سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:20 

[  31  ]

ذهن ۽ جسم

هيءَ صدارتي تقرير علامه صاحب 25 فيبروري 1957ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ هال ۾ ڪئي. هن توسيعي ليڪچر جي مقرر مسز حسن هئي جيڪا شعبي نفسيات ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر هئي.

خواتين و حضرات!  پيشورانه نفسيات جا ماهر لڳ ڀڳ ٻن صدين کان ذهن ۽ جسم ۽ مادي ۽ ذهن ۽ ٻين اهڙن محاورن بابت ڪيتريون موشگافيون ڪري رهيا آهن. هاڻي اهڙي قسم جو بحث يقيناً گهٽ يا وڌ اهڙي شخص کي متاثر ڪندو جيڪو ڄاڻو هوندو ۽ معلوم هوندس ته اهي ڪهڙي قسم جو بحث ڪن پيا.

انهن ماهرن جي پهرين بنيادي غلطي آهي ته هنن جسم ۽ ذهن کي بلڪل ٻه الڳ وجود سمجهيو آهي. اهي سمجهن ٿا ته اهي خصوصي طرح ڌار ٿيل خود ٻه وجود آهن جنهن جي وچ ۾ ڪابه شيءِ ڪونهي. توهان ٻڌو هوندو ته هڪ مڪتب فڪر جيڪو نفسياتي مشابهت (Psycho parallism) جو قائل آهي، تن وٽ روح ۽ جسم برابر آهن. هوڏانهن پورو ڇوٽ ليڪن بابت توهان کي خبر آهي ته ڪٿي به پاڻ ۾ ڪونه ملنديون پر برابر هلنديون رهنديون. ٻيو توهان هڪ ٻئي تي اثرانداز (Interactionists) وارو متو ٻڌو هوندو، جيڪي چون ٿا ته ٻيو ڪجهه نه صرف مادو آهي. پوءِ توهان وري آدرشيت يا مثاليت پسندن (Idealists) جو نظريو ٻڌو هوندو، جيڪي چون ٿا ته هتي مادي جو ڪو وجود ڪونهي اهو سڀ شخصيت يا خودي آهي، جنهن بابت مسز حسن چيو ته هيءَ جنهن سڄي ڪائنات پيدا ڪئي آهي ان کان سواءِ باقي ڪنهن جو به وجود ڪونهي. اهي سڀ نظريا آهن، جيڪي سڄو وقت ان ساز تي کيڏن پيا جنهن جسم ۽ روح کي مڪمل الڳ هستي ڪري ڇڏيو آهي. انهن مان ڪي ذهن کي وڌيڪ اهم سمجهن ٿا ته ڪي وري جسم کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. اسين هر روز اهڙن موضوعن بابت ڳالهايون پيا. توهان کي ياد آهي ته اسان تارن کان شروعات ڪئي هئي ۽ پوءِ ڪيئن ڪائنات جو جسماني مادو وجود ۾ آيو. تارا ڪيئن وجود ۾ آيا. اهي ڇا آهن ۽ ڇا اسين ڪنهن حل تائين پهتاسون. اسان ڪنهن به حل تائين ڪونه پهتاسين. وڌ ۾ وڌ اسين انهن جديد نظرين ذريعي ڪنهن حد تائين اهو معلوم ڪري سگهيا آهيون ته هڪ قسم جي حرڪت ۽ رفتار ڪائنات جي طبعي ڏيک جي پويان آهي وڌيڪ حرڪت، بجلي ۽ روشني جدا خراج مادي جون خاصيتون آهن.

پر بجلي يا اليڪٽرسٽي ڇا آهي؟ حرڪت جي فطرت ڇا آهي؟ انهيءَ حرڪت کي آخرڪار ڪيئن تحرڪ ۾ رکيو ويو آهي. اها اسان کي خبر ڪونهي ۽ ان جي ڄاڻڻ جي اميد به ڪونهي. اهو ڇا آهي جيڪو ان کي چرپر ۾ آڻي ٿو ۽ ان کي ڪيئن تيار ڪيو ويو آهي. توهان پنهنجي ڪار چالو ڪريو ٿا ۽ چئو ٿا ته چاٻيءَ ان کي حرڪت ۾ آندو آهي. توهان وٽ بجلي پيدا ڪرڻ واري مشين آهي جنهن ۾ توهان حرڪت پيدا ڪريو ٿا ته بجلي پيدا ٿئي ٿي. هاڻي اها ڪهڙي حقيقت آهي. ڇا اهو ايترو آسان آهي ۽ سمجهه ۾ اچي ٿو ته مادي کي بيڪار سمجهي ڪڍي ڇڏجي ۽ پوءِ توهان معلوم ڪري سگهندا ته ذهن ڇا آهي.

هاڻي مسز حسن هيجان (Stimulus) ۽ ايجاب (Response) جي باري ۾ ڳالهايو. اچو ته اسين ان کي پئمانو ڪري وٺون ته ڪيئن شيون تحرڪ وٺن ٿيون ۽ ان جي موٽ ۽ جواب ڏين ٿيون ۽ پوءِ ڇا ٿو ٿئي. هاڻي اسان زندگي بابت ڪيترن هفتن کان ڳالهايون پيا. اسان ذهن کي زندگيءَ جو زنده مادو چئون ٿا جيڪو تحرڪ سان متحرڪ ٿئي ٿو ۽ ان جي موٽ ڏئي ٿو. ٿڪجي به پوي ٿو ۽ خود بخود ٿڪاوٽ دور ڪري ٿو. ان کي نامياتي (Organic) زندگي چئجي ٿو. نامياتي زندگيءَ کان اڳ واري غير نامي زندگي (Inorganic) ۾ به ٿورو عام مشاهدي سان اهي خصوصيتون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.

هاڻي توهان مان ڪن اڄڪلهه جي عجيب آٽوميٽڪ بليڊ سان ڏاڙهي ٺاهي هوندي. اسان پراڻن ماڻهن وٽ عام قسم جا بليڊ هئا. ان وقت اسان ست بليڊ هفتي ۾ استعمال ڪندا هئاسون. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هڪ بليڊ پنج ڏينهن لاڳيتو استعمال ڪبو هو ته اهو مڏو ٿي ويندو هو ۽ ان جي قوت ختم ٿي ويندي هئي. پر ٿورو عرصو رکڻ کان پوءِ تيز ٿي پوندو هو. اهو منهنجو ذاتي تجربو آهي. تنهنڪري اسين عام طور چوندا آهيون ته زمين کي ساهي ڏيڻ سان اها پنهنجي حالت بحال ڪري وٺي ٿي. عام رواجي بليڊ به ساهيءَ سان پنهنجي تکاڻ بحال ڪري وٺي ٿو. ان کي نه ڇهو فقط ساهي ڏيوس. تنهنڪري هيجان ۽ ايجاب ۽ ٿڪجي پوڻ واري حقيقت غيرنامياتي زندگيءَ ۾ به آهي. پر هن صديءَ جي ڏهاڪي ۾ هڪ محترم اسان کي تجربو ڪري ڏيکاريو جيڪو بندگوبيءَ جي باري ۾ هو. هن اهو ثابت ڪيو ته بندگوبيءَ جي پن کي پڻ دل آهي ڇاڪاڻ ته اهو به هيجان جي موٽ ڏي ٿو. ٿڪجي پوي ٿو ۽ ساهيءَ کان پوءِ وري جاڳرتا وٺي ٿو. اهڙي طرح بند گوبيءَ جو پن پڻ دل رکي ٿو. جيئن انسان يا ٻيو ڪو زنده خليو رکي ٿو پر ان ۾ ذهن ڪونهي. ڪير به ڪونه چوندو ته بندگوبيءَ جي پن کي دماغ آهي. سو ذهن بلڪل مخفي ۽ مٿي رکيو ويو آهي. تنهن هوندي به اهي انهن شين جو ايجاب ڏين ٿيون.

پر هتي هڪ ٻيو مثال آهي. اميبا  (Amphebia)، جيڪو سادي ۾ سادي زندگيءَ جو مثال پيش ڪري ٿو، ڇو ته اهو کائي پيئي ٿو ۽ وڌي ويجهي ٿو. هن جو ڪو تنتي سرشتو ڪونهي، اهو مک هڏي وارو ساهوارو به ڪونهي، جنهن کي پٺيءَ وارو ڪنڊو هجي. اهو هڪ قسم جي مربي وانگر هڪ قسم جي جيلي آهي. اهو جوابي قوت جو مظاهرو ڪري ٿو، وڌي وڏو ٿئي ٿو ۽ ڪيترن حصن ۾ ورهائجي به وڃي ٿو ۽ منجهانئس ٻيا اميبيا به پيدا ٿين ٿا.

هاڻي علم حياتيات جو هڪ عام شاگرد به اهو ڄاڻي ٿو ته منڍي وڍيل ڏيڏر جنهن کي اعصابي نظام آهي اهو دماغ ڪٽجڻ کان پوءِ به جيڪڏهن توهان سندس هڪ ٽنگ تي تيزاب هاريندا ته سندس ٻي ٽنگ تحرڪ ۾ ايندي ۽ ان تيزاب کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪندي ڇو ته اهو ان کي پوسرائي پيو. جيڪڏهن هن کي دماغ ڪونهي يا ذهن ڪونهي پوءِ اها حرڪت ڇا آهي؟ اهو ڪهڙو تحرڪ آهي جيڪو ان کي هٽائي ٿو. هڪڙو سسيءَ کان سواءِ ڏيڏر ٻئي پير سان تيزاب لاهڻ جي ڪوشش ڪيئن ٿو ڪري؟ اها ڪهڙي صورتحال آهي؟

هاڻي انسان کي ڏسو، اسان جو هڪ مڪمل حيرت انگيز اعصابي نظام آهي، جيڪو ٽيليگراف جي تارن وانگر سڄي بدن ۾ وڇايل آهي ۽ بدن جو هڪ انچ به ان کان خالي ناهي. سوال آهي ته اهو نظام ڪيئن پيو ڪم ڪري، جڏهن ڪابه شيءِ اعصابي رڳ سان ٽڪرائجي ٿي ته اها اعصابي رڳ هن طرح موٽ ڏيئي ۽ ان جي مرڪزي نظام ان شيءِ جي حساسيت کي دماغ تائين کڻي پهچائي ٿي ۽ اتان وري هڪ ٻي لهر هڪ ٻي نس جي ذريعي اچي ٿي جنهن کي اسين محرڪ نس (Motor-nerve) چئون ٿا. عام طرح نفسياتي اصطلاح خبر ڏيندڙ (Afferent) ۽ خبر موٽائيندڙ (Efferent) آهن، نبض اها آهي جيڪا دماغ ڏانهن پيغام کڻي وڃي ٿي ۽ خبر موٽائيندڙ اها نبض آهي جيڪا ٻاهر پيغام کڻي وڃي ٿي جنهن کي محرڪ نبض چئجي ٿو. هتي هڪ مرڪزي نظام جنهن کي حرام مغز (Ganglion) آهي جتي خبر واري نس اثر کڻي پهچي ٿي جيڪو محرڪ نبض کي عمل جو حڪم ڏئي ٿو جنهن کي تحرڪ جي موٽ جو عمل چئجي ٿو.

هاڻي اها ساڳي تحرڪ ۽ ان جي موٽ اسان ۾ مسلسل جاري آهي، چاهي اهو پوئتي موٽ وارو عمل هجي يا جبلت يا بلڪل جذبات سان واسطو رکندڙ هجي، جنهن جي اسان کي خبر ڪونهي. اسان جي جسم ۾ درجنن جي حساب سان احساسن ۽ ان جو تحرڪ ۽ ان جي موٽ جو عمل جاري آهي. هاضمي جي عمل ۾، ساهه جي سرشتي ۾ ۽ سڄي جسم ۾ اهو عمل جاري آهي جنهن جو اسان کي شعور ڪونهي پر عمل جاري آهي. عمل ۽ ردعمل اسان جي ڄاڻ کان سواءِ جاري آهي. انهن بابت اسان کي شعور ڪونهي. انهن ۾ ڪي نيم شعوري آهن ته ڪي ان کان به گهٽ آهن پر اهي جاري آهن. جڏهن توهان منهنجي اکين اڳيان هٿ لوڏيو ٿا ته منهنجي اک بند ٿي وڃي ٿي. مون کي شعور ڪونهي ته آئون ڇا ڪري رهيو آهيان پر ڪريان پيو. ان حد تائين اهو غير اختياري عمل جاري رهي ٿو.

هاڻي هڪ سوال آئون توهان کان ڪريان ٿو ته ڇا اختياري عمل ان غير اختياري عمل کان وڌيڪ غالب آهي. ڇا اها قوت جنهن اهو غير اختياري عمل ڪيو، ان اختياري عمل کان گهٽ آهي جيڪو هن ڪيو. اها ڪهڙي ڳالهه آهي جو هو سمجهي ٿو ته اهو گهٽ عجيب عمل آهي. هڪ خاص قسم جي مشغولي کي خوامخواه وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي. بهرحال اهو ائين آهي ۽ پنهنجي جاءِ تي اهو وڏو مرحلو آهي. هاڻي ساڳي طرح قالب ۾ بند تنتي سرشتو جنهن ذريعي ٻاهر رابطي جا پيغام موڪليا وڃن ٿا ته اسان ۾ ساڳئي وقت احساس پيدا ٿئي ٿو. جيڪو غم يا فرحت يا ڪنهن ٻئي نموني جو ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ ڪنهن حد تائين حقيقت جي سڃاڻپ پڻ رڪارڊ ٿي وڃي ٿي ۽ اهو تجربو ڪٿي رڪارڊ ٿي وڃي ٿو. اسين ان کي ياد ڪريون ٿا ۽ اهو احساس سڄو وقت قائم رهي ٿو. اهي سڀ گڏيل عمل آهن جيڪي ٿيندا رهن ٿا. پهرين اسان جي اندر ۾ ڪٿي رڪارڊ ٿي وڃن ٿا جنهن سان احساس جو رشتو وڌڻ شروع ٿي وڃي ٿو. هاڻي ان احساس جو رشتو حافظي ۾ هڪ صورت اختيار ڪري ٿو جيڪو ان جو ڳڀ آهي جنهن کي اسين دماغ چئون ٿا.

مختلف تجربات ۽ احساسات جن ۾ انسان ارتقا ڪئي آهي ان کي اسين احساس چئون ٿا. بظاهر اسين ان کي ظاهري حس چئون ٿا. رنگ جو، ذائقي جو، سونگهڻ جو حس. اهي سڀئي احساس ڇڏين ٿا. جڏهن انهن سڀني ۾ ربط ۽ ميل پيدا ٿئي ٿو ته حافظو جڙي ٿو ۽ اهو حافظو ئي دماغ جو اصلي نالو آهي. دماغ جي بنيادي معنيٰ آهي حافظو. تنهنڪري جڏهن حافظو ٺهي وڃي ٿو ته اسان جي احساس جو رڪارڊ رجسٽر ٿيندو وڃي ٿو. هتي پهرين آسان ۽ سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهه اها آهي ته گڏيل وجود جي تجربي جا احساس جيڪي يڪدم اچن ٿا پوءِ وسري وڃن ٿا. اهو عارضي احساس اڀريو ۽ هليو ويو. پوءِ وري اهي احساس نه رڳو اسان جي حافظي ۾ رهن ٿا پر سلسلي وار جاري رهن ٿا ۽ اهڙن احساسن کي مثالي خيال چئون ٿا. جڏهن آئون حقيقت ۾ ڪو درد محسوس ڪريان ٿو ته ان جو حافظو منهنجي ذهن تي هڪ تصوراتي درد وارو رهي ٿو اتان خيالات جي شروعات ٿئي ٿي. پوءِ تنتي سرشتو وڌيڪ پيچيده ٿيندو وڃي ٿو ۽ ذهن ۾ به وڌيڪ پيچيده بناوت اختيار ڪري ٿو.

اهو مون کي امام غزاليءَ جو اهو قول ياد ڏياري ٿو ته هيءَ ڪائنات پوريءَ ريت علم ۽ عمل سان ٺاهيل آهي. اهو هڪ قسم جو جوڙو هو، جنهن مان سڄو جهان ٺهيو، جنهن جي ڪري پوري ڪائنات ۾ ضبط ۽ نظم آهي، هتي به ائين آهي ته جنهن کي اسين حواس واري تنت چئون ٿا. اها ڪجهه معلومات کڻي وڃي ٿي ۽ محرڪ تنته ان تي ردعمل ڪري ٿي. پهرئين عمل ۽ ان جي موٽ ۾ عمل جو مطلب ٻيو ڪجهه نه پر پنهنجو تحفظ ڪرڻ آهي. جيئن سڄو فطري نظام پاڻ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ مسلسل عمل ۽ گڏيل عمل ڪري رهيو آهي. ان ۾ کائڻ، پيئڻ ۽ ٻين قسمن جا ڪم جيڪي فرد کي محفوظ رکي سگهن ۽ ان جي نسل جو تحفظ ڪرڻ شامل آهن اڪثر بيشتر اهو سڄو تحرڪ ان عمل لاءِ آهي جيڪو وڌيڪ پيچيده ٿيندو وڃي ٿو جيڪو جاءِ والاريندو حافظي ۾ سمائجندو وڃي پيو ۽ اهو وقت سان منسلڪ آهي.

هتي توهان اهو آساني  سان سمجهي ويندا ته شروعاتي تجربا زندگيءَ جا خاص تجربا آهن. تڏهن شعوري طور احساس ٿئي ٿو ته هر شيءِ منهنجي لاءِ مختلف آهي. پوءِ بتدريج احساس وڌيڪ تيز ٿيندو وڃي ٿو ۽ اک پڻ وڌيڪ تيز ڏسڻ لڳي ٿي. شعور ۾ پڻ وقت سان گڏ اضافو ٿئي ٿو، اهو احساس ماضيءَ ۾ هڪ نموني سان وڌي ٿو ته ٻئي نموني مستقبل سان لاڳاپيل رهي ٿو ۽ اها ترتيب هزارن سالن تائين وڃيو پهچي. اها فقط سادي تجربي جي احساس جي ترقيءَ جو نتيجو آهي. احساسن ۽ خيالن جي صورت ۾ حافظي ۾ وڃي رهن ٿا جتي اهي ذهن ٺاهيندا رهن ٿا. هتي سوال آهي ته اهو ڇا آهي جو آءٌ ڪنهن شيءِ کان متاثر يا محسوس ڪريان ٿو. پوءِ اهو تاثر مرڪزي تنتي سرشتي ڏانهن کڄي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته ان مون کي متاثر ڪيو. اهو تحرڪ دراصل اعصابي مرڪز (Ganglion) سان وابسته آهي. ان کان سواءِ هڪ ٽيون تحرڪ آهي، جيڪو مرڪزي نوعيت جو آهي ۽ اهو ئي حڪم هلائي ٿو. اهڙي طرح ٻن شين جو ميلاپ ٿئي ٿو. هڪ ڄاڻ ڏيندڙ ٻيو منتظم يا حڪم هلائيندڙ جنهن جي اصطلاحي معنيٰ غزاليءَ جي نزديڪ آهي علم ۽ عمل، جيترو وڌيڪ علم هوندو اوترو وڌيڪ  عمل جي ضرورت پوندي، ڇو ته وڌيڪ ترقيءَ جي ضرورت آهي. سمجهو ته اسان کي هر قسم جا اثرات ٻاهرين دنيا کان حاصل ڪرڻا آهن، جيڪي مرڪزي نظام ڏانهن موڪلڻا آهن. پرمرڪزي نظام جواب جي موٽ واري حڪم ڏيڻ جي قابل ڪونهي. ان حالت ۾ اسين چئون ٿا ته انسان رواجي حالت ۾ ڪونهي. هن جو محرڪ وارو اعصابي نظام نٿو ڪم ڪري. ٻيءَ حالت ۾ جڏهن صحيح موٽ ملي ٿي ۽تحرڪي نظام ڪم ڪري ٿو ته جواب به ڪهڙو معقول قدم کڻڻو آهي جي صورت ۾ ملي ٿو.

هاڻي اهي احساسات جيڪي درج ٿي ويا انهن کي اصطلاحي معنيٰ ۾ احساس جو نسبتي رشتو چئون ٿا. اهو نسبتي رشتو منطقي دليل وارو عقل پيدا ڪري ٿو. عقل جي معنيٰ آهي تجربي جو صحيح رشتو گڏ ڪرڻ. هتي نسبت معنيٰ سڀني احساسن جو اهو حصي رسد ڀاڱو جيڪي هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿين. اهڙي طرح اهي احساس وڌيڪ پيچيده ٿي وڃن ٿا ۽ وڌيڪ معلومات حاصل ڪن ٿا ۽ محفوظ بنجن ٿا. جيڪي خيال جي ميلاپ سان منٽ ۾ حاضر ٿين ٿا. انهيءَ طريقي ڪار کي اسين ذهن چئون ٿا. اهو ذهن فطري طرح واڌ کائي ٿو ۽ ان ۾ لياقتون پيدا ٿين ٿيون. جيڪي وصفي (Qualitative) ۽ مقداري (Quantitative) هئڻ جي باوجود جدا نه آهن، بلڪه مقداري معياري ٿيو پوي. انسان جي فطرت جي اها خصوصيت آهي ته ڪنهن ڪنهن نموني ۾ ان جو اظهار جاري رهي. هڪڙي خاصيت انهن ساڳين جُزن مان ظهور پذير ٿئي ٿي جيڪي اڳي هئا ۽ اهڙيءَ طرح اهو ظهور مسلسل جاري آهي. پر  اهي سڀ اظهار يا مظهر هڪٻئي کان الڳ نه آهن، جيئن اسان سمجهيو هو.

اسان اڳي بحث ڪري آيا آهيون ته نامياتي ۽ غير نامياتي کي واقعي يا صحيح طور هڪ ٻئي کان الڳ نٿو ڪري سگهجي. اسان ڏٺو ته زندگي ان کان الڳ ڪونهي جنهن کي اسين مئل چئون ٿا. اهڙي ڪابه حد بندي ڪونهي. اها درجي بدرجي هڪ روپ مان ٻئي روپ ۾ ظهور پذير ٿئي ٿي. اسان ڏٺو ته بنا عضون وارو بتدريج عضون وارو ٿي پيو ۽ اوچتو نئين گڻ سان پيدا ٿي پيو. اهڙي ڪابه حد بندي ڪونهي جو نباتات کي حيوانات کان ۽ حيوانات کي انسانيت کان الڳ ڪري سگهجي. اهو سلسلو مسلسل جاري آهي جيڪو هڪ ٻئي ۾ ضم ٿي وري مختلف نموني ۾ ظاهر ٿئي ٿو ان کي مظهر چئون ٿا. اهڙي طرح اسين ڏسون ٿا ته سڄي ڪائنات هڪ آهي ان ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ڪونهي جيڪا تعجب ۾ وجهي. مٽيءَ جو وجود اهڙو اهم آهي، جهڙو ذهن خود آهي.

اسان کي مٽيءَ جي فطرت جي خبر ڪونهي ته اها ڪيئن وجود ۾ آئي نه ئي اسين ڄاڻون ٿا ته ذهن ڪيئن وجود ۾ آيو. پر هڪڙو ٻئي کان گهٽ معجزانه نه آهي. بلڪ ٻئي اهم آهن. تنهنڪري جيڪڏهن پاڻ سڃاڻڻ چاهيو ٿا ته پوءِ معلوم ڪريو ته مٽي ڇا آهي. جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا ته مٽي ڇا آهي ته پوءِ توهان کي خبر پوندي ته خودي ڇا آهي ۽ شخصيت ڇا آهي، تڏهن توهان کي معلوم ٿيندو ته توهان جي اها عظيم شخصيت فقط مٽيءَ جو نتيجو آهي. تنهنڪري ان کي مادو چئي گهٽ نه سمجهو. مادو وڏو معجزو آهي ڪنهن به معجزي کان جنهن جي توهان ممڪن حد تائين وضاحت ڪري سگهو ٿا. مادو ئي ذهن جو آڌار آهي، اهو گهٽ معجزو ڪونهي.

تنهنڪري ذهن کي معلوم ڪرڻ لاءِ توهان کي ٻن حقيقتن جو راز معلوم ڪرڻو پوندو، ’علم‘ ڇا آهي ۽ ’عمل‘ ڇا آهي ۽ اها پڪ ڪرڻي پوندي ته انهن ۾ ايڪو آهي. مهربان! جڏهن اسين توهان کي ٻڌايون ٿا ته علم عمل کان سواءِ ڪونهي ته توهان کلو ٿا. پر ڏسو جيڪڏهن توهان جي اعصابي نظام کي ڄاڻ ملي ۽ ان تي اهو عمل نه ڪري ته ڪا خامي ضروري هوندي ٻي حالت ۾ موٽ واري عمل ۾ ايترو ڳانڍاپو آهي جو جيئن ئي توهان جي وات ۾ زهريلي شيءِ اچي ٿي يڪدم ٿڪي ٻاهر ڪڍو ٿا، ان کان اڳ جو شعوري طرح توهان کي معلوم ٿئي ته اهو زهر آهي. ان کي پٺتي موٽ وارو يا بي اختياري عمل (Reflex action) چئون ٿا. هتي ڏسو ڪيئن نه علم ۽ عمل ڳنڍيل آهن. بنا ڪنهن وقفي جي علم تي عمل ٿئي ٿو. پر جڏهن اسان جو علم ناقص آهي ته عمل جلدي نٿو ڪيو وڃي. ٻي حالت ۾ توهان جلدي عمل ڪندا. جڏهن آئون ڪنهن کي چوان ٿو ته ڪوڙ ڳالهائڻ پاڻ ان شخص لاءِ زهر وانگر آهي ته مون تي ماڻهو کلن ٿا. ڇاڪاڻ ته هتي پٺتي موٽ وارو عمل Reflex actoion ڪونهي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ربط چٽيءَ طرح سمجهه ۾ نٿو اچي، تنهنڪري هن نه ڄاتو اهو نقصانڪار هوندو. پر هو اهو عمل روڪي نٿو سگهي، جيڪو سندس ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪري هن جي اعصابي نظام ۾ شروع ٿيو ۽ ان لاءِ هن جو باخبر هجڻ ضروري ڪونهي. ڇاڪاڻ ته هو صحيح سجاڳ ڪونهي. پر جيڪڏهن سجاڳ هجي ها ته جيئن افلاطون چيو هو ته خراب ڳالهه معنيٰ جهالت. توهان ڪوبه ڪم ان ڪري نه ڪريو ته توهان کي خبر نه آهي. پر جيڪڏهن توهان کي صحيح خبر هجي ته پوءِ ڪم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي.

آئون اڪثر مسلمانن کي چوندو آهيان جيڪي چوندا آهن ته اسان ايمان آندو آهي. ڇا توهان ايمان آندو آهي؟ جيڪڏهن توهان کي يقين آهي ته سوراخ ۾ نانگ آهي ته پوءِ ڏسون ته ڪير ٿو ان ۾ آڱر وجهي. جيڪڏهن توهان جو ايمان آهي ته بديءَ جو نتيجو بدي آهي پوءِ توهان بلڪل ائين ڪونه ڪندا جيئن توهان سوراخ ۾ آڱر ڪونه وجهندا جنهن سوراخ ۾ نانگ آهي. هڪ کي مڃيو ٿا ٻئي کي نٿا مڃيو. جيڪڏهن توهان ۾ ايمان آهي ته پڪ سان ان تي عمل ڪندا. ڀلي دنيا اونڌي ٿي وڃي پر ان تي عمل ڪندا. اسين فقط ان وقت عمل نٿا ڪريون جڏهن اعصابي سرشتي کي اها ڄاڻ نه آهي يا ان پنهنجو عمل نه ڪيو آهي. ٻين لفظن ۾ پيغام مرڪزي نظام (Ganglion) تائين ڪونه پهتو آهي نڪو اتان احڪام آيا آهن. تنهنڪري احڪام ۽ ان جي تعميل ٻئي ڳنڍيل آهن. حڪم ۽ عمل جاڙا ڀائر آهن. انهن ٻنهي جي ساڳئي وقت مسلسل عمل ڪرڻ سان زندگي قائم رهي ٿي ۽ ذهن وجود ۾ اچي ٿو.

هاڻي ذهن کي ڏسو! جيڪڏهن ڪو توهان جي ذهن کي مسلسل ڀڙڪائيندو رهي ته ڇا ٿيندو. آخر ۾ اهو ٿڪجي پوندو ۽ موٽ نه ڏيندو. اسين اڪثر چوندا آهيون ته ڪو شخص جيڪڏهن هڪ دفعو چوري ڪري ٿو ته توبه ڪري سگهي ٿو، پر ٽي چار دفعا اهو عمل ڪرڻ سان هو توبه نه ڪندو، ڇو ته هو عادي ٿي وڃي ٿو. ان جو مطلب ته ذهن ان هيجان جي موٽ نٿو ڏي. ان مسلسل عادت ۽ استعمال سان ٿورو گهڻو موڳو ٿيو وڃي. پوءِ ان کي ڪنهن وقت متاثر ڪرڻ واري قوت سان ياد ڏيارجي ٿو. ٻيءَ حالت ۾ اهو متاثر نٿو ٿئي. ذهن ان اصول تي ڪم ڪري ٿو جيئن جسماني فطرت آهي. هتي به اها ساڳي حقيقت آهي. هر شيءِ ٻي شيءِ سان منسلڪ آهي. هتي ڪي به پور وڇوٽ ليڪون ڪونه آهن پر ان جي انتها هئڻ گهرجي. پاڻي ۽ خشڪيءَ تي رهندڙ جيوَ (Amphebia) اهي اٽڪلون ڪونه ڄاڻن. هن کي پنهنجي لاءِ خوراڪ مهيا ڪرڻي آهي ۽ ٻنهنجي نسل جي حياتيءَ لاءِ پڻ قرباني ڏيڻي آهي. ڪڪڙ ننڍن ٻچن کي پهرين پالي ٿي، پوءِ انهن کي وڙهي ڌار ڪري ٿي. تاريخ ۾ هر هنڌ فطرت ۾ قربانيءَ جو عنصر عام آهي، انهن سڀني مرحلن ۾ جن مان اسين گذريا آهيون. زندگيءَ جو پهرين خليه (Cell) جڏهن وجود ۾ آيو، تڏهن کان وٺي قرباني شروع ٿي.

پر سوال آهي ته انسان هن مهل تائين ڇا حاصل ڪيو آهي! فقط لٻاڙ، ڊاڙ ۽ خود پسندي مطلب ”انا خير منه“ کان وڌيڪ ڪجهه به نه! هو پاڻ کي وڏي شيءِ سمجهي ٿو. هو ڀلي وڏي شيءِ هجي پر هو انڌو آهي. هو اهو ذهن جنهن جي هو ٻٽاڪ هڻي ٿو اهو نٿو ڏسي سگهي، جيئن رومي چوي ٿو ته هو خاڪ آهي. الَّذِيْٓ اَحْسَنَ كُلَّ شَيْءٍ خَلَقَهٗ وَبَدَاَ خَلْقَ الْاِنْسَانِ مِنْ طِيْنٍ (7:32)

ليڪن هو نٿو سمجهي ته هو مٽيءَ مان ٺهيل آهي. هو ان مٽيءَ جي وصف کي وساري ويٺو آهي. هو پاڪ صاف مٽي به نه رهيو آهي. هو گندي مٽيءَ جو نمونو آهي، جنهن ۾ ٻيو ڪجهه پڻ مليل آهي ۽ اهوئي انسان پاڻ کي لازوال سڏائي ٿو. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ڇو نه اميبا لازوال هجي!

خواتين و حضرات! آئون توهان کي هڪ ٻي ڳالهه ٻڌايان ٿو. هڪ ڳالهه جي سائنس کي پڪ آهي. توهان چوندا ته اها ڪهڙي آهي. اهڙا بدعقيدي وارا جيڪي الله تعاليٰ، ملائڪن ۽ رسولن کي نٿا مڃين انهن کي به هن حقيقت جي پڪ آهي، جنهن کي سائنسي اصطلاح ۾ حرارتي حرڪيات جو ٻيو قانون (Second Law of Thermodynamics) سڏين ٿا. اهو ڇا آهي! هاڻي جيئن ڪائنات فنا جي طرف وڌي رهي آهي تيئن ڌرتي پڻ وڌي رهي آهي. اهي سڀ ختم ٿي ويندا ۽ اها سائنسي حقيقت آهي. توهان کي خبر آهي ته اسين ڇا آهيون. اسين هن ڌرتي ۽ شمسي نظام سان محض چنبڙيا پيا آهيون. يقيناً اها ٿڪبي پئي وڃي. هاڻي آءٌ پاڻ کان پڇان ٿو ته آءٌ هن ڌرتيءَ تي ڇو وجود ۾ آيس. ڀلي آئون کڻي هوا، باهه، پاڻي يا گئس مان ٺهيل هجان پر آئون ان گندي مٽيءَ مان ٿلهو جسم ٿي پيو آهيان ۽ ان ڌرتيءَ تي جنهن جي آخر منزل ان جو خاتمو آهي. هاڻي آئون ان ڌرتيءَ تي ڇو وجود ۾ آيس جيڪا ختم ٿيڻي آهي. اها ڳالهه نه آهي ته اها اڃان لکين سال قائم رهندي، پر ختم ٿيڻي آهي. جڏهن ختم ٿيندي ته ان ۾ جيڪو ڪجهه هوندو اهو سڀ ختم ٿي ويندو، ڪائنات جي پڄاڻي ٿيندي يعني قيامت ايندي، اها سائنسي حقيقت آهي. اڄڪلهه ان جي باري ۾ ڪوبه ٻي راءِ نٿو رکي.

هاڻي جڏهن ائين ٿيندو ته پوءِ هي سڀ ڇا جي لاءِ آهي. ان لاءِ قرآن شريف ۾ اشارو آهي ته اها گهڙي ايندي. يَوْمَ نَطْوِي السَّمَاۗءَ كَـطَيِّ السِّجِلِّ لِلْكُتُبِ  ۭ كَمَا بَدَاْنَآ اَوَّلَ خَلْقٍ نُّعِيْدُهٗ  ۭ وَعْدًا عَلَيْنَا  ۭ اِنَّا كُنَّا فٰعِلِيْنَ (104:21) ترجمو: ان ڏينهن جڏهن آسمان کي ڪتاب جي ورقن وانگر ويڙهي ڇڏينداسون، جيئن اسان پهرين ڀيري خلق کي پيدا ڪيو، تيئن اسان وري ڪنداسون. اها يقيني آهي، پر جڏهن اها گهڙي ايندي، ٿي سگهي ٿو ته ڪا اهڙي مخلوق هجي، جيڪا لَا يَحْزُنُهُمُ الْفَزَعُ الْاَكْبَرُ وَتَتَلَقّٰىهُمُ الْمَلٰۗىِٕكَةُ  ۭ ھٰذَا يَوْمُكُمُ الَّذِيْ كُنْتُمْ تُوْعَدُوْنَ ترجمو: اها وڏي پريشاني به هنن کي غمگين نه ڪري سگهندي، بلڪه ملائڪ هنن سان ملاقات ڪندا ۽ چوندا اهو ئي ڏينهن آهي، جنهن جو توهان سان واعدو ڪيو ويو هو‘ (103:21) ان گهڙيءَ به خود فرده نه هوندي، جڏهن سڀ ڪجهه تباهه پيو ٿيندو. اهي ڪير هوندا. اها ڳالهه سوچڻ جي آهي. ان باري ۾ آئون نه پر ”الڪتاب“ چوي ٿو ۽ ”الڪتاب“ ڪيتريون ئي ڳالهيون چيون آهن جيڪي توهان نٿا ڄاڻو. ان جي ڇهه هزار آيتن ۾ ڪافي ڪجهه آهي جيڪو ٻئي ڪنهن ڪتاب ۾ ڪونهي. جيڪڏهن توهان صحيح نموني پڙهي ڏسو. جيڪڏهن توهان ان کي سمجهي سگهو ٿا ته ڪيترا تاريخ جا حل نه ٿيل مسئلا حل ٿيل نظر ايندا.

روح ڇا آهي؟ اهو اڃان تائين معلوم نه آهي. پر ان ۾ گهڻائي يا ڪثرت ڪونهي. اهو لافاني ناهي ۽ اهو به ختم ٿيندڙ آهي. اهو وقت جو دوام حاصل ڪري نٿو سگهي. اهو بلڪل ناممڪن آهي. البته هن لاءِ دوام ٿي سگهي ٿو ۽ ان صورت ۾ روح هڪ آهي، گهڻا نه آهن ۽ اسين ان جو حصو آهيون. ان صورت ۾ اسان ڪٿي هلي دنگ ڪنداسون ۽ هن چوڌاري ڦرندڙ ڌرتيءَ تي توهان پاڻ کي ڪيئن محفوظ رکي سگهو ٿا. توهان ڏينهن رات چئو ٿا پر هتي رات ۽ ڏينهن جهڙي ڪا شيءِ ڪونهي. ڌرتي روشنيءَ جي ٻئي طرف وڃي ٿي توهان رات چئو ٿا. جڏهن روشنيءَ يا سج جي طرف اچي ٿي ته ان کي ڏينهن چئو ٿا. ان رات ۽ ڏينهن جي معنيٰ ڇا آهي! ان ۾ ڪا معنيٰ ڪونهي. جنوري جو مهينو اچي ٿو فيبروري اچي ٿو. ان جي معنيٰ ڇا آهي. ڪجهه به نه!  خدا جي واسطي ڪجهه سوچيو ۽ غور و فڪر ڪريو. معلوم ٿيندو ته سج هڪ وڏو بال آهي ۽ ننڍو بال ڌرتي آهي جنهن تي اسين چهٽيا پيا آهيون، جيڪا چوڌاري ڦيرا ڏيئي رهي آهي. اهوئي سڀ ڪجهه توهان جو وجود آهي. باقي ڏينهن رات، مهينا ۽ سال توهان جي مصنوعي جوڙجڪ ۽ ذهني تخليق آهي. پر حقيقت ۾ اهڙي ڪابه شيءِ ڪونهي. توهان هڪ قسم جي احمقانه مصنوعي حياتي گذاري رهيا آهيو ۽ ان تي پاڻ کي وڏو قابل سمجهو ٿا. پر حياتي ان کان اڳتي ۽ مٿي آهي يعني اها ماورائي ۽ وجوبي آهي. توهان کي هن احمقانه زندگيءَ کي ڇڏڻو پوندو ۽ تاس کيڏندي. ڪوڙ ڳالهائيندي ۽ جهيڙو ڪندي، جيڪا زندگي توهان ۽ مون ڳولهي هٿ ڪئي آهي اها زندگي نه آهي. اصل زندگي تمام گهڻو اڳتي آهي. جيڪا توهان نه ڏٺي آهي.

توهان ڄمندي ئي امر ۽ سدا حيات ڪونه آهيو. توهان کي امر ٿيڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. جيڪا به ڪاميابي ماڻڻ چاهيو ٿا ان لاءِ سخت محنت ڪري ان کي حاصل ڪرڻو آهي. ڪاميابي پاڻ انتظار ڪونه پئي ڪري. اهو توهان سمجهو ٿا پوءِ به ڪوڙ ڳالهايو ٿا، ۽ هڪٻئي کي ڦريو ٿا. انسان کي هر وقت پيٽ جو فڪر نه ڪرڻ گهرجي، ان ۾ ڪجهه ڪونهي، پر ان پيٽ کان وڌيڪ ڪا اعليٰ شيءِ آهي. جيستائين توهان کي ان زندگيءَ جو شعور حاصل ٿئي. مهرباني ڪري تيستائين روح ۽ دائمي زندگيءَ جي باري ۾ نه ڳالهايو. ان جو ڪو مطلب ڪونهي. جڏهن توهان ان نموني واري زندگي گذارڻ شروع ڪيو ته پوءِ دائمي زندگيءَ جي باري ۾ ڳالهائجو.

ڇا واقعي اسين جيئون پيا! ڇا اسين واقعي زنده رهون پيا يا اسين فقط مئل شيءِ وانگر موجود آهيون. اسان اهڙي ڪا گهٽ شيءِ ڪونه ڇڏي آهي جيڪا اسين نٿا ڪريون. جيئن مون چيو ته اميبا جهڙي خسيس جِيوَ کي اسان کان ڏهه هزار دفعا وڌيڪ زهد ۽ تقويٰ آهي، اسين ته صحيح ڪم به غلط فائدي لاءِ غلط نموني ڪريون ٿا. پوءِ اسين ڪيئن اعليٰ آهيون ۽ ڇا مون کي ۽ توهان کي انسان سڏيو وڃي؟

ڇا اسين ان لائق آهيون، جيئن قرآن شريف فرمائي ٿو ته لَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِيْٓ اَحْسَنِ تَقْوِيْمٍ  ثُمَّ رَدَدْنٰهُ اَسْفَلَ سٰفِلِيْنَ (ترجمو: بيشڪ اسان انسان کي سهڻي صورت ۾ ٺاهيو، جنهن کان پوءِ کيس بلڪل هيٺين تري ڏانهن موڪلي ڇڏيو.)

اسين اتي پهچي ويا آهيون ۽ ڳالهائيون پيا. تعجب نه آهي ته هال ڀريل ڪونهي ڇو ته ڪير آهي جو منهنجي هي سخت ۽ بيڪار گفتگو ٻڌندو، اهو ڪير ٻڌڻ چاهيندو ته هو ڪجهه به نه آهي پر خاڪ آهي. اهو ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي. ڪو وقت هو جو انسان پنهنجي فطرت مطابق خاموش رهندو هو. پر جڏهن ڏسندو هو ته هر شيءِ غلط وڃي پئي ته رڙ ڪندو هو. مون ڪيترا ڀيرا پنهنجي نوجوانن کي چيو آهي ته جيڪڏهن توهان خودڪشي ڪرڻ چاهيو ٿا ته سٺي طريقي سان ڪريو. اچو ته گڏجي نچندي ڪڏندي سنڌو درياءُ ۾ ٽپو ڏيون. ڇو ته ”مرگ انبوهه جشن دارد“ گڏجي مرڻ ۾ جشن جو مزو آهي. حتاڪه گڏهه به ڄاڻي ٿو ته پوئتي هٽڻ هن لاءِ مددگار عمل ڪونهي. هن کي اڳتي وڌڻ کپي. هاڻي پوئتي وڃي جانور کان به بدحالت تي پهتا آهيون. اهڙي حياتيءَ جو ڪهڙو فائدو. الله جي واسطي ابدي زندگيءَ لاءِ سوچيو. موت ضرور ايندو. توهان سوچيو ته موت کان سواءِ اسين ڇا آهيون. فنا کان سواءِ بقا جي اهميت ڪونهي. پر اها بقا ڇا آهي جنهن جي باري ۾ ڳالهائيون پيا. اها ڪيئن حاصل ٿيندي.

”وڃائي وجود، تهان پوءِ تڪبير چئو“

جيستائين توهان اهو ڪجهه نه وڃائيندا جيڪو توهان محفوظ ڪرڻ چاهيو ٿا توهان ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهندا. اهي جيڪي هيءَ زندگي قربان ڪندا ٻي زندگيءَ حاصل ڪندا. هيءَ زندگي توهان محفوظ نٿا ڪري سگهو. اهو ناممڪن آهي.

آئون توهان کي ڪيترو ٻڌائيندس پنهنجي زندگيءَ جي شروعات کي نه وساريو ته روشنيءَ  (Radiation) جي اخراج سان ڪائنات جي ابتدا ٿي. روشنيءَ مان ئي ايٽم وجود ۾ آيو ۽ انهن جي وڌيڪ ميلاپ سان مادو توڻي خليو پيدا ٿيو. ان خليي مان ٻوٽن، جانورن ۽ انساني زندگيءَ جا ابتدا ٿي ۽ ان جي نشو و نما ٿي.

ان کان پوءِ زندگيءَ جو هڪ ٻيو قسم اچي ٿو جنهن کي مسز حسن ذهني زندگي (Mind Life) چئي وضاحت ڪئي. ذهني زندگي نئين اضافي مرحلي جو مظهر آهي. اها شروعات کان هئي ۽ هاڻي نئون مرحلو شروع ٿيو آهي. جنهن ۾ فطرت انسان کي هوشيار ڪري ٿي ته ”هدينٰـﮧ النجدين“ اسان توهان کي ٻه رستا ڏيکاريون ٿا. توهان جيڪو به رستو پسند ڪريو. ان تي ڪوشش ڪري هلو. هڪ رستو پسند ڪريو جيئن گوئٽي چيو آهي ته توهان جي خواهش مختصر پر دائمي آهي. ڪوشش ڪري اها اختيار ڪريو جنهن تي توهان هلڻ چاهيو ٿا. اڳتي هلو يا پوئتي هلو. بهرحال جن کي پنهنجي منزل ڏانهن هلڻو آهي انهن کي گهڻو هلڻو آهي، لطيف فرمائي ٿو:

رات سهائي، ڀون سنئين، پٽئين وڏو پنڌ،

هلندين حبيبن ڏي، ڪرها موڙ مَ ڪنڌ،

ٻنڌڻ سوئي ٻنڌ، جو پهچائي پرين ڏي.

اهوئي ڪجهه لطيف چوي ٿو. جيڪڏهن توهان ان ديواني شاعر کان متاثر آهيو ته پوءِ ان جي پوئواري ڪريو. ڏسو ته ڪيترو گهڻو توهان هلي سگهو ٿا. منزل لاءِ تمام گهڻو هلڻو آهي. بيهڻ مان ڪجهه نه ورندو. بيهڻ واري لاءِ ڪٿي به منزل ڪونهي. ائين ڪرڻ سان توهان چيپاٽجي ويندا. توهان کي مليل اختيار استعمال ڪرڻو آهي ڇو ته توهان جي مرضي مختصر پر دائمي آهي، اهو نه وساريو.

[  32  ]

ڪتاب کان وڌيڪ ڪو تحفو ڪونهي!

 

هيءَ تقرير علامه صاحب هڪ محترم شخصيت حڪيم شمس الدين صاحب جن جيڪي ڪتاب يونيورسٽيءَ کي25 آڪٽوبر 1957ع تحفي طور ڏنا هئا، ان موقعي تي ڪئي هئي. ڪتابن جو ڪل تعداد 365 هو، جن مان 294 ڇپيل ۽ 71 قلمي مسودا هئا.  ان تقريب جا ٻيا مقرر پروفيسر الميمني عربي زبان جو مشهور عالم ۽ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هئا.

 

خواتين و حضرات! توهان کي اهو بخوبي معلوم آهي ته اڄ ڪتابن جو تحفو  جيڪو توهان هتي ڏسي رهيا آهيو، اهو اسان جي هڪ تمام محترم شخصيت پنهنجي خانگي لائبريري يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪئي آهي، جنهن مان اسان ۽ اسان جو ايندڙ نسل مستفيض ٿيندو. انهن مخطوطات ۽ ڪتابن جي فهرست جو تفصيل توهان کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب ٻڌائيندو. پروفيسر عبدالعزيز ميمڻ جيڪو هتي موجود آهي، هو توهان کي ڪتابن جي مواد جي باري ۾ ٻڌائيندو. يقيناً توهان اُن ۾ دلچسپي رکندا، جيڪو  اڄ ٻڌندا.

حڪيم صاحب! خواتين و حضرات! پروفيسر ميمڻ! آءٌ حڪيم صاحب جو اڳي ئي شڪريو ادا ڪري چڪو آهيان، پر سندس تحفي جو پوريءَ ريت شڪريو ادا نٿا ڪري سگهون. هن جي اُن احسان سان اسان جي لائبريريءَ ۾ ڪجهه ناياب ڪتاب به شامل ٿي ويا آهن. پر اسان تي ان کان به وڌيڪ ٿورو ڪيو آهي، جيڪو اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو، جنهن جو توهان مان اڪثريت کي احساس ڪونهي. اهو آئون اقبال جي هيٺين هڪ سٽ ۾ چوان ٿو:

خزان مين مجهه کو رلاتي هي ياد فصل بهار

اها هڪ سٽ اڄ هن محترم حڪيم صاحب جي ڪتابن پيش ڪرڻ تي منهنجي احساسن کي ظاهر ڪري ٿي. اهو آئون ڇو ٿو چوان ته هن خزان واري موسمن ۾ مون کي بهار واري گلن جي موسم ياد اچي ٿي؟ ڇا اها فقط هڪ لهر هئي يا اتفاق هو، جيئن پروفيسر ميمڻ صاحب ٻڌايو ته مسلمانن لکين ڪتاب پنهنجي لائبريرين ۾ جمع ڪيا. ڇا اهو اتفاق يا جڙتو ڏيکاءَ هو؟ انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته اسين ڪٿي بيٺا آهيون. مون کي ان حقيقت تي ٽيهه سال ڳالهائيندي گذري ويا آهن. آءٌ اهو نه فقط هتي پر دنيا جي ٻين حصن ۾ به اها ڳالهه ورجائيندو ۽ ياد ڏياريندو رهيو آهيان.

هاڻي حقيقت ڇا آهي، جيڪا آئون مسلم ۽ غير مسلم کي ياد ڏياريندو رهان ٿو ۽ اهو آئون مسلسل ڪندو رهيو آهيان. اها حقيقت قرآن شريف جو پهريون لفظ ”اقراءَ“ آهي، جيڪو اسان لاءِ حڪم آهي. هر دور ۾ نئون پيغام آيو آهي، جنهن لاءِ اها قوم مستحق آهي. قرآني پيغام حضور ڪريم ﷺ جن تي ”اقراءَ“ لفظ سان شروع ٿيو، جيڪو کين پهچائڻو هو. ان کان پوءِ جيڪا ٻي سورة نازل ٿي اها ”ن و القلم وما يسطرون“ هئي. اها ان جي اصطلاحي  معنيٰ هئي. پوءِ الفاظ آيا ته اي محمد ﷺ توهان ديوانا نه آهيو، دنيا جا ماڻهو پاڳل آهن. آئون  سوچيان ٿو ته حضور ڪريم ﷺ پڙهڻ لکڻ جي ڪهڙي نه عجيب حقيقت آندي آهي. آئون اهو پنهنجي طرفان ڪونه پيو چوان. اهو بار بار قرآن شريف ۾ اچي ٿو:

کما ارسلنا فيکم رسولا منکم يتلوا عليکم آياتنا ويزکيکم ويعلمکم الکتاب والحکمة و يعلمکم مالم تکونوا تعلمون

معنيٰ: ”جيئن اسان اوهان ۾ اوهان مان هڪ رسول موڪليو، جيڪو اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ پاڪ ڪري ٿو ۽ اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو ۽ اوهان کي اهو ڪجهه سيکاري ٿو، جيڪو اوهان نه ڄاڻندا هئا.“

اهو تفصيلي پيغام آهي ته اسان توهان ڏانهن هڪ رسول موڪليو آهي، جيڪو توهان کي اسان جون نشانيون ڏيکاري پڙهي ٻڌائي ۽ ڌرتيءَ جي لُڙڪي مان پاڪ ۽ صاف ڪري ٿو ۽ توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو ۽ اهو سيکاري ٿو، جيڪو توهان نه ڄاڻندا هئا، پاڻ صرف سيکارڻ آيا آهن ۽ توهان جو ڪم آهي پڙهڻ ۽ لکڻ. ڇا اهو پيغام اتي ختم ٿي وڃي ٿو؟ نه! سورة الجمعه ۾ به ساڳيو ذڪر اچي ٿو:

”يسبح لله ما في السماوات و ما في الارض الملک القدوس العزيز الحکيم“ هو الذي بعث في الاميين رسولا منهم يتلوا عليهم آياته ويزکيهم ويعلمهم الکتاب والحکمته و ان کانوا من قبل لفي ضلال مبين“

معنيٰ:         ”جيڪو ڪجهه آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي، سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو، جيڪو بادشاهه پاڪ ذات ۽ زبردست حڪمت وارو آهي، جنهن اڻپڙهيلن مان هڪ رسول موڪليو، جيڪو انهن کي سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ پاڪ ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ٿو ۽ بيشڪ هن کان اڳ اُهي پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.“

هتي ساڳي ڳالهه دهرائي وئي آهي ته اسان هن (رسول) کي ڪتاب ۽ حڪمت پڙهائڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ هن جي اچڻ کان اڳ توهان گمراهيءَ ضلال مبين ۾ گرفتار هئا. توهان وٽ جهالت مان نڪرڻ لاءِ ڪوبه رستو ڪونه هو ۽ انهيءَ مقصد لاءِ رسول آيو. اها عجيب ڳالهه نه آهي ته جڏهن دنيا ۾ مشڪل سان ڪو ڪاغذ هو، اُن وقت لکڻ پڙهڻ کي مذهبي فريضو سمجهيو ويو. حَڪمَ جي هڪ لائبريريءَ ۾ جيئن توهان کي پروفيسر ٻڌايو ته، هن جا ڇهه لک ڪتاب ذاتي خريد ڪيل هئا. ويچاري نڪلسن مسلمانن کي سندن ماضيءَ کان واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جي پنهنجي لکيل ڪتاب ۾ عربيءَ ۾ لکيل خاص تاريخ جا اقتباس جمع ڪيا آهن، جيڪو هن سوچيو ته هڪ نوجوان مسلمان پڙهندو ۽ معلوم ٿي ويندس ته اهي ڪٿان آيا هئا، اُنهن مان هڪ ۾ هو هڪ وزير جي باري ۾ ٻڌائي ٿو، جنهن کي خراسان جو بادشاهه گهرائي وزير ٿيڻ لاءِ چوي ٿو. هو موٽ ۾ بادشاهه سلامت کي جواب ۾ چوي ٿو ته سائين اها منهنجي لاءِ عزت افزا ڳالهه آهي جو توهان جو وزير ٿيان، پر منهنجي لائبريريءَ کي منتقل ڪرڻ لاءِ چار سئو اُٺ گهُرجن، جيڪو تمام مشڪل آهي، تنهنڪري آئون وزير ٿيڻ جي بدران پنهنجي ڪتب خاني کي سنڀالي رکڻ کي ترجيح ڏيندس. جڏهن هڪ قاضي وزير صاحب کي لکي ٿو ته سائين آئون ڪا شيءِ تحفي ۾ کڻي اچان. هن جو جواب اهو ملي ٿو ته مون کي ٻي ڪنهن سوکڙيءَ جي ضرورت ڪونهي، پر جيڪڏهن توهان وٽ ڪو ناياب ڪتاب آهي ته منهنجي لاءِ کڻي اچ. اهڙي طرح عباسي خليفو مامون به ساڳي درخواست ڪري ٿو ته جيئن مون اڳي ڪيترائي دفعا توهان کي ٻڌايو آهي. جڏهن ڪو بادشاهه هن وٽ اچي ٿو ۽ چوي ٿو ته آئون ڪهڙي قسم جو خراج آڻيان. هو چوي ٿو ته مون کي توهان جا هاٿي يا سون نه گهرجن. اهي سڀ فضول آهن. جيڪڏهن توهان ڪجهه ناياب ڪتاب هٿ ڪري سگهو ته کڻي اچو. تنهنڪري ڪتابن جو تحفو مون کي اُن دور جون ڳالهيون ياد ڏياري ٿو ۽ اهو ئي قابل لائق تحفو آهي.

هاڻي توهان جنهن صوبي ۾ رهو پيا، اُن جو هڪ شاعر قرآن جي نواڻ واري حقيقت کي تسليم ڪري هنن آسان لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:

نئون نياپو آيو راڻي ملان رات،

لڌي سون لطيف چئي، ڪنان ڏاتر ڏات،

ڪهڙي پڇي ذات، جي آيا سي اگهيا.

هاڻي ان نئين نياپي دنيا جي نسلي ۽ خانداني وڏائيءَ جي انداز کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ان اکرمکم عندالله اتقاکم. (معنيٰ بيشڪ الله وٽ اهو ئي زياده عزت وارو آهي، جيڪو وڌيڪ متقي يعني پرهيزگار آهي!

ان نئين پيغام سڀني انسانن لاءِ علم سان گڏ هڪ ڪتاب جي ڳالهه ڪئي ۽ ان لکڻ ۽ پڙهڻ ذريعي تعليم حاصل ڪرڻ جوسبق ڏنو ۽ ذات پات ۽ رنگ نسل جي متڀيد جي خاتمي جو اعلان ڪيو. ڪتاب جي اهميت جو اندازو ان مان لڳايو ته ڪارلائل پنهنجي قوم کي چيو هو، توهان کي شيڪسپيئر جو ڪتاب کپي يا برطانيه جي تسلط، هيٺ هندوستان؟ هتي آءٌ پڻ سنڌ جي ماڻهن کان پڇان ٿو ڇا توهان ’شاهه جو رسالو‘ پاڻ سان رکڻ پسند ڪندا يا گذريل پنج هزار سالن دوران گڏ ڪيل پئسا ڏوڪڙ ۽ ڌراوت! ائين آءٌ مسلمانن کي چوندس ته توهان کي قرآن کپي يا هيءَ دنيا؟! جنهن لاءِ حضور ڪريم ﷺ جن کي موڪليو ويو. اهو ڪتاب جنهن سڄي دنياکي روشن ڪيو. اهو لکين دفعا ڪروڙين روپين ان وڌيڪ بهتر آهي. پاڻ اُمي هئا ۽ امين طور ظهور پذير ٿيا. ”بعث في الاميين رسولا منهم“ پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن کي پئسا ۽ کاڌو ڏيڻ ڪونه آيا هئا، پر روشني، هدايت ۽ علم سيکارڻ آيا. اهو ئي پيغام مسلمانن حاصل ڪيو ۽ اُنهن لاءِ وڏي اعزاز واري سوکڙي ڪتاب هو. هر مسلمان ڪتاب کان وڌيڪ ڪا ٻي سوکڙي نٿي قبول ڪئي. تنهن ڪري دنيا جا ڪتاب هڪ جاءِ تي گڏ ٿي ويا، ان وقت جڏهن دنيا ۾ ڪٿي به ڪتاب مهيا ڪونه هئا.

توهان اعتبار ڪندا ته يورپ ۾ پنج ڪتاب به پڙهڻ لاءِ ڪونه هئا. تان جو انجيل به پڙهڻ لاءِ ڪونه هو. انجيل به يوناني ۽ عبراني ٻولين ۾ لکيل هو، جيڪي ڪوبه نه ڄاڻندو هو. کين ڪتاب جي نالي جي به خبر ڪونه هئي. ڇا توهان مان جيڪي تاريخ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڪن ٿا، تن کي خبر آهي ته رچرڊ- اول پنهنجي نالي جي صحيح يا دستخط ڪري ڪونه ڄاڻندو هو. انگريزن جا اڪثر بادشاهه صحيح ڪرڻ ڪونه ڄاڻندا هئا. اهو ان وقت تعليم ۽ ڪتابن جو حال هو. ليڪن اڄ جي يورپ ۾ توهان جي هر اهم ڪتاب جون ٽي ڪاپيون برٽش ميوزم لائبريريءَ ۾ موجود آهن ۽ ان ۾ اهي ڪتاب به شامل آهن، جيڪي اسان کان گم يا وڃائجي ويا آهن. آئون هتي اچڻ کان اڳ لوائح جامي جو ڪتاب ڳولهي رهيو هئس ۽ جنهن محترم ان تي تحقيق ڪئي آهي اهو لکي ٿو ته ان جون ٽي ڪاپيون برٽش ميوزم جي لائبريريءَ ۾ آهن.

پروفيسر صاحب توهان کي ٻڌايو ته ڪو وقت هو جو حَڪمَ جي ڪتب خاني ۾ ڪتاب موجود هئا ۽ اڄ برٽش ميوزم ۽ يورپ جي ٻين لائبريرين ۾ موجود آهن. اسان وٽ ڪابه اهڙي لائبريري ڪونهي، جنهن ۾ پراڻا ڪتاب ملي سگهن. ان لاءِ اقبال به دانهون ڪندو هو ته شهنشاهت ته ڀلي کڻي وڃن ها، پر هو ته اسان جا ڪتاب به کڻي ويا! اهو ئي هن جو روڄ هو. ڇاڪاڻ ته اسان لاءِ زندگيءَ ۾ ڪتاب معنيٰ رکن ٿا، پر اڄ اسان وٽ اخلاص به ڪونهي. آئون صبح جو پنهنجي ڇوڪرن کي سمجهائي رهيو هئس ته جيڪڏهن ڪو شخص توهان کي ڪا ڳالهه ٻڌائڻ چاهي ٿو ته توهان پٺ ڏيئي هليا وڃو ٿا. مون کين چيو ته فضيلت جي ضرورت آهي. جيئن توهان جا وڏا چوندا هئا ته آمدن به ارادتاً رفتن به اجازتاً. جڏهن توهان هڪ دفعو آيا آهيو ته پوءِ اجازت کان سواءِ وڃي نٿا سگهو. اهو غير مهذب طريقو آهي ته توهان ڳالهائيندڙ کي اهو سوچڻ نه ڏيو ته پٺ ورائي هليا وڃو. ڇا اهو صحيح برتاءُ آهي؟ ڇا اهو هڪ مسلمان جو طريقو آهي؟ اهو ڏسو ته اسان کي ڪنهن اخلاق سيکاريا. هڪ عظيم شخص آيو ۽ چيائين ته ”بعثت لاتمم مکارم الاخلاق“ يعني آئون انسان ذات جي اخلاق جي تڪميل لاءِ آيو آهيان. قرآن شريف ۾ اچي ٿو ته جڏهن توهان حضور ڪريم ﷺ سان ملڻ اچو ته بغير اجازت نه وڃو. اهو اخلاق ۽ ڪردار ڪنهن سيکاريو. اهو سڀ وساريو ويو آهي.

اهو آهي اسان جو مکارم الاخلاق ۽ اسان جو علم، پر اسان جا اقدار ختم ٿي ويا آهن. الله تعاليٰ ٿو ڄاڻي ته اهي ڪيڏانهن ويا آهن. اسان ڪتابن جي باري ۾ سوچيون ئي ڪونه ٿا.اسان انهن کي هيٺ اڇلائي ڇڏيون ٿا. جڏهن ته پئسو پٽ تي ڪري پوي ٿو ته ان کي نمي کڻون ٿا. ٻئي طرف اسان جا ابا ڏاڏا پٽ تي ڪريل ڪاغذ جو ٽڪرو نمي کڻندا هئا. ڇو ته هو چوندا هئا ته اها ان جي بي ادبي آهي، ڇو ته اهو ان جي لائق آهي ته ڪجهه ان تي لکي سگهجي. اهي ڪاغذ کي کڻي پاسي تي رکندا هئا، پر ان جي مٿان ڪونه لنگهندا هئا. اهي  اخلاق ڪٿي آهن! ڇا اهو مناسب آهي، ته بار بار اقبال جي هيءَ سٽ ورجائجي:

خزاں میں مجھ کو رلاتی ہے یاد فصل بہار،

خوشی ہو عید کی کیونکہ سوگوار رہوں میں۔

هتي اچڻ کان ٿورو اڳ آئون لوائح جامي پڙهي رهيو هئس، جنهن ۾ مون چار سٽون ڏٺيون، جيڪي مون کي چوڻ ڏيو، پوءِ ڀلي ڇونه توهان مان اُن ۾ ڪو هڪ شخص دلچسپي وٺندو هجي. مون هتي اچڻ کان چند منٽ اڳي لکيون ته توهان سوچيو ۽ اُن ۾ دلچسپي وٺو. اهي هن طرح آهن:

يا رب دل پاک و جان آگاهم ده،

آه شب سحر و گريه سحر گاهم ده.

در راهه خود اول ز خودم بيخود کن،

آنگه بي خود ز خود بخود راهم ده.

معنيٰ: اي منهنجا مولا، مون کي پاڪ دل ۽ باخبر روح عطا ڪر. ان سان گڏ رات جو آهه زاري ڪرڻ ۽ صبح جو روئڻ نصيب فرماءِ. پهرين مون کي پاڻ کي پاڻ کان بچاءِ  ۽ بي خود ڪر. ان کان پوءِ مون بي خود کي پنهنجي ذات ڏانهن رهنمائي ڪر.

اهو جاميءَ سوچيو ۽ اُنهن کي آگاهي گهربي هئي. هن دنيا ۾ هر شيءِ خوبصورتي ۽ حقيقت کي لڪائي ڇڏيو آهي. اُن کي هٽايو جيڪڏهن ائين ڪري سگهو ٿا. رسول الله ﷺ فرمائي ٿو ته توهان جي ۽ الله جي وچ ۾ 70 پردا آهن. جيڪڏهن اسين انهن کي هٽائي اها خوبصورتي ڏسون ٿا، جيڪا اکين کي ڏسڻي آهي، اُن کي آگاهي چئجي ٿو، جيڪا هو چاهين ٿا. ”ان کانوا في ضلال مبين“- يعلم ”الکتاب والحڪمة“ ۽ اهو ڪوبه نٿو چاهي. فقط پيٽ پوڄا، موٽرڪار۽ ٻيون رهائش واريون شيون چاهي ٿو. فقط جانورن وانگر چراگاهه ڀريل هجي ۽ چرندو رهي، جيستائين موت اچي. ان ليول تي اچي پهتا آهيون. ڪنهن کي به خبر ڪونهي ته ڪتاب ڇا آهي ۽ حڪمت ڇا آهي.

ڪارلائل ڪتاب جي معنيٰ صحيح شعور ۾ رکندي، اُن کي المڪتوب چوي ٿو. رسول الله ﷺ جو ڪتاب مقدر جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ تقدير مقدر آهي. هن پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي چيو ته اهو بهتر آهي ته اُن کي پڙهو. توهان اُن کي ميساري نٿا سگهو. اهو بهتر آهي ته نوشته ديوار پڙهو.

تنهنڪري الڪتاب ۾ حڪمت جيڪا توهان جي توڻ آهي اهو اوهان کي ٻڌائڻ آيو آهيان ته اها ڀلي آهي ۽ حڪمت ڪيئن حاصل ڪجي، پر ڪير ٿو اُن جي باري ۾ پڇي. جيئن گذريل ڇهن سالن ۾ مون کان ڪنهن به نه پڇيو آهي ته اسان جو نصب العين ڇا آهي؟ علم ڇا آهي؟ توهان هر طريقي سان امتحان پاس ڪري ڊگريون حاصل ڪندا رهو ٿا، پر ڪنهن به مون کان ڪونه پڇيو آهي ته اسان ڇو ۽ ڇا لاءِ زنده آهيون؟ ”من عرف نفسه فقد عرف ربـﮣ“اهو ڪنهن به سوال ڪونه پڇيو آهي. اهو سوال مسلمانن شروعاتي دور ۾ پڇيو ۽ اُنهن فقط اهو پڇيو ته:

عيان نه شد که چرا آمدم کجا بودم،

دريغ و درد که غافل ز کار خويشتنم.

(معنيٰ: مون کي خبر نه پئي ته هتي ڇو آيس ۽ ڪٿي هوس. افسوس صد افسوس جو آءٌ پنهنجي اصل مقصد کان بي خبر آهيان)

اهو ئي هنن جو روڄ آهي. اسين انهن سڀني شين کان پري آهيون. هي ننڍڙو تحفو جن ۾ ضعيف ڦاٽل ڪتاب آهن ۽ جلد بندي به سٺي ڪونه ٿيل آهي. اسان فقط ان نظر سان انهن کي ڏسون پيا، پر انهن ۾ ڇا آهي. ٿي سگهي ٿو ته اُنهن مان هڪ سٽ اسان کي بهشت ڏانهن وٺي وڃي. ان ڳالهه کان اسان ويسارا آهيون ۽ اُن ڳالهه سان اسان جو تعلق ڪونهي. حضور ڪريم ﷺ جن ڪتاب ۽ حڪمت کان علاوه ٻيو ڪجهه سيکارڻ ڪونه آيا هئا.

تنهنڪري مهربان سجاڳ ٿيو. هيءَ اسلامي رياست آهي ۽ توهان مسلمان آهيو، پنهنجي روايتن ۽ ورثي کي ياد ڪريو. جڏهن توهان وٽ لکين ڪتاب هئا ۽ يورپ ۾ هڪ به نه هو. اُنهن وٽ اسڪول نه ڪتاب نه ئي الفابيٽ هئي، اُن جي باوجود اڄ هو ڪٿي آهن ۽ اسين ڪٿي آهيون ۽ ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هنن پيغام کي حاصل ڪيو آهي ۽ توهان وساري ڇڏيو آهي. اُنهن اُن  تي عمل ڪيو ۽ اسان سمهي رهيا آهيون، جيڪي ڪتاب توهان وٽ هئا، اهي هو کڻي ويا ڇو ته توهان ان جي لائق ڪونه هئا. هو اُن جي لائق هئا ته لائبريريون ٺهرائن ۽ اُنهن کي محفوظ رکن.

جڏهن آئون جرمنيءَ جي بون شهر ۾ هئس ته اتي لطيف جي شاعريءَ جو ترجمو ۽ مخطوطات ڏٺم. جڏهن هتي آئون چاهيان ٿو ۽ ڏسان ٿو ته لطيف جو ڪنهن کي به خيال ڪونهي ته هن ڇا چيو ۽ ڇا ڪيو، اها آهي اسان جي حالت!

مهربان! سجاڳ ٿيو، آئون حڪيم صاحب جو ٿورائتو آهيان. سندس ڪتابن جي تحفي لاءِ به، پر ان سان گڏوگڏ هن موقعي تي مسلمانن جي سڄي تاريخ ياد ڪرڻ. تيرهن سئو سال اڳ کي به ياد ڪريون ۽ قرآن جو پهريون لفظ ياد ڪريون. اهو ياد ڪريون، جيڪو عبدالقادر هڪ دفعي چيو هو ته جيڪڏهن توهان کي روئڻو آهي ته اُن لاءِ روئو، جنهن روشني آندي، جيڪو الله جو رسول آهي. اهو سڀ اسان کي اهي ڪتاب ياد ڏيارين ٿا. آئون حڪيم صاحب جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جو هن جي ڪشاده دلي ۽ محبت هن کي هتي آندو ۽ ڪتاب به آندا. اسان جا مسلمان ان مثال سان سجاڳ ٿين ۽ اسان ڏانهن ڪتاب موڪلين، جيڪي اڏوهي کائي رهي آهي ۽ جيڪي هو پڙهي نه ٿا سگهن. فقط خود غرضيءَ سبب رکيو ويٺا آهن، جيڪي اڏوهي کائي رهي آهي. اهي ڪتاب اسان ڏانهن موڪلين. اسين انهن جي حفاظت ڪنداسين ته جيئن اهي پڙهن ۽ سندن اولاد پڙهي. هاڻي توهان تي الله جي رحمت هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org