هاڻي آءٌ جنهن ڳالهه جو ذڪر ڪندس ۽ جيڪا ڪيترن
سالن کان اسان کي معلوم آهي، اها آهي ته روشني
جيڪا سالن کان لهرن جي صورت ۾ سفر ڪري ٿي. اهڙي
طرح آواز به لهرن جي صورت ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ
پهچندو رهي ٿو. الله تعاليٰ انسان کي اهي ٻه حواس
ڏنا آهن جن جي ذريعي هو هر شيءِ معلوم ڪري سگهي
ٿو. ٻي حالت ۾ هو ڪجهه به معلوم نٿو ڪري سگهي. هو
فقط هڪ جيت وانگي شين کي ڇهندو رهندو. اهي ٻه حواس
ئي فطرت جي معلومات جو ذريعو آهن. انهن جي اها
خصوصيت آهي جو اڪثر توهان کي سوچڻ طرف متوجهه ڪن
ٿا ۽ توهان کي سوچڻ لاءِ اڀاريندا رهن ٿا. اهڙي
طرح زندگي مان مراد آهي سوچ، سماعت ۽ بصيرت!
هاڻي آواز ۽ نظر ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ هڪڙو خاص فرق آهي
آواز جون لهرون ڪنهن مادي جي ذريعي پهچن ٿيون جڏهن
ته روشني جون لهرون خلا مان پڻ گذري سگهن ٿيون
يعني مادي کانسواءِ پڻ روشني پهچي سگهي ٿي. هينئر
آءٌ توهان سان ڳالهايان پيو ته آواز سڀني طرفن ۾
وڃي پيو ۽ توهان به ٻڌو پيا ۽ اهو لهرن جي تحرڪ
ذريعي پهچي پيو. آواز سڌي ليڪ ۾ نٿو هلي سگهي. اهو
پاڻيءَ جي لهرن وانگي تحرڪ ۾ هوندو آهي. جيئن پاڻي
وهڪري سان هلي ٿو تيئن آواز پڻ مادي جي معرفت هلي
ٿو. ائين کڻي چئجي ته هوا جيڪا توهان جي ۽ منهنجي
وچ ۾ آهي اهو مادو آهي جيڪو تمام نازڪ صورت ۾ آهي.
هاڻي مثال طور جيڪڏهن توهان جي وچ ۾ ۽ منهنجي وچ ۾
هوا بلڪل ڪڍي ڇڏجي ۽ وچ ۾ بلڪل خال ٿي وڃي ته ڇا
منهنجو آواز توهان ٻڌي سگهندا؟ آءٌ ڪيڏو به وڏي
آواز ۾ ڳالهائيندس پر توهان ٻڌي ڪونه سگهندا.
هاڻي توهان بخوبي واقف آهيو ته اسان مختلف نمونن ۾
بتدريج ارتقا ڪري اتي پهتا آهيون. حقيقت ۾ ارتقا
اسان کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تحرڪ ۾ آندو آهي. اسان
جا حواس پڻ بتدريج ارتقا ڪري رهيا آهن. ڪو زمانو
هو جو اسان وٽ فقط هڪ ڇهڻ وارو حواس هو ٻيو ڪو
حواس ڪونه هو. ٻڌڻ جو حواس تمام دير سان آيو پر
ڏسڻ جو حواس ان کان به دير سان ارتقا پذير ٿيو.
شروع ۾ زنده جيوت ۾ ڏسڻ جو حواس ڪونه هو. توهان
ڏٺو آهي ته اڄ به ڪتيءَ جا ننڍا ٻچا ڄمڻ کان نو
ڏينهن پوءِ اکيون کولين ٿا. اهڙي طرح ڪا شيءِ
هميشه ترقي ڪندي ۽ تبديل ٿيندي رهي ٿي. انهيءَ
تبديلي جي عمل کي ڪايا پلٽ چئجي ٿو. هر شيءِ
پنهنجي هيئت تبديل ڪري وري ٻي صورت ۾ قائم رهي ٿي.
حقيقت ۾ ڪا شيءِ فنا نٿي ٿئي. جيئن ميڻ بتيءَ جي
ٻرڻ سان ڪابه شيءِ ضايع نٿي ٿئي. ميڻ بتيءَ ۾ جيڪي
جزا هئا اهي فقط بناوت تبديل ڪن ٿا. ساڳي طرح ائٽم
ڀڄي ٿو ته ائٽمي توانائي نڪري ٿي. ائٽم ايترن
ننڍڙن ذرن جا ٺهيل آهن جيڪي موجوده طبعي اکين سان
نٿا ڏسي سگهجن. پر جڏهن اهي ننڍڙا ائٽم ٽٽي پون ٿا
ته ڇا ٿو ٿئي؟ ان مان ايتري توانائي نڪري ٿي جيڪا
پوري يورپ کي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿي.
هاڻي اها حقيقت ڇا آهي؟ شروع ۾ اها خبر ڪونه هئي
ته ائٽم ڪيئن ٽوڙجي پر جڏهن انهن کي خبر پئي ته
ائٽم کي ڪيئن ٽوڙجي ۽ هنن اهو معلوم ڪيو ته ائٽم
ڪجهه به نه آهي پر پروٽان
(Proton)
۽ هڪ يا ٻه يا ٽي يا ان کان وڌيڪ اليڪٽران ان جي
چوگرد چڪر ڪاٽين ٿا، اهو ڄڻڪ سج وانگي آهي، جنهن
جي چوڌاري چنڊ ۽ سيارا گردش ڪندا رهن ٿا. ان مان
ظاهر ٿئي ٿو ته سج جو شمسي نظام جنهن جي ائٽم ۾
نمائندگي آهي ان ۾ هڪ پروٽان سج آهي جيڪو مرڪزي
نيوڪلس
(Necleus)
جي جاءِ والاري ٿو ۽ ننڍڙا اليڪٽرانس
(Electrons)
سيارن وانگي ان جي چوڌاري گردش ڪندا رهن ٿا ۽
سمجهو ته اهي ان جا جزا آهن جيڪي توهان ڏسي يا ڇهي
نٿا سگهو. اهي تمام ننڍڙا تصوراتي توانائي جا نشان
آهن جن کي اسين اليڪٽرانس چئون ٿا. اهي پروٽان جي
چوگرد گردش ڪندا رهن ٿا اهڙيءَ طرح هئڊروجن ۽ ائٽم
جي بناوت آهي. توهان کي اهو به ٻڌايو ويو ته
ڪاربان ائٽم ۾ ڇهه اليڪٽرانس آهن جيڪي پروٽان
نيوڪلس جي چوڌاري گردش ڪن ٿا. ڪن ائٽمن ۾ هڪ
الڪٽران هڪ پروٽان جي چوڌاري آهي ۽ ڪن ۾ 19
اليڪٽران پروٽان نيوڪلس جي چوڌاري آهن. اهڙي طرح
اهو سلسلو جاري رهي ٿو.
تنهنڪري ماهر طبعيات هن ڪائنات ۾ حياتي جو وجود
نظر نه ايندڙ هڪ تمام ننڍڙي جزي ائٽم سان سمجهي
ٿو. هن اهو معلوم ڪيو آهي ته ائٽم جي ختم ٿيڻ سان
حقيقي مادي جي اعتبار سان ڪجهه به ضايع نٿو ٿئي.
جيڪڏهن توهان اليڪٽران کي هڪ سسٽم کان الڳ ڪري
ڇڏيندا ته اهو وري ٻئي سسٽم ۾ داخل ٿي ويندو ۽
پنهنجون خصوصيتون تبديل ڪري ڇڏيندو. ليڪن فقط هڪ
اليڪٽران جي وڌيڪ هئڻ ڪري سڄي ائٽم جي خصوصيت
تبديل ٿي ويندي. اهو مختلف قسم جو ائٽم هوندو پر
ڪجهه به ضايع نٿو ٿئي. اها فقط ڪايا پلٽ يعني
بناوٽ جي تبديلي ٿئي ٿي.
حياتيءَ جو اهو خصوصي لقاءُ بلڪل هيٺئين سطح تي
اسان کي ان ريت معلوم آهي، پر ان کان اڳتي يعني
ائٽم کان اڳتي ڏسڻ لاءِ اسان وٽ نه اکيون آهن، نه
حواس، نه اوزار آهن ۽ نه خوردبيني آهي. اسين ان کي
ڏسي نٿا سگهون پر وجداني طور محسوس ڪريون ٿا ته ڪو
لطيف مادو آهي جيڪو ان جو مرڪز آهي جنهن مان هيءَ
سڀ ڪجهه نڪتو آهي يا ظاهر ٿيو آهي. ان مان ظاهر
ٿئي ٿو ته اعليٰ سطح تي ڪايا پلٽ جاري آهي. تازو
اسان کي معلوم ٿيو آهي ته ائٽم کي اڃان به وڌيڪ
ننڍڙن ذرڙن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. سوال آهي ته ڇا
ائٽم زنده رهي ٿو؟ ڀلا اهو ان کان ٻيءَ حالت ۾
ڪيئن ٿو رهي سگهي. جيڪڏهن توهان آمريڪي بحري ٻيڙي
کي هڪ هئڊروجن ائٽم سان ختم ڪري سگهو ٿا ته پوءِ
اهو زنده ائٽم ئي چئبو! ائٽم اهو عمل تڏهن شروع
ڪري ٿو جڏهن اهو خود ٽٽي پوي ٿو يا جڏهن غصي ۾ اچي
ٿو. جڏهن ائٽم جمود ۾ هوندو آهي ته معصوم وجود طور
محسوس ٿيندو آهي، پر جڏهن توهان ان کي ٽوڙيو ٿا ته
غصي ۾ اچي امريڪي ٻيڙو تباهه ڪريو ڇڏي ٿو.
اهڙي طرح اهو سلسلو جاري رهي ٿو، جڏهن توهان خليه
(Cell)
تائين پهچو ٿا توهان چئو ٿا ته خليه حياتيءَ جو
ننڍي ۾ ننڍو ڀاڱو يا يونٽ آهي.
اهو هڪ اهڙي زنده شيءِ آهي جنهن ۾ ائٽم کان مختلف
خصوصيتون آهن هن ۾ نيوڪليئر پروٽان جي بدلي مختلف
نيوڪليس آهن ۽ اليڪٽران جي بدلي ان ۾ چوڌاري
پروٽوپلازم
(Protoplasm)
آهي. اهڙي طرح پروٽوپلازم ۽ نيوڪليس گڏجي ننڍڙو
سيل ٺاهين ٿا جيڪو زنده آهي.
توهان کي سيل جون خصوصيتون ٻڌايون ويون ته هن ۾
ٻاهرين مادي کي جذب ڪرڻ، حياتي کي قائم رکڻ، وڌڻ ۽
وري پيدا ڪرڻ واريون خصوصيتون آهن. ان کان علاوه
ٻيون خصوصيتون جيڪي ان جون چئي سگهجن ٿيون. اهي
آهن، تحرڪ تي ان جو جواب ڏيڻ، رد عمل ۽ ختم ٿي
وڃڻ. اهي جسم جي سيل جون خصوصيتون آهن. توهان ٿورو
تحرڪ وٺندا ته جسم ان تي يڪدم رد عمل ڏيکاريندو.
پر توهان بار بار اهو عمل ورجائيندا رهندا ته ٿڪي
پوندا ۽ اهو عمل بند ٿي ويندو. اها به سيل جي
خصوصيت آهي. اهي سيل جون خصوصيتون آهن، جن جو اسان
مشاهدو ڪريون ٿا. پر اهو تمام هيٺئين سطح وارو
زنده مادو آهي جنهن کي توهان مشڪل سان زندگي چئي
سگهو ٿا. مطلب اهو نباتاتي حيثيت نٿو رکي ۽ نه وري
کيس حيواني چئي سگهجي ٿو ۽ نه ڪا ٻي شيءِ آهي.
جيتوڻيڪ اها ننڍڙي شيءِ آهي پر سڄي زنده دنيا،
حيوان، ٻوٽا ۽ هر شيءِ ان سان قائم آهي. اهو
بنيادي ايڪو يا يونٽ سيل آهي، جنهن کي قرآن ۾ نطفو
چيو ويو آهي. ان سيل مان زندگي شروع ٿئي ٿي. ان
مان اسان جو وجود عمل ۾ آيو آهي ۽ اسين وڌي ويجهي
رهيا آهيون.
هاڻي سوال آهي ته ڇا اها ارتقا ختم ٿي چڪي آهي؟
اسان ڏٺو ته ارتقا ائٽم وٽان شروع ٿي اڳتي وڌي.
علم طبعي جا ماهر ان جي مطالعي ۾ مصروف آهن.
ڪيميادان ڪيميائي عمل ۾ مصروف آهن ۽ حياتيات وارا
سيل جي حياتياتي عمل ۾ محو آهن. اهڙيءَ طرح نفسيات
جا ماهر اسان کي سوچ ۽ فڪر بابت ٻڌائين ٿا. اصل ۾
بنيادي نقطو آهي زنده رهڻ جي خواهش هجڻ.
هاڻي انهي سڄي نظام جي هڪ تاريخ آهي جنهن کي بيان
ڪرڻ ۽ سمجهڻ گهرجي. پر ڪنهن به اڃان تائين اهو نه
سمجهيو آهي ته
(Will)
يا دل جي خواهش ڇا آهي. ڪنهن کي به اها خبر نه آهي
ته سوچ ۽ خيال ڇا آهي ان کي سمجهڻ لاءِ سوين ڪتاب
لکيا ويا آهن. اها معلومات جيڪا انسان حاصل ڪئي
آهي اهو فقط سمنڊ جو هڪ قطرو آهي. حقيقت ۾ انسان
انهيءَ طبعي ائٽم کان وٺي انساني يعني مرد ۽ عورت
واري ائٽم جو مطالعو ڪري رهيو آهي ته اهي
سوسائٽيءَ ۾ ڪيئن برتاءُ ڪن پيا. هو اڪيلي زندگي ۾
ڪيئن هلت هلي ٿو ۽ سرڪار وٽ ڪيئن ورتاءُ ڪري ٿو.
حقيقت ۾ اهو ڇا ٿو ڪري ۽ ان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان
ننڍڙي ائٽم جي مطالعي سان انسان وري پنهنجا خيال ۽
محسوسات شروع ڪري ٿو پر جيئن مون چيو ته انسان اهو
علم ٻن حواسن، اکين ۽ ڪنن سان حاصل ڪيو آهي. ڪَنَ
مادي سان پابند آهن ڇاڪاڻ ته آواز ان کانسواءِ ٻئي
تائين پهچي نٿو سگهي ۽ اکيون وري
(Ether)
روشنيءَ جي لهرن سان منسلڪ آهن. اهي انهن روشنيءَ
جي لهرن کان سواءِ ڪجهه به نٿيون ڏسي سگهن. جيڪڏهن
اک مان
(Retina)
اک جي آرسي ڪڍي ڇڏيو ته ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو.
تنهنڪري ٿورو گهڻو جيڪي ڪجهه سمجهي ۽ ڏسي سگهجي ٿو
اهو انهن ٻن حواسن جي ڪري آهي جن پڻ وقت اندر
ارتقا حاصل ڪئي آهي.
مون توهان کي ان ڏينهن چيو هو ته جڏهن آءٌ پاڻ کي
هڪ جيت محسوس ڪريان ٿو، تڏهن مون وٽ ڇهڻ کانسواءِ
ٻيو حواس ڪونهي. مون کي جنهن به ڇهيو مون ان کي
موٽ ڏني. مون لاءِ زندگي جي ٻي ڪا معنيٰ ڪونه هئي.
مون لاءِ هڪ عجيب جيت وانگي مٽيءَ جي ذرڙن کي کائي
زنده رهڻ ممڪن هو. ان کانسواءِ ٻيو ڪو حواس ڪونه
هو. هاڻي مون کي اکين ۽ ڪنن تي ڪيڏو فخر آهي جيڪي
اڃا به جڳهه يا مڪان
(Space)
جي حدن جا پائبند آهن. اسين وقت ۽ مڪان کان جدا
نٿا ٿي سگهون. اکيون روشنيءَ کانسواءِ نٿيون ڏسي
سگهن ۽ روشني وري سج ۽ نظام شمسيءَ تي مدار رکي
ٿي. اسين گرهن کي سندن اصلي روپ ۾ نٿا ڏسي سگهون.
اسين انهن کي ننڍڙن نقطن وانگي ڏسون ٿا ۽ اهو سڄو
نظام اسان لاءِ هڪ راز آهي ڇاڪاڻ ته هي اکيون ان
کان وڌيڪ نٿيون ڏسي سگهن. اسين فقط ڄاتل معلومات
سان عقلي دليل شروع ڪريون ٿا. اهو گرهه ايترو ننڍو
نٿو ٿي سگهي ڇو ته اهو تمام پري آهي. توهان لغڙ نه
ڏسندا آهيو جيڪو ٻار اڏائيندا آهن جيڪو هيٺ وڏو
ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ مٿي ننڍڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
توهان اهو سياره نٿا ڏسو جيڪو سيٽ لائيٽ جي ذريعي
مٿي موڪليو ويو آهي اهو هيٺ تمام وڏو هو ۽ مٿي
تمام ننڍڙو ٿي پيو. مشتري
(Jupitor)
جيڪو لکين ميل پري آهي ننڍڙو سيارو نٿو ٿي سگهي.
هاڻي جيڪي حقيقتون حواس نٿا ٻڌائي سگهن اهي دماغ
پنهنجي عمل سان ٻڌائڻ چاهي ٿو. پوءِ اسان کي اکين
۽ ڪنن تي ڀروسو نٿو رهي. اچو ته انهن حواسن کان
مٿي اعليٰ حواسن واري روشني حاصل ڪريون جيڪا اسان
کي وڌيڪ حقيقت واري معلومات فراهم ڪري سگهي ٿي.
موجوده معلومات هڪ اسڪولي ٻار وانگي جيڪو فقط اهو
سوچي ٿو ته آسمان جي ڪاري چادر ۾ اهي اڇا نشان آهن
پر اهو حقيقت ۾ ائين ڪونهي. الله ڄاڻي ٿو ته اها
ڪهڙي قسم جي ڪائنات آهي. رڳو ٽيڙوءَ جا تارا جيڪي
توهان رات جو آسمان ۾ ڏسو ٿا اهي ٻن کان ٽي سئو
دفعا توهان جي تارن کان وڏا آهن. هاڻي تصور ڪريو
ته ان تاري جو ڏيل ڪيترو هوندو ۽ ان ڪائنات جي ماپ
ڪيتري هوندي. تنهنڪري هنن اکين سان ڪابه شيءِ چٽي
طرح ڏسي نٿا سگهون. اسين اکين جي باوجود اونداهي
جڳهه ۾ قيد آهيون جتي ڪابه شيءِ ڏسي نٿا سگهون.
مون هتي اچڻ کان ٿورو اڳ لطيف جون هي ٻه سٽون
ڏٺيون:
اوريائين آڻين، ميڙيو معلم خبرون،
سا تان سڌ نه ڏين ،جتي وِهُ وِيڌ ڪري.
هو ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته:
اهکي راهه الله جي، اهکي، اهکي ڀت،
هو جي ڏهائي ڏيهه جا، تن پڻ منجهي مت،
اڇاران ابت، گهڙج گهاٽي نينهن سين.
جيڪڏهن توهان ڪجهه روشني حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته
قدرتي علم ۽ محبت سان شين ڏانهن راغب ٿيو. توهان
کي ان روشني لاءِ گهري محبت جي ضرورت آهي. جنهن کي
دلي خواهش
(Will)
چئجي ٿو.
جيئن هڪ فارسي شاعر چيو آهي ته:
رهروان را عشق بس باشد دليل
يعني
راهه جي پانڌيئڙن لاءِ عشق ئي رهنما ۽ رهبر آهي.
تنهنڪري موت کان پوءِ واري حياتي بلڪل ٺيڪ آهي پر
موت کان اڳ واري حياتيءَ بابت ڇا ٿا ڄاڻو. اسان
حياتي کي کائڻ ۽ نسل پيدا ڪرڻ کان وڌيڪ ڪجهه نٿا
ڄاڻون. ڪجهه وقت کان پوءِ هليا وڃون ٿا جيئن
شيڪسپيئر چوي ٿو ته انسان ننڊ مان اٿي ٿو ۽ ننڊ
ڏانهن وڃي ٿو ڪنهن کي به خبر ڪونهي ته ڪيئن آيو ۽
ڪيڏانهن ويو. اها ئي اسان جي زندگي آهي.
هڪ آمريڪي فطرت پسند مصنف ٿوريو
(Thoreau)
هڪ مخصوص جملو ڳالهائيندو هو. هو چوندو هو ته مون
زندگيءَ کي زندگي سمجهي گذاريو. زنده رهڻ ڏاڍو
پيارو آهي، تنهن ڪري آءٌ زنده رهڻ کانسواءِ ٻي
ڪنهن ڳالهه جو نٿو سوچي سگهان. هاڻي اهي الفاظ
سمجهو ٿا ته اهي ڇا آهن. خدا ٿو ڄاڻي ته اسان
زندگي گذاريون پيا يا خلا ۾ گذاريون پيا. ان جي
معنيٰ اها آهي ته جيڪا زندگي اسين گذاريون پيا اها
حرف آخر ڪونهي جيئن ائٽم ۽ سيل حرف آخر نه آهن.
ارتقا جا وڌيڪ اقدار اڃان اڳتي آهن. اها پڄاڻي
ڪونهي. جيئن ميڻ بتيءَ جي ٻرڻ سان ڪجهه ضايع نٿو
ٿئي. زندگيءَ جي ڪا شيءِ قائم رهي ٿي، جيڪا هن
زندگيءَ جي ارتقا کي اڳتي مڪمل ڪندي.
اسان جيڪو نٿا سمجهون سو اهو آهي ته هيءَ زندگي
آخري ڏاڪو ڪونهي جتي اسين پهتا آهيون. اڃان
زندگيءَ کي اڳتي هلڻو آهي ۽ ان ۾ ساڳي قدرتي علامت
آهي جيڪا ائٽم ۾ آهي جيڪو ٽٽڻ کانپوءِ جمودي حالت
جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ توانائي ڏيکاري ٿو. ائٽم مقناطيسي
سسٽم ۾ وڌيڪ توانائي پيدا ڪري ٿو بنسبت جڏهن اهو
زمين تي پروٽان جي چوڌاري اليڪٽران جي صورت ۾ چڪر
ڪاٽيندو رهي ٿو. هاڻي موت مان مراد آهي ته انسان
جيڪو نامڪمل آهي فنا ٿيو وڃي. پر ڇا اهو ممڪن
ڪونهي ته هن جسم جا ڪجهه اقدار اڳتي ارتقا ڪن. اهو
ڪهڙو قدر آهي جنهن جي حقيقت جي باري ۾ اسان رڳو
اندازو لڳائي سگهون ٿا پر اهو ثابت نٿا ڪري سگهون
ڇو ته ثبوت لاءِ بحث ۽ الفاظن جي ضرورت آهي.
تنهنڪري تجزياتي طريقي سان ان حقيقت تي نٿا پهچي
سگهون جيڪا اسان کي مرڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿي.
اسان ان کي ڏسي به نٿا سگهون. اسان ان جو تجزيو
ڪونه ڪيو آهي. اصل مسئلو اهو آهي جو ڪوبه مسافر
اتان موٽي ڪابه معلومات نٿو آڻي. تنهنڪري ان کي
معلوم ڪرڻ لاءِ رڳو اهي قانوني اصول ئي وڃي بچن
ٿا، جن ذريعي اهو معلوم ٿيو آهي ته ائٽم يا ان کان
اعليٰ ٻي ڪا به شيءِ ضايع نٿي ٿئي جڏهن اهو ٽٽي
پوي ٿو.
اها فقط وڏي تبديلي يا هڪ قسم جي ڪايا پلٽ آهي پر
مڪمل فنا ڪونهي. منهنجو مطلب آهي ته ڪنهن شيءِ جو
مڪمل خاتمو نٿو ٿئي. مادي کي به سانڍي سگهجي ٿو
بلڪه توانائي به سانڍي سگهجي ٿي. تنهنڪري هن
ڪائنات ۾ ڪجهه به ضايع نٿو ٿئي. هتي فقط بناوت ۾
تبديلي اچي ٿي ۽ اها تبديلي وڌيڪ ارتقا خاطر اچي
ٿي. پر ڇاڪاڻ ته حياتيءَ جا اقدار خود اظهار نٿا
ڪن. هوڏانهن ڪا شيءِ ارتقا ڪندي رهي ٿي ۽ انهن
اقدارن جي سڃاڻپ ڪندي رهي ٿي جنهن کي اسان اڃان
واضح طور معلوم نٿا ڪري سگهون.
هاڻي اسان ۾ ڪجهه اهڙا انسان آهن جيئن مون ان
ڏينهن چيو هو ته هو گهڻن کان گهڻو وڌيڪ ڄاڻن ٿا،
جيڪي اسان کي مخصوص ۽ منفرد انداز سان روشني ڏئي
سگهن ٿا. اسان کي ٿورو اشارو ڏئي سگهن ٿا ته هيئن
ڪرڻ سان هيئن ٿيندو ۽ هن طرح سان اسين اڳتي وڌي
سگهنداسين. اسان ۾ ڪجهه اهڙا آهن جن کي قدرتي علم
جي کڙڪ آهي ۽ اهي اسان کي ڏس ڏئي سگهن ٿا. اسان
انهن کي نبي، اولياءُ الله ۽ وڏو عالم سڏي سگهون
ٿا. پر هتي ڪجهه اهڙا فرد آهن جن هن زندگيءَ جي
ڪجهه حقيقتن جا تجربا ڪيا آهن ۽ اسان کي ڪجهه
اشارا ڏنا آهن ته هن طرح زندگي گذارڻ سان اها وڌيڪ
اوسر ڪندي، تنهنڪري هيءُ رستو اختيار ڪريو جنهن کي
سائنسي ٻولي ۾ فطري رستو
(Orthogenic line)
چئجي ٿو ۽ قرآني ٻوليءَ ۾ صراط المستقم چئجي ٿو.
اهو طريقو يا رستو پيدائش سان گڏ ترقي ڪري پيو.
اهو پاڻ کي نه تنزل ڏانهن موٽائي ٿو ۽ نه ئي فنا
ٿئي ٿو.
هاڻي اهي حضرات جن فطري رستي سان گڏ ڪجهه اشارا
ڏنا آهن ته جيڪڏهن هن رستي تي هلندا ته توهان کي
روحاني روشني حاصل ٿيندي ۽ يقين سان معلوم ٿي
ويندو ته توهان جي جوڙجڪ هن طرف ٿيندي، پوءِ توهان
مطمئن ٿي ويندا ۽ ان اطمينان واري ڪيفيت کي مختلف
نالن سان سڏيو ويو آهي. ڪي ان کي نروان، ڪي
ڇوٽڪارو
(Salvation)
۽ ڪي ان کي ”موتوا قبل انت موتوا“ سڏين ٿا. جڏهن
اها ڪيفيت ايندي ته جهالت، انڌيرو ۽ شڪ شبهو ختم
ٿي ويندو ته توهان سڪون، روشني ۽ سمجهه محسوس
ڪندا. توهان کي معلوم ٿي ويندو ته ڪيڏانهن وڃو
پيا. ان لاءِ توهان جي خواهش ۽ ڪوشش هوندي ته اها
جلد کان جلد حاصل ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته هيءَ زندگيءَ
جيئن آهي اها ان جي وضاحت نٿي ڪري سگهي.
انسان کائڻ پيئڻ ۽ ٻارن ڄڻڻ کانپوءِ قبر ۾ وڃڻ
لاءِ پيدا ڪونه ڪيو ويو هو. انسان جو ڪو ٻيو مقصد
هو، جيڪو توهان کي معلوم ڪرڻ گهرجي ۽ اهو موت کان
پوءِ واري زندگي آهي. قرآن ۾ صاف فرمايل آهي ته
انسان چوندو ته جڏهن مون کي ڌرتي ڳڙڪائي ڇڏيندي
پوءِ آءٌ ڪيئن اٿندس. ان بابت قرآن ۾ ارشاد آهي ته
اسان کي خبر آهي ته ڌرتي توهان جو ڪهڙو حصو هضم
ڪري ڇڏيندي ۽ ڪهڙو ڪونه هضم ڪري سگهندي. اهو توهان
خود آهيو ۽ اهو زنده رهندو ۽ ارتقا ڪندو. مطلب
خوبصورتي اها آهي ته ارتقا ختم نٿي ٿئي. اها وڌيڪ
جاري آهي، تانجواها گهڙي اچي ٿي ته ارتقا جو مقصد
ظاهر ٿي پوي ٿو ۽ اتي ارتقا بيهي وڃي ٿي. انهيءَ
مرحلي کي قيامت واريون متوازن گهڙيون چئجي ٿو.
جڏهن زندگيءَ جو توازن برقرار رهي ٿو پوءِ وري اهو
توازن ختم ٿيو وڃي ۽ متوازن سطح ختم ٿيو وڃي ۽
پوءِ وري ان سطح کان ٻي سطح تائين تحرڪ شروع ٿئي
ٿو. اهڙي طرح ارتقا جاري آهي. تنهنڪري لطيف فرمائي
ٿو ته:
جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا سپرين،
تهان پري سڄن، واڌايون وصال جون.
اسان اڃا اڳتي اعليٰ کان اعليٰ منزل ڏانهن وڌندا
رهون ٿا. ڪنهن کي به آخر جي خبر ڪونهي ته اها ڪڏهن
ايندي ۽ اها ”آخر“ ڪٿي آهي. اها هن حياتي کان پوءِ
ختم ڪونه ٿي ٿئي ۽ اها ارتقا ٻئي مرحلي ۾ به ختم
ڪونه ٿئي ٿي. مون کي ذاتي طرح يقين آهي ته اها اڃا
وڌيڪ جاري رهندي جيستائين هڪ قيامت صغريٰ کان پوءِ
ٻي آخري قيامت ايندي.
[ 12 ]
لازمي تعليم
علامه صاحب هيءَ صدارتي خطاب 22 جنوري 1954ع
تي ڊاڪٽر اين. اي. جي خان طرفان ’لازمي تعليم‘
جي موضوع تي تقرير بعد ڪيو.
خواتين و حضرات! توهان جي سامهون هڪ ماهر پروفيسر
پنهنجو سياسي، سائنسي ۽ سماجياتي نقطه نظر بيان
ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ پنهنجو سياسي ۽ عملي نقطه نظر
به بيان ڪيو آهي ته تعليم کي لازمي ۽ عام ڪيئن
ڪجي. اڄ جي تقرير جو موضوع ڪنهن لحاظ کان ڪراچيءَ
جي اهم ڪانفرنس سان مشابهت رکي ٿو جتي عالمي
سائنسي ڪانفرنس هلي رهي آهي. جنهن ۾ ڪيتريون ئي
ملڪي ۽ غير ملڪي شخصيتون حصو وٺي رهيون آهن ته
پاڪستان ۽ ٻين هنڌن تي تعليم کي ڪيئن عام ڪجي. ان
سلسلي ۾ وڏا سائنسدان نه فقط بحث ڪري رهيا آهن پر
هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ڪري رهيا آهن. اسان جو سابق
وزير ۽ هن وقت پروفيسر ڊاڪٽر محمودالحسن خان جيڪو
ممتاز مفڪر ۽ وڏو عالم آهي جنهن جا بيان اسين
اخبارن ۾ پڙهندا رهندا آهيون ته پاڪستان يا
پاڪستاني قوم تعليم کان سواءِ باقي نه رهي سگهندي.
موصوف ان سلسلي ۾ ماڻهن کي سمجهائڻ جي ڪافي ڪوشش
ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح اهي ڳالهيون ساڳئي وقت
ورجايون وڃن ٿيون، جيڪي توهان کي سوچڻ جو موقعو
ڏين ٿيون. انهن شين بابت اسين هتي هن ننڍڙي هال ۾
ڳالهيون پيا ڪريون جڏهن ته وڏا اڪابر وڏن هالن ۾
اهي ڳالهيون ڪن پيا. پر هن سلسلي ۾ ڪي وڏا ماهر
اهڙيون ڳالهيون به ڪن ٿا، جيڪي کل جهڙيون آهن. هن
ڀيري پڻ اهو بحث کِل جهڙو آهي.
هاڻي انهيءَ وڏي ڪم ڪرڻ کان اڳ اسان هڪ ننڍڙي
اسڪولي ٻار وانگر يا هڪ هاري وانگر يا هڪ پراڻي
زماني جي اڻ پڙهيل وانگر سوال ڪريون ٿا ته لازمي
تعليم ڇا آهي؟ هڪ دفعي ان لازمي لفظ مون کي ڏاڍو
منجهائي ڇڏيو. مون کي خبر نه هئي ته اها زبردستي
ٻار تي لازمي آهي يا ٻار جي والدين تي. آئون چوان
ٿو ته جيڪڏهن ٻار تي اها زبردستي لازمي آهي ته
پوءِ تعليم بابت اهي سڀئي نظريا خاص طور اهو نظريو
جيڪو مون ننڍپڻ ۾ سکيو هو، اهو غلط ٿي وڃي ٿو.
ڇاڪاڻ ته جڏهن آئون پنجن سالن جو ٻار هئس، تڏهن
مون کي هڪ ڪتاب پڙهايو ويو. اهو ڪتاب مون فقط روان
پڙهيو يعني معنيٰ کان سواءِ. ان ۾ ڪٿي به عام
تعليم جي باري ۾ ذڪر نه هو. ان ۾ تعليم بابت هڪ
لفظ نه هو. ليڪن ان فقري کان اڳ تعليم جي باري ۾
هي الفاظ ويچار جوڳا آهن ۽ اهي آهن ”لَآ اِكْرَاهَ فِي الدِّيْنِ“
(256:2)
يعني ايمان لاءِ ڪا زبردستي ڪونهي. ان کان پوءِ
تعليم جي اها تشريح اچي ٿي جيڪا مون هتي سئو دفعا
دهرائي آهي ته ”اسان انسان کي اونداهيءَ مان ڪڍي
روشنيءَ جي طرف آندو آهي.“ اهو جملو ” لَآ اِكْرَاهَ فِي الدِّيْنِ“
جي پوئواري ڪري ٿو. اهو پهريون ڪُلي مسئلو آهي
جنهن کي پهرين حل ڪرڻ گهرجي.
تعليم معنيٰ اونداهيءَ مان نڪري روشنيءَ ۾ اچڻ. پر
ان جي هر پهلوءَ تي ”
لَآ اِكْرَاهَ فِي الدِّيْنِ“
برابر لاڳو آهي. بهرحال لازمي يا ضروري تعليم جو
تصور مون کي گهڻي وقت کان مجبور ڪري رهيو هو ته
اهو ڪنهن تي لازمي آهي. انگلينڊ ۾ والدين تي لازمي
آهي ته پنهنجي اولاد کي پڙهائين. هاڻي آئون توهان
کان پڇان ٿو ته ڇا اهو صحيح آهي ته والدين کي
مجبور ڪيو وڃي ته اهي پنهنجي ٻارن کي پڙهائين.
آئون توهان جي راءِ جو طالب آهيان! توهان جمهوريت
پسند آهيو! جيتوڻيڪ اسان جي قابل پروفيسر توهان کي
ٻڌايو ته جيستائين هر فرد تعليم يافته نٿو ٿئي،
تيستائين جمهوريت هڪ دوکو آهي. اها ڳالهه توهان
خود به قبول ڪندا ته جمهوريت معنيٰ عوام جي حڪومت
هاڻي جيڪڏهن حڪمراني جنهن ۾ ”اَكْثَرُهُمْ
لَا يَعْقِلُوْنَ“
آهن سمجهو ٿا ته ’غافلن‘ ذريعي هلائڻي آهي ۽
بيوقوفن کي پڙهائڻو آهي. تنهنڪري پروفيسر جي چوڻ
موجب انسان حڪمراني ڪرڻ جي قابل ڪونهي جيستائين هو
تعليم يافته نه آهي. آئون ان ۾ اضافو ڪندس ته
انسان زنده رهڻ جي قابل ڪونهي جيستائين هو تعليم
حاصل نٿو ڪري. حڪمراني ته پري جي ڳالهه آهي. پر
آئون اڃان به اڳتي چوندس ته انسان، انسان ئي ڪونهي
جيستائين هو علم حاصل نٿو ڪري. اهڙي حالت ۾ هو
حيوان مثل آهي، اهڙيءَ طرح لازمي ڪرڻ جو تصور وجود
۾ آيو.
پر هاڻي اهو دور آهي جڏهن ٻار تي زور يا زبردستي
نٿي ڪري سگهجي. توهان کي مانٽيسوريءَ ٻڌايو آهي ته
ننڍڙن ٻارن جو اسڪول يا باغيچو ڪيئن قائم ڪجي. ان
۾ ٻار کي هرگز مار سان پڙهائڻ نه گهرجي جڏهن هو
اڃان چئن سالن جو هجي. هاڻي سوال آهي ته پوءِ اها
تعليم ڪنهن تي لازمي آهي. پر آئون وري توهان پڙهيل
حضرات کان پڇان ٿو ته ڇا اهو درست آهي ته تعليم
والدين لاءِ لازمي آهي. توهان ان ڳالهه تي ڪڏهن
سوچيو آهي ته والدين کي مجبور ڪيو وڃي ته ٻارن کي
پڙهائين. اها ڳالهه سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ته انسان
ڇا آهي! کائڻ ۽ زنده رهڻ ڇا آهي! تصور ڪريو ته
جيڪڏهن اهي سڀ مسئلا هڪ عام شيءِ سان واسطو رکندڙ
آهن ته پوءِ ڇا پيءُ کي ٻارن جي پڙهائي لاءِ لازمي
ذميوار بنائي سگهجي ٿو! مون کي خدشو آهي ته توهان
مون کي سمجهيو ڪونهي، توهان جا اڃان اڇا وار ڪونه
ٿيا آهن. توهان نوجوان آهيو ۽ توهان کي اڃا دنيا ۾
گهڻو وقت رهڻ ۽ غور و فڪر ڪرڻ جي اميد آهي. پر
آئون پوڙهو ٿي چڪو آهيان تنهنڪري مون کي سوچڻ
گهرجي يا مون کي هليو وڃڻ گهرجي.
انهن مسئلن جي حل لاءِ گهڻي سوچ ۽ فڪر جي ضرورت
آهي ته ڇا والدين سان زبردستي ڪري سگهجي ٿي ته اهي
اولاد جي سار سنڀال ڪن، سندن کاڌ خوراڪ ۽ تعليم ۽
صحت جو بندوبست ڪن. هنن لاءِ اهو به لازم ڪيو وڃي
ته جڏهن ٻار بيمار ٿئي ته ڊاڪٽر کي گهرائن يا ٻار
کي وٽس وٺي وڃن! هي سڀ مسئلا گڏجي سوچڻ ۽ سمجهڻ جا
آهن، جڏهن اسين چئون ٿا ته والدين کي ٻارن جي
تعليم لاءِ زبردستي ڪئي وڃي!
هاڻي سوچيو ته هڪ پيءُ کي ٽي ٻار آهن ۽ هو انهن
سڀني کي خوراڪ نٿو پهچائي سگهي. هن کي ايتري
مزدوري ملي ٿي جو فقط پاڻ هوٽل تي کاڌو کائي سگهي
ٿو ۽ جڏهن گهر اچي ٿو ته هن جا ٻار بکايل آهن. ان
پيءُ جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي. توهان جي
راءِ موجب هن تي لازمي آهي ته ٻارن کي کارائي.
موجوده دور ۾ مهذب سماج ۾ اهو قانون به موجود آهي
ته جانورن سان به بي رحمي نه ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن
وٽ گڏهه آهي ۽ ان کي بي رحميءَ سان ماريو وڃي ٿو
ته اهڙي شخص کي به ڪورٽ ۾ طلب ڪيو وڃي ٿو. اهڙي
طرح مهذب سوسائٽيءَ ۾ جيڪڏهن هڪ پيءُ پنهنجي ٻارن
جي سار سنڀال نٿو ڪري ته هن کي جيل موڪلي سگهجي
ٿو. خاص طور جڏهن هو ٻارن جي سار سنڀال نٿو ڪري
سگهي ته پوءِ انهن کي هن دنيا ۾ ڇو آندو ويو. هو
انهن کي بکيو رکي پاڻ ڪيئن ٿو کائي سگهي؟
به بين آن ني حميئت راکه هرگز
نه خواهد ديد روئي نيک بختي
تن آساني گزيند خويشتن
زن و فرزند بگذارد بسختي.
(ترجمو: هن ڪميڻي انسان کي ڏس، جيڪو ڪنهن چڱي
انسان جي منهن نٿو پوي. پاڻ ڪاهل بنجي پيو گذاري ۽
سندس زال ۽ ٻار بکن ۾ پيا گذارين.)
مطلب شادي ڪجي ۽ ٻار ٿين ته انهن جي خوراڪ جو به
بندوبست ڪيو وڃي. هر سٺي شخص جو فرض آهي ته پنهنجي
گهر واريءَ ۽ ٻارن کي کارائي. توهان مون سان اتفاق
ڪندا ته مهذب ملڪن ۾ اهڙي پيءُ کي جوابدار بنايو
ويو آهي جنهن کي ٻار ۽ زال آهن.
هاڻي ٿورو ان کان اڳتي سوچيو، جنهن موضوع کي مون
گذريل پندرهن مهينن ۾ ڪيترائي دفعا ورجايو آهي ته
جسم جي خوراڪ ايتري ضروري نه آهي جيتري ذهني
خوراڪ. ذهن کي پنهنجو وجود آهي. جسم کي کارائڻ سان
توهان سٺا حيوان ٿي سگهو ٿا ۽ ذهن کي خوراڪ ڏيڻ
سان سٺا انسان ٿي سگهو ٿا. تنهنڪري ان لاءِ به
خوراڪ ضروري آهي. ان کي علم ادب ۽ غور ۽ فڪر جي
خوراڪ ڏئي سگهو ٿا.
هڪ دور هو جڏهن والدين ٻار جي جسماني نشونما کي
گهٽ اهميت ڏيندا هئا، بنسبت ذهني نشونما جي ته
جيئن ان سان هڪ سٺو انسان تيار ٿي سگهي. توهان مون
کي سمجهو پيا! تنهنڪري هڪ اهڙو انسان جيڪو سڀني
سٺين عادتن سان انسانيت جي رتبي تي پهچي سگهي. هن
لاءِ ٻار جي جسماني پرورش سان گڏ تعليم تي به زور
ڏيڻ لازمي آهي. ان کي اسين لازمي تعليم چئون ٿا.
”طلب
العلم فريضة عليٰ کل مسلم و مسلمةٍ“
تحت لازمي آهي جڏهن هو وڌي وڏو ٿئي ٿو، اهڙي طرح
ٻار وڏو ٿي جوابداري محسوس ڪري ٿو ۽ مٿس دين اسلام
تعليم حاصل ڪرڻ لازمي ڪري ڇڏي آهي.
لازمي معنيٰ جوابداريءَ جو اهو احساس جيڪو فرد پاڻ
کي انسان بنائڻ لاءِ نڀائي ٿو. وري جڏهن هو وڌي
وڏو ٿئي ٿو ته اهو مٿس هڪ فرض جي صورت ۾ عائد ٿئي
ٿو. پر جيستائين هو ان عمر تائين پهچي تيستائين
علم حاصل ڪرڻ واسطي پيءُ کي مجبور ڪري سگهجي ٿو ته
ٻار جي کاڌ خوراڪ جي بندوبست سان گڏ ان جي ذهني
نشونما جو پڻ انتظام ڪري. ذهني خوراڪ جسماني خوراڪ
کان وڌيڪ اهم آهي.
هاڻي انهيءَ پراڻي قانون موجب ان تي غور نٿو ڪيو
وڃي. جيئن پروفيسر خان چيو ته هن وقت بهترين
اسڪول، وڏا ڪاليج، ڪتاب، استاد، پروفيسر گهڻي
تعداد ۾ موجود آهن پر اهي ان طريقي سان پنهنجي
ذميواري ادا نٿا ڪن. پراڻي طريقي موجب جيئن هڪ
هاري پنهنجي نموني ۾ ٻار کي تعليم به ڏي ٿو ۽ ان
کي کير ۽ کاڌو به ڏي ٿو. ان ڳالهه تي اعتراض ڪونهي
ته هو ٻاجهري جي ماني ۽ ٻاڪرو کير ڏي ٿو يا جيڪڏهن
وڌيڪ ڪري سگهي ٿو ته کڻي ٻوڙ پلاءُ کارائيندس.
مطلب پيءَ جيڪي ڪجهه ڪري سگهي ٿو ته ڪري. اڳتي
جيڪڏهن هن کي ڪو بهتر استاد نٿو ملي ته گهٽ ۾ گهٽ
لکڻ پڙهڻ ۽ حساب سيکارڻ وارو استاد ملي ويندو.
ان مان معلوم ٿيو ته ذهني خوراڪ به ايتري ضروري
آهي جيتري جسماني! انسان کي ٻنهي خوراڪن جي ضرورت
آهي. ايستائين جو هڪ ٻيءَ کان وڌيڪ اهم آهي ڇو ته
سٺو حيوان انسان کان گهڻو گهٽ آهي. هڪ شخص فقط سٺو
حيوان آهي ته اهو خطرناڪ انسان آهي. تنهنڪري ان کي
ڪمزور حيوان ٿيڻ گهرجي پر ٿوري ذهني خوراڪ هجي
جيڪا هن کي زنده رکي. اها والدين جي ذميواري آهي
جنهن سان ٻار لاءِ ان حقيقت تائين پهچڻ آسان ٿيو
وڃي.
اڳوڻي زماني ۾ اهو مسئلو آسان هوندو هو جنهن لاءِ
لکين ڪروڙين روپيا ڪونه گهربل هئا، ڇو ته هرڪو ئي
شخص تعليم کي ٻار جي لازمي خوراڪ سمجهي ان جو
انتظام ڪندو هو ته اهو ان لاءِ ممڪن هوندو هو. ان
ريت جڏهن هر شخص پنهنجو فرض محسوس ڪندو تڏهن ئي
عام تعليم جو طريقو رائج ٿيندو. تعليم ڇا آهي! هن
لاءِ ڪهڙي خوراڪ هجي! زهر ڇا آهي، جيڪو هن کي ختم
ڪري ڇڏيندو ۽ ڪهڙي شيءِ هن کي تقويت پهچائيندي.
منهنجي گهر واريءَ وڏي کٽڪي وچان ڪجهه لکي موڪليو
آهي جيڪو هتي خواتين و حضرات کي ٻڌائجي ٿو ڇو ته
اڄڪلهه هڪ اهم مسئلي بابت اسان جي ملڪ ۾ سائنس
ڪانفرنس هلي رهي آهي. ڳالهه هيءَ آهي ته جڏهن ڪو
سائنسدان مسلم ملڪ ۾ اچي ٿو ته هو ماڻهن کي ٻڌائڻ
لڳي ٿو ته هو انسانذات واسطي سائنسي مذهب جي تلاش
۾ آهي. هن (مسز قاضيءَ) لکيو آهي ته اهي جملا
سائنسدان غير سائنسي انداز ۾ چوي ٿو. آئون سمجهان
ٿو ته توهان مان اڪثر انهن ريمارڪس جي باري ۾ نٿا
ڄاڻن. جڏهن هڪ سائنسدان اچي مسلمانن کي چوي ٿو ته
آئون توهان کي سائنسي مذهب سيکارڻ آيو آهيان. اهي
غير سائنسي جملا ڇو ۽ ڪيئن آهن، جيڪي هن چيا آهن،
ڇاڪاڻ ته اهو محترم سائنسدان گاڏيءَ کي گهوڙي جي
اڳيان جوٽي ٿو. ڇا اها ڪا صحيح ڳالهه آهي! هو سڄي
تاريخ کي ابتو ڪري ٿو. هو حياتياتي مذهب ڏيڻ چاهي
ٿو جنهن کي هو سائنسي مذهب چوي ٿو. پر هن اها
ڳالهه وساري ڇڏي آهي ته حياتيات ڪيئن سيکاري وئي.
اها تيرهن سئو سالن جي تاريخ هن وساري ڇڏي آهي. هو
آخر حياتيات ڇو سکڻ لڳو. اهو هن نه سمجهيو آهي،
هاڻي يا ته هن تاريخ پڙهي ڪونهي يا غلط پڙهي آهي.
مون کي اهي الفاظ جيولن هڪسلي (Julian
Huxley)
لاءِ افسوس سان چوڻا پون ٿا. جيتوڻيڪ مون کي هن جي
لاءِ وڏو احترام آهي. بلڪه هڪسلي منهنجي ڪمزوري
آهي. بهرحال مون کي سندس ڏاڏي آلڊس هڪسلي لاءِ پڻ
وڏي عزت آهي ۽ هن نوجوان هسڪلي لاءِ پڻ ساڳيا
جذبات آهن. مان وڏي توڻي ننڍي هسڪلي سان پيار
ڪريان ٿو، پر جيولن شايد تاريخ پڙهي ڪونهي يا غلط
پڙهي آهي. جيڪڏهن هن جهڙو وڏو سائنسدان ان کي صحيح
پڙهي ها ته هن کي معلوم ٿي وڃي ها ته بائلاجي
(حياتيات) ان مذهب (اسلام) کان سواءِ ناممڪن هئي
جنهن اسان کي بائلاجي ڏني. مون اڃان تائين ڪونه
سمجهيو آهي ته تيرهن سئو سال اڳ اهو ڪيئن چيو ويو.
”اِنَّ فِيْ خَلْقِ السَّمٰوٰتِ
وَالْاَرْضِ وَاخْتِلَافِ الَّيْلِ وَالنَّھَارِ
لَاٰيٰتٍ لِّاُولِي الْاَلْبَابِ“
(آل عمران: 190) اهو تيرهن سئو سال اڳ ٻڌايو ويو.
ڇا توهان کي مذهب مان رهنمائي حاصل ڪرڻي آهي. اها
رهنمائي ٻن طريقن سان حاصل ڪري سگهجي ٿي. ڪائنات ۾
زمين ۽ آسمان جي تخليق ڏانهن ڏسو. ٻيو انسان جي
زندگي جي تخليق ۽ وجود بابت غور ڪريو ته توهان کي
نشانيون (آيتون) نظر اچي وينديون جيڪي توهان کي
صحيح راهه جا اهڃاڻ ڏين ٿيون ته مذهب توهان لاءِ
ڪهڙي عمل جي نشاندهي ڪري ٿو. اهو حڪم تيرهن سؤ سال
اڳ ڏنو ويو. ان حڪم جي اچڻ بعد مسٽر هڪسلي جيڪو
پنهنجي ملڪ جي تاريخ کان واقف ڪونهي، هن ”في
الافاق وفي انفسکم“
جي اشاري تحت علم حياتيات ۽ علم نفسيات سکڻ شروع
ڪئي. انسان جي تخليق کان ٻاهر تارن ۽ جانورن جي
تخليق کي ڏسو ۽ پوءِ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پايو.
ائين ڪرڻ سان ڏسندا ته توهان ڇا آهيو. توهان وجود
۾ ڪيئن آيا! زنده ۽ مرده ڪيئن ٿا ٿيو. توهان
لافاني ڪيئن ٿي سگهو ٿا. سٺ سالن کان پوءِ توهان
زنده نٿا رهو. ان ڪري غور ڪريو ۽ معلوم ڪريو ڇو ته
ان ۾ آيات لاولي الباب آهن. اهو ئي اهو مذهب آهي
جنهن دنيا کي پڙهڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ اسين اڄ ان
معلومات کي سائنسي علوم چئون ٿا، پر ان سان نهايت
عجيب معنيٰ لاڳو ڪئي وئي آهي. وڏي ڳالهه ته خود
مسلمانن ان ڳالهه کي مڪمل طرح وساري ڇڏيو آهي جن
پاڻ ان جي شروعات ڪرائي.
مسٽر ڪومپٽي (Compte)
ڪير هو ۽ ڇو آيو؟ هن سائنس جو طريقو ڪٿان شروع ڪيو
۽ ڇو شروع ڪيو؟ هن علم طبعي سان شروعات ڇو ڪئي؟
ڇاڪاڻ ته انسان مٽيءَ جي پيدائش آهي. پوءِ هو
حياتيات طرف ڇو آيو؟ حياتيات جي حقيقت کان پوءِ هو
اڳتي وڃي ٿو. ڪائنات جي تخليق ۾ حياتيات، علم جي
گول دائري جو فقط هڪ ننڍو حصو آهي، اها مڪمل گهيرو
ڪونهي. هڪ ننڍڙو حصو توهان کي مڪمل گول دائري جو
تصور نٿو ڏئي سگهي. زندگي ان کان گهڻو اڳتي آهي.
هن زندگيءَ کان پوءِ به زندگي آهي، جنهن جي موجوده
زندگيءَ کي خبر نه آهي. جنهن بابت اسان هتي
ڪيترائي دفعا ڳالهائي چڪا آهيون. تنهنڪري حياتيات
وارو ڪهڙي قسم جو مذهب ٻڌائيندو؟ فقط چند نشانين
بابت ٻڌائيندو جنهن لاءِ هن کي چيو ويو آهي ته
انهن تي غور ڪري. مسز قاضي (ايلسا قاضي) چوي ٿي ته
ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته هڪ سائنسدان اچي ٿو ۽ چوي
ٿو ته مسلمانن کي سائنسي مذهب ڏنو وڃي. گويا هو
خود ان حقيقي سائنس کان اڻ ڄاڻ آهي ته سائنس ان
مذهب جي پيداوار آهي جنهن لاءِ اهو سائنسدان چوي
ٿو ته آئون مسلمانن کي سيکارڻ آيو آهيان. حالانڪ
انهيءَ دين اسلام ئي سڀني کي سيکاريو آهي ته
حياتيات ۾ غور ڪري معلوم ڪن ته ڪائنات ۾ جيڪي
نشانيون آهن، اهي ڪهڙي مقصد ۽ منزل ڏانهن وٺي وڃن
ٿيون.
هاڻي توهان ڏٺو ته فرق ڪٿي آهي! بهرحال هڪ
سائنسدان ٻئي کي برداشت نٿو ڪري. اهي روبرو هڪ ٻئي
کي گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا. هڪڙو چوي ٿو ته انسان ۾
موروثي خصلتون ورثي ۾ هلنديون رهنديون آهن جيتوڻيڪ
اهي ڪنهن فرد هڪ نسل ۾ حاصل ڪيون هجن. مسٽر هڪسلي
وري ان ڳالهه تي زور ڏي ٿو ته اهي پيءُ کان پٽ
تائين يعني هڪ نسل تائين به منتقل نٿيون ٿي سگهن.
هاڻي اچو ته ان مسئلي تي ٿڌي دماغ سان سوچيون.
هن هال ۾ اسان ڪجهه وقت اڳ ايمان جي باري ۾
ڳالهايو هو ته اسان عقيدو رکون ٿا جنهن مان مراد
ايمان آهي. اهو توهان کي الائجي ياد آهي يا نه.
مطلب ته ايمان پڻ عقيدو آهي. جيڪو ڪنهن ٻئي جي
اختيار سان حاصل ڪيو ويندو آهي.
هاڻي هتي اسان مان ڪيترا ورثي جي قانون جي
تبديليءَ (Mutation)
بابت ڄاڻ رکن ٿا ته ڪيئن ٻار پنهنجي پيءُ جي
موروثيت حاصل ڪري ٿو يا نسل جي اهڙن قاعدن ۾ ڪيئن
مٽ سٽ ۽ واڌ اچي ٿي. ڇا هڪ نسل جون عادتون ۽ اخلاق
ان جي ايندڙ نسل کي ورثي ۾ ملي سگهن ٿيون يا نه!
آءٌ پڇڻ ٿو گهران ته اسان مان گهڻن انهن حياتياتي
حقيقتن کي تجربو ڪري حاصل ڪيو آهي؟ مون کي انديشو
آهي ته ڪنهن به نه! اهڙو ئي رابطو آهي حياتيات جي
ٻن ڄاڻن جو جيڪي هڪ ٻئي کي مطمئن نٿا ڪري سگهن
جيتوڻيڪ ٻئي خاص ڄاڻ رکن ٿا.
اسان فقط انهن چڱن مڙسن جي ڳالهه تي اعتبار ڪيو
آهي. هڪ شخص جنهنجو هڪسلي ڏانهن لاڙو آهي اهو
چوندو ته هڪسلي صحيح آهي ڇو ته هو ان کي پسند ڪري
ٿو. ٻيو شخص چوي ٿو ته نزهدين (Nuzhiddin)
صحيح آهي ڇاڪاڻ ته هو ڪميونسٽ ۽ روسين کي پسند ڪري
ٿو. هو چوي ٿو ته روسي انگريزن کان وڌيڪ ذهين آهن.
انگريز قدامت پسند آهن تنهن ڪري هيءُ شخص وڌيڪ
ڄاڻندو هوندو. هن کي وڌيڪ روشن ذهن آهي. اهڙي طرح
توهان وري به پنهنجي ايمان تي فيصلو ڪريو ٿا ڇاڪاڻ
ته جيولين هڪسلي هڪ ڳالهه ۽ نزهدين ٻي ڳالهه چوي
ٿو. توهان کي ان جي باري ۾ علم ڪونهي توهان وري به
انهن جي اعتماد تي يقين ڪريو ٿا. جيڪڏهن توهان
هڪسلي جي چوڻ تي يقين ڪريو ٿا يا ڪو ٻيو فرد چوي
ٿو. اهڙي طرح اڪثر ڳالهيون اسان ڀروسي تي حاصل
ڪريون ٿا. امام غزالي فرمايو هو ته فلڪيات جي ڪجهه
حقيقتن کي معلوم ڪرڻ لاءِ چاليهه هزار سال گهرجن.
ڇا اهو هڪ شخص لاءِ ممڪن آهي! چاليهه هزار سال
گذري وڃڻ کان پوءِ هڪ تاري جي حرڪت صحيح نموني سان
ماپي ويئي آهي. اهو سڀ ڪجهه اسان کي هڪ لحاظ سان
مڃڻو پوندو ۽ اهو تاريخ ۾ هڪ ٻئي پويان ڪاميابيءَ
سان منتقل ڪرڻو آهي. اهڙي طرح هڪ حقيقت معلوم ٿي
ته پڇڙ تارو سترهين صديءَ ۾ ظاهر ٿيو ۽ اهو وري
اوڻهين صدي ۾ سج جي چوگرد گردش ڪندو. ظاهر آهي
پوءِ هڪ فرد ايندو جيڪو چوندو ته اهو واقعو
اوڻهينءَ صديءَ ۾ ٿي گذريو. اهڙيءَ طرح اسان اهڙي
قسم جو ويساهه منتقل ڪندا رهون ٿا ۽ ٻيا عقيدا به
ائين آهن. توهان ڏسو ته آءٌ توهان کي تعليم جي
وڌندڙ معيار بابت ٻڌايان پيو.
دنيا ۾ هن وقت تائين جيڪي به بهترين شخص پيدا ٿيا
آهن اهي اهڙي گپ ۾ گتل آهن جو هڪ ٻئي کي برداشت
ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهن بلڪه هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ
ڳالهائيندا رهن ٿا. هڪڙو هڪڙي ملڪ جو اعليٰ پايه
جو سائنسدان آهي ته ٻيو ٻئي ملڪ جو آهي پر هڪ ٻئي
کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهن جيولين هڪسلي
چوي ٿو ته هيءُ محترم سائنس کي نظريات جو پوئلڳ
بنائي ٿو. آءٌ کانئس پڇان ٿو ته ڇا اهو جرم آهي!
اهو ڪنهن به صورت ۾ جرم نه آهي!
مون قرآن جي نظريات جي پوئلڳي ڪري سائنس جي ڄاڻ
حاصل ڪئي آهي. ان ۾ مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو! مون حضور
اڪرم ﷺ جن جي الفاظن تي ايمان آندو جنهن ۾ سچ ۽
مثبت پهلو هئا ۽ آءٌ کيس رهبر بنائي اڳتي وڌيس.
مون فقط انهيءَ اشاري تي اهو علم حاصل ڪيو جيڪو
تيرهن سئو سال پوءِ علم حياتيات ثابت ڪيو، جيڪو
پاڻ فرمايو هئائون. جنهن تي مون ايمان آندو ان جي
فقط تصديق ٿي وئي. حقيقت ۾ مون کي چيو ويو ته
جيڪڏهن توهان سائنس کي هن طرح ڏسندا ته توهان کي
يقين ٿي ويندو. توهان پنهنجي اکين سان ڏسي سگهندا،
جيڪو اسان ٻڌائي نٿا سگهون. پر توهان مشاهدو ڪندا
ته اهي نشانيون حاصل ڪندا ۽ رهبري حاصل ڪندا.
ڇا اها ڳالهه تعجب خيز نه آهي ته انهن مشاهدن سٺو
لاڀ ڏنو آهي، پر مسٽر هڪسلي چوي ٿو ته قرآن جي ڪري
جيڪي تيرهه سئو سال مشاهدا ڪيا ويا آهن اهي وڌيڪ
ڪارائتا ناهن ۽ اهي وڌ ۾ وڌ اهو ٻڌائين ٿا ته هتي
ڪا طاقت آهي. پر جيڪڏهن توهين سمجهو ٿا ته اسان ان
کي ڳولي لهنداسين ته اهو نه ٿي سگهندو. حالانڪه
ڳالهه صرف هيءَ آهي ته هڪ شيءِ جو علم ٿيو آهي ۽
ٻين جي معلومات ڪرڻي آهي ۽ ان کي ئي ته اسين سائنس
چئون ٿا جنهن لاءِ اسان کي تيرهن سئو سال اڳ حڪم
ڏنو ويو آهي. هاڻي اسين محسوس ڪري رهيا آهيون ته
ان مشاهدي مان ڪيڏو فائدو حاصل ٿي چڪو آهي. لطيف
رح فرمائي ٿو:
”جي تو بيت ڀائنيا، سي آيتون آهين“
قرآن جي اصطلاح ۾ ان جي معنيٰ آهي ته جيڪي توهان
ڏسي رهيا آهيو ۽ مشاهدو نٿا ڪريو ان ۾ نشانيون آهن
جيڪي الله طرف رهنمائي ڪن ٿيون، پر ڇا توهان
مشاهدو ڪندا! افلا تبصرون! انسان مشاهدو ڪيو ڇو ته
ان لاءِ حڪم هو جيڪو هن کي مڃڻو هو ۽ هن مڃيو ۽
سالن جي ان مشاهدي کي سائنس چئون ٿا.
هاڻي سائنسدان چون ٿا ته اها شيءِ اوچتو آسمان مان
نازل ٿي آهي. مهربان حضرات! اهو ائين نه آهي. ان
سائنسدان فقط هن ننڍڙي ۾ ننڍڙي حقيقت جي تصديق ڪئي
آهي جنهن جي باري ۾ ’الڪتاب‘ ڀريو پيو آهي.
اڃا تائين ڪجهه غير اهم حقيقتون معلوم ٿيون آهن ۽
اڃان ڪيتريون اهم حقيقتون معلوم ڪرڻيون آهن ۽ جيئن
جيئن اهي معلوم ٿينديون رهنديون ته انهن کي سائنس
چئبو، ڇاڪاڻ ته سائنس جي معنيٰ آهي علم جي ڄاڻ
حاصل ڪرڻ.
مذهب توهان کي سائنس ڏني آهي ۽ سائنس توهان کي
مذهب ڏيندي. پر توهان ان کي ابتو رکو ٿا. مذهب
ڪائنات ۾ زندگيءَ جي معاملن ۽ هلت چلت جو نالو
آهي، سائنس اسان کي فقط اهو ڏئي سگهي ٿي، جيڪو
سائنسدان حاصل ڪيو آهي. سائنس کي ان کان وڌيڪ اڃان
حاصل ڪرڻو آهي جيڪو هن وقت تائين ان حاصل نه ڪيو
آهي. پر اسان ان کي اڳيئي ايمان طور قبول ڪيو آهي.
اسين ان کي جاري رکيو اچون ۽ پنهنجي اکين سان ڏسي
پاڻ کي مطمئن ڪريون ٿا ۽ تسليم ڪريون ٿا ته جيڪي
اسان کي ان اٿارٽي ڏنو آهي اهو حقيقت ۽ سچ آهي.
اسان فقط ان اٿارٽي
(Authority)
جي پوئواري ڪندي حقيقتن تي پهچي ويا آهيون.
محمد حسين (ان وقت جو رجسٽرار) ٽيون ڏينهن چيو ته
سمورن تعليمي شعبن کي اسلامي ڪرڻو پوندو. مون کي
خبر نه آهي ته هن جو مطلب ڇا هو؟ پر هڪ ڳالهه
يقيني آهي ته تعليم جو هڪ معيار آهي. تعليم مان
فقط لکڻ پڙهڻ ۽ حساب سکڻ مراد ڪونهي جيئن اسان جي
عالم پروفيسر چيو تعليم ۾ ٻيو ڪافي ڪجهه آهي.
تعليم اهڙي هجي جنهن ۾ زبردستي نه هجي. سکندڙ
پنهنجي طريقي سان سکي جيئن قرآن شريف ۾ فرمايو ويو
آهي ته دين ۾ ڪا زبردستي ڪونهي. توهان کي اکيون
آهن انهن سان ڏسو ۽ سکڻ جي ڪوشش ڪريو توهان خود
ڏسي مطمئن ٿيو. توهان ان فرمان تي عمل ڪريو جيڪو
قرآن فرمائي ٿو ته افلا تتفڪرون! توهان سوچيو ڇو
نٿا ۽ مشاهدو ڪريو! اسان توهان تي پنهنجا نتيجا
ڪونه ٿا مڙهيون. توهان پاڻ ڏسو ۽ سمجهو.
ليڪن هڪ شخص اٿي چوي ٿو ته مذهب آزاد سوچ ۾ رڪاوٽ
وجهي ٿو. آءٌ ان شخص کي چوان ٿو ته اڙي بيوقوف!
مذهب چوي ٿو ته سوچ! آزاد سوچ ۽ پابند سوچ مان ڇا
مراد آهي! اهو ڪيئن روڪي ٿو. ان توهان کي سوچ ۽
فڪر لاءِ پيدا ڪيو آهي اهڙي طرح افلا تبصرون جو
حڪم ڏنو. ان ڏسڻ، مشاهدي ۽ غور و فڪر ڪيترن ئي
سائنسي علوم جي شاخن کي جنم ڏنو. اڃا فقط هڪ گول
دائري جي ننڍڙي حصي جيتري معلومات ٿي آهي ۽ اڃان
مڪمل دائري جي حقيقت معلوم ڪرڻي آهي. انسان لاءِ
اڃان ٻئي پاسا اونداها آهن. هن فقط هڪ ننڍڙي حصي
يا ڀاڱي جي ڄاڻ حاصل ڪئي آهي.
اسان کي استادن جي ضرورت آهي جيڪي خود ڄاڻن ۽ اسان
جي ايندڙ نسل کي سيکارين. انهن کي ذهني خوراڪ ڏين،
پر اهڙي خوراڪ نه ڏين جيڪا هنن لاءِ نقصانڪار هجي.
تعليم مان مراد لکڻ پڙهڻ ناهي. ان لاءِ گهڻو ڪجهه
چوڻو آهي. سٺي خوراڪ ۽ خراب خوراڪ ڇا آهي. جيڪڏهن
توهان علم منطق جا ڪتاب پڙهندا ته معلوم ٿيندو ته
ان ۾ ڪهڙي غذا آهي. مثال بيضو گهڻو ٽهڪائبو آهي ته
دير هضم ٿيندو ۽ هلڪو ٽهڪايل جلد هضم ٿيندو. چقندر
گهڻو ٽهڪائيندا ته هضم نه ٿيندو، جيڪڏهن سٺي قسم
جي پڪل ماني سڙي وڃي ٿي ته پيٽ ۾ سور ڪري ٿي. اهي
سڀ شيون تعليم ۾ ڏسڻيون آهن. اهڙي نموني ذهن جي
خوراڪ لاءِ به سوچڻو آهي جيڪا ان کي زنده رکي.
مون گذريل ڏينهن تقرير ۾ چيو هو ته صحت جو واسطو
جسم ۽ ذهن سان آهي. ٻنهي لاءِ قانون ساڳيو آهي.
اهڙيءَ طرح پيءُ کي ٻار جي ذهن ۽ جسم جي خوراڪ جو
بندوبست ڪرڻو آهي. جيڪڏهن هو ٻار جي ذهن جي خوراڪ
جو بندوبست نٿو ڪري ته پوءِ هو ساڳيو ڏوهه ڪري ٿو
جيڪو جسماني خوراڪ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڪري ٿو. هاڻي
توهان محسوس ڪندا ته اهو پيءُ لاءِ ضروري آهي ته
جيترو به ممڪن ٿي سگهي ته ٻار جي تعليم جو بندوبست
ڪري. اهو هر خاندان جي سربراهه جو فرض آهي ۽ ائين
ڪرڻ سان ملڪي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. ان طرح فرض
ادائگي سان اسان کي آمريڪي ۽ يورپي پبلڪ اسڪولن ۽
هاءِ اسڪولن واري خاص معيار واري تعليم ڏانهن نه
ڏسڻو پوندو.
هاڻي جيڪڏهن ماڻهن جي اصلاح لاءِ مثال طور وزير
صحت کي ٿورو گهڻو شعور هوندو ته صحت جي اصولن کي
عام ڪرڻ لاءِ ريڊيو ۽ ٻين نشرياتي ادارن تان نشر
ڪندو. هو صحت جا اصول شايع ڪرائي گهر گهر ۾ عورتن
تائين پهچائيندو ته صفائي جا اصول هي آهن. ٻار کي
هن طرح نپائجي. کاڌي تيار ڪرڻ جا هي طريقا آهن.
اها معلومات عام ڪرڻ ته جيئن ماڻهو صحت مند ۽ سٺي
زندگي گذاري سگهن. اهڙي طرح پيءُ کي مشورو ڏنو وڃي
ته ٻار لاءِ ڪهڙي قسم جي تعليم بهتر آهي. ان لاءِ
سٺا ڪتاب مهيا ڪيا وڃن ۽ سٺو معيار رکيو وڃي، جتي
سٺا اسڪول ۽ ڪاليج نه آهن ۽ ملڪ ۾ پئسو ڪونهي ته
جيئن اعليٰ تعليم شروع ڪجي. اتي فرد کي ٻڌايو وڃي
ته ٻار کي سٺي جسماني خوراڪ سان گڏ سٺي تعليم ڏيڻ
پڻ فرض آهي.
مون سوين دفعا دهرايو آهي ته قرآن ان دور ۾ نازل
ٿيو جڏهن جسم جي خوراڪ نه پر ذهن جي خوراڪ جو دور
هو. انهيءَ ڪري پهرئين وحي اقرا نازل ٿي. اها
خوراڪ ڇو آئي؟ ڇو ته زندگيءَ لاءِ ضروري حقيقت
اقرا هئي نه ڪه جسماني خوراڪ. قرآن شريف ۾ فرمان
آهي ته اسان انسان جي جسم کي خوبصورتي سان ڍڪڻ
لاءِ اڳيئي لباس موڪليو آهي. هاڻي اسان توهان لاءِ
تقويٰ جو لباس آندو آهي. ”لباس التقويٰ ذالک
خير“ تقويٰ جو لباس ئي توهان لاءِ بهتر آهي،
اهو تقويٰ وارو لباس ڇا آهي؟ اهو انسان جي نفس تي
ضابطي رکڻ وارو لباس آهي.
اهڙيءَ طرح مذهب کي اسلامي بنائي سگهجي ٿو. اسلامي
مان مراد آهي ته قرآن کي صحيح نموني سان سمجهڻ، ان
کان سواءِ ڪنهن شيءِ کي اسلامي ڪرڻ جو طريقو
ڪونهي. جيڪڏهن اهو نه سمجهيو ويو آهي ته پوءِ ڪجهه
نه سمجهيو ويو آهي. ڪوبه شخص جيڪڏهن اهو نٿو
سيکاري سگهي ته پوءِ سڀ ڪجهه فضول آهي. ماڻهن اڃان
قرآن کي نه سمجهيو آهي. ’الڪتاب‘ کي سمجهڻ
کانسواءِ اسلامائيزيشن
(Islamization)
ممڪن ڪونهي. جڏهن اهو اسلامائيز
(Islamize)
ٿي ويندو ته توهان ڏسندا ته اهو تمام آسان ٿي پوي
ٿو، پر جيئن مون ڪيترا دفعا چيو آهي ته انسان جو
اولاد اڃان اونداهيءَ ۾ گذاري پيو. اسان ۽ توهان
تي فقط پنهنجو خيال غالب آهي، انسان فقط تنهنجي ۽
منهنجي چڪر ۾ ڦاٿل آهي. هن کي ان کان وڌيڪ سچائيءَ
جي خبر ڪونهي. هو ٻي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي.
جيولن ۽ نزهدين هڪ ٻئي کي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهن.
مهربان! هڪ ٻئي کي برداشت ڪريو ۽ سمجهو! سچ کي
قائم رکو! خود غرضي ۽ مفاد لاءِ نه وڙهو. جڏهن
انسان پاڻ پڻي مان نڪري اڳتي وڌندو تڏهن سچ کي
سمجهڻ ممڪن آهي. مسٽر خان چيو ته پاڪستان ۾ تعليم
لاءِ 600 ڪروڙ روپين جي ضرورت آهي پر پاڪستان ۾
گهٽ پئسن سان به تعليم ڏئي سگهجي ٿي. جيڪڏهن
والدين پنهنجو فرض ادا ڪن. ان ڪري حضور اڪرم ﷺ جن
فرمايو ته ”الجنة
تحت اقدام الامهات“
جنت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي. اهو هن جي هٿ ۾ آهي
ته ٻار کي تعليم ڏئي مٿي آڻي. جيڪڏهن ماءُ ٻار کي
نٿي سيکاري سگهي ته پوءِ ڪير به هن کي نٿو سيکاري
سگهي. جيڪڏهن ماءُ گڏهه وانگر جاهل آهي ته پاڻ به
اهڙا گڏهه پيدا ڪندي. جيڪڏهن هوءَ انسان آهي ته هن
کي ملائڪن جي درجي تي پهچائي ڇڏيندي. تنهنڪري
عورتن کي پڙهايو وڃي.
طلب العلم فريضة عليٰ کل مسلم و مسلمة،
هر انسان تي علم حاصل ڪرڻ فرض آهي اسان اڃان ان
درجي تي ڪونه پهتا آهيون. اڃان تائين معلوم پيا
ڪريون ته ڇا عورت کي پڙهايو وڃي. تيرهن سئو سال
گذرڻ کان پوءِ به تصور ڪريو ته اهو سوال گردش ڪري
رهيو آهي. توهان ته وري تعليم جي معيار ۽ مقدار
بابت ڳالهايو پيا پر اهو تڏهن شروع ٿيندو جڏهن
توهان سنجيده ٿيندا. جڏهن توهان خود روشنيءَ سان
منور هوندا ۽ الله جي ڌرتيءَ کي خود روشنيءَ طرف
رهنمائي ڪندا. ”يخرجهم من الظلمات الي النور“ جڏهن
توهان ان جو پرچار ڪندا پوءِ ڏسندا ته اهي وڏا
سائنسدان توهان کي ننڍڙا ٻار نظر ايندا. آءٌ اهو
شرطيه ٿو چوان ته ڪنهن کي خبر آهي ته هي اهو
’الڪتاب‘ آهي، جيڪو ڪنهن نه ڄاتو نه سکيو آهي!
وڏيون وڏيون لئبرريون آهن پر اهو ڪتاب نٿو پڙهايو
وڃي. پر هاڻي به ان کي ايمان طور قبول ڪريو. توهان
هڪسلي ۽ نزهدين جي بيان تي يقين ڪريو ٿا جيتوڻيڪ
توهان انهن جا تجربا ڪونه ڏٺا آهن.
پوءِ مهربان! مون جهڙي جاهل جي چوڻ تي اعتبار ڪريو
ته هي الڪتاب اهو سڀ ڪجهه رکي ٿو جيڪو توهان ممڪن
حد تائين ڄاڻي سگهو ٿا ۽ جنهن جي ڄاڻڻ جي توهان کي
ضرورت آهي. توهان اهو حاصل ڪريو جيڪو تيرنهن سئو
سالن کان سڌي يا اڻ سڌي طرح معلوم ڪيو ويو آهي.
اهو ان الڪتاب جي بدولت آهي. ڪوبه تاريخ نويس چاهي
يورپ، آمريڪا يا انڊيا ۾ هجي ان جو انڪار نٿو ڪري
سگهي. مون ايتري تاريخ پڙهي آهي جيتري ڪنهن ٻئي
شايد پڙهي هوندي. تنهنڪري توهان ايمان آڻيو ۽ ان
تي عمل ڪريو جيئن توهان انهن سائنسدانن جي چوڻ تي
ايمان آڻيو ٿا.
آءٌ نه خوش فهمي ۾ آهيان ۽ نه ئي ڳالهه کي وڌائي
پيو پيش ڪريان، آءٌ قرآن کي وڌائي ڪونه پيو پيش
ڪريان. توهان ان تي ايمان آڻيو. |