اوهان ڀلي سمجهو
ڇا
به
بهرحال بابا
تي
ذميداريون گهڻيون
هيون. هڪ
ته اٺين ڏينهن، ٿڪجي ٽُٽي اچي ۽ اهي گهڙيون به وري
حفيظ جي شڪايتن جي بِلي.
توهان پاڻ
سوچو... هڪ
ته
نون9
ٻارن جو
ٻوجهه،
مٿان
معاشي پريشانيون...
۽
اُهي
به کيس ان
ڪري
کڻڻيون
پونديون هيون
جو
بابا، ڪوڙ سچ
ڪري
اڳوڻن خيرپورائي
ميرن
کي
راضي
ڪونه ڪري سگهندو
هو.
نتيجي ۾ سزا
طور
خيرپور رياست
جي
ننڍڙن
ڳوٺن ۾
ٽرانسفر
ٿيڻو پوندو
هئس.
ظاهر آهي،
انهن
سڀني دٻاون
جو
به اثر
مٿس
اوس
ٿيندوهو. اهڙيءَ
صورتحال ۾، گهر
۾
پهچڻ
سان جڏهن
حفيظ
جي شرارتن
بابت
کيس
اطلاع ڏنو ويندو
هو
ته، سڀ
ڪسُرون
پوءِ
سمجهو ته
پڪ
سان حفيظ
مان
ئي
ڪڍندو هوندو.
مار
ملڻ
کانپوءِ
حفيظ
ڏانهن امڙ
جو
رويو
ڪهڙو هوندو
هو؟
ظاهر
آهي، هوءَ
ماءُ
هئي. حفيظ
سان
پيار به
بي
انتها
ڪندي هئي.
پر
هتي وري
هڪ
ٻي
ڳالهه
اوهان کي
ٻڌايان ته،
(۽
جيتري قدر
منهنجو اندازو
به
آهي ته)
مون
پنهجي ماءُ
کي
ڪڏهن
به
صحيح حالت
۾
ڪونه
ڏٺو
هو.
هن جو
بلڊپريشر اڪثر
هاءِ
رهندو هو.
ان
ڪري
هر وقت
پنهنجي مُنهن
ڳالهائيندي
به
رهندي هئي
۽
مان
سمجهان ٿي ته
هن
جي انهن
بيمارين جا
ڪي
سبب
به هئا.
ڪي مثال
طور
ٻڌايو؟
مثال
طور هوءَ
پنهنجي
ڪشمير وارن
عزيزن ۽ ڀيڻ
ڀائرن کان بنهه
ڪٽيل
هئي.
مٿان نَوَ_
ٻار،
انهن
جا انگل
آرا،
سار سنڀال.
راڄ
ڀاڳ
۾
اُٿي ويٺي.
گهر
جو ڪم
ڪار، وڏي
اٽالي جي
لاءِ
کاڌي
پيتي،
ڪپڙي لٽي
جو
اونو ۽ اهو
سڀ
ڪجهه
اڪيلي سر.....
مان
سمجهان ٿي، هُن
لاءِ
اهو سمورو
بار
ٿڪائيندڙ
۽
چريو ڪري
ڇڏيندڙ هو.
وري
جو هڪ
ڏينهن
اوچتو سندس
ڀاءُ
جي
وفات جي
خبر
پهتي ته
ويتر
بيحال ٿي وئي.
مون
کي
ياد آهي
پنهنجي
ڀاءُ لاءِ
پوءِ
هوءَ، سڄي
زندگي روئندي
ئي
رهندي هئي.
ڀلا اوهان
جي
والد هندوءَ مان
مسلمان
ڪڏهن ۽
ڪيئن
ٿيو؟
1908ع
واري
زماني ۾ حيدرآباد
۾
شيخ
عبدالرحيم سنڌيءَ
سان
گڏ ڪن ٻين تعليم
يافته هندن
پڻ
اسلام قبول
ڪيو
هو.
اُنهن ۾
ڊاڪٽر شيخ
محمد
يعقوب، شيخ
عبدالسلام، شيخ
عبدالقدوس ۽ شيخ
عبدالله سان گڏ
شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ
جا
نالا به
اچي
وڃن ٿا. بابا
شيخ
عبدالمجيد سنڌي
صاحب
جي
ڀرمائڻ تي
ئي
مسلمان ٿيو هو.
ڪي
روايتون آهن
ته
پندرهن سالن
جي
ڄمار
۾
باغي ٿي گهران
ڀڃي
نڪتو
هو ۽ قوالن
سان
وڃي گڏيو
هو.
اوهان
جي
والد جا
وڏا
ڪير
هئا_
ڪٿان جا
هئا؟
بابا
جا وڏا
حيدرآباد، هير
آباد
جا واڌواڻي
عامل
هئا. سندس
پيدائش به
اتي
ئي ٿي. سندن
شمار
ان وقت
حيدرآباد جي
سُکين ستابن
هندو
خاندانن مان
ٿيندو
هو.
اڄ به
هيرآباد ۾ سندن
اباڻن گهرن
جا
نشان اُتي
موجود آهن.
هيرآباد ۾ بابا
جي
سڳي سؤٽ،
يعني
وڏي
چاچا
جي
ڌيءُ، مشهور
سماجي ورڪر
۽
تعليمي ماهر
خاتون دادي
ليلا
پنهنجي خوبصورت
گهر
۾
رهي ٿي. اسان
کي
بابا
جي اڳوڻي
نالي
جو ڪو پتو
ڪونهي.
مسلمان ٿيڻ
کانپوءِ البته
سندن
نالو شيخ
غلام
رسول رکيو
ويو
هو.
اوهان
جي
والد کي
ڊاڪٽري
ڪنهن پڙهائي_
شادي
ڪنهن
ڪرائي؟
ڪو
پتو
ڪونهي
ته بابا
ڊاڪٽر
ڪيئن
ٿيو؟
خدا
ڄاڻي
اُن وقت
اُن
علم پڙهڻ
جو
طريقئه ڪار ڇا هو؟
ممڪن
آهي
ڪنهن مهربان
شخص
کين
اهڙي ڪا
ڊپلوما
ڪرائي هجي.
بابا
جي پيدائش
ته
هيرآباد، حيدرآباد
جي
هئي. پر
زندگيءَ جي
رولڙن
کانپوءِ هن
خيرپور ميرس
۾
ئي
رهڻ پسند
ڪيو.
اُتي
ئي کيس
ڪنهن صلاح
ڏني
ته
سنڌ جي
مسلمانن مان
ته
تنهنجي شادي
ٿيندي
ڪونه....
مشرقي پنجاب
جي
شهر
”لڌيانه“ جي
هڪ
يتيم
ڇوڪري آهي.
”شاهه
بيگم“ ان
سان
شادي
ڪرين ته،
تنهنجو گهر
آباد
ڪريون.
خير
....
بابا
جي
پوسٽنگ جن
ڏينهن
۾
گمبٽ
۾
هئي. تن
ڏينهن
۾
ئي
اتي جي
گورنمينٽ هاسپيٽل
جي
سرڪاري گهر
۾
حفيظ
جنم ورتو
هو.
اسان جو
ننڍپڻ گهڻو
ڪري
گمبٽ
جي سرڪاري
اسپتال اڳيان
راند
روند
ڪندي گذريو
هو.
اسپتال اڳيان
وڏو
گرائونڊ هو. پوءِ
ٿورو
پرڀرو فقيرن
جو
پِڙ هو.
ٻئي
پاسي
”ڪورين
جو پاڙو“
هو.
ڇا اُتي
جا
سڀ پنڌ
پيچرا اوهان
جي
ذهن ۾ محفوظ آهن
جن
تي گڏجي
ڪڏهن
اوهان ۽ حفيظ
پنڌ
ڪيا
هئا؟
ٿورا
ٿورا
ئي
ياد آهن.
هڪ
ته، جڏهن
اسان
اتان شفٽ
ٿياسين
ته
مان
ڪافي ننڍي
هئس.
۽
ٻيو
ته گهر
مان
به گهٽ
نڪرندي هئس.
ها،
ايترو ياد
اٿم
ته، ڳوٺ وانگر
ماحول هو.
اسپتال
ڀرسان ئي
اسان
جو گهر
هو.
گهر جي
اڳيان وڏو
ميدان هو.
جنهن
۾
سڄو
ڏينهن ڌوڙ جا
واچوڙا اُڏامندا
رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن
گهر
جي دريءَ
۾
بيهي
ڏسندي
رهندي هيس
ته،
اُن ميدان
تان
وڏيون وڏيون
گهيريدار شلوارون
۽
ڊگهيون
ڊگهيون
قميصون پاتل
شخص،
ڪُلهن
تي پوتڙا
رکي،
هٿ ۾
ڇليون
کڻي، مٿي
تي
ڀري
بار رکيو،
الائي
ڪيڏانهن ايندا
ويندا رهندا
هئا.
گمبٽ ۾ غربت،
افلاس، عجب
افسردگيءَ جواهو
ڏيک
حفيظ
جي مشاهدي
۾
به
هو. مان
سمجهان ٿي، اڳتي
هلي
حفيظ زندگي
گذارڻ ۽ اُن
کي
سنوارڻ لاءِ
جنهن
آدرش جو
انتخاب
ڪيو، اُن
جي
پس منظر
۾
گمبٽ
جي ان
ننڍپڻ واري
مشاهدي جو
به
وڏو هٿ
هو.
لکڻ
ڏانهن
حفيظ
جو لاڙو،
اوهان جي
خيال
۾
ڪيئن
ٿيو؟
اهو
شايد
ٻاهرين ماحول
۽
سنگت
مان
ڪٿان هن
کي
رستو
هٿ آيو.
ڪتاب
بيشڪ
اسان جي
گهر
۾
ايندا ۽ پڙهيا
ويندا هئا.
خاص
ڪري
وڏا
ڀائر
ڪتاب خريد
ڪري
ايندا هئا
۽
انهن
جو مطالعو
ويٺا
ڪندا
هئا. بابي
کي
اهڙو
ڪو
به شوق
ڪونه
هو،
جو هُن
کي
پڙهڻ
لاءِ وقت
هو
به
ڪونه. هونئن
حفيظ
ننڍپڻ کان ئي
Creative
هو.
عجب عجب
شرارتون
ڪرڻ، ننڍين
ننڍين،
ڳالهين تي
وڙهڻ، سک
سان
نه ويهڻ،
هُن
جي هابي
هئا.
گهر جو
ماحُول هڪ
ته،
مذهبي هو،
ٻيو
بابا
سخت مزاج
۽
امڙ
هاءِ بلڊ
پريشر جي
پيشنٽ. نتيجي
۾
حفيظ
پنهنجي
Creativeشرارتن
سبب
جهڙوڪ
Neglected Child
بنجندو
ويو
۽
آخرڪار گهران
ڀڄي
جان
ڇڏايائين
۽
وڃي فوج
۾
ڀرتي
ٿيو.
شايد
انهن ئي
ڏينهن
۾
ڪنهن
نجومي، هٿ
ڏسي
کيس
چيو
هو.
”ٻچا!
تعليم
تنهنجي قسمت
۾
ئي
ڪانهي“.
تڏهن
نجومي کي چئلينج
ڪندي
چيائينس ”هٿ جي
لڪيرن ۾ تعليم
هجي
نه
هجي،
مان پڙهي
ڏيکارينديس.“
اُن
کانپوءِ
ته، فوج
ڇڏي،
اڌ
۾
ڇڏيل
تعليم جو
سلسلو فقط
ٻيهر
شروع
ڪيائين،
پر ايم
اي
صحافت تائين
وڃي
پهتو ۽ ان
بنياد تي
اعليٰ عهدو
به
ماڻيائين. حفيظ
جي
اها جدوجهد
جيڪا
ميٺارام هاسٽل
ڪراچيءَ
کان
شروع
ٿي،
سا پنجاب
يونيورسٽيءَ تائين
وڃي
پهتي، ۽ دراصل
اها
هڪ تن
تنها
۽
پُرعزم مزدور
ماڻهوءَ جي
به
جدوجهد هئي،
جنهن
نيٺ پنهجي
منزل
وڃي ماڻي.
جن
ڏينهن
۾
اوهان
ڪراچيءَ جي
رقيه
۽
پوءِ ڌني رام
بلڊنگ ۾ ۽ حفيظ
ميٺارام هاسٽل
۾
رهندو هو.
ڇا
حفيظ
جو اچڻ
وڃڻ
اوهان وٽ
رهندو هو؟
منهنجي ۽ وڏي
ڀيڻ
ادي
رشيده جي
حفيظ
سان گهڻي
دوستي هوندي
هئي.
باقي جيڪا
اسان
جي وڏي
ڀيڻ
هئي،
اها هن
سان
ڪونه
ڳالهائيندي
هئي. خاص
ڪري
مسز
ايم اي_
عالماڻيءَ جي
ته
وري اها
عادت
آهي ته
اها
هر وقت
ڪنهن
نه
ڪنهن
کي
نصيحت
ڪندي رهندي
آهي.
ظاهر آهي،
حفيظ
هن کان ننڍو
هو
۽
جڏهن هن
کي
حفيظ
جي
ڪميونسٽ ٿيڻ ۽ ٻين ڪن حرڪتن
جي
خبر پوندي
هئي
ته، هُو
کيس
ڏسڻ
سان
ٻيو
ڪجهه
نه ته،
نصيحتون ته
ضرور
ڪندي
هئي.
جيتري قدر
اسان
وٽ حفيظ
جي
اچڻ وڃڻ
جو
تعلق آهي
ته،
اسان
ڀينرن جون
شاديون
ڌارين ۾ ٿيل آهن.
ان
ڪري
انهن جي
گهر
ن ۾ حفيظ
جو
گهڻو اچڻ
وڃڻ
اسين پسند
به
ڪونه
ڪندا
هئاسين. ۽ اهو
ان
ڪير
به جو،
ڀيڻيوا
هڪ
ته اسان
کي
سنڀالين ٻيو اسان
جي
بيمار ماءُ
جي
سار سنڀال
لهن... مٿان
حفيظ
جون فرمائشون،
سو
ان ڪري نه
چاهيندا هئاسين
ته،
حفيظ اسان
جي
گهرن ۾ ڪا مداخلت
ڪري
۽
حجت
وڌائي.
ڪهڙيون فرمائشون
ڪندو
هو
حفيظ؟
جنهن
ڏينهن
اتفاق سان
آيو،
عذاب ٿي پوندو
هو.
چوندو ته
چانهه پياريو
۽
چانهه پيئندي
مسلسل سگريٽ
ساڙيندو رهندو
هو.
اول ته
ڪراچيءَ
جي
جنهن گهر
۾
هو
اسان وٽ
ايندو هو،
اُهو
اسان جو
ڪونه
هو.
وڏي
ڀيڻيوي جو
هو.
بابا ته1946ع
۾
ئي
گذاري ويو
هو.
ان
کانپوءِ اسان
جو
سمورو بار
ڀيڻيونَ
تي
هو. سو
ان
ڪري
پرائي گهر
۾
اچي
مسلسل چانهه
جي
فرمائش سبب
بيزار ٿي، اسين
کيس
ڀڄائي
ڪڍنديون
هيونسين.
اڇا!
سگريٽ
ڪهڙا پيئندو
هو؟
حفيظ
ڏاڍو
چَين سمِوڪر
هو.
شروع ۾ ڪي ٽو سگريٽ،
پاسنگ شو،
پن
جون
ٻيڙيون ۽ پيلو
هاٿي
وغيره جهڙا
سادا
سگريٽ، ننڍي
هوندي ۽ ميٺارام
هاسٽل ۾ رهڻ
وارن
ڏينهن
۾
پيئندو هو.
اُن
کانپوءِ
جڏهن سٺي
نوڪريءَ ۾ آيو
ته،
مون هن
جي
هٿ ۾ فائيو
فائيو فائيو
جي
سگريٽن جو
ٽِن
به
ڏٺو
هو.
روبرو
ڏسڻ
۾
حفيظ
جي چهري
جا
نقش
ڪيئن هئا؟
صحيح
هئا. بدصورت
بهرحال
ڪونه هو.
ڀاءُ
هو
ان ڪري مان
ته
چونديس ته
هو
سٺو هو.
باقي
جيڪڏهن ادا
بشير
سان مقابلو
ڪنديس
ته،
مقابلتاً، حفيظ،
ادا
بشير کان شڪل
شبيهه ۽ قد
بدن
۾
گهٽ هو.
قد
ڪيترو
هئس؟
وچولو هو.
ڀلا بدن؟
بدن
۾
ويڪرو هو.
آواز؟
بلڪل
فري انداز
۾
ڳالهائيندو
هو
۽
سندس آواز
ڪنن
کي
وڻندو به
هو.
نهايت خلوص
۽
پنهنجائپ سان
مخاطب
ٿيندو هو.
(بيدل
مسرور
ٻڌايو ته،
سندس
آواز ريڊيو
جي
پُراڻي انائونسر
۽
پروڊيوسر اقبال
جعفريءَ جي
آواز
سان ملندڙ
جلندڙ هو)
ڪاوڙ
۽
جوش
البته ۾، ۽ البته
زور
سان
ڳالهائيندو هو.
ڀلا
ڪڏهن اوهان
ڀيڻن
سان
تيز ٿي
ڳالهايائين؟
نه_
بلڪل
نه. اسين
ڀيڻون
وڙهنديون هيونسينس.
پر
پاڻ
ڪڏهن به
نه
وڙهيو. چپ
چاپ
ويٺو
ٻُڌندو هو
۽
ٻڌي
ماٺ
ميٺ ۾ اُٿي
ٻاهر
هليو
ويندو هو.
موڊ
سٺوهوندو هئس
ته،
اسان جي
ست
سُرين تي
ڪنڌ
جهڪائي چپن
۾
ويٺو
مُشڪندو هو.
ڊريسز
ڪهڙيون پائيندو
هو؟
پينٽ
شرٽ ۽ شلوار
قميص،
ٻنهي لباسن
۾
مون
کين
عام جام
ڏٺو.
ڪراچيءَ
جي
زماني ۾ جڏهن
ميٺارام هاسٽل
۾
رهندو هو،
تڏهن
البته پينٽ
شرٽ
گهڻو پائيندو
هو.
جڏهن فيملي
پلاننگ ۾ آفيسر
ٿيو
ته
هُن وٽ
بي
انتها
ڪپڙا هوندا
هئا.
شلوار قميص
۽
پيٽ
شرٽ به.
ڪپڙن
سنڀالڻ جو
البته هُن
وٽ
شعور
ڪونه هوندو
هو.
اُهي هوندا
هئا
نوڪرن جي
بلي.
سو هيڏانهن
هوڏانهن
ٿيندا رهندا
هئا.
پنهنجي سامان
۽
ڪپڙن
جي
گهڻو ڪري ماڻهو
جيئن
سنڀال
ڪندا آهن،
ادا
حفيظ نه
ڪندو
هو.
سڀاءُ
ڪهڙو
هوندو هئس؟
دوستن وانگر
فرينڪ _
سنجيده نه
هو.
مان جيتوڻيڪ
هُن
کان
اٺ سال
ننڍي
هئس، پر
ڪاوڙ
اچي
وئي ته
ڌڙڪا
به
ڏيندي
هئيمانس. ۽ هو
ايڏو
فراخدل انسان
هو،
جو مائنڊ
بلڪل
نه
ڪندو هو.
(بيدل
مسرور
ٻڌايو پئي
ته،
حفيظ، هر
دلعزيز ماڻهن
وانگر ورتاءُ
ڪندو
هو.
جي
ڪنهن دوست
سان
فرينڪ آهي
ته
پيار مان
مزيدار گاريون
به
ڏيندو
هئس ۽ اهو
به
خيال نه
ڪندو
هو
ته، اُن
وقت
هُو ٿري پيس
پايو
ٻيٺو
آهي. ۽ جن
ڏينهن
۾
جيڪب
آباد ۾ پوسٽنگ
هوندي هئس
ته،
گرمين ۾ ڀنگ به
پيئندو هو
۽
جي
ڪو
ان حالت
۾
دروازي تي
Knock
ڪندو
هو
ته، شرٽ
۽
انڊر
وريئر سان
ئي
ٻاهر
نڪري ايندو
هو.
سڀاءَ ۾ نهايت
ٽوڻي
باز
هو. هميشه
کلندو
رهندو هو.
اکين
جي هيٺان
وارا
دائرا،
ٿورا اُڀريل
هئس.
لڳندو هو،
چوڻ
لاءِ
ڪجهه سوچي
پيو.
ان ڪري
ٻُڌندڙ جو
توجهه هر
وقت
ڏانهس
رهندو هو
ته،
شايد ڪا
ڳالهه ٿو
ٻڌائي).
حفيظ
جي
شادي ايڏو
دير
سان ڇو ٿي؟ ۽ اُها
به
وفات کان هڪ
سال
اڳ_ ڇو؟
حفيظ
جي شادي
دير
سان ٿيڻ جا
ڪئي
سبب
هئا. هڪ
ته
شروع ۾ هن
وٽ
نه پئسو
هو،
نه روزگار.
هڪ
ته غريب ماڻهون
ٻيو
ڪميونسٽ
سوچون......
جڏهن
پاڻ فيملي
پلاننگ ۾ آفيسر
ٿيو
ته
اسان جي
ڀيڻيوي
۽
مشهور ليکڪ
ادا
ايم اي
عالماڻيءَ جيڪو
لاهور ۾ سروس
ڪندو
هو.
مشرق اخبار
۾
حفيظ
جا پار
پتا
۽
نوڪري وغيره
ڄاڻائي،
سندس
رشتي لاءِ
اشتهار ڏنو هو.
چؤڌاري خط،
فوٽا
۽
پيغام پهچڻ
شروع
ٿي
ويا. پنجاب
جي
اُنهن رشتن
مان
پوءِ، مس
مس
جيڪو رشتو
حفيظ
کي
پسند آيو.
بدقمستي سان
اُتي
وري حفيظ
کي
اهو
چئي رِفيوز
ڪيو
ويو
ته،
ڇوڪريءَ جي
پيٽ
۾
ته
ڪلام پاڪ
جا
ٽيهه
سيپارا آهن،
جڏهن
ته حفيظ
جي
پيٽ ۾، ته
هڪ
سيپارو به
ڪونهي.
ڀلا پوءِ
حفيظ
جي شادي
آخر
ٿي
ڪيئن؟
جڏهن
ملتان جي
پاسي
هُن جي
پوسٽنگ ٿي، تڏهن
ڊيره
غازي
خان جي
سرائيڪي اسپيڪنگ
ليڊي
هيلٿ وزيٽرس
سان
سندس انڊراسٽينڊنگ
ٿي
وئي
هئي ۽ آخرڪار
نڪاح
وجهي گڏ
رهڻ
لڳا.
ان
شادي
کانپوءِ
اوهان سان
ڪڏهن
۽
ڪيئن
ملاقات
ٿيس؟
ادي
خديجه شيخ
کلندي
ٻڌايو:
حفيظ
جا انداز
زماني جهڙا
نه
هئا. هو
مون
وٽ اڪثر
رات
جو ايندو
هو
۽
اُها به
شايد
ٽين
يا چوٿين
جنوري1971ع جي
ڳالهه
آهي.
اڌ رات
جو
حفيظ پنهنجي
زال
کي
گڏ وٺي
اچي،
مون وٽ
پهتو. الائي
ڪيتريون
ٻڪريون
۽
هڪ
عدد ڪتو به
ساڻ
وٺيو آيو
هو.
ان وقت
منهنجو حيدرآباد
وارو
گهر صرف
ٻن
ڪمرن
تي
مشتمل هو.
هاڻي
ڪتو،
ٻڪريون
پاڻ ۽ سندس
زال
اُنهن ۾ سمائجن
ته
آخر
ڪيئن؟ ياد
اٿم،
جنهن ان اَٽالي
سان
اندر گهر
۾
داخل
ٿيو
پئي ته،
منهنجي حيرت
ڀرين
اکين
۾
نهاريندي،
کلندي پاڻ
سان
آندل شين
سان
منهنجو تعارف
اجهو
هيئن
ڪرايائين. هي
ڪُتو
اٿئي، هُو
ٻڪريون
۽
هيءَ
اٿئي منهنجي
ڪنوار
ڪلثوم.
مون
کان
رڙ نڪري
وئي.
سچ
ادا حفيظ؟
چيائين_ ها
سچ
خديجه. تڏهن
مان
پاڻ ۽
ڀاڀي
ڪلثوم سپ
کلي
پيا
هئاسين.
اڇا
شاديءَ کان اڳ
حفيظ
جا روشن
مغل
سان ڪي رومينٽڪ
ٽرمس
هئا
ڇا؟
اهو
بس ڪو لاڳاپو
ئي
هو. پوءِ
چاهي
ان کي دوستي
چئو
يا رهاڻيون.....
عشق
نٿو
چئي سگهجي
ڇا
ان
کي؟
مان
نٿي چئي
سگهان جو،
هو
اُن وقت
ننڍو
هو ۽ شاگرد
هو.
ٻيو
ته روشن
مغل
هڪ بيمار
عورت
هئي. ۽ حفيظ
هن
جي عيادت
۽
خدمت
لاءِ ويندو
رهندو هو.
روشن
بيماريءَ مان
سگهي
ٿي
نه سگهي
۽
نيٺ
گذاري وئي.
هوءَ
پنهنجي زماني
جي
نهايت روشن
خيال
عورت هئي
۽
جيتري قدر
مون
کي
خبرآهي، هوءَ
کلندي
به
هئي.
اوهان
ڀلا
ڪڏهن
روشن
کي
ڏٺو
هو؟
نه
ڪڏهن
به نه.
ها
فوٽا ڏٺا هئم
ان
جا ۽ اهي
به
شاگرد رسالي
۾
ان
وقت
ڏٺم، جڏهن
هوءَ
گذاري چُڪي
هئي.
ڀاڀي
ڪلثوم کي حفيظ
مان
ڪو
اولاد
ٿيو؟
حفيظ
جي وفات
کان
ترت
پوءِ، پٽ
ڄائو
هئس.
پر اُهو
ٻار
پيدائشي ذهني
طرح
مفلوج هو.
ڊاڪٽرن
ٻڌايو
ته،
ويهن سالن
جي
ڄمار
تائين پهچندي
پهچندي مري
ويندو.
هاڻي
ڪهڙن
حالن
۾
آهي؟
ٻه
چار
سال کن ٿيا جو
انتقال ٿي ويو
اٿس.
نالو
ڇا
هو
اُن جو....
احمد
شهباز
ڀاڀي
”ڪلثوم حفيظ“
ڪٿي
آهي
اڄڪلهه؟
حفيظ
جي وفات
کانپوءِ،
هوءَ
پٽ کڻي واپس
پنهنجي شهر
ڊيره
غازي
خان هلي
وئي
هئي. احمد
شهباز جي
وفات
کانپوء،
هن تازو
ٻيو
حق
ڪري
ورتو آهي.
حفيظ
جي
گهريلو زندگي
بابت
اوهان جو
مشاهدو؟
هڪ
دفعو وري
وضاحت
ڪريان ته،
هُن
جي ڪا گهريلو
لائيف هئي
ئي
ڪانه.
شادي ڪري هو
اتي
ئي رهيو،
جيڪا
سندس آفيس
هئي.
شاديءَ
کانپوءِ هُن
زال
کي
ڪڏهن
به آفيس
۾
ڪونه
ڇڏيو.
اتي
گهر ۾ ئي
ڪم
ڏئي
ڇڏيندو
هئس.
جڏهن سندس
بدلي
سکر ۾ ٿي ته،
هن
سکر ويجهو
اسان
جي خانداني
زمين
جا ٻه ٽي ايڪڙ
وڃي
سنڀاليا ۽ اُتي
ڀونگي
اڏي
زال سوڌو
وڃي
رهڻ لڳو.
هڪ
دفعي حفيظ
سان
ان
ڳالهه تي
به
جهيڙو
ڪيم. چيومانس:
زال
کي
ڪٿي
اتي ويراني
۾
وٺيو
وَيٺو آهين؟
هر
قسم جا
ماڻهو تو
وٽ
اتي ايندا
۽
ويندا هوندا
۽
اهو
ڪنهن
به حالت
۾
سٺو
نٿو لڳي...
بهرحال ان
کانپوءِ
سندس
بدلي جيڪب
آباد
ٿي
ته، اتان
به
ٻئي
زال مڙس
ان
زمين
ٽڪري تي
ايندا ويندا
رهندا هئا.
اها
زمين
حفيظ
ڪٿان آندي
هئي؟
بابا
جي ورتل
هئي.
ڪيترا ايڪڙ
هئي؟
شايد
چار يا
پنج
ايڪڙ
هاڻي
ڪنهن
وٽ
آهي؟
ادا
بشير تازو
وڪڻي
ڇڏي
آهي.
وفات
کان
ڪيترو
وقت
اڳ اوهان
جي
ساڻس آخري ملاقات
ٿي
هئي؟
وفات
کان
صرف ٻه
ڏينهن اڳ
هو
حيدرآباد آيو
هو.
بلڪل فٽ
هو.
خبر
ڪانه هئي
ته
ساڻس آخري
دفعو
پئي ملان.
هميشه
ڪنهن نه
ڪنهن
ڳالهه
تي
وڙهندا رهندا
هئاسين ۽ ان
ڏينهن
به
مان هن
سان
اٽڪي پئي
هُيس.
ڇا تي؟
عام
طور تي
جيئن
هڪ
ڀاءُ مان
Expect
ڪبو
آهي
ته،
ڪجهه گهرائي،
ڏئي
وٺي.۽ ان
ڏينهن
به
تڪرار ان
تي
ئي
ٿيو، ته
تو
ڪڏهن
ڪجهه
ناهي
ڪيو. ذميداريون
ڪونه
ٿو
محسوس
ڪرين تون.
فضول
آهين تون_
وغيره وغيره.
ڀلا بقول
اوهان جي،
آخري
ڏينهِن
۾
هن چڱو
ڪمايو
هو
ته، ڇا اوهان
کي
اُن
مان
ڪجهه نه
ڏيندو
هو؟
گهريلو جيڪي
آداب
ٿيندا
آهن، حفيظ
انهن
مان
ڄاڻندو ئي
ڪين
هو.
ڇو
ته هو
گهريلو قسم
جو
بندو هوئي
ڪونه.
بس
جيڪڏهن موڊ
ٿيس
ته
ٻارن
لاءِ
ٽافيون وغيره
وٺي
ايندو هو
۽
بس!
چون
ٿا
وفات
کان
ڪجهه
وقت اڳ
ذهني
طرح پريشان
لڳندو هو؟
(ان
جو
جواب منهنجي
ڀرسان
ايم
اي عالماڻي
صاحب
ڏيندي
چيو•پريشان ڇو رهندو؟
ها_
هو پاڻ
پريشان
ڪونه هو.
پر
هُن جا
جيڪي
ارادا هئا،
اهي
بغاوت وارا
هئا.
هُن کي پوري
ماحول کان نفرت
هئي.
هُن ڪرڻ
ڪجهه ٿي چاهيو
۽
ٿي
هن
کان
ڪجهه
ٻيو
رهيو هو.
هن
چاهيو پئي
ته
نوڪريءَ مان
ڪجهه
پئسا
گڏ ڪري پنهنجي
اخبار
ڪڍان، افسوس
سندس
خواهش اڌوري
رهجي
وئي.
ايڏو
Healthy
۽ Fit
ماڻهو،
صرف
ٻائيتاليهه سالن
جي
ڄمار
۾
ڪيئن
۽
ڇو
گذاري ويو؟
اهو
سوال به
مون
عالماڻي صاحب
کان
ئي
ڪيو.1
هڪڙو
ماڻهو هوندو
آهي
نه مرزا
صاحب
.....!
جيڪو
ڀرپور،
فاسٽ ۽ جدوجهد
سان
پُر زندگي
گذاريندو آهي،
اُن
جو انجام
ائين
ئي
ٿيندو آهي.
اوچتو ۽
ڌوڏي
ڇڏيندڙ............
ڇا اها
ڪا،
خودڪشي ته
ڪانه
هئي؟
چئي
نٿو سگهجي.
حفيظ
جو مڙهه
جڏهن
تدفين لاءِ
خيرپور مان
حيدرآباد آندو
ويو
ته، هن
جي
نڪ مان
بليڊنگ جاري
هئي.
ممڪن آهي،
کيس
زهر
ڏنو
ويو هجي.
ممڪن
آهي ته
ڪنهن
زهريلي شئي
چڪ
پاتو هجيس،
يا
شايد اها
بليڊنگ هارٽ
اٽيڪ
باعث هجي....
ڪجهه
چئي
نٿو سگهجي.
هاڻي
مون
ادي خديجه
کان
پڇيو:
آخري
ملاقات وقت
موڊ
ڪيئن
هئس؟
اُن
وقت ته
نارمل هو.
پر
ان کان
ٿورو اڳ
ڀانيان
ٿي،
شايد
شاديءَ کان اڳ
جي
ڳالهه
آهي. الائي ڇو گهڻو
اداس
رهندو هو.
سمجهيم ته،
ادبي
دوستن سان
متان
ڪا
ناراضگي اٿس،
ان
ڪري
اڪيلو اڪيلو
پيو
رهي. اڇا!
مان
ته ايئن
به
سمجهيو پئي
ته،
سڄي زندگي
ته
هن وٽ
پئسو
هو
ڪونه..... متان
هاڻي
پئسن جوڙڻ
۽
ڪمائڻ
جي
ڪري
ادب ۽ اديبن
کان
پري
ٿي
ويو آهي.
ڪن
حلقن
مان پتو
پيم
ته، منهنجي
اها
سوچ صحيح
ڪانه
هئي.
هُن جا
واقعي به
دوستن سان
ڪن
مسئلن تي
سيرئس اختلاف
ٿي
ويا
هئا. اُهي
اختلاف
ڪهڙن مسئلن
بابت
هئا. اُهي
هاڻي
مون کي ياد
ڪونه
آهن.
پر ايترو
ضرور
ياد اٿم
ته
دوستن کان دوريءَ
سبب،
هو
ڪافي سيرئس
۽
گهڻو
اداس رهندو
هو
۽
منهنجي ڄاڻ مطابق
وفات
کان
ڪجهه
سال اڳ
دوستن کان
ڪٽجي وڃڻ
۽
شاديءَ
کانپوءِ گوشه
نشين
ٿي
وڃڻ سبب،
هن
ڪهاڻيون
لکڻ وارو
شوق
به جهڙوڪر
ترڪ
ڪري
ڇڏيو
هو. مون
کي
خبر
نٿي پوي
ته،
هن ائين
ڇو
ڪيو
۽
صرف
ٻائيتاليهن
سالن جي
ڄمار
۾
پنهنجي زندگيءَ
تان
هٿ کڻي ويٺو.
اها
ادا حفيظ
جي
وڃڻ جي
عمر
ڪانه
هئي، اڃان
ته
هن کي جيئڻ
گهربو هو.
حفيظ
صاحب، پنهنجي
زندگيءَ ۾ جيڪا
وڏي
ادبي حيثيت
ماڻي
ورتي هئي،
ان
کي
اوهين
ڪهڙي نظر
سان
ڏسو
ٿا،
اهو سوال
مون
عالماڻي صاحب
کان
ڪيو.
چيائين:
جيتوڻيڪ
حفيظ
عملً ۽ فطرت
ڪميونسٽ
بلاڪ
سان
ڪمنٽمينٽ يا
همدردي رکندڙ
ليکڪ
هو.
پر
هن پنهجي
ادبي
حيثيت محض
ڪنهن
گروهه، يا
ڪنهن
گروپ
جي سهڪار
۽
واهه
واهه جي
نتيجي ۾
ڪونه ماڻي
هئي.
هن پنهنجي
ادبي
حيثيت هڪ
جفاڪش اديب
وانگر جاکوڙ
ڪري
حاصل
ڪئي
هئي. هو
پنهنجي وجود
۾
اناپرست ۽
ڌڳندڙ چڻنگ
سمان
ليکڪ هو.
ادب
۾
هو هڪ
باغي
شخص هو
۽
ڏٺو
وڃي
ته، بنان
بغاوت جي
سٺي
ادب جي
سرجنا، اڻٽر
به
هوندي آهي.
ابتدا ۾ شخصي
زندگيءَ جي
حوالي سان،
حفيظ
هڪ غريب
ماڻهو هو،
پر
پوءِ آهسته
آهسته سخت
محنت
۽
جاکوڙ سان
آخرڪار، هو
هڪ
”وائيٽ
ڪالر
مئن“ بنجي
ويو
هو. اوهان
مشاهدو
ڪندؤ ته
بلڪل
هن جي
شخصيت وانگر،
هن
جا
ڪردار به
زندگي کي بهتر
بنائڻ جا
خواب
ڏسڻ
سان گڏوگڏ،
ڀرپور
طرح
سان زنده
رهڻ
به چاهين
ٿا
۽
جيئن
به ٿا. ان
جو
ڪارڻ
اهو به
چئي
سگهجي ٿو ته،
هو
زندگيءَ جي
ڳالهه
۾
پاڻ
ڳهيو
هو ۽ ان
ڪري
ئي
هن جون
ڪهاڻيون
به
زندگيءَ کي
ڏاڍيون ويجهيون
آهن.
يا ائين
کڻي
چئجي
ته، هن
جون
ڪهاڻيون
زندگيءَ جي
ڌرتيءَ
مان
ئي ڦٽي نڪتل
آهن.
· برصغير جي
همعصر
ڪهاڻيڪارن جي
تناظر ۾ بطور
ڪهاڻيڪار،
اوهان حفيظ
لاءِ
ڇا
چوندؤ؟
عالماڻي صاحب
ٻڌايو:
حفيظ
نهايت تيز
پر
ذميداريءَ سان
لکندڙ ليکڪ
هو.
هن سان
هڪ
ٽرئجڊي
هئي ضرور ته
هن
جي شخصيت
مربوط
ڪانه هئي.
پر
اها راءِ
هن
جي
ڪهاڻين لاءِ
نٿي
ڏئي
سگهجي. هن
جو
لکيل ادب
هر
لحاظ کان يونيڪ
آهي.
ننڍي کنڊ جي
ڪهاڻيڪارن
مان،
هو منٽو
۽
ڪرشن
چندر
جو وڌيڪ
شائق
هو. پر
هن
جي
ڪهاڻي جا
ڏانوَ،
گورڪي، چيخوف
۽
ٻين
روسي
ليکڪن جي
تسلسل ۾ آهن.
حفيظ
پنهنجي انهن
پيش
روئن وانگر،
زندگيءَ جي
بند
دروازن پويان
جتي
جهاتيون پاتيون
آهن،
اتي منٽو
وانگر مڪروهه
مهانڊن تان
ماسڪ
به ڀڪي پٽي
لاٿا
آهن.
(انهن چهرن
۾
اُنهن ماڻهن
جا
چهرا به
آهن،
جيڪي تاريخ
جي
موڙ تي
اڄ
اهم ماڻهو
بنجي
چُڪا آهن)
حفيظ، نهايت
سمپل
اسلوب ۾ نهايت
گهرائي سان
ڳالهه
لکڻ
جو هنر
ڄاڻندڙ
افسانه نگار
هو.
ڪهاڻي
جي اَڻت
۾،
لفظن
جي گلڪاري
۽
ڦلڪاريءَ
بدران، هو
جذبي
جي تصوير
ڪشيءَ
تي
وڌيڪ زور
ڏيندو
هو.
۽
ان لاءِ
ڪوشش
ڪري
هن
پنهنجي
ڪهاڻيءَ جو
انداز بيان
سادو
چُوز ڪيو آهي.
اهڙو
انداز اختيار
ڪرڻ
جي
ڪري،
هُو_ هُئو
ته
جمال ابڙي،
غلام
رباني آگري
۽
اياز
قادري جو
همعصر، پر
حفيظ
جو اُنهن
سڀني
۾
اسلوب پنهنجو
هو،
بلڪل هن
جي
طبيعت ۽ شخصيت
وانگر، الڳ
ٿلڳ
۽
منفرد!
۽
بس
انهيءَ تي
ئي
حفيظ شيخ
بابت، سائين
ايم
اي عالماڻيءَ
۽
ادي
خديجه سان
مون
پنهنجي گفتگو
کي Wind-up
ڪيو.
کائن موڪلائي
ٻاهر
نڪتس
پئي ته،
بنگلي جي
ڪاريڊار
۾
چؤڌاري سامان
ٽکڙيو
پکڙيو پيو
هو.
سامان ۽
ڊانواڊول گهر
کي
ڏسندي،
ادي
خديجه اسان
کي
وري
گوشه گذار
ڪيو
ته،
حيدرآباد ۽ لطيف
آباد
وارن تازن
لساني فسادن
کانپوءِ،
مهاجر آباديءَ
۾
موجود پنهنجو
اُهو
عاليشيان بنگلو،
مهاجرن کي
ڀُڳڙن مَٺِ
تي
سيل ڪري ٻچن جا
سِر
بچائي
ڪنهن سنڌي
آباديءَ
ڏانهن شفٽ
ٿيڻ
جا
سانڀاها ڪري رهيا
آهيون. بنگلي
جو
گيٽ اُڪرندي،
مون
آخري
ڀيرو ان
گهر
تي نگاهه
وڌي.
سوچيم: ڇا زندگيءَ
۾
هن
گهر
ڏانهن
ٻيهر به
ڪڏهن
اچي
سگهنديس؟
....
وري
سوچيم:
ڀلا!
زندگيءَ
۾
هتي وري
ايندس به
ڇو!؟
ان
کانپوءِ
اسان کي
ڊراپ ڪرڻ لاءِ،
زاهد
دارا ابڙي
جي
گاڏي حيدرآباد
شهر
ڏانهن
ڊوڙندي
پئي وئي
.موت
چُپ چاپ
ڪار
جي
دري مان
ٻاهر
ڏٺو.
منهنجي ڄاڻ مطابق،
رستي
جي
ٻنهي پاسي
لطيف
جي نالي
تي
آباد وسنديءَ
جي
آس پاس
وارن
بنگلن تي
غير
سنڌي قابض
هئا.
مون دل ۾
چيو
۽
اسين سنڌي
پنهنجي وطن
۾
هوندي به،
جهڙا
بي گهر،
بي
وطن ۽ جلاوطن.
اچانگ ميئر
حيدرآباد ڪار
(وٿ
گارڊ) اسان
جي
گاڏيءَ کي
ڪراس
ڪيو..... هي
شهر
ڇا
هاڻي انهن
جوئي
آهي؟ مون
دلگير ٿي سوچيو...
ڪوئي
آڌيڪار ناهي
ان
تي هاڻي
اسان
جو؟ اوچتو
منهنجو اکين
۾
آلاڻ
پکڙجندي وئي.
ڇا
ڪڏهن
حفيظ
جي قبر_
ڪتبي
وانگر اسان
جو
وجود به
هن
شهر جي
ڌرتي
تان
گم ٿي وڃڻ
وارو
آهي. الاس.
الاس. الاس!........
اوچتو منهنجي
ذهن
۾
حفيظ جا،
ڪنهن
دوست
کي
خط ۾ لکيل
۽
غالباً ميراجيءَ
جا
ڪنهن
زماني ۾ چيل،
هي
لفظ پڙاجڻ
لڳا.
”ڪاش
اسان انسان
نه
هجون ها.
ديوتا بنجڻ
جي
ناڪام
ڪوشش نه
ڪريون
ها.
محض هڪ
تصوّر هجون
ها_ وقت هجون
ها،
هر شئيءَ
تي
مُحيط،
Dominate
، هر
شئي
تي تابع“
.......
۽
حفيظ
جي خط
۾
لکيل
انهن اکرن
کي
پڙهڻ
کان
پوءِ، مون
کي
اڄ
دلگير ٿي لکڻو
پيو
پوي ته:
افسوس
ڪابه شئي
حفيظ
جي تابع
ٿي
نه
سگهي. نه دوست،
نه
دوستيون، نه
ڀائر،
نه
ڀيڻون،
نه وقت،
نه
وقت جا
ننڍڙا ننڍڙا
لحما. ۽ هر
شئي
هن کان پلئه
بچائيندِي، سندس
ڀر
مان
چُپ چاپ
گذرندِي وئي
۽
آخرڪار هو
قبر
جي پاتال
۾
هيٺ
لهي ويو
۽
پويان ڇڏي ويو:
صرف
پنهنجي
ڪتبي لاءِ
هي
يادگار جملا
۽
بس!
جڏهن
روح جا
ريلا
ٺري
برف
ٿي
ويندا آهن،
تڏهن، نه
تو
تي ميار
نه
مون تي!
نصير
مرزا
حيدرآباد
1992
|