سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :9

        ڏاهر پنهنجي لشڪر جي ڀرتي شروع ڪئي. ڳوٺ ڳوٺ تي ماڻهو مقرر ڪيا ويا. مکين تي ڪم رکيو ويو ته مقرر ٿيل تعداد ۾ ماڻهو ڀرتي ڪري ڏين.

        مدن جي ڳوٺ واري مکيءَ جي من ۾ مير ته اڳ ۾ ئي هئي. سينا جي ڀرتيءَ لاءِ سپاهين جي ڀرتيءَ جو سوال آيو ته هن سڀ کان اڳ ۾ مدن کي چونڊيو. مدن کي سڌ پيئي ته وٺجي ويو. اڃان ڪلاونتيءَ سان لائون لڌي چاليهو به پورو ڪونه ٿيو هئس. انهيءَ کانسواءِ پوڙهي پيءُ ماءُ کي ڇڏي وڃڻ به ڏکيو پئي لڳس. ڳوٺ جا ٻه چڱا مڙس سان ڪري مکيءَ جي در تي ويو ۽ منٿ ميڙ ڪيائينس ته هن کي ڀرتي نه ڪري موڪلي. پنهنجي جڏڙي پيءُ ماءُ جي حالت ٻڌايائينس ۽ چيائينس ته هن جي وئي پڄاڻا ٻيئي پيرسن ڏکيا ٿيندا. چڱن مڙسن پڻ مدن جي پٺڀرائي ڪئي پر مکي ڪين وريو.

        مدن، مُکي وٽان نراس ٿي موٽيو ته ڪلاونتي ڀڙڪي اٿي. چادر مٿي تي ڪري گهنڊ وجهي وڃي پئنچات جي وچ ۾ بيٺي. چي : ”مُکي! مان تنهنجي نه پر هن ڳوٺ جي هر چڱي مڙس جي نونهن ڌيءَ آهيان. اڃا منهنجيءَ ويڏيءَ جو چاليهو به ڪونه ٿيو آهي ۽ تو منهنجي گهوٽ کي سينا ۾ ڀرتي ڪيو آهي. آءُ پئنچن کان ڪنيا دان پنڻ آئي آهيان. يا گهوٽ موٽائي ڏيم يا چئو ته تنهنجي نگريءَ ۾ ننگ پالڻ جي نيت ئي ڪانهي.“

        ڀري پئنچات ۾ هيئن ڪلاونتي اچي نيت گهُرندي، سا ڳالهه ته مُکيءَ جي گمان ۾ به ڪانه هئي. چُوچڙي وٺي ويس. ڀڙڪو کائي اٿيو. چي : ”نڪري وڃ ٻاهر ڪني رن! هن نگريءَ جي ڪائي نونهن اڄ تائين پئنچات گهر ڪانه آئي. تون ڪيئن آئينءَ نڪر نڪر نڪر“ ۽ ڌوڪيندو ڪلاونتي کي ڌڪا ڏيڻ لاءِ وڌيو.

        ڪلاونتي کن پلڪ ته چادر جي گهنڊ مان مُکيءَ جا وڌندڙ پير ڏسندي رهي. پر جڏهن پير اچي سڻاوا ٿيا تڏهن چوهه مان چادر جو گهنڊ کڻي مٿي کنيائين ۽ گهور مان مُکيءَ جي منهن ۾ ڏسي چيائين : ”مُکي! پير سنڀال مَدن سينا سان ويندو پر ياد رکجانءِ، هي سينا ڪانه کٽندي_ ويري سينا تنهنجي نگريءَ ۾ ٿاڪ ڪندي ۽ هي پئنچات_ گهر جيڪو نيت نياءَ جي ريت وساري ويٺو آهي، ويري سينا جي گهوڙن جي ڪڙهه ٿيندي_ آءُ سراپ ٿي ڏيانءِ_ سراپ ٿي ڏيانءِ_ سراپ ٿي ڏيانءِ“ ڪلاونتي ائين چئي هڪ دفعو وري پئنچات ۾ ويٺل هڪ هڪ ماڻهوءَ ڏانهن نهاريو ۽ گهر موٽي آئي.

        مکيءَ جي پهچ راڄ درٻار تائين هئي. تنهن ڪري ڪلاونتيءَ جي موٽڻ تي جڏهن هُن ڪلاونتي توڙي مدن جي آڪهه تي گارين جو ڌوڙيو وسايو ته اُتي ويٺل سمورا پئنچ هن جي پٺڀرائي ڪرڻ لڳا.

        مدن اڳلي صبح ڀنڀرڪيءَ جو مکيءَ وٽان سينا پتيءَ لاءِ چٺي ورتي ۽ راڄ گديءَ ڏانهن روانو ٿي ويو. ساڻس گڏ هڪ ٻيو ڳڀرو جوان پڻ هو. ڪنهن به انهيءَ ڳڀرو جوان کي ڪين سڃاتو. پر جڏهن ڏينهن چڙهيو ته مُکي کي ڪل پيئي ته ڪلاونتي پنهنجي سينڌ جي سندور سان گڏ سينا ۾ شامل ٿيڻ ويئي آهي.

        راڄ گديءَ پهچي مدن هڪ ڌرم شالا ۾ ٿانيڪو ٿيو، پر ڪلاونتي کانئس موڪلائي سڌو شيش محل ڏانهن رخ رکيو ۽ وڃي راڻي ٻاگهيءَ آڏو بيٺي.

        ”ڪيئن آئي آهين ڇوڪري“ راڻي ٻاگهيءَ ڳڻتيءَ جي درياهه مان ڳاٽ کڻي چيو.

        ”راڄ ماتا! آءُ ديس سينا ۾ شامل ٿيڻ آئي آهيان.“

        ڪلاونتي وراڻيو.

        ”تون ... تون سينا ۾ شامل ٿيندينءَ“ راڻي پڇيو. ”ها ... راڄ ماتا“ ڪلاونتيءَ وراڻيو_ ۽ هن جو جواب ٻڌي راڻي ٻاگهي وسمي ۾ پئجي وئي. اوچتو کيس ڪو خيال آيو ۽ چيائين : ”چڱو تون مهراج جي شيوا لاءِ راڄ پالڪي ۾ وڃجانءِ.“

        ”جيڪا آگيا راج ماتا“ ڪلاونتيءَ چيو ۽ هٿ جوڙي راڻي ٻاگهيءَ جي درٻار مان موٽي آئي. ٻاهر اچي هن مکيه سهيليءَ بابت پڇيو ۽ ان کي ڳولي راج ماتا جي فيصلي بابت ٻڌايائينس_ چون ٿا ته اڳلي ڏينهن صبح جو جڏهن راجا ڏاهر پنهنجي سينا وٺي محمد بن قاسم جي سامهون ٿيڻ لاءِ نڪتو ته پالڪيءَ ۾ ڏاهر جي پويان ڪلاونتي ويٺي هئي ۽ هاٿيءَ جي پاسي ۾ هلندڙ پيادن ۾ مدن ڪٽار کنيون پئي هليو.

        هڪ طرف عرب سينا هئي، ڊگها چوغا سي به اڌ ڦاٽل، چيلهه تي هڪ هلڪڙو سنڌرو ٻڌل ۽ ٻئي طرف ڏاهر جي سينا هئي، جا پنهنجون ڍالون، ترارون ۽ بچاءَ لاءِ ٺاهيل ٻيا سامان کڻي نه پئي سگهي. هوند ۽ اڻ هوند وارن جو هي مقابلو ڏسڻ وٽان هو.

        ڏينهن چڙهي لڙائي شروع ٿي هئي ۽ سج اڃا اولهه ۾ ڪانو سوا مٿي بيٺو هو جو ڏاهر جي هاٿيءَ ٽاهه کاڌو. هن سُنڍ مٿي کڻين ٻه چار قدم اڳتي وڌايا، ڦيري کاڌائين ۽ پٺتي وريو. سامهون مدن اڃان تائين ويري سينا ڏانهن منهن ڪيو بيٺو هو. هاٿي رانڀٽ ڪندومدن ڏانهن وڌيو. ڪلاونتيءَ پالڪيءَ مان ڏٺو ۽ رڙ ڪيائين : ”مدن...... مدن...... هٽي وڃ.“

        مدن ڪيڏانهن هٽي ها_ هر طرف سينا جا ڪٽڪ هئا. هاٿي مدن مٿان اچي پيو_ هڪ دانهن ٿي ۽ رت پونءِ جو هڪ دٻو ٺهي پيو. ڪلاونتي پنهنجي چيلهه ۾ ٻڌل ڪٽاري ڇڪي ڪڍي، ٿوري دير لاءِ ڪٽاري چمڪي ۽ ڪٽاري ڏاهر جي پٺيءَ ۾ داخل ٿي ويئي. اوچتو هڪ تير ڪنهن طرف کان اُڏامندو آيو ۽ ڪلاونتي هڪ دفعو وري دانهن ڪئي ”مدن پهتس“، هن گولاٽي کاڌي ۽ پالڪيءَ مان هيٺ ڪري پيئي.

        چون ٿا ته جتي مدن جو رت چڪيو هو، اُتي ان ڏينهن کان هي گل ڦٽندو آهي.

        اِهو به چون ٿا ته ان رات عرب سينا جي هڪ حصي اُن ڳوٺ ۾ وڃي ٿاڪ ڪيو جنهن ۾ مدن رهندو هو. ان رات عرب گهوڙا پئنچات گهر ۾ ٻڌا ويا هئا.

        گيان ڳالهه ڪري الائجي ڪڏهن چپ ٿي ويو هو. آءُ خيال ئي خيال ۾ الائجي ڪٿي وڃي نڪتس. مانيءَ جا خمار ذهن تي چڙهندا پئي ويا. اکيون پوربيون پئي ويون ۽ پوءِ ننڊ کڻي ويم. ننڊ ۾ مون هڪ خواب لڌو توکي به ٻڌايان.

        خواب ۾ ائي پيو ڀاسيم ڄڻ هاڻي راجا ڏاهر جي ڪٽڪ هار کاڌي آهي ۽ عرب لشڪر موٽي پنهنجي ڇانوڻيءَ ۾ ٿڪ پيو پٽي ۽ راجا ڏاهر جو ڪٽڪ ڪڻو ڪڻو ٿي الائجي ڪيڏانهن نڪري ويو آهي. ميدان تي هر طرف لاش وڇايا پيا آهن. ٿورا عرب سپاهي پنهنجي ساٿين جا لاش ڳولي ڳولي کڻي رهيا آهن.

        آءُ هورڙيان هورڙيان هلندو اُنهيءَ تي اچي پهتو آهيان، جتي ڪلاونتيءَ هاٿيءَ تان ڪري هئي. مون کي ڪلاونتي نظر ڪانه ٿي اچي. آءُ اچرج ۾ پئجي ويو آهيان ۽ هيڏانهن هوڏانهن کيس ڳولڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان.

        منهنجي نگاهه ان گيسڙي تي ٿي پوي جيڪو انهيءَ هنڌ تان شروع ٿيو آهي، جتي ڪلاونتي ڪري هئي.

        آءُ انهيءَ گيسڙي ڪڍ هلڻ شروع ٿو ڪريان. دل ۾ ڪٿي ڪو خيال اٿم ته اهو گيسڙو ڪلاونتيءَ جو آهي. سئو سوا قدم پنڌ ڪيو اٿم. ڌوڙ ڌڌڙ ۾ لَٽيل ڪلاونتي رَت جي اُن دُٻي ۽ ڀڳل ٻانهن جي ان ڍير مٿان پيئي آهي ۽ ور ور ڪري رت ۾ پنهنجون آڱريون ڀري پنهنجي سينڌ ۾ وجهي رهي آهي.

        هو چوي پيئي: مدن آءُ اچي وئي آهيان. مدن منهنجي سينڌ ۾ سندور وجهه. ڏس آءُ اچي وئي آهيان. مدن مون تنهنجي هتيا ڪندڙن کي ناس ڪري ڇڏيو آهي. وري ويري توکي سينا ۾ ڀرتي ڪرڻ لاءِ نه اُٿندو. وري توکي هاٿي هيٺان نه لتاڙيندو. مدن مون ڪٽار ڪم آندي آهي. مدن مان اچي وئي آهيان. ڏس مدن .... مان اچي وئي آهيان. مان .... مان.... مدن.... مدن..... مان“ ۽ هوءَ هوريان هوريان رت جي دٻي ۽ هٿ پيرن جي ڍير تي ڍرڪي وئي. پکيئڙو پرواز ڪري ويو هو. مون کي کل اچي ويئي. ڪهڙو تاريخ دان ڪلاونتيءَ جي هن ڪلاڪاريءَ جو داستان لکي سگهندو؟ هي نجهري نماڻي نينگري جنهن جي ابن ڏاڏن راجائن انهن جي منترين، مکين ۽ سنياپتين اڳيان سيس نمايو هو، تنهن پنهنجي ڪٽاريءَ سان اهو ڪم ڪيو هو جيڪو ويري سينا نه ڪري سگهي هئي. جيڪو ڪنهن کان نه پڳو هو. مون سوچيو : پيڙيندڙ ۽ پيڙجندڙن جي جنگ اجهو ائين ختم ٿي ويندي.

        دل ۾ هڪ خيال آيو : آخر ڪيستائين ائين ٿيندو؟ ڪيستائين ڪلاونتي پنهنجي ناٿ جي رت سان سينڌ رڱيندي؟ مون اهو پنهنجي سوال ڏاڍيان پڇي ڪڍيو هو. مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڌڌڙ ۽ ڌوڙ ۾ ليٽيل ڪلاونتي اوچتو اُٿي بيٺي آهي. ڌڌڙ ۽ ڌوڙ مٽجي گلال ٿي پيا آهن ۽ ميرا مٽيءَ هاڻا لٽا اڇا کير جهڙا ٿي پيا آهن.

        مون ڏانهن ڏسي ڪلاونتيءَ مُرڪي پئي. چوڻ لڳي : ”ٻارهن صدين کانپوءِ کوڙ ڪتابن جا پات پڙهي اهو سوال پڇڻ آيو آهين، جيڪو مون چاليهن ڏينهن جي پرڻيئي مرڻئي ۾ پڇيو به ۽ سليو به.

        ٻڌ! جڏهن اڻ ميون ڪلاونتيون سينڌ سان ونتن جي رت سان رڱڻ لاءِ سنبري بيهنديون ته پوءِ، سندن سينڌ ۾ رت بجاءِ سندور ئي پوندو.

        جنم جنم ۾ ويچارا ماڻهو ويرين سان وير پاڙڻ لاءِ ٻين ويرين کي ڪوٺ ڏيندا رهيا آهن. جنم جنم ۾ مهراڻ جي ماٿريءَ ڏيهي ويرين کان پلاند ڇڏائڻ لاءِ پرڏيهين کي نينڍ ڏني آهي. پنهنجي ڪٽاريءَ ۽ پنهنجي ڪلا تي هي مورک ڀروسو نه ڪري ڄاڻن. جنهن ڏينهن اهو مانڊاڻ مٽبو. تنهن ڏينهن نياءَ ۽ نيت جا پراڻ موٽي هن ماڳ ايندا.“

        ”ترس ڪلاونتي .... ايترو تڪڙو ته نه ڳالهاءِ_ مون کي ڳالهه ته سمجهڻ ڏي_ تون ۽ مان گهڻن جنمن کان انهيءَ چڪر ۾ پيا آهيون.“ مون ڪلاونتيءَ کي پوئتي هٽندو ڏسي چيو. هوءَ وري مرڪي_ هلڪي کڻڪ جهڙي کل هن جي نڙيءَ ۾ ائين کڙڪي ڄڻ ڪنهن پازيب جي جهنڪار هجي. چيائين ”اهو ته ياد ڪين اٿم. ايترو سو ياد اٿم ته جڏهن پهريون پهريون دفعو هڪ ڏيهي ويريءَ هڪ کيت جي چوڌاري ڍنگر هڻي لوڙهو ڏنو هو ۽ چيو هيائين ته هي کيت منهنجو آهي، تڏهن پهريون دفعو مون کي مدن جو رت پنهنجي سينڌ ۾ ڀرڻو پيو هو. توهانکي اهي لوڙها به ڊاهڻا پوندا.“

        هوءَ ٿوري دير ماٺ ٿي ويئي. وري کلڻ لڳي. هلڪي کڻڪ رتي کل ۾ چيائين : ”تون انهيءَ کي ڇا ڪندين ته رت سان سينڌ رڱڻ جي هيءَ رسم ڪڏهن شروع ٿي؟ تون ان کي ڏس ته اها ڪڏهن بند ٿيندي، مان اڪيلي ته ڪانه آهيان. آشا، اوشا، شوڀا، سيناوتي سيتلتا، سڀئي ته پنهنجي سينڌ رت سان رڱينديون ٿيون اچن. تون، گيان_ سڀ ڏسندا پيا اچو.“

        ڪلاونتي، هي سڀ تو مون کي ڇو ٻڌايو، مان ته اڳيئي ڏاهپ جي ڏنگن جي ڄَر ۾ جلي پڄري رهيو آهيان_ مون ڪر ڪندي چيو.

        ”اڃا ڀنڀٽ ٿي نه ٻريو آهين. اڃا سوليءَ کي سيج نه سمجهيو اٿيئي_ اڃان ائين پيو ڀانئين ته ڪو اچي تنهنجي ٻيڙي سير اپاريندو، اڃا پيو ڌارين جي آسري جيئين، جنهن ڏينهن ونجهه پتوار ڦٽي ڪندين، ٻيڙيءَ کي تار جي تک تي ڇڏي ڏيندين ۽ مرڻ جيئڻ جي راند رچائيندين، اُن ڏينهن .......... ان ڏينهن توکي نرواڻ ملندو ۽ مون کي مڪتي ملندي.“

        ائين چئي هوءَ پوئتي هٽي_ ٿورڙو هيٺ نهاريائين جتي ٿوري دير اڳ مون مدن جي رت جو دٻو ڏٺو هو، اُتي هڪ ننڍڙو ٻوٽو اُسري آيو هو ۽ ان ۾ هڪ گل لڳل هو. ڪلاونتي جهُڪي ٻوٽي مان گل پٽي ورتو. هڪ دفعو وري جهيڻو جهيڻو ٽهڪڙو هنيائين ۽ پوءِ گل مون کي اڇلائي هنيائين. منهنجي اک کلي ويئي. گيان الائجي ڪنهن ويل مون کي ستل ڏسي رهيو هو. هن نيٺ تنگ ٿي مون کي اٿارڻ لاءِ مدن مست جو گل هڻي ڪڍيو هو. ڏانهس نهاريم ته چوڻ لڳو. ”ستو ته ائين پيو هئين ڄڻ سيج پلنگ تي سمهيل هجين.“

        مون مُرڪي ڏنو_ ”پنهنجي سيج پلنگ هي پَٽ ٿئي يار“ مون چيو.

        ”هل ڙي هل“ گيان چيو. ”ڪلاونتيءَ جو قسم“ مون چيو.

        ”اُٿ_ اڃان ته ڪالڪا جومندر به ڏسڻو آهي. تون اڃا سوڌو مدن مست ۽ ڪلاونتيءَ ۾ اٽڪيو پيو آهين.“ گيان چيو ”چانهه جو ڪو دم ڪين ٿيندو؟“ مون ڏاڍي آهستگي مان پڇيو ڪلاونتيءَ جون ڳالهيون اڃان منهجي ذهن ۾ واچوڙو وجهيو بيٺيون هيون.

        ”اها به ته ڪالڪا ديوي جي محنت وٽ ٺهي سگهندي.“ گيان وراڻيو ۽ اُٿي کڙو ٿيو.

        آءُ اُٿي بيٺس. رومال ڪڍي منهن اگهيم. لٽا ڇنڊي مٽي ڪڍيم ۽ اسين ٻيئي ڪالڪا جي مندر ڏانهن روانا ٿي وياسين.

        مينهن پنهنجو ڇوهه ڇنڊي بيهجي ويو هو ۽ هلڪي هلڪي هيرائين گهلي رهي هئي ڄڻ ڪلاونتي جا ٽهڪڙا چوڌاري ڇڻڪي پيا هئا. اسين ٻئي ماٺ ميٺ ۾ ڪالڪا ديويءَ جي مندر ڏانهن وڃي رهيا هئاسين.

        منهنجي ويچارن ۾،

        سج ٽي سوا ٽي ڪانا مٿي هوندو. جنهن ويل اسان ڪالڪا ديويءَ جي مندر هيٺان پهتاسين.

        گفا جي ٻاهران هڪ ڪوٺڙي هئي ۽ ان جي در تي مهنت ويٺي صلفيءَ مان دم هنيان. ٻڍڙي سنت اسان کي ايندي ڏٺو ته ڳاڙهيون ڳاڙهيون اکيون ڦوٽاري اسان ڏانهن گهورڻ لڳو. آءُ ته ڊڄي ويس. گيان اڳتي وڌي چيو ”رام رام ڪاڪا“ ”رام رام“ مهنت وراڻيو ۽ پڇيائين ”ڪير آهيو؟“

        ”اسين وديارٿي آهيون ڪاڪا ڪاليج  ۾ پڙهندا آهيون.“ گيان وراڻيو ”پوءِ هت ڇا ڪرڻ آيا آهيو؟ گيڙو رتا ڪپڙا ڇو پاتا اٿَو؟“ ٻڍڙي يڪ ساهيءَ ٻه سوال پڇي ڪڍيا. مون کي ۽ گيان کي گيڙو رنگ جا ڪرتا ۽ سلوارون پهريل هيون. اسان ته انهيءَ طرف خيال به ڪين ڪيو هو.

        گيان چيو : ”ڪاڪا_ گيڙو لٽا ته سڀ شيوا ڌاري پائيندا آهن. اسان به ويل اويل سماجي ۽ ساهتي ڪمن ۾ بهرو وٺندا آهيون_ رهيو هيڏانهن اچڻ جو سوال، سو ڪالڪا ديويءَ جو درشن ڪرڻ آيا آهيون.“

        ڪهڙي خبر ڀائي_ روپ ٻهروپ ۾ ڦير ڪٿڻ ڪو سولو ته نه آهي. هو ٿوري دير ماٺ ٿي ويو. مون کي ۽ گيان کي به ماٺ وٺي وئي.

        اسان ڀانيو هو سندس ڪوٺيءَ ۾ ويهي چانهه ٺاهي پيئنداسين. پر مهنت اڄ ڪنهن ٻيءَ  موج ۾ هو. جهٽ پل ائين ماٺ ۾ گذري ته پوءِ پوڙهي چيو: رات به ٻه ٻهروپيا هت آيا هئا..... الک نرنجن، الک نرنجن..... مانڌاڻ وجهي ڏني هئائون......ؤ ٻئي جهڙا مينهن جا ڪونها ..... ڪارا ڪارا..... ٿلها متارا.... پست جون ڏوڏيون به پي ويا.... بڪن پيا... الک نرنجن..

        هڪڙو جيڪو وڏي پاڏي جهڙو هو وڌيڪ پئي نچيو_ چئي: ”ڪالڪا جي گفا آهيان جنهن ۾ هڪ نه پر هزارين ديويون آهن، جن کي مون گهڙي ڇلي ٺاهي سنواري سينگاري سڄي عمر پوڄيو آهي.“ وڏو ڌرماتما پر ماتما پئي سمجهيائين پاڻ کي. پست جو ڏوڏين جون ٻه وٽيون لڳس ته پاڏي جيان ڇانگ هڻڻ شروع ڪري ڏنائين. توهان پاڏي کي ڇانگ هڻندي ڏٺو آهي؟“ ٻڍڙي اسان ڏانهن منهن ڪري سوال پڇيو ۽ وري پاڻ ئي جواب ڏيڻ لڳو : ”پاڏو ڇانگ هڻندو آهي ته پڇ وٽي مٿي ڪندو آهي ۽ پوءِ چارئي پير هڻي وٺي مٿي اُڇانگ ڏيندو آهي. هي پڻ ائين پئي نچيو_ منهنجون ڏوڏيون به پي ويو. ڄڻ پڻس جو مال هو. ٽڪو به نه ڏنائين_ توهان وٽ آنڪ ٻياني آهي؟“ هن اسان کان ائين پڇيو  ڄڻ چوندو هجي ”توهان به ته هنن ٻهروپين جهڙا نه آهيو، جيڪي ڏوڏيون به پي ويا ۽ ڏن به نه ڏنائون.“ مون ڪُرتي جي کيسي ۾ هٿ هڻي هڪ آڌي ڪڍي مهنت کي چيو : ”ڪاڪا مون وٽ تو لاءِ هڪ آڌي آهي.“ گيان کيسي ۾ هٿ هڻي ست آنا ڪڍيا ۽ چيائين. ”ڪاڪا، کڻ ست آنا مون وٽ به آهن.“ ٻڍڙو سنت پئسا وڍي چُپ ڪري ويو، ڄڻ ڪنهن ٻي دنيا ۾ نڪري ويو هجي.

        رکي رکي گيان کي الائجي ڪهڙو خيال آيو. مهنت کي چيائين : ”ڪاڪا تون ته دل لاهي ويٺو آهين.“ پوڙهو سنت ڄڻ ڇڙي پيو. چيائين ”دل نه لاهيان_ پهرين ته ورهاڱي کانپوءِ اڙيو تڙيو ڪو ياتري ڪالڪا ديويءَ جي درشن لاءِ اچي ۽ جي اچي ته دان به نه ڏئي ۽ اُٽلو ڏوڏيون به منهنجون پي وڃي. وري اهو به ٺهيو_ مون کي ويهي آواگون جا چڪر سمجهائي. مون کي چئي آءُ ڪالڪا جي گفا آهيان. منهنجي سامهون ويهي اُها لٻاڙ هڻي ته سندس گفا ۾ هزارين ديويون آهن. ديوين جي ڪهڙي کوٽ! مندر ٺاهڻ ۾ ڪهڙي مايا،_ٻه سران ٽيون ڪاريگر، مندر تيار، مون ڪو نه هي ڪالڪا جو مندر ٺاهيو ۽ هوءَ مسيت_ هوءَ مسيت جا تليءَ جي ميدان جي پريان بيٺي  آهي. اها مسيت ٻه ته ڪنهن ٺاهي هئي.... پر پوڄاري...... ڪٿي آهن پوڄاري......... مسيت ۾ نماجي_ به ته ڪين آهن. الک نرنجن.... الک نرنجن...... ڪير ڪيستائين اهي شبڌ اچاري.......... الک نرنجن مان اٽولٽو ته ڪين ٿو بڻجي ۽ جيئڻ لاءِ ديويءَ جي آشيرواد کان وڌيڪ آن ڪڻن جي هاج ٿي پوي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com