاريندو
هو ۽ ان مان لطف اندوز ٿيندو هو. هن وقت جي
حڪمرانن کي ڪنهن به قسم جي ٽيڪس ڏيڻ کان انڪار ڪيو
هو جنهن ڪري کيس قيد ۾ بند ڪيو ويو. هن 1849 ۾
’سرڪار جي مزاحمت‘ نالي سان مقالو لکيو، جنهنڪري
کيس گهڻي مشهور ملي، چون ٿا ته ٽالسٽاءِ ۽ مهاتما
گانڌي سندس تحريرن کان گهڻو متاثر ٿيا.
]ورلڊ
لٽريچر، ص 447[
***
[12]
لازمي تعليم
هڪسلي جوليان (1975-1887)
برطانوي علم حياتيات جو ماهر جيڪو آلڊس هڪسلي جو
ڀاءُ هو، هو ڪنگز ڪاليج لنڊن ۾ پروفيسر هو، لنڊن
جي حياتياتي سوسائٽي جو 1935 کان 1942 تائين
سيڪريٽري هو، يونيسڪو جي ڊئريڪٽر جنرل به مقرر
ٿيو، هن کي نائيٽ جو خطاب به مليو. هو زندگيءَ ۽
سماج ۾ سائنسي اصولن تي هلڻ جي سفارش ڪري ٿو.
ٿامس هينري هيڪسلي (1825-1895) آلڊس ۽ جوليان جو
ڏاڏو هو، هو پنهنجي ٻن ڪتابن فطرت ۽ انسان جي مقام
بابت ’حياتياتي شاهديون‘ ۽ ’سائنس، ۽ ڪلچر‘ جي ڪري
مشهور آهي، هو ڊارون جي نظريات جو سخت پوئلڳ هو.
***
ايڇ.جي.ويلس (1964-1866)
هو وڏي عمر ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان فارغ التحصيل
ٿيو، هو سماجي ناول نگار هو جنهن ۾ هو عمراني
نقطئه نظر جو مظاهرو ڪري ٿو، اڳتي هلي هو سائنسي
فڪشن جو مهندار ليکڪ ثابت ٿيو. هن جي لکڻين ۾
ٽائيم مشين (1895)، غيبي انسان (1897)، چنڊ تي
پهريون انسان (1910) ۽ انسان جي مختصر تاريخ ڄاتل
سڃاتل آهن.
***
[13]
شاگرد يونين کي خطاب
خدا اگر دل فطرت شناس دي تجهه ڪو
سکوت لاله و گل سي کلام پيدا ڪر۔
هي مصرعون اقبال جي نظم جون آهن جيڪي هن پنهنجي پٽ
’جاويد اقبال‘ ڏانهن لکيون هيون جڏهن هن پيءُ کي
لنڊن مان گراموفون آڻڻ جي فرمائش ڪئي هئي، اهو
سمورو نظم بال جبريل ۾ آيل آهي جنهن جا ڪل پنج بند
آهن، هتي باقي هڪ رهيل بند ڏجي ٿو:
مين شاخ تاک هون ميري غزل هي ميرا ثمر
مري ثمر سي مئي لاله فام پيدا کر.
]ڪليات
اقبال، بال جبريل، ص 152[
***
گول ميز ڪانفرنس
ياد رهي ته ٽين گول ميز ڪانفرنس 17 نومبر 1932 تي
شروع ٿيڻي هئي ۽ اقبال ان لاءِ هڪ مهينو اڳ 17
آڪٽوبر تي يورپ لاءِ روانو ٿيو، گول ميز ڪانفرنس
24 ڊسمبر تي ختم ٿي وئي، پر اقبال 30 نومبر تائين
لنڊن ۾ ترسيل هو، انهيءَ عرصي دوران سندس نونهار
پٽ جاويد جنهن جي عمر ان وقت مشڪل سان اَٺ سال هئي
لنڊن مان گراموفون آڻڻ جي فرمائش ڪئي جيڪا اقبال
پوري ڪونه ڪئي ۽ جنهن جي جواب ۾ اهي اشعار خط جي
صورت ۾ لکي جاويد ڏانهن اماڻيائين.مطلب هتي ڏنل
تاريخ ۽ سال غلط فهميءَ تي مبني آهي.
]حيات
اقبال، عهد به عهد، ص 447[
***
بہ آدمی نرسیدی خدا چہ می جوئی
ز خود گریختہ ای آشنا چہ می
جوئی
ترجمو: تون پاڻ اڃان ماڻهو نه ٿيو آهين، خدا کي
ڪيئن ٿو ڳولين، توکي پنهنجي خبر ڪونهي ان صورت ۾
پنهنجي واقف ۽ دوست کي ڪيئن ٿو ڳولي سگهين؟
اقبال جو هي شعر ’جاويد نامه‘ ۾ ملي ٿو. اهي الفاظ
هو ’زنده رود‘ يعني پنهنجي مرشد مولانا روميءَ کان
چورائي ٿو.
آدميت احترام آدمي
باخبر شو از مقام آدمي
هي شعر به جاويد نامه ۾ ملي ٿو، ان جو عنوان آهي
جاويد سان خطاب يعني نئين نسل سان ڪجهه گفتگو.
آدميت يا انسانيت ئي انسان جي عزت ۽ احترام جو
نالو آهي، تنهنڪري توکي کپي ته انسان جي ان مقام
بابت خبر رکين.
***
ڪارلائل (181-1795)
هو ايڊنبرگ يونيورسٽيءَ جو فاضل هو، هو پنهنجي دور
جو سماجي ۽ معاشي، مذهبي ۽ فڪري لحاظ کان وڏو نقاد
هو، اهو دور هو جڏهن انگلنڊ ۾ صنعتي انقلاب زورن
تي هو ۽ انگريز قوم دنيا ۾ ڇانئجڻ لڳي هئي، پر
ڪارلائل هڪ مفڪر جي طور تي انهيءَ صنعتي انقلاب ۽
بي دين معاشري جي خلاف هو جنهن جو پڙاڏو سندس
تحريرن ۾ چڱيءَ طرح محسوس ڪري سگهجي ٿو، خاص طور
سندس تصنيف ’ماضي ۽ حال‘ سندس خيالات جو آئينو آهي
جيڪو هن 1843 ۾ تصنيف ڪيو.
ڪارلائل جرمن مفڪرن ڪانٽ، فشٽي ۽ گوئٽي کان گهڻو
متاثر هو، اهوئي سبب آهي جو وٽس روحانيت جو ذڪر
ملي ٿو. 1834 ۾ هو لنڊن جي چيلسيا محلي ۾ اچي رهڻ
لڳو جتي هن جو علمي حلقو مشهور ٿيو جنهن ۾ خاص طور
جان اسٽوئرٽ مل جو نالو ملي ٿو. ’فرينچ انقلاب‘ جي
اشاعت سان ڪارلائل جي شهرت آسمان تائين پهچي وئي،
ان کان پوءِ هن جو موضوع سوانح ۽ تاريخ هئي. 1840
ڌاري هن ’هيرو ۽ هيرو شپ‘ جي موضوع تي ليڪچر ڏنا
جيڪي انهيءَ نالي سان شايع ٿيا جنهن ۾ هن انساني
تاريخ جي وڏن ڪردارن کي زير بحث آندو، ان ۾ هن
پيغمبرِ اسلام جي شخصيت کي پڻ وڏو خراج عقيدت پيش
ڪيو.
ڪارلائل جي فڪر ۾ سادي زندگي ۽ ماضيءَ ڏانهن موٽ
جو رجحان غالب آهي، انهيءَ ڪري هو جديد رجحانات
جهڙوڪ ڇڙواڳ دولت ۽ ڪاروبار جي آزادي
(Laissez Fair)،
پارلياماني طرز حڪومت وغيره جو مخالف هو.
ڪارلائل اديب لاءِ به هيرو جي ڪردار جو انتخاب ڪري
ٿو ۽ ان کي سماج لاءِ پيغامبر سمجهي ٿو، هو عقل جي
بجاءِ وجدان ۽ جذبات کي تحرڪ ۾ آڻڻ جو قائل آهي،
سندس مشهور تصنيف ’ماضي ۽ حال‘ مان اهوئي واضح ٿئي
ٿو جنهن ۾ هو پاڻ اهو انداز اختيار ڪري ٿو.
[World Literature, P.78]
***
[14]
شاهه ولي الله ۽ معاشرو
شاهه ولي الله (1703 کان 1762)
ٻارهين/ارڙهين صديءَ عيسوي اندر هندستان بلڪ
اسلامي دنيا جو وڏو عالم ۽ مفڪر جنهن ابن خلدون
کان پوءِ معاشرتي علم يعني عمرانيات
Sociology
بابت نون تصورات ۾ اضافو ڪيو، هو انساني تاريخ ۾
معاشري جي ارتقا کي زرعي سماج کان وٺي شهري سماج
جي صورت ۾ ڏسي ٿو ۽ ان لحاظ سان سماج تي مجموعي
طور مرتب ٿيندڙ اثرات جو تجزيو ڪري ٿو، سماجي
ترقيءَ جي انهن ڏاڪن کي هو ’ارتفاقات‘ ڪوٺي ٿو.
هڪ وڏي مذهبي عالم جي حيثيت ۾ هو ڪيترن ڪتابن جو
مصنف آهي، ۽ هندستان ۾ قرآن جي پهرين مڪمل فارسي
ترجمي ڪرڻ جو اعزاز رکي ٿو، هن فقه توڻي تصوف ۾
اجتهادي راءِ جو مظاهرو ڪيو آهي تنهن ڪري بجا طور
کيس اسلام جي تاريخ ۾ مجدد جي حيثيت سان سڃاتو وڃي
ٿو.
***
هيوم (1711-1776)
انگريز فلسفي جنهن ايڊنبرگ ۾ جواني بسر ڪئي ۽ پوءِ
لنڊن ۾ اچي رهيو، هو زندگي ۽ مذهب جي باري ۾ شڪ
وارو نظريو
(Skepticism)
رکندڙ هو جنهنڪري کيس انگلينڊ جي بجاءِ فرانس ۾
مقبوليت حاصل ٿي جتي کيس شاهي خاندان جي مهمان
بنجڻ جو شرف حاصل ٿيو.
هيوم جي فڪر جو خاص پهلو علت
(Caucse)
۽ معلول
(Effect)
جي قانون جو عمومي انڪار آهي، هن جو چوڻ آهي ته
علت ۽ معلول جو سلسلو اسان جي ذهن جي اختراع آهي ۽
ان جو واسطو اسان جي مشاهدي سان آهي باقي ان جي ڪا
حقيقت ڪونهي.
]عظيم
فلسفي، ص 176[
***
مانٽسڪيو
(Montesque)
(1755-1689)
فرانس جو مشهور سياسي فلسفي ۽ اديب جنهن فرانس ۾
(Liberalism)
يعني آزاد خيالي جو بنياد وڌو. هوروسو جو پيش رو
هو ۽ هن کانئس گهڻو ڪجهه پرايو، 1721 ۾ مونٽسڪيو
پنهنجا
Persian Letters
خط گمنام نالي تحت شايع ڪرايا جن جي پوري يورپ ۾
وڏي پذيرائي ٿي. هنن خطن ۾ هن يورپي ۽ خاص طور
فرينچ رسم و رواج ۽ تهذيب کي طنز جو نشانو بنايو،
هو مغرب کي مشرق سان ڀيٽيندي مغرب جي سماجي ۽
مذهبي اوڻاين جي نشاندهي ڪري ٿو.
هونئن به ارڙهين صديءَ کي ’عقليت جو دور‘
(The Age of Reason)
سڏيو ويو آهي ڇو ته ان ۾ والٽيئر ۽ روسو جهڙا
مفڪر به موجود هئا. بهرحال جنهن ڪتاب مانسٽيڪيو کي
گهڻو مشهور ڪيو اهو
The Spirit of the Laws
آهي، جنهن ۾ هن عمومي قوانين تي بحث ڪيو آهي، ته
اهي ڪيئن حڪمرانن کي عوام تي حڪمرانيءَ جو حق ڏين
ٿا، آخر ۾ هو ان نتيجي تي پهچي ٿو ته ڪنهن به ملڪ
جا قانون اُتان جي عوام جي مزاج، تاريخ، رسم و
رواج سان ضرور مطابقت رکندڙ هئڻ گهرجن.
[The Companion of World Literature, P-306]
***
اِبن خلدون (1406-1332)
مشهور مؤرخ ۽ سياسي مفڪر، عمرانيات جو باني، فقيه
۽ فلسفي، هن جو تعلق آفريڪا جي شهر تيونس سان هو
جتي هو ڄائو ۽ نپنو هو، هن تعليم به اتي ئي حاصل
ڪئي، هن زندگيءَ جي ابتدائي سالن ۾ ڪجهه وقت
حڪمرانن جي نوڪريءَ ۾ گذاريو، ان دوران هو مراڪش ۽
اسپين جي ڪيترن شهرن جو سفر ڪندو رهيو.
ابن خلدون جي حياتيءَ ۾ حڪمران خاندانن جي اقتدار
جي خاتمي ۽ هڪٻئي سان لڙاين کيس ان صورتحال تي
سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو. انهيءَ پسمنظر ۾ هن پنهنجي
دور تائين ستن جلدن ۾ تاريخ لکي جنهن جي ضخيم
مقدمي ۾ هن اهو واضح ڪيو ته تاريخ صرف بادشاهن جي
ڪري وجود ۾ نٿي اچي بلڪه ان جو اصلي سبب سماج ۽
معاشري ۾ ايندڙ تبديليون آهن، اسپين ۾ مسلمانن جي
سُسندڙ اقتدار جو پڻ هو اکين ڏٺو شاهد هو. اهو
1306 جو سال هو جڏهن هو غرناطه جي حڪمران وٽ
ملازمت ۾ هو ۽ ان جي وزير سان اختلاف بعد هو هميشه
لاءِ پنهنجي وطن واپس هليو آيو، زندگيءَ جي پوئين
حصي ۾ هن گهڻو وقت مصر ۾ ۽ آخري وقت دمشق ۾
گذاريو، جتي 1401 ۾ سندس وقت جي وڏي فاتح تيمور
لنگ سان ڊگهي ملاقات ٿي هئي.
ابن خلدون پنهنجي جڳ مشهور مقدمي کي 1377 ۾ لکي
مڪمل ڪيو، ليڪن ڪافي وقت تائين هو ان ۾ سڌارا ۽
واڌارا ڪندو رهيو، هن اها تاريخ 1381 ۾ مڪمل ڪئي،
هن پنهنجي سوانح ۽ سير سفر جو احوال پڻ لکيو جيڪو
مرڻ کان فقط هڪ سال اڳ مڪمل ڪيو.
ابن خلدون پهريون دفعو ’عمران‘ لفظ انساني عمل ۽
ان جي نتيجي ۾ تعاون طور پيدا ٿيندڙ ۽ لاڳو عملن
بابت استعمال ڪيو، جيڪو ڪنهن حد تائين ثقافت
(Culture)
جي زمري ۾ اچي ٿو، ٻيو خاص لفظ ’عصبيه‘ آهي جنهن
کي هو ڪنهن گروهه ۾ ٻڌي ۽ اتحاد جو ڪارڻ سمجهي ٿو.
ان کي هو هڪ قسم جو جذبو قرار ڏئي ٿو جيڪو ڪنهن
گروهه جي اڳواڻ کي ٻين جي مٿان قبضي يا فتح ڪرڻ جو
حوصلو بخشي ٿو. اهڙيءَ طرح عمرانيات
(Sociology)
جو بنيادي تصور ابن خلدون ڏئي ٿو جيڪو سندس ڪتاب
’مقدمة ڪتاب العبر‘ ۾ ملي ٿو.
ابن خلدون جي راءِ آهي ته انسانن جو گڏجي رهڻ جنهن
کي معاشرت چئجي ٿو، انسان جي ضرورت آهي ڇو ته
انسان جسماني طور ڪمزور آهي ۽ هو پنهنجون سڀ فطري
ضرورتون اڪيلي سر پوريون ڪري نٿو سگهي. اسان کي
عقل ڏنو ويو آهي جنهن سان هو پنهنجي طبعي ڪمزورين
جو ازالو ڪري ٿو. ان جو مثال هي آهي ته حيوان
اڪيلي سر پنهنجون ضرورتون به پوريون ڪري ٿو ۽
پنهنجو تحفظ به ڪري سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح قوم، ملڪ
۽ حڪومت جو وجود ۾ اچڻ به انساني ضرورت آهي هو
ٻڌائي ٿو ته انساني معاشري جو مثال هڪ فرد جي
زندگيءَ جهڙو آهي، جنهن جي ابتدا يعني ٻالڪپڻ جو
زمانو آهي، ان کان پوءِ ان جي جواني جو زمانو اچي
ٿو ۽ آخر ۾ هو پوڙهو ٿي ختم ٿي وڃي ٿو. انساني
معاشرو به انهن ٻن مرحلن مان گذري ٿو. ان لحاظ کان
ابن خلدون موجب معاشرو ڪڏهن به غير متحرڪ نٿو رهي
سگهي ۽ ان ڪري ان جو زوال به لازمي آهي، ليڪن ان
جو ڪو وقت مقرر نٿو ڪري سگهجي. البت ڪنهن به
معاشري جي ترقيءَ يا زوال جي اسبابن جي نشاندهي
ڪري سگهجي ٿي. ابن خلدون هن سلسلي ۾ معاشي يا
اقتصادي اسبابن ڏانهن به اشارو ڪري ٿو. هو چوي ٿو
ته ڪنهن به معاشري ۾ دولت جو هجڻ ان جي طاقتور هجڻ
جي نشاندهي ڪري ٿو پر دولت جو چند افراد ۾ محدود
هجڻ معاشري لاءِ خطرناڪ آهي ڇو ته ان سان اسان
وياج، مهانگائي ۽ غربت جنم وٺندي ۽ معاشرو جلد
تباهي طرف وڌڻ لڳندو.
مٿين ڳالهين مان واضح ٿيو ته ابن خلدون هڪ ئي وقت
ڪنهن به معاشري جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن جو
تجزيو ڪري ٿو ۽ ان جي ترقي يا زوال جا اسباب ان
لحاظ کان ڄاڻائي ٿو. ان لحاظ کان علامه صاحب جي
ابن خلدون جي باري ۾ راءِ بلڪل حقيقت تي مبني آهي.
جديد دور جي هڪ مصنف علامه صاحب جي ان راءِ جي هنن
لفظن ۾ تائيد ڪئي آهي.
’تيمورلنگ هن سان ملاقات ڪئي هئي، مارڪس ۽ لينن هن
کي پڙهيو هو. هن جي صف ۾ ٿيوسيڊائڊس (400 ق.م)،
ميڪاويلي (م1527)، گمباٽسٽاوڪو (م 1744)، ايڊم سمٿ
(م 1790)، هيگل (م 1831)، ڪومٽي (م 1857)، ايملي
ڊرخيم (م 1917)، مئڪس ويبر (م 1920)، مارڪ بلاچ (م
1944)، فرنانڊ براڊيل (م 1985) جهڙا عالم ۽ دانشور
شامل آهن.“
[Islamic Civilization in Thirty Five Lives:
Chase F.Robinson)
***
هيگل (1770-1831)
مشهور جرمن فلسفي جيڪو چوي ٿوته هيءَ ڪائنات تضاد
يا تناقض جو مجموعو آهي ۽ اهائي حقيقت آهي، هر ٻي
يا نئين شيءِ ان ڪري وجود ۾ اچي ٿي، هو روح جي
حقيقت جو قائل آهي ۽ ڪائنات ۾ صرف ان کي حقيقي
سمجهي ٿو، هن جي خيال ۾ سڀ انسان ان روح جو حصو
آهن يا ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن، هڪ لحاظ سان هن وٽ
’وحدت الوجود‘ جو اهو خاص تصور آهي، هو چوي ٿو ته
مادو موجود ڪونهي، خدا ئي ڪائنات آهي ۽ ڪائنات ئي
خدا آهي، مطلب هو ’مطلق آدرشيت‘
Absolute Idealism
جو قائل آهي. سندس مشهور تصنيف
Phenomenology of Mind
آهي.
]فرهنگ
اقبال، ص 913[
***
هينري ٿامس بڪل (1862-1821)
هن تاريخ جي موضوع تي پنهنجي تصنيف انگلينڊ جي
تهذيب جي تاريخ
History of Civilization in England
جي ڪري مشهور آهي.
هن ڪتاب ۾ هن تاريخي واقعات کي شخصيت جي حوالي جي
بجاءِ فطري قوانين ۽ سماجي حالتن جي روشنيءَ ۾ ڏٺو
آهي، جنهن جي شروعات ابن خلدون ڪئي هئي.
]انگريزي
ادب جي مختصر تاريخ، هڊسن، ص 295[
***
[15]
محبت زندگيءَ جو وڏي ۾وڏو سچ آهي
سعدي مصلح الدين (1292-1210)
هو تاريخي شهر شيراز ۾ ڄائو، هو فارسي زبان جو وڏو
شاعر ۽ نثر نويس هو. سندس مشهور تصنيفات ۾ گلستان،
بوستان ۽ ڪليات آهي، جنهن ۾ سندس قصيدا ۽ غزل آهن،
بوستان سندس پهرين تصنيف آهي، جيڪا پوري نظم ۾ آهي
۽ اخلاقيات ان جو موضوع آهي، سندس ٻيو ڪتاب جنهن
کيس مشرق توڻي مغرب ۾ مشهور ڪيو اهو گلستان آهي
جنهن ۾ هو فارسي نثر ۾ پنهنجو ڪمال ڏيکاري ٿو ۽ ان
سان گڏ وچ ۾ موقعي مناسبت سان اشعار به ڏيندو وڃي
ٿو، گلستان 1258 جي تصنيف آهي، جنهن ۾ هو بغداد جي
تباهيءَ تي ماتم ڪندي نظر اچي ٿو، مدرسن ۾ فارسي
جي ابتدائي نصاب طور مختصر نظم جو ڪتاب ’ڪريما‘
پڙهايو ويندو آهي، اهو به شيخ سعديءَ جي تصنيف
آهي، جنهن جو موضوع اخلاق ۽ نصيحتون آهن.
سعديءَ جي شاعريءَ ۾ خاص خصوصيت دانشمندي ۽ نصيحت
جا نڪتا آهن، جن کيس عالمگير حيثيت ۾ روشناس ڪرايو
آهي، اهوئي سبب آهي جو مغرب به سندس دلداده آهي،
1860 ۾ گالڊون گلستان جو پهريون ترجمو ڪيو ۽ اهو
جڏهن مشهور امريڪي اديب رالف والڊو ايمرسن جي نظر
مان گذريو ته هن ان کي بنجامن فرينڪلن سان تشبيهه
ڏيندي امريڪي عوام کي گلستان کي پڙهڻ جي ترغيب
ڏني.
[Rhine to Indus: A.Schimnel, P.266]
حافظ شيرازي (1389-1320)
شيراز جي سرزمين فارسي زبان جي ٻن عظيم شاعرن کي
جنم ڏنو آهي، جيڪي عالمي شهرت جا مالڪ آهن، پهريون
شيخ مصلح الدين سعدي آهي، جيڪو ستين صديءَ ۾ ٿي
گذريو ۽ ٻيو آهي حافظ محمد شمس الدين جنهن کي عام
طور حافظ شيرازي چيو وڃي ٿو. هو اٺين صدي هجري 715
۾ پيدا ٿيو.
حافظ جو زمانو نهايت پرآشوب هو، هن جي زندگيءَ ۾
شيراز جا ست بادشاهه هڪ ٻئي پٺيان تخت نشين ٿيا.
مطلب اهو دور هنگامه خيز ۽ جنگ و جدول وارو هو.
انهن واقعات جو حافظ جي سوچ تي گهرو اثر پيو، وقت
جي بادشاهن مان شاهه شجاع حافظ جو قدردان هو.
حافظ جي عالمي شهرت جو دارومدار سندس ديوان تي
منحصر آهي جنهن ۾ غزليات کانسواءِ سندس ڪجهه قصيدا
آهن، حافظ جي شاعريءَ ۾ شراب ۽ شاهد، مئي ۽ مستيءَ
جو وڌ ۾ وڌ ذڪر ملي ٿو ۽ اهوئي سندس شاعريءَ جو
محور آهي.
ديوان حافظ پهريون دفعو مڪمل طور جرمن زبان ۾ 1812
۾ ترجمو ٿيو، اهوئي ترجمو هو جنهن جرمنيءَ جي
مشهور شاعر ۽ اديب گوئٽي کي ايترو متاثر ڪيو جو هن
ان جي جواب ۾ پنهنجو ’ديوان مشرق‘ لکيو جنهن ۾ هن
حافظ جي ڪيترن خيالن کي ورجايو آهي.
[Rhine to Indus: A.Schimnel, P.228] |