۽
هو
ٻهروپيو.......
چوي پيو : ”آءٌ
آدجڳاد کان سونهن
جي
سوداءَ ۾
ڀٽڪيو آهيان
۽
جيون
جي گهڙي
گهڙي
پيار جي
پيڙا
ٿي
گذري آهي.“
ڪير
سمجهائيس ته
اهي
ڳالهيون
رڳو پاڏي
جهڙي
ڦلاريل
پيٽ کي ئي
سُجهي سگهن
ٿيون.
بک
۾
ماڻهو پنهنجو
ماس
به
ڪوريو
کايو
ڇڏي. جيون
جي
سڄي سونهن
چندرما جي
سڄي
جوت هڪ
هڪ
ڍوڍي
جو مٽ
نه
ٿئي.
ڍوڍو،
جا هڪ
حقيقت آهي.
هڪ
اهڙي حقيقت
جنهن
کي
توري سگهي
ٿو،
تڪي
سگهجي ٿو، ڇهي سگهجي
ٿو
۽
ان
مان پيٽ
جي
آگ اجهائي
سگهجي
ٿي.“
”الک
نرنجن....... الک
نرنجن،“
ٻڍڙي ويچارا
ڪڍندي
چيو : ”پاڏي جهڙو
ٻهروپيو
منهنجون
ڏوڏيون به
پي
ويو. مون
ته
انهيءَ آس
تي
ڏوڏيون
پياريون مانس
ته
ويندي مهل
ڪو
دانُ
به ڏئي ويندو.
پائي
نه
ڏنائين. ٺڳ
ڪنهن جاءِ
جو.
مون کي به
ٺڳي
ويو.
آءُ جڳ
جهان
کي
ٺڳيان_
هي مون
کي
به
ٺڳي
ويو.
ٻهروپيو.“
گيان
ٻڍڙي
جي وڦل
مان
تنگ ٿي پيو
هو.
رهيو ڪين
ٿيس، چيائين : ”ڪاڪا،
چُلهه ڪٿي آهي،
چانهه
ٺاهڻي اٿم.“
ٻڍڙي
جي
نرڙ تي
پيل
گهنج گهاٽا
ٿي
ويا.
چيائين:
”هت
چانهه
ڪاڏهون آئي.“
گيان
سمجهي ويو
ته
ٻڍڙي
ڀانيو
آهي ته
اسين
کانئس
پنهنجي پئسن
جي
موٽ پيا
گهرون_ دلداري
ڏيندي
چيائينس : ”ڪاڪا گهٻراءِ
نه_
اسان چانهه
جو
سامان پنهنجو
آندو
آهي، رڳو
چلهه
ڏس
ته پاڻي
گرم
ڪري
چانهه
ٺاهي وٽان.“
ٻڍڙي
کي
اعتبار ته
ڪين
آيو،
پر تنهن
هوندي به
ڪوٺيءَ
جو
در
کولي گيان
کي
چلهه
ڏيکاريائين.
گيان
وڌي وڃي
چانهه
ٺاهڻ کي لڳو
۽
آءُ
ٻاهر
پيل هڪ
پٿر
تي ويهي
رهيس.
ٻڍڙو
وري
اچي منهنجي
ڀر
۾
ويهي
رهيو.
”توهان
ته
ديوي جا
درشن
ڪرڻ
آيا هئو.
هاڻي
وري چانهه
ٺاهڻ پيئڻ
ويهي
رهيا آهيو.“
”ڪاڪا
ٿڪجي
پيا
هئاسين. چانهه
جي
ٻاڙ
به
ڏاڍي لڳي
هئي.
تڏهن سوچيو
سين
ته چانهه
پيو
ته پوءِ
ديويءَ جا
درشن
ڪريون.“
مون وراڻيو.
ٿوري
دير
ماٺ رهي
پوءِ
مون پڇيو_
”ڪاڪا
تون
چانهه پيئندين؟“
”ڇو
ڪونه
پيئندس“ هن
وراڻيو.
”گيان!
ڪاڪو به
پيئندو_ پاڻي
سٻر
رکجانءِ“ مون
رڙ
ڪئي
۽
پوءِ
ٻڍڙي مهنت
ڏانهن
منهن
ڪري
چيم : ”ڪاڪا تون
ته
ڏوڏن
رس پيئندو
آهين
ني؟“
”ها_
ڏوڏن
رس
پيئندو آهيان
_اڄ
ته
ڏوڏيون
به ڪين اٿم.
ڇا
ڪيان؟
چانهه ئي
پي
ڏسان،
من هانءَ
جهل
ٿئي.“
ڪاڪو
ڄڻ
پنهنجي منهن
ڳالهائي
رهيو
هو.
گهڻي
گهڻي کان
پوءِ گيان
چانهه
ٺاهي گلاسن
۾
وجهي
کڻي
آيو.
ڪاڪي لاءِ
سندس
ئي پانڊن
مان
هڪ تسري
ڪڍي
ان
۾
وجهي آيو
هو.
اسان
ٽنهي ويهي
ماٺ
ميٺ ۾ چانهه
جو
سُرڪيون
ڀريون_ چانهه
پي
بس ڪئي سين
ته
مون کي ائين
لڳو
ڄڻ
نئون ساهه
پيو
هجيم.
ٻڍڙي
مهنت
ڏي
منهن ڪري چيم : ”ڪاڪا
هاڻي
ديويءَ جو
درشن
ڪراءِ.“
”وڃون
درشن
ڪري
اچو“
ڪاڪي بيزاريءَ
مان
چيو.
مون
کي
کل
اچي وئي.
دماغ
۾
ڪٿي
ان دڪاندار
جي
تصوير تري
آئي
هئي، جنهن
کي
هڪڙو
گراهڪ تپائي
ويو
هو ته
اُن
جون خارون
ٻئي
گراهڪ مان
ڪڍي
ان
کي
به هٿان
وڃايائين ۽ ڪو به
وکر
نه وڪڻي
سگهيو.
مورتي ڏسي آءٌ
ويچار ۾ پئجي
ويس.
سالن جا
سال
هن مندر
۾
ماڻهن جا
ميڙ
اچي ڪٺا
ٿيندا هئا
۽
پنهنجي پاپن
جي
پراسچت
ڪندا هئا.
ڪالي
ديوي
جي پيرن
۾مٿو
ٽيڪي
روئيندا هئا،
ليلائيندا هئا
۽
کانئس
کميا
پنندا هئا.
ڏمر
۽
ڏاڍ
جي
هيءُ ديوي
تڏهن
راضي
ٿيندي هئي.
جڏهن
پينارو مهنت
جو
جهول، دان
سان
ڀري
ڇڏيندو
هو. ان
بعد
کيس
مهنت ماتا
جي
آشيرواد
ٻڌائيندو هو
۽
هو
شرڌا ۽ عقيدت
مان
اُن تي
ويساهه ڪري پوئتي
موٽندو هو.
منهنجي اکين
اڳيان اُهي
پدمڻيون، سيتاوتيون،
سٻاجهڙيون تري
آيون
جيڪي پنهنجي
پتي
پرچائڻ لاءِ
پنڌ
ڪري
ڪالي
ماتا جي
مندر
تائين آيون
هونديون ۽ سندن
ست
۽
سان مهنت
جي
مڪارين جو
بک
ٿي
ويو هوندو_
دين
ڌرم
جي نام
تي
هي پاکنڊ
جنم
جنم ۾ انسان
جو
نصيب بڻيو
آهي_
مون سوچيو.
منهنجي ويچارڻ
جي
ڌارا
ور هڻي
وڃي
اسان درگاهن
۽
پيرن
جي چانئٺن
تي
بيٺي. وري
مون
کي
خيال آيو
ته
ڪيئن
نه پاکنڊ
جو
هي مانڊاڻ
جُوءِ مٽائي
اوليائن جي
مقبرن ۾ مڙهي
بڻائي ويٺو
آهي.
ڪئين
مجارو ناٽڪ
ڪري
ٻالن
ڀولن
عقيدت مندن
جي
کيسن
۽
عصمتن تي
جاوا
ڪندا
پيا رهن.
تصور
تي اُهي
سڀ
مقبرا تري
آيا
جن بابت
اهڙيون حقيقتون
اخبار ۾ پڙهيون
هيم.
سوچيم : جي سرڪار
انهن
مقبرن کي وقف
بڻائي پنهنجي
قبضي
۾
ڪري
ته هوند
ڪهڙو
نه
چڱو
ٿئي. پوءِ
هوند
اهڙو انياءِ
نه
ٿي
سگهي_ پوءِ
هي
مقبرن جا
مجاور ماڻهن
جي
عصمتن سان
راند
نه ڪري سگهن.
اسين
ديوي جا
درشن
ڪري
ٻاهر
نڪتاسين.
ٻڍڙو
مهنت
اڃان سوڍو
پنهنجي
ڏوڏين جو
روئڻو روئي
رهيو
هو. اڄ
هُن
کي
نشي لاءِ
ڪي
ڪين
مليو
هو. ٻن
ڏوڏين جو
ڪاڙهو
به
ڏينهن
گهارڻ لاءِ
ڪافي
ٿئيس
ها.
پر اڄ
ته
اهو به
نصيب
ڪين
ٿيو
هئس. سورج
ديوتا جو
رٿ
اولهه وارين
ڪڪرين
مان
ڌوڙيا
ڪندو
هيٺ وڻن
جي
جهڳٽن طرف
وڌي
رهيو هو
جڏهن
مان ۽ گيان
تليءَ جو
ميدان اُڪري
سکر
طرف ويندڙ
رستي
تي چڙهياسين.
سائيڪل جا
پيڊل
گول گول
ڦرندا
رهيا_ اسان
ماٺ
ميٺ ۾ پير
هڻندا سکر
ڏانهن
هلندا رهياسين_
هيءَ
ماٺ شايد
انهيءَ ڪري هئي،
جو
اسين
ٻئي، سڄي
ڏينهن
۾
جيڪي
پرايو هيوسين،
اُن
تي ويچار
ڪري
رهيا
هئاسين. ساڃهه
جي
سرنگهه ور
هڻي
هڻي اسان
جي
ڏاهه
کي
ڏنگي
رهي هئي
۽
آدجڳاد کان وٺي
حياتيءَ جي
چوڏول، جيڪي
گهمرا
کاڌا آهن،
سي
هڪ هڪ
ٿي
اسان
جي اکين
اڳيان نکرندا
پئي
ويا.
رات
پنهنجي
ڪاري چادر
چوڌاڙي پکيڙي
ڇڏي
هئي
۽
اُن ۾ سکر
جي
بجلي گهر
جا
ٻاريل
بلب ستارن
وانگي جهومر
ڪري
رهيا
هئا. جڏهن
اسان
سائيڪلون آڻي
دڪاندار کي
ڏنيون_ هو
دڪان
بند ڪري ويو
هو،
پر پاسي
۾
ئي
گهر اٿس،
سو
سڏي سائيڪلون
سندس
حوالي
ڪيوسين.
ٿڪ
ڪري
آءُ
ساجهر ئي
سمهي
پيو هئس.
نه
تارن کي تڪيم،
نه
سنڌوءَ جي
ڌڌڪن
تي
ڪن
ڏنم.
سڌ ٻڌ
کوئي
ڪنهن ٻي دنيا
۾
پهچي
ويس. ڄڻ پُست
جي
ڏوڏين
جو
ڪاڙهو پيتو
هيم.
صبح اٿيس
ته
دل ۾ خيال
آيو : پورهئي کي پنهنجو
خمار
آهي ۽ شايد
هي
خمار پست
جي
ڏوڏين
جي خمار
کان
به
وڌ آهي.
صبح
توکي خط
لکڻ
شروع ڪيو هيم.
رات
وري پنهنجي
ڪاري
چادر
پساري آهي.
وري
بلبن جا
ستارا جهرمر
پيا
ڪن.
نندرا ديوي
جهول
پساري پئي
سڏيم_ موڪلايان
يار.
تنهنجو
تنهنجو
هي
خط
جي
انداز
۾
لکيل
ناوليٽ
حفيظ
شيخ
صاحب جي
سکر
واري
دل گهرئي
دوست،
شيام
ڪمار
صاحب
وٽان
حاصل
ٿيو
۽
هيءُ
”خط
نما
ناوليٽ“
مواد
جي
لحاظ کان
غالباً
شيخ
اياز صاحب
جي
ڪتاب
”ڪاڪ
ڪڪوريا
ڪاپڙي“
۾ آيل
پهرين خط
جو
جواب
پڻ
محسوس ٿئي ٿو.
|