”تو
منهنجي
ڪهاڻي ”ٻه پاڇا“
پڙهي
آهي؟“
مون
ڪنڌ
سان هائو
ڪئي،
۽
چيو،
”اها
ڪهاڻي
مون تنهنجي
پهرئين مجموعي
۾
شامل
ڪئي
آهي؛ پر
پني
جي گهٽ
هئڻ
سبب
”سليا
ڪنهن نه
سوال“ وانگر
اها
به اسلم
لغاريءَ وٽ
رهجي
وئي.“
”يار،
سليا
ڪنهن
نه سوال،
جيئن
جو تيئن
لکيل
حميد سنڌيءَ
وٽ
هوندءِ، ان
کان
وٺي
اها
ڇپائجانءِ.“
ناصر
مورائي پئي
چيو
ته حميد،
تنهنجي اها
ڪهاڻي
جيئن
جو تيئن
ئي
ڇاپي
آهي.“
”پر
تون
حميد کي چئجانءِ
ته
اصل
ڪاپي ڏيڻ لاءِ.“
”اهي
ته
پنا ئي
ڳري
ويا
هوندا هاڻي
پيارا.“
”ٺهيو
ادا
.. ..
،
ها
..
“
هُن
منهن مون
ڏانهن
ڪندي
چيو،
ڄڻ
ڪجهه
اوچتو ياد
اچي
ويو هجيس،
”تڏهن
ته
اصل
ڏاڍو لڳو
هو،
جڏهن مون
هز
ماسٽرس وائيس
هاڻي
لکي هئي.“
”ڇا
ٿيو
هو؟“
”پنهنجي
افساني بابت
آءُ
ان کان وڌيڪ
ڇا
چوان، ته
جيڪڏهن آءُ
هن
کي
سٺو نه
سمجهان ها،
ته
هوند
ڇپجڻ لاءِ
ئي
نه
ڏيان ها.
اهو
فيصلو
ڪندي مون
ڪيتري
حد
تائين انصاف
ڪيو
آهي،
سو پڙهندڙ
ئي
ٻڌائي
سگهندا. آءُ
ڇا
چوان“ ، مون
کي
تنهن
وقت جون
ڳالهيون
ياد
اچڻ لڳيون،
جڏهن
”روح
رهاڻ“ ۾ اها
ڪهاڻي
ڇپي
هئي
۽
ان
کانپوءِ جيڪا
تنقيد ٿي هئي،
مون
چيو، ”ها حفيظ،
اهو
ڪهڙو
بزرگ هو،
جنهن
هز ماسٽرس
وائيس لاءِ
لکيو
هو، ته
انهيءَ ۾ ڪو شڪ
ڪين
آهي
ته حفيظ،
هز
ماسٽرس وائيس
نهايت نيڪ
نيتيءَ سان
لکيو
آهي ۽ افساني
لکڻ
جو مقصد
نهايت ئي
پاڪيزه آهي؛
پر
هي افسانو
ڪنهن
به
صورت ۾ نه
آهي،
جيڪو گهرن
۾
پڙدي
۾
رهندڙن مائرن،
ڀينرن
يا
ڪنورين
ڌيئرن
تائين پهچي.“
”پوءِ .....“
”بهتر
آ
ته ان
ڳالهه
تان
لهي وڃ،
تون
مون کان رڳو
اهو
پڇ، ته
هز
ماسٽرس وائيس
يا
ان جهڙوڪو
افسانو اسان جي مائن
ڀينرن
۽
ڌيئن
تائين پهچندو
ته
ڪهڙو
اثر
ٿيندو؟“
”ها
ٻڌاءِ
ڀلا“.
”اهو
هڪ
سوال آهي،
جنهن
بابت ڪو به
فيصلو تڙ
تڪڙ
۾
ڏئي
ڇڏڻ،
پڙهندڙن نياڻين
سان
هڪ قسم
جو
انياءُ
ٿيندو، ته
ٻئي
طرف
اصلي مسئلي
سان
بي انصافي
ٿيندي.
ڪهاڻيڪار
ته
ڪلاڪار
آهي، هڪ
سر
قبول نه
پيو
ته هزار
سُر
سٽيندو ۽ پنهنجي
اندر
جي آڳ
پڙهندڙن تائين
پهچائيندو.“ هن
لڪڻ
کي
هوا ۾ لوڏائيندي
چيو،
”اسانجي
سماج ۾ هڪ
اهڙو
سرشتو صدين
کان
ڪم
ڪندو
رهيو
آهي جنهن
هزار
حوا جي
ڌيئن
کي
ڌڪي
انهيءَ اوڙاهه
۾
نيو
آهي، جنهن
کي
مون
حسن جي
بازار
ڪوٺيو آهي
۽
جنهن
کي
آغا سليم
(تنهن
وقت
آغا شاهين
جي
نالي سان
لکندو هو)
ساڳئي ئي
پرچي
۾
”جسمن
جو نيلام
گهر“
ڪوٺيو
هو، جنهن
کي
عام
طرح
”چڪلو“
ڪوٺيو ويندو
آهي.
عام زندگيءَ
۾
اسين هزار حيلا
ٿا
هلايون، لک
اپاءَ ٿا وٺون
ته
جنهن ريت
اسان
جون پنهنجون
نياڻيون انهيءَ
اوڙاهه
ڏانهن
ڌڪجي وڃڻ
کان
بچي
پون. هزارن
حيلن
۽
لک اپائن
کانپوءِ،
به
هزارها شريف
گهرائڻ جون
ڌيئون،
ڀينر
۽
ڪن
حالتن ۾ مائر
پڻ
مجبور ٿي
ڌڪجي وڃيو
انهيءَ اوڙاهه
۾
ڪرڻ.
ظاهر
آهي ته
اسان
جا اهي
اپاءَ ۽ حيلا
وسيلا اهڙا
ئي
آهن جهڙو
ان
ماڻهو جو
تدارڪ، جيڪو
پنهنجي
ٻنيءَ مان
ڪانڌيرا
ڪڍي
ڇڏڻ
جو
خواهشمند هجي
۽
روز
صبح جو
کهو
کڻي،
وڃي
هڪ منڍي
کان
ٻئي
منڍي
تائين
ڪانڊيرا
ڇانگي اچي،
هفتي
سوا بعد
اهي
ڪانڊيرا
جيڪي سي
روز
وٺي نڪري
ايندا ۽ وري
اهو
کهو
۽
اهو وڻج
.. ..
اهڙيءَ حالت
۾
علاج
رڳو هڪڙو
آهي،
ته اسان
انهن
ڪانڊيرن
جي پاڙ
پٽي
ڪڍون.
پاڙ پٽي
ڪڍڻ
لاءِ
ظاهر آهي،
ته
ان جي
پاڙ
تائين پهچڻو
پوندو.
ڪانڊيري جي
پاڙ
لاءِ هر
هڪ
هاريءَ کي ڄاڻ آهي،
ته
زمين ۾ نون
انچن
کان
فوٽ تائين
هوندي آهي.
گهرائي ۾ جي
هڪڙو
ٽرئڪٽر
جو هر
وهائبو ته
ڪم
ٿي
ويندو، پر
اسان
جي هن
مصيبت جون
پاڙون اسان
جي
معاشري ۾
ڪيتريون اونهيون
کتل
آهن،
ڪيئن
انهن تائين
پهچبو، سو
به
چٽيءَ طرح
چئي
نٿو سگهجي.
خاص
ڪري،
جيستائين
ڀينرون، جيڪي
هن
مصيبت جو
شڪار
ٿين
ٿيون،
سي جيڪڏهن
انهيءَ
ڳولا
ڦولها ۾ هٿ
ونڊ
نه
ڪنديون، ته
انهن
جو انت
لهڻ
ڏکيوئي
نه بلڪ
اڻ
ٿيڻي
آهي؛ خواهشون،
تمنائون، جذبا،
سڌون، لالچون
سڀ
گڏجي هڪ
اهڙو
تيز وهڪرو
ٺاهيو
ڪڍن،
جو
سڄڻن جون
سمجهاڻيون ۽ حبيبن
جا
حيلا وسيلا
سڀ
بيڪار ٿيو وڃن
۽
ڪانه
ڪا
ڀيڻ
وهيو
وڃيو انهيءَ
اوڙاهه ۾
ڪري. جيڪڏهن
آءُ
چوان ته
ادا
منهنجو گهر
بچيو
پيو آهي
ته
مون تي
خدا
رحم ڪيو آهي،
ته
اها
ڳالهه ائين
جيئن
ڪو
ڄنگهه
ڄرڪي
وات ۾ پيل
ماڻهو چوندو
هجي،
خدا جو
فضل
آهي ڌڙ ته
ڌارئي
وس
نه آهي
.. ..
باقي
رهيو سوال
مِٺي
به ماٺ
مُٺي
به ماٺ
واري
ڳالهه
جو ۽ اهو
سوچڻ
جو، ته
هاڻي
ڪهڙو
ويهي پاڻ
کولي
پڌر
تي پڌرو
ڪجي،
سو
آءُ سمجهان
ٿو
ته
اڄڪلهه هانهيءَ
ڳالهه کي وزن
ڪين
آهي.
اهو زمانو
ياد
اٿم، جڏهن
ڪيتريون
عورتون انهيءَ
ڪري
پنهنجي بيمارين
جو
علاج
ئي ڪين
ڪرائينديون هيون،
ته
متان کين
ڊاڪٽر جي
سامهون
ٿيڻو پوي.
اڄڪلهه هر
ڪو
انهيءَ
ڳالهه کي اجايو
ٿو
سمجهي. چوڻ
جو
مطلب اهو
اٿم،
ته جسمن
جي
نيلام گهرن
جو
مسئلو، اسان
کان
وڌيڪ
اسان جي
ڀينرن
جو
مسئلو آهي.
اسان
جون، اسان
جي
سينيئرن جون
نالائقيون،
ڀينرن جون
ڪمزوريون
۽
اسان
جي سماجڪ
جوڙجڪ جون
اوڻايون گڏجي
انهيءَ گندگيءَ
جو
بنياد بڻيون
آهن،
ڪنهن
هڪ کي
ڏوهاري بڻائڻ
غلط
ٿيندو،
جيسين هر
ذهن
انهيءَ مسئلي
تي
غور نه
ڪيو
آهي،
جيسين هر
سيني
۾
سور جي
سٽ
نه اڀري
آهي،
ان جو
تدارڪ محال
آهي.
جسمن جي
نيلام گهرن
جي
تاريخ انگريزن
جي
عروج ۽ زوال
کان
گهڻو
پراڻي آهي
۽
شايد
موهن جي
دڙي
واري دور
کان
به
پراڻي هجي
۽
عجب
جي
ڳالهه اها
آهي
ته اسان
اڃا
ان بابت
سوچڻ
لاءِ تيار
نه
ٿيا
آهيون. مڪليءَ
جي
ٽڪرين
سان سر
ٽڪرائيندڙ
ماڻهن کي ڪٿي آهي
فرصت، جو
انئٿرو پولاجي
۽
سوشيوايڪنامڪ
ڊرائيوز جو
اڀياس ڪن. گورڪن
۽
معمارن ۾ اجهو
اهو
فرق آهي.“
”ڪنهن
دوست
اهو به
ته اعتراض ورايو
هو،
ته تو
پنهنجي
ان
ڪهاڻيءَ
۾،
پنهنجي دوستن
جي
پت وائکي
ڪئي
آهي.“
هو
مرڪي مون
کي
ڏسي
چوڻ
لڳو:
”آءُ
پنهنجا
ڪردار پنهنجي
ماحول مان
ئي
کڻندو
آهيان. هز
ماسٽرس وائيس
۾
ئي
خود منهنجو
ڪردار
به
اهڙو ته
ڪين
آهي،
جو ان
لاءِ
آءُ فخر
ڪري
سگهان. اها
ٻي
ڳالهه
آهي،
ته مون
پنهنجي انهيءَ
ڪردار
کي
زندهه پشيمان
ڄاڻايو
آهي،
دراصل آءُ
پنهنجي دوستن
کي
تمام
پيارو ۽ سٺو
ڀائيندو
آهيان ۽ هنن
بابت
هڪ آدرشي
نقش ذهن ۾ رهندو اٿم، جڏهن ڪڏڌهن ڪو دوست پنهنجي
حد اورانگهي، اهڙيون اوڻايون اختيار ڪندو آهي، جو
ان آدرشي کي ڌڪ رسندو
آهي،
ته آءُ
مڇرجي پوندو
آهيان ۽ ڪا نه
ڪا
ڪهاڻي
جڙي
پوندي آهي.
هاڻي
اهو دوستن
جي
وس آهي،
ته
هو مون
کي
منهنجي ان
پيار
لاءِ
ڌڪارين يا
پيار
ڪن
.. ..
“
”تنهنجي
”نواءِ
سنڌ“
۾
ملازمت دوران
ٿيل
هڪ
واقعو
ڏاڍو مشهور
ٿيو.“
”ڪهڙو؟“
”ته
تون
ڪنهن
سان، ڪهن
ڳالهه تي
ٿورو
مڙئي
ناراض ٿي پيو
هئين. هڪ
ڏينهن
اهو
پاڻ ۽ سندس
هڪ
دوست تو
وٽ
آفيس ۾ لنگهي
آيا،
تو
ڪرسيون گهرائي
کين
ويهڻ
لاءِ چيو
هو،
تنهن تي
هُن
چيو:
”ڪتُي جي
پڇ
کي
ٻارنهن
مهينا نڙ
۾
وجهي
ٻاهر
ڪڍجي
ته ساڳيو
ڏنگي
جو
ڏنگو.“
تنهن تي
تو
جواب ڏنو هوس:
”پيارا.
اها
ته ڪتي جي
پڇ
جي اصليت
آهي“
۽
اهو ٻڌي همراهه
ٻاهر
هليا
ويا هئا.“
حفيظ
جي اکين
۾
مرڪ
تري آئي،
هو
ڪنڌ
ڦيرائي
لڪڻ هوا
۾
ڦيرائڻ
لڳو:
”ان
ئي
نموني جي
ڳالهه
نسيم
کرل
به لکي
هئي؟“
”ته .............“
مون
کانئس
پڇيو.
”روح
رهاڻ
۾
ڇپي
به هئي.“
”ڇپي
هوندي، پر
منهنجي ذهن
تي
ناهي هن
وقت.
ڪهڙي
ڳالهه
هئي؟“.
هو
مرڪندو رهيو
۽
کلندي
چوڻ
لڳو:
”روح
رهاڻ جي
سيپٽمبر1963ع وارو
پرچو
هو شايد،
جنهن ۾ نسيم
کرل
”سچو
سچو
سچ چوان“
۾
هڪ
هنڌ لکيو
هو
ته
کانئس
ڪنهن پڇيو
ته:
”حفيظ
شيخ
ڇا
پيو
ڪري؟“ ته
هن
جواب ڏنس:
”ڪلهو
ڪي
خبر ته
اها
اٿم ته
اي
پي پي
جو
رپورٽر هو،
اڄ
متان
ڪنهن اسٽيشن
تي
پورٽر هجي.“
کلندي
کلندي
هن
ٿور
سنجيدو
ٿيندي چيو:
”ڪهڙيون
ٿو
ڳالهيون
پڇين
يارن جون!
آءُ
ته
ٿورو اڳتي
هلي
ڏسون.“
اسين چانڊوڪيءَ
۾
هلڻ
لڳاسين، ڄڻ ٿڌي پاڻيءَ
۾
ترندا ٿي وياسين.
”ان
ساڳي
وقت جي
ڳالهه
آ،
جڏهن مون
چار
پنج
ڪهاڻيون لاڳيتيون
لکي
”مهراڻ“،
”نئين
زندگي“ ۽ ٻين رسالن
کي
اماڻيون هيون،
جن
مان
”سسئيءَ جا
سور“
۽
”مکڙي
مرجهائجي وئي“
مهراڻ1965ع جي
ٻئي
پرچي
۾
ڇپي
هئي ۽
”سسئي جا
سور“
سنڌ مسلم
ڪاليج
جي1956-55ع واري
مخزن ۾ ڇپي هئي
.......“
هن
جواب نه
ڏنو.
رڳو
ڪنڌ
کي
هلڪو
ڌوڏائي پڪ
ڏنائين.
”مُکڙي
مرجهائجي وئي
ڪهاڻي
ڏهن
رپين
جو ادبي
انعام به
کنيو
هو.
مون کيس وڌيڪ
ياد
ڏيارڻ
لاءِ چيو:
”جنهن
جو
ڪردار
ننڍڙي فرزانه
هئي.“
”ها .........
فرزانه، جنهن
کي
ڊاڪٽر
لاعلاج چئي،
موٽائي موڪليو
هو
۽
سندس ماءُ
جي
گهر ۾ سانت
ديرو
ڄمائي
ويٺي هئي،
جنهن
لاءِ هوءَ
چوندي هئي
ته
هاڻي آءُ
به
پنهنجي ساهرن
وٽ
ڳاٽ
کڻي
سگهنديس. هو
روز
منهنجي مڙس
کي
ٻي
شادي
ڪرڻ
جي صلاح
پيا
ڏيندا
هئا
......“ جڏهن
فرزانه پيدا
ٿي
هئي،
ته يارهين
مهيني ۾ ئي
پنهنجي پيءُ
کان
سلهه
جا
ڪجهه جيوڙا
اڌارا ورتائين
۽
کيس
به
سلهه ٿي پئي،
جنهن
کي
ڊاڪٽرن
جواب
ڏئي، اڌ
مئل
فرزانه کي گهر
موائي موڪليو،
ان
وقت منهنجي
ذهن
تي گيت
تري
آيو هو:
گل
ٽِڙن
ٿا،
چنڊ
ٿو
چمڪي،
ڇا سندءِ
بات
بات آ
مٺڙا.
هي
شاعر
ڪهڙو نه
مورک
آهي، هن
گل
جي ٽڙڻ ۽
کنڊڻ جي
رخ
کي
ڏٺو
آهي، تصوير
جو
ٻيو
رخ هن
کان
بلڪل
لڪل رهيو
آهي،
گل ٽڙن ٿا، ها
ها
گل ٽڙن ٿا، پر
مرجهائجي وڃن
ٿا.
مفت
بيڪار اجايو!
۽
هن
شاعر کي انهيءَ
جو
احساس ئي
ڪين
آهي.
جهان جا
فنڪار، اديب
۽
شاعر، هن
گلستان ۾ اهڙا
گل
آهن، جن
۾
سڳنڌ
به آهي،
سونهن به
آهي.
جيڪڏهن
ڪائنات ۾ وڌيڪ
گل
اسرڻ ئي
بند
ٿي
وڃن، ته
سنسار جي
سونهن جو
ڇا
ٿيندو؟
جڳ
۾
جوت قائم
رکڻ
لاءِ ڪي
ڏيئا ته
جرڪندائي رهندا
پر،
گهٽ ۾ گهٽ
ڏيئن
لاءِ
ماحول ته
اهڙو
هجي، جتي
هو
طوفانن جي
لپيٽ
۾
نه اچي
سگهن. ڇا اهڙو
ماحول پيدا
ٿو
ڪري
سگهجي؟ جتي
کڻي
ڪيتري
به
ٿوري
تعداد ۾ گل
پوکجن؛ پر
اهڙا
گل پوکجن
جو
موسم جي
حالتن جو
مقابلو ڪري سگهن
۽
بهار
ماڻن کان اڳ
۾
نه
ڪومائجي
سگهن؟... جيڪر،
جڳ
کي
جاڳ
ڏئي، انهيءَ
سوال
جو جواب
پڇي
ڪڍجي.
جهنگ ۽ گلستان
۾
انيڪ
گل ٽڙن ٿا،
ڪنهن کي ڪل به
ڪانه
پوي
۽
اهي
ڇڻيو وڃن.
شايد
انسان اڃان
تائين اوجهڙ
۾
اٽڪيو پيو
آهي،
گلستانن لاءِ
زرخيز زمين
هموار نه
ٿي
سگهي
آهي، پر
ڪيستائين
ائين
بي راهه
زندگي هلندي
هلندي؟
....“ چپ
ٿي
ڪجهه
سوچڻ
لڳو،
ٿوري دير
رکي
چوڻ لڳو:
”جيڪر
سڀني
شاعرن کي گڏ
ڪري
چئجي
ته
ڳايو
ڳايو، گل
ٽڙن
ٿا،
چنڊ
ٿو
چمڪي، گل
ٽڙن
ٿا،
جيڪر
جهنگ مان
وڃي
سڀ
ڇڻيل گل
۽
پن،
جيڪي پٽ
تي
پئي پئي
سڙي
ڀاڻ
ٿي
ويا آهن.
سي
ميڙي شاعر
جي
مٿان وسڪارا
ڪري،
اڇلي
۽
پوءِ وڏا
وڏا
ٽهڪ
هڻي چوان:
”ڳايو،
ڳَايو،
گل
ٽڙن
ٿا
....“
”تون
چوڻ
ڇا
ٿو
چاهين، تو
ان
ڪهاڻيءَ
۾
ڇا
ٿي
چوڻ چاهيو؟“
”اصل
۾
پنهنجي ديس
جي
ڏاهن
۽
فرزانن کي
ٻڌائڻ ٿي چاهيم،
ته
اڙي مستو!
خيال
ڪريو،
موت اوهان
جي
ماحول ۾ بي
واڳو، بي
لغامو پيو
گهمي
۽
خزان جون
تيز
هوائون گلن
جي
تاڙ ۾ آهن،
اچو
ته ان
ماحول کي مٽائي
ڇڏيون،
نه
ته هي
چمن
گلن کان خالي
ٿي
ويندو.
ٿريلي
ٿوهر جا
ڪنڊا
اُسري ايندا،
انسان فنا
ٿي
ويندو، حيوان
جڳ
تي
ڇانئجي ويندو
....
اهي
ساڳيون سوچيون
هيون، جيڪي
جيئن
پوءِ تيئن،
منهنجي ذهن
۾
منجهنديون ٿي ويون،
جنهن
جي نتيجي
۾
مون
”ٽِواٽو“
ڪهاڻي
لکي.“
”ٽواٽي
تي
بيٺل پوڙهي
کان
منجهيل سوالن
جي
هڙ وٺي.
تو
پنهنجي مٿي
تي
رکي هئي،
تنن
مان
ڪجهه منجهيل
سوالن جو
جواب
مليهءِ به
يا
......؟“
هڪ اڌ سوال جي جواب تائين ته مان پهچي ويو هوس، پر سوال
ايڏا ته آهن، جو هڪ کي سلجهائيندي ٻيا به ڪيترا
سوال منهن ڪڍي، ڳالهه کي منجهائي ٿا ڇڏين.“
”هاڻي
ته
تون واندو
آهين
....
ڪجهه
سوال
ته حل
ڪري
سگهين
ٿو؟“
”هي
ازلي
راز، جيڪي
منهنجي سيني
۾
سمايل آهن،
آءُ
جي چاهيان
ته
به توکي
ڪين
ٻڌائي
سگهندس. ازل
ڇا
هي؟
ابد ڇا هي؟
۽
ڏاتار
جي
ڏات
ڇا
هي؟ سڀ
اهڙا
منجهيل مسئلا
آهن،
جو منهنجي
سمجهائي به
تون
شايد سمجهي
ڪين
سگهندين.“
هلندي هلندي
اسان
تمام پري
نڪري
ويا هئاسين.
اسان
جي پيرن
هيٺان هاڻي
سائي
ڇٻر
لتاڙجي رهي
هئي.
ڀرسان
ئي هڪڙو
واهه
هو، جنهن
جي
تري ۾
ٿورو
ڄميل پاڻي
بيٺو
هو، جن
جي
دُٻن مان
چنڊ
به
ڏيکارجي رهيو
هو.
”اڄ
جهڙي
ئي چانڊوڪي
رات
هئي ۽ پري
ڪنهن
ٻيٽاريءَ
سان
لنگر هڻي
بيٺل
هڪ
ٻيڙيءَ تي
ڪو
مهاڻو سُر
آلاپي رهيو
هو،
هوا تي
لڏندو
لمندو هلڪو
آواز
منهنجي ڪنن تائين
ائين
پهچي رهيو
هو،
ڄڻ
هيءَ
ڪائنات هڪ
جيئرو جاڳندو
وجود
آهي ۽ هن
مهاڻي جي
آواز
جو لاهه
چاڙهه هُن
جي
سيني جو
اُڀار ۽ سوس
آهي.“ هو
ڇٻر
تي ويهي
چوڻ
لڳو:
”هاڻي
تون
اهو پڇندين
ته
اهڙيءَ ويل
به
تنهنجي قلم
۾
حرڪت
ڪانه
آئي؟“
”ڀاءُ،
آءُ
ڪهاڻيڪار
آهيان،
ڪهاڻي نه
آهيان، جو
پاڻ
پلٽي پوان،
ائين
کڻي
سمجهه ته
آءُ
اهو سنگيتڪار
آهيان، جنهن
جو
سُرندو
ڪنهن
ڪروڌيءَ ڌڪ هڻي
ڀڃي
وڌو
هجي، مون
کي
ڪهاڻين
سان
پيار آهي،
ائين
جيئن
ٻيجل کي تند
ٻرائڻ
سان
هو. نياز
همايونيءَ جو
هڪ
اڻپورو نظم
ٿو
ياد
اچي،
”سنڌ صدين
کان
دلوراءِ جي
نگري
آهي.“ نياز
ٻه چار
بند
لکيا پوءِ
قلم
کي
روڪي
ڇڏيائين، شايد
ڊڄي
ويو.
يا شايد
درد
جو احساس
حد
کان
وڌي وڃڻ
ڪري
درد
پاڻمرادو گهٽجي
ويو.“
حفيظ
ڳالهائيندي
ڇٻر
تي ليٽي
پيو.
”نياز
همايونيءَ جي
شعرن
جو ڪو مجموعو ڇپيو
آهي؟“
”ڇپجيس
پيو،
شايد
ڇپجي ويو
اٿس.“
”ڪهاڻيڪاري
به
هڪ ڪلا آهي،
ڪو
زمانو هو
جو
ڪهاڻيڪاريءَ
ڪري
ڪاليدار
اوتار ليکبو
هو.
ماڻهو کيس پوڄيندا
هئا،
سيس نوائي
سر
آڇيندا هيس
۽
ساهه
ڏيندا
هيس. اڄ
ڪهاڻيڪاري
هڪ
پاپ آهي،
گناهه آهي،
اسان
تي
ڪافر هجڻ
جو
الزام آهي.
مڙهين ۽ مقامن
جي
معتبر پوڄارين،
منهن
رکڻ لاءِ
هي
مانڊاڻ منڊيو
آهي،
گڊي نانگ
وانگر، ساهت
جا
هي سڀ
ڪجهه
ڪارا
آهن،
ڪجهه
اڇا. گڊو
نانگ
مٿان
ڪارو هوندو
آهي
پر پيٽ
اڇو
هوندو اٿس.
هي
ٻاهران
اڇا اجرا
آهن،
پر اندر
ڪاروڪٺ
اٿن.
ڪٿي
به ڪو ڪلا جو
ديوانو
ڏسندا ته
ڊوڙي
ڌڪ
هڻندس. ڇپ هڻي
وهندا، دڳ جهلي
بيهندا، در
جو
ونگ وٺي
وهندا، گهنڊ
هڻي
وهندا، جنهن
ڀر
جهلبن پر
جهليندا، پر
چنگ
چورڻ نه
ڏيندا
۽
جي
ڪنهن
مست چنگ
چوريو ته
ڏنگ
هڻي
ڪڍندا.
پري ڇو ٿا وڃو،
اسان
ڪهاڻيڪارن
جي اظهار
جو
ذريعو آهن
ڪتاب
۽
رسالا ۽ تازو
مون
ڏٺو
ته رهيا
کهيا
رسالا ۽
ڪتاب به
بندش
هيٺ اچي
ويا
آهن. سنڌ
۾
جيڪي
ڪتاب
۽
رسالا
ڇپجن ٿا سي
ڪنهن
کان
ڳجها
ته
نه آهن،
ڪهاڻين
۽
افسانن جا
ڪتاب
۽
رسالا گهڻو
ڪري
هڪ
اڌ سال
لاءِ
ڇپجندا
آهن.
ڇڏيو انهيءَ
ڳالهه
کي،
وٺو
رسالي
”نئين زندگي“
جو
مثال، جو
هاڻي
ته
ڪافي پراڻي
آهي،
شروع ٿيو هو
ته
هڪ آس
پيدا
ٿي
هئي، ته
هندو
ڀائرن
جي لڏي
وڃڻ
ڪري
جيڪو خال
پيدا
ٿي
پيو هو
سو
ڪي
قدر
ڀربو، پر
پوءِ
هن
ٻيڙيءَ کي اهڙا
ناکئا مليا،
جو
وڃي ٽڪر هيائونس
۽
اسان
کي
مڪليءَ جي
ٽڪريءَ
جون
قبرون
ڳڻڻيون پيون.
واندڪائيءَ جي
وندر
۾
ڪاهي
چڙهياسين، نه
ته
ڇا
لڳن مقام
۽
ڇا
لڳن
جيئرا جاڳندا
ماڻهو!
تاريخ
جي
نالي ۾ پيرن
جو
پرچار
ٿيو، ادب
جي
نالي ۾
ڪاڳر
ڪارا ٿي ويا
۽
اها
”نئين
زندگي“ هاڻي
ڇا
رهي
آهي.
ڊاڪٽر نبي
بخش
بلوچ جو
”هندي
شاعريءَ جو
سنڌي
شاعريءَ تي
اثر“
مضمون ڏسي مان
کي
ڏاڍي
خوشي
ٿي
هئي، پر
مضمون پڙهندي
جڏهن
ڏٺم
ته هيءُ
يار
به وڃي
پيري
مريديءَ ۾ اڙيو
آهي
۽
تبليغي
ڳالهيون ۾ پيو
آهي
ته نهايت
ڏک
ٿيم،
شايد
انهيءَ ئي
مضمون ۾ ڪٿي هن
يار
لکيو، ته
هڪ
شاعر چنڊ
جي
چانڊاڻ نه
آهي،
بلڪ مومل
ماڙي
چڙهي آهي،
ان
جي منهن
جو
مانڊاڻ آهي،
تنهن
تي شاعر
جي
هڪ دوست
کان
چورايو وڃي
ٿو.
”اهو
مومل
جو لقاءِ
نه
آهي، پر
منهنجو مرشد
قبر
مان اٿي
کڙو
ٿيو
آهي،
تنهن جو
لقاءُ آهي.“
تڏهن
هيانءَ ئي
ڏري
پيو
هو
ڀاءُ اهو
پڙهي. پهريون
بيت
ڇڪي
ٿر
جي انهن
ڀٽن
۾
وٺي
ويو هو
جتي
مينهن پئي
چوڌاري چارا،
گاهه
اسري پوندا
آهن
۽
جهنگلي هرڻ
ڇال
ڏيندا
وتندا آهن،
جتي
موملون ڪاڪ اڏينديون
آهن
۽
راڻا
ڏاگها
ڊوڙائيندا آهن.
تصور
تي هڪ
عجيب
منظر تري
آيو،
روح تي
هڪ
عجيب احساس
طاري
ٿي
ويو پر
پوءِ
تصور تي
ٽيهن
سالن
جو هڪ
پوڙهو پنهنجي
لٺ
کڻي
ڇائنجي
ويو.
ڪنهن محبوبڙيءَ
کي
ڪو
ڪم
نصيب
عاشق جهٽ
پل
لاءِ جهوليءَ
۾
جهلي
بيٺو هجي
۽
اوچتو اچي
ڪاري
ڏاند
جا
مالڪ
ڪڙڪو
ڪندس. اها
ڪار
ٿي
ڀاءُ.
ڪيئن
هيانءُ جهڄي
پيو،
ڪيئن
لڙڪ لڙي
پيا،
ڪيئن
دل دهلجي
ويئي،
ڪنهن کي ڪير سمجهائي.
ادب،
منهنجي پيءُ
جي
جاگير
ڪانهيءَ، پر
پوءِ
جڏهن ڪو
کُرپو کڻي ائين
سهڻا
سلا پاڙئون
پٽڻ
وهندو آهي،
ته
سيني ۾ سور
ٿيندو
آهي.“ |