خديجه
شيخ
(ڀيڻ)
ڇا
تون
ڪونه
وري
ملندين؟
هيءُ
خوبصورت دنيا
جيڪا
اڄ اسانجي
سامهون آهي،
چون
ٿا
ته اڳي
اهڙي
ڪانه
هئي، بلڪه
هزارن سالن
جون
ارتقائي منزلون
طئه
ڪندي
هن حالت
۾
پهتي
آهي ۽ سندس
ارتقا اڃان
جاري
آهي. اهو
ئي
خيال انسان
لاءِ
به ڪيو وڃي
ٿو،
يعني
انسان به
اصل
۾
جانور هو
يا
آهي: جيڪو
ارتقائي منزلون
طئه
ڪندو،
موجوده صورت
تي
پهتو آهي.
انهيءَ حقيقت
کي
آڏو
رکندي اِها
ڳالهه
تسليم
ڪرڻي پوي
ٿي
ته
جيڪا شيءَ،
جيڪو
به فرد
۽
جو
ڪجهه
به آهي،
خوبصورت يا
بدصورت
.....
سٺو
يا
خراب
.....
اعليٰ
يا
ادنيٰ
.......
پنهنجي
ارتقائي عمل
جي
ڪري
آهي. انهي
ارتقائي عمل
۾
ماحول، حالتن،
وقت
۽
آبهوا جو
وڏو
حصو آهي.
اڄ
هڪ اڻڇپيل
ڪتابڙو
”حفيظ
شيخ“
هٿ ۾ آيو.
حفيظ
تي لکڻ
جي
ڪوشش
اها پهرين
ناهي، اها
ڪوشش
حفيظ
جي ٻين دوستن
به
ڪئي
آهي. بيدل
مسرور
جو
پورٽريٽ
”اولڙا اولڙا
زندگي“ ۽ رشيد
ڀٽي
جو
مضمون به
نظرن
مان گذريو
هئم.
محترم رشيد
ڀٽي،
ادا
حفيظ متعلق
هڪ
دلچسپ
ڳالهه
ٻڌائي هئي
ته
ڪنهن
ڳَلهه
تان رُسي
جڏهين هو
(رشيد
ڀٽي)
پنهنجي بابا
وٽ
نه ويو
هو
۽
سندس خرچ
سندس
والد نه
موڪليو هو،
تڏهين هڪ
ڏينهن
سندس
پيءُ پنهنجي
رُٺل
پٽ کي راضي
ڪرڻ
لاءِ
خط لکيو
۽
اچڻ
لاءِ چيو.
حفيظ
کيس
صلاح ڏني هئي
ته
پنهنجي والد
کي
لکي:-
”کارِي جهان
دراز
هي اب
ميرا انتظار کر“
رشيد
صاحب پنهنجي
مضمون ۾ لکيو
آهي،
جيڪڏهن هو
حفيظ
جو چيو
ڪري
ها
ته رڳو
بک
مري ها
۽
هن
اسٽيج تي
نه
پهچي ها.
اها
ڳالهه
عام پڙهندڙن
کي
شايد
معمولي لڳي
پر
حقيقت ۾ هن
معمولي
ڳالهه حفيظ
جي
سڄي ساري
شخصيت سامهون
ڪري
رکي
آهي. شايد51
-
1950
ع
جي
ڳالهه
آهي حفيظ
مئٽرڪ جو
امتحان
ڏيئي رهيو
هو،
تڏهن مون
ادا
بشير جي
چوڻ
تي کيس خط
لکيو
ته مئٽرڪ
کانپوءِ
هو
ڪراچيءَ
۾
اسان وٽ
اچي
پڙهي ۽ ادا
بشير
سندس تعليم
جو
خرچ
کڻندو،
ڇاڪاڻ جو
اسان
سڀني جي
خواهش هئي
ته
بابي جي
اولاد مان
ڪوئي
هڪ
ڊاڪٽر
ٿئي،
ڇاڪاڻ
ته اسانجو
بابو
ڊاڪٽر
هو_ تڏهين
حفيظ
جواب ۾ لکيو
هو:-
”اي طائر
لاهوتي، اُس
رزق
سي موت
اچهي
جس
رزق
سي آتي
هو،
پرواز مين
کوتاهي“
اِهي
ٻه
واقعه منهنجي
خيال
۾
حفيظ جي
ان
شخصيت کي ظاهر
ڪرڻ
لاءِ
ڪافي
آهن جيڪي
هن
کي
عام ماڻهن
کان
ڌار
ڪري
بيهارين ٿا ۽ باقي
سڀ
ادب جي
پرواز جيڪا
بيدل
مسرور جي
پورٽريٽ ۾ هجي،
نياز
همايوني ۽ ناز
سنائي جي
حفيظ
شيخ ۾
.....
مختصر الفاظ
۾
حفيظ
انقلابيءَ پيءُ
جو
انقلابي پٽ
هو.
حفيظ انهيءَ
پيءُ
جو پٽ
هو،
جنهن
11سالن
جي عمر
۾
پنهنجي مذهب
سان
بغاوت
ڪئي، پنهنجي
والدين ۽ برادري
سان
بغاوت ڪئي ۽ پٺاڻن
جي
هٿن ۾ مسلمان
ٿيو.
جيجل
ماءُ کان دور
ڪنهن
قبائلي علائقي
۾
ڌارين
هٿن
۾
نپيو
(پليو). اڄ
کان
اڳ
جڏهن پنهنجي
بابي
جي مسلمان
ٿيڻ
جي
ڳالهه
ڪندي
هئم ته
عام
مسلمانن وانگر
خوشي
ٿيندي
هئي
...
پر
اڄ
حيراني به
اٿم
ته منهنجو
ننڍڙو ابراهيم
جڏهن
11 سالن
جو
هو، تڏهن
سمهندي مهل
جيسين منهنجو
هٿ
جهلي قابو
نه
ڪندو
هو، ننڊ
ڪانه
ايندي هئس.
سوچيان ٿي منهنجي
ڏاڏي
۽
ڏاڏيءَ
جي
شخصيت
ڪيتري نه
عظيم
هوندي جن
پنهنجي پٽ
کي
ايڏي
قوت ارادي،
خود
اعتمادي ۽ فيصلي
جي
قوت سان
نوازيو هو
۽
حفيظ
شايد خاندان
جو
واحد بندو
هو،
جنهن پنهنجي
وارثن کي خوب
چڱي
طرح ماڻيو.
حفيظ
گهر کان پري
ڇو
رهيو؟ اهو
هڪ
سوال آهي،
انهيءَ سوال
جو
جواب هر
هڪ
پنهنجي نموني
پنهنجي خيال
مطابق
ڏيندو به
رهيو
آهي.
عام
خيال آهي
ته،
حفيظ پنهنجي
گهر
جي مذهبي
ماحول سان
بغاوت
ڪئي، تنهنڪري
گهر
جي
ڀاتين هن
کي
ڪڏهن
پنهنجو نه
ڪيو.
خيرپور جي
لائيف منهنجي
ذهن
۾
صاف چٽي
نه
آهي، نه
مونکي حفيظ
جي
گهر کي ڇڏڻ ياد
آهي،
پر جيڪي
ڪجهه
ياد
اٿم ۽ جيڪو
ڪجهه
ٻڌو
اٿم.
انهي جي
نفسيات
ڪجهه هن
طرح
سمجهه ۾ آئي
آهي
۽
جيڪا گهر
۾
عام
طرح هوندي
آهي.
اها هڪ
حقيقت به آهي
ته
اسان ۽ اسان
جو
معاشرو ايترو
تعليم. يافته
ڪونه
آهي.
اسين ٻار
ڄڻيندا آهيون،
هنن
کي
پيار
ڪندا آهيون
۽
پهرين ٻار جي
جيتري آڌر
ڀاءُ
ٿيندي
آهي،
اوترو ٻئي جي
نه
ٿيندي
آهي.
ڪڏهن ائين
به
ٿيندو
آهي ته
ٻئي
ٻار
جي
اچڻ سان
پهرين ٻار کي نظر
انداز
ڪندا آهيون.
ڪو
ٻار
سٻاجهڙو هوندو
آهي،
ته ڪو شرير،
ڪنهن
جو
Structure
ڪمزور
۽
نزاڪت وارو،
ٻار
ايتري شرارت
ڇو
ڪندو
آهي؟
ٻي
طرف طاقتور
۽
مضبوط ٻار شرارت
بنا
ڪيئن
رهندو، مائٽ
بنا
ڪنهن
سوچ جي
ڪمزور
ٻار
جو
خيال
ڪندا آهن
۽
شرير
ٻار
کي
ننديندا رهندا
آهن.
ٻار
جن کي اسان
بي
سمجهه چوندا
آهيون، بيحد
حساس
ٿيندا
آهن. هو
اسانجي لفظن
کي
ته
ڇا
پر اسانجي
Expressions
مان
به اسانجي
(bhaviours)
کي
سمجهي ويندا
آهن
۽
حفيظ کي اها
جهالت ماري
ويئي. ٽن
ڀينرن
کانپوءِ باسون
باسي
ڳورو
چٽو گل
جهڙو
بشير
ڄائو، ته
آسمان جو
تارو
ٿي
اکين تي
ويٺو
.....
پر
اڍائي سالن
کانپوءِ
ڪارو
مضبوط جسم
وارو
شرير حفيظ
ڄائو
ته
يقيناً اهو
ضرور
ٻڌو
هوندائين ته
تون
اسانجو پٽ
ڪونه
آهين، توکي
ته
ڪچري
جي ڍڳ تان
کڻي
آيا
هئاسين،
(اهي اکر
مون
پنهنجي لاءِ
به
ٻڌا
هئا، مان
پنهنجي مائٽن
جو
آخري اولاد
آهيان ۽ منهنجي
مائٽن کي 40
-
54
سالن
جي
عمر ۾ ٻار
ڄڻيندي شرم
محسوس ٿيو هو)
ائين
ٻن
ٻارن
جو مقابلو
ٿيندو
رهيو
۽
اهو مقابلو
ڪنهن
پئي
ڪيو؟
منهنجي ماءُ!
منهنجي
ڀينرن!
يا
بابي
يا پوري
ماحول؟؟
مان
ڪجهه
نٿي چئي
سگهان، پر
اها
به حقيقت
آهي
ته حفيظ
کي
گهر
کان
دور انهي
غير
محسوس مقابلي
ڪيو
هو.
حفيظ
جي گهر
کان
دور
ٿيڻ
جي ٻيو وجهه
بابي
جي نوڪري
هئي
۽
تعليمي سهولتن
جي
نايابي. ادا
حفيظ
۽
ادا بشير
جي
تعليم جي
خاطر
بابي خيرپور
کي
هيڊ
ڪوارٽر
ڪيو
۽
پاڻ اڪيلو
يا
هڪ ٻن فردن
کي
پاڻ
سان وٺي
ويندو هو.
بابي
جي غير
موجودگي ۾
ٻارن جون
شرارتون پاڻ
۾
وڙهڻ
وغيره، اهي
سڀ
رپورٽ جڏهين
اٺين
ڏينهن
بابي کي ايندي
ئي
امان
ڏيندي هئي
ته
حفيظ جي
ٺڪائي
ته
ضرور
ٿيندي هوندي.
شايد
اهو ئي
سبب
هو جو
حفيظ
هڪ ٻه
ڀيرا بابي
جا
پئسا چورائي
گهر
مان ڀڳو ۽
ڪراچي ۽ بمبئي
مان
ڌڪا
ٿاٻا
کائي
واپس وريو.
هڪ
دفعي ته
بابي
انهي حرڪت
تي
پنهنجي پوليس
آفيسر دوستن
کي
چئي
لاڪپ ۾ وجهرايو
هوس،
ويچارو بابو،
عام
والدين
وانگر فڪر
معاش
۾
ايتري قدر
جڪڙيل هو
جو
هن وٽ
حفيظ
جي انهن
حرڪتن پٺيان
لڪيل
احتجاج کي سمجهڻ
جي
فرصت ئي
ڪانه
هئي،
نه ئي
سندس
سوچ انهي
طرف
وئي ته
حفيظ
جي جسم
۾
سندس
باغي رت
گردش
ڪري
پيو سو
ڪيئن
هٿ
ايندو. انهي
ڪشمڪش
جي
انتها حفيظ
جي
ملٽريءَ ۾ نوڪري
تي
ٿي
.... 1951ع
۾
جڏهين آئون
مئٽرڪ پڙهندي
هئس
ته حفيظ
حيدرآباد ۾ هو.
منهنجي هن
سان
چڱي خاصي
خط
و
ڪتابت هئي.
ڪڏهين
ڪڏهين
اهي
خط ويهن
صفحن
جا هوندا
هئا.
منهنجي قلم
کي
تحريري قوت
انهن
ئي خطن
وسيلي ملي.
51ع
جي
آخر ۾ مان
حيدرآباد مان
مئٽرڪ ڏيڻ لاءِ
پنهنجي ڀيڻ مسز
عباسي وٽ
وئي
هئس، جيڪا
پڻ
مئٽرڪ جي
تياري ڪري رهي
هئي.
تن
ڏينهن ۾ ادا
حفيظ
به حيدرآباد
۾
فرسٽ
ايئر پڙهي
رهيو
هو.
ڪورس گهٽ
پڙهندو هو
۽
اقبال کي گهڻو
پڙهندو هو.
تن
ڏينهن
۾
رباني صاحب
سان
گهڻي دوست
هئس.
حفيظ پنهنجي
هم
ڪلاسين
کان
عمر ۾ ته
وڏو
هوندو هو،
وري
سندس مطالعو
به
تمام گهڻو
هو،
تنهنڪري گفتگو
۾
تمام
گهڻي جاذبيت
هوندي هئس.
ڪجهه
انداز جو
دخل
هو جو
اڪثر
ڇوڪرا
هن جي
شاگردي، يا
ائين
چئجي ته
مريدي اختيار
ڪندا
هئا
۽
هن سان
اهو
معاملو گهر
۾
به
هو. يعني
اسان
ننڍيون
ڀينرون يا
وري
اسان جون
ڀائيٽيون
حفيظ
جي صحبت
۾
ويهي
اهڙا ته
محو
ٿي
ويندا هئاسين
جو،
پنهنجي فرائض
کان
غافل
ٿي
رهجي ويندا
هئاسين ۽ پوءِ
وڏڙن
جا دڙڪا
حفيظ
کائيندو
هو. پر
حفيظ
پنهنجي طور
مطمئن هو.
هن
جي خيال
۾
هو
نينگرين ۽ نينگرن
جي
ذهني سطح
کي
وڌائي رهيو
هو.
مائٽ ناراض
ٿيندا
رهيا
ته حفيظ
ٻارن
کي
باغي
ڪري
ٿو.
ملحد ڪري ٿو پر
حفيظ
انهن جي
رويي
کي
هميشه کلي
ٽاري
ڇڏيندوهو ۽ پنهنجو
عمل
جاري رکيو
ايندو هو.
حفيظ
۽
عام ماڻهو
۾
فرق
اهو هو،
جو
ماڻهو بڇڙائي
ڪندا
هئا،
پر ظاهر
نه
ڪنداهئا،
لڪائيندا هئا
۽
حفيظ
هڪ ته
بڇڙائي گهٽ
ڪندو
هو،
پر جي
ڪندو
به
هو ته
لوڻ
مرچ لڳائي
پوءِ
ڪندو
هو. انهي
بي
باڪي تي
هر
ڪو
حيران
ٿيندو هو.
ماڻهن کي حيران
ڪرڻ
لاءِ
ڪجهه
وڌيڪ
ٻٽاڪون هڻي
وٺندو هو.
انهي
بي باڪي
ڪري،
ڪوبه
ڀيڻوو
هن
کي
پسند نه
ڪندو
هو
۽
نه ئي
هن
جي اچڻ
کي
پسند
ڪندو
هو. اها
ئي
وجهه هئي
جو
حفيظ
ڀينرن کان سدا
دور
رهيو. حفيظ
جي
شادي، شايد
دين
لاءِ هڪ
انقلابي قدم
هجي
يا وري
ڪو
ايڪسيڊنٽ هجي،
پر
پس پرده
هڪ
ڪهاڻي
آهي، اسانجي
سنڌي
تهذيب يا
ذهنن
جي ناسورجي!
اسان
جا اديب
وڏي
فخر سان
لکنداآهن، حفيظ
جي
گهر ۾ اردو
ڳالهائي
ويندي هئي،
پر
حفيظ سنڌي
ڳالهائڻ
۽
سنڌي
ادب جي
خدمت
لاءِ زندگي
وقف
ڪئي.
ڪنهن
به اهو
سوچڻ
جي تڪليف
گوارا نه
ڪئي
ته،
حفيظ جي
گهر
۾
اردوءَ يا
پنجابيءَ پير
ڪيئن
پاتو
.....
بابي
ڪشميري
ڇوڪري
سان شادي
جن
حالتن ۾
ڪئي، تنهن
جي
خبر
ڪانه اٿم،
پر
ادا بشير،
حفيظ
۽
تنهن
کانپوءِ
ڀاڻيجن شميم
۽
ڊاڪٽر
جاويد لاءِ
سنڌي
گهراڻن مان
مائيٽيون
ڇڪايون ويون
ته
احساس ٿيم ته
سنڌي
خاندان پهرين
ذات
۽
خاندان کان
ٻاهر نڪرن
ڪونه،
پر
جيڪڏهن ڪن مجبورين
تحت
يا
ائين
چئجي ته
علم
جي طاقت
سببان ذهني
سطح
کي
وڌائي ذات
يا
خاندان جي
ڄار
۾
ڦاسيو
پون.
انسان جي
حيثيت ۾ سڃاڻڻ
۽
قبول
ڪرڻ
نه هو
ڄاڻن
ٿا،
نه
انهي لاءِ
هو
تيار ئي
آهن
(انهيءَ
جو ڪو پس
منظر
ضرور هوندو
جيڪو
سنڌي تاريخ
جا
پارکو
ٻڌائي سگهندا)
بهرحال نتيجو
اهو
ٿيو
آهي جو
هڪ
وڏي تعداد
۾
اردو
ڳالهائيندڙ
ڇوڪريون
سنڌي خاندانن
۾
اچي
چڪيون آهن. سائنسي
طرح
انهيءَ جو
اثر
سٺو
ٿيندو جو
(Cross Breeding)
ڪري
اسانجا نسل
صحمتند ۽ ذهين
پيدا
ٿيندا.
پراڻيون فرسوده
روايتون ختم
ٿينديون
۽
کليل
دماغ
وجود ۾ ايندا،
پر
اسانجي سنڌي
زبان
۽
اسانجو
ڪلچر جنهن
لاءِ
اسان صرف
هاءِ
گهوڙا!
ڪيون
ٿا،
پنهنجي موت
پاڻ
مرندو يعني
اُهو
ئي
ڪجهه
ٿيندو جو
بابي
جي گهر
۾
يا
بشير، حفيظ،
شميم
خالد ۽ جاويد
جي
گهر ۾ ٿي رهيو
آهي.
حفيظ آزاد
خيال
هو، اهو
هر
ڪو
ڄاڻي
ٿو
پر بحيثيت
ڀاءُ
۽
بحيثيت مڙس،
جي
جڏهين مون
هن
کي
عام مردن
جهڙو
ڏٺو
ته حيران
رهجي
ويس.1966ع ۽1976ع جي
ڳالهه
آهي،
مون ادا
حفيظ
کي
چيو مونکي
ريڊيو اسٽيشن
تي
ڪو
ڪم
وٺي
ڏيو. تڏهين
چيائين خبر
اٿئي
هتان جو
ماحول ڇا هي؟؟
اتي
وڃڻ يا
بازار ۾ ويهڻ
برابر آهي.
وري
جڏهين شادي
ڪيائين.
غالباً پهرين
جنوري تي
شادي
ڪري
ٻي
جنوريءَ جو
رات
جو ٽين بجي
مون
وٽ آيو
هو.
ٻئي
ڏينهن
تي جڏهين
زال
کي
وٺي بازار
ويو
ته ساڙهيون
وٺي
ڏنائينس
(ڇاڪاڻ
جو شادي
۾
ڪا
به
ڏاج
ڏاوڻ
وغيره جي
ڪا
رسم
ڪانه
ٿي
هئي) سندس
زال
وٽ صرف
ٻه
جوڙا
هئا، ياد
اٿم
ته ان
ڏينهن
بازار ۾ هڪ
شخص
کي
مار ڏئي بنا
ڪجهه
وٺڻ
جي واپس
هليو
آيو هو.
پڇڻ
تي خبر
پيم
ته بازار
۾
ڪنهن
لوفر
پائي
ڪئي. ان
کانپوءِ
وري
زال کي
ڪڏهين فيلڊ
ورڪ
لاءِ به
ڪونه
موڪليائين ۽ آفيس
ورڪ
به گهر
۾
ئي
ڪرائيندو
هئس.......
ڪڏهن
ڪڏهن
لڳندو اٿم،
حفيظ
اسانجي گهر
۾
ئي
نه
......
شايد
هن
دنيا ۾ به،
وقت
کان
اڳ اچي
ويو
هو
......
ان
ڪري
هن
دنيا ۾ جيڪا
زندگي ماڻي
اها
وقت کان اڳ
ڄمي
پوڻ
جي سزا
طور
ڪاٽي
ڇڏي
......
ڪنهن،
ڪنهن
مهل ويٺي
ويٺي
لڳندو اٿم،
هي
اوڻيهه سؤ
ايڪهتر جي
ٽين
جنوري آهي
۽
ڄاڻ
ته
دروازي جي
ٺڪ
ٺڪ
تي
نڪري
ٻاهر
ڏسنديس
....
جتي
سامهون حفيظ
۽
ان
جي
ڪنوار، مرڪندا
اچي
مون کي ڳلي لڳائيندا
۽ .....
چوندا
.....
اڙي
خديجه، هي
ڇا؟ ......
تون
ته صفا
پوڙهي ٿي وئي
آهين
........
مضمون
غلام رباني
آگرو
نياز همايوني
مرغوب بخاري
۽
تاج بلوچ
غلام
رباني آگرو
زندگيءَ
حفيظ
سان
ڪانه نڀائي
مهينو اڳ
نصير
مرزا جو
مکڻ
ماکيءَ جهڙن
مٺن
لفظن ۾ پيغام
پهتو
ته،
”حفيظ تي
مضمون لکي
موڪليو.“
ڪالهه
الطاف آگري
ان
ڳالهه
جي يادگاري
ڏياري
۽
ائين
به چيائين
ته
”نصير
چوي ٿو ته
ڪتاب
جو
ڪم
هاڻي رڳو
اوهان جي
مضمون ڪري رڪيل
آهي.“ اهو
ٻڌي،
پنهنجيءَ غفلت
۽
دوستن جي
محبت
جو دوباره
احساس
ٿيو.
مضمون ته
مون
مهينو کن اڳ
لکي
ڇڏيو
هو. پر،
موڪلڻ ۾
ڪوتاهي
ڪيم. سو
هن
ڪري
جو مضمون
جو
پهريون پهريون
جملو
اهو هو
ته،
”زندگيءَ
حفيظ سان
ڪانه
نڀائي.“
مهيني کن کان مان
انهيءَ جملي
تي
مسلسل سوچيندو
رهيو
آهيان ۽ پنهنجو
پاڻ
کان
پڇندو رهيو
آهيان ته،
”اسان
مان
گهڻا ڄڻا اهڙا
آهن،
جن کي چٽيءَ
طرح
اهو شعور
هجي
ته، هو
زندگيءَ مان
ڪهڙيءَ
ڪهڙيءَ
ڳالهه
جي
اميد رکن
ٿا. (What do they expect from life?)
جيڪڏهن گهڻا
تڻا
اهڙا ئي
آهن،
جن کي ڪو به
چٽو
شعور
ڪونهي، ته
پوءِ
حفيظ به
انهن
مان هڪڙو
هو.
پوءِ زندگي
کي
اهو
ڏوهه
ڏيڻ
اجايو آهي
ته
”هن
حفيظ سان
ڪانه نڀائي.“
زندگي هميشه
ائين
رهي آهي
جيئن
هاڻي آهي.
دنيا
جو وهنوار
هميشه ائين
ئي
هلندو رهيو
آهي،
جيئن هاڻي
هلي
رهيو آهي.
جوش
مليح آباديءَ
هڪ
دفعي چمن
۾
سير
پسار
ڪندي، غنچي
کان
پڇيو
ته
”رڳو هڪڙو
دفعو
چمن ۾ ٽڙي بيهڻ
لاءِ
زندگيءَ جو
طويل
سفر
ڪرين
ٿو؟“ تڏهن
غنچي
جواب ڏنس ته،
”بابا،
اهو
هڪ دفعو
به
ڪنهن
کي
نصيب ٿئي ٿو!“
هن
دنيا جي
ڪاروان
سراءِ ۾ قافلا
گهڻو
وقت
ڪونه ترسندا
آهن.
مسافر اڃا
ٿَڪُ
ئي
ڪونه
لاهيندا آهن،
ته
ساربان وري
ڪوچ
ڪرڻ
لاءِ
تيار
ٿيندا آهن.
پويان اٺ
اڃا
پلاڻبا ئي
ڪونه
آهن
ته اڳيان
اٺ
صحرا ۾ پنهنجا
پير
واريءَ جي
ڀٽن
تي
رکندا آهن.
انهن
اٺن جي
ڳچين
۾
جيڪي
چڙا ٻڌل هوندا
آهن،
سي صحرا
جي
سانت ۾
ڏاڍا چٽا
وڄندا آهن.
۽
اهڙائي پراسرار
لڳندا آهن،
جهڙا
شهرن جي
هل
هنگامي ۾ چرچ
۾
وڄندڙ چڙا.
هُلُ
هنگامو ۽ سانت
۽
سناٽو هڪٻئي
جو
ضد آهن،
پر
هڪٻئي سان
ڪيڏو
نه
ڳنڍيل
آهن. حياتي
۽
موت
به ائين
آهن.
ٻنهي
۾
ٻي
هڪ
ڳالهه به
ساڳي
آهي. موت
به
حياتيءَ وانگر
سراسر پراسرار
آهي.
شايد اهو
ئي
سبب آهي
جو
هيمنگوي پنهنجي
ڪتاب
جو
نالو
For Whom The Bell Tolls
پسند
ڪيو
هو.
ڪالهو
ڪو
ڏينهن
آهي،
جو مئٽرڪ
جو
امتحان
ڏيئي، حيدرآباد
آيو
آهيان ۽
ڦليليءَ واري
ڪاليج
۾
داخلا ورتي
اٿم.
ڪاليج
جي داخلا
ته
سولي هئي،
هاسٽل جي
ڏاڍي
ڏکي!
اهو
دردناڪ داستان
ڪجهه
مون
کي
ياد آهي،
ڪجهه
فرهاد کي هو،
جنهن
کي
به اهڙيءَ
مشڪلات کي منهن
ڏيڻو
پيو
هو ۽ ٽڪر
ٽاڪي، شيرين
سان
ملڻو هو،
هو
غريب ٽڪر
ٽاڪيندي مري
ويو،
مان لڪ
لنگهي پار
پيس،
۽
هاسٽل جي
ڇهين
نمبر
ڪمري
۾
وڃي واڻ
جي
کٽ
رکيم. مون
کان
پنج
ڄڻا
اڳ
کٽون وجهون
ويٺا
هئا. پهرين
رات
ننڊ مزي
جي
ڪانه
آئي. منهنجي
کٽ
ته
نئين هئي.
پر،
ڀايان
ٿو
ته آسپاس
وارين کٽن مان
مُنگهڻ اچي
پهتا. پير
پٽي
ويا. ننڊ
مان
اٿي، اڃا
اوٻاسيون پئي
ڏنم
ته
هاسٽل جي
وارڊن جو
ماڻهو آيو.
تڙ
تڪڙ ۾، منهن
تي
ڇنڊو
هڻي، سندس
آفيس
۾
گهڙيس ته
ڳاهڙين
سرخ
اکين، جهنڊولن
وارن
۽
بڇڙن افعالن
سان
هڪ نوجوان
تي
نظر پيم.
وارڊن چيو
ته،
”هن
کي
ڪمري
۾
وٺي وڃ
۽
سمهڻ
لاءِ هنڌ
بسترو
ڏي.“ هاسٽل
منهنجي اوطاق
ڪانه
هئي.
پر، حڪم
حاڪم
هو، سو
مڃڻو
پيو. نوجوان
کي
پنهنجي کٽ
ڏنم. پاڻ
لٽا
مٽي،
ڪاليج هليو
ويس.
ڪاليج
جا پيرڊ
ختم
ٿيا
ته
ڪئنٽين تي
منجهند جي
ماني
کائي،
پر
ٻاهرو شهر
هليو
ويس. رات
جو
اٺين نئين
موٽيس، ته
نوجوان ننڊ
مان
جاڳيو هو.
هٿ
منهن
ڌوئي، هنڌ
۾سولو
ٿي
ويٺو
هو. اوٻاسيون
پئي
ڏنائين
۽
ڪو
ڪتاب
هئس، سو
ويٺي
پڙهيائين. ڄڻ ته
کيس
منهنجو ئي
انتظار هو.
سو،
جيئن ئي
ڪمري
۾
داخل
ٿيس
ته پاڻ
هنڌ
مان اٿيو.
وارن
کي
ڦڻي
ڏنائين.
بوٽ پائي،
ان
جون
ڪهيون
ڇڪي،
ٻڌائين ۽ پوءِ
سگريٽ دکائي،
مون
کي
چيائين ته،
”مان
هلان
ٿو،
ڪو
پڇڻ اچي
ته
چئجوس ته
صبح
ڏهين
بجي ايندو.“
رات
جو هڪ
شخص
فوجي يونيفارم
۾
آيو.
چيائين ته
”حفيظ
شيخ
آهي؟“ مون
چيو
ته
”صبح
ڏهين بجي
ايندو. اهو
ٻڌي،
چيائين ته،
”اچي
ته
چئجوس ته
ڪئپٽن
قدوس
آيو هو.“
مون
چيو ته،
”اوهان
کي
خبر
ڪانهي
ته هينئر
ڪاٿي
هوندو؟“
چيائين ته
”ويچاري
جو
ڪو
گهر گهاٽُ
ئي
ڪونهي.“
غريبن ۽ مظلومن
سان
مون کي محبت
آهي،
پوءِ اهي
ڪير
به
هجن،
ڪٿان جا
به
هجن. سو
ٻئي
ڪنهن
تعارف جو
ضرور
ئي
ڪونه هو.
حفيظ
۽
مان گهرا
گهاٽا يار
ٿي
وياسين. سندس
ڳالهين
مان
سمجهيم ته
يارُ
ڪجهه
اٽڪلي به
آهي
۽
ڪجهه
پنهنجي موڊ
۽
مزاج
وارو به.
هڪ
ڏينهن
ڳالهين
ڪندي
اها
ڳالهه
ڪيائين ته،
مون
کي
خبر هئي
ته
هاسٽل ۾ داخلا
ڏاڍي
ڏکي
آهي.
سو، لاڳيتو
ٻه
راتيون ننڊ
ڪانه
ڪيم.
ٽئين
ڏينهن،
ڄاڻي
ٻجهي،
بڇڙن
افعالن سان،
پرنسپال جي
آفيس
جي
ڪمري ۾ اندر
هليو
ويس ۽ چيومانس
ته
اوهان جي
ڪاليج
جو شاگرد
آهيان. ٻن
راتين کان سمهيو
ڪونه
آهيان، جو
ننڊ
جي جاءِ
ڪانهي.
منهنجي دل
ڪچي
ٿي
رهي
آهي. مهرباني
ڪري
سمهڻ
لاءِ ڪو بندوبست
ڪري
ڏيو.“
پرنسپال منهنجي
منهن
۾
نهاريو. منهنجون
ڳاڙهيون
اکيون
ڏٺائي، گهنٽي
وڄايائين. هاسٽل
جي
وارڊن کي گهرايائين
۽
چيائينس ته
”هن
شاگرد کي سمڻ
لاءِ
هنڌ هٿ
ڪري
ڏيو.
اسان
جو پرنسپال
ڊاڪٽر
ائڊرين
ڊيوآرٽ هو.
گوا
جو باشندو
هو.
پر، سڄي
عمر
سنڌ ۾، تعليم
کاتي
۾
گذاريائين. اسان
جا
انگريزي جا
ڪلاس
وٺندو هو.1952ع
۾،
جيڪو سبق
ڏنائين،
سو
مونکي
1996ع
۾
ياد
آهي. ملائڪن
کي
جو
آدم کي سجدي
جو
حڪم مليو
هو،
سو هن
ڪري،
جو
جهانن جي
خالق
۽
مالڪ کي معلوم
هو،
ته آدم
جي
اولاد ۾، ائڊرين
ڊيوآرٽ
جهڙا
سدورا پٽ
پيدا
ٿيندا.
ڊيوآرٽ
ٻئي
ڪنهن
ملڪ ۾ هجي
ها
ته هاڻي
سينٽ
ائڊرين ڊيو آرٽ
سڏجي
ها. پر،
سنڌ
بي
قدرن
ماڻهن جو
ملڪ
آهي.
حفيظ
منهنجي همٿائڻ
تي
ڏهين
رپيئن واري
کٽ
وٺي
آيو ۽ منهنجي
پاسي
۾
وڌائين. وٽس
هڪ
بجليءَ جو
هيٽر
هوندو هو،
جنهن
تي سومهڻيءَ
جو
چانهه جي
ڪٽلي
چاڙهيندو هو.
پوءِ
چانهه جي
سرڪ
تي اسان
جي
ڪچهري
رات جو
ٻي،
ٽين
بجي
تائين پئي
هلندي هئي.
جون
52
کان جون
53
تائين
سڄو
سال حفيظ
۽
مان
گڏ رلندا،
پنندا رهياسين.
سائنس پڙهڻ
جو
شوق نڪو
کيس
هو،
نڪو مون
کي.
حفيظ
کي
اقبال جا
الاهي شعر
ياد
هئا، سي،
مون
کي
ٻڌايائين
۽
اهو به
ڏسيائين
ته
سندس ننڍپڻ
ڪيئن
گذريو.
سندس
پيءُ گمبٽ
جي
پاسي وٽنري
ڊاڪٽر
هو.
سندس والده
غير
سنڌي هئي.
حفيظ
اڃا ٻار هو،
ته
گهران ڀڄي ويو، ڇوڀڄي ويو،
سو
مون کي
ڪونه
ٻڌايائين، البت،
ايترو
ڏسيائين ته
پيٽ
گذر لاءِ
اول
بوٽ پالش
ڪيم،
پوءِ
جيب
ڪترڻ سکيس.
هڪ
دفعي بمبئيءَ
۾
ڪنهن
دڪان
جي اڳيان
بيٺو
هئس، ته
ڪنهن
جيب
ڪتري
اچي
کيسي کي قينچي
هئي.
ڪڇيم
پڇيم
ڪونه. جيئن
بيٺو
هئس، تيئن
بيٺو
رهيس. تمام
آهستي پنهنجي
هٿ
جيب
ڪتري جي
هٿ
تي رکي
کيس
چيم
ته،
”استادون سي؟“
جيب
ڪترو
ڦري
اڳيان آيو
۽
پيرين پئي،هڪڙي
هوٽل
۾
وٺي هليو.
ڏاڍي
سٺي
دعوت
کارايائين.
اهو
ٻيءَ
مهاڀاريءَ لڙائي
جو
زمانو هو.
حفيظ
چيو ته،
موقعو مليو،
ته
هڪدم ملٽريءَ
۾
ڀرتي
ٿيس.
ناگپور جي
پاسي
موڪليائون.
ڪجهه عرصو
رهيس، پوءِ
ملٽري مان
جان
ڇڏائي
آيس.“
پاڪستان ٺهڻ کان ستت
اڳ
پاڻ حيدرآباد
آيو.
اول گاڏي
کاتي
۾
سائيڪلن جي
پنچرن
ڳنڍڻ جو
دڪان
کوليائين.
پوءِ انڊس
گلاس
فئڪٽريءَ واري
علائقي ۾
کٽمٺڙن ۽ ريزڪيءَ
جو
دڪان
کوليائين. اتي
هڪ
ماءَ سان
عشق
ڪيائين،
جا پوءِ
ٻئي
هڪ
شخص سان
پرڻي، حفيظ
مون
کي
ڏيکارِي،
ڏاڍي
سهڻي هئي.
سندس
انهيءَ زماني
جا
ٽي
ذاتي دوست
هئا،
جي مون
سان
ملايائين. هڪ
ڊاڪٽر
ممتاز پٺاڻ،
ٻيو
محمد
اسماعيل ۽
ٽيون ولي
محمد،
ٽيئي سندس
خالص
ذاتي دوست
هئا.
جن جو
ادب
۽
سياست سان
ڪو
به
واسطو
ڪونه هو.
ولي
محمد ته
سخت
مذهبي ماڻهو
هو.
حفيظ
کي
ٻه
ڀائر
هئا. هڪ
حميد، جو
سڀني
۾
وڏو هو
۽
سڀني
کان
الڳ رهندو
هو.
سنڌ سيڪريٽريٽ
۾
نوڪري
ڪندو هو.
ٻيو
بشير، جو
مير
غلام علي
ٽالپر
جو
P.A.
ٿيو.
جنهن
کيس
ٽيڪسٽائيل
انجينئرنگ ۾
ڊپلوما لاءِ
ولايت موڪليو،
پر
اتان اها
اسڪيم کڻي آيو
ته،
سنڌ جي
هارين کي سڌارڻ
لاءِ
کين
مشيني هر
وٺي
ڏجن،
اها اسڪيم
هلي
ڪانه
سگهي، سو
انگلستان موٽي
ويو.
حفيظ
کي
ٻه
ٽي
ڀينر
هيون، هڪ
پنهون خان
سان
پرڻيل هئي،
جو
سنڌ سيڪريٽريٽ
۾
سپرنٽنڊنٽ هو.
شاندار ماڻهو
هو.
ٻي
ڪئپٽن
قدوس سان
پرڻي.
ٽئينءَ جي
مون
کي
خبر
ڪانهي، شايد
عالماڻين ۾ شادي
ٿيس.
حفيظ
هڪ دفعي
اوچتو منهنجي
ڳوٺ
اچي
نڪتو.
ڳوٺاڻي زندگي
ڏکيري
آهي.
مون کي چيائين
ته
”اڄ
مون کي خبر
پئي
آهي، ته
تون
ڏسڻ
۾
نرم نازڪ
آهين، پر
ڏک
سک
تي هريل
آهين.“
حفيظ
سال کن حيدرآباد
جي
ڪاليج
۾
پڙهيو. پوءِ
ڪراچي
هليو
ويو. اتان
مون
کي
خط لکيائين
ته
تون به
ڪراچيءَ
هليو
اچ. اتي
پهتس. پاڻ
ميٺارام هاسٽل
۾
رهندو هو،
ٻه
ٽي
ڪمرا
خيرپوري شاگردن
جا
هئا، جن
کان
چاٻيون وٺي
ڇڏيون
هئائين، جو
ڪاليجن
۾
وئڪيشن هئي.
هڪڙي
ڪمري
جي چاٻي
مون
کي
ڏنائين
۽
درخواستن جو
ٿهو،
ٽائيپ
ڪرائي
ڏنائين.
پوءِ
سمجهايائين ته
”صبح
جو
نيرن ڪري نڪر.
سنڌ
سيڪريٽريٽ جي
هڪ
هڪ آفيس
۾
وڃ
۽
پڇ ته
ڪا
ڪلارڪي
جي
جاءِ خالي
آهي؟
ڪٿي
نه ڪٿي ملي
ويندئي.“ پاڻ
به
ائين ئي
ڪلارڪي
هٿ
ڪئي
هئائين.
مون
سندس نسخو
آزمايو. هڪ
ڏينهن
ڊئريڪٽر
انڊسٽريز جي
آفيس
۾
ڪلارڪي
ملي وئي.
اسي
رپيا پگهار.
حفيظ
سان
ڳالهه
ڪيم. خوش
ٿيو.
پر
ائين به
چيائين ته
”هفتي
کن
۾
شاگرد خيرپور
مان
موٽندا، پنهنجا
پنهنجا
ڪمرا والاريندا.
تنهنجا ٽپڙ
کڻي،
ٻاهر اڇلائيندا.“
اهو
ٻڌي
پريشان
ٿيس. پر،
حفيظ
تي ڪو اثر
ڪونه
پيو.
ميٺارام هاسٽل
مان
لڳ ڀڳ ٻه مهينا
رهيو
هوندس، انهن
ٻن
مهينن جي
عرصي
۾،
نبي بخش
دائود پوٽي
سان
سنگت ٿي وئي
هئي،
تنهن چيو
ته
”مون
سان اچي
رهه.“ بعد
۾
مقبول سومري
سان
گڏ وڃي
رهيس، جو
ٽيهين
نمبر
ڪمري
۾
اڪيلو رهندو
هو.
حفيظ
به هاسٽل
۾
رهندو هو،
پر
سندس گهڻو
تڻو
وقت
29 نمبر
ڪمري
۾
گذرندو هو،
جتي
ڊاڪٽر
هاشمي رهندو
هو
Democratic Student Fedration D.S.F
جو
سيڪريٽري جنرل
هو.
1953ع
وارا فساد انهي
ئي
جماعت
ڪرايا
هئا،
جنهن ۾ گرماڻي
مشتاق احمد،
وزير
داخلا جي
ڪراچيءَ
جي
صدر ۾ ڪار ساڙي
ويئي
هئي. حفيظ
آهستي آهستي
ڪري
مون
کي
به انهيءَ
حلقي
۾
وٺي ويو.
همراهن جون
همدرديون سوويت
يونين سان
هيون. انهيءَ
عرصي
۾
منهنجي واقفيت
حسن
ناصر سان
ٿي،
جو
مشهور
ڪميونسٽ اڳواڻ
هو.
مون سان
ڏاڍي
دل
ٿي
ويس. وڏي
گهراڻي جو
ٻار
هو.
ان
کانپوءِ حفيظ
سوڀي
گيانچنداڻي سان
ملاقات
ڪرائي. سوڀو
هڪ
ٻه
دفعا مون
کي
ڪراچيءَ جي
ليبر
يونين جي
ميٽنگن ۾ وٺي
هليو.
ڏينهن اڳي،
ڏينهن
پوءِ. انهيءَ
حلقي
جي ٻين همراهن
سان
ميل ملاقات
ٿي،
پر،
ياري فقط
ٻن
ڄڻن
سان
ٿي.
هڪ مرغوب
بخاريءَ سان
۽
ٻيو
پوهوءَ سان،
جو
ڪجهه
عرصو اڳ
گذاري ويو.
سون
جهڙو سچو
انسان هو. |