آخري
باب
روشن هنڌ تي اٿي
ويٺي
هئي، کيس
بيمار
ٿئي
چوٿون
ڏينهن
هيو. پر
تنهن
هوندي به
هوءَ ايترو هاريل نظر ڪين پئي
آئي. آءُ
ڪمري ۾
گهڙيس
ته...
اڳ
۾
ئي
ويٺو
هيو.
ٻئي
ڳالهيون ڪري
رهيا
هئا.
آءُ
اڃان
ورانڊي
۾
ئي
هيس
ته
منهنجي
ڪن
تي
روشن
جي
کلڻ
جو
آواز
پيو.
لمبا
ڊگها
ٽهڪ
ٻڌم،
جيڪي
زنجير جي
ڪڙين مثل هڪ ٻئي ۾
پوئيل
معلوم
ٿيندا
هئا.
هوءَ
سدائين
ائين
کلندي
هئي.
روشن
جي
کل
ڏاڍي
بيباڪ
هئي.
سندس ٽهڪ ڄڻ
سندس
سيني جي
گهراين مان
نڪرندا
هيا.
ڪمري
۾
گهڙي،
آءُ....گڏ،
سامهون
واري
پلنگ
تي
ويهي
رهيس، اسحاق
(روشن
جو
شريڪ حيات) اٿي
منهنجي لاءِ
چانهه
جو
بندوبست ڪرائڻ
ويو.
”ڇا
تي
پيا
کلو؟“
مون
پلنگ
تي
وهندي
پڇيو.
”ڀڇانس
ٿو،
ڪڏهن
چاڪ
ٿيندينءَ“
....
وراڻيو.
”ڄڻ
منهنجي
هٿ وس ئي ته آهي“
روشن
گهٽيل
ٽهڪن ۾
ويڙهيل
جملو
اڇليو.
هن
اڃان
کلي
پورو
ڪين
ڪيو
هيو
جو،
آءُ
آيو
هيس
۽
هاڻي
هر
ڳالهه سان
ٿورو
گهڻو
کلي، پنهنجو کلڻ پئي
پورو ڪيائين. ڄڻ کلڻ جو
مقرر ٿيل اسٽاڪ
کيس
هڪ
مدي
اندر
کپائڻو
هيو. ان
وقت
ڪنهن نه
سمجهيو، شايد هن به نه پئي سمجهيو،
مقرر ٿيل اسٽاڪ
ٽهڪن
جو،
مقرر
ٿيل
مدي
اندر
کپائڻو
هيو. ڪي
هوريان، ڪي ڏاڍيان
پر
کپائڻا
سڀ
هيا.
آءُ وڃي
ويٺس ته
گفتگو ذاتي حالن احوالن تي ڦري ادب تي اچي
بيٺي ۽
اتان
پوءِ ٿڙي سماج
جي
جوڙجڪ تي
آئي ۽
اميري
غريبيءَ
جي
جهاد
جو
ذڪر
نڪتو.
روشن
چيو:
”مان
پاڻ
هن
موجوده
سرشتي
جي
سخت
خلاف
آهيان.
جڏهن
ڪنهن
غريب
کي
ڏسندي
آهيان
ته
دل
۾
ڏاڍو ڏک
ٿيندو اٿم. الا!
چوندي
آهيان
ته هي انهيءَ حال
۾
ڇو
آهي
۽
پوءِ
دل
ٿيندي
اٿم
ته
جيڪر
هي
چرخو
ئي
ڦيري
ڇڏيان،
جيڪر
موجوده نظام
کي
پٽي اڇلي ڇڏيان.“
چوندي
چوندي
روشن
گنڀير ٿي وئي
هئي.
سندس نراڙ
تي
ويچار
وارا
گهنج
پئجي
ويا
هيا
۽
جوش
سبب
هڪ
جيڪي
وات
سان
چيو
تنهنجي
تائيد،
هٿ
کي
هوا
۾
ائين
هلائي
ڪيائين
جيئن پٿر اڇلائڻ ويل هلائبو
آهي...... کيس
روشن جي
گنڀيرتا
ڪانه
آئڙي.
هو پڻ
ڪجهه
سنجيدو ٿي
ويو. آءُ هن جي
چهري ڏانهن ڏسي
رهيو
هوس. هن ڄڻ،
ڪجهه چوڻ کان اڳ
پنهنجون
پوريون
قوتون
سهيڙيون
۽
پوءِ چيائين:
”پوءِ تون
ڪميونسٽ ٿي پئو نه!
انهيءَ کانسواءِ
ته
سماج
کي
بدلائڻ
جو
ڪو
طريقو
ئي
ڪونهي.“
...
ڪجهه
قدر
ڪميونزم
ڏانهن لاڙو
رکندو آهي ۽
پاڪستان جي ٻين
ڪميونسٽن مثل هي به
هوٽلن ۾
ويهي
ڳالهين جا
ڳوٺ
ٻڌڻ
۾
ماهر
آهي.
روشن کي
ڪميونسٽ ٿيڻ جي
دعوت ڏيڻ وقت
هرون
ڀرون ڪو هن
روشن کي
ڪميونسٽ بنائڻ ڪين پئي چاهيو. هن ائين ڳالهه مٽائڻ لاءِ
چئي هئي ۽
تير
نشاني
تي
پورو
لڳو.
روشن
مرڪي
پئي.
هن
ٻه
ٽي
دفعا
اکيون ڇنڀيون.
هڪ
نکريل مرڪ هن جي چپن تي اسري آئي ۽
چيائين:
”مون
۾
ايتري
طاقت
ڪونهي،
مان
ڪمزور
آهيان،
نه
ته
ضرور
ڪميونسٽ
بنجان
ها.....“
.....
کي
چرچي ڪرڻ جو
موقعو
مليو_
هن
روشن کي اڌ
۾
ئي
روڪيو چيو:
”ڇو، ڇا
ٿيو
ٿي؟
ڏنڊي
ڏوٽي
ته
ويٺي
آهين.“
”توکي
ڪهڙي
خبر؟“
روشن
مرڪندي
مرڪندي هڪ ٿڌو ساهه
کنيو ۽
ٿوري
گنڀير
پڻ
ٿي
وئي.
گفتگو
ان
بعد
منهنجي ذاتي
زندگيءَ تي ڦري
آهي.
روشن ۽
.....
ٻئي
لڳا
مون
کي
مسڪو
لڳائڻ.
مون
گهڻيون
رڙيون
ڪيون،:
”گڻيش
کوپرا
مل جو اهو
نلڪو
ڪنهن ٻئي جي
پيرن ڪڍڻ لاءِ
وهائجو.“
مون چيو پر هو ٻئي شايد قسم
کنيون
ويٺا
ها.
آءُ
به
چپ
ڪري
هنن
ٻنهي
جي
ڳالهين مان
لطف وٺڻ
لڳس.
گهڻي تائين
ڪمرو
ٽهڪڙن سان
گونجندو
رهيو
۽
پوءِ
....
اٿي
ويو.
...
جي
هلئي وڃڻ،
بعد،
روشن جي
طبعيت وري خراب
ٿيڻ
لڳي ۽
رات
جو،
جڏهن
ڊاڪٽر کيس ڏسڻ آيو ته مون محسوس
ڪيو، ڊاڪٽر
ڪجهه
پريشان
هيو. ٻئي
ڏينهن شام
جو
روشن جي
طبيعت
ڪجهه
وڌيڪ خراب
هئي. آءُ
گهڻي رات
لڙي تائين اتي
ويٺو
رهيس.
موٽيس ته گهر جو در به بند
هيو. در کي هڪ ٻه
دفعا
کڙڪايم
پر ڪير ڪين جاڳيو. آءُ
بلڊنگ جي ڇت تي مٿي وڃي
پسار
ڪرڻ
لڳي
ويس.
روشن
جي
بيماريءَ
بابت
ويچاريندو
رهيس.
سندس
خيالات بابت ۽
پنهنجي
مختصر
دوستيءَ
بابت
جنهن
۾
هن
ڄڻ
سچ
پچ
مون
کي
پنهنجو
ننڍو
ڀاءُ بنائي ڇڏيو هو.
”ادا،
اڄ
ماني
کاءُ!
نه
کائيندين؟ ڏس مان
چڙي
ويندي سانءِ.“
جهڙا
انيڪ
ننڍڙا
جملا
منهنجي
دماغ
۾
ڦري
رهيا
هيا
۽
مون
ائين
محسوس
ڪيو،
ڄڻ
آءُ
سچ
پچ
هڪ
ٻار
آهيان_
ٻار
جيڪو
روشن
جي
اشارن تي نچي
سگهي ٿو، کلي
سگهي ٿو،
روئي
سگهي ٿو. ڇت تي پسار
ڪندي
مون کي ڪلاڪ
کن
گذريو
ته هيٺ گهر ۾
روشني
ٿيل
نظر
آيم.
اديون
روزو
رکڻ
لاءِ
اٿيون
هيون.
آءُ
لٿس،
در
کڙڪايم، در
کليو، اندر وڃي
سمهي
رهيس.
اڳلي
ڏينهن شام
جو
روشن جي حالت
ڪجهه
وڌيڪ خراب
هئي. ڊاڪٽر
بدلايو
ويو
۽
ڊاڪٽر سان
گڏ علاج
بدلجي
ويو. ان
شام
جو
آءُ
جلدي
وري
آيس.
ڊاڪٽر ڏاڍي آٿت ڏني هئي ۽
مون
کي
ڊاڪٽر جي ڳالهين تي اعتبار
اچي
ويو.
مون
کي
ڇا،
سڀني کي اعتبار
اچي
ويو.
سڀ
ساڳي
فريب
۾
مبتلا
ٿي
ويا.
ڪنهن
کي
به
اهو
گمان
ڪين
آيو
ته
هي
ڊاڪٽر
روشن لاءِ
ملڪ الموت ثابت
ٿيندو.
ڪنهن به اهو ڪين
ويچاريو ته هن ڊاڪٽر
جوعيش
عشرت، آرام
۽
مسرت
روشن جي
زندگي
کسيندا.
هڪ ڄار هو،_هڪ دغا
هئي
پر اسين سڀ_
مان،
اسحاق، ماسي
(روشن جي ماءُ)
رسول بخش
(روشن جو ماسات) سڀ ڦاسي پياسين. خود پاڻ
روشن خاموش
رهي. ڄڻ راضي به رضا
هجي.
ائين ڦاسي پياسين
جيئن ڪو الڙ پکي
ڪوڙڪي ۾
رکيل
پڪي
تي
نظر
وجهي
هيٺان
وڇيل
سرڪڻ
ڦاهيءَ تي نظر ڪرڻ ئي وساري
وهندو
آهي. آه!
هي
دام،
جنهن
اسان کان
روشن ڇني
ورتي.
ڊاڪٽر
ٻئي
ڏينهن
صبح
جو
آيو. آءُ صبح
جو
روشن وٽ ڪين
ويندو
هيس، پر انهيءَ
ڏينهن
آفيس مان
موڪل هجڻ
سبب، اتي ئي
هيس. ڊاڪٽر
روشن کي اسپتال
۾
داخل
ڪرڻ
لاءِ
چيو.
سڀني
ها
ڪئي.
آءُ
به
خاموش
رهيس.
منهنجو
دماغ
سوچڻ
کان پڙ ڪڍي
بيٺو
هيو.
ڏسندي
ڏسندي
روشن ڪار ۾
ليٽي
پيئي
هئي
۽
ڪار
آهستي
آهستي سول اسپتال
ڏانهن رواني ٿي
ويئي.
آءُ گهر وري
آيس. اهو
ڏينهن
آءٌ
اداس
هيس. رکي رکي
منهنجي من ۾
وسوسا
پئي
پيا
۽
مون
مٿو
ڌوڻي
انهن
کي
ڪڍي
ٿي
ڇڏيو. شام
جو آءُ اسپتال
۾
روشن
سان
ملڻ
ويس.
ماسي
ويٺي
هئي.
اڄڪلهه
جي
نوجوانن
جي
عادتن
خصلتن
تان
ڳالهه
ڦرندي
منهنجي عمر تي اچي
بيٺي ۽
روشن
منهنجي
عمر
بابت
ڌڪا
هڻڻ
شروع ڪيا.
”23 .....
22.....
40 .....
18....20 ....“
مختلف
عمريون
ٻڌائيندي
رهي. ماسي به انهيءَ
وندر ڀري ڳالهه
ٻولهه ۾
اچي
شريڪ
ٿي.
ماسيءَ
پڻ
هڪ
به
ڌڪو
هنيو
پر
سڀ
فضول.
ٻئي
منهنجي
عمر
جواندازو ٺيڪ ڪين لڳائي
سگهيون. اسحاق
آيو. چيائين:
”اٿي ته هلي
گهران
ڪجهه
سامان
کڻي
اچون.“
مون
اٿندي
اٿندي
پنهنجي
صحيح
عمر ٻڌائي ڇڏي. در تي وڃي، مون ڪنڌ ورائي
ڪمري ۾
نهاريو.
ٻئي
ماءُ
ڌيءُ
منهنجي
عمر
متعلق
تعجب
۾
هيون.
سامان کڻي اسان
ورياسين
ته
روشن جي
طبعيت
ڪجهه خراب
هئي. مون
پنهنجي
موجودگي
مناسب
نه
سمجهي ۽
اٿي
هليو
آيس.
انديشن
جا
طوفان ساوڻ جي ڪارن
ڪڪرن مثل
کنوندا
گجندا
منهنجي
دل
۽
دماغ
تي
ڇائنجي ويا.
آءُ
هوريان
هوريان
پير
گسائيندو
گهر
اچي
پهتس.
ڪپڙا
بدلائڻ بنا
آءُ
اونڌو ٻوٿ ڪري هنڌ ۾
ڪري
پيس.
ادين
پڇيو:
”ڇا
هي؟“
مون چيو:
”ڪجهه نه،
ٿڪجي پيو
آهيان“
ڪيتري دير هنڌ ۾
ائين
پيو
هيس
۽
پوءِ
ننڊ
کڻي
وئي.
صبح
جو وڏي اديءَ
رڙيون پئي
ڪيون ”اٺ
جيڏو ٿي ويو
آهين، اڃا
ايتري
تميز
ڪانه آئي اٿيئي جو لٽا
مٽائي
سمهين.“
”ادي....“
مون اديءَ جي اکين ۾
اکيون
وجهي
چيو
۽
هو
ڄڻ
انهيءَ
هڪ
لفظ
مان
سڀ
ڪجهه
سمجهي
وئي.
”ڪيئن
آهي
روشن؟“
اديءَ
پڇيو.
”ڏاڍي
تڪليف اٿس“ مون وراڻيو ۽
هنجڻي
۾
گهڙي
در
ڏئي
ڇڏيم. لٽا
لاهي
آءُ نل مان
وهندڙ
ڌار
هيٺان
ويٺس
ته
ائيس
محسوس
ڪيو
ڄڻ
جسم
۾
هڪ
باهه
پئي
ٻري
۽
پاڻي
پوڻ سبب
دونهان
۽
ٻاڦون
پيون
نڪرن. مون دل ۾
سوچيو:
”مون
سان
ايتري
ويڌن
آهي،
ويچاري
اسحاق ۽
ماسي
ءَ
سان
ڪهڙي
حالت
هوندي!
آءُ
ته رڳو
سندس وات
چيو ڀاءُ
آهيان.“
اڌ
ڪلاڪ
کن
تڙڳندو
رهيس
تڏهين
وڃي
مس
مس
آٿت
آئي.
انهيءَ
وچ
۾
ادا
ٽي
دفعا
وهنجڻي
جي در تي ٺڪ ٺڪ ڪري ويو
هيو. هن کي
آفيس وڃڻ
۾
دير ٿي رهي
هئي. ٻاهر
نڪتس ته هن
ويچاري
منهنجي
جذبات
جو خيال
رکندي
ڪجهه
ڪين
چيو. رڳو ايترو چيائين:
”آهين تون به
مولائي“ ۽
وهنجڻي
۾
گهڙي
ويو.
لٽا
پائي
نيرن ڪيم ۽
آفيس
هليو
ويس.
آفيس
۾
فون
تي
اسحاق سان
ڳالهايم
ته
معلوم ٿيو ته رات
ڪافي
ڏکي
گذري
هئي. اسحاق
مون کي هڪ اڌ
ڪم
لاءِ
تاڪيد
ڪيو
۽
آءُ
آفيس
جي
ڪمن
۾
لڳي
ويس.
شام
جو
آءُ
انصاري سان
گڏ
روشن سان
ملڻ
ويس. انصاري
روشن سان
گڏ قانون
پڙهندو
هيو. اسين وياسين ته
روشن ڄڻ
پنهنجون
رهيون
سهيون
قوتون
ميڙي اسان
کي
آڌر ڀاءُ
ڏيڻ
لڳي. ڳالهيون
تعليم جي محور تي ڦرڻ
لڳيون. جهٽ پلڪ
ويهي اسان
اٿي آياسين. ٻاهر
نڪري انصاريءَ چيو:
”آءُ ته
روشن کي سڃاڻي به ڪين
سگهيس.“ مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ انصاري
چوندو هجي
”روشن جي حالت ڏاڍي خراب
آهي.
توهان
هر وقت
سندس آڏو
بيٺا
آهيو
تڏهن
آهستي
آهستي
پوندڙ فرق
توهان
کي
نظر ڪين ٿو اچي.“ پر
ٻيءَ
گهڙي مون کي ڊاڪٽر جو ڏياريل
يقين ياد
آيو ۽
مون
سوچيو
اهي
ڪنا
خيال
دل ۾
نه
آڻڻ
گهرجن.
روشن
خوش
ٿي
پوندي.
انصاري
پنهنجي ڪم سان
وڃڻو
هو، هو اوڏانهن
لڙي ويو
۽
آءُ وري به پير
گسڪائيندو اسحاق
جا
ٻڌايل
ڪم
پورا
ڪرڻ
لاءِ
اسهي
پيس.
رات
جو
2 1
بجي گهر
آيس. ادا
ويٺي
ڪو
ناول
پڙهيو.
در اچي
کوليائين ۽
آءُ
سمهي
پيس.
انصاريءَ سان
گڏ واري ملاقات
منهنجي
آخري ملاقات
هئي،
جنهن ۾
روشن
مون
سان
ٻه
ٽي
لفظ
ڳالهايا
هيا.
ان
بعد
وري
موقعو
ڪين
آيو.
ڳالهائڻ کي
هوءَ آخري
ڏينهن تائين، بلڪ مرڻ کان اڳ
ڪن
ڪلاڪن
ڳالهائيندي رهي، پر آءٌ هميشه سندس آرام جو خيال
ڪري سندس ڪمري ۾ وڃڻ
کان
ڪيٻائيندو
هيس. ۽
ويندو
هيس
ته
رڳو
اکين
ئي
اکين
۾
هڪ
ٻئي
تي
پنهنجي
پنهنجي
مجبوري
ظاهر
ڪري
ڇڏيندا
هئاسين.
اڳلي
ڏينهن ساڳي ڪار ٿي. فرق رڳو ايترو هيو جو شام
جو
جڏهن آءُ
روشن کي ڏسڻ ويس ته
روشن ڏاڍو پئي لڇي
پُڇي
۽
آءُ
کيس
وڌيڪ
ويل
۾
لڇندو
پڇندو
نه
ڏسي
سگهي،
اتان
هليو
آيس. ٻئي
ڏينهن تي آءُ ورانڊي ۾
ئي
هيس
ته
سامهون
روشن
ليٽيل
نظر
آئي.
هن
مون
کي
ايندو
ڏسي
ورتو
هيو
۽
دريءَ
۾
ئي
اکيون
وجهيو
پئجي
رهي.
آءُ
ويجهو
پهتس
ته
اسان جو اکيون
مليون.
گهڙي پل لاءِ
پوءِ ڄڻ هن ٿڪي اکيون هيٺ ڪري
ورتيون. انهيءَ
هڪڙي نظر ۾
مون
ائين
محسوس
ڪيو
ڄڻ
روشن
چوندي
هجي.
”ادا
...
ڏسين
ٿو؟
مان
ڪيترو
لڇي
پڇي
آهيان...
ڪيترو
پاڻ
پتوڙيو
اٿم....
پر
هي
ڪمبخت
موت
مون
کي
نهوڙي
نيڻ
تي
ضديو
بيٺو
آهي.“
مون
محسوس
ڪيو
ڄڻ
روشن
چوندي
هجي
”ڏس
مون
چيو
ڪين
ته
مون
۾
طاقت
ڪانه
آهي....
زندگيءَ جي اجوڳ
پورهئي
منهنجو اندر
ڪوري ڇڏيوآهي....
مان
سڄي
عمر
وهندي
رهي
آهيان_
گهاڻي جي ڏاند
جيان_
ها،
گهاڻي جي ڏاند جيان
مان
ڳهندي
رهي
آهيان....
۽
ڏس
اڄ
جڏهن
مان
مس
مس
انهيءَ
لائق
ٿي
آهيان
جو
پاڻ
جهڙن
لاءِ
ڪجهه
ڪري
سگهان
ٿي
ته
موت
منهنجي
چائنٺ
تي
بيٺو.
در
تو
کڙڪائي.... ڏس، هن کي
روڪڻ لاءِ
مون
ڪيڏا
وس
ڪيا
آهن!....
هي
ڪمبخت
پڻ اميرن جو ساٿي ٿو نظر اچي....
پورهيا
ڪري
ڪري
ڪو
سنئين
ڳَٽ
مس
ٿئي
ته
هي
اچي
هٿ
وجهندس...
ڏس...
تون
ڏس....
پاڻ
ڏس
۽
ٻين
کي
ٻڌائجان... انهن کي ٻڌائجان،
جيڪي مون وانگر
سمجهن ٿا...
جيئن مان
اڳ
سمجهندي
هيس
تيئن
سمجهن ٿا
ته
پهرين
پاڻ
سنوين
پيرين
ٿبو
ته
پوءِ
ئي
ڪجهه
ڪري
سگهبو.
ادا. انهن کي
چئجان
ته اها
اڻ
ٿيڻي
آهي.
جيسين
هو
سنوين
پيرين
ٿيندا
تيسين
سندن اندر ڪورجي
ويندو،
تيسين
موت اچي در
کڙڪائيندن،
تيسين
فنا
اچي
ڀاڪر
ڀريندين.
غريبن
لاءِ،
اميرن جي
دنيا
۾
ڪا
به
جاءِ
ڪانه
آهي. اميري
غريبي انسانيت
جا
ٻه
فرقا
آهن،
ٻه
مذهب
آهن ۽
ٻه
طبقا
آهن.
غريبيءَ
وٽ
هر
ڪنهن
لاءِ
جاءِ
آهي
پر
اميري
وٽ
ڪنهن
لاءِ
به
جاءِ
ڪانهي. ادا
تون
انهن
منهنجي
نوجوان
ڀينرن
ڀائرن
کي
چئجان،
جيڪي مون وانگر پاڻ
پتوڙي
رهيا
آهن...
ها،
کين
چئجان،
سونهري
سپنا
بنائڻ ڇڏي
ڏين...
ڪيڏو به
پورهيو
ڪري،
ڪيڏي به ذلت
سهي،
غريب امير نٿو ٿي
سگهي. ناڻي جا
چار
جهول
غريب
کي
امير
نٿا
بنائي
سگهن. اميري ۽
غريبيءَ
جي
هن
سماج
۾
قدرت
جو
هر
قانون،
خدا
۽
مذهب
جو
هر
حڪم،
وقت
جي
هر
لهر
غريب
کي
ڌڪي
غريبي
ڏانهن اماڻي ٿي. نه ته
....
ته قبر ۾. کين
چئجان.... ادا!“
روشن وٽان
موٽي آءُ گهر اچي
سمهيس. ٻئي
ڏينهن صبح
جو
ئي اچي اسپتال
سهڙيس.
روشن
جي
حالت
ڏاڍي خراب
هئي. احساق
ٻڌايو،
رات
جو
ڊاڪٽر کي سڏڻ لاءِ
ماڻهو
موڪليو
هئائين
پر ڊاڪٽر ايئن چئي ماڻهو کي
موٽائي
موڪليو هيو ته
موڪل جو
ڏينهن آهي ڊاڪٽر
مريض سان
ٻڌل
ته ڪين آهي!
صبح
جو
ڊاڪٽر
آيو. چيائين:
”ڪائي فڪر جي ڳالهه ڪانهي، سڀاڻي اسپتال
کلندي
ته
سڀ
ٺيڪ
ڪري
وٺبو.“
۽
ڊاڪٽر ويو
هليو. ڊاڪٽر جي ايڏي لاپرواهي
ڏسي
مون ڀانيو، شايد سچ پچ
روشن کي ڪا
خاص
تڪليف
ڪانه
آهي.
سڀئي ائين ڀانيو.
ڪنهن کي خبر نه هئي ته ڊاڪٽر
پنهنجي عيش خاطر
روشن جي حياتي جي به
پرواهه ڪين
ڪندو!
ڪنهن کي خبر هئي ته هي ڊاڪٽر جلاد
آهي!
ڊاڪٽر
ويندي مهل لڇ
پڇ
بند
ڪرڻ
لاءِ
مارفيا
(Marphia)
جي سُئي هڻڻ لاءِ
چئي
ويو. نرس
آئي، سئي
هنيائين ۽
روشن
سمهي
پئي.
آءُ
ڪجهه
وقت
ويٺو
رهيس
۽
پوءِ
موٽي
آيس.
شام
جو
ويس
ته
روشن
اڃان
هاڻي
سئيءَ
جي
اثر
مان
اٿي
هئي.
هوءَ
پيٽ
سور
جي
شڪايت
ڪري
رهي
هئي.
جيتوڻيڪ
درد
سندس
جگر
۾
هيو.
جگر
جيڪو
ڊاڪٽر جي لاپرواهي
سبب اڳي کان
وڌيڪ خراب
ٿي
ويو
هيو. جگر
جنهن تي هن هزارين گهاوَ
سٺا
هيا. جگر
جنهن ڳهي ڳهي
ٿڪجي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو
هيو. جگر
جنهن جي
تڪليف کي ڊاڪٽر ڪا
تڪليف
ئي ڪانه پئي
سمجهيو. آءُ
روشن جي لڇڻ
پڇڻ
وڌيڪ
ڪين
سهي
سگهيس
۽
اسحاق کان
موڪلايم.
”مون
لاءِ
ڪو
ڪم
هجيئي
ته
چئو“.
مون
ڀڻڪيو.
”نه
ڪوئي
ڪونهي“.
اسحاق
منجهيل
من سان
چيو.
”چڱو
ڀلا
ڪو
ٿي
پويئي
ته مون کي سڏ ڪجانءِ.“ چئي آءُ گهر ڏانهن
هليس. ياد
نه اٿم ته ان
بعد
ڪيڏانهن ويس ۽
ڇا
ڪيم.
رات
جو
ٻارهين لڳي مٿي جي سور کان
بيتاب
ٿي،
آءُ
گهران
هيٺ لٿس ته
ڪنهن
هوٽل مان
چانهه
پي اچان.
موٽيس ته ادا
ٻڌايو......
ها،
هن
ٻڌايو
ته
اسحاق آيو هيو ۽
....
منحوس
خبر.... 5
منٽن
۾
آءُ
اسپتال
پهتس.
روشن کٽ تي
ليٽي
پيئي
هئي. سڌي
سنواٽي، بس فقط ساهه ڪين
پيئي
کنيائين ۽
سيرانديءَ
کان ماسيءَ
ويٺي
ڪڏهن
قرآن ٿي
پڙهيو ته
ڪڏهن
روئڻ ٿي
شروع
ڪيو. آءٌ
ڪمري
۾
گهڙي ائين
بيهي
رهيس ڄڻ ڪا
سوال
جي
نشاني
هجان.
ادا
مون سان
گڏ آيو هيو سو
منهنجي
پٺيان
بيٺو هيو ۽
آءُ
بيٺو
رهيس.
ڪجهه
دير
کانپوءِ، مون ائين محسوس ڪيو ڄڻ
زمين
منهنجي
پيرن
هيٺان
کسڪي
ڀڄي
وڃڻ
جي
ڪوشش
ڪري
رهي
هئي
۽
آءُ
پيل
ڪرسي
تي
ويهي
رهيس.
روشن
ساهه
کڻڻ
بند
ڪري
ڇڏيو
هيو.
منهنجي دل چيو
جيڪر آءُ کيس
چنبڙي پوان_
ڌونڌاڙيان
۽
چوان
”ڇو ڀيڻ!...او
ادي!....
ايتري ۾
ٿڪجي
پئينءَ؟
اڃان
ته
رات
باقي
هئي.
اڃان
ته
لڙڻو
هوءِ...
ايتري
۾
ٿڪجي
پئينءَ؟
اڃان ته صبح ڪونه ٿيو هيو. اڃان ته انڌير باقي
هو.... تون ٿڪجي پئينءَ؟
ادي،
اٿي!
اٿي،
ادي!
او
ڀيڻ!...
روشن!
ادي!....
جيجي!
...
.ڀيڻ!....
اٿي!
ڏس، اڃان
لڙڻو آ.“ لڙڪ
منهنجي اکين ۾
تري
آيا
۽
مون
ڪنڌ
ورائي
اکيون
ڇپڪي، پي ڇڏيا.
”بابي جي مرڻ تي مون نير ڪين هاريا،
هاڻي
ڪيئن
هاريان،“ دل ۾
خيال
آيو.
لاري
آئي،
ڏولي
آئي،
روشن
کي
کٽ
تان
کڻي
ڏوليءَ
۾
وڌوسين.
ڏولي
کڻي
لاري
۾
رکي
سين
۽
گهر
موٽي
آياسين_
گهر
جتان
جيئري
جاڳندي
روشن
نڪتي
هئي
۽
جتي
مئل
روشن
موٽائي
آياسين.
ٻئي
ڏينهن
صبح
جو
روشن کي قبر ۾
وجهي
مٿان
رابيل
جي
گلن
جو
ڇٽ
وجهي
ڇڏيائون ۽
مون
سوچيو:
”روشن
کي
رابيل
جي گلن سان
ڪيڏو
پيار
هو!
ها...
کيس
رابيل
جي گلن سان
ڏاڍو
پيار
هيو
۽
زندگي
جي
سمورين
پورهين
جي
موٽ،
کيس
رابيل
جي
گلن
جو
هي
ڇٽ
ئي
ته
مليو
آهي.“
روشن
کي
دفنائي
اڄ
چوٿون
ڏينهن
آهي
پر
اڃان
دل
چوي
ٿي:
”روشن
مئي
ئي
ڪانه
آهي.“ سچ پچ
روشن امر آهي__
شهيد
آهي....
ڪڏهن ڪانه
مرندي... دل ٿي
چوي.... پئي ورلاپ
ڪيان. تون مري وئي
آهين. تو مون کي نال
نه نيو،
نيڻئون
نير
نٿوبيهي. ڪاش!
قبر
جي
اڪيلائيءَ ۾،
دنيا
کان
منهن
موڙي
ڀاڪر پائي، ٻئي ڀاءُ
ڀينر
ننڊ
ڪيون ها.
مٺي ابدي ننڊ جا
ڪو
چاهي
به ته ڦٽائي نه
سگهي ها.
آءُ ڀيڻ!
جلدي
آءُ
هڪ
دفعو
ته
آءُ!
امڙ
کي
ته ڏس!
پل
پل
پئي
سولي
چڙهي،
منهنجي
دل
تي
به
ڪات، ڪٽاريون
پيون
وهن. اسحاق،
تنهنجو جان
نثار
شوهر
هردم
هنجون
پيو
هاري،
توکي
ساري
ٿو
۽
ديوانه
وار
توکي
سڏ
ٿو
ڪري.
تنهنجي
ڀاڻيجي
۽
ماساتيون ٻاڪارين
ٿيون. آءُ ڀيڻ!
آءُ
هڪ
وار
آءُ!
جهٽ
پل خاطر.
گهڙي کن لاءِ. آءُ!
جلدي
آءُ!
اچي
پنهنجي
پيرسن
ماءُ
جي
جهريل
جيءُ
کي
سڌير
ڪر!
روشن
هڪ
بار
اچي
اسان جي گهر کي
روشن ڪر!
روشن!
روشن!
منهنجي
آواز
تي
آواز
ته
ڏي!
تون
اسان جي گهر جي
هئين.
آءُ، اچي هن انڌوڪار
کي
ريٽ.
مٺڙي!
هڪ
دفعو وري آءُ ۽
اسان جي تاريڪ
زندگي کي
روشن ڪر!
آءُ ڀيڻ!....آءُ، هڪ وار...... |