سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :37

هڪڙي ڏينهن هاسٽل ۾ حفيظ وٽ ويس ته، ڪجهه ويٺي لکيائين، مون چيو، ”ڇا ٿو لکين؟“ چيائين ته ”افسانو.“ جڏهن حيدرآباد ۾ هو ته، هڪ دفعي سندس غير حاضريءَ ۾ سندس هڪ نوٽ بڪ کڻي پڙهڻ ويٺس، جنهن ۾ ڪي جنسي افسانا لکيا هئائين. اها ڳاله ياد هئم، سو، پڇيومانس ته، ”ڇا جي لاءِ؟“

        چيائين ته، ”ڪراچيءَ جي سنڌي ادبي سنگت افسانن جي چٽا ڀيٽي ڪرائي آهي، انهيءَ لاءِ.“

        مون چيو: ”مان به لکان؟“

        ”چيائين ته، ”ڀلي لک.“

        مون افسانو لکي کيس ڏنو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سيڪريٽري هو عبدالغفور انصاري، ۽ جج هئا: بيگم عبدا الله چنا، پير سائين حسام الدين شاهه  راشدي ۽ مرحوم عثمان علي انصاري.

        ڏهن ڏينهن کان پوءِ عبدالغفور انصاري مليو ۽ چيائين ته پهرين ستن سٺن افسانن ۾ تنهنجو افسانو آيوآهي. اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيس. رزلٽ نڪتي ته منهنجي ئي افساني کي پهريون نمبر مليو. اها خبر ٻڌم ته ڏاڏو ڏک ٿيو. احساس ٿيم ته، ”سنڌ ۾ اهڙي ته ڪا اوندهه آهي، جو نوجوان ماڻهو زندگي ۾ پهريون پهريون افسانو لکي، ته انهيءَ ڪچيءَ ڦڪيءَ تحرير کي ئي پهريون نمبر قرار ڏجي!

        حفيظ کي انعام ڪونه مليو، پر، سندس جمال ابڙي ۽ منهنجا انهيءَ موقعي تي لکيل افسانا مهراڻ رسالي ۾، سائين جويي صاحب شايع ڪيا، جو تڏهن مهراڻ جو ايڊيٽر به هوندو هو ۽ بورڊر جو سيڪريٽري پڻ.

        هاڻي، ادبي ڳالهين ۾ منهنجي دلچسپي وڌي. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي هفتيوار نشستن ۾ باقاعدگيءَ سان وڃڻ لڳس، جنهن جا مک ميمبر هئا: نور الدين سرڪي، اياز قادري ۽ دادا موتيرام، حفيظ کين سنڌي ادبي سنگت جي ”ٽمورتي“ ڪوٺيندو هو.

        سينيئر ميمبرن ۾ احسان بدوي ڇٽو پاٽو ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ايندو هو. عبدالغفور انصاريءَ جي دلچسپي گهٽجي وئي هئي. سوڀو لاڙڪاڻي رهندو هو، سو آيو نه آئي جهڙو. جويو صاحب گاهي ماهي ڀيرو ڀرينديو رهندو هو ۽ هر ڪو سندس وڏو احترام ڪندو هو. حفيظ، مان رشيد ڀٽي، رشيد آخوند، حسين عادل کتري به سرگرم ڪارڪن هئاسون، پر اسان جو درجو ”جونيئر“ هو، ستت تاج بلوچ به شريڪ ٿيو.

        ڪجهه عرصي کان پوءِ اياز قادري سنگت جو سيڪريٽري ٿيو ۽ ميٽنگون سندس جاءِ تي، 4_ ڌني رام بلڊنگ تي ٿيڻ لڳيون. انهن ميٽنگن ۾ ادبي ميٽنگون ته خير خوبيءَ سان ٿي وينديون هيون. پر، انتظامي ۽ ڪاروباري ميٽنگ ۾ حفيظ جا مزا هوندا هئا. تقريباً هر ائٽم تي اختلاف ۽ واڪ آئوٽ.

        خواجه سليم اهڙن ڪن موقعن تي سندس واڪ آئوٽ ۾ ساٿ ڏيندو هو. منهنجي راءِ موجب سليم جون ساڻس ٻٽيهه دليون هيون. حفيظ تي مضمون لکڻ جو حق کيس ئي جڳائي ٿو.

        خواجه سليم ۽ جمال رند سان حفيظ جا لڳ لاڳاپا غالباً خيرپور رياست جي پس منظر ۾ هئا. حفيظ ۽ خواجه سليم ته خيرپور جا هئا. پر، جمال رند رڳو ناز هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو هو.

 1963-1963ع ڌاران، حفيظ سنڌ جا وڻ ڇڏي لاهور هليو ويو هو. منهنجو اتي وڃڻ ٿيو، ته ساڻس ملاقات ڪيم A.P.P. جي آفيس ۾ نوڪري ڪندو هو. ان کان اڳ ڪنهن زماني ۾ خانبهادر کهڙي جو پرسنل ڪلارڪ به ٿيو هو، پر پگهار طئي ڪرڻ کانپوءِ کيس هڪ ئي شرط وڌو هئائين جو خانبهادر قبول ڪيو  هو ته: ”نيرن تي ڪڪڙ جا ٻه آنا کائيندس، هڪ ملندو، ته نوڪري ڇڏي ويندس.“

        اها ڳالهه اسان کي خانبهادر جي اخبار ”نوائي سنڌ“ جي ايڊيٽر، مولوي عبدالغفور سيتائيءَ ٻڌائي، مولوي ستائيءَ کي حفيظ سان ڪچهري ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. ساڻس چرچا گهٻا ڪندوهو. سندس نيوز ايڊيٽر غلام قادر لاکير کي رونشو لڳندو هو، سي ۽ مقبول سومرو هيڪاري محفل کي مچائيندا هئا. مقبول سومرو لاکير سان گڏ ”نوائي سنڌ ۾ سب ايڊيٽر هوندو هو.

        حفيظ اڃا ڪراچيءَ ۾ هو ته ”ون يونٽ“ ٺهيو، جنهن تي حفيظ هڪڙو طنزيه افسانو لکيو. ان جو مرڪزي خيال هو، ”اچو ته گهر گڏيون.“ ڏاڍو سٺو افسانو لکيو هئائين. پر، ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ ايڏو حصو ڪونه ورتائين. البت، سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري درجو ڏيارڻ جي تحريڪ ۾ تمام سرگرم رهيو. پاڪستان چوڪ تي، جو ميٺارام هاسٽل جي ويجهو هو، ڀتين تي، سنڌي ٻوليءَ جي حمايت ۾ لوهي پليٽن سان نعرا ڇاپڻ ۾ ڪمال ڪري ڇڏيائين! مون کي هاڻي چٽي يادگيري ڪانهي، پر انهيءَ ڪم ۾ مرغوب بخاري سندس ٻانهن ٻيلي هو. ٻيو شايد منصور عباسي، حفيظ جي يارن ۾ هڪڙو ٻيو نوجوان به آيو_ قادر  صديقي. پر، ستت قادر ساڻس چرچا گهٻا ڪرڻ لڳو. سو، سندس ياري ٿڌي ٿي ويئي.

        حفيظ لاهور واريءَ A.P.P. جي نوڪري جي سلسلي ۾ ئي سکر بدلي ٿي آيو. سن ۽ سال هاڻي ياد ڪونهن، ان کان اڳ شيخ اياز کي ادبي ناتي ڪري ڏاڍا پيار ڀريا خط لکندو هو: ”مُبَنَ يارَ.“ مبن مان سندس مطلب مبارڪ هو، جو شيخ اياز جو اصلوڪو نالو هو. پر، سکر آيو ته ٻنهي جي دوستي هلي ڪانه سگهي. حفيظ سندس خلاف طنزيه افسانو لکيو ۽ ايازوري هجو جا شعر لکيا.

        حفيظ غالباً پوئين نوڪري Population planning يا اهڙي ڪنهن کاتي ۾ ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهه عرصو رحيم يار خان ۾ به رهيو. هڪڙي مائي جا انهيءَ کاتي ۾ غالباً ملازم هئي، تنهن سان (يا سندس همشيره) سان شادي ڪيائين، پوءِ بدلي ڪرايائين. سکر جي ٻاهران بئراج جي پاسي ۾، نهايت زرخيز ٻه ٽي جريب مائيٽاڻي زمين ورثي ۾ ملي هئس. انهيءَ تي جهوپڙي اڏيائين ۽ منجهس رهڻ لڳو. صبح جو سرڪاري گاڏي کيس آفيس کڻي ويندي هئي ۽ شام جو موٽائي کڻي ايندي هئي. ٻڪرين جو هڪ ڌڻ ورتو هئائين، جو ڪنهن صلاح ڏنس ته ٻڪر ڦر گهڻا ٿي ڏئي. ماڻهو ڌڻ ڌاري ته جيڪر الاهي پئسا ڪمائي. اهي پئسا ته ڪمايائين الائي ڪونه، پر ڪنڊ پاسي، خير و عافيت سان، وقت پئي گذاريائين، دنيا کي پاڻ به وساري ڇڏيائين ۽ دنيا به کيس وساري ڇڏيو.

        هڪ ڏينهن مان حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ ويٺو هئس، ته حفيظ جي مائٽن جي گهران فون آئي ته، ”جلدي اچ.“ مان رڪشا تي چڙهيس ۽ لطيف آباد ۾ ٻڌايل ايڊريس تي وڃي پهتس. چيائين ته حفيظ گذاري ويو. سندس لاش سکر مان کڻي آيا آهن. جڏهن اندر ويس ته کٽ تي اڇيءَ چادر سان ڍڪيل هڪ لاش نظر آيو، جنهن جي ڀرسان ڪي زالون روئي رهيون هيون.

        مون حفيظ جا ڪي دوست گڏ ڪيا. اُميدن ڀرئي قبرستان ۾ هڪ هنڌ قبر کوٽيسون. ڪچيون سرون هٿ ڪيون سون. حفيظ جو لاش سندس مائٽن جي گهران کڻي آياسون ۽ کيس دفن ڪري، قبر جي لنباوت ڪئيسون.

        هاڻي انهيءَ ڳالهه کي ورهيه وري آيا آهن. سندس قبر جو ڪو نشان به بچيو آهي يا نه، سا خبر مون کي ڪانهي. ڪيئي ڀيرا اميدن ڀرئي جي قبرستان وٽان منهنجو لطيف آباد اچڻ وڃڻ ٿيو. پر، قبر تي حاضريءَ جي توفيق ڪانه ٿي. هڪ ڀيري ويس. ڳوليم، پر قبر هٿ ڪانه آئي. جڏهن قبرستان مان موٽيس ته هڪ ڳالهه ياد آئي، جا ڳوٺن ۾ ٻڌي هئم، ته جڏهن سڪندر بادشاهه مري ويو، ته ماڻس پنڊيءَ ۾ ڪڻڪ جون ٻه مانيون ۽ لوٽي ۾ کير کڻي قبرستان ويئي ۽ ڳوڙهن ڀريل اکين سان، پٽ کي سڪ مان سڏ ڪيائين”او، ابا، سڪندر؟“

        قبرستان مان آواز آيس ته، ”مائي، تون ڪهڙي سڪندر کي سڏين ٿي؟_ هِتِ ته ڪيئي سڪندرَ پُوريا پيا آهن .............

        سڪندر کي هڪ چٽو پٽو مقصد اکين اڳيان هو، ته کيس زندگيءَ مان ڇا گهرجي؟ هن روءِ زمين جو بادشاهه ٿيڻ ٿي گهريو. انهيءَ مقصد لاءِ ڪيئي ملڪ فتح به ڪيائين. دنيا جي عظيم فاتحن ۾ سندس نالو اڄ به ڳائجي ٿو. پر، دنيا جو ڪاروبار سڪندر کانسواءِ به هلي رهيوآهي. ان ۾ سڪندر جي موجود نه هئڻ ڪري ڪابه ڪمي يا کوٽ محسوس ڪانه ٿي آهي. شايد ان ڪري ئي سياڻي سعديءَ چيو آهي ته: خليفا ايندا ويندا، دجلو درياءَ وهندو رهندو.“

        حفيظ غريب کي، سڪندر جهڙو ڪو به سوداءِ مٿي ۾ ڪونه هو. شايد، ماڻهو جو مقدر سندس حالتون به مقرر ڪن ٿيون. غريب جو ٻار هو ۽ سڄي عمر غريب ماڻهو وانگر گذاريائين ”صبح کرنا شام کا لانا هئه جوئي شير کا“ جو محارو مٿس صادق هو.

        ڪنهن زماني ۾ پنهنجي لکڻين جو ڪتاب ڇپائڻ جو شوق هئس. پوءِ اهو به ياد ڪونه رهيس. ون يونٽ جي خلاف سندس دوست، ڪي گهڻو ڪي ٿورو، جدوجهد ۾ شريڪ رهيا، پر، حفيظ جو ڪٿي به ڏس پتو ڪونه هو. جڏهن ڪراچيءَ ۾ مون سان ميٺارام هاسٽل ۾ گڏ رهندو هو ته، چوندو هو ته” هڪ گهر ٺهرائيندس، جو ڦيٿن تي بيٺل هوندو. ان تي چڙهي سڄي دنيا گهمندس.“ مون چيو ته گهڻو کائيندو؟“ چيائين ته، ”مٿس اسي لک رپيا خرچ ايندو.“

        پوين ڏينهن ۾ ته اُهي خواب لهڻ به ڇڏي ڏنائين. هڪ دفعي مون کي چيو هيائين ته ”توکي خبر آهي ته ويڙهه ۾ ڪير سوڀارو ٿيندو آهي؟“ مون چيو ته، ”نه“. چيائين ته، ”اهو جيڪو گهڻي مار کائي سگهي.“

        پر، حفيظ جي مار کائي ايڏو ته ٿجڪي پيو، جو دنيا کان ڌار ٿي، گوشه نشين ٿي ويو. هڪ ڏينهن مون کي چيو هئائين ته”هم خيال دوست گڏ ڪريون ۽ مٺڻ ڪوٽ کان هلي لاٽ پئون. درياءَ جي ڌار تي ترندا، سڄي سنڌ پار ڪري هلي، سمنڊ تي پهچون.“

        اڄ مان جڏهن پوئتي نگاهه ڪريان ٿو ته، ائين ڀايان ٿو ته جڏهن زماني کيس ستائي، نستو ڪري وڌو، تڏهن هو وقت جي ڌار تي رڳو لڙهندو رهيو، تان جو سندس لڱن مان ساهه ڇڏي ويو. خالي جسم لاهور ۽ رحيم يار خان مان لڙڪندو سکر کان لڙهندو، حيدرآباد پهتو.

        دجلو درياءَ بهرحال، اڳي وانگر، هر ڳالهه کان بي نياز وهندو رهي. سدائين ائين وهندو رهيو آهي.

        حفيظ منهن مهانڊي جو ڪو ايڏو وجيـﮧ شخص ڪونه هو. پر، جڏهن فوٽو ڪڍائيندو هو ته ڏاڍو پيارو لڳندو هو. شايد ان ڪري جو سندس اندر ۾ جيڪو انسان هو، سو ڏاڍو سهڻو هو. هر اهو انسان جنهن جي من ۾ ٻيائي ڪانه هوندي آهي، تنهن جو اندر چوڏهينءَ جو چنڊ کان گهڻو سهڻو هوندو آهي. حفيظ ڪنهن جو مَدو ڪونه هو. منافق ڪونه هو. جيڪي اندر ۾ سو ٻاهر ۾، پوءِ به دنيا ۾ وک وک تي بيوفائيءَ جي بوءِ آيس، ته ماٺڙي ڪري، اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. جڏهن هي جهان ڇڏيائين ته پورن پنجاهه ورهين جو به ڪونه هو.

        سنڌ جي شهزادي شاعر، هزهائينس مير عبدالحسين سانگيءَ، سنڌ جي اهِل دل انسانن جي ياد ۾ هڪ غزل چيو آهي، جنهن جا ڪي دلاويز شعر هي آهن:

 

 

اڃا هاڻ هتي ها يارَ پرين

دلبند سڄڻ دلدارَ پرين

غمخوار مِٺا منٺارَ پرين

جي پيچ پيارلَ پائي ويا

 

جن هر ڪنهن ساڻ رهائي ڪئي

تن پنهنجي پاڻ رهائي ڪئي

جن سهڻن سان سچائي ڪئي

سي ڪنهن سان ڪين وڃائي ويا

 

ٿو نينهن منجهان نروار چوان

سي عاشق آءُ سردارَ چوان

سي پيارا پنهنجا يارَ چوان

جي سانگهي پاڻ سڏائي ويا.

 

 

نياز همايوني

پکي سڀ نه هنج

        چوندا آهن ته مرڻ کانپوءِ ماڻهوءَ نه ماڻهوءَ جو قدر ٿئي ٿو. ”اسان جو يار“ حفيظ به ائين ئي هيو. جيئري ان کي ڪنهن ڪون سڃاتو، جڏهن مئو ته هر ڪنهن کي ڪَل پئجي وئي: مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿيا نه مات_ سندس مرڻ تي مون لکيو:

        اسان هڪ بهترين ساٿي وڃائي ويٺا آهيون.

جوڳيئڙا جهان ۾، نوري ڪي ناري،

ٻري جن ٻاري، آءُ نه جيئندي اُن ري.

”هڪ معصوم فطرت انسان جي موت تي جيترو به ماتم ڪجي، ٿورو آهي، ائين ڪرڻ سان دل جو بار نه هَلڪو ٿئي ٿو، پر ان ماڻهوءَ جي ڪميءَ جو احساس زائل ٿي نٿو سگهي (جنهن جي ماڻهپي ۾ ڪو به شڪ نه هجي) حفيظ شيخ اسان کان وڇڙي ويو، پر ان جون ڳالهيون سدائين ياد رهنديون. هو هڪ انسان دوست اديب، زنده دل دانشور ۽ بهترين ساٿي هيو. هيل تائين موت جو معاملو اسان لاءِ اجنبي پئي رهيو هو. هاڻ ته ائين پيو محسوس ٿئي، ڄڻ پنهنجي زندگي به زيان ٿيندي پئي وڃي. شال اسان جي درد مند دلين کي ڪو آٿت نصيب ٿئي!! (روزانه عربت حيدآباد 71  نومبر1971ع)

        هن جي موت جو اهم غم ڪيترا ڏينهن مونکي گهائيندو رهيو. مهينن کانپوءِ آغا سليم وٽ سندس ڳالهه نڪتي ته مان اوڇنگارن ۾ پئجي ويس. دوستن جيئن تي دلداريون ڏنيون تيئن اندر ۾ وڍ پوندا ٿي ويا: ”آيل! ائين نه ڀانءُ، ڪ آءُ جيئندي اُن ري.

        اسان جي قوم کي مرده پرست ليکيو وڃي ٿو، ليڪن اهو ڪوبه نٿو سوچي ته آخر ان جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ اصل ۾ اسان کي جيئرن جي مهر محبت مان مايوس ٿيڻ کانپوءِ، اُهي مئا ماڻهوسارڻا ٿا پون جن جون محبت ڀريون وفائون ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون نه هونديون آهن. حفيظ شيخ انهن ماڻهن مان هيو، جن کي واقعي ماڻهو چئجي ٿو. هو هيري ڪڻيءَ وانگر اندر ٻاهر رهڪ پئي رهيو. هن جو چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ ايترو فرق نه هيو، جيترو اصول پرستيءَ جي دعويدارن جي چئي ۽ ڪئي ۾ هوندو آهي.  هڪ دفعي مون کيس ٽوڪيندي چئي ڏنو: ”توکي هر ڪا ڳالهه ائين پڌري پٽ ڦهڪائڻ تي لڄ به نٿي اچي؟“ هڪدم چيائين: ”لڄ تڏهن اچڻ کپي پيارا! جڏهن منهنجي چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ ڪو تفاوت هجي.“

        ڪڏهن ته هن جي اها بي ڊپائي ڏاڍي ڏکي لڳندي هئي. هڪڙي ڏينهن ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ويٺا هجون، جتي ٻه مايون موجود هيون. ڳالهيون ڪندي هڪ همراهه ڀر ۾ ويٺل مائي کي ٿو چئي: ”تون منهنجي ڀيڻ آهين“ حفيظ سٽ ڏئي ٻانهن کان جهلي چيس: ”اها ڀاڙيائي ڇڏ، پرائي ڄائي ڪنهن جي ڀيڻ ٿي نٿي سگهي. تون وڏو بزدل آهين جو انهي پاڪ رشتي مان پنهنجي جنسي جذبي جي تسڪين ٿو چاهين. توکي خبر ناهي ته جاگيرداري نظام اها وبا اسان کي ورثي ۾ ڏئي ڇڏي آهي.“ اهو ٻڌي همراهه جا وڻ وڄي ويا ۽ مائي ويچاري وٽ کائيندي رهجي وئي.

        هوڏانهن حفيظ اها ڏک پئي ڏني ڄڻ هڪ ئي ڌڪ سان جوڙي ڦاڙهن جي ليٽائي رکي هيائين. ٻاهر نڪتاسين ته رستي ۾ مون حفيظ کي گهٽ وڌ ڳالهيو، پاڻ ماٺڙي ڪري سڀ ڪجهه ٻڌندو رهيو. اڃا مون بس ڪئي ته ڌوڙيا لائي ڏنائين: ”مان ڪا به رياڪاري، رواداري برداشت ڪرڻ وارو نه آهيان، هن گيديءَ جيڪا .... مرائي سا مون گوارا نه ڪئي، ته ڪهڙي اربع خطا ٿي پئي. ماڻهو دنيا کي ته دوکو ڏيندا ٿا رهن پر ياريءَ باشيءَ ۾ به اهي ..... پيون هلن.“

        هن جا اهي ڪارناما رڳو ايستائين ڪونه هيا. پنهنجيءَ تي اچڻ کان پوءِ وڏ وڏيرن کي بدست سُريون ٻڌائي ڇڏيندو هيو. اتفاق سان ايوب کهڙي وٽ کيس ڪا نوڪري ملي. ڪنهن ڏينهن نيرن تي اچي ڪروڌ ڪيائين ته ”مون کي به روز ٻه آنا (بيدا) کپن. ٻي صوت ۾ نيرن ته رهي پنهنجي ماڳ، نوڪري به ڪونه ڪندس. بورچي سمجهايس: خانبهادر کهڙو خير سان پاڻ به هڪڙي آني تي گذر پيو ڪري، تون ڪهڙي باغ جي موري آهين جو ايڏا انگل پيو ڪرين.“

        اُتي ئي چئي ڏنائين: ”ته پوءِ مون غريب وارو آنو به وڃي کيس ڏيو ته کائي خوش ٿئي.“ آخر انهيءَ آڙ تي استعيفا ڏئي ڇڏيائين.

        هي هيا اسان جي چرئي کرئي حفيظ جا ارڪان. ٻي پاسي حالت اها آهي جو ڪيترا سياڻا، سڄا، قوم جي ڪنهن ڄائيءَ کي نياڻي ڪوٺي پرپٺ مٿس ”مٺڙي“ جو نالو ڌري جنسي علت جي پورائي ڪندا رهن ٿا. ڪي ڏاها ڏائڻ وري ڊراڪولا وانگي ڊرامائي انداز ۾ پنهنجون پرايون ڇوريون کاري، پنهنجي منهن تي دانگي گهمائيندا ٿا وتن. سنڌ جا راڻا ٻڌا هياسين، راوڻ اجهو هاڻ ڏسڻا پيا.

        حفيظ ترقي پسند هو. هن رجعت پرست طبقي جي حڪومت جي ملازمت ته برابر ڪئي، ليڪن نوڪري پڪي ڪرائڻ لاءِ پاڻ کي اهڙو ننگو يا نانگو نه ڪيائين جو سنڌي ٻوليءَ جو سڄڻ سڏائي، پڇاڙي ۾ وڃي ان جي موت واري عهدنامي تي پنهنجي بي ضميريءَ جي مُهر هڻي، قوم سان ڪچو ۽ ڪوڙو ثابت ٿئي ها. پاڻ فيملي پلاننگ جو اهم آفيسر هو، ڄم تي روڪ وجهڻ جا جيڪي سرڪاري حيلا وسيلا هئا، تن جي پوائواري ته بيشڪ ڪندو رهيو پر سنڌ جي ڪنهن قومي، تعليمي اداري تي ڌاڪو ڄمائي قوم جي نئين پراڻي نسل سان ڪو ازلي وير ڪونه پاڙيائين. حفيظ مذهب جو باغي هيو. مونکي ان جي بغاوت تي فخر آهي، ڇاڪاڻ ته سندس بغاوت ۾ به صداقت هئي. هن منافقن وانگي بنا ڪنهن وضوءَ جي نمائشي نمازون ڪونه پڙهيون، نه دين ڌڊرم خلاف بدشد ڳالهائي، وقت اچڻ تي دين پرستن اڳيان گوڏا کوڙي گند ڪيائين ته مون ڪالهه تائين جيڪا جک ماري، تنهن تي تو بهه هتائب ٿي چڪو آهيان. مون تي يرحم ڪيو وڃي، مان آدي بنيادي مسلمان ۽ ٻچڙيوال آهيان. رڳو مسيت ٺهرائڻ جي مهلت ملي.

        آءُ پڇان ٿو ته اهڙن چوبازن کان حفيظ جو ماڻهپي ڀريو مڙهه ڇا لاءِ ڪين جهڙو ليکجڻ کپي؟ ائين به ناهي ته حفيظ هروڀرو ستي جتي هيو. جنهن جي عقيدت ۾ سندس قبر تي قبو اڏايو وڃي. مون کي اڪثر چوندو هيو ته اسان جنهن انڌي ۽ اڌيڪي جاگيرداري، سرمايه داري نظام ۾ ڄاوا نپنا آهيون، تنهن ۾ پرهيزگاري ۽ پاڪبازي ڪا معنيٰ نٿي رکي. توئي ته شاهه لطيف جو هي بيت ٻڌايو هو:

پيو جو پاتار، سوڪينءَ پسڻ کان پالهو رهي،

سالڪ مون سيکار، ڪو پاند انهيءَ پار جو.

        حفيظ هن جهان ۾ ڪيئي ڪبيرا گناهه ڪيا هوندا. هر گناهه ڀيري پاڻ کي بيوس ڀانيو هوندائين ته به هن جو پاڻ تي ايڏو وس ضرور هيو، جو ڪڏهن به قوم ۽ ضمير جي ڪنهن جرم جي جرئت نه ڪئي هوندائين. اها شاهدي خدا لڳ آءُ به ڏئي سگهان ٿو.

        منهنجي ساڻس سنگت 0 5 9 1ع کان شروع ٿي. شڪارپور ۾ بشير مورياڻي اسان ٻنهي جي ملاقات ڪرائي. سکر ۾ شيام ۽ مقبول صديقيءَ اسان کي پاڻ ۾ ويڙهايو، ڪراچيءَ ۾ ربانيءَ ۽ رشيد ڀٽي اسان جي ياري ڪي ڪرائي، حيدرآباد ۾ حميد سنڌي ۽ جمال رند اسان جا رقيب ٿي پيا، ائين گهارين مان پار پوندي اسان جي دوستي گهاٽي ٿي وئي.

        عبدالحق عالماڻي جي خاندان سان حفيظ جي مٽي مائٽي هئي. ٻئي رشتي کان وڌيڪ ادبي ناتي ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيا ٿي آيا. دنياداري حفيظ لاءِ ڪا ڳالهه ڪانه هئي. وڏن ماڻهن کي سلاماليڪم جي حد تائين دوست ڪري ٿي ليکيائين. غريبن لاءِ هر حالت ۾ سندس خلوص وقف هيو، انهي اعتماد سان ته اهي ئي انسان کي خدا تائين رسائڻ جي ريت ڄاڻن ٿا.

        نيڪي بديءَ جي ڳولا ۾ حفيظ عجيب غريب ماڻهن سان لاڳاپو رکندو ٿي آيو، هڪ پاسي چڱ چڱيرن سان سنگت ته ٻي پاسي ميرن مندن سان به سندس رستو هيو. خيرپور ۾ تنوير سان ياري جدا ته موالين سان به چوبازي. سانگهڙ ۾ ڊاڪٽر سليمان سان به سنمک ته هڪڙي جُٽِ جهان جي سان به جُٽ .. مونکي ته ان ماڻهوءَ جا پنهنجي خرچ تي ورتل خيراتي ڪتاب ڏسي اهڙيون ڪتڙيون جاڳيون جو تهه سياري ۾ به ڪمرو ڇڏي ورانڊي ۾ وڃي جبل جيڏي رات گذاريم. جيڪب آباد ۾ ڊاڪٽر انور به هن جو يار ته هڪ نامي گرامي ڌاڙيل به سندس دوست. اهڙيءَ طرح حيدرآباد ۾ به اهو حال ته ڪراچيءَ ۾ به ساڳيا ڪرتوت_ رحيم يار خان ۾ ته اهڙا ڪم ڪري ڇڏيائين جو وڃي ٿا خير!

        اي پي پي وارو زماني ۾ هي لاهور جي سنت نگر ۾ رهندو هجي. مان اتي ويم ته پهرين ڏينهن عبدالحق عالماڻي جي وڏي ڀاءُ حسن عالماڻي سان ملائڻ وٺي ويو، جو تڏهن واپڊا ۾ هيو. عالماڻي صاحب سان ملي سندس علم، مطالعي ۽ سهڻي سڀاءُ جي ڪري ڏاڍي سرهائي ٿيم. اوپري ماحول ۾ اهي پنهنجائپ واريون گهڙيون ڏاڍيون سٺيون گذريون. مونکي پاڪستان رائٽرز گلڊ جي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻو هيو. اتان واندو ٿيس ته وري حفيظ جي حوالي. اول ڪن اديبن سان ملايائين، ڏاڍي خوشي ٿي. ٻي ڏينهن انارڪلي جي مقبري ڏانهن وٺي هليو، جيڪو سنت نگر جي ڀر ۾ هيو. واٽ تي هڪڙو چرسي مليس. مونکي چيائين هن جو آواز اهڙو سريلو آهي جو ٻڌندين ته سهگل وسري ويندءِ. ٿورو وزم هڻي مچي ته پوءِ مزو ڏسجانءِ. هن بي سُري بادشاهه پهريون کٽراڳ شروع ڪيو ته مون حفيظ ڏانهن نهاري نڪ ڇنڊيو، احفيط پنجابيءَ ۾ هن تي زور ڀريو ته اهو نه فلاڻو گانو ٻڌاءِ. هن اڃا فلاڻي گائي لاءِ ريلوي ڦاٽڪ جيڏو وات کوليو ته پريان بئنچ تي ويٺل ٻه آيائون ٻارن جا گاڏڙا گهلي وٺي ڀڳيون_ حفيظ گاني ۾ اهڙو چور، ڄڻ چؤ ته هالن جي هندوري ۾ پيو لڏي!

        حفيظ پنهنجي حياتيءَ ۾ عارضي عيش به ڪيا ته حقيقي ڏک به ڏٺائين. جيڪي کيس انسان دوستي، اصول پرستيءَ ۽ ترقي پرستيءَ جي دعويدارن کان مليا. هنن هٿ ٺوڪين ادبي وڏيرن، پراون سان پڄڻ جي ڀيڻي ڪانه وٺي ته پنهنجن کان وير وٺي _ ڪيترن کي حفيظ شيخ بڻائي ڇڏيائون. پڇاڙيءَ کين هر ڪا ڪئي آڏو آئي. تڏهن به اڳي کان اڳرا_ حفيظ جو ڏوهه سندس سادگي ۽ سچائي هئي. جنهن جي مخالفن ۾ بوءِ بڻس به ڪانه ٿي سُجهي. ليڪن حفيظ انهن گهاون هوندي به يارن سان يار ٿي گهاريندو هيو.

        پوئين زندگيءَ ۾ حفيظ ڏاڍو پئسو ميڙيو ته مون کيس اڳين زندگيءَ واريون ڳالهيون ياد ڏياريون. اسان رٿيو هيوسين ته پئجسي اچڻ کانپوءِ زمين جو ٽڪرو خريد ڪري، فارم کولي ان کي آشرم طور هلائينداسين. ان لاءِ سکر جي ٻاهران پيل پنهنجي زمين تي آبادي شروع ڪرايائين، پر اها جاءِ مناسب نه هئي. عبدالحق عالماڻي جو ارادو هيو ته حيدرآباد جي ڀرپاسي ڪنهن مناسب هنڌ تي ان جو بنياد رکيووڃي جيئن اچ وڃ ۽ آب هوا جي سهولت جي ڪري ماڻهن کي ڪا ڏکيائي نه ٿئي.

        اسان سوچ ڪئي هئي ته انهيءَ آشرم ۾ صبح جو روزانو شاهه جي ڪلام تي درس ڏيڻ جو انتظام ڪيو ويندو. منجهند جو ننڍيون وڏيون علمي ادبي ڪچهريون ته رات جو لکڻ پڙهڻ جو ڪم هلندو رهندو. مهيني ۾ هڪ ٻه دفعا راڳ جو پروگرام ۽ سال ڇهين مهيني وڏي پيماني تي ڪانفرنسون ڪوٺايون وينديون. ساڳي وقت ماڻهن کي پنهنجي روزگار جي پورائي لاءِ ڪڪڙين، مڇين ۽ چوپائي مال پالڻ جي تربيت ڏياري ٻين هنڌن تي آشرم کولائڻ لاءِ همٿايو ويندو.

        ان خير جي ڪم لاءِ اسان ٽنهي جون ڪوششون جاري رهنديون آيون. ڪيترن ٻين دوستن کي به هم خيال بنائي ڇڏيوسين، جن کان مختلف قسمن جي مدد جو آسرو ملندو رهيو. انهي طريقي سان اسان عملي طرح ماڻهن ۾ ذهني بيداري ۽ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ ٿي چاهي. اسان کي پوري ڄاڻ هئي ته پنهنجي ماڻهن کي اڳتي آڻڻ لاءِ اهڙيون ئي ته تدبيرون ڪارگر ٿي سگهن ٿيون. اسان جا ماڻهو محض ان ڪري پٺتي پيل آهن جو انهن کي ڪيترن لوڀين ٺوڳين سياسي ۽ ذاتي مفاد جو شڪار بڻائي پنهنجا مطلب پورا ڪري، ڪين جهڙو بنائي ڇڏيو آهي.

        جيتري قدر شاهه جي شاعري سمجهڻ جو تعلق آهي، هيل تائين ان کي ماڻهن جي ذهن تائين پهچائڻ جي خاص ڪوشش ٿيل ڪانه ڏسي، ان کي باقاعدي درس جي صورت ۾ رائج ڪرڻ جي رٿا هئي، جيئن ماڻهن ۾ خودشناسيءَ جو مادو پيدا ٿي سگهي_ انهيءَ اصول مطابق اسان ته گهڻو ڪجهه سوچيو پئي پر قدرت کي ڪجهه ٻيو منظور هيو. اسان اڃا محنتون ڪري ڪا کوئڙي ٺاهيون پيا ته ڪنهن نه ڪنهن ڌڪي ٿاٻي ۾ اها کوڙي ڊهي ٿي پئي ۽ اسان جيستائين ڪا ٻي ڳڻ ڪريون، تنهن کان اڳ ڪانه ڪا مصيبت آڏو ٿي آئي. آخرڪار اهڙي هوا  گهلي جو سڀ ڪجهه ڍير ٿي ويو.

        حفيظ سان ملاقات اهڙي نموني ٿي جو، الائي ڇو دل نه پئي وسهي ته اسان ٻيهر ڪونه ملي سگهنداسون. هو اُٿڻ تي آءُ ويهارڻ تي. خيرپور پري نه آهي. ترس ته سهي_ ايڏن ڏينهن کانپوءِ آيو آهين، تڏهين به تڪڙ.! هن کي پنهنجي اُڻ تُڻ، مون  کي پنهنجي اوراکورا:

        دم آخر است عفي به رخش نظاره اي ڪُن

        ڪ اميد باز گشتن، ڪس ازين سفرد ندارد

        ”پڇاڙيءَ جي گهڙي آهي يار جو منهن ڏسڻو اٿئي ڏسي وٺ. ڇو ته هي جنهن سفر تي وڃڻ وارو آهي، اتان واپس اچڻ جي اميد ئي ڪانهي.“

3 نومبر 1971ع تي منهنجي آفيس آيو، ميري سٿڻ، ميري بشرٽ، ڏاڙهي وڌيل_ اچڻ سان پاڻي جو گلاس گهريائين. پنج منٽ مس گذريا ته اُٿيو، ٻي گهٽيءَ ۾ ربانيءَ جي آفيس هجي، مٿي چڙهي ربانيءَ کي سڏ ڪيائين. هن دريءَ کان منهن ڪڍي ٻه منٽ ويهڻ لاءِ چيو چار منٽ به نه ٿيا ته حفيظ هلڻ جي ڪئي. ٻئي اچي پاڻ واري آفيس جي هيٺان بيهي ڳالهائڻ لڳاسين، ڇا ڳالهايوسين؟ اها ڪَل ڪال ڪريم کي. حفيظ کي ڳل تي چمي ڏئي رستي جي پرينءَ ڀر بيٺل سرڪاري جيپ ۾ چڙهي، پوئين سلام سان ويندو رهيو.

(اٺين ڏينهن 9نومبر 1971ع) منجهند جو گهر ستو پيو هيس ته رباني آيو. اڃا مون منهن ئي نه ڌوتو ته، حفيظ جي موت جي خبر ٻڌايائين، منهنجا ته ڇيهه ئي ڇڄي پيا. رباني دير تائين ويهي هليو ويو ته عبدالحق عالماڻي آيو، ٻنهي کي خبر هئي ته ڪهڙو ڪلور ٿي چڪو آهي. ٻنهي پاسي ڳوڙهن ڀريون ڳالهيون، ٻنهي پاسي حفيظ شيخ، اخبارن لاءِ حفيظ جو فوٽو ڳولڻ لڳس ته، سندس پراڻو خط هٿ آيو، جو71جنوريءَ 1959 ع تي مونکي لکيو هيائين:

        پيارا!

        تو چوٿاڙ پنو کڻي ٿلها ٿلها چار اکر لکي موڪليا آهن. آءُ چئوڻو پنو ۽ چئوڻو ئي احوال پيو موڪليانءِ، ڀلا هي به ڪي خط آهن، جيڪي تون ۽ اسان هڪ ٻي ڏانهن پيا لکون؟

        روح جا نارا جڏهن ٺري برف ٿيو وڃن ته، وهڪ بيهجيو وڃي، نه ميار توتي نه ميار مونتي!

        ڪڏهن ڪڏهن توسان اوح رهاڻ ڪرڻ تي دل ٿيندي آهي، پر ڇا ڪجي؟ تون پڻ مون جئين موڊ نه موڊ جو قائل. سو نه تون سرچين نه مان پرچان_ خط لکندو رهندو ڪر. ڪڏهن نه ڪڏهن هانءُ ريلو ڏيندو ته وهي پونداسين، ڪجهه ڪري اٿنداسين.

تنهنجو حفيظ

8  ڌني رام بلڊنگ رام باغ روڊ ڪراچي.

حفيظ وسارڻ جهڙو ڪونه هيو، اسان ان کي وساري ويٺاسين. نئين ٽهيءَ سان ته هن جي ايتري ڏيٺ ويٺ هئي ڪانه. اسان مان به رڳو عبدالحق عالماڻي حفيظ تي ٿورو گهڻو لکي پاڻ تان ميار لاهي ويو. ويجهڙائيءَ ۾ بيدل مسرور به چڱو پاڻ ملهايو، باقي اسان مان ڪين ٿيو ۽ عذر خواهيءَ جا چار اکر چئي چپ ڪري ويهي رهياسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com