سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :15

 

فقير رمندا رهن ٿا

 

        ڄائو ته ڄڻ سورن جي سڌ هيس....  ڄمنديئي دانهن ڪيائين. دائيءَ کڻي مرڪيو. چي: ”پٽ آهي پٽ“ ماڻس جا سورن کان سڻي هئي تنهن هڪ ڊگهو ساهه کنيو! ڄڻ ڪنهن دشمن تي فتح حاصل ڪئي هجيس_ ڌوپ ڌاپ ٿي ته پڻس پيهي آيو لانڍيءَ ۾. دائيءَ تنهن تي مبارڪيون ورجايون. ماڻس پڻس ڏانهن ائين نهاريو ڄڻ ڪوٽ کٽي ڏنو هجيس. هو به مرڪيو. سندس اکيون خوشيءَ کان اڌ ٻوٽجي ويون. پٽ ڄائو هيس_ پٽ_ ڪا معمولي ڳالهه ڪانه هئي. غريب هيو ته ڇا ٿيو؟ پيريءَ لاءِ سهارو مليس ۽ پيڙهي وڌندس سا جدا اميد ٿيس. مطلب ته نينگر جو ڄمڻ ڏاڍي چاهه چوڄ مان ملهايو ويو. ڇٽي، چاليهو ٿيو ته به وت آهر مائٽن وسئون ڪين گهٽايو. نالو رکيائونس ”فقير محمد“ چار اکر ڳالهائڻ سکيو ته مائٽ ڪپڙن ۾ نه پيا ماپن، وري جو ريڙهيون ڇڏي پيرين بيٺو ته خوشيءَ ۾ ٽڙي پيا.

        ڏينهن گذرندي ويرم ڪين لڳي. فقير سياڻو ٿيو ته اسڪول موڪليائونس_ پڻس ويچارو پورهيو ڪري جيڪي ڪمائيندو هيو تنهن مان اٽو لٽو ڪري باقي سڀ هن جي خرچي هئي. ڳوٺ جو اسڪول، تنهن ۾ ماستر هڪڙو ۽ نينگر پنجاهه، زميندار جا ٻار ته سڀ دادلا ۽ چلولا، ماستر صاحب پاڻ زميندار جي ڇينڀ کان جند ڪين ڇڏائي سگهندو هيو. ماستر به ڪاوڙ لاهيندي هو غريبن جي ٻارن تي_ چئي ”ڌڪ هڻ ڌيءُ کي ته نُنهن سڌري“ اها ڪَل ڪين ٿي پيس ته ڌيءُ جو ٻيڙو پئي ٻڏو_ پر پوءِ ڌيءُ پرايو ڌَن تنهن جي پچار ڪير ڪري_ غريباڻا ٻار جي انهيءَ بيجا مار کان اسڪول پئي ڇڏي ويا ته ماستر جي گهران ڇا پئي ويو. هن غريب کي ڪم پگهار سان، لٿي پٿي زميندار جي مٺائيءَ سان. ڪهڙي خبر غريب کي ته قوم ڇا ٿيندي آهي ۽ ماستر کي معمار ڇو ٿا چون. فقير اسڪول ۾ ويو ته ماستر سان معاملو اٽڪيس. کجيءَ جو چَهو آڻڻو به کيس پوندو هيو ۽ کائيندو به پاڻ هيو. ڏهه ويهه غريباڻا ٻار کڻي ٻيا به ساڻ هيس. اٽو کائن ڪُوئا ته به مار پئي گابي تي، ۽ جي گابو کائي اٽو ته به گابي جي کري هئي. اسڪول ۾ دل ڪانه لڳس ته به سبقن ۾ سائين هيو_ پڙهندو ائين هيو ڄڻ اڳ پڙهيل هيس_ مار ملندي هيس ته گهران حساب نه ڪري اچڻ تي يا پَٽي نه لکي اچڻ تي. غريباڻو ٻار هيو، اسڪول مان گهر ويندو هيو ته ڍور ورائڻ، چاري وجهڻ سان گڏ ٻيا به چار ڪم ڪرڻا پوندا هيس. پوءِ پٽي لکي ته ڪيئن، حساب ڪري ته ڪنهن ويل؟ اسڪول ۾ دير مدار به ويندو هيو. پر ماستر کي ته هي گگدام ڌيءُ ڌڻ ٿي لڳو هو، سو هن کي ڌڪَ هڻي ٿي زميندار جا ٻار سڌاريائين.

        ائين مار موچڙن ۾ به پنج درجا پڙهي نڪتو، مائٽن ۾ مَرڪ نه ڏٺائين نه ته شهر وڃي وڌيڪ پڙهي ها. ائين ئي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو. ساوَل پئي سَئين ٿيس. لڱ مروڙ به چڱي ٿيل هيس. چوندا آهن ته هوشيارپ ۽ ڏنگائيءَ جو اصل ناتو ٿئي، سو ڏنگو به گهٽ ڪين هيو. ڪڏهن ڪنهن باغ مان انب چورائيندو هيو ته ڪڏهن واڙين ۾ ولين تي مارو وجهندو هو. ڀڃ ڊاهه انهيءَ ٽهيءَ جو مرڪ ٿئي_ سو گسندو ڪين هيو. سال کن واندو ويٺو ته ڳوٺ تپائي ڏنائين. غريب جو ٻار هيو تنهن ڪري جيڪو تيڪو پيو ڇنڀيندو هيس. ڪَڪ ٿي پيو واجهه واجهائيندو هيو ته ڪنهن پر ڪاڏي منهن کڻي ڪري. ڳوٺ کان ٻاهر گهٽ نڪتو هيو،. تنهن ڪري پرديس ويندي دليون پئي هنيائين.

        درياه پار ميلو لڳو ته هيءُ به اسهيو. پڻس موڪل ئي نه پيو ڏئيس. چئي ”ڇورا“  رلي ٿيندي خراب، متان ويو آهين“ ماءُ کي منٿون ڪيائين تڏهن وڃي ڀاڙو ڀتو بنيس، ميلو موج ۾ هو ته هيءُ به اچي رسيو. ڳوٺ مان پهر ڪانه آئي هيس سو پنهنجي منهن پئي موج ملهايائين. شڪل شبيهه چڱي هيس ٻيو عمر هيس البيلي، سڀ ڪنهن پئي پنهنجو ڪيَس. هن سان ويهه هن سان ڳالهاءِ مَڙئي پئي وقت هلايائين. ائين ڪنهن قدردان کي قدر پيس ته ڪوٺي حال احوال ورتائينس. هيءُ ويچارو ڳوٺاڻا سو ڇا ڄاڻي دنيا جي هير ڦير ۽ چال چرتر. سنئين سڌي ڳالهه ڪري ٻڌايائين. هوڏانهن جنهن سان پلاند اٽڪيو هيس، سو، ڪوسيون ٿڌيون ڏسيو ويٺو هو. نينگر جي سهڻي شڪل ڏسي من ۾ چور جاڳيس. ريهي ريبي پاڻ سان کنيائينس. ميلي پڄاڻا آڻي حيدرآباد کان ڪڍيائينس. قدر دانن وٽ پهتو ته ڇوڪر رنگ ڪڍيا. لٽا وڳا ٿيس ته ڪڻڪڻو رنگ مٽجي گلابيءَ جو ڏيٺ ڏيڻ لڳو. اتي پئي رهيو، سانگي سان ڳوٺ به ويندو هو. مائٽن کي چيائين ته نوڪري ڪئي اٿم پر پوءِ ماڻهن جي وات کي ڪير ٻنجو ڏئي. چوڻ وارن چئي ڏنو: ”سائين.... فلاڻي جووهاريل.... آهي“ پڻس ٻڌو ته گوڏن تي هٿ هڻي ويهي رهيو. ائين رهندي خيال آيس ته پڙهجي. دماغ سٺو هيس، فائينل لاءِ ويٺو ته پاس ٿي ويو_ قد بت مان وڏو پئي ڀاسيو نه ته انگريزي پڙهي ها، پر پوءِ انهيءَ تي ئي راضي رهيو. رهائي رسوخ وارن سان پئي رهيو تن تپيداريءَ جي چونڊ ۾ کڻائي ڇڏيس. امتحان ٿيا ته سٺا نمبر کنيائين. ڪجهه وهيءَ کان به چڙهي هليو هو. تڏهن مڙيئي پوڙهيو ڪرڻ فرض ٿي پيو هيس، تنهن ڪري نوڪري ڪرڻي پيس. تپيدار وڃي ٿيو، اتي جواني به اچي ڦوهه ڀري هيس، تڏهن سريتيون سارڻ لڳو. ڳڀرو وهيءَ جا ساٿي ڇٽس. هاڻي پنهنجي پيرن تي هيو. سريتن جي نوس آهي بزار جي چک. لڳي نه آهي ته پيو در در نُوسيندو. اڳين هاڪَ هئيس ته هاڻي هيءَ نئين هٿ ڪيائين. پاڻ وٽيندو هيو ۽ ٻين کي به موج ڪرائيندو هيو. ڪڏهن ڪو مختيارڪار ڪاوڙجيس ته جهٽ هڪ نه ٻيو گهر رسائيندو هيس.  ”پيءُ دلالي ڪئي؟ آءُ ته هنن موذين کي اور کارائي پيو ڪم ڪڍان آنڪيءَ مان اپت جوڳ هيس. لڱن لٽا ريشمي هجن ته واهه نه ته وار ڪانڊراجي ويندو هيس. پر پوءِ انهيءَ چال کي چلت گهڻي؟ منهن اڳ ۾ ئي ڏرا ڏئي ويو هيس. سڪي ڪنڊا ٿي ويو هو. پر هوس ڍر ڏئي تڏهن ته ڳڻ ڳوت ٿئي. ورهيه گذرندي ويرم گهڻي؟ ڏهاڪو سال ائين گذريا جو ڪل ئي ڪانه پيئي. موج ۽ مستيءَ جو زمانو لنگهي هليو. اڳيون سرتيون هاڻي پراڻيون ٿي ويون هيون. پاڻي ته عادت کان جک ماري اٿندو هو پر سريتن ۾ هاڻي اهو سلوڻ ڪونه هو جو آئي ويل مختيارڪارن سان منهن ڏين. ننڍيون نيٽيون نينگريون جي انهيءَ واهه وريل هيون سي هن کٽل مڙس ڏي ڪيئن مڙن. ناڻو بلاشڪ گهڻو ڪجهه ڪري پر اها ڪٿي. رشوت کائڻ جا اڳ شروع ڪئي هئائين سا بند ڪٿي ٿي ڪري سگهيو. البت اڳين رسائي سا ڪانه رهي هيس، پر تنهن هوندي به پئي ڏينهن گهاريائين.

        پِيري اچي سڻائي ٿيس ته گهر ٺاهڻ ياد آيس. ڀانيائين ته شادي ڪري پر پوءِ سنڱ ڪي سٿرا ڪين ملن. نيٺ جيڪو ڌيءُ ڪڍي ڏيندو سو چار ويچار به ويچاريندو. مڙئي چؤ چوان ڪرائي نيٺ هڪ سنڱ هٿ ڪيائين، ڏوڪڙ ڇا نٿو ڪري. ڇوڪريءَ جي ماءُ ڀانيو ته ڌيڻم تپيدار جي گهر ويندي، ٻه ڳهه ڳٺا ٿيندس ۽ پينگهن لڏندي. گهر ٺاهڻ لاءِ ڪجهه قرض پٽيو هئائين سو پئسي جي تنگي گهڻي ٿي پيئي هيس. هٿ ڇوٽ هيس سو پئسو مختصر بچايو هئائين. مارو رکيائين رشوت تي. چوڌاري رڙ مچرائي ڏنائين ۽ نيٺ اهو ٿيو جنهن کان اڄ ڏينهن سوڌو بچيل هيو، رشوت جي ڪيس ۾ ڦاٿو نوڪريءَ تان لاهي ڇڏيائونس ۽ ڪيس هلڻ لڳس. هي هيو سريتن تي هِريل ڀانيائين ته زال کان به ساڳي مدد ملندي. نئين ويس رسائي رکڻ، هوءَ اٻوجهه ڇا ڄاڻي انهن انڌيرن مان. دانگيءَ مونهن اچي گهر ويهي رهي، اهي چوچلا ۽ چلو لايون جن سان سريتون سرنين سي هن کي ڪٿي ٿي آيا_ ٻه سال ڪيس هليو تنهن ۾ گهر جي ڪوڏي ڪوڏي ڦوڪي ڇڏيائين پر وريو ڪجهه به ڪين. فتوا مليس ته ”ست سال ٽيپ“_ جيل ۾ اندر گهڙيو ته نيڻن مان نير جاري هيس. قيدين کي پٺ هجي ته جيل ۾ به جنت پسن. پر پٺ نه هجين ته اتي  به پاهه ٿين. هي مڙس جيل ۾ گهڙيو ته الله ڌاران آسرو ڪين هيس، ٻئي ڏينهن کان وارڊن جي ڏنڊڪين سان واسطو پيس ته ساندهه ست سال سهندو آيو. انهن ستن سالن ۾ ورلي ڪا مُرڪ منهن تي آيس، نه ته ٿيو ڀلو. ملاقات لاءِ به ستن سالن ۾ ڪو ڪونه آيس. زالهنس به شايد وڃي ڪو ٻيو منهن مٿو ڪيو. ست سال پورا ڪري جيل مان نڪتو ته ائين ٿي ويو هيو ڄڻ جهور ڪراڙو هجي. ڏکيائيءَ جا ڏينهن سالن سنوان ٿين ۽ غم جنهن جو نانءُ سو جند جهوري وجهي.

        جيل جو ڦاٽڪ ٽپي هن واٽ کڻي وَرتي. هيڏو سارو جهان آڏو هيس پر واهه ڪين پئي سجهيس. سڏ پنڌ ڪري واٽ لڳ بيٺل هڪ وڻ هيٺ ليٽي پيو. واءِ پئي لڳي سهائي سو سمهي رهيو. ڄڻ ستن سالن جو اوجاڳو هيس. ڪا مهل سمهيو رهيو. اٿيو ته پيٽ ۾ بک کان وڪڙ پئي پيس. ڪاهي پيو شهر ۾، ڏُٻرو سنهڙو ۽ مرڻينگ شهر جي گهٽين ۾ پئي چڪر هنيائين ڄڻ ڪو ٿڪل تارون پاڻيءَ ۾ ٻڌڻ کان اڳ پڇاڙيءَ جا هٿ هڻندو هجي. سڙڪ پئي اڪريو ته هڪ موٽر مٿان چڙهي ويس. اها اڳين ڦڙتي ڪٿي هيس جو ڇانگ هڻي واٽ مٽي ها، ويچاري جي ڄنگهه چيڀاٽجَي وئي. اکين مان آب به ڪين اڪليس. ڄن ڄاڻ هيس ته اهو ڪي به ٿيندو، موٽر واري موٽر ۾ کڻي اسپتال پهچايس. ڊپ، سور ۽ بک کان بيهوش ٿي ويو هو، اسپتال ۾ ڊاڪٽرن مٿا مونا هڻي هوش ۾ آندس. ٻه مهينا اسپتال ۾ پيو هو. ڄنگهه سڄي تي پلستر چاڙهي ڇڏيو هيائونس. ٻن مهينن پڄاڻا ڊاڪٽر اسپتال مان جواب ڏنس. جهڙي تهڙي ماني جيڪا اسپتال ۾ ملندي هيس سا به ڇٽس. لٺِ کڻي لنگڙائيندو اسپتال ٻاهران اچي ويٺو. ڪنهن راهه ويندي کي رحم پيو ته چار ڏوڪڙ ان ٽيِن جي دٻي ۾ اڇلَائي ويندو هو، جيڪو سندس اڳيان رکيو هوندو هو. ڪڏهن جي اهڙن رحم وارن جي ڪوتاهي ٿيندي هئي ته ويچارو لنگهڻ ڪڍي ويلا ٽاريندو هو.

        ائين راهه تي ويٺي هو لنگهندڙن جي خوشحاليءَ کي ڏسي پنهنجا گذريل ڏينهن ياد ڪندو هيو. رستي تان لنگهندڙن جي حال تي ٽيڪا ٽپڻي به ڪندو هيو: ”چريءَ جو پٽ هلي ته ڪيئن ٿو آڪڙجي، ڄڻ سدائين ائين رهندو“_ هو پنهنجي چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳندو هيو_ ڪڏهن ڪنهن کي موٽرڪار ۾ ويٺل ڏسندو هيو ته وري ڀڻڪ شروع ٿي ويندي هئي: ”ڏس ته موٽر ۾ آڪڙيو ته ويٺو آهي، ڀلا يار! ڪڏهن ته اسان جا به ڏينهن هيا پر هت ٽڪاءُ ڪنهن کي؟“

        ”چار ڏينهن چاهه جا پوءِ گهم، ڪنارا واهه جا.

        چار ڏينهن اسان به لئي ڪئي، پر هاڻي ته.........

        ۽ پوءِ هو ڄڻ ڪنهن خيال ۾ پئجي ويندو هيو ڄڻ سوچيندو هيو ته انهيءَ ردوبدل جو ڪارڻ ڇا آهي؟ اها ڦرمار جي ميڙ ميڙان، ان بعد ساڳي سڃائي ڪيئن ٿي ٿئي؟ ڪيئن انسان پنهنجي زندگي اجائي آڪڙ صدقي وڃائي ڇڏي ۽ ڇو؟ ويچارو تپيدار رهيو هيو ۽ پڙهيو رڳو فائنل تائين هيو. سماج جي بناوت ۽ ان ۾ جيڪا جنگ پئي هلي سا هو سمجهي ڪين پئي سگهيو، پر محسوس ضرور پئي ڪيائين. هن کي اها خبر ڪانه هئي ته اسان پئسي کي ايڏي اهميت ڇو ٿا ڏيون. پئسي وارن جو ايترو بيجا مانُ ڇو ٿا ڪيون ۽ پاڻ پئسي ميڙڻ لاءِ ايترا نيچ ڇو ٿا ٿيون؟ نڪي وري هن کي اهائي خبر هئي ته انهيءَ انڌڪار جو علاج ڇا آهي؟ پر هو انهن سڀني بابت سوچيندي ضرور رهيو هو. ائين جيئن ڪو ننڍڙو ٻار پنهنجي نئين ڪتاب کي اٿلائيندو پٿلائيندو هجي ۽ ڪجهه نه سمجهي ور ور ڪري رکي ڇڏيندو هجي.

        پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ٻين فقيرن بابت به هو دل ۾ ڳڻ ڳوت ڪندو هو پر ڪنهن نتيجي تي پهچي ڪين سگهندو هو ۽ ٿڪجي پوڻ تي کيس ننڊ کڻي ويندي هئي. ڪير هيا اهي فقير؟ ڪيئن بکاري بڻيا؟ شايد ڪنهن امير جا ٻار هجن يا شايد خانداني بکاري هجن! مگر هئا ماڻهو! پوءِ رستن تي ڪتن جيان گراهه گراهه لاءِ سڪڻ ۽ هر هڪ اڳيان ڍوڍي ٽڪر لاءِ ليلائڻ، ماڻهپي لاءِ ڇو شرم جوڳو نه ٿيو؟ ٻيا ماڻهو انهيءَ تي لڄَ ڪين کائن. ڇو؟ اهي ۽ اهڙا ٻيا انيڪ خيال سندس دماغ ۾ ايندا ته هئا پر هو ويچارو ڪنهن نتيجي تي پهچي ڪين پئي سگهيو.

        ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن هن اها واٽ کڻي ورتي جتان ڪوئي ڪين وريو. هن جو وات پٽيو پيو هو. مکين جو ميڙ سندس وات جي ڪنوتين مان رَسندڙ، رطوبتن تي اچي مڙيو هو. ڳپل ڏينهن چڙهئي به جڏهن ڪين اٿيو ته ڀر واري فقير ڌونداڙي ڏٺس، پر هجي ته اٿي!

        پوليس آئي. لاوارث لاش جي لسٽ ۾ داخل ڪري کڻائي وئي. ائين جيئن ٻين گمنام فقيرن جي لاشن کي کڻائي ويندي آهي. هن کي کنيون پئي ويا ته سندس ڀر وارو فقير پاڻ بابت ويچارڻ لڳو. پوءِ اهو به هڪڙي رات سمهيو ته صبح جو ڪونه اٿيو. پوءِ وري هڪڙي ٻئي ڏينهن هڪڙو ٻيو ۽ پوءِ ٻيو_ ائين فقير رمندا رهيا، رمندا رهن ٿا ۽ رمندا رهندا، جيسين ...........

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com