سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:8 

[  5  ]

پبلڪ سرونٽ  يعني عوام جو پيغام

علامه صاحب هيءَ تقرير سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ هال ۾ پهرين فيبروري 1953ع تي ڪئي.تقرير ۾ ڪافي نصيحت آميز روايتون ۽ حڪايتون پيش ڪيون ويون آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان پبلڪ سرونٽ صحيح معنيٰ ۾ عوام جو خادم ٿي خدمت ڪري سگهي ٿو ۽ رزق حلال حاصل ڪري سگهي ٿو.

خواتين و حضرات! گذريل هفتي اسان ڳالهايو پئي ته ڪيئن چند حرف اسان جي زندگيءَ کي متاثر ڪن ٿا. آئون سمجهان ٿو ته توهان اهو وساريو نه هوندو. اهو ”P“ ”پي“ حرف هو، جيڪو بلاشڪ هن جديد دور ۾ الفابيٽ ۾ تمام غالب آهي. ائين کڻي چئجي ته جتي ڪٿي سڄي دنيا جي پاور يعني اقتدار ڏانهن ڊوڙ آهي، جيڪو لفظ ”P“ سان شروع ٿئي ٿو. اسين ڏسون ٿا ته پاور ۽ پائونڊ، پبلسٽي ۽ پبلڪ سرونٽ، پليڊر ۽ پاپولر وغيره سڀني الفاظن ۾ ڪنهن نه ڪنهن نموني ”P“ حڪمراني ڪري ٿي. اهي الفاظ 30 کان 50 تائين ٿي سگهن ٿا، جيڪي هر ماڻهوءَ جي زبان تي آهن مطلب عملي طور اهو لفظ اسان جي زندگيءَ تي حڪمراني ڪندڙ نظر اچي ٿو.

اڳوڻي زماني ۾ اسين سوچيندا هئاسين ته ڪجهه ستارا اسان جي حياتيءَ تي حڪمراني ڪن ٿا. جيڪڏهن اهي ماڻهو انهيءَ سوچ ۾ حق بجانب هئا ته جيپٽر ۽ مارس سندن زندگيءَ تي وس رکندا هئا ته پوءِ اسين به ان ۾ حق بجانب آهيون ته ”P“ لفظ کي پُراسرار ۽ غيبي معنيٰ آهي، اهو اڄڪلهه حڪمراني هلائي ٿو. ان حد تائين جو پوپ ۽ پراسٽيٽينٽ، پوٽينشلنٽي، ۽ پلازيبلٽي، پرٽينشن ۽ پروپئگنڊا ۽ پبلسٽي، ڪنهن به طرف وڃو توهان کي ”P“ حڪمراني ڪندي نظر ايندي. توهان پوليس، پليڊر ۽ پبلڪ سرونٽ کي ڏسو ته اهي به تمام اهم شخصيتون آهن، پر اڄڪلهه جي سوسائٽيءَ ۾ هڪ ڳالهه جنهن جو اسان سان واسطو آهي، پر ان سان اسان جو تعلق گهٽ آهي. اهو آهي پرنسپل (اصول) جيڪو پڻ ”P“ سان شروع ٿئي ٿو. اڄ اسين خصوصي طرح ”P“ جو ذڪر ڪنداسين، جنهن سان پهرئين جي مقابلي ۾ اسان جو گهڻو واسطو آهي ۽ اهو آهي پبلڪ سرونٽ.

پبلڪ سرونٽ توهان کي ۽ مون کي اڄ عام رواجي لفظ لڳي ٿو. اسان مان چند اشخاص ان حقيقت کان واقف آهن ته ڪجهه صديون اڳ اهو لفظ پبلڪ نڪو سرونٽ استعمال ۾ هو. توهان سمجهو ٿا ته اهو شروع کان مروج هو. تيرهن سئو سالن کان اڳ نه پبلڪ ۽ نه ئي پبلڪ سرونٽ جهڙو ڪو لفظ هو.  اهڙي قسم جو اصطلاح گهٽ درجي جو سمجهيو ويندو هو. اها پبلڪ ڪونه هئي ۽ اُن کي ڪو سرونٽ هو.

هاڻي پبلڪ کي ٿورو وقت ڇڏي اچو ته سرونٽ کي ڏسون. اسين ان کي آسانيءَ سان تاريخ ۾ ڳولهي سگهون ٿا. بادشاهن جا نوڪر هئا، پر ”عوام جا نوڪر“ جهڙي ڪا شيءِ ڪونه هئي. بادشاهه ڪير هو” اسين فقط کترين جو مثال وٺون. برهمڻ کي اسان گهڻو پري ڇڏي آيا آهيون. وچ واري دور جو ذڪر ڪجي ٿو، جنهن ۾ کتري طاقتور هئا. کترين جي دور ۾ بادشاهن جا عجيب جنگي نالا هوندا هئا، انجيل جنهن کي عيسائي مڃين ٿا، ان ۾ بادشاهه کي الله جو مسح ڪرڻ وارو چيو وڃي ٿو. هو الله تعاليٰ جي طرفان تخت تي ويهي ٿو. هن جي ڇهڻ سان بيماريءَ جو علاج ٿي وڃي ٿو. اهو مسئلو ڪونهي ته بادشاهه ڪير آهي. هو ڇا ٿو ڪري ۽ ڪهڙي طرح زندگي گذاري ٿو. حتي ڪه هو ٻار هجي يا پوڙهو هجي، پر جيستائين هو بادشاهه آهي، هو ظل الله ۽ شهنشاهه آهي. هو اهو سڀ ڪجهه آهي، جيڪي ڪجهه هن کي سمجهيو وڃي. هو ڪابه غلطي نٿو ڪري سگهي ۽ هو الله جو مسح ڪيل (Anointed of the lord) آهي ۽ تخت تي ويهي ٿو، جيڪو سڀني انسانن کان مٿي آهي ۽ عبادت جي لائق پڻ آهي. ان حد تائين جو نظام الملڪ پنهنجي تصنيف ”سياست نامي“ ۾ لکي ٿو ته ان دور ۾ جڏهن ڪو بادشاهه جي اڳيان حاضر ٿيندو هو ته نماز کرد يعني جهڪي سجدو ڪندو هو. اها نظام الملڪ جي دور جي ڳالهه آهي هوڏانهن اسين نماز جو لفظ عبادت لاءِ استعمال ڪندا آهيون. اهو به بادشاهت جو هڪ رخ هو. ان بادشاهه کي نوڪر هوندا هئا ۽ اهي بادشاهه جا نوڪر هئا ۽ انهن عوام تي حڪمراني ڪئي. ڇاڪاڻ ته عوام کي ڪا اهميت ڪونه هئي. عوام بس خاڪ هئي. اهو بادشاهه ۽ اُن جا نوڪر هئا. لارڊ ۽ بشپ به وڏا ماڻهو هئا، پر عام ماڻهو جيڪو بازار ۾ هلندڙ هو، اُن کي ڪابه شيءِ نه سمجهيو ويندو هو. اهو خاڪ جو پتلو هو.

اسان ڪجهه مهينا اڳي هن هال ۾ انگلينڊ جي سماجي حالتن بابت ڳالهايو هو. اسان غلامن (Serfs) جي باري ۾ ڳالهايو پئي ته هن دور تائين تقريباً اهو سلسلو جاري رهيو آهي. روس ۾ سرفڊم منهنجي ڄمڻ کان گهڻو پوءِ به جاري هو ۽ اهو عملي طور بولشيوڪ انقلاب کان پوءِ ختم ٿيو آهي، تنهنڪري اهو لفظ ايترو پراڻو به ڪونهي. تاريخ تمام ويجهي آهي، جنهن کي اسين تمام قريب کان ڏسي سگهون ٿا ته ماضيءَ ۾ اهو ڇا هو! اهو خدا جو مسح ڪيل هو، جيڪو غلطي نٿو ڪري سگهي. هن کي فقط نوڪر هئا. بادشاهن کي فقط نوڪر هوندا هئا. دنيا جي اها حالت هئي، پوءِ اهو ڪيئن ٿيو جو بلڪل تبديلي اچي وئي. ان جي وڏي تاريخ آهي، جيڪا قرآن، مسلمانن ۽ اُنهن جي رسول پاڪ ﷺ  سان شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويو. اصطلاح، زبان ۽ لفظ تبديل ٿي ويا. عبادت لفظ استعمال ٿيو. سڄي دنيا ۾ انسان کي خدا ڪري پوڄيو ويندو هو. توهان چوندا ته انسانن جي پوڄا ڪونه ڪئي ويندي هئي. آئون چوندس ته تارن ۽ پٿرن جي به پوڄا ڪئي ويندي هئي. ٻيو دور آيو جو وڻن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. ٽيون دور آيو ته جانورن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي، ۽ مخصوص دور ۾ مصر ۾ نيل نديءَ ۾ رهندڙ واڳونءَ جي عبادت ڪئي ويندي هئي. ڇاڪاڻ ته اهو جانور انسانن تي حملو ڪندو هو، جنهن ڪري ان کي وڏو خدا تصور ڪيو ويندو هو. مڇين جي عبادت ڪئي ويندي هئي. مصر جي ديوڪٿا ۾ اڃان تائين خاص قسم جي جانورن جا مٿا رکيل آهن، جن جي عبادت ڪئي ويندي هئي. جڏهن تارن، پٿرن، وڻن ۽ جانورن جي ڪنهن دور ۾ پوڄا ٿيندي هئي. پوءِ ڇونه انسان جي، جيڪو انهن کان بهتر آهي ۽ اهڙي طرح انسان کي خدا ڪري پوڄيو ويندو هو ۽ پوءِ انسان کي بادشاهه جي روپ ۾ پوڄيو ويندو هو. پوءِ هڪ شخص آيو، جنهن چيو ته اهو سڀ بيڪار آهي. آئون خود توهان جهڙو انسان آهيان. جيتوڻيڪ آئون توهان کي سيکارڻ آيو آهيان. اهي حضور ڪريم ﷺ  جن هئا، جن فرمايو: ” اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ“ آئون به توهان جهڙو انسان آهيان. ان کان  وڌيڪ ڪجهه به نه آهيان ۽ اها همت نٿو ڪري سگهان ته چوان منهنجي پوڄا ڪريو ڇاڪاڻ ته آئون به توهان وانگر فاني انسان آهيان. توهان سڀئي برابر ۽  هڪ (Origin) نسل جي اولاد آهيو.توهان مان ڪوبه چاهي اهو اڇو هجي يا ڪارو، ڳاڙهو هجي يا ڦڪو، ٻئي کان اعليٰ ڪونهي. رڳو توهان کي مختلف شڪليون، رنگ ۽ ٻوليون آهن، پر سڀئي برابر ۽ هڪ جهڙا هڪ وجود مان ٺهيل آهيو. پاڻ ڪريم جن ان حد تائين حالتن ۾ انقلاب آندو جو پوڄا لفظ گم ٿي ويو، ان جي جاءِ تي عبادت لفظ آيو، جنهن جي معنيٰ آهي، خدمت ڪرڻ. انگريزن، جرمنن ۽ فرينچن جي ڪليسائن ۾ ’پوڄا‘ جي جاءِ تي لفظ ”خدمت“ سروس جو استعمال شروع ٿي ويو. توهان نوٽيس ڏسندا ته لکيل هوندو ته فلاڻي وقت تي چرچ ۾ سروس ادا ڪئي ويندي. لفظ پوڄا خود عبادت ٿي پيو ڇو ته ان عظيم انسان فرمايو ته آئون ٻيو ڪجهه نه، پر الله تعاليٰ جو ٻانهو ۽ ان جو رسول آهيان.

مون تيرهين صديءَ جي آخر ۾ هڪ انگريز کان انهن قدرن جي معيار جي باري ۾ ٻڌو. هن چيو ته توهان مسلمان ٻانها آهيو ۽ اسين الله جا پٽ آهيون. مون چيو ته ظاهر آهي ته توهان اوچتو پيدا ٿي پيا آهيو. پر تيرهن سؤ سالن تائين ان کي گهٽ سمجهيو ويو ته پاڻ کي ٻانهو سڏايو. توهان ٻانها آهيو ۽ توهان کي ڪو مقصد بجا آڻڻو آهي ۽ پوءِ ختم ٿي وڃڻو آهي، توهان کي خبر ڪونهي ته توهان ڪنهن جا پٽ آهيو يا نه آهيو. ڇاڪاڻ ته توهان ڪا به شيءِ نه آهيو. ڪجهه سالن کان پوءِ توهان جو وجود ڪو نه هوندو. اهي چند سال هتي ڪنهن مقصد لاءِ آيا آهيو. قرآن شريف ۾ فرمايو ويو آهي ته ”وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْاِنْسَ اِلَّا لِيَعْبُدُوْنِ“ مون هن ڪائنات ۾ جن انسان پنهنجي عبادت لاءِ خلقيا آهن. هر هڪ کي ڪو مقصد پورو ڪرڻو آهي. ٻين جي خدمت ڪرڻي آهي، اهڙي طرح آفاقي خدمت جاري آهي. جيڪڏهن خدمت جو اهو عمل هڪ منٽ لاءِ رڪجي وڃي يعني سج، چنڊ، تارن ۽ پاڻيءَ جو عمل رڪجي وڃي ته هوند ڪو وجود نه رهي. ان خدمت جي بدلي هر شيءِ ڪو نه ڪو مقصد پورو ڪري ٿي ۽ ڪنهن نه ڪنهن جي خدمت ڪري ٿي، پوءِ اهو چنڊ هجي يا سج. اهي ٻيو ڪجهه به نه آهن پر صرف خادم آهن. صبح کان ويچارو سج چڪر ڪاٽي ٿو ۽ پنهنجي ذميداري پوري ڪري ٿو، پنهنجي ڊيوٽيءَ ۾ هڪ منٽ به ضايع نٿو ڪري، هوڏانهن اهو سج بحيثيت عظيم خدا ڪري پوڄيو ويندو هو. جنهن کي ڪڏهن اپالو ڪڏهن سوريا ۽ ڪيترن ئي ٻين نالن سان ان جي تعريف ڪئي ويندي هئي. اهو ان لاءِ تعريف جوڳو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو خادم آهي.

ابرو باد مه خورشيد همه در ڪارند،

تا تو ناني بڪف آري و بغفلت نه خوري.

هر شيءِ ڪم ۾ مشغول آهي ته جيئن انسان جي کاڌي پيتي جو بندوبست ٿي سگهي ۽ هو پاڻ غفلت نه ڪري. جڏهن هر شيءِ انسان جي واسطي اهو ڪم پئي ڪري ته پوءِ انسان کي هرگز اهو نه سوچڻ گهرجي ته هو ڪائنات جي شين جو مالڪ آهي، هو پڻ ويچارو خادم آهي.

خدمت جو اهو تصور ان عظيم ريگستاني عرب ايترو مروج ڪري ڇڏيو جو انگلينڊ جي ويلز جو شهزادو جيڪو پاڻ کي خادم سڏائيندي قباحت محسوس ڪندو هو ۽ اها انگلينڊ جي بادشاهه لاءِ اڻ ٻڌل ڳالهه هئي، هن به پاڻ کي ’خادم‘ (Serwant) لکڻ شروع ڪيو. جڏهن حضور ڪريم ﷺ جن خود خدمت کي شعار بنايو ۽ ان کي عام ڪيو تڏهن انسانيت جا نوان اقدار شروع ٿيا. تڏهن هر بادشاهه محسوس ڪيو ته يا ته آئون خدمت ڪريان يا عوام جو پئسو حرام ڪري کاوان. انهن ٻنهي شين کان ٻاهر جو اختيار ڪو نه هو. يا ته خدمت ڪري کائو جيئن ڪائنات جي هر شيءِ ڪري رهي هئي يا ته غاصب ٿيو. توهان وٽ اهو حڪمرانيءَ جو ڪو حق نه هئڻ گهرجي. جيڪڏهن توهان ڪائنات جي خدمت نه پيا ڪريو. هيءَ دنيا توهان کي اهو ڪيئن ڏئي سگهي ٿي، جيڪو توهان حاصل ڪري رهيا آهيو. اهڙي طرح ڳالهه اتي پهتي ته توهان آهيو ڪيئر؟ به اڳتي وڌيو. اها خدمت ڪرڻ اڄڪلهه آمريڪا يا انگلينڊ يا ڪنهن ٻئي هنڌ عزت واري مشغولي تصور ڪئي وڃي ٿي. مون توهان کي ٻڌايو ته اهي ماڻهو فقط ضد جي سبب، اهو اعتراف نٿا ڪن ته ان جو آغاز ڪنهن ڪيو، ڇو ته هو سمجهي ويا آهن ته اهو لفظ ڪنهن ٻئي آندو آهي. تنهنڪري اهي چون ٿا ته اسين الله جا پٽ آهيون ۽ توهان الله جا ٻانها آهيو پر دل جو دل ۾ اهو ڄاڻن ٿا ته هو خود غلط ڳالهائن پيا.

هاڻي اهو ئي مقبول انداز تحرير آهي ته جڏهن ڪنهن اعليٰ اداري سان خط و ڪتاب ڪجي ٿي ته گورنر لکي ٿو: ”توهان جو فرمانبردار خادم“ (Your obedient servant) ۽ ٻيو جيڪو گورنر کي لکي ٿو اهو به لکي ٿو ”توهان جو فرمانبردار خادم.“ اهو پسنديده ٿي ويو آهي، جيڪو تيرهن صدي کان عمل ۾ آهي ۽ پهرئين شخص جنهن ان کي استعمال ۾ آندو ان محترم جا ڪجهه لفظ هتي آئون ٻڌائيندس جيڪي گذريل دفعي مون ذڪر ڪيا هئا.

پهرئين شخص جنهن انهن لفظن کي صحيح نموني رائج ڪيو، اهو حضور ڪريم ﷺ جن جو پهريون جاءِ نشين هو. توهان هن کي ابي بڪر يا ابوبڪر جيڪو چاهيو چئي سگهو ٿا. اهي لفظ هن تڏهن چيا جڏهن ماڻهن هن کي پنهنجو بادشاهه ڪري نه چونڊيو هو پر سندن معاملات جي بندوبست ڪرڻ وارو ڪري چونڊيو هو، اهي حڪمرانيءَ وارا الفاظ نه هئا. اهي اڳوڻا بيوقوفانه گفتگو وارا الفاظ وقت سان گڏ استعمال مان خارج ٿي ويا. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته سندس آقا حضور اڪرم ﷺ فرمايو ”کلکم آدم و آدم من تراب“ توهان سڀئي آدم جي اولاد آهيو ۽ آدم مٽيءَ جي پيدائش آهي. ”ليس العربي علي العجمي فضل الا بتقوي“ عربيءَ کي عجميءَ تي فضيلت ڪونهي سواءِ تقوي جي تنهن ڪري حڪمراني ۽ حاڪميت جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.

الله تعاليٰ حڪمراني ڪري ٿو، آفاقي قانون حڪمراني ڪري ٿو، توهان کي رڳو پنهنجي معاملات جو بندوبست ڪرڻو آهي. تنهنڪري توهان مون کي پنهنجي معاملات لاءِ مئنيجر ڪري چونڊيو آهي. آئون انهن کي پورو ڪرڻ جو وعدو ڪريان ٿو. اهي هن عظيم شخص جا الفاظ آهن.

حضرت ابوبڪر پنهنجي تقرير ۾ فرمايو هو ته ”يا ايها الناس اني قد و ليت عليکم لست بخير کم“ توهان مون کي پنهنجي معاملات جو نگهبان مقرر ڪيو آهي. ”وليت“ معنيٰ جيئن توهان ڪنهن شخص کي مسجد جو متولي چئو ٿا. اهو شخص جنهن جي هٿ ۾ ڪنهن شيءِ جي نگهباني ڏنل هجي ۽ هو ان جو بندوست ڪري. فرمايائون ته ”لست بخير کم“ يعني آئون توهان کان بهتر ڪو نه آهيان. اتي ان ڳالهه طرف اشارو آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته توهان مونکي پنهنجي معاملات نبيرڻ لاءِ چونڊيو آهي، پر آئون توهان کان بهتر ڪو نه آهيان. اهڙيءَ طرح ظل الله ۽ بادشاهي جو خدائي حق ختم ٿي ويو آهي. وڌيڪ فرمايائون ته آئون فقط توهان جي معاملات جو سنڀاليندڙ آهيان. ٻيو ڪجهه به نه آهيان. ”فان رايتموني علي الحق فاعينوني“ جيڪڏهن توهان مون کي صحيح رستي تي ڏسو يعني صحيح ڪم ڪندي سچ ڳالهائيندي ڏسو ته منهنجي مدد ڪريو پر جيڪڏهن ”رايتموني علي الباطل“ غلط ڪم ڪندي ڏسو ته منهنجي مخالفت ڪجو ۽ مون کي ائين ڪرڻ نه ڏجو.

هي اهو شخص هو جنهن کي هڪ ريگستان ۾ نئين انداز سان معاملات جي نبيري لاءِ ماڻهن جي حڪمرانيءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو. جيئن توهان اڳوڻي طرز ڪلام ۾ ڳالهائيندا هئا، هو ان بابت سوچي به نٿو سگهي ته اهو ڪو عظيم انسان، ظل الله، شهنشاهه يا ٻين ڪيترن القابن سان پاڻ کي سڏائي. هڪ عام سوسائٽيءَ ۾ انسان جي معاملات لاءِ هڪ واضح فرق نظر آيو. هو چوي ٿو ته: ”آئون توهان کان بهتر نه آهيان. جيڪڏهن آئون صحيح ڪم ڪريان ته منهنجي مدد ڪجو ۽ جيڪڏهن غلط ڪم ڪريان ته مخالفت ڪجو. وڌيڪ فرمايائون ته منهنجي اطاعت تيستائين ڪريو، جيستائين آئون الله تعاليٰ جي اطاعت ڪري رهيو آهيان. جنهن وقت آءٌ الله تعاليٰ جي نافرماني ڪريان ته منهنجي فرمانبرداري نه ڪجو. توهان مان طاقتور منهنجي لاءِ ضعيف آهي، جيستائين مون هن کان حق نه ورتو آهي. جيڪڏهن توهان مان ڪو طاقتور سمجهي ٿو ۽ هيڻي کي هيسائي ٿو ته اهو منهنجي لاءِ ڪمزور آهي، جيستائين آئون هن کان حق وٺان ۽ توهان ۾ ڪمزور منهنجي لاءِ تمام طاقتور آهي، جيستائين آئون هن کي حق وٺي ڏيان جيڪو هن کان کسيو ويو آهي، اهڙي طرح هو پنهنجي تقرير ختم ڪري ٿو، واستغفر الله ولکم.

هاڻي توهان ڏٺو ته عوام جو سڄي نظام بابت ڪيئن هڪ شخص بندوبست ڪري ٿو ۽ ڪهڙي نه نهٺائي ۽ سچائيءَ سان هو سڄي سوسائٽيءَ جي نگهباني ڪري ٿو. توهان وٽ اڄڪلهه پوليس آهي هن وٽ ڪو نه هئي، هو خود پوليس واري خدمت سرانجام ڏي ٿو ۽ هو پهريون پبلڪ سرونٽ آهي، جيڪو پبلڪ جي خدمت ڪري ٿو ۽ ڏسي ٿو ته سڀني فردن جا معاملا حل ٿين ٿيا. هڪ ڀاءُ ٻئي تي ظلم ته نه ڪيو آهي. ڪنهن طاقتور ڪنهن ڪمزور سان ڏاڍائي ته نه ڪئي آهي. اهڙي طرح پبلڪ سرونٽ يعني عوام جو خادم جو ادارو (Institution) وجود ۾ اچي ٿو. هتي آئون فقط اهو چوڻ چاهيان ٿو ته جيئن توهان وٽ امير هجڻ جو صحيح منظر پيش ڪجي، جيئن حضور ڪريم ﷺ جن نصيحت ڪندا هئا ته جڏهن توهان مان چار ڄڻا سفر تي وڃن ته هڪ کي پنهنجو امير مقرر ڪن، ڇو؟ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن مرحلي تي ڪنهن ڳالهه تي متفق نه ٿيو ته پوءِ ڪو هڪ اهڙو هجي، جنهن جو چوڻ قبول ڪريو ۽ منزل جاري رکو. تنهنڪري توهان امير السفر چونڊيو ٿا. ٽي ڄڻا آهيو. هڪ چوي ٿو ته اوڀر جي طرف هلو ۽ ٻيو چوي ٿو ته اولهه جي طرف هلو. هاڻي اهي ڪيڏانهن هلندا. اهي ڪيڏانهن به وڃي نه سگهندا. تنهنڪري هڪڙي کي امير چونڊيو جنهن جي ڳالهه ۾ وزن هجي. اهڙي طرح توهان تي امير جي اطاعت واجب آهي ٻي حالت ۾ توهان رڪجي ويندا ۽ اڳتي هلي نه سگهندا، ترقي ڪو نه ڪري سگهندا. تنهنڪري بهتر طريقو اهو آهي ته توهان مان ڪنهن بهترين شخص کي چونڊيو. جنهن تي سڀ متفق هجو. پوءِ ان جي چوڻ جي بجا آوري ڪريو، ٻي حالت ۾ هن دنيا ۾ هلي نه سگهندا. منجهي پوندا ته انهن جو حل ڪيئن ڪڍجي ڇو ته هر ڪو مختلف ڏس ڏيندو.

اڪثريت جو حڪم پڻ ساڳي اصول تي ٻڌل آهي، جڏهن ڪنهن ڳالهه تي اتفاق نٿو ٿئي ته توهان چئو ته هي صحيح آهي ۽ ٻيو چوي ٿو ته هو صحيح آهي پوءِ ان جو حل ڪهڙو آهي! ان جي معنيٰ ته توهان هڪ هنڌ بيٺا آهيو. توهان جي سوسائٽي غير منظم آهي، مخالفت ۽ موافقن ۾ ورهايل آهي. ائين توهان پاڻ کي ختم ڪر ي ڇڏيندا، مطلب اهڙي صورتحال کي جاري نه ٿو رکي سگهجي.

جيڪڏهن توهان زندهه رهڻ چاهيو ٿا ته پوءِ زندگيءَ کي هلائڻ جو طريقو کپي ۽ ان جو طريقو اهو آهي ته هڪ امير مقرر ڪجي. جيڪڏهن توهان چار يا پنج ڄڻا آهيو ته پوءِ هن جي اطاعت ڪريو ۽ اڳتي وڌو. جيڪڏهن گهڻا آهيو ته پوءِ اڪثريتي راءِ ان تي حاوي هجڻ کپي. ان نموني سان مشڪلات مان نڪرڻ کپي.

جمهوريت، امارة، امير ۽ سربراهي حڪم اهي سڀ انتظام آهن ته جيئن سوسائٽي اڳتي وڌي ۽ ختم ٿي نه وڃي. اندروني انتشار ۽ تقسيم شروع نه ٿي وڃي جنهن ۾ هرڪو چوي ته آئون صحيح آهيان. ڪير ٿو فيصلو ڪري. ۽ ڪير ٿو مڃي تنهنڪري ڪو اهڙو رستو هجي جيڪو مشڪلات مان ٻاهر ڪڍي. جيئن حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جيڪڏهن ڪا مشڪلات اچي ته ڪنهن هڪ بهترين شخص جو انتخاب ڪريو، جنهن جو هر هڪ حڪم مڃي.

هاڻي مهربان! آئون اهو نقطو مسلمانن کي جيڪي قرآن پڙهن ٿا، انهن کي ٻڌائيندو هلان ته ”امر“ لفظ جي قرآن ۾ معنيٰ آهي غالب ٿيڻ، ان جي معنيٰ حڪمراني ڪرڻ يا حڪم هلائڻ ڪونهي. جيئن اسلامي دور کان اڳ ٿيندو هو. امر جي فقط معنيٰ آهي زور ڏيڻ. ”يامرون بالمعروف“ جي معنيٰ آهي صحيح ڪم لاءِ ماڻهن تي زور ڀريو، ان جي ٻي ڪا معنيٰ ڪونهي. ڇاڪاڻ ته يامر واري امر لاءِ سڀني ماڻهن کي هڪ جيترو حق ڏنو ويو آهي. اهو هڪ شخص، هڪ جماعت يا هڪ طبقي کي ڪو نه ڏنو ويو آهي. اهو هر مرد ۽ عورت جو ڄائي ڄم کان بنيادي حق آهي ۽ هر ماڻهوءَ جي تي واجب آهي: ”يَاْمُرُوْنَ بِالْمَعْرُوْفِ وَيَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ“ يعني صحيح ڪم لاءِ کين آماده ڪريو ۽ غلط ڪم کان کين روڪيو. اهو ڪم هو زبردستي سان ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته خليفة الرسول حضرت ابوبڪر رضه اهو ڪم ڪري. اهو سوال  ئي پيدا نٿو ٿئي. پاڻ رسول الله ﷺ جن جي پيروي ڪندڙ هئا. حضور ڪريم ﷺ جن کي خود قرآن ۾ چيو ويو ته ” لَسْتَ عَلَيْهِمْ جبار“ توهان انهن جي مٿان جبر يا زور ڪرڻ لاءِ نه موڪليا ويا آهيو. وري کين چيو ويو ته ” لَسْتَ عَلَيْهِمْ بِمُصَۜيْطِرٍ“ توهان انهن جي مٿان داروغا ڪري نه موڪليا ويا آهيو. ”لست عليهم بوکيل“ توهان انهن جا نگهبان نه آهيو. توهان انهن تي (اکراهه) زبردستي نٿا ڪري سگهو ۽ ڪنهن کي زيربار نٿا ڪري سگهو. ڪلام الاهيءَ ۾ آهي ته جيڪڏهن اسان ائين چاهيون ها ته اهو ڪري سگهون ها. ڇا الله تعاليٰ انسان کي مجبور نٿي ڪري سگهيو ته سندس عبادت ڪري. اهو انسان جنهن کي الله تعاليٰ پيدا ڪيو آهي. جنهن کي مٽيءَ مان انسان بنايو آهي. اهو هن کان سڀ ڪجهه ڪرائي سگهي ها. الله تعاليٰ انسان جي مثل ڪونهي. اهو فرمان الاهي آهي ته اسان چاهيون ها ته انهن کان اهو عمل زبردستي ڪرايون ها. ان جي ڪو به مخالفت نه ڪري ها، پر اسان انسان کي آزادي ان ڪري ڏني ته هو پاڻ اسان کي پسند ڪري.

ڀارت جي فيلسوف رابندر ناٿ ٽئگور جو چوڻ هو ته آئون خدا سان ان ڪري محبت ڪريان ٿو، جو هن مون کي ان حد تائين آزادي ڏني آهي جو سندس وجود جي به نفي ڪريان ته مون کي اختيار آهي، ڇا هو مون کي مجبور نٿي ڪري سگهيو ته آئون کيس مڃان. ٻن ٽڪن وارو سپاهي مون کي سڀ ڪجهه مڃائي سگهي ٿو ته پوءِ خدا ڇو نٿي مجبور ڪري سگهيو. هو مون کي مجبور ڪري جيڪي ڪجهه چاهي ها ڪرائي سگهي ها. ڪارلائل چوي ٿو ته آئون گوڏا کوڙي نه ڇڏيان ها، جڏهن هن دنيا جي مرڪز مان هڪ شخص اچي ٿو ۽ انسان کي ٻڌائي ٿو ته گوڏا کوڙي عبادت ڪر. هو وڌيڪ لکي ٿو ته ترڪ سلطان جيڪو لکن ترڪن کي مجبور ڪندو هو ته فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ پنهنجيون زندگيون ڏيو. جڏهن ان وٽ هڪ اجنبي عرب اچي ٿو ۽ چويس ٿو ته منهنجي اطاعت ڪر! ڇا تون ائين ڪندين. ڪارلائل پنهنجي تصنيف ”پاسٽ ائنڊ پريزنٽ“ ۾ تمام خوبصورت انداز ۾ پيش ڪري ٿو ته اهو شهنشاهه جنهن کي پٿراڻي جهڙو شاهاڻو جبو پهريل آهي، جڏهن ان شخص کي سڏائي ٿو ۽ ڏسي ٿو ته هي شخص آهي، جنهن جي اڳيان گوڏا کوڙجن توهان کي خبر آهي ته ترڪ مسلمانن ۾ پهرين شهنشاهت هئي. هن ان عرب جي اڳيان گوڏا کوڙيا جيڪو پاڻ نه هو پر هن ان جي نظريات کي قبول ڪيو. هن گوڏا کوڙيا ۽ ان جي نظريات جي اطاعت ڪيائين. ڪارلائل چوي ٿو ته جڏهن هڪ عظيم انشان اچي ٿو ته اسان کي مخالفت ڪرڻ جي همت نٿي ٿئي ۽ پنهنجا گوڏا جهڪائي ڇڏيون ٿا. سو الله اسان کي زبردستي عبادت نه ڪرائي سگهي ها؟ تنهنڪر نبي وٽ ڏوراپو اچي ٿو ته توکي خبر آهي ته اسان وٽ قوت آهي ته انسان کي مجبور ڪري سگهون. ڇا تون سوچين ٿو ته زبردستي انهن کي ايمان مڃائيندين. تون ائين نه ڪر. اسان توهان کي انهن جو محافظ نه بنايو آهي. ان توهان کي انهن لاءِ نه جبار ۽ نه وڪيل ڪري موڪليو آهي. اسان اهو چاهيون ٿا ته انهن کي ٻڌايو ته هي صحيح آهي ۽ هي غلط آهي پوءِ هو جيڪو چاهي اهو عمل ڪن. ان جو فيصلو اسان ڪنداسون، تنهنڪري بر رسولا بلاغ باشد دليل، فقط اکرام وارا اهو ڪندا ۽ چوندا ته هي صحيح آهي. گذريل دفعي مون توهان کي ٻڌايو هو ته ڪرم وارا اچن ٿا ۽ چون ٿا ته اهو جيڪو تاريخ ۾ هميشه ٿيندو رهيو آهي مون هڪ آيت پڙهي آهي ” وَاِذَا رَاَوْكَ اِنْ يَّتَّخِذُوْنَكَ اِلَّا هُزُوًا  ۭ اَھٰذَا الَّذِيْ بَعَثَ اللّٰهُ رَسُوْلًا

اهو لفظ هر نبيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو، جڏهن به ڪو نبي سچ ٻڌائڻ آيو پئي ته توهان غلط پيا ڪريو. ان جو جواب ملي ٿو ته توکي عقل ڪونهي. تون مجنون آهين، اسان سان ٺڳي ڪرين ٿو. تون اسان جهڙو انسان آهي پر ائين لڳي ٿو ته تون جادوگر آهين.

وَمَآ اَسْـَٔــلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ اَجْرٍ  ۚ اِنْ اَجْرِيَ اِلَّا عَلٰي رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ

هتي حضرت شعيب ماڻهن کي هدايت ڪرڻ لڳو، هن فرمايو ته آئون توهان کي انعام ڏيڻ آيو آهيان. اهو نه سوچيو ته آئون توهان کي پئسن لاءِ چوندس. منهنجو اجورو ان سان آهي، جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي. آئون اجورو نٿو گهران پر چوان ٿو ته هن نموني سان هلو. ان جو جواب ڪهڙو ملي ٿو: ” قَالُوْٓا اِنَّمَآ اَنْتَ مِنَ الْمُسَحَّرِيْنَ“ ۽ وري چيو وڃي ٿو: ” وَمَآ اَنْتَ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا.“ هي اسان جهڙو انسان آهي ۽ هڪ عام ماڻهوءَ کان بهتر ڪونهي. ”وان نظنک لمن الڪذبين“ اسان کي پڪ آهي ته معاملات ۾ ڪوڙو آهي. اهو ئي چيو وڃي ٿو، اهو مسلسل ائين ٿيندو رهي ٿو. هڪ اصلاح آڻيندڙ يا بهترين انسان اچي ٿو، جڏهن هر شيءِ غلط هوندي آهي، پر ماڻهو چوندا آهن ته سڀ ڪجهه صحيح آهي. فقط هي ماڻهو چريو آهي. هن جو دماغ صحيح ڪونهي. پوءِ وقت ٻڌائيندو آهي ته ڪنهن جو دماغ خراب آهي. هتي اهو سوال ڪونهي ته ڪنهن جو دماغ ٺيڪ ڪونهي. اڄ اسين ان بابت ڪو نه پيا ڳالهايون. اسين پبلڪ سرونٽ جي باري ۾ پيا ڳالهايون. اسان عبد کان شروع ڪيو ۽ توهان کي ٻڌايوسين ته عبد لفظ جو پهرين وجود ئي ڪو نه هو. سروس ڪرڻ يا نوڪري ڪرڻ جو رواج ئي ڪو نه هو. نوڪريءَ کي نيچ سمجهيو ويندو هو پر پوءِ نوڪري عظيم ڪم ٿي پيو ڪري سگهي ها. مطلب ڪليسائن ۾ عبادت کي سروس چيو ويو. مسلمان مسجد ۾ اڳيئي عبادت لاءِ وڃي ٿو. تنهنڪري سروس گذريل تيرهن صدين کان فيشن وارو لفظ ٿي پيو آهي ۽ ”انسان جو خادم“ هڪ عزت وارو لفظ ٿي پيو. ڪلام الاهي ۾ آهي ته ڪائنات جي هر شيءِ عبد آهي. ان کان ٻيءَ طرح ان جو وجود ڪونهي. اهي سڀ خادم آهن جيڪي مخصوص وقت لاءِ اهو ڪم سرانجام ڏين پيا.

هاڻي پبلڪ سرونٽ جي ڳالهه اچي پهتي آهي. اڳي پبلڪ کي شمار نه ڪيو ويندو هو. راجا بادشاهه ۽ الله تعاليٰ جا نمائنده شمار ڪيا ويندا هئا. هر شخص ان ڳالهه کي گهٽ سمجهندو هو ته پبلڪ کي به نوڪر آهي. هو چوندو هو ته ڇا آئون انهن جانورن، غلامن ۽ احمقن جو نوڪر آهيان. توهان اجايو ڳالهايو پيا. هاڻي گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو اهو ڏيکاءُ ڪن ٿا ته اسين عوام جا خادم آهيون. پوءِ ڀلي اهو وزيراعظم هجي. صدر هجي يا پوليس وارو هجي. سڀ عوام جا خادم آهن. ويچاري پليڊر به پبلڪ سرونٽ سڏائڻ شروع ڪيو آهي.

هڪ نوجوان مون کي خط لکيو ۽ پڇيائين ته سائين مون کي ٻڌايو ته وڪالت جو پيشو ڪارائتو آهي. مون سوچيو ته هن کي ڪهڙو جواب ڏيان. هو مون کان اهو به پڇي سگهي ٿو ته ڇا وزيراعظم ٿيڻ سٺو آهي. ڇا پبلڪ سرونٽ ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي، ڇا پوليس وارو ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي. اهي سڀ برابر آهن، اڄڪلهه پبلڪ سرونٽ شهرت ۽ پئسن سان شروع ٿئي ٿو. هو خدمت ڪرڻ نٿو چاهي. هن کي نه اها سوچ آهي ۽ نه هن سوچيو آهي.

هتي اسين جيڪي ويٺا آهيون، ايمانداريءَ سان چئو ته جڏهن ماءُ ننڍڙي ٻار کي اسڪول موڪلڻ جو ڪهڙو مقصد ٻڌائي ٿي. اهوئي ته بابا تون پڙهي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيندين. گهڻا پئسا ڪمائيندين. اسين وڏو گهر ٺهرائينداسين. اسين انهن پئسن مان سڀ شيون خريد ڪنداسين ۽ ان بابڙي کي اها به نصيحت ڪئي ٿي وڃي ته بابا هر ڪو پيو وٺي. تو ڪهڙو قصور ڪيو آهي. جهڙو رستو دنيا جو هوندو انهيءَ تي هلبو. اها سنڌي ماءُ جي پنهنجي ٻار کي هدايت آهي. بابا تون چريو آهين، جڏهن سڄو جهان هن پاسي آهي ته تون هڪڙو ڇا ڪندين. ڪيترو وڙهندين سڄي جهان جو مخالف ٿيندين ته پنهنجو مٿو ڀڃائيندين. جهڙو واءُ لڳي ان کي منهن ڏجي!

ان ڪري هڪ محترم مون کي چيو ته اسين وفد جي صورت ۾ توهان وٽ اينداسين ۽ اها گفتگو جيڪا توهان ڪريو ٿا، بلڪل صحيح آهي، پر اهو پڇنداسين ته ڇا اها عمل جوڳي آهي. توهان جيڪو ٻڌايو پيا اهو ڪري سگهجي ٿو يا اها شيءِ رڳو توهان جي ذهن ۾ گهمي رهي آهي. اصل ۾ وفد جي صورت ۾ اهو پڇڻ آيا پئي ته آئون جيڪو ڳالهايان پيو اهو بيوقوفانه ڏند ڪٿا ۽ عمل ٿيڻ جهڙو ڪونهي يا ان ۾ ڪو عملي پهلو به آهي پر هُن ۽ سندس وفد اهو نه سوچيو ته عمل ڇا جي لاءِ ۽ عمل سان ڇا حاصل ڪجي. عملي معنيٰ ڪا شيءِ ڪري ڏسڻ، آئون سمجهان ٿو پر عمل جو مقصد ڇا آهي، جنهن جي باري ۾ هنن نه سوچيو آهي. هُن جو عملي هجڻ مان مراد آهي پئسا ڪمائڻ، کائڻ پيئڻ ۽ زندهه رهڻ. ڇا اهو مقصد آهي عملي ڪم جو؟ هنن جي دماغ ۾ اهو بلڪل ائين گهمي رهيو هو. آئون هنن کي ٻڌايان ها ته ڪنهن اعتبار کان اهو عملي ڪونهي. اهو ايئن نه آهي ڇو ته سڄو معاشرو بگڙيو پيو آهي. سڄي معاشري ۾ اهڙي زندگيءَ جو هڪ ذرو به عمدو ڪونهي. ان صورت ۾ عجيب نٿو لڳي ته ڪو پڇي ته آئون ڇو پنهنجو مٿو جبل سان ٽڪرايان جڏهن ڪو به ان تي عمل نه ٿو ڪري، اها بلڪل فطري ڳالهه آهي ته پڇجي.

هاڻي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه ثابت ٿي وئي ته جيڪڏهن توهان کي بهترين معاشري ۾ رهڻو آهي ته ڏسڻو آهي، ته جنهن معاشري ۾ توهان رهو پيا اهو به عمدو آهي. توهان چوندا ته جيئن آئون چاهيندس ان نموني رهندس. هائو! توهان رهي سگهو ٿا. امام غزالي رح هڪ عورت جو حوالو ڏي ٿو، جڏهن بغداد ۾ زندگي تمام بگڙيل صورت اختيار ڪري وئي هئي. هن عورت ان وقت به عمدي زندگي گذاري. اهو توهان کي آئون ٻڌايان ٿو. غزالي چوي ٿو ته هڪ شخص حج ڪرڻ ويو. هو واپسيءَ ۾ رستو ڀلجي پيو ۽ اهو ريگستاني علائقو هو، جتي نڪو پاڻي نڪو کائڻ لاءِ ڪا شيءِ موجود هئي. هن ٻه ڏينهن لاڳيتو پنڌ ڪيو پر هن کي واٽ تي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪا به شيءِ نه ملي. نڪو انسان مليس ۽ نڪو جانور مليس. ٻن ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ ٽئين ڏينهن هڪ جڳهه تي پهتو، جتي هن هڪ پوڙهي عورت ڏٺي جيڪا اٽڪل ستر اسي ورهين جي هئي. هيءُ ان وٽ ويو ۽ چيائينس ته امڙ مون ٻن ڏينهن کان ڪجهه به کاڌو نه پيتو آهي. مون کي پيئڻ لاءِ ڪجهه پاڻي ڏي. آئون مران ٿو! ڪراڙيءَ وراڻيو ته هائو! اجهو پريان کوهه اٿئي ان مان وڃي پيءُ. هن ٻڌايو ته پوڙهيءَ جنهن پاڻيءَ ڏانهن اشارو ڪيو هو اهو پاڻي هڪ اهڙي کوهه جو هو جيڪو سائو ۽ بدبودار هو. مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو. چيومانس ته اهو پاڻي مون کي چوين ٿي پيئڻ لاءِ! عورت وراڻيو ته هائو! آئون به اهو ئي پاڻي پيئندي آهيان. آخر آئون ويس ۽ اڃ جي باهه لاهڻ لاءِ ٻه ٽي ڍڪ ڀريم. اهو گندو ۽ بدبودار ٿورو پاڻي پيئڻ کان پوءِ مون پڇيومانس ته ڪجهه کائڻ لاءِ آهي ڇو ته هاڻي آئون ڳالهائي به نٿو سگهان. پوڙهيءَ چيس ته هائو! هيءُ  لٺ کڻ ۽ هن وادي ۾ وڃي هڪ يا ٻه نانگ ماري اچ ته توکي پچائي ڏيان بشرطيڪ تون نانگ کائي سگهين! هن چيو ته آئون نانگ ڪيئن ماري سگهندس. تون چوين ٿي ته ماري کڻي اچ! ”هائو“ پوڙهيءَ چيو ته اهو ئي هتي مون وٽ آهي، پر همراهه ڊڄي ويو. تنهنڪري ڪراڙيءَ چيس ته منهنجا پٽ! گهٻراءِ نه آئون توسان گڏ هلان ٿي. هيءَ لٺ کڻ اهڙي طرح پوڙهي عورت هن سان گڏجي وئي، هڪ ٻه نانگ ماري آيا ۽ هن کي پچائي ڏنائين جڏهن ٿورو ڪجهه کاڌائين ته ساهه پيس ۽ پوءِ پڇيائينس ته منهنجي امڙ! تون هتي ڇو اچي رهي آهين. مون کي ٻڌايو ته بغداد هتان گهڻو پري آهي. هن چيس ته بغداد ايترو پري ڪونهي، جيڪڏهن هي رستو وٺي هلندين ته چند ڪلاڪن ۾ بغداد پهچي ويندين. اتي هن چيو ته ڪهڙي ڳالهه آهي جو تون هتي اچي ويٺي آهين، جڏهن ته بغداد ايترو ويجهو آهي، جتي فرات نديءَ جو صاف پاڻي ميسر آهي، ان عورت وراڻيو ته آئون نٿي چاهيان ته روزانو ڪوٽوال اچي منهنجو دروازو کڙڪائي ۽ چوي ته ٽئڪس ڏيو. اهڙن راشي بدمعاشن جي حڪمراني جنهن ۾ ڪو تحفظ ڪونهي ۽ ڪا عزت ڪونهي ان کان بهتر آهي ته آئون هيءَ زندگي گذاريان. آئون هڪ آزاد عورت واري زندگي گذارڻ چاهيان ٿي. توهان ڀلي وڃي بغداد ۾ رهو، منهنجي لاءِ هي بغداد آهي. آئون ان کي ترجيح ڏيان ٿي ته نانگ کائي ۽ هي ڌپ وارو پاڻي پي هڪ آزاد عورت واري زندگي گذاريان. آئون نٿي چاهيان ته مون کي پوليس وارا ڪوٽوال تنگ ڪن، توهان ڀلي وڃي اها آرام واري زندگي بسر ڪريو.

امام غزالي چوي ٿو ته جيڪڏهن انسان آزاد زندگي گذارڻ چاهي ٿو ته پوءِ ان حد تائين به قرباني ڏيڻي پوي ٿي. انهيءَ زماني ۾ غزاليءَ کي چيو ويو ته اوهان مدرسي جا سربراهه ٿيو پر پاڻ صاف انڪار ڪيائون. غزالي ايتري حد تي پهتو جو چيائين ته اهڙي مسجد ۾ نماز پڙهڻ جائز ڪونهي جنهن ۾ سرڪار طرفان ڏيئي لاءِ تيل خريد ڪيو وڃي ٿو. ڇو ته جنهن پئسي سان تيل خريد ڪيو ويو آهي اهو غير قانوني ۽ ٺڳيءَ سان حاصل ڪيو ويو آهي، انهيءَ حرام جي ڪمائيءَ مان سلطان ٻئي کي به ٽُڪر ڏئي ٿو ته جيئن پيٽ ڀري خاموش رهي ”دهن سگ بلقمة دوختن. تنهنڪري غزالي رح چوي ٿو ته اهڙي حرام واري ڪمائيءَ مان ورتل تيل مان ٻرندڙ ڏيئي واري مسجد ۾ نماز پڙهڻ جائز ڪونهي. ان ڪري امام غزالي پنهنجي نموني زندگي گذارڻ چاهي ٿو. سلطان ۽ هن جا وزير کيس هر عهدو ڏيڻ لاءِ تيار هئا، پر هن ڪو نه قبوليو، اهو ئي مسئلو حافظ هن طرح فرمائي ٿو:

گرت هوا است که باخضر همنشين باشي،

نهان ز چشم سکندر چو آب حيوان باش.

جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته خضر جيڪو رستو ڏيکارڻ وارو رهبر آهي، ان جي ڀر ۾ ويهڻ چاهيو ٿا ۽ جيڪو توهان کي صحيح مقام تي وٺي وڃي سگهي ٿو ته پوءِ پاڻ کي سڪندر جي اک کان بچايو، جيئن آب حيات پاڻ لڪايو آهي. اهو عمدو شعر آهي. سڪندر آب حيات حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو پر ڪري نه سگهيو. هو حاصل ڪرڻ ويو جيتوڻيڪ خضر هن جي رهنمائي ڪئي، پر جڏهن هو اتي ويو ته پي ڪو نه سگهيو ۽ هو آب حيات حاصل نه ڪري سگهيو ۽ ٻي حالت ۾ رهنمائيءَ جي اميد نه رک. انهيءَ جو ڇا مطلب آهي؟ ان جو مطلب آهي ته اهڙي قسم جي زندگي جنهن ۾ توهان درٻار ۾ وڃو ٿا ڪوڙ ڳالهايو ٿا، سلطان کي خوش رکو ٿا ۽ سلطان کي پنهنجو ان داتا سمجهو ٿا پوءِ هڪ منٽ لاءِ به خضر جي پاسي ۾ نه رهو. ان مان مراد آهي ته اها اميد نه رکو ته بهتر زندگي بسر ڪندا يا پنهنجين اکين سان ”صراط مستقيم“ ڏسي سگهندا. اها ”صراط مستقيم“ گهڻو پري آهي. ”اين راهه تومي روي به ترکستان است“ اهڙي طرح انسان کي آزاد رهڻ گهرجي ته جيئن الله تعاليٰ جي عبادت ڪري سگهي. هو ٻئي ڪنهن جي خدمت جو پابند نه آهي. ان ڪري آخري نبيءَ جيڪو دين آندو، ان ۾ اڪراهه ڪونهي. هر ماڻهو الله تعاليٰ ڏانهن جوابدار آهي، هر مرد ۽ هر عورت الله تعاليٰ ڏانهن جوابدار آهن. ”مامريد ان خدايم، خدا رهبر ماست“ اهڙي طرح اڪراهه ۽ جبر کي ختم ڪيو ويو. اهڙي سماج جي تشڪيل ڏني وئي جيڪو هڪ منظم نظام تحت هلندو. جنهن ۾ اختلاف ۽ زبردستي نه هوندي. ان ۾ هر هڪ کي آزادي هوندي، هر ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان الله تعاليٰ جي عبادت ڪندو.

اڄڪلهه گهٽ ۾ گهٽ هڪ امريڪي سکڻو زبان سان ان پڌر نامي سان عهد ڪري ٿو، اهو پڌرنامو بلڪل ان الڪتاب ۽ نبي ﷺ جي فرمودات جو عڪس آهي، جنهن کي اسان بالڪل وساري ڇڏيو آهي. ان جو اڳي وجود نه هو. اهو فطري طرح به اڳي ٿي ڪو نه پئي سگهيو. آئون ته اهو به چوندس ته ان کي اڳي ظاهر ٿيڻ به نه گهرجي ها. ڇاڪاڻ ته انسان بتدريج اڳتي وڌيو آهي. جيڪو ننڍپڻ ۾ ممڪن ڪو نه هو، اهو بلوغت تي پهچڻ پوءِ ممڪن ٿي پيو. هاڻ انسان آزاد آهي جيئن مون چيو ته الله تعاليٰ هن کي آزادي ڏني آهي، ايتري حد تائين جو الله جي وجود جو انڪار ڪري سگهي ٿو. هن کي مجبور نٿو ڪري سگهجي، ”لااکراه في الدين“ پر توهان کي هرممڪن طريقي سان ان جي مٿان غالب ٿيڻو پوندو.

مهربان دوستوءَ! زندگيءَ جو اهوئي صحيح رستو آهي توهان ان کي ڇڏي نٿا سگهو. اهو توهان جو بنيادي حق ۽ فرض آهي ” يَاْمُرُوْنَ بِالْمَعْرُوْفِ وَيَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ“ جڏهن توهان ”بر رسولان بلاغ باشد دليل“ سان واسطو هيو، توهان ڪنهن کي زبردستي نٿا مڃائي سگهو. ڇاڪاڻ ته ايمان. عقيدي جو واسطو اندر سان آهي. اسان جا خيال آزاد آهن، انهن بند يا قيد نٿو ڪري سگهجي. توهان ٻاهران چرپر تي ته ضابطو ڪري سگهيو ٿا، پر عقيدي جو واسطو اندر سان آهي، تنهنڪري جبر جي ڪا به ضرورت ڪونهي. انسان پنهنجي مرضيءَ سان سوچي ٿو. هو توهان جي اڳيان چئي سگهي ٿو ته آئون يقين ڪريان ٿو پر ان چوڻ مان توهان کي ۽ هن کي ڪهڙو فائدو. پر هو جڏهن چاهيندو ته يقين ڪندو ورنه ٻئي ڪنهن نموني سان نه مڃيندو، تنهنڪري توهان انسان کي مجبور نٿا ڪري سگهو. توهان کي آزاد خطي ۾ آزاد ماڻهن جو سماج ٺاهڻو آهي. هر انسان الله جي عبادت پنهنجي آزاديءَ سان ڪري پوءِ به آمر رهي، يعني ”يامرون بالمعروف“ جو حڪم ڪري. جڏهن اهڙي سوسائٽي جڙندي ته پوءِ ان کي قرآن واري سوسائٽي سڏي سگهجي ٿو. اهڙي سوسائٽي فطرت ۽ قانون فطرت سان ميلاپ واري چئي سگهجي ٿي. ان منزل لاءِ توهان کي ذريعا ۽ رستا ڳولڻا پوندا ۽ اهي ذريعا محدود ڪونهن هر جڳهه، وقت ۽ مخصوص ماڻهن لاءِ اهو خاص امتيازي رستو آهي، جيڪو مناسب آهي، پر مقصد آهي ته قرآن جي بنيادي اصولن جي پوئواري ڪرڻ.

هاڻي اسين پبلڪ سرونٽ کان ٿورو هٽي ويا هئاسين. هن کي هڪ اهڙي ڪميونٽي ۽ عوام جي خدمت ڪرڻي آهي، جنهن ۾ هن کي صاف ذهن سان ڪم ڪرڻو آهي ته مون کي پگهار ملي ٿي ته انهن اصولن ۽ مقصدن تحت هڪ صاف سٿري عمدي سوسائٽيءَ خاطر انصاف قائم ڪريان. ڪمزور کي طاقتور ڪريان. جنهن سوسائٽيءَ ۾ عورت کي ڪمزور سمجهي ڪير تنگ نه ڪري ۽ نه ڪنهن غريب کي، جنهن وٽ پنج لوفر خدمت لاءِ هجن ان کي ڪير زير بار ڪري. جيئن حضرت ابوبڪر رضه فرمايو ته توهان ۾ ڪمزور منهنجي نظر ۾ ايستائين طاقتور آهي جيستائين آئون ان سان ٿيل زيادتيءَ جو تدارڪ نه ڪريان توهان ۾ طاقتور منهنجي لاءِ ڪمزور آهي جيستائين آئون هن کان اهو ڪجهه حاصل ڪريان جيڪو هن ڪمزور کان زبردستي کسي ورتو آهي، ان حد تائين حڪومت ۽ قانون هجي.

مون ان ڏينهن هتي چيو هو ته هاڻي دنيا ان نتيجي تي پهتي آهي سماج تي حڪمرانيءَ جو تازو فقط خانداني تصور آهي، هاڻي حڪمراني پراڻي تصور موجب نه پر هن تصور سان جنهن موجب هڪ خاندان جا معاملات هلائجن ٿا. جتي هر هڪ جي ضرورت خاص اصولن مطابق پوري ڪجي ٿي ۽ پوليس وارا فرائض به بجا آڻجن ٿا ته جيئن ڪو طاقتور ڪمزور کي زير بار نه ڪري. قرآن واري فلاحي رياست اها آهي جنهن ۾ ڪو ضرورت مند رهيل نه هجي. ڪو ماڻهو ڪنهن جي غلاميءَ هيٺ نه هجي، جيڪڏهن وڏو ٻار ننڍي ٻار کي ماري ٿو ته اها پيءُ جي ذميداري آهي ته گهر ۾ ضابطو رکي. ائين نه ٿئي جو وڏو ڇوڪرو ننڍن ٻارن کي ماري اهڙي ماحول کي پوليس رياست چئجي ٿو. ٻئي طرف فلاحي رياست معنيٰ ضرورتمندن بيمارن، بکايلن، اڻ پڙهيلن ۽ انگ اگهاڙن جي پرگهور لهڻ، جڏهن اهي سڀئي حالتون پيدا ٿين ٿيون ته پوءِ مسلمانن جود سياسي سماج وجود ۾ اچي ٿو. جيڪڏهن ڪو به ان نظريي سان اتفاق نٿو ڪري ته پوءِ اهو سڀ ڪوڙ آهي.

اهو آهي پبلڪ سرونٽ جو تصور! پر اڄڪلهه توهان جا پبلڪ سرونٽ ڪهڙا آهن؟ اهي سياسي ميدان ۾ اڏوهيءَ جيان آهن. توهان جو پوليس وارو ڇا پيو ڪري؟ پليڊر ڇا پيو ڪري؟ ڇا هو انصاف جي ڳالهه ڪري پيو. هو ڪيئن نه شروعات کان ئي ڪوشش ڪري ٿو ته انصاف نه ملي، پوليس وارو ڇا آهي؟ هو فقط ڏاڍو بنجي ڪمزور تي حڪمراني ڪري ٿو. توهان ۾ ڪو آهي جيڪو چوي ته آئون پبلڪ سرونٽ آهيان! ان حد تائين سوسائٽي بگڙي وئي آهي، ڇا اسين دنيا کي منهن ڏيکارڻ جي قابل آهيون، ته اسين انسان آهيون، اها شرم جهڙي ڳالهه آهي جو اسان پنهنجو چهرو پاڻ کي ڏيکاري نٿا سگهون. اسان چوري ٺڳي، لالچ ۽ ٻي ڪا برائي ڇڏي آهي! اها آهي اسان جي ۽ اسان جي پبلڪ سرونٽ جي حالت!

ڏسو، اهو خدمت جو لفظ ڪٿان شروع ٿيو ۽ ڪنهن اهو خوبصورت ۽ عمدو لفظ ڏنو. ڪنهن پبلڪ ۽ خاندان جو تصور ڏنو، جنهن ۾ حڪمراني ڪونهي. ڪو ظل الاهي ڪونهي. هن چيو ته جيڪڏهن آئون غلط ڪم ڪريان ته مون کي لٽڪايو، جيتوڻيڪ توهان مون کي پنهنجو مئنيجر مقرر ڪيو آهي. پر جيڪڏهن آئون غلطي ڪريان ته توهان منهنجي مدد نه ڪجو. اهو ڪير هو؟ توهان ۽ آئون پاڻ کي مسلمان سڏايون ٿا. ڇا توهان پاڻ لاءِ اهو آئين جوڙيو آهي، جيئن قرآن شريف حڪم ڏنو آهي. هتي آئون ان ذات جو قسم کڻان ٿو، جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي ته هن دنيا ۾ ڪو اهڙو ملڪ نه آهي، جيڪو توهان جي اڳيان گوڏا نه ٽيڪي. جيئن مون توهان کي ٻڌايو ته جڏهن هڪ ايماندار، سچار، عزت وارو عظيم انسان هن دنيا ۾ اچي ٿو ته ان جي مدد ڪرڻ کان ڪير ڪيٻائيندو، پر پهرين اهڙا انسان ٿيو. اڄ اسين پنهنجو منهن ڪنهن کي ڏيکارڻ جي لائق به ڪو نه آهيون ۽ ان قابل نه آهيون ته ماڻهن جي مجمعي کي عمدي ڳالهه ٻڌايون جيڪي اڌ ٺڳ آهن ۽ پوءِ اهي ڇو نه امريڪي يا انگريز هجن.

اهي احمق! جن صحيح نموني انهن ذريعن کي متعارف نه ڪرايو آهي، جتان انهن گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. اهي امريڪي، جرمن، فرنچ ۽ انگريز سڀئي ڪوڙا ۽ حقيقت کي لڪائڻ وارا آهن. انهن تاريخ ۽ ماخذن کي ٽوڙي موڙي ڪوڙي تاريخ پيش ڪئي آهي. ان شخصيت جنهن هنن کي روشني ڏني، ان بابت انهن سڄي دنيا کي پنج صديون اونداهيءَ ۾ رکيو ۽ اڃا تائين پاڻ کي شريف انسان سڏائن ٿا. جيڪڏهن توهان ڄاڻو ها ته توهان جو مرتبو ڇا هو. توهان سڀ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تاريخ ۽ مذهب سکڻ وڃو ها. توهان سڄو ڏينهن ٺڳيءَ ۽ غير انساني ڪمن ۾ زندگي ضايع ڪريو پيا. ڇا اسين الله تعاليٰ کي پنهنجي  منهن ڏيکارڻ جي قابل آهيون.

توهان اندر ۾ جهاتي پائي ڏسو، پاڻ کان حساب وٺو! پريميئر، پريزيڊنٽ، پوليس، پبلڪ سرونٽ، پبلسٽي، پروپئگنڊا، اهي سڀ ”پي“ وارا لفظ آهن، پر پرنسپل (اصول) جي باري ۾ نٿا ڄاڻو. آئون توهان کي شيڪسپيئر جي ڪتاب ”رچرڊ دي سيڪنڊ“ جون چند سٽون ٻڌايان ٿو. جنهن ۾ ٻه قاتل ”ضمير“ جي باري ۾ ڳالهائن ٿا. توهان مان اهو ڊرامو ڪن پڙهيو آهي ۽ جن نه پڙهيو آهي، انهن کي چوندس ته اهو پڙهو. توهان کي ان مان چڱي نصيحت حاصل ٿيندي. اهي قاتل چون ٿا ته ان ضمير کي شهر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏجي، اهو فضول بي وقوفي جهڙي شيءِ آهي، جيڪو اسان کي ڪو به ڪم ڪرڻ نٿو ڏي.

حضرات! اڄ جو عنوان پبلڪ سرونٽ هو، ڪوشش ڪري پاڻ کي پبلڪ سرونٽ بنايو. ڪوشش ڪري اهو محسوس ڪريو ته پهريون سرونٽ ڪير هو، جنهن توهان کي الله ۽ ڪائنات جو سرونٽ بنايو. الله تعاليٰ جو خادم ٿيڻ اهو توهان لاءِ ننڍو اعزاز آهي ڇا! اهو خان بهادر يا سي آءِ اي يا ڪي سي آءِ کان وڏو اعزاز نه آهي! الله تعاليٰ جو خادم عباد الله ٿيڻ تمام وڏي ڳالهه آهي، جيڪو توهان نٿا سمجهي سگهو. اهو خان بهادر وارو لقب ڪونهي. اهو بلڪل مختلف اعزاز آهي. جڏهن توهان اهو ٿيندا ته پوءِ توهان کي معلوم ٿيندو ته ان جي معنيٰ ڇا آهي. اهي بادشاهي لقب عوام سان ٺڳي ڪري حاصل ڪريو ٿا، پر عبدالله عوام جي خدمت ڪري حاصل ڪريو ٿا. الله جي عبادت ڪريو. ماڻهن جي خدمت ڪريو پر سڀ کان پهرين پاڻ خدمت ڪريو. اها وڏي بد ديانتي آهي جو توهان پنهنجو پاڻ کي وساري ڇڏيو آهي. الله تعاليٰ ڪيتريون شيون خلقي ڇڏيون آهن، هو فقط هڪ منٽ ۾ لکين شيون پيدا ڪري سگهي ٿو. ”فاذا اراد شيئا ان يقول لہ کن فيکون“ جڏهن الله تعاليٰ ڪا شيءِ ٺاهڻ تي اچي ٿو ته چوي ٿو ته ٿي وڃ ته اها ٿي پوي ٿي. اها ئي طاقت آهي، جنهن کي اسان خدا چئون ٿا. توهان ڪڏهن فلڪياتي اعتبار سان سوچيو آهي ته توهان جي مٿان ڇا آهي. ويجهي ۾ ويجهو تارو به چار نوري سال پري آهي. روشني هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ لک ڇهاسي هزار ميل سفر ڪري ٿي. هاڻي حساب لڳايو ته اهو تارو ڪيترو پري آهي ۽ ان کان تمام پري واري ڪائنات ۽ ان طاقت بابت سوچيو، جيڪا سڀني تي مالڪ جي حيثيت رکي ٿي.

هاڻي خان بهادر ۽ ڪي سي آءِ اي، ان عظيم هستيءَ جي خادم ٿيڻ کان وڌيڪ ڪونهن. ان باري ۾ ٿورو خاموش ٿي هڪ گهڙيءَ لاءِ سوچيو. ٿوري نظر مٿي ڪريو. اسين جانور ڪو نه آهيون جو رانڀاٽ ڪريون. الله اسان کي سڌي جسم سان ٻه اکيون ڏنيون آهن ته انهن تارن ۽ ڪائنات کي ڏسون ته ڪيئن تخليق ٿيل آهن. ڪهڙي قسم جي ڪائنات تي هو حڪمراني ڪري ٿو. اها ڪهڙي ڪائنات آهي جيڪا توهان نٿا سمجهي سگهو. اکيون ۽ ڪن اها ڪائنات نٿا ڏسي سگهن. اهو فقط ان جو ظاهري ڏيک آهي پر ڏسڻ ان کان پري آهي.

ستاروں سے آگے جہاں اور بھی ہے

 

انسان جو مقدر ته الله تعاليٰ کي ڏسڻ آهي، هيءَ پبلڪ سرونٽ ۽ پوئلڳ سڀ اجايون شيون آهن، جيڪي غور ۽ فڪر ڪندا ته ڏسندا ته انسان جي اڳيان بهترين مقدر آهي. ليڪن انسان ان لاءِ نٿو سوچي ۽ نه ئي حاصل ڪري ٿو،. هو پنهنجو سمورو وقت بيوقوفانه ڳالهين ۾ ضايع ڪري ٿو. انسان انهن ڳالهين لاءِ پيدا ڪو نه ڪيو ويو آهي. سندس مقدر ٻيو آهي، جيڪو کيس محسوس ڪرڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org