سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :35

خاڪا

تنوير عباسي

خديجه شيخ

 

تنوير عباسي

حفيظ_ هڪ ڳجهارت!

 

        حفيظ شيخ_ ڪٿان شروع ڪري ڪٿي ختم ڪريان؟ نه هن جي ابتدا هئي نه انتها_ ربانيءَ سان1952ع ۾ دوستي شروع ٿي. ڦليليءَ واري گورنمينٽ ڪاليج ۾ انٽر سائنس ۾ هئاسين. رباني اڪثر حفيظ جو ذڪر ڪندو هئو. دلچسپ ڳالهيون. انهي ئي عرصي ۾ هڪ ٻه دفعا مليو، جهڙو رباني کان ٻڌم، اهڙو ئي ڏٺم_ عجيب، بي پرواهه، جيڪو سوچيندو سو چئي ڏيندو. ڇا جو خيال ته فلاڻو يا فلاڻا دل ۾ ڪندا، جهڙو اندر تهڙو ڀاهر، ائين لڳندو هئو، ڄڻ سندس سُرت جو وهڪرو Stream of Consiousness بنا ڪنهن Super Ego جي سينسر جو چٽو پڌرو ٿي پيو آهي.

        ڳالهائڻ ۾ نهٺو، نماڻو، قربائتو، پيارا، دلبر ۽ گهڻو ڪري شاٿي کي ش چوندو هئو) ڪري سڏيندو. ائين ڳالهائيندو ڄڻ ڪو پيارو ڀاءُ هجي. هر ڪنهن جو دلبر، پر جي اصول جي ڳالهه آئي ته پيارا، دلبر ۽ شاٿيءَ کان ٿي، الائي ڪٿي وڃي پهچندو. نه ڪا منافقي، نه ڪا مصلحت پسندي، سڌي ڳالهه سوٽي جي. کُلئي عام چوندي هئو ته مذهب رڳو ملمعو آهي. پڪو مارڪسي هوندو هئو ۽ پنهنجي ان مسلڪ کي نه لڪائيندو هئو. نه ٻين وانگر رنگ روپ ڏيئي اسلام ۽ مذهب جي مطابق ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئو.

        ننڍو قد، سانورو رنگ، مضبوط هاٺي، ننڍڙيون اکيون، جڏهن کلندو هئو ته اُهي به ٻوٽجي وينديون هيون.

        هڪ دفعي، شايد سال 1956ع هئو، هڪ لفافو مليو. ڪنڊ تي موم بتي ڇاپيل ۽ ان جي هيٺان لکيل ”شعاع لطيف“. اهو سندس تخلص هئو انهن ڏينهن ۾_ خط اهڙو ڄڻ ڪنهن پياري پرينءَ لکيو هجي.

        سياري جي سخت سرد رات_ مان ڪرشنا هال هير آباد جي کوليءَ ۾ سوَڙ ويڙهيل سيڙهيل ننڊ ۾ الوٽ، پنهنجي ئي گيت جا ٻول ٻڌان ٿو:-

        شبح نه آهي دور، شاٿي

        شبح نه آهي دور.

        ڀانيان ٿو ته ڪو خواب ٿو ڏسان، پر اکيون کلي ٿيون وڃن. سامهون حفيظ نيلامي اوور ڪوٽ جي ڪالر کي مٿي تي ورائي، اسيڪيمو وانگر ان مان منهن ڪڍي، مون کي منهنجي ئي گيت سان جاڳائي رهيو آهي.

        شاٿي (ساٿي) شبح (صبح) نه آهي دور.

        اکيون مهٽي اٿان ٿو_ هو چوي ٿو. ”اٿ_ اڄ سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻو آهي. ”شاگرد“ جو ”سنڌ نمبر“ ٿو ڪڍان. حيدرآباد ۾ ماڻهن سان ملڻو آهي. مواد وٺڻو آهي. انهن جي لسٽ ٺاهيون.“

        وقت ڏسان ٿو _ صبح جا پنج ٿيا آهن. سخت سيءُ، چانهه جو به آسرو ڪونهي ويهي لسٽ ٺاهيون ٿا. چاليهن ماڻهن جي لسٽ_!

        ”حفيظ_ هڪڙي ڏينهن ۾ ايترن ماڻهن سان ڪيئن ملي سگهبو_ ؟“

        هو سمجهائي ٿو _ فلاڻي وٽ ڏهه منٽ_ اتان فلاڻي تائين پنڌ ۾ پندرهن منٽ_ ان وٽ پنج منٽ_ پوءِ پنڌ ۾ هيترا منٽ ........ ۽ ائين هو مونکي قائل ڪري ٿو وڃي ته هڪ ڏينهن ۾ سڀني سان ملي وٺبو.

        اڇو صبح ٿيو، هڪ هوٽل تي چانهه پي، گرم ٿي اڳتي وڌياسين. هير آباد جي جيل روڊ (اڄڪلهه ڀرڳڙي روڊ) تي آياسين ته تيرٿ داس جو گهر آيو. چيائين ”يار_ سئوٽ وٽ ٿيندا هلون.“

        تيرٿداس جو نالو لسٽ ۾ نه هئو. هو حفيظ جو سڳو سئوٽ هيو. صوفي شاهه ۽ سچل کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو هئائين. حفيظ جو پيءُ ڊاڪٽر عبدالرسول هندوءَ مان مسلمان ٿيو هيو. (تيرٿ داس سان ان ڪري مائٽي هيس). خيرپور ۾ سرڪاري ڊاڪٽر هيو. ٻوليءَ ۽ مذهب جي معاملي ۾ کُليل دل رکندو هئو. سندس زال (حفيظ جي ماءُ) ڪرستان هئي. سندن گهر جمهوريت جو گهر هئو. پاڪستان جي تحريڪ جي زماني ۾ حفيظ جي پيءُ سڀني ٻارن ۽ زال کان ووٽ وٺي گهر ۾ اردو شرع ڪئي هئي.

        تيرٿداس سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صبوح جا ڏهه ٿي ويا. تصوف، ترقي پسندي، مذهب، سايست._ سڀني تي بحث ٿيو. ٻاهر آياسين ته مون حفيظ کي چيو ”هيءُ ته لسٽ تي نه هيو. باقي رهيل ڪيئن پورا ڪندين؟“

        چيائين ”ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ڏي هلون ٿا“

        ڪامريڊ وٽ وياسين ته اٿڻ تي دل ئي نه ڪري. منجهند ڌاري اتان اٿياسين ۽ ائين ٽيهن ماڻهن جي لسٽ مان حفيظ رڳو پنجن ڇهن ماڻهن سان ملي سگهيو. ”شاگرد“ جو سنڌ نمبر نڪري نه سگهيو، پر هڪ عام پرچو ۽ هڪ ”روشن نمبر، حفيظ جي ذوق جي يادگار آهن. روشن مغل مرحوم سان حفيظ کي جذباتي لڳاءُ هيو ۽ نمبر ان جي عقيدت ۾ ڪڍيو هئائين.

        ”شاگرد“ رسالي لاءِ چوندو هئو ”يار_ تون، مان، هيءُ هو سڀ شاگرد آهيون. سڄي عمر پرائيندا ۽ پڙهندا ٿا رهون. اهو رسالو هر عمر جي شاگرد لاءِ آهي.“

        ڪو پڙهاڪو هئي، ڪو به ڪتاب ڏيوس، راتيون جاڳي، گهوٽي پي ويندو. افلاطون، ارسطو، ڊارون، رسيل، برنارڊ شا، آسڪر وائلڊ، اوهينري، موپاسان، بالزاڪ، هيمنگوي، ٽئگور_ هر مشهور ليکڪ سندس هضم ڪيل هئو. ڳالهائيندو هئو ته ڄڻ فلسفي آهي، پر فلسفي ۾ قربائتو، پيار سندس سڃاڻپ هئو. دوستن سان، وطن سان، علم سان، عام پيڙهيل ماڻهن سان.

        هڪ دفعي ميٺارام هاسٽل جي ڪيئنٽين ۾ گهڙيس. ڏسان ته سامهون ٽيبل تي حفيظ ويٺو آهي. اڳيان چانهه جو ڪوپ، سگريٽن جو پاڪيٽ ۽ ماچيس پيو اٿس. ڪنهن نوٽ بڪ تي ڪجهه لکي پيو. مان سندس آڏو ٿو وڃي بيهان. هو ڪنڌ کڻي مون ڏي ڏسي ٿو ۽ وري ڪنڌ هيٺ ڪري لکڻ ۾ مشغول ٿي ٿو وڃي. مان ڪرسي سيري سندس آڏو وهان ٿو ۽ کيس چوان ٿو. ”حفيظ چانهه نه پياريندي.؟“

        هو قهر ڀريل نظرن سان مون ڏي ڏسي ٿو، ٺڪاءُ_ هڪ زودار چماٽ وها ئي ٿو ڪڍي. وري لکڻ ۾ مشغول ٿي ٿو وڃي. سندس قلم ٿڙڪڻ ٿو لڳي. اکين ۾ لڙڪ اچي ٿا وڃنس. کڻي مونکي ڀاڪر ۾ ڀري ٿو. سڏڪا، اوڇنگارون، مان کيس پرچائڻ ۾ عاجز، يار! پرواهه ناهي، مون دل ۾ نه ڪيو_

        حفيظ سڀني دوستن کي چوندو هئو ته جڏهن مان لکندو يا پڙهندو هجان ته مونکي ”ڊشٽرب“ نه ڪريو.

        تن ڏينهن ۾ 1956  _  1957 ع ۾ حفيظ ”نواءِ سنڌ“ ۾ رات جو نيوز ايڊيٽر هيو ته رباني، نئين سنڌ ۾. مان ڪراچيءَ ويندو هيس ته ميٺارام هاسٽل ۾ ربانيءَ جي ڪمري ۾ رهندو هيس. رات جو دير تائين ڪڏهن ربانيءَ، ڪڏهن حفيظ وٽ ويندو هيس ۽ جڏهن هڪ ٻئي بجي رات جو هو ڊيوٽي مان واندا ٿيندا هئا ته اچي سمهي پوندا هياسين.

        گهڻا دفعا ائين ٿيو ته مان ۽ رباني اڃا هڪ ٻي بجي اچي سمهئون، ته حفيظ ۽ ڪامريڊ مرغوب اچي در تي مڪون هڻن.

        ”اٿو_ توهان سرمايه دارن وانگر آرام ٿا ڪريو. هلي ڏسو ته عوام جي ڇا حالت آهي.“

        ۽ پوءِ اسان سڀ برنس روڊ، فريئر روڊ جي فوٽ پاٿن تي ستل ماڻهن کي ڏسندا به ويندا هئاسين ته مارڪسزم تي حفيظ ۽ مرغوب جا ليڪچر به ٻڌندا هياسين. ڪي بي گهر به فوٽ پاٿن تي سمهندا هئا ته ڪي فلئٽن وارا کليل هوا جهٽڻ لاءِ به فوٽ پاٿن تي اچي سمهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن چانڊوڪي رات هوندي هئي ته ڪلفٽن تائين پنڌ هليا ويندا هياسين ۽ موٽندي سبحان الله هوٽل (جيڪا لائيٽ هائوس سئنيما جي ڀر سان هوندي هئي، ۽ سڄي رات کليل هوندي هئي) تي چانهه ۽ ڪڏهن ڪڏهن اتان پاوا به کائيندا هياسين.

        حفيظ جي سگريٽ جو برانڊ منڍ کان پڇاڙيءَ تائين ”ڪي_ ٽو“ هيو. صبح جو چار پاڪيٽ ”ڪي ٽوءَ“ جا ۽ ٻه ٽي ماچيس وٺندو. سڄو ڏينهن لڳاتار سگريٽ پيئندو. Chain smoking ڪندو. جڏهن افسانو ”هز ماسٽرس وائيس“ لکيائين ته اسان جو هڪڙو مشهور شاعر ڪاوڙجي پيس. ڇو ته ان افساني ۾ حفيظ ان شاعر جي ڪردار تي لکيو هيو. ان وري، حفيظ تي شعر لکيو:

”ڪي ٽو آهي ڀيٽو يار“

        پر حفيظ انهن ڳالهين جو اثر ئي نه وٺندوهئو.

        اڳي کان اڳرو_ اصول جي ڳالهه تي دوست، يار، مائٽ، وڏو ننڍو سڀ سان اٽڪي پوندو هيو. پنهنجي جيون ڪهاڻي ٻڌائيندو هيو. پيءُ ماءُ کان اصولن جي ڪري پري ٿيو. فوج ۾ ڀرتي ٿيو. نانگ پور جا نانگ لتاڙيائين. کٽمٺڙن جو دڪان ڪڍيائين. بوٽ پالش ڪيائين. هن ”پنهنجي زندگي“ گذاري. پنهنجي آدرشن ۽ اصولن آهر. ڪي ڪي خطرناڪ ۽ عجب جهڙا تجربا به ڪيائين، جيڪي هتي لکڻ جهڙا ناهن.

        ميٺارام هاسٽل کان سندس گهر ڪجهه وِکن تي هيو. سندس گهر وارا کيس چورائي موڪليندا هئا ته ”ڪڏهن ته گهر ايندو ڪر ته توکي ڏسون“ هو جواب موڪليندو هين: ”مان اتان روز لنگهان ٿو، توهان بالڪنيءَ مان مونکي ڏسي سگهو ٿا.“

        حفيظ ۽ مرغوب، ٻئي اسانجي ٽهيءَ ۾ سائنسي سوچ، روشن خيالي، جدت، انسان دوستيءَ ۽ طبقاتي شعور پيدا ڪرڻ وارا هئا. سنڌي ادبي سنگت جيڪا سوچ جي ڏياٽي ٻاري، ان جو ٻارڻ (Fuel)  هي ٻئي اسان جا لاڏلا، لاکيڻا ۽ لاجواب دوست هئا (جويو ۽ سوڀو اسان کان وڏا هئا).

        هڪ دفعي مان ۽ رشيد ڀٽي سندس ڪمري ۾ ويٺا هياسين. هو وهنجڻ نڪري ويو. موٽي آيو ڪپڙا پاتائين. هن جي عادت هئي ته بش شرٽ جي هڪڙي ٻانهن ڪمري ۾ پائيندو هئو ۽ پوءِ هلندي، دروازي کان ٻاهر نڪري ٻي ٻانهن پائنيدو هيو. اهڙي تڪڙ ڪندو هئو ٻاهر وڃڻ وقت. ان ڏينهن هن جيئن ئي هڪ ٻانهن پائي اسان ڏي منهن ڪيو ته رشيد ڀٽيءَ ڏٺو ته سندس ڳچيءَ ۽ ڇاتيءَ تي تمام گهڻو پائوڊر لڳل آهي.

        رشيد کلندي پڇيس ”اڙي حفيظ، هي ڇا ڪيو اٿئي؟ ايڏو پائوڊر ڇو لاتو ٿي.؟“

        حفيظ گهوري اسان ٻنهي ڏي ڏٺو، ۽ ٻي ٻانهن پائي چيئين ”شاٿي (ساٿي)! ڇا ڪجي؟ بازار ۾ جو جيئڻو آهي_ ۽ ميٺارام هاسٽل جي ڪاٺ جي فرش تي ٺڪ ٺڪ ڪندو ٻاهر نڪري ويو.

        رشيد پنهنجي روايتي ٽهڪ سان چيو ”هن کي وري ڪهڙي بازار ۾ ويهڻو آهي“

        ته حفيظ جون ڪي ڳالهيون اهڙيون ته عجيب ۽ پراسرار هونديون هيون، جن جي سمجهاڻي ملڻ مشڪل هئي.

        محمد ايوب کهڙي جو پي_ اي ٿيو. مهيني ٻن کانپوءِ اها نوڪري ڇڏي ڏنائين. پڇيوسونس ”نوڪري ڇو ڇڏيئي؟“

        چيائي ”اشٽفا (استعيفا) ڏنم.“

        وري چئونس ”ڀلا ڇو ڏنئي استعيفا؟“

        چي ”کهڙو ناشتي ۾ ٻه بيدا کائيندو هو، ۽ مون کي وري رڳو هڪ موڪليندو هئو.“

        لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاگرد هيس ته سندس ماءُ سيريس حالت ۾ ان اسپتال ۾ داخل ٿي. ڏاڍي Graceful عورت هئي. حفيظ ٻڌايو ته هوءَ ڪرستان هئي ۽ نرس هئي. پاڻ اڪثر سندس بستري ڀرسان هوندو هئو. مان به ٻه ٽي چڪر ڏينهن ۾ ڪندو هيس. ڪڏهن ڪڏهن ڪئنٽين ۾ وڃي ڪچهري ڪندا هياسين. آخر هڪ ڏينهن هوءَ گذاري ويئي. ان ڏينهن وارو حفيظ مون کان نه وسرندو_ اڏول، بهادر، غير جذباتي حفيظ_ ائين لڳو ڄڻ هو جهرندڙ جيءَ کي سنڀالي رهيو آهي. همت سان مُنهن ڏنائين. دفن جي وقت تائين مان ساڻس گڏ هيس .ائين پئي لڳو ڄڻ حفيظ کي ڪو جهوٻو ئي نه آيو آهي.

        حفيظ لاهور هليو ويو. صحافت ۾ ايم اي ڪرڻ. اتي اي پي پي ۾ نوڪري به ڪندو هئو ته يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو به هئو. مان پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي ميٽنگ ۾ هڪ ڏينهن لاءِ ويس ته ساڻس مليس. لاهور جون گهٽيون اڌ رات تائين رلياسين، جيئن ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جون گهٽيون رلندا هياسين.

        پاڻ ٻڌايائين ته يونيورسٽي ۾ اولهه پاڪستان هاءِ ڪورٽ (تن ڏينهن ۾ ون يونٽ هئو) جي جسٽس جي ڪنهن ڌيءُ سان پيار ٿي ويو اٿس.

        حفيظ سڄي عمر پيار جو پياسو رهيو. مائٽن جي پيار جو، دوستن جي پيار جو، محبوبن جي پيار جو. هن وٽ پيار کانسواءِ ٻيو ڪو به وکر نه هئو. هن سڀني کي بي انداز پيار  ڏنو. دوست، يار، ملڪ وطن، ڌرتي، ان جا ماڻهو، سڄي انسانيت، اهو هن جو خواب هئو اهو هن جو آدرش هئو ته هن دنيا ۾ نفرت جو انت اچي. پيار ئي پيار هجي. امن آشتي، سک، شانتي_ سڄي انسان ذات سک سلامتيءَ امن ۽ محبت سان هن ڌرتيءَ کي جنت بنائي.

        1964-63 ع ڌاري مان خيرپور آيس. انهيءَ ئي عرصي ۾ نئون کاتو ”خانداني منصوبه بندي“ شروع ٿيو. ٻڌم ته حفيظ ان جو ضلعي آفيسر ٿي خيرپور آيو آهي. ڏاڍي خوشي ٿيم. پڇندو وتان، حفيظ ڪڏهن ايندو. نيٺ خبر پيم ته حفيظ اچي ويو آهي. ڏاڍي ڪاوڙ لڳم جو پڪ هيم ته حفيظ سڌو مون وٽ ايندو. هڪ ڏينهن ٻيو ڏينهن مان پڇندو وتان: ”ڪٿي آهي؟“ ”ڪٿي ٿو رهي“ ڪا خبر نه چار. هڪ فعي دڳ ويندي ڏسان ته حفيظ ٽانگي تي چڙهيو ٿو وڃي. پري کان هٿ لوڏي ”هيلو، هيلو“ ڪيائين، ٽانگو بيهاري مليو به نه_ نيٺ پڇي پڇائي ڳولهي وڃي هٿ ڪيومانس.

        ٻڌايائون ته رهي ئي آفيس ۾ ٿو. هڪ ڏينهن آفيس وڃي پهتو مانس. سخت گرمي هجي. ڏسان ته هيءُ همراهه، گنجيءَ ۽ پئنٽ ۾ ڪمري ۾ اچ وڃ ڪري ليڪچر پيو ڏئي. سندس بش شرٽ ڪرسيءَ تي پيل هئي ۽ سندس زيردست فئملي پلاننگ آفيسر با ادب بيٺا ٻڌن. مونکي ڏسي ڪجهه گهٻرائجي ويو. مون سندس زيردستن کي ٻاهر وڃڻ جو اشارو ڪيو. در اندران بند ڪري حجت واري کيڪار ۽ ڏي وٺ ڪئي سين. چيائين ”يار_ ڏاڍو ڪم ۾ آهيان، اڃا سيٽ نه ٿيو آهيان .. جلدي تو وٽ ايندس.“

        ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ، ٽاڪ منجهند جو ٽين بجي، ڪانوَ جي اک پئي نڪري، ته گهنٽي وڳي. ٻاهر نڪران ته حفيظ. چيومانس ”هيءُ وقت مليو هيوئي اچڻ لاءِ.؟“

        اندر آيو. چيائين ”چانهه پيئندس.“ ان وقت مان مسواڙي جاءِ ۾ رهندو هيس، جنهنجو 6x6 جو بورچيخانو کوري وانگر تپندو هيو. وري جو گاسليٽ جو چلهو ٻرندو هيو ته دوزخ جهڙو ٿي ويندو هيو. قمر پگهر ڳاڙيندي چانهه ٺاهي آئي. اڃا چانهن پيتيسين، ته ٻيهر گهنٽي وڳي، ڪو ماڻهو وزٽ لاءِ وٺڻ آيو هيو. سندس زال کي گردي جو سور هيو. مون حفيظ کي چيو ”هل ته مريض به ڏسون ۽ ڪچهري به ڪندا هلون.“

        مريض ٽانگو آندو هيو. ٽانگي ۾ چڙهياسين ته مريض چيو ته ”ڊاڪٽر صاحب معاف ڪجو. غلط وقت تي اوهان کي تڪليف ڏني اٿم.“

        مون وراڻيس ته ”پرواهه ناهي، مريض کي تڪليف جو ڪو وقت نه ٿيندو آهي.“

       

        ان تي حفيظ مون تي ڪاوڙجي ويو. صفا ٻار وانگر_ چي ”مونکي هن وقت اچڻ تي دڙڪا ڏنئي ۽ هن کي ائين ٿو چوين.“

        مون ائين سمجهايس، جيئن ٻار کي سمجهائجي_ ”يار، هن کي ته تڪليف آهي. اها انسانيت جي تقاضا آهي ته هن جي مدد ڪجي. توکي ته ڪا Emergency نه هئي.“ مس مس وڃي پرتو.

        هڪ ڏينهن فون ڪيائين، سڀاڻي نيرن تو وٽ ڪندس.

        قمر قرب ۽ سڪ وچان الائي ڇا ڇا تيار ڪيو. حفيظ آيو. ميز تي ناشتو لڳو. چيائين چانهه ڏيو.

        ”اڙي پهرين ڪجهه کاءُ ته سهي.“

        ضد ڪري پهرين چانهه ٺهرايائين_ پوءِ پليٽ مان آمليٽ کڻي، مانيءَ ۾ ويڙهي رول (Roll) ٺاهي هڪ چڪ هڻي، مٿان چانهه جو ڍڪ ڀريائين ۽ ايئن منٽن ۾ اهو رول ۽ چانهه جو ڪپ ختم ڪري اٿيو ۽ چيائين ”يار آفيس کي ڏاڍي دير ٿي ٿئي.“

       

        ”اڙي حفيظ، هيءُ ته کاءُ“ مون چيو

        ”ادا هي سڀ مون توهان لاءِ ٺاهيو آهي.“ قمر چيو.

        پر حفيظ ڪٿي ٿو مڃي. چي ”مان بورجوا نه آهيان. مون جيڪو کاڌو آهي ڪافي آهي.“

        فئملي پلاننگ کي هن مشن Misson ڪري ورتو هو. چوندو رهيو. رجعت پسند ۽ ملُن سان منهن ڏيڻ جو اهو بهترين پليٽ فارم آهي. ڳوٺ ڳوٺ ۾ ويو. پنهنجي اسٽاف کي نظرياتي طور تيار ڪيائين.

        خيرپور ۾ رهندي، انهيءَ کاتي ۾ ڪم ڪندڙ هڪ آفيسرياڻي سان ڏيٺ ويٺ ٿيس. ڳالهه وڌي وڃي دوستيءَ تي پهتي.

        حفيظ کي سدائين تنهائي جو احساس رهيو. ڪو ذرو به قرب ڏيندو هيس ته. سندس دل ڀِڄي پوندي هئي. اکيون آليون ٿي وينديون هيس. ان تان ٻلهار ويندو هو، هن سڄي حياتي پيار ڏنو، پر سڄي عمر پيار جو پياسو رهيو. پيءُ ماءُ جي پيار جو، ڀائرن جي پيار جو، ٿورو گهڻو پيار جي هن کي مليو، ته دوستن وٽان مليو. مرغوب بخاريءَ وٽان، رشيد ڀٽي وٽان، رباني وٽان، جمال رند وٽان، سليم خواجي وٽان، حميد سنڌي وٽان، شيام ڪمار وٽان_ انهن دوستن وٽ اچي. هو پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو هو. انهن دوست ۾ مان پاڻ کي به ڳڻيان ٿو.

        ٻڌايائين ته سندس لاهور وارو رومانس ڪامياب ٿي ويو آهي. جسٽس جي ڌيءُ، جيڪا سندس هم ڪلاس هئي، ان ٻئي ڪنهن سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. شاديءَ جي تاريخ مقرر ٿي. حفيظ تيار ٿي لاهور ويو. (اسان کي نه وٺي ويو. ڇو؟ ان جي خبر اڳتي پوندي) چئي ويو ته فلاڻي تاريخ فلاڻي گاڏيءَ ۾ ڪنوار سان گڏ موٽندس.“

        ان تاريخ تي سندس اسٽاف وارا گلن جا هار کڻي خيرپور اسٽيشن تي بيٺا. مون کين چئي ڇڏيو هئو ته جيئن ئي حفيظ پهچي ته مونکي فون ڪجو. مان انتظار ۾ ويٺو آهيان. اسٽيشن فون ڪيم. چيائون ”گاڏي آئي به_ هلي به ويئي.

        سندس آفيس فون ڪيم. جواب مليو ”گاڏي مان صاحب ڪونه لٿو.“

        ٻن ٽن ڪلاڪن کانپوءِ فون آئي: ”حفيظ صاحب پهچي ويو آهي، توهان اچو.“

        مون پڇيو ”ڪيئن پهتو.؟“

        هجواب مليو ”روهڙي اسٽيشن تي لٿو هو.“

        مان عجب ۾ بد دعائون گهرندو ويس ته الائي ڪهڙي سبب هو روهڙيءَ تي لهي پيو. پهچي ڏسان ته حفيظ ڪمري ۾ اڪيلو بند پيو آهي.

        مون پڇيومانس ”حفيظ هيءُ ڇا ٿيو؟ ڪنوار ڪٿي آهي.؟“

        چيائين ”يار، منهنجي دل نه مڃيو. هاڻي هيئن ڪر، منهنجو هڪڙو ڪم ڪر.“

        پڇيم ”ڪهڙو؟“

        چيائين ”فلاڻي (جيڪا آفيسرياڻي ساڻس گڏ ڪم ڪندي هئي ۽ ڪجهه ويجهائپ ٿي هيس) سان منهنجي شاديءَ جي ڳالهه چور_ ڀاڀي (قمر) کي چئو ته کيس مڃائي.“

        مان حفيظ تي ڪاوڙجي ويس. ”تون هڪ ڇوڪريءَ کي ڇڏي آيو آهين. سڀاڻي مان هن سان ڳالهيون هلايان، ڪهڙي پڪ آهي ته سڀاڻي تون ان سان نڀاهيندين. حفيظ تون بي اعتبارو آهين. مان ان ڳالهه جي وچ ۾ نه ايندس.“

        پر حفيظ جو رويو هڪ ضدي ٻار جو هو. صفا معصوم ۽ ضدي ٻار وارو، جيڪو هڪ رانديڪي مان وچرجي وڃي، ۽ نئين رانديڪي لاءِ انگل ڪري. مون ته سندس انگل نه مڃيو، پر پاڻ هڻي وڃي هنڌ ڪيائين. ان ڇوڪري سان تعلقات وڌائيندي تمام ويجهو اچي ويو.

        حفيظ جي پرسنلٽي به هئي، ڳالهائڻ جو پيارو انداز، نرم، مکڻ جهڙو لهجو، سڌو سنئون، نه رک رکاءُ، نه ٺاهه ٺوهه، نه مصلحت پسندي_ ڇوڪريءَ کي پسند اچي ويو.

        مان ان معاملي ۾ غير جانبدار رهيس. نه مون سندس همت افزائي ڪئي ۽ نه وري همت شڪني.

        هڪ رات جو نوين بجي ڌاري فون آئي. ”حفيظ جو خطرناڪ ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي. ڇوڪري به گڏ هيس. راڻي پور اسپتال ۾ فرسٽ ايڊ وٺي خيرپور روانا ٿيڻ وارا آهن. اوهان خيرپور سول اسپتال ۾ بندوبست ڪيو.“

        ٿيو ائين ته حفيظ ان ڇوڪريءَ کي ساڻ ڪري، جيپ ۾ راڻي پور وٽان روهڙي ڪئنال جي ٽاپ تي گهمڻ ويو هئو. گاڏي پاڻ پئي هلايائين.

        اوچتو گاڏي سندس قبضي مان نڪري ويئي ۽ وڃي وڻ سان ٽڪري. ٻئي ڄڻا هيٺ ڪري پيا ۽ بيهوش ٿي ويا. رتورت ٿي ويا. ڪئنال ڦاٽڪ تي رات جو ٽرئفڪ نه هوندي آهي، پر قسمت سانگي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ٿوري وقت کان پوءِ اتان لنگهيو، جيڪو ڀر واري ڳوٺ مان مريدن وٽان ٿي موٽيو. ائڪسيڊنٽ ٿيل ڏسي، ڪهل وچان هنن ٻنهي کي پنهنجي ڪار ۾ کڻي راڻيپور اسپتال پهچايائين.

        خيرپور سول اسپتال جي در تي، ڏاڍي اتاولائيءَ ۽ پريشانيءَ وچان پئي انتظار ڪيوسين. سرجن هاليپوٽي آپريشن ٿئيٽر تيار ڪرائي ڇڏيو هيو.

        رات جو ڏهين ڌاران ايمبولينس آئي. وارڊ بواءِ اسٽريچر کڻي ايمبولينس جي دروازي تي آندو، ته حفيظ اندران ئي رڙ ڪئي.

        No_ I can still walk Sling نه_مان اڃان پنڌ ڪري سگهان ٿو.

        منهنجو ساهه سامت ۾ آيو. حفيظ منڊ ڪائيندو هيٺ لٿو. مٿي کي پٽي ٻڌل، هڪ ٻانهن سلنگ ۾. مون وڌي ڳراٽڙي پاتس، چمي ڏنس ۽ پوءِ سهارو ڏنو مانس. چيائين ”يار_ پرنس علي ٿي وڃان ها.“

        (اڳئين آغا خان جو پٽ پرنس علي خان هڪ حسين ڇوڪريءَ سان گڏ ڪار جي حادثي ۾ فوت ٿيو هيو.) ڇوڪريءَ کي اسٽريچر تي کنيو ويو. خوش قسمتيءَ سان معمولي زخم هئا. حفيظ کي ڪجهه ٽاڪا لڳا. ٻانهن تي فرئڪچر جو پلستر ٿيو. ڇوڪريءَ جي ملم پٽي ٿي. حفيظ کي آرام جي انجيڪشن هنئي وئي ۽ مان تيستائين حفيظ جي بستري وٽ ويٺو هيس جيستائين کيس ننڊ کڻي ويئي.

        ٻيو ڏينهن خير جو گذريو. ٽيئن ڏينهن سج اڀرئي کان اڳ فون جي گهنٽي وڳي. ان وقت ننڊ مان اٿڻ مون لاءِ سدائين مسئلو رهندو آهي. مون کي فون ڪرڻ واري تي ڪاڙو آئي. مون قمر کي چيو ”ڏس ته ڪير آهي؟“ قمر فون رسيوِ ڪئي ۽ ٻڌايائين ته ”حفيظ آهي“

        مان ڊڄي ويس_ شل خير هجي_ حفيظ کي متان ڪا Complication نه ٿي  هجي. مون قمر کان فون وٺي اڃا ”هيلو“ ڪئي ته حفيظ شروع ٿي ويو.

        ”هاليپوٽي (سول سرجن) کي چوينس ته خيرات ڏئي کسي نه وٺبي آهي.“

        حفيظ جو اهو ئي طريقو هئو. هو ڳالهه ڳجهارت وانگر وچ ۾ شروع ڪندو هئو، مان وائڙو ٿي ويس. ”ڇا جو هالپوٽو، ڪاڏي حفيظ، ڪاٿئون جي خيرات.؟“

        مون ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ پڇيس. ”حفيظ ڇا ٿو چوين.؟“

        حفيظ ٻڌايو ته ”هاليپوٽو ڪالهه چيو ته مونکي ۽ ڇوڪريءَ کي ساڳئي ڪمري ۾ رکندو پر رات مونکي ۽ ڇوڪري کي ڊسچارج ڪري ڇڏيو اٿائين. سڄي رات نه مونکي ڪنهن Attend ڪيو نه هن کي. اسان سڄي رات بنا علاج جي پيا آهيون.“

        مون کي سڄي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، پر ايترو سو سمجهي ته هنن ٻٰهي کي رات Medical Aid نه ملي آهي. ان ڳالهه تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳم. جلدي جلدي تيار ٿي سول اسپتال پهتس. اڃا اسپتال کلڻ جو وقت نه ٿيو هيو. مون انتظار ڪيو. ٺيڪ ٽائيم تي سول سرجن ڊاڪٽر هاليپوٽو آيو. هميشه وانگر مرڪندي قرب سان مليو. مان ڪاوڙ ۾ هيس. يڪدم طبي اخلاق Medical Ethics تي ليڪچر شروع ڪيم ته” مريض ڪهڙو به بدمعاش هجي، پر ان جي تڪليف کي گهٽ ڪرڻ ڊاڪٽر جو فرض آهي.“ (انهن ڏينهن ۾ طبي اخلاق جو وڏو مان هئو). ڊاڪٽر هاليپوٽو منهنجي سڄي لڪيچر دوران کلندو رهيو. جڏهن مون بس ڪئي ته ٽهڪ ڏيئي چيائين ”ڊاڪٽر_ ڊاڪٽر، منهنجي ڳالهه ته ٻڌ_ ڪاوڙ پوءِ ڪر.“

        هن گهنٽي وڄائي، پٽيوالي کي سڏ ڪيو ۽ کيس چيائين ته ”ڊاڪٽر عباس گهمري کي سڏ ڪر.“

        ڊاڪٽر عباس گهمرو به منهنجو دوست هيو ۽ ان اسپتال ۾ آر ايم او هيو. ڊاڪٽر گهمرو آيو ته ڊاڪٽر هاليپوٽي چيس ته ”ڊاڪٽر تنوير ڪاوڙيو ويٺو آهي. کيس حفيظ جي رات واري سڄي ڳالهه ٻڌاءِ ته ڇا ٿيو.“

        عباس گهمري ٻڌايو ته ”حفيظ ضد ڪيو ته مونکي ڇوڪريءَ سان گڏ ساڳئي ڪمري ۾ رکو. اصل پنهنجي ڪمري مان پنهنجي پلنگ کڻائي آڻي ڇوڪريءَ جي ڪمري ۾ رکايائين. مون گهڻو سمجهايو مانس پر نه مڙيو. ان تي مون اهو جوکو نه کنيو ته ٻن اڻ پرڻيل مرد ۽ عورت کي ساڳئي ڪمري ۾ رکان.“

        ڊاڪٽر هاليپوٽي چيو ”ڊاڪٽر، مان هنن کي اهو چيو هئو ته ڪمرو توهان کي هڪ ٻئي جي ڀرسان ڏيندس. اهو ڪو نه چيو هئو مان ته توهان کي ساڳئي ڪمري ۾ رکندس. جي سڀاڻي ڪو اسان تي درخواست ڪري ته اسان هنن کي ساڳئي ڪمري ۾ رکيو آهي ته اسانجي ته نوڪري ئي هلي وڃي.“

        نيٺ حفيظ ۽ مون فيصلو اهو ڪيو، ته هو ٻئي اسپتال ڇڏين، ۽ مان گهر ۾ سندن علاج ڪندس.

        نيٺ حفيظ ۽ مون اهو فيصلو ڪيو، ته هو ٻئي اسپتال ڇڏين، ۽ مان گهر ۾ سندن علاج ڪندس.

        انهيءَ  دوران حفيظ ۽ ان ڇوڪريءَ سان گڏ فوٽا ڪڍايا. حفيظ کي مٿي تي پٽي ٻڌل. ٻانهن سلنگ ۾ پيل ۽ ڇوڪري ڀرسان بيٺل. هڪ دوست آرٽسٽ کان حفيظ اهي وڏيءَ سائيز ۾ پينٽ ڪرائي، پنهنجي ڪمري ۾ لڳائي ڇڏيائين.

        خيرپور جو شهر ننڍو، هوءِ هوءِ ٿي ويئي. ائڪسيڊنٽ، اسپتال وارو واقعو، ڪمري ۾ فوٽا، نيٺ ڇوڪريءَ جي مائٽن ڇوڪري کان نوڪري ڇڏرائي، کيس ڪنهن گمنام جاءِ تي موڪلي ڇڏيو ۽ اسانجو يار حفيظ درد فراق جا گيت ڳائيندو رهيو.

        خيرپور مان بهاولپور بدلي ٿي ويو. وري حفيظ جي حياتي ويران رڻ پٽ ٿي ويئي. رومان جا جيڪي رنگ نکريا هئا، اهي مٽجي ويا.

        بهاولپور ۾ وري هن انهي بي رنگي حياتيءَ ۾ رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻڌوسين ته اتي هڪ ليڊي هيلٿ وزٽر سان شادي ڪئي اٿائين.

        اسان سڀ دوست خوش ٿياسين. نيٺ ته هيءُ ازل کان رولاڪ روح ٿانيڪو ٿيو. گهر ٻار وارو ٿيو. سندس بي ترتيب زندگيءَ ۾، ٽئگور جي شعر موجب ڪا عورت داخل ٿي. ان ۾ موسيقي جي ترتيب (rythm) آڻيندي. سندس ٿڪل مانڊي ۽ ڀٽڪندڙ روح کي ڪجهه سڪون، ڪجهه آرام ملندو.

        هڪ ڏينهن صاحب خان چانڊئي جي فون آئي. صاحب خان چانڊيو انهن ڏينهن ۾ خيرپور ۾ ضلعي جو فئملي پلاننگ آفيسر هئو ۽ حفيظ ۽ منهنجو گڏيل دوست هيو. چيائين ”يار_ حفيظ گذاري ويو.“

        ”نه نه“ مون چيو.

        هن چيو ”نه_ پڪ آهي ته گذاري ويو آهي. ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ سندس لاش اچڻ وارو آهي.“

        مان قمر کي ساڻ ڪري، سڌو سندس ممتاز ڪالونيءَ واري بنگلي تي پهتس، جتي لاش اچڻ وارو هيو. اتي کانئس تفصيل پڇيم. ٻڌايائين رات ٻئي زال مڙس شيام ڪمار وٽ هيا. رات جو دير سان انهن کان موڪلائي، پنهنجي ٻٻرلوءِ واري زمين تي ويا ۽ اتي اڏايل جهوپڙي ۾ رهيا. صبوح جو مسز حفيظ شيام وٽ آئي ۽ چيائين ته حفيظ کي الائي ڇا ٿي ويو آهي، هلي ڏسو.

        شيام ٽانگو ڪري مسز حفيظ سان ٻٻرلوءِ واريءَ جهوپڙيءَ تي پهتو. اتي حفيظ نه پر حفيظ جو لاش پيو هئو. ٻٻرلوءِ جي زمين ۽ ان تي ٺهيل جهوپڙي جي ذڪر سان مان يادن جي شهر ۾ موٽي ويس. حفيظ چوندو هيو ”ٻٻرلوءِ ۾ منهنجي زمين آهي. (ٽي چار ايڪڙ زمين هيس.) اتي انسانيت جي خدمت جو مرڪز ٺاهينداسين. توهان سڀ اتي هلي رهجو. تنوير، تون ڊاڪٽر ٿيندين. توکي هڪ ايمبولينس وٺي ڏينداسين. جنهن ۾ غريبن لاءِ مفت دوائون هونديون. جڏهن به سڏ اچي ته تون هليو وڃجان ۽ رباني، تون ۽ مان هُر ڪاهي ان زمين کي آباد ڪنداسين ۽ ان جي اپت تحريڪ جي حوالي ڪنداسين.

        ڪڏهن آمريڪي ڪائو بوائز (Cow Boys) جي فلم ڏسي ايندو هيو ته چوندو هيو ”ٻٻرلوءِ واريءَ زمين کي نئي پاسي ڀت ڏيارينداسين ۽ ان ۾ گهوڙا پالينداسين، فيلٽ هئٽ پائي، انهن گهوڙن تي چڙهي، انهن کي ڊوڙائينداسين.“

        حفيظ اهو سڀ ڪجهه ڪري نه سگيهو. رڳو ان زمين تي هڪ جهوپڙي ٺاهي سگهيو، جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن وڃي رهندو هيو ۽ پنهنجي خوابن جي تعبير ۾ نوان خواب ڏسندو هيو.

        ايمبولينس. آئي. حفيظ آيو. پنهون خان (حفيظ جو ڀيڻيوي) کان فون تي پڇيو هيم ته حفيظ کي هن مٽيءَ ۾ ملائجي، يا حيدرآباد موڪلجي. پاڻ چيائين ”حيدرآباد موڪليو“.

        مون مسز حفيظ کان پڇيو ”حفيظ جا ڀائر چون ٿا ته هن کي حيدرآباد موڪليو. جي اوهان جي اجازت هجي ته هن کي حيدرآباد موڪليون.“ هن اجازت ڏني.

        جنازي نماز کانپوءِ ايمبولينس حيدرآباد رواني ٿي.

        حفيظ جو لاش ايمبولينس ۾ هئو، پر حفيظ ته منهنجي دل ۾ هئو.

        مون جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو ايمانداريءَ سان اڃا به گهڻيون ڳالهيون ڍڪي ويو آهيان، ڇو ته حفيظ ايترو ته کليل هئو، جو ان جون سڀ ڳالهيون ظاهر ڪجن ته وڏو ٿرٿلو مچي وڃي. ان ڪري مان هيءُ ڪجهه ڳالهيون ان ڪري کوليون آهن جو حفيظ ڪجهه به نه لڪائيندو هيو. جيڪو ڪجهه ٿورو مون لڪايو آهي، ان لاءِ حفيظ مونکي معاف ڪري، جون مون ۾ ايڏي همت ۽ ايڏي طاقت ناهي، جيڪا حفيظ ۾ هئي.

        ايمبولينس حفيظ کي کڻي ٿي وئي ۽ مونکي حفيظ جو لکيل هڪ جملو دل تي تري آيو.

        ”جڏهن روح جا ريلا سُڪي وڃن، ته! نه توتي ميار، نه مون تي ميار.“

        حفيظ جي تربت تي به حفيظ جو اهو ئي جملو لکيل آهي.

        حفيظ جي حياتي به ڳجهارت هئي، ته هن جو موت به ڳجهارت، پر ان ڳجهارت جي ڀڃڻي رڳو هڪ هئي___ پيار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com