حميد
سنڌيءَ
ڏانهن
جنوري
1965ع
پيارا حميد،
نومبر واريو”روح
رهاڻ“ پهتو،
ٿورا
۽
احسان.
جوڳيءَ جي
ماهوار
ڊائري گذريل
پرچي
۾
به پڙهي
هئم
۽
هن پرچي
۾
به
اڳئين پرچي
بابت
رسول بخش
پليجي
”لات کي تات“
وارن
صفحن تي
راءِ
ڏني
آهي. مون
کي
رسول
بخش پليجي
جي
جواب جو
انداز ڪين وڻيو.
آءُ
ڀانيان
ٿو
ته تمام
ٿورن
ماڻهن انهيءَ
ڳالهه
کي
سمجهيو هوندو
ته
جوڳيءَ جي
ڊائري
حماقت نامو
هو
۽
اهڙي حمايت
حفيظ
شيخ، حميد
سنڌي، خواه
خواجه سليم
به
ڪري
سگهن ٿا.
بهتر
ٿئي
ها جيڪڏهن
هن
موقعي تي
رسول
بخش پليجو
ٿورو سنجيده
ٿئي
ها
۽
ادب ۽ زندگي
۽
سياست ۽ زندگيءَ
جي
ناتن تي
روشني وجهي
ها
۽
سمجهائي ها،
ته
ڇو
اُتم ۽ سندريءَ
سان
ادب جي
ٽڪنڪ
تي
بحث ڪرڻ بجاءِ
سياسي لاڙن
تي
ڳالهه
ٻولهه
ڪرڻ
ضروري هئي.
منهنجي نقطئه
نظر
کان
ته ادب
جي
واکاڻ ئي
اها
آهي ته
ادب
انهن سمورين
تحريرن جو
نانءُ آهي
جي
ڪنهن
قوم جي
جذبن، اُمنگن،
اڌمن، خيالن،
ويچارن ، انديشن،
پريشانين،
ڳڻتين ۽
ڏولائن تي
ڪنهن
نه
ڪنهن
پهلوءَ کان روشني
وجهن.
اسان
جا خيال
۽
ويچار، ارمان
۽
اڌما، انديشا
۽
پريشانيون پيدا
ٿين
ٿيون،
ان
موجودات سببان
جيڪا
اسان جي
ماحول ۾ هر
طرف
پکڙيل آهن.
انهيءَ ڪري انهن
جذبن
ارمانن بابت
ڳالهه
ڪرڻ
ويل
ضروري آهي
ته
اسان پنهنجي
ماحول جي
موجودات بابت
ڳالهه
ٻولهه
ڪريون.
اهڙيءَ حالت
۾
اها
ڳالهه
بلڪل تعجت
لائق
نه هئڻ
گهرجي ته
جڏهن
ٻن
ملڪن جا
اديب
پاڻ ۾ گڏجي
ويهن
ته هڪٻئي
کان
لکڻين جي
ٽيڪنڪ
بابت
سوال پڇڻ
بجاءِ ان
ماحول بابت
ڳالهه
ٻولهه
ڪن،
جنهن
۾
رهي هو
ڪم
ڪري
رهيا
آهن.
مونکي اها
خبر
ڪانه
آهي ته
جوڳي
جو خط
ڪهڙي
دوست
کي
وڻيو آهي،
پر
هڪ
ڳالهه چئي
ڇڏڻ
ٿو
گهران ته
يا
ته جوڳي
صاحب
کي
چئو ته
زندگيءَ جي
حقيقتن تي
ڪجهه
وڌيڪ
سنجيدگيءَ سان
غور
ڪري
يا اسان
کي
سمع
خراشي کان معاف
ڪري.
خير،
کڻان
شهاب سينيما
کان
ٻه
گهٽيون اڳتي
وٽان
لکيل
ڊائري کي.
”روح رهاڻ“
نڪتو
هو ته
اسان
ڀانيو
هو ته
هي
رسالو اسان
جي
امنگن، اميدن
۽
خوش
اميديءَ جو
شعاع
ٿيندو.
جوڳيءَ جي
ڊائري،
نااميدي ۽ تاريڪ
انديشي جو
ڪارو
پاڇولو آهي،
جو
سهاڳڻ جي
سينڌ
تي ئي
نه
بلڪ سدوري
سنڌ
جي انگ
انگ
تي
ڇانئجي ويو
آهي.
ڀاءُ
حميد، آءُ
پرديس ۾ ويٺو
آهيان. اڪيلائي
هيڻائي ۽ نراسائي
جي
جذبن سان
جهڙي
ريت مون
کي
الجهڻو اٽڪڻو
ٿو
پوي،
اهڙي ريت
اوهان گهر
ويٺلن کي نه
پوندو هوندو.
مون
پنهنجي ماحول کي
پورهئي سان
خوشگوار بنائڻ
لاءِ
پنهنجي
ڪمري مان
هر
انهيءَ شيءَ
کي
ڪڍي
ٻاهر
ڦٽو
ڪيو
آهي،
جيڪا
ڪنهن به
ريت
اداسي ۽ نراسائيءَ
جو
باعث بڻجي.
اسين
جيڪي زندگيءَ
جي
سِينڌ سنوارڻ
جي
دعويٰ ٿا
ڪريو، اسين
جيڪي
گلستان کي گلاب
۽
لالي
سان آراستو
ٿا
ڪرڻ
گهرون، اسين
جيڪي
هر دل
۾
اميد
۽
امنگ جاڳائڻ
ٿا
گهرون، تن
کي
ڪٿي
ٿو
سونهين ته
هڪ
پل لاءِ
به
نراسائي جو
راڳ
ڳائن.
صحيح، ته
ماحول خوشگوار
نه
آهي، صحيح
ته
هر طرف
خونخوار بگهڙن
جا
ولر اسان
جي
رت لاءِ
اڃايا پيا
ڦرن،
صحيح
ته اسان
جو
پنڌ
ڪنڊن جي
پيچري کان آهي
۽
صحيح
ته حيات
قيامت کان به
سخت
پئي
ڀاسي پر
زهر پياڪ ته
وهه
ڏسي
ويتر وهسندا
آهن.
سقراط کان وٺي
اسان
تائين لشڪر
ته
ڏس
مستن جو!
ڪير
هو
جو پاڻ
پيالو گهُري
پئي
ها؟ ڪير هو
جو
پنهنجي خوشيءَ
صليب
تي چڙهي
ها؟
ڪير
هو جو
ستر
ڄڻا
ساڻ ڪري
ڪربلا تي
پهچي
ها؟ اڙي
اهي
مست سڀ
اسان
جي قبيلي
جا
ماڻهو هئا.
انهن
پنهنجو ساهه
ڏئي
زندگيءَ کي تازگي
بخشي
هئي، مرڪندا
ويا،
جهومندا ويا
۽
قافلو هلندو
پيو
هلي.
اڙي يار، هوٽلن
تي
ويهي چانهه
جي
ڪوپ
مان چُسڪيون
هڻندڙ ماڻهو
ڪنهن
اهڙي
ئي مست
جو
انتظار ڪري رهيا
آهن.
آءُ
ڀانيان
ٿو
ته
آءُ تنقيد
ڪندي
جوڳيءَ بابت
تمام
شوخ لفظ
چئي
ويو آهيان.
انهيءَ ڪري ايترو
چوڻ
ضروري ٿو سمجهان
ته
جيڪڏهن آءُ
پاڻ،
جوڳي هجان
ها
ته پاڻ
لاءِ
به ساڳي
ڳالهه
چوان
ها. ممڪن
آهي
ته جوڳي
تون
پاڻ هجين
يا
ممڪن آهي
ته
سليم يا
جمال
هجي. کڻي ڪير به
هجي،
هوندو ته
پنهنجي ولر
جي
وڇڙيل وڇ.
انهيءَ ڪري جيڪي
دل
۾
هئم، سو
پيش پريان ڪيو اٿم.
لاهور ۾ مند
ڀني
يا
رات چانڊوڪي
ٿئي
ته
منهنجيون اکيون
حيدرآباد جي
سار
۾
ڀني
پونديون آهن.
روئڻ
سکي ويو
آهيان ۽
.......
پر
رات
جو راويءَ
تي
ويهي اڪيلو
روئندو آهيان
۽
سو
به
ڪڏهن
ڪڏهن. راوي
وهي
سنڌوءَ ۾ پوندي
آهي
۽
سنڌو توهان
جي
پار جي
راڻي
.....
ڇڏ
يار!
جذبات ۾ پنهنجا
پول
پيو پڌرا
ڪريان.
يارن
کي
ڳراٽيون
..
والسلام
تنهنجو
حفيظ
شيخ
اي
پي
پي
دي
مال،
لاهور.
دوست
۽
نامور
ليکڪ
رشيد
ڀٽيءَ
ڏانهن
لکيل
خط
Association Press Of
Pakistan
The mall,
Lahore. Feb:5.1964
پيارا
رشيد،
سڪ
پيار
ڳراٽڙيون
..
تنهنجو
ڇويهين جنوري
وارو
خط پهتل
اٿم.
تو
پنهنجي
ڪاميابيءَ لاءِ
دعا
ڪرڻ
لاءِ چيو
اٿم.
”الله
جي رحمت“
۽
آءُ
گهڻي وقت
کان
اک
ٻوٽ
راند
۾مصروف آهيون.
اجايو
ڇيڙين ٿو. هوءَ
نڀاڳي ڪٿي تنهنجي
به
راند نه
ڦٽائي
وجهي.
منهنجي آسيس
۽
دلي
خواهشون سو
توسان آهن.
دوستن بابت
تو
ڪو
به احوال
ڪين
ڏنو
آهي.
هندوستان وارن
کي
ڇڏ
تو
سکر وارن
جو
به احوال
ڪين
ڏنو
آهي.
ماستر بابت
احوال ڏي. شام
بابت
به ٻه اکر
لک.
نبن ۽ مقن
ته
سکر ڇڏي ويا.
چڱو
موڪلايانءَ منهنجو
وقت
خوب ٿو گذري.
خيرپور وارا
چون
ٿا
ته سکر
اچي
ڪم
ڪر.
آءُ هت
ٺيڪ
ٿو
سمجهان.
وڌيڪ
تنهنجو خط
ملڻ
تي
تنهنجو
حفيظ
”روح
رهاڻ“ جي
افسانه نمبر
جي
ڇنڊ
ڇاڻ
جنرلزم
ڊپارٽمينٽ
پنجاب
يونيورسٽي
لاهور
61-1-1
ڀاءُ
حميد!
”روح
رهاڻ“ جو
افسانا نمبر
توهان جي
هٿ
مان وٺي
پڙهيم. پوسٽ
کاتو
زنده
باد.
نمبر
جي جسامت
ڏسي
کل
اچي
ويئي. ننڍڙو
پتڪڙو افسانا
نمبر
بنهه نه
جهڙو. خير
ويٺس
پڙهڻ. ربانيءَ
جي
”جي
مان پل
هجان
ها“ کان شروع
ڪيم
۽
ٽئگور
جي
”شاعر
جي شڪست“
تي
آڻي انت
ڪيم.
پتڪڙو، افسانا
نمبر
پنهنجي قدر
۾
ايڏو
ئي وڏو
نظر
آيو. جيترو
جسامت ۾ ننڍڙو
هو.
لاهور مان
حيدرآباد اچڻ
جا
سانباها پئي
ڪيم
۽
ڪچو
امتحان به
پئي
ڏنم
ته دماغ
۾
هڪ
افسانو حاوي
ٿي
ويو
۽
اهو لکي
ڪڍيم.
هن
خط سان
گڏ
اهو به
پيش
ٿو
ڪريان.
اميد ته
پسند
۽
قبول پوندو.
عنوان اٿس
”ٽواٽو“
هيءَ
ڳالهه
انهيءَ ڪري لکي
اٿم
ته جيئن
اها
ڳالهه
چٽي ٿي بيهي
ته
مون روح
رهاڻ
جو افسانا
نمبر
انهيءَ دور
۾
پڙهيو آهي،
جنهن
وقت منهنجي
ذهن
تي اها
ڳالهه
ڇانيل آهي
ته
انسان زندگيءَ
جي
عجيب
ٽواٽن تي
اچيو
بيهي رهي.
هن
افسانا نمبر
۾
اهي
ئي نقطا
چٽا
ٿيا
بيٺا آهن.
اسان
جا اديب
..
پوءِ
سندري هجي
يا
ڪلا،
رباني هجي
يا
رابندر ناٿ
ٽئگور
سڀ
ساڳي
ڳالهه پيا
ڪندا
هلن.
سڀ سوالن
جا
ويڙها
کنيو سلجهائڻ
جي
ڪوشش
ڪري
رهيا آهن.
ڪيڏي
هم
آهنگي آهي
هنن
جي آواز
۾!
اوهان چيو
ته
افسانا نمبر
جي
مواد تي
تنقيد
ڪريان. مجموعي
طرح
افسانا نمبر
جو
مواد ايڏو
ته
پيارو آهي
جو
آءُ هوند
سنڌ
يونيورسٽيءَ کي چوان
ته
ان کي پنهنجي
درسي
ڪتابن
جي فهرست
۾
شامل
ڪري
ڇڏي.
خير. تنقيد
لاءِ
سڀ کان پهريائين
آءُ
رباني جو
افسانو
کڻان. پيارو
افسانو آهي.
البت
اها
ڳالهه خراب
آهي
ته ان
کي
زندگي پبليڪيشن
ٻيهر
دهرايو آهي.
رباني کي به
اهو
نه پيو
سونهي ته
ان
کي
ورجائي
ڇاپڻ لاءِ
چوي
ها. خير
ميار
ڪانهي
ڇو
ته رباني
به
آخر انسان
آهي
انسان
”مان مان“
جي
چڪر ۾ هميشه
الجهندو رهندو
آهي.
”جي
مان
پل هجان
ها“
انهيءَ سوال
جي
چوڌاري ڦري رهيو
آهي
ته
:آيا
احساس ئي
سڀ
ڪجهه
آهي يا
احساس سڀ
ڪجهه
نه
آهي. رباني
سان
ذاتي دوستي
به
اٿم. مون
کي
اهو
دور ياد
آهي
جڏهن ربانيءَ
جي
ذهن تي
اهو
سوال ڀوت بڻجي
سوار
ٿي
ويو هو.
ما
بعد
الطبيعات
(Meta Physics)
جو
اهو
سوال
ڏينهن اڌ
نه
بلڪه سڄا
سارا
ٽي
سال رباني
جي
سيني واري
کوري
۾
کامندو
رهيو.
ٻاهر ٻاڦ نه
نڪرندي هئي.
البت
ناسور وارو
سيمو
سو رسندو
رهندو هو.
رباني
ڏاڍو زماني
ساز
ماڻهو آهي
پر
اندران اهو
ئي
اديب، لک
زماني سازيون
هلندو آهي
پر
پوءِ نيٺ
کيس
اندر
جي آنڌ
مانڌ
اڳيان جهڪڻو
پوندو آهي.
نتيجو اجهو
اهو
ٿو
ٿئي
جو افساني
جي
ٻئي
حصي ۾ پپر
توڙي
پن انسان
جي
آنڌ مانڌ
کان
آگاهه ٿا نظر
اچن.
وقت ايندو
ربانيءَ کي زمانيءَ
اڳيان گهڻو
جهڪڻ
جي ضرورت
نه
پوندي ۽ رباني
ايمانداريءَ سان
پنهنجا احساس
چٽي
پيش ڪري سگهندو.
ان
بعد منهنجو
”هز
ماسٽر وائيس“
آهي.
پنهنجي افساني
بابت
آءُ ان
کان
وڌيڪ
ڇا
چوان ته
جيڪڏهن آءُ
هن
کي
سٺو نه
سمجهان ها
ته
هوند
ڇپجڻ لاءِ
نه
ڏيان
ها. اهو
فيصلو
ڪندي مون
ڪيتري
حد
تائين انصاف
ڪيو
آهي.
سو پڙهندڙ
ٻڌائي
سگهندا. آءُ
ڇا
چوان؟ هڪ اڌ
پڙهندڙ جي
راءِ
منهنجي ڪنن تائين
به
پهتي آهي.
هت
آءُ رڳو
انهن
راين کي بحث
هيٺ
آڻيندس جن
کي
هن
افساني جي
اشاعت تي
اعتراض آهي.
سڀ
کان
پهريائين ان
بزرگ
جي راءِ
کي
کڻان
جنهن
چيو:
”انهيءَ
۾
ڪو
به شڪ
ڪين
آهي
ته حفيظ
”هز
ماسٽرس وائيس“
نهايت نيڪ
نيتي
سان لکيو
آهي
۽
افساني لکڻ
جو
مقصد نهايت
ئي
پاڪيزه آهي، پر
هي
افسانو،
ڪنهن به
صورت
۾
اهڙو نه
آهي
جيڪوگهرن ۾ ۽ پردي
۾
رهندڙن مائرن
ڀينرن
يا
ڪنوارين
ڌيئرن
تائين پهچي.“
هز
ماسٽرس وائيس،
يا
ان جهڙو
ڪو
افسانو، اسان
جي
مائن
ڀينرن ۽
ڌيئن تائين
پهچندو ته
ڪهڙو
اثر
ٿيندو؟
اهو هڪ
سوال
آهي. جنهن
بابت
ڪوبه
فيصلو تڙ
تڪڙ
۾
ڏئي
ڇڏڻ
هڪ طرف
پڙهندڙ نياڻين
سان
انياءُ
ٿيندو ته
ٻئي
طرف
اصلي مسئلي
سان
بي انصافي
ٿيندي.
ڪهاڻي
ڪار
ته
ڪلاڪار
آهي. هڪ
سر
نه قبول
پيو
ته هزار
سُر
مٽيندو ۽ پنهنجي
اندر
جي آگ
پڙهندڙن تائين
پهچائيندو. اسان
جي
سماج ۾ هڪ
اهڙو
سرشتو صدين
کان
ڪم
ڪندو
رهيو
آهي. جنهن
هزارها حوا
جي
ڌيئرن
کي
ڌڪي
انهيءَ اوڙاهه
۾
نيو
آهي جنهن
کي
مون
حسن جي
بازار
ڪوٺيو آهي
۽
جنهن
کي
آغا شاهين
انهيءَ ئي
پرچي
۾
”جسمن
جو نيلام
گهر“
ڪوٺيو
آهي ۽ جنهن
کي
عام
طور
”چڪلو“
ڪوٺيو ويندو
آهي.
عام زندگيءَ
۾
اسين
هزار حيلا
ٿا
هلايون. لک
اپاءَ ٿا وٺون
ته
جنهن ريت
اسان
جون پنهنجيون
نياڻيون انهيءَ
اوڙاهه
ڏانهن
ڌڪجي وڃڻ
کان
بچي
پون. انهن
هزارن حيلن
۽
لکن
اپائن
کانپوءِ به
هزارها شريف
گهراڻن جون
ڌيئون
ڀينر
۽
ڪن
حالتن ۾ مائر
پڻ
مجبور ٿي
ڌڪجي وڃي
انهيءَ اوڙاهه
۾
ڪرن.
ظاهر
آهي اسان
جا
اهي اپاءَ
۽
حيلا
وسيلا اهڙا
ئي
آهن جهڙو
ان
ماڻهو جو
تدارڪ جيڪو
پنهنجي
ٻنيءَ مان
ڪانڊيرا
ڪڍي
ڇڏڻ
جو
خواهش مند
هجي
۽
روز صبح
جو
واهولو کڻي وڃي
هڪ
منڍي کان ٻئي منڍي
تائين
ڪانڊيرا
ڇانگي اچي.
هفتي
سوا بعد
وري
اهي
ڪانڊيرا جيڪي
سو
زور وٺي
نڪري
ايندا ۽ وري
اهو
واهولو اهو
وڻج.
اهڙي
حالت ۾ علاج
رڳو
هڪڙوئي آهي
ته
اسان انهن
ڪانڊيرن
جي
پاڙ پٽي
ڪڍون.
پاڙ
پٽي ڪڍڻ لاءِ
ظاهر
آهي ته
ان
جي پاڙ
تائين پهچڻو
پوندو.
ڪانڊيري جي
پاڙ
لاءِ، هر
هڪ
هاريءَ کي ڄاڻ آهي
ته
زمين ۾ نون
انچن
کان
فوٽ تائين
اونهي هوندي
آهي.
گهرائي جي
هڪڙو
ٽرئڪٽر
جو هر
وهائبو ته
ڪم
ٿي
ويندو، پر
هن
اسان جي
مصيبت جون
پاڙون اسان
جي
معاشري ۾
ڪيتريون اونهيون
کتل
آهن
۽
ڪيئن
انهن تائين
پهچبو سو
به
چگيءَ طرح
چئي
نٿو سگهجي.
خصوصاً جيستائين
ڀينرن
جي
هن مصيبت
جو
خاص طرح
شڪار
ٿين
ٿيون
سي جيڪڏهن
انهيءَ
ڳولها
ڦولها ۾ هٿ
ونڊ
نه
ڪنديون ته
انهن
جو انت
لهڻ
مشڪل نه
بلڪه
ناممڪن آهي.
خواهشون، تمنائون،
جذبا، سڌون،
لالچلون سڀ
گڏجي
هڪ اهڙو
تيز
وهڪرو
ٺاهيو ڪڍن جو
سڄڻن
جون، سمجهاڻيون،
۽
حبيبن جا
حيلا
وسيلا سڀ
بيڪار ٿيو وڃن
۽
ڪانه
ڪا
ڀيڻ
وهيو
وڃي انهيءَ
اوڙاهه ۾
ڪري. جيڪڏهن
آءُ
چوان ته
”ادا
منهنجو گهر
بچيو
پيو آهي
۽
مون
تي خدا
رحم
ڪيو
آهي.“ ته
اها
ڳالهه
ائين ئي
آهي
جيئن ڪو
ڄنگهه
ڄرڪي وات
۾
پيل
ماڻهو چوندو
هجي
”خدا
جو فضل
آهي
ڌڙ
ته ڌار ئي
وس
نه آهي.“
باقي
رهيو سوال
مٺي
به ماٺ،
مُٺي
به ماٺ
واري
ڳالهه
جو ۽ اهو
سوچڻ
جو ته
هاڻي
ڪهڙو
ويهي پاڻ
کولي
پڌر
تي پڌرو
ڪجي
سو
آءُ سمجهان
ٿو
ته
اڄڪلهه انهيءَ
ڳالهه
کي
ڪو
وزن
ڪين
آهي. اهو
زمانو ياد
اٿم
جڏهن
ڪيتريون عورتون
انهيءَ جي
ڪري
پنهنجي بيمارين
جو
علاج ئي
ڪين
ڪرائينديون
هيون
ته متان
کين
ڊاڪٽر
سامهون
ٿيڻو پوي.
اڄڪلهه هر
ڪو
انهيءَ
ڳاله کي اجايو
ٿو
سمجهي. چوڻ
جو
مطلب اهو
اٿم
ته
”جسمن جي
نيلام گهرن“
جو
مسئلو، اسان
کان
وڌيڪ
اسان جي
ڀينرن
جو
مسئلو آهي.
اسان
جون
(اسان جي
سينيئرن جون)
نالائقيون،
ڀينرن جون
ڪمزوريون
۽
اسان
جي سماجي
جوڙجڪ جون
اوڻايون گڏجي
انهيءَ گندگي
جو
بنياد بنيون
آهن.
ڪنهن
هڪ کي
ڏوهدار بڻائڻ
غلط
ٿيندو.
جيسين هر
ذهن،
انهيءَ مسئلي
تي
غور نه
ڪيو
آهي،
جيسين هر
سيني
۾
هن سور
جي
سٽ نه
اڀري
آهي انجو
تدارڪ محال
آهي.
جسمن جي
نيلا
گهرن جي
تواريخ انگريزن
جي
عروج ۽ زوال
کان
گهڻو
پراڻي آهي
۽
شايد
موئن جي
دڙي
واري دور
کان
به
پراڻي هجي
۽
عجب
جي
ڳالهه آهي
جو
اسان اڃان
ان
بابت سوچڻ
لاءِ
تيار نه
ٿيا
آهيون!
(مڪلي
جي
ٽڪرين سان
سر
ٽڪرائيندڙ
ماڻهن کي ڪٿي آهي
فرصت
جو ائنٿرپولاجي
۽
سوشيو ايڪانامڪ
ڊرائيوز
جو
مطالعو ڪن. گورڪنن
۽
معمارن ۾ اجهو
اهو
فرق آهي.)
ٻئي
هڪ
دوست اعتراض
ورايو ته
هن
پنهنجي افساني
۾
پنهنجي ذاتي
دوستن جي
پٽ
وائکي ڪئي آهي.
آءُ
پنهنجا
ڪردار پنهنجي
ماحول مان
ئي
کڻندو
آهيان. هز
ماسٽرس وائيس
۾
ئي
خود منهنجو
ڪردار
به
ڪو
اهڙو ته
ڪين
آهي
جو ان
لاءِ
آءُ فخر
ڪري
سگهان. اها
ڳالهه
ٻي
آهي
ته مون
پنهنجي انهيءَ
ڪردار
کي
زنده
۽
پشيمان
ڄاڻايو آهي.
دراصل آءُ
پنهنجي دوستن
کي
تمام
پيارو ۽ سٺو
ڀائيندو
آهيان ۽ هنن
بابت
هڪ آدرشي
نقش
ذهن ۾ رهندو
اٿم.
جڏهن جڏهن
ڪو
دوست
پنهنجي حد
اورانگهي اهڙيون
اوڻايون اختيار
ڪندو
آهي
جو ان
جو
آدرشي نقش
کي
ڌڪ
رسندو آهي
ته
آءُ
مڇرجي پوندو
آهيان. هاڻي
اهو
دوستن وس
آهي
ته هومونکي،
منهنجي ان
پيار
کي
ڌڪارن
يا پيار
ڪن.
پنهنجي پچار
۾
ڀانيان
ٿو،
گهڻو
لکي ويس.
اسان
سندريءَ جي
”ڏکڻي“
تي،
سندري جي
”ڏکڻو“
مرڪ
ڏئي
ويو هڪڙي
اهو
ئي هڪ
سوال:
ڇا
ٿيڻ
کپي
پر
ڇا
ٿي
رهيو آهي؟
۽
پوءِ
”رهڻ
ڏي
ڇا
ٿي
رهيو آهي
جي
فڪر کي
..
اسين
اهو
ئي
ڪنداسين جيڪي
ٿيڻ
کپي“
”جيڪي
ٿيڻ
کپي،
سو
ڪندي”حشوءَ“
جو ٻيو ڦڦڙ به
گول
ٿي
ويندو ۽ روپ
جو
روپ اڏامي
ويندو، سندري
ڀيڻ
جي
سندرتا ڳري ويندي.
اتم
نيچ لکيو
ويندو، حفيظ
جو
هڏ گڏ
هڄي
پوندو پر
ڪنداسين
اهو
جيڪي ڪرڻ
کپي. هاڻي
ته
کوڙ
ٿي
پياسين!
اڃان
ڳپل
جيترا
ڳنڌبا. اڃان
ڪا
ڳالهه
آءُ
صبح نه
آهي
دور سائين
صبح
نه آهي
دور.
سندري
کلايو هو
..
ڪلا
رئاڙي وئي.
ڏند
ڪٿائن
واري
دور ۾ ارجن
اهو
دادلو هو
جنهن
کي
وياکياڻ
ڏيندي
ڪرشن مهراج
کٽندوئي
ڪين
هو.
سڄي گيتا
”هي
ارجن
هي ارجن“
سان
ڀري
پئي آهي.
اهو
ساڳيو دادلو
ارجن
هاڻي امتحان
پاس
ڪرڻ
بعد به
ٻه
سال
نوڪريءَ جو
انتظار
ڪندو، تڏهن
چاليهه رپيا
ڪمائي
ٽائيپ
به
سکندو ۽ ماءُ
کي
موچڙن کان بچائڻ
لاءِ
کيس ويهه
رپيا به
ڏيندو ..
پڻس
پوڙهو ٿي
ٿڪجي پيو
آهي
تڏهن
ڪروڌ وڌندو
پيو
وڃيس.
بمبئي ۽ حيدرآباد
جي
حياتين ۾ اجهو
اڄ
ڪلهه
اهو فرق
آهي.
پر اهو
فرق
ڪيئن
نه هوريان
هوريان ميٽبو
پيو
وڃي. ڏهن
ٻارهن سالن
۾
اسان
وٽ ساڳيو
مسئلو هوندو
۽
ڪا
رضيه، رشيده،
زبيده، نورجهان،
نسيم
يا نگهت
ائين
پاڙي جي
ڪنهن
نوجوان حميد،
جمال، سليم،
غفور، رشيد
وغيره کي پڪوڙا
کارائي
مٿي
تي هٿ
گهمائي ريجهائي
رهي
هوندي. ان
وقت
رڳو نالا
بدلائي اهو
ئي
افسانو پيش
ڪيو
ويندو ته
بدن
۾
باهه جي
چوچڙيءَ جو
ڪم
ڪندو
۽
پڙهندڙن کان سيسراٽ
نڪري
ويندا.
۽
هيءَ
”ڪلا“
سوچي ڇا ويٺي؟
اهو
ئي مون
ڪا
خراب
ڳالهه
سوچي آهي
ڇا؟
نه
تو تمام
سٺي
ڳالهه
سوچي آهي
..
سوالن جي
هڙ
مان هڪڙو
ويڙهو ڪڍي ويٺي
سلجهائي.
ان
بعد آغا
شاهين جو
”خوابن
جا
ساگر“ آهي.
آغا
شاهين زندگيءَ
جي
ڪنهن
ٽواٽي
تي بيهي
هڪ
فيصلو
ڪيو. هڪ
راهه
اختيار
ڪيائين پر
ان
راهه هن
کي
گل
پوش ماٿرين
بجاءِ اڄايل
ريگستانن
ڏانهن پهچائي
ڇڏيو.
اها
غلطي آغا
شاهين اڪيلي
ئي
نه ڪئي ارسطو
۽
بقراط به
ڪئي.
ڪوئي
سوالن جا
ويڙها سلجهائي
ته
پوءِ ئي
هي
راهو سڻايو
ٿينديون.
ڪير
آغا
کي
سمجهائي!
جسمن
جي
ينيلام گهرن
بابت
هڪ ناول
Yama the have hole
مون گهڻو
اڳ
پڙهيو هو.
سستي
آمريڪي ايڊيشن
۾
مليو
هو. جيتوڻيڪ
ناول
ڪنهن
روسي ناول
نگار
جو
هو.
آءُ سمجهان
ٿو
آغا
کي
انهيءَ مسئلي
کي
ڇيڙڻ
کان
اڳ
اهو ناول
پڙهڻ
گهربو هو.
افساني جو
ماحول البت
ڌاريو
پيو
لڳي. پنهنجي
سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ ته
نڪا
ڪا
عذرا آهي
نه
جميل ۽ نه
اهڙو
پروفيسر جيڪو
هينئن شاگردن
جي
اڌمن، ارمانن،
آرزوئن ۽ آشائن
جو
خيال رکندوهجي.
ڀانيان
ٿو
هي
خوابن جي
سوداگر
(آغا شاهين
پاڻ)
جيڪي حقيقي
دنيا
۾
نٿو لهي
سو
جهٽ خيالي
دنيا
۾
ڳوليو
وٺي
..
ڏاڍو
ڏنگو آهي.
سدائين عيش
ٿو
ڪندو
وتي
..
طبعي
زندگي ۾ نه
سهي
خيالي زندگيءَ
۾
ئي
سهي.
ان
بعد جمال
رند
جو
”انڌيرن ۾
ڀلجي پئي
روشنائي“ آهي
..
پيارو آهي
افسانو ۽ ان
کان
وڌيڪ
پيارو آهي
اهو
جذبو جنهن
کان
متاثر ٿي جمال
اهو
افسانو لکيو
آهي.
هت به
ساڳيو سوال
آهي.
ڇا
پيو ٿئي ۽ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
مارئي پئي
قيد
ٿئي
۽
عمر پيو سيج ماڻي، پوءِ ڇا ڪجي؟ ڀلا، جيڪڏهن دودو
اهو کيل ور ور ڪري رچائيندو ايندو
۽
مٽيءَ جا
ٺهيل
عمر
ڦاهيءَ
چاڙهيندو ايندو
ته
ڇا
سچ پچ
اهو
ٿي
پوندو جيڪو
ٿيڻ
گهرجي؟ هي
به
هڪ سوال
آهي.
ڀل
جمال هن
کي
ويڙهو ڪري پاڻ
وٽ
رکي.
ان
بعد توهان
جو
”ڀري
پيو
ڀنڀور“ آهي.
رئان؟ نه
رئان؟ هڪ
سوال
جا ٻه پاسا
آهن.
۽
هي پرچائڻ
وارو
ڪير
آهي؟ ڀلا هي
ڏکوئڻ
وارو
ڪير
آهي؟ هيءُ
به
ڀاءُ،
هو به
ڀاءُ“
دنيا
جو هر
مذهب، هر
اخلاقي قانون
اهو
ئي چوي
ٿو
ته
سواءِ
ان
عورت جي
جنهن
سان اوهان
شادي
ڪريو
ٿا،
هر عورت
اوهان جي
ماءُ
آهي، ڀيڻ آهي
يا
ڌيءَ
آهي.
”شالي“ دنيا
جي
سڀني مردن
جي
ڀيڻ
هئي ڇو ته
”حسين“
جنهن
سان سندس
شادي
ٿي
هئي اهو
پنهنجي حصي
جو
پورهيو
ڪندي بارود
سان
اڏامي ويو
هو.
مگر پوءِ
شالي
جي
ڀائرن مان
ئي
ڪجهه
اهڙا هئا
جن
هن کي پنهنجي
هوس
جو شڪار
بڻايو ۽ هڪڙو
ڀاءُ
اهڙو
به آهي
جيڪو
کيس
چوي ويٺو
”نه
رو
...
پر
.....
تون
ته نه
رو
....
بس“
ڪير
نه روئي؟
شالي؟ آءُ؟
پڙهندڙ؟ سڀ؟
اچو
ته گڏجي
روئون!
نه!
تڏهن
ڇا
ڪريون؟
سڀ سوال!
ڍڳ
جيترا سوال
آهن.
ان
بعد طارق
اشرف
”چو
واٽي جو
کوهه“
ترجمو ڪري پيش
ڪيو
آهي.
ڪرشن
چندر هي
افسانو لکي
سڀني
پڙهندن اڳيان
هڪ
سوال پيش
ڪيو
آهي:
ڪير
آهي
اهو جيڪو
ان
ٻار کي
پنهنجو ڪري جيڪو
چوواٽي واري
کوهه
۾
پيو
آهي!
اهو
ٻار
کوهه
۾
ڇو
پيو
آهي، سو
سمجهي، سگهجي
ٿو.
ڪيستائين
پيو
رهندو سو
پڻ
هڪ سوال
آهي.
پڇاڙيءَ ۾ رابندر
ناٿ
ٽئگور
جو
”شاعر جي
شڪست“ آهي
..
هڪڙو
راجا نارائڻ
هو.
هڪڙي راجمڪاري
اجيتا هئي.
هڪڙو
شاعر شيکر
هو
۽
هڪڙو لفظن
جو
جوهري پنڊارڪ
هو.
هڪڙي هيرن
جو
مالا راجا
جي
ڳچيءَ
۾
هئي ۽ هڪڙي
جئي
مالا شهزادي
اجيتا وٽ
هئي.
ڇا
ٿيڻ
گهرجي؟ ڪير
ڪهڙي مالا
پائي؟
ڪڏهن پائي؟
ڇو
پائي؟ اهي
سڀ
سوال آهن
جن
ڏانهن
ٽئگور
اشارو ڪيو آهي.
ڪير
اهي
سلجهائي؟ توهان
ڏٺو
ته
ڪهڙي
طرح اسان
جا
سڀ اديب
ڪونه
ڪو
سوال
کڻي
سلجهائڻ جي
ڪوشش
ڪري
رهيا
آهن. ويچارا
ڪتن
به
پيا ۽
ڪنبن به
پيا.
ڏڪندي
ڏڪندي،
انهن رازن
کان
پنهنجي پڙهندڙن
کي
آگاهه ڪرڻ جي
ڪوشش
ڪري
رهيا
آهن. جيڪي
سالن
کان
سندن سيني
۾
سمايل رهيا
آهن.
رابندر ناٿ
ٽئگور
کي
ته
هاڻي هن
دنيا
مان وئي
به
ڪافي
عرصو گذري
چڪو
آهي. پر
هاڻي
ته اڻ
ميا
ٽئگور
نڪري پيا
آهن.
رباني، سندري
ڪلا،
آغا،
جمال ..
کوڙ ئي
ته
آهن.
ڏاڍو اميد
افزا
ماحول آهي
ڀاءُ!
آءُ
نراس
ڪيئن
ٿيان؟
پر
هيءُ به
ته
هڪ سوال
آهي.
اهڙا سوين
سوال
آهن شمشير
جي
لفظن ۾ چوان:
زندگيءَ جا
سئو
سوال!
ڪير
ٿو
پورا
ڪري؟
آهي
ڪو
مائي جو
لال؟
آهي
ڪو
حاتم جي
همت
جو مثال؟
موت
۾
ماڻي محبت
جو
وصال!
ڪير
ٿو
پورا
ڪري؟
اوهان
جو
جهڙو
اوهان
ڀانيو.
حفيظ
شيخ
تاثر
منهنجو
متاع
حيات
حفيظ
شيخ
(اپر سنڌ
ادبي
ڪانفرنس
جيڪب آباد
(تاريخ
.......
1955ع)
۾
هڪ
ادب پاره
پڙهيو ويو
هو،
جنهن ۾ مرد
خلاف
عورت جي
شڪايت بيان
ڪئي
وئي
هئي. هي
تاثرات انهيءَ
شڪايت جي
جواب
۾
پيش ڪيا ويا
آهن)
ها
.....
اي
غريب....... مون
توکان بيک
پني..... بي!.......
تو
ڇا
ڏنو؟
.......
تنهنجو متاع
حيات
.....
تنهنجو سڀ
ڪجهه.......
دل.
دماغ، ايمان،
اعتماد
.....
سڀ
ڪجهه ......
تو
سڀ
ڪجهه ڏنو
....
منهنجي
مڪر
۽
فريب جي
صدقي
۾
.....
سکڻي
خوشامد جي
صدقي
۾
....
منهنجي برپا
ڪيل
طلسم
جي صدقي
۾ ......
تو
سڀ
ڪجهه ڏنو
....
ها،
اي
غريب، تو
متاع
حيات
ڏنو.
مک
ڪوريئڙي
جي ڄار ۾
ڦاسندي آهي،
ته
ڪورئيڙو
ماٺ ڪري ڪين وهندو
آهي
.....
ڪوريئڙو
سک
ڪين
سمهندو آهي،
بلڪ
پنهنجي ڄار جي
تارن
کي
وڌيڪ اڻڻ
شروع
ڪري
ڏيندو
آهي.... تارون
گهاٽيون
ٿينديون وينديون
آهن
...
مک
جي چرڻ
جي
جاءِ ڪين جڙندي
آهي
.....
ويچاري
ڦٿڪڻ کان به
لاچار ٿي پوندي
آهي،
۽
....
۽
پوءِ
ڪوريئڙو
کيس
پنهنجي پيٽ
۾
پوري، سندس
وجود
ئي ختم
ڪري
ڇڏيندو
آهي.
مون
نياز ۽ نمرتا
جو
ڄار
وڇايو، تو
لاڙو
کاڌو......
مون
صدا ورجائي،
توکي
جهڪڻو پيو......
مون
عشق وڌايو،
تنهنجو متاع
حيات
اچي منجهه
پيس
......
مون
ڪوڙين
خوشين جا
خزانا لٽايا،
تنهنجي عقل
تنهنجو ساٿ
ڇڏيو......
مان
توکي پنهنجي
زندگي جو
ساٿي
سڏيو، تنهنجي
خود
اعتمادي موڪلائي
هلي
.......
مون
خدا ۽ مذهب
جو
ذڪر
ڪيو، تو
مڪمل
غلامي قبول
ڪئي ..........
پکي
پڃري ۾ قيد
ٿي
چڪو
هو
....
مون
چيريو
.....
مون
ڦاڙيو ...
ماس
ڪوريو
۽
....
۽
چوسيل هڏيون
راهه
تي اڇلائي،
ڪنهن
ٻئي
پکيءَ جي
تلاش
۾
نڪري پيس
....
منهنجو
ڏوهه
ڪهڙو؟
....
مون
ته
ڪنهن
کي
ڪين
چيو
ته منهنجي
ڄار
۾
ڦاسي! .....
پنهنجي
خود اعتمادي،
جو
ساٿ
ڇڏي!
.......
عقل
کي
خيرباد چوڻ
جي
صلاح به
ته
مون
ڪنهن کي ڪين ڏني هئي!.....
خدا
۽
مذهب جون
مرليون وڄايون،
ٻيو
ڪو
ڄاڻي
ٻجهي
انڌو
ڇو
ٿي
پيو؟
مون
پنهنجو پورهيو
ڪيو .....
منهنجي
محنت
کي ته
ڏس!
۽
.....
۽ مليو
ڇا
اٿم؟
تون
...
۽
توجهڙا ٿي پيا
پکي
.....
منهنجو
”متاع حيات“
.....
منهنجي فهم
......
منهنجي عقل
.....
منهنجي طلسم
جو
حاصل!
غريب
......
خدا سان
شڪوو
نه ڪر
....
قسمت
جو
ماتم نه
ڪر .....
تو
وٽ عقل
هو:
تو
ڪوڙين
خوشين تي
اهو
قربان ڪري
ڇڏيو
.....
تو
وٽ خود
اعتمادي هئي:
تو
منهنجي
ساٿ
تي اها
صدقو
ڪري
ڇڏي
.......
او
هاريل رانديگر!
.......
منهنجا منتر
ڪم
ڪندا
رهيا
....
منهنجو جادو
ڇانئبو
رهيو
......
تون
ستو رهئين
....
سمهيل آهي
.....
ستو
رهندين
.....
۽ جيسين
ستو
رهندين
.....
تيسين
......
او
هاريل جواري!.....
منهنجي طلسم
جا
شڪار!..... منهنجو
”متاع
حيات“
....
مون
کان
ڪوئي
ڇو
کسي؟ |