سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :33

 

نور الدين سرڪي

 

چانهه جي ڪوپ تي حفيظ جون ڳالهيون

         حفيظ شيخ کي پنهنجي يادگيرين مان بيان ڪرڻ جي لاءِ وينتي ڪري پورٽ بَل رڪارڊر آن ڪري، هُن جي آڏو مون رکيو ته سهي، پر نامور قانون دان، اديب، دانشور ۽ حفيظ شيخ جو همعصر نور الدين سرڪي صاحب، جيڪو لڳ ڀڳ ستر سالن جو هڪڙو هشاش بشاش، چاڪ و چوبند، کلڻو ملڻو ۽ بي باڪ انسان لڳي رهيو هو ۽ جنهن کي هاءِ ڪورٽ ۾، هزارين دفعا ۽ هزارين ماڻهن جي آڏو فخر ۽ اعتماد سان ڪيس .. پليڊ ڪرڻ جو درڪ هڻو، منهنجي ڪئسيٽ رڪارڊر آن ڪري رکڻ سان اوچتو ڄڻ گائون مائون ٿي ويو .... چيائين: هي .... هي ...... رڪاوٽ آهي، هن کي يار .... آڏو کان هٽائي، بند ڪر هن کي ......

        رڪارڊ کي پاڻ ڏانهن سيريندي ۽ اسٽاپ واري بٽڻ تي آڱر رکندي، هُن تي جهڙوڪر نفسياتي تاثر وجهندي چيم .... هاڻي هي بلڪل بند آهي .... چيائين: واقعي .... چيم: ها واقعي، هاڻي هي بند ئي آهي سر......

        تڏهن نور الدين سرڪي صاحب، پنهنجي ڪاميابيءَ تي اوچتو هڪڙو ڀرپور انرجيٽڪ ۽ اورنيج جُوس جي گلاس جيترو ٽهڪ ڏنو، جنهن مان بهرحال منهنجي هن رڪارڊ بند نه ڪرڻ واري چالاڪيءَ تي طنز گهٽ، هُن جي ذهانت ۽ خوش دليءَ جو اظهار وڌيڪ بکي رهيو هو.

        ..... ها ته سائين، توهان حفيظ بابت ڪجهه ٻڌايو پئي .... مون آن ٿيل رڪارڊ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هن کي جلد از جلد حفيظ صاحب جي موضوع ڏانهن ان ڪري به موڙڻ ٿي چاهيو جو، ايڊووڪيٽ نور الدين سرڪي صاحب جا ڪلائينٽ ويٺا هئا ۽ هن طرفان مون کي مليل وقت تيزيءَ سان گذرندو پئي ڪيو

        چيائين. حفيظ، عجيب و غريب شخص هوندو هو. ڪڏهن ويٺي ويٺي چوندو هو. هتان ڪراچيءَ مان پنڌ نڪران، ۽ ٺٽي مان درياهه جو گس وٺيو ڪشمور تائين وڃان ۽ وري ٻئي ڪناري تان موٽي واپس اچان. جيئن گورڪيءَ روس گهميو هو، تيئن مان ڀي گهمان ۽ هيٺين طبقي جا جيڪي ماڻهو آهن، انهن سان ملان ڪچهريون ڪريان. سندن حال احوال وٺان _ ۽ لکان!

        پڇيم: حفيظ صاحب سان توهانجي پهرين ملاقات ......

        چيائين ٿورو wait ڪر، توکي سربستو احوال ٿو ٻڌايان.

چيم: ونڊر فل ... مان چاهيان به اهو ٿو ته توهان کان سڀ ڪجهه سربستو ٻڌان.

        ڪجهه سوچيندي، سرڪي صاحب، پنهنجي ماضيءَ جي پاتال ۾ لهي پيو، چيائين. شڪارپور مان هاير تعليم لاءِ پاڪستان ٺهڻ کان ٻه مهينا اڳ 1947ع ۾ ڪراچي پهتو هئس. ان زماني ۾ حفيظ هتي ڪونه هو. ها! شيخ اياز اڳ ئي هتي موجود هو ۽ ڊي جي ڪاليج ۾ بي ايءَ ايل يل بي پڙهندو هو. تعليم سانگي احسان بدوي به شڪارپور مان مون سان گڏ آيو هو. شيخ اياز سان اسان ٻنهين جي شڪارپور واري دور کان دوستي هوندي هئي. 47  وارو سڄو سال اسان جو پاليٽيڪس ۾ گذريو. جو آءُ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو جوائنٽ سيڪريٽري هوندو هئس. 7 4  ۾ جنوريءَ ڌاري فساد کڙا ٿي ويا. مهاجر اچڻ سان سنڌي هندن کي ڦرڻ لٽڻ ۾ لڳي ويا. هي افراتفريءَ جو اُهو زمانو هو، جڏهن ميٺارام هاسٽل خالي ٿي چڪو هو ۽ اسان شڪارپورين ۽ ٻين، هاسٽل جا دروازا کولي جنهن کي جيڪو ڪمرو هٿ لڳو، وڃي آڪيو پاءِ ڪيوسين. منهنجي حصي ۾ جيڪو ڪمرو ان جو نمبر هو 74 . ڪمري جي حوالي سان آرٽسٽڪ ڳالهه هيءَ آهي ته اُن جي هڪڙي پاسي ڀت ئي ڪانه، اُن جي جاءِ تي ڊانسنگ گرل جو هڪڙو وڏو پوسٽر لڳڻ هوندوهو، هي تصوير بلڪل اُها ئي تصوير هئي جنهن ۾ عمر خيام جي رباعي جهڙو ماحول ڏيکاريل هوندو آهي. عربي رقص، شراب جي صُراحي۽ ساقي. 48 ، وارو سڄو سال شيخ اياز منهنجي ان ڪمري ۾  رهيو جو، هن وٽ رهڻ لاءِ ڪا ٻي چڱي جڳهه ڪانه هئي. پهرين شايد هُو ڪنهن ٻئي هنڌ رهندوهو ۽ ان وچ ۾ هن Law ڪري ورتو هو ۽ جن ڏينهن ۾ مون سان گڏ رهندو هو. P.W.D. ۾ ڪلارڪي ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته اُتي کيس ڪرڻ لاءِ ڪم ڪار هوندو ئي ڪو نه هو. ان ڪري سڄو ڏينهن ڪتاب پڙهندو ۽ راتين جو گهمندو وتندو هو. رات جا جيڪي چار پهر گڏبا هئاسين ته آڌيءَ آڌيءَ تائين ويٺا چرچا ڀوڳ ڪندا ۽ هڪ ٻئي کي ويٺا کلائيندا هئاسين. اهڙي سنگت ۾ احسان بدويءَ ۽ ڪي ٻيا دوست به گڏ هوندا هئا. اُنهي زماني جو واقعو آهي ته، صبح جو اٿڻ سان شيخ اياز جي هٿ تي پٽي ٻڌل ڏٺم: پڇومانس: هي ڇا؟ چيائين. ڏنڀ ڏنو اٿم پاڻ کي.

پڇيم ڇو؟

        چيائين: ڪالهه روشن مغل ملي هئي بندر روڊ تي ... وڌي وڃي ٻانهن ۾ هٿ وڌو مانس.

چيائين هي ڇا ٿو ڪرين. ڇڏ ڇڏ، اسحاق ساڻ ٿو اچي، بس ان انڪار تي صدمي ۾ سگريٽ سان پاڻ کي ڏنڀ ويهي ڏنا اٿم.

        چيومانس: اياز! روشن سان ايتري محبت هيئي ته پوءِ ساڻس شادي ڇو نه ٿي ڪيئي؟ ۽ منهنجي ان ڳالهه جو جواب ڏيندي چيائين ته، منهنجي سڄي مهيني جي هڪڙي پگهار هن جي هڪڙي ساڙهيءَ جي قيمت کان به گهٽ آهي. اهڙي صورت حال ۾ هن سان شاديءَ جو ته سوال ئي .....

        ...... ۽ مون ته نور الدين سرڪي جي يادن جو رُخ شيخ اياز، روشن مغل ۽ احسان بدوي جي يادن ڏانهن مسلسل رڙهندو پئي ويو، سو مون هن کي وچ ۾ انٽرپ ڪندي، هن کي حفيظ شيخ جي ڳالهين ڏانهن ڪارنر ڪندي چيم: اڇا ته اوهان حفيظ سان پنهنجي پهرين ملاقات جو ذڪر پئي ڪيو.

        پر ڏٺم ته ڳالهين جي تيز رفتار فلو ۾ هو منهنجي ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندي، چوندو پئي ويو .....

        ته مرزا صاحب، اها ڳالهه ٿي 1948 ع جي.1949ع ۾  مون ڪجهه عرصي لاءِ پڙهائي ڇڏي ڏني. پر ان کان اڳ ئي اياز مون کي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. اياز جي هُنن سان دوستي ته هوندي هئي، پر چوندو هو. مان، ڪم نه ڪندس. ۽ اهو شايد ان ڪري به جو، ان زماني ۾ هن کي پيئڻ کائڻ، وارن دوستن جو هڪ ٻيو گروپ ميسر هو.

اُهي ڪير هئا؟ مون اوتاولو ٿي سرڪي صاحب کان وچ ۾ پڇي ورتو.

        چيائين ..... اُهي به هئا ته ڪامريڊ ئي ......

        ها سو مون ڳالهه پئي ڪئي .... ۽ سرڪي صاحب ڇڏيل ڳالهه جو سرو پڪڙيندي وري روان ٿي ويو: اياز مون کي ڪميونسٽن جي حوالي ڇا ڪيو؟ مان ته بابا انهن مان اڙجي ويس. ان زماني ۾ اسان وارو يار سوڀو گيانچنداڻي جيل ۾ هو. ۽ شهيد حسن ناصر ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري هو ۽ مون سان گهاٽي دوستي هئس. ان زماني ۾ سنڌي شاگردن منجهان، آئون اڪيلو ميمبر هئس.

        ڀلا حفيظ .... مون وري وچ ۾ لقمو ڏنو ......

        ۽ ساڳي ڦڙتي سان سرڪي صاحب مون کي رد ڏيندي چيو.

        نه . حفيظ اڃا ان زماني ۾  ڪراچي وارد ئي ڪونه ٿيو هو. هيءَ مان 48 ، 49  ۽ 50 ع جي پيو ڳالهه ڪريان. جڏهن هتان ڪراچيءَ منجهان هفتيوار اخبار ”صداقت“ جاري ڪئي هئي سين ۽ ان ئي زماني ۾ حيدرآباد وارن ليکڪن مان ڪجهه اسان جا دوست ٿيا هئا.

ڪهڙا!؟

        مراد علي مرزا، ع. ق. شيخ، ابن حيات پنهور، ابن الياس سومرو، حسن علي نذير، قاسم شاز ..... ۽ هي سڀ ”صداقت“ اخبار لاءِ سهڪاري ليکڪ هوندا هئا. جنهن کي آئون ايڊٽ ڪندو هئس. جمال ابڙي جون پهريون ٻه ڪهاڻيون ”خميسي جو ڪوٽ“ ۽ ”پيراڻي“ مون ئي ”صداقت“ ۾ ڇاپيون هيون. اخبار جو باقاعده ايڊيٽر اسان جو ڪميونسٽ ساٿي قادر بخش نظاماڻي هوندو هو. سنڌ ۾ اها ئي اخبار ڪميونسٽن جي واحد نمائنده هفتيوار اخبار به هوندي هئي. جنهن ۾ لينن ۽ اسٽالن جا مضمون ۽ ٻيو ڪميونسٽ لٽريچر باقاعده شايع ڪيو ويندو هو.

قادر بخش نظاماڻي صاحب ڪٿي ۽ ڪهڙن حالن ۾ آهي اڄڪلهه! سرڪي صاحب کان وچ ۾ معلوم ڪرڻ لاءِ سوال ڪيم.

        چيائين: حيات آهي ۽ لنڊن ۾ رهي ٿو. ڪافي جُهور ٿي ويو آهي، اسان کان ڏهه سال کن وڏو هوندو هو. اصل ۾  ٽنڊي قيصر جو آهي. روسي ٻولي تي ڪافي دسترس هئس. ۽ غالبن 1922ع ڌاري رشين ايمبيسيءَ ۾ ڪم به ڪري چڪو آهي.

        ......... ها ته مون ڳالهه پئي ٻڌائي توکي ”صداقت“ اخبار جي، سرڪي صاحب نظاماڻي صاحب جي ڳالهه پوري ڪري ٻڌائڻ لڳو.

 51ع ۾ ڇا ٿيو جو پارٽي حڪم ڪيو ته تون حيدرآباد پهچ ۽ پارٽي جو ڪم اڳتي وڌاءِ. هتي پهچي. ساڳي نالي سان مون ”صداقت“ جو ڊڪليئريشن ورتو ۽ ٻه پرچا ڪڍيا.

حيدرآباد ۾ ڪٿي رهندا هئا؟ پڇيم.

        چيائين. گاڏي کاتي واري هاري آفيس ۾ رهندو هئس. اوچتو جتي ڪٿي ڪامريڊن تي ڇاپا ٻاپا شروع ٿيا ته مهيني کن لاءِ آئون به انڊر گرائونڊ ٿي ويس.

ڪٿي؟

        مهيرين جي ڳوٺ ۾ ...... بدين ڏانهن.

ايڏانهن ڪيئن وڃي نڪتا .... پڇيم.

        چيائين اهو. قصو ڊگهو!

چيم: اِهو به ٻڌايو.

        چيائين، ان زماني ۾ محمد ابراهيم جويو صاحب، ع. ق. شيخ، ابن الياس سومرو ۽ ابن حيات پنهور ٽرئننگ ڪاليج ۾ استاد هئا. ابن حيات پنهور شايد دو آٻي ۾ ٽيچر هو. جو روپوشيءَ وارا ڪجهه ڏينهن هن وٽ به وڃي رهيو هئس. اتان وري ان ئي سنگت جي صلاح سان، کور واهه جي ڀرسان، مولوي علي محمد مهيريءَ جي نالي سان آباد، مهيرين جي ڳوٺ ۾ وڃي رهيس. اها 50 ، 51 جي ڳالهه پيو ڪريان. اتان موٽي خبر چار ورتم، ته خبر پئي منهنجي نالي ڪو وارنٽ ٻارنٽ نڪتو ئي ڪونهي. خير پوءِ به ٻه مهينا کن ٽرئننگ ڪاليج حيدرآباد جي هاسٽل ۾ رهيس ۽ اتان پوءِ هليو ويس شڪارپور ۽ وڃي ڪيم آنرس.

آنرس ڪري 53 ع ۾ موٽي ڪراچي آيس. اتفاق سان رهائش لاءِ وري به ميٺارام ۾ ساڳيو ئي 74 نمبر ڪمرو مون کي مليو. ايم اي ڪرڻ دوران، انهن ڏينهن ۾ ”کڏي“ ۾ ڇهه  مهينا ماستري به ڪندو رهيس. بعد ۾ 54ع ڌاري اسلاميه ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو استاد به رهيس. ان دوران ڪراچي ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جون گڏجاڻيون به اٽينڊ ڪندو هئس. ان کان اڳ 51ع ۾ جڏهن مان ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر هوندو هئس، تڏهن انجمن ترقي پسند مصنفين جي لاهور واري پهرين وڏي اجلاس ۾ به، تڏهن هتان سنڌ مان مون ئي نمائندگي ڪئي هئي. سڀني ٻولين جي ليکڪن جو جيڪو اسٽيج تي پرزيڊيم ويهاريو ويو هو، ان ۾ فيض احمد فيض وارن سان گڏ مون کي به ويهاريو ويو هو. لاهور مان موٽي منهنجو به خيال ٿيو ته ان انجمن جي طرز تي سنڌي اديبن جي ڪا تنظيم جوڙيون، انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌي. خير اُها به ٺاهي سين، جنهن ۾ اياز قادري، احسان بدوي، جمال ابڙو ۽ ٻيا دوست ايندا هئا ....

ڀلا حفيظ شيخ وارا ...... واقعن ۾ حفيظ شيخ جوبيان نه ايندي مان اتاولائيءَ مان هن کان پڇڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهان.

        نور الدين سرڪي صاحب ..... منهنجي اُڻ تڻ کي اينجواءِ ڪندي ٻڌايو ..... اُن زماني تائين اڃا غلام رباني آگرو، حفيظ شيخ ۽ ڀٽي وارا ڪراچي ۾ هئا ئي ڪونه. اهو ته پوءِ 53ع ۾ جڏهن شڪارپور مان آنرس ڪري موٽيو هئس ته، هي سڀ دوست مئٽرڪ پاس ڪري، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي خيال سان ڪراچي پهتا هئا. مون جن ڏينهن ۾ ايم اي ۾ داخلا ورتي ته احسان بدوي سنڌ مسلم ڪاليج ۾ ليڪچرار هو. ۽ منهنجو استاد هو. ان ئي زماني ۾ جڏهن اهي سڀ دوست ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيا ته، ادبي سنگت جو بنياد وڌو سين. ۽ ميٺارام هاسٽل ۾ منهنجي ڪمري نمبر 74  ۾ ان جون گڏجاڻيون شروع ڪيونسين.

ڀلا اوهان جي هُن انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌيءَ جو ڇا ٿيو!؟ ڇا اُها پوءِ سنڌي ادبي سنگت ۾ ڪنورٽ ٿي ويئي هئي؟

        ”نه“. ڪنورٽ نه ٿي هئي. ان معنيٰ ۾ جو انجمن ترقي پسند مصنفين ڪميونسٽ فڪر جي اثر هيٺ هئي، اسان سنڌي اديبن جو وري اهو خيال ٿيو ته، سنڌي ادبي سنگت ڪنهن به سياسي جماعت جي ماتحت نه رهي. ان ۾ هر مذهب، هر فڪر ۽ هر سياسي خيال رکندڙ اديبن کي شريڪ ٿيڻ کپي. اُها اديبن جي گڏيل محافظ هجڻ گهرجي. هونئن ادبي سنگت جو مول متو به اهو ئي هو : مثال طور انسان دوستي، خيال جي آزادي، سائنسي سوچ .... حقيقت ۾ ترقي پسنديءَ جا بنيادي اصول به لڳ ڀڳ اهڙا ئي آهن. پر ڇاڪاڻ ته پاڪستان، هندستان ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جيڪا هئي، سا ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪنٽرول ۾ هئي، ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ ظاهر آهي ان کي پنهنجي نقطهءِ نگاهه سان پئي هلائڻ چاهيو. جيڪو وري اسان نه ٿي پئي چاهيو. ان ڪري اسان کي هڪ الڳ ادبي فورم جي ضرورت محسوس ٿي ۽ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو. سنگت جي ابتدا کان ئي اياز قادري، جيڪو جميعت الشعرا وارن سان هو. ۽ ڪميونسٽ نه هو. اسان سان گڏ رهيو. ۽ قوم پرست خيالن وارو ليکڪ هو. موتي رام راماڻي، عبدالغفور انصاري، مئٽرڪ ڪري جيئن ئي ڪامرس ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته، اخبارن ۾ سنگت جي گڏجاڻين جو ذڪر پڙهي، اُهي به اسان سان اچي ڀيچي ٿيا هئا.

        عبدالغفور انصاري ته رسالو به ڪڍيو هو. اهلِ قلم. 51ع  واري زماني ۾ اسان جو هڪ ٻيو دوست به هوندو هئو. ساقي سجاولي. هو دوست انجمن ترقي پسند مصنفين جي زماني کان ئي اسانجو دوست هو. هن جي باري ۾ هيءَ ڳالهه ته ڏاڍي مشهور هوندي هئي ته ٽرام جي مئن اسٽاپ وارن ريسٽارنٽ ۾، ٽرام جي گوڙ ۾، چانهه به ويٺو؟ پيئندو هو ۽ ويٺو لکندو به هو. چوندو هو، هن ماحول ۽ ٽرام جي گوڙ شور ۾ ويهي لکڻ ۾ مونکي ڏاڍو مزو ٿو اچي.

مون هڪ دفعو ٻيهر سرڪي صاحب کي پنهنجي موضوع ڏانهن آڻيندي چيو : اڇا ته حفيظ وارا .....

        سرڪي صاحب فورن مون کي وچ ۾ روڪي ٻڌائڻ شروع ڪري ڏنو. ها ته مون اوهان سان 1953 ع واري زماني جي پئي ڳالهه ڪئي. بس اهو ئي اُهو زمانو هو جڏهن غلام رباني، حفيظ شيخ، مرغوب بخاري، رشيد ڀٽي ..... ۽ اهي سڀ آيا ۽ ادبي گڏجاڻين جو باقاعده دور شروع ٿيو. سنگت جون ڪجهه گڏجاڻيون سنڌ مدرسي ۾ به ٿيون هيون ۽ انهن مان هڪ اڌ سٽنگس ۾ روشن مغل مرحومه به آئي هئي. بس اتي ئي حفيظ سان هن جي واقفيت، محبت ۽ همدردي ٿي وئي هئي.

همدردي ڇو!؟ مون ٺهه پهه سرڪي صاحب کان پڇيو هو.

        چيائين: مون ٻڌايو نه اوهان کي ته .... حفيظ هڪڙو عجيب و غريب ماڻهو هو.

چيم ...... بلاشڪ هو اهو سڀ ڪجهه هوندو .... پر روشن سان هن کي همدردي ڪهڙي ڳالهه باعث ٿي ......

        سرڪي صاحب ... مُرڪي پيو. چيائين .... چڱو مرزا، پهرين حفيظ جو هي واقعو ٻڌ ..... حفيظ چوندوهو، مون سڄو هندستان گهميو آهي. چوندو هو. مان ٻي مهاڀاري يڌ ۾ به وڙهيو هئس ۽ اها ڳالهه هو ان ڪري به پير ٻڌي ڪندو هو جو، ننڍي هوندي، گهران ڀڄي، فوج ۾ وڃي ڀرتي ٿيو هو. ڪڏهن ڪڏهن وري ان زماني جون مزي مزي جهڙيون ڳالهيون ويٺو ڪندو هو. چوندو هو، جنگ وارن ڏينهن ۾ مان نانگن جي مٿان اٿليو پٿليو آهيان. هڪ دفعي ٻڌايائين پئي ته فلاڻي وقت فلاڻو ڏڪر اچي پيو هو. چوڌاري بک اچي منهن ڪڍيو ۽ انقلاب برپا ٿي ويو. رباني اهڙين ڳالهين تي کلندو ۽ ويٺو چيڙائيندو هئس. هڪ دفعي رات جي ماني ويٺا کائون. حفيظ اهي ڳالهيون ويٺي ڪيون جو، ربانيءَ کڻي چيڙايس. بس پوءِ ته پليٽ هنيائين پٽ سان ۽ اُٿي هليو ويو. هونئن حفيظ جي اهڙين ڳالهين تي ڪا حيرت ٿيندي ڪانه هئي اسان کي ..... جو ڪامريڊ اهڙيون خيالي ڳالهيون هميشه ئي ڪندا رهندا هئا، ته معاشي حالتون ههڙيون ٿيون،ههڙي بدحالي اچي ويئي ته انقلاب ايندو وغيره ۽ ڪرشن چندر به چيو آهي نه ته، جڏهن ڪڻڪ مهانگي ٿي ويندي آهي ته، عورت سستي ٿي ويندي آهي، مطلب ته حفيظ به اهڙيون ڳالهيون ويٺو ڪندو هو.

حفيظ جو سڀاءُ اوهان کي ڪيئن لڳندو هو؟

        حفيظ ارڏو هو. گستاخ به هو. ڇا هي ته اسان جي جيڪا پالنا آهي ان مطابق جي ڪو چار ڏينهن وڏو هوندو آهي ته ان سان توهان ڪري ڳالهائبو آهي. مثال طور، محمد ابراهيم جويو صاحب مون کان اٺ ڏهه سال وڏو آهي، ته آئون ان کي ادا ڪري مخاطب ٿيندو آهيان. حفيظ، جويي صاحب سان به تون ڪري ڳالهائيندي هو ..... تون ته .... آهين .... هيئن ٿوڪرين. هونئن ٿو ڪرين ۽ هي رک رکاءُ واري ڇا جو؟ پاڻ دوست آهيون .... ساٿي آهيون. ۽ سنگت ۾ ائين ئي ورتاءُ ڪبو آهي.

        مُنهن ڦٽ به ڏاڍو هو. جيڪي منهن ۾ آيس. چئي وڃي پار پوندو هو. هڪ دفعي ايڪانامڪس جي پيپر ۾ فيل ٿي پيو. چيائين. منهنجي ڪاپي چيڪ ڪندڙ جاهلن کي اقتصاديات جي ڪهڙي خبر! مان مارڪسٽ ماڻهو، جيڪوڪجهه لکي ٿو اچان، هنن کي سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿو اچي.

ڪا ڳالهه ڀلا چڱي به هئي حفيظ ۾ ... مون سرڪي صاحب کان پڇيو.

چيائين:  ها. هن ۾ ٻه ٽي ڳالهيون سُٺيون هيون. مثال طور ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ هڪ سٺي ڳالهه ڪيائين: چيائين: هي جيڪي نظارا آهن. فطرت جو حسن آهي. اُها خدا جي تخليق ڪيل آهي. پر اُها فاني آهي ۽ اسين جيڪي اديب ۽ فنڪار آهيون انهيءَ ٻاهرين حسن کي، جهٽي Re, Creat ٿا ڪريون. ۽ اُها باقي آهي. لافاني آهي. معنيٰ اسين فنڪار وڌيڪ آهيون. وري سواليه نگاهون کڻي اسان ڏانهن، ڄڻ ڏسندو هو ته، خدا جو خلقيل حسن دائم يا اسان جو فن .....!

حفيظ سان اوهان گهرا ڪيترا هئا؟

        آئون گهرائي گهڻي ڪنهن سان رکندو ئي ڪونه آهيان.

حفيظ سان گڏ ڪٿي گهمڻ ڦرڻ ٿيو ڪڏهن؟

        نه ..... ڪڏهن به نه .

        پوءِ هي جيڪو هن جون ڳالهيون ٻولهيون اوهان ڪيون، اُهي ....

        اُهي سڀ هاسٽل ۾ گڏ رهڻ واري دور ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ گڏ اٿڻ ويهڻ واري زماني جون مون ڪيون آهن اوهان سان .... جو ادبي ميڙاڪن ۾ اسين سڀ، حفيظ، رباني،رشيد، اياز قادري ۽ ٻيا گڏ ئي هوندا هئاسين. جو بس اهي ئي ته هوندا هئاسين پاڻ ۾ .... مان، احسان بدوي ۽ اياز قادري اسلاميه ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچرار هئاسين ۽ حفيظ وارا سنڌ مسلم ڪاليج ۾ پڙهندا هئا.

حفيظ اوهان کان ڪيترو ننڍو هو؟

        غالباً ٽي سال، منهنجو جنم 1927ع جو آهي ۽ حفيظ جي پيدائش 1930ع جي آهي.

گفتگوءَ جي شروعات ۾ اوهان ڪنهن دوست جي ڳالهه پئي ڪئي جنهن سان گڏجي اوهان راڳ ٻڌڻ لاءِ ”هوڏانهن“ ويا هئا. ڪير هو اُهو دوست؟

        نه حفيظ ڪونه هو اُهو.

ڪير هو پوءِ!؟

        جمال هو.

جمال ڪير؟

        جمال ابڙو .... (کلندي) هاڻي ته جمال ابڙو سونهاريءَ وارو آهي. ۽ مولود ٿو ويٺو ٻڌي ..... مون کي يادآهي. سندس گهر واري گذاري ويئي هئي. مان ۽ منهنجي گهر واري ڪجهه ڏينهن رکي وياسين ته مون کي به مٿي گهرايائين. گهر ۾ زالن جو ميڙاڪو هو. مان جنهن ڪمري ۾ ويهاريو ويو هئس. اُهو ايئرڪنڊيشن هو. ٿوري دير ٿي جو، جمال اُٿي ڪمري جي دري کولي ڇڏي. چيومانس: ڪمرو ايئرڪنڊيشن آهي بابا ..... دري ڇو پيو کولين؟

        چيائين: نعت خوان مائي پڙهڻ لاءِ گهرائي اٿئون. جنهن کي اسان وٽ نعتون پڙهي پنجين وڳي واري فلائيٽ ۾ اسلام آباد نعت خوانيءَ لاءِ پهچڻو آهي. دري ان ڪري کولي ڇڏي اٿم جوان خاتون جو آواز ٻڌڻ جو اشتياق اٿم .... هاڻي ڪٿي ”هُن“ مائيءَ جي راڳ ٻڌڻ وارو زمانو ۽ وري هي نعت خواني ڪنائڻ جو شوق .... الا .... الا ..... (نور الدين سرڪي صاحب اها مزيدار يادگيري ٻڌائي بي اختيار کلڻ لڳو هو)

حفيظ جي افسانن بابت ڀلا، اوهان ڪهڙي راءِ ٿا رکو؟

        سنڌي افسانوي ادب جو ترتيب وار احوال ته اهو آهي ته، مان جديد افسانه نگاريءَ ۾ نادر بيگ مرزا کي اول نمبر ڏيندو آهيان. جنهن جا 1932ع ڌاري ميان جي ڳوٺ مان نڪرندڙ رسالي ”سنڌوءَ“ ۾ افسانه باقاعده شايع ٿيندا هئا. پهريان پهريان جديد يا ماڊرن سنڌي افسانه مون اُهي ئي پڙهيا هئا. ان کانپوءِ مهاڀاري زماني جي دور مان گذرندي، ترقي پسند ڪهاڻيءَ جو زمانو آيو. ان دور ۾ اسان جا دوست هئا. اياز قادري، جمال ابڙو ۽ حفيظ شيخ وغيره ... ان لڏي جو حفيظ بهرحال اهم افسانه نگار آهي ....

گڏ ادبي گڏجاڻين ۾ اُٿڻ ويهڻ واري زماني جو ڪو واقعو؟

        هڪڙو واقعو اوهانکي ٻڌايان ٿو. ڇا هي جو هتي ادبي سنگت ۾ اسين ٽي پروفيسر هئاسين. مان، اياز قادري ۽ احسان بدوي، باقي حفيظ، رشيد، رباني وغيره سڀ اسان جا شاگرد هئا. هڪ نه ٻئي ڏينهن تي گڏبا رهندا هئاسين. ان ڪري هڪ ٻئي سان حجاب هوندو ڪونه هو. خير ... مون واقعي جي ڳالهه پئي ڪئي ته، ادبي سنگت ۾ احسان بدوي ڪا لکڻي پڙهي ته، اِنهن شاگردن مٿس تنقيد ڪئي. رات جو احسان بدوي مون سان ان ڳالهه جي شڪايت ڪئي. چيائين: هي جونيئر ته اسان جي بي عزتي ٿا ڪن. صبح جو اسان وٽ پڙهن ۽ شام جو وري اسان تي ئي تنقيد ڪن، تڏهن سمجهائيندي چيو هو مانس ته، اهو سنڌي ادبي سنگت جو اصول آهي. ائين نه ٿيندو. پر هو چڙ ۾ چوندو رهيو .... هي اڄ جا_ ۽ وري اسان جا شاگرد ... ۽ وري اسان تي ئي تنقيد ......

ڀلا اوهان جو ڪڏهن حفيظ سان ڪو تڪرار ... ڪو بحث مباحثو؟

        ڪراچي واري سنگت ۾ ٻه ئي اهڙا يار هئا، جن جو مزاج هڪ جهڙو هوندو هو. حفيظ شيخ ۽ ٻيو ڪامريڊ پوهو مل پوهو مل ڪراچي ۾ مٺادر وٽ رهندو هو. هڪ دفعي ويو مانس ته ماني پيو ويٺو کائي. پڪڙي ويهاري ڇڏيائين ۽ اهڙي ڪار هو پنهنجي هر دوست سان ڪندو هو. چوندو هو، ويهه ته بحث ڪريون ... اڙي بابا ڇا تي بحث؟ اٿيسٽن تي .... مان چوانس ته بابا .... مان ته پاڻ اٿيسٽ آهيان. بحث ڇا جو ... چئي نه .... پوءِ به ”بحث“ ته ٿيندو. سو حفيظ ۽ پوهو، اهڙا يار هوندا هئا، رڳو ڳالهائڻ رڳو بحث مباحثو. ٿي سگهي ٿو پنهنجو پاڻ کي تيز ڪرڻ لاءِ اهي بحث ڪرڻ چاهيندا هجن ...... حفيظ به جيئن مون ٻڌايو، ان عادت ۾ مبتلا هو. ۽ خوامخواهه الجهڻ جا گس پيو ڳوليندو هو. ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو .... مان گهر ۾ به ڀيڻن ۽ ڀاڻيجين سان هر موضوع تي بحث ڪندو آهيان. بي ڌڙڪ!

        وري چوندو هو، اوهان به گهر ۾ ائين ئي ڪريو. دنيا جا سڀ موضوع گهر وارن سان ڊسڪس ڪريو. باقي پڙهيا لکيا، ڇا جا آهيو!؟

حفيظ صاحب جي وفات جي خبر اوهانکي ڪڏهن ۽ ڪٿي ملي؟

        ياد نٿو پوي .... شايد مان سکر ۾ هئس. ٻيو ڇا هو جو، هن سان مڪمل طرح سان رابطو منقطع هو. هو پنهنجي نوڪري ۾ مصروف ۽ مان پنهنجيءَ ۾ .....

اڪثر دوست چون ٿا ته حفيظ ڪريڪ هو. ڇا واقعي!

ها_ ڪجهه ڪجهه ..... خير ڇا به هجي. حفيظ کي اڃا مرڻ نه گهربو هو. اڃا ته هن جي جيئڻ جا ڏينهن هئا. عمر ئي ڇا هئي هُن جي ..... صرف ٻائيتاليهه سال. مان ڀائنيان ته هو ڪنهن فرسٽريشن، ڪنهن ڪامپليڪس، ڪنهن محرومي سبب مري ويو. ٻٻرلوءِ ۾ آزاد ۽ کُلي فضا ۾ دنيا کار ڌار رهڻ، ٻڪرين جا ڌڻ پالڻ، جهنگ ۾ ڀُونگي ٺاهي پٽ تي سمهڻ، ڇا اهي سڀ ڳالهيون هن کي هڪ نارمل ماڻهو ثابت ڪن ٿيون؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com