سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :20

 

سسئيءَ جا سُور

 

        ڇنل ڇپر

4  جنوري1852ع

        پنهل

        تنهنجو سنديش مليو، چائي چپن تي رکيم. گذريل ڏهاڙا ياد آيا ۽ ايندا ئي رهيا. ڄڻ پاڻي جي هڪ ڌارا ڪو آبشار ٿي پئي هجي ۽ هلڪي مڌر سرن ۾ ڪو راڳ جهونگارڻ شروع ڪيو هجيس _ مڌر ۽ مستقل

        ها سو تون ڪوزا پيڻ وارو، بوندين ٿو گذر ڪرين؟ منهنجو پاند ڇو ٿو وچڙائين؟ پنهنجي پورهئي کي چئو! مشڪل ته نه هو، لڏندو لمندو ڪوزو تان جهلي وٺين ها! ڇا چيئه! آءُ توکان دور ٿي ويئي آهيان؟ منهنجو روح به؟ .... آءُ توکان جدا ٿي ويئي آهيان ۽ منهنجو روح به توکان جدا پيو ٿيندو وڃي. اسين ٻئي جدا ٿي رهيا آهيون جيئن ”منهوڙي“ تي ان شام جو شفق جي سائي ۾، ٻه ڀورا پکيئڙا ڌار ٿي ويا. وري نه مليا ۽ پوءِ مون ڇا چيو هو؟ ها ٺيڪ ياد آيم .. غلط چيو هو مون _ مقصد ته ٻنهي جوان دور رس منزل جي تلاش ۾ هيو، پوءِ جي ٻئي ساڳئيءَ مستيءَ ۾ مگن رهن، روح جو ميلاپ آهي. جسم ڌار ٿيا ته پوءِ ڇا ٿيو؟ .. .. پر .. .. .. تون ته .. ڪوزا ڇڏي، بوندن تي ٿو قناعت ڪرين .. .. .. تون ته .. .. .. ان دور رس منزل کي ڇڏي .. .. .. ڪيڏانهن پيو وڃين؟ .. .. پنهل!

جهريل جهڳو

23  آگسٽ1852ع

پرين

        تنهنجو خط اجهو هينئر مليو اٿم. سو هليو آهين ڪائنات جي نظام کي شڪست ڏيڻ!

        ڇا چيئه؟ آءُ تنهنجي زندگيءَ جيان ۽ تون منهنجي! اها ٻالڪپڻ جي معصوميت جو دور نهايت ئي حسين هيو. ڪڏهن ڪڏهن آءُ به ماضيءَ جي ياد ۾ گهلجي ويندي آهيان. پر .. .. پر کنيل قدم ڪڏهن پوئتي به هٽندا آهن ڇا؟ ڏڌو کير ٿڻين به پوندو آهي ڇا؟ منزل تي رسڻ ڌاران ٻه وڇڙيل راهي موٽي به ملندا آهن ڇا؟

        پنهل پنڌ پري؟ آءُ ڪيچين ڪوه ڪاهيان، ڪجهه تون به سري آءُ .. .. ۽ اسان جي منزل .. .. .. رنگ نه ڏس شفق جو! .. .. اوڀر مان اڀرندڙ سج .. .. آءُ نغمن کي وهم سمجهي ڪٿي ٿي لنوايان؟ تون اجايو .. .. .. حقيقتن کان منڪر ٿين.

تنهنجي ”پ“

 

پرڏيهي پيچرا

22  ڊسمبر1852ع

راڻا

        پتر پرتو _ منهنجي ڪهاڻي ٿو مون کي ٻڌائين؟ ها، مون کي ياد آهي پهرين دفعي جڏهن مون توکي غور سان ڏٺو ته پروفيسر ”ڪيٽس“ جي ”حسن جي نظريي“ تي تقرير ڪري رهيو هو. مرد ۽ عورت جي جنسي تعلقات جو ذڪر نڪتو ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي دلين ۾ ڪتڪتاڙيون ٿيڻ لڳيون. سڀ کلڻ لڳا .. .. پر تون؟ تون سندم بينچ پٺيان ويٺو هيئن .. .. خاموش .. .. بلڪل خاموش. ڄڻ تو ڪجهه ٻڌو ئي ڪين هيو .. .. ڄڻ تنهنجو روح ڪائنات جي ڪنهن ٻئي ڪوٺي ۾ وڃي نڪتو هيو .. .. .. دور .. .. .. افق کان دور .. .. .. جتان سج ٿو اڀري.

        پر نه اهو منهنجو خيال هيو. تون رخ ماريل هرڻ مثل ڀڻڪڻ ۾ مست ٿي ويندو هئين. آءُ تن ڏيهين ڀنڀلجي ڀائيندي هيس ته تون معصوم آهي. تنهنجي پرواز دور .. .. خلا ۾ .. .. .. شفق جي رنگن تائين آهي.

        تو لکيو آهي: ”منهنجا خط تنهنجي ماضيءَ جي رنگين تصوير آهن جا مون لڙڪن ۽ لهوءَ سان کينچي آهي.“ ڪيترو نه ڪوڙ ڳالهايو اٿيئي! هنن خطن ۾ لهو جي لالائي ۽ سوجهرو ته لڀن ئي ڪين ٿا .. هنن ۾ رڳو تاريڪي ۽ اونداهي ڇانيل آهي...

        اونداهي جا تنهنجي دل ۽ دماغ تي به ڇانيل آهي، نه ته هوند _ اولهه مان مان اٿيل گهٽائن ۽ ڪڪرن ڪرن بجاءَ تنهنجي نظر ڦٽندڙ باک تي پوي ها، ۽ تون، مون تڇ جهڙي تروري کي ڇڏي شفق جي سموري لالائي لوچي وٺين ها.

        ۽ ان ڏينهن جڏهن پاڻ ٻئي منهنجي گهر جي کُڏ تي ويٺا هئاسين جڏهن مون توکي راڳ ٻڌائڻ لاءِ چيو هو ۽ جڏهن آسمان ۾ سنهڙيون ڪڪريون ڪپهه جي پوڻين وانگر پکڙيل هيون، توکي منهنجي پيليءَ پوتيءَ مان شفق جا شعاع نڪرندا نظر آيا هئا پراڄ لکين ٿو: ”تو به وسڻ جا ويس ڪيا ها.“ اڀرندي سج تي توکي قهري ڪارڻ بادلن جو گمان ٿئي ته پوءِ پنهل! ... چئو! آءُ ڇا چوانءِ؟ تو پنهنجي خط ۾ مشاعري واري ان رات جو به ذڪر ڪيو آهي، جا تو مون چلهه ڀر ويهي ڳراٽڙيون پائيندي ۽ ڳالهيون ڪندي گذاري هئي. ڪهڙي نه پر اميد هئي اها رات! مون ڀانيو اها رات نيٺ صبح ۾ تبديل ٿي ويندي. اوڀر مان باکان ڦٽنديون ۽ پوءِ ڏينهن ٿي ويندو .. .. .. روشن ڏينهن _ رات جي انهيءَ تاريڪيءَ ۾ مون توکي پنهنجي ساٿي ساهيون هو. اها رات اڄ به آهي _ سرد تاريڪ ۽ ڀوائتي، جيڪو سو اميد جو ڏيو به اڄ ته اجهامڻ آڏو آهي.

        آءُ نادان هيس ته تنهنجي سهاري کي پنهنجي مشعل راه سمجهيم. وقت سارو عقل آيم ته توکي اونداهين ۾ اڙيل ڏٺم ۽ آءُ خلا ۾ شفق جي تلاش خاطر اڪيلي ئي نڪري پيس. شايد سوجهري ٿيڻ تي تون وري اچين. پر اهو سوجهرو ڪڏهن ٿيندو؟ اهڙو انقلاب ڪڏهن ايندو. منهنجا وڇڙيل ساٿي! انتظار ڪنديس.

                                        تنهنجي

                                           ”پ“

ڏورانهون ديس

8  فيبروري 1853 ع

ڍول

        تو لکيو آهي ته مون ازدواجي زندگي ڇا چاهي .. .. ان جو سازو سامان چاهيو .. .. .. مون چاهيو ته بهترين مڪان هجي .. .. ڪار هجي .. .. چڱي نوڪري هجي. مون کي خوشي کان وڌيڪ خوشحاليءَ جو خيال هو، عاشقي کان وڌيڪ آرام پيارو هو .. .. .. ڪيترو نه ظالم آهين؟ جيڪڏهن ڪنهن جي دل رکڻ نه پڄيئي ته رنجاءِ ته نه! مون جي ڪارون، مڪان ۽ آرام چاهيو هجي ته اڄ جڏهن اهي سڀ ميسر آهن، ڪنهن شئي لاءِ شڪايت نه ڪيان ها! پر آءُ بلڪل خوش ڪين آهيان.

        البته تنهنجي اها ميار معقول آهي ته آءُ توکان پري ٿي پيئي آهيان .. .. .. پر پوءِ منزل تي رسڻ لاءِ اهوئي ته هڪڙو رستو هيو تو اڄ منهنجي جدائيءَ جو بهانو ڪري پنڌ پوڻ ۾ پوئتي پيو آهين. منهنجي هلڻ تي اهڙو ئي بهانو ... ڪرين ها ۽ پوءِ ٻئي منزل تي رسڻ کان رهجي وڃون ها!

 

        آءُ پنهنجي طرفان، پيئي ڪيچ ڪاهيان تون جي وس ڪرين ته پنڌ اورڙو ۽ منزل تي... افق جي هن پار، اڀور ۾ .. .. .. جتان سج پيو اڀري .. .. .. شفق جي لالاين ۾، .. .. .. شايد اسين وري ملي سگهون ۽ پوءِ هٿ هٿ ۾ ڏئي .. .. .. محبت جا گيت ڳائي سگهون.

                                                تنهنجي

                                                  ”پ“

 

بيگاني بستي

3  مارچ 1853ع

بانورا

تون چوين ٿو ته آءُ شام جي رنگين لطافت آهيان_ لهرن جي حسين رواني آهيان ۽ سرد هوا جي پيار خنڪي آهيان .. ڪهڙيون مڪروهه تشبيهون ڏنيون اٿيئي! مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو، جو تون مون کي ائين ذليل ڪري رهيو آهين؟ شام .. .. شام وٽ اونداهي کانسواءِ رکيوئي ڇا آهي؟ هلڪو هلڪو .. .. .. هوريان هوريان وڌندڙ .. .. ڀيانڪ ٿيندڙ انڌوڪار! توکي انهيءَ انڌوڪار سان پيار ٿو ڀاسيم، جهڙو ڪو سياهه ڪار!

        جل ديوتا جي لهرن جي رواني ٿو ڪوٺين؟ پاڻيءَ پيهي ڏس! ته خبر پويئي سهڻي ۽ ميهار جي مرقد ۾ توکي حسن ٿو نظر اچي! سرد هوائن جي خنڪي ڪوٺيئي؟ اف! موت ڪيترو نه سرد آهي .. .. .. سمهاريو ڇڏي ابد تائين .. .. ۽ هي خنڪيون! .. .. ڄڻ موت جون ننڍڙيون ڀينر! .. .. رستو ڪيو ڇڏين .. .. .. ڪا ويل .. .. .. ڪير ڄاڻي .. .. ڪيسين.

        مون واهه مٽيندي، انهن ڳالهين تي ئي غور ڪيو هيو. تون مون کي نه تڏهن سمجهي سگهيو هئين نه اڄ سمجهيو اٿئي. باکن ڦٽندي مون ٿورڙي روشني کڻي سيني ۾ سانڍي هئي ۽ انهيءَ جي تجليءَ کي تو منهنجي منهن ۾ ڏٺو ته ڀانيو اجهيو چنڊ زمين تي لهي آيو آهي. مون ڀانيو جوهر ڏسي جوهري متوجه ٿيو آهي. پر سگهو ڪل پيم ته رڃ ماريل هرڻ ظاهر ئي مستانو ٿيل آهي. منهنجي منزل پري هئي .. .. آءُ ترسيس پر ڪيسين! راهي کي راه تان ڀٽڪيل ڏسي، مون وڌڻ شروع ڪري ڏنو ۽هاڻي؟ .. .. هو سامهون منزل پئي بکيم .. .. پنن اوڏڙو .. . .آءُ اچي رسيس .. دائما صبحن جي ديس ۾ .. .. جت شام ڪانهي ۽ تون .. .. تون رڃ ماريل هرڻ .. .. شام پيو سارين.

        تو جا جل ديوتا جي لهرن جي تشبيهه ڏني آهي سا به ڪهڙي نه نيچ آهي! منهنجي سيني ۾ سمايل لهر ته اڀرندي ئي ٿي هلي .. .. لهندي ئي ڪٿي ڪين .. . .نه ته پوءِ حسن ڪمال چاڙهيو؟ ايترو سهل پسند ڇو ٿو بڻجين. افق تي شفق جو رنگ نه ڏس؟ .. .. هو اوڀر جو سج .. .. ۽ خنڪيون منهنجو وجود ئي گرمي ۽ حرارت جو مٿائون آهي_ تون مون وٽان موت جي ڀينرن جي طلب ڪيئن ڪئي؟ ڏس هن چيو ڪين؟ تون مون کي سمجهيو ئي ڪين.. .. ڀنڀلجي وئين .. .. بانورا! رڃ ماريل.

        پنهنجي رقيب جمال کي منهنجا سلام ڏج، کيس چئج مون کي افق پار، اوڀر طرف ڳولهي! .. .. وٽ آءُ آهيان .. .. .. ڄڻ حسن سراپا، ڄڻ مرڪ مسلسل.

                                                تنهنجي

                                                  ”پ“

 

اهوئي اوتارو

7 1  آگسٽ1853ع

ڀٽڪيل ساٿي

        مغرب مان موٽيس تنهنجو خط مليو. مغرب وئي هيس، شادي مستقبل کي منور ڪرڻ لاءِ جيئن تو لکيو آهي. موٽي آهيان ته مشرقک ي قريب تر پئي ڀانيان.

        هار جيت جي بازي ڇاجي؟ آءُ کيڏي چڙهيس، تون پيو پاڻ وندراءِ، آءُ ته زندگي کي هڪ مستقل سفر ٿي ڀانيان ۽ انهي ڪري ئي پئي ڪيچ ڪاهيا. دور افق کان يار شفق جي رنگن ڏانهن ۽ تون؟ .. .. ڀٽڪندو رهيو آهين ۽ ڀٽڪندو ئي رهين ٿو، شايد تو جهڙي ئي ڪنهن راهيءَ کي ڏسي شاهه دانهن ڪئي هئي.

”جو تو ساڻيهه ڀانيو،

سو مانجهاندي جو ماڳ“

        ڇا چيئي؟ تون زندگي جون ٿڌيون، ڪوسيون هيٺاهيون مٿاهيون ڏسي چڪو آهين؟ هل ڪوڙا؟.. .. تو جي ٿڌيون ڪوسيون، هيٺايون مٿاهيون ڏٺيون هجن ها ته پوءِ هي ڪار، هيءُ مڪان، هيءُ پرزيب ڪپڙ، هي ساغر و مينا.. .. هي جي تنهنجا جيون ساٿي بنيل آهن .. .. سي سڀ ڪٿي هجن ها. منهنجا رڃ ۾ ماريل هر! .. .. ڀٽڪيل ساٿي! .. .. .

        عيش ۽ طرب جو اهو سامان، شادي اوڀر مان اسرندڙ سورج ديوتا  اڳيان ٻليدان ٿئي ها ۽ تنهنجي جهول شفق جي لالاين سان معمور هجي ها .. .. .. ايتري قدر جو توکي چڪور جيئن چنڊ جي چاهنا به نه رهي ها .. .. .. مگر .. .. ڪاش! ائين نه ٿئي ها.. شل! تون راهه نه گنوائين ها .. .. ته پوءِ مون کان بيک پنندڙ فقير! تو در سوين سوالي هجن ها .. ..  سوالي .. .. روشنيءَ جا طلبگار .. .. .. صبح جا شائق .. .. سانجهاندي جا خواهان، سجهندو .. .. .. جو دور اوڀر مان شروع ٿي پوري دنيا تي ڇانئجي ٿو وڃي .. تولاءِ ئي ته شايد، شاهه چيو ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن“ ۽ سچ پچ تون آهين به مورک .. .. سڄيءَ کي ڇڏي اڌ ڏانهن ڀڄڻ وارو .. .. سج کي ڇڏي وري طلبڻ وارو .. .. مورک .. .. ڀنڀليل .. .. ڀٽڪيل راهي .. .. رڃ ماريل هرڻ.

                                                تنهنجي

                                                  ”پ“

 

اجڙيل آستانو

7  آڪٽوبر1953ع

وڇڙيل ساٿي

        تنهنجو پڙهه ڦٽيءَ ويل ويهي لکيل خط مليم .. مون کي ”پرهه“ ڪوٺيو اٿيئي .. .. ”روشني! اچ ته واريءَ وڃان! ڪيئن اڄ سنجها  ڌنڌلڪن مان نڪري، صبا جي رنگينن ۾ رڱيو آهين؟ ليڪن ترس! تو وري اسهندي ئي ٺوڪر کاڌي. اک کلندي ئي ٻوٽڻ ٿي چاهيم. مئي ۽ مينا جو ذڪر ڪيو اٿئي .. .. ڪاش!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com