اديب
هو
اديب هو
۽
شاعر
پڻ. هن
جي
اديب ۽ شاعر
بنجڻ
۾
چاندڪا جو
وڏو
هٿ هو.
چاندڪا مجسم
معصوميت هئي.
اسڪول ۾ ئي
هڪ
ٻئي
سان وچڙي
ويا
هئا. هو
گيت
لکندو هو
۽
چاندڪا انهن
کي
ڳائيندي
هئي.
سندس گيتن
۾
درد
هو ۽ تنهن
سان
گڏ جوش.
جيئن
ڪنهن
پوريل دونهي
مان
رکي رکي
دونهي سان
گڏ
هلڪا هلڪا
آلا
اٿندا هجن.
هن
پوءِ افسانا
۽
ڪهاڻيون
لکڻ
شروع
ڪيون. ديون
۽
پرين
جون
ڪهاڻيون نه،
نڪي
وري شهزادن
۽
شهزادين جو
ڪهاڻيون،
بلڪ
هن جون
ڪهاڻيون
سچيون
ڪهاڻيون هيون.
روزانو گهٽين
۾
ڪنهن
مڪراني
ڇوڪري کي ڏسي يا
ڪنهن
شرابيءَ کي جهومندو
ڏسي
يا
وري
ڪنهن
ڪاري تئي
جهڙي
رنگ جي
ڇوڪريءَ
کي
ڏسي
هو
هڪ نه
هڪ
ڪهاڻي
لکڻ ويهي
رهندو هو
۽
لکي
اٿندو هو
ته
ائين سمجهندو
هو
ته ڄڻ جيڪي
لکيو
اٿس سو
پاڻ
اڳ ۾ ئي
ڏسي
آيو
آهي. لکڻ
جو
ڍنگ
اهڙو
هيس جو پڙهڻ وارو ”واه واه“ ڪرڻ ڌاران رهي ڪين
سگهندو هو ۽ چاندڪا جي
ته
ڳالهه ئي
ٻي
هئي.
هوءَ
ڪهاڻي پڙهي
کانئس
ئي
ٻڌي،
ڪا
گهڙي
ٽٻيءَ ۾ پئجي
ويندي هئي.
الائجي
ڪهڙا خيال
کيس
وڪوڙي ويندا
هئا.
ڪهاڻي
۾
ٻڌايل
دردن جي
دوا
سوچيندي سوچيندي
هن
جو مٿو
چڪرائجي ويندو
هو
۽
هوءَ
ٿڪجي ڪنڌ هيٺ
ڪري
ڇڏيندي
هئي.
ڪجهه
وقت
کانپوءِ هوءَ
جڏهن
ڪنڌ
کڻي
هن
ڏانهن نهاريندي
هئي
ته سندس
اکيون عقيدت
کان
جهڪيل هونديون
هيون. ڄڻ چوندي
هجي:
”توجس
لهڻي
...
تون
عظيم آهين.“
ويچاري سمجهندي
هئي
ته نه
رڳو
انهن حقيقتن
کي
انهن
ڪهاڻين
ذريعي پڙهندڙن
جي
ڌيان
تي ٿو آڻي
پر
وٽس انهن
جو
رد به
آهي.
انهن جو
علاج
به آهي...
۽
اهڙي
طرح معصوم
ملاقاتون ڦري عقيدت
۾
بدلجي ويون.
هو
خوش هو،
هن
جي خوشيءَ
جو
ڪو
دنگ ئي
ڪين
هو.
چاندڪا کي هن
دل
سان چاهيو
پئي
۽
اڄ چاندڪا
سندس
عقيدت ۾ گرفتار
هئي.
هن دنيا
کان
هُو
ٻيو
گهري ئي
ڇا
پئي
سگهيو؟ هڪ
عدد
چڱي شڪل
شبيهه جي
عورت. اهڙي
جيڪا
سندس حسن
جي
معيار جي لڳ
ڀڳ
پيهي. اهڙي
جهڙي
چاندڪا هئي.
سندس
يقين هو
ته
هڪ
ڏينهن هوءَ
سندس
ٿي
ويندي ۽ پوءِ
....
پوءِ
هن جي
خيال
موجب مسرت
ئي
مسرت هئي.
هو
حد کان وڌيڪ
جذباتي هو.
رستي
تي پکڙيل
حقيقتن کي جاچي،
هو
کين
ڪهاڻيءَ
جو رنگ
ته
ڏئي
سگهندو هو
يا
شعر جي
صورت
۾
ته سمائي
سگهندو هو
پر
هن جي
زندگيءَ بابت
ڪڏهن
به
ڪجهه
ويچاري ڪين سگهندو
هو.
اهي تلخ
حقيقتون جي
هو
ٻين
زندگين سان
ڳنڍيل
ڏسندو
هو
يا جن
کي
هو
پنهنجي
ڪهاڻين ۾ ظاهر
ڪندو
هو
تن جو
لاڳاپو هو
پنهنجي زندگيءَ
سان
ڪڏهن
به ڪين سمجهي
سگهيو هو.
”بس
چاندڪا ملندي
ته
ابدي مسرتن
سان
جهولي
ڀرجي ويندم“
هو
ڀڻ
ڀڻ
ڪندو
هو.
چاندڪا هن
آڏو
ايندي ئي
ڪنڌ
هيٺ
ڪري
ويهي رهندي
هئي.
عقيدت سبب
هن
ڪڏ
هن اکيون
کڻي
به
هن
ڏانهن ڪين نهاريو.
هو
ڳالهائيندو
رهندو ۽ هوءَ
ٻڌندي
رهندي هئي.
رکي
رکي هونڪي
ڀريندي
هلندي هئي.
اهڙي
طرح هو
پنهنجا خيال
ڪهاڻين
۾
پلٽيندو هلندو
هو
يا شعر
۾
سميٽيندو هو
۽
هوءَ
ٻڌندي
رهندي هئي.
چاندڪا جي
دل
۾
هن لاءِ
ڪڏهن
به
محبت جو
جذبو
ڪين
جاڳيو ۽ ازدواجي
زندگيءَ جي
رشتي
بابت ته
هوءَ
سوچي به
ڪين
پئي
سگهي. ڪٿي آڪاس
ڪٿي
ڌرتي،
ڪٿي
هو
۽
ڪٿي
هوءَ_ هوءَ
ته
بس انهيءَ
ٿورڙي
رشتي
تي ئي
قناعت پئي
ڪري
سگهي
۽
پوءِ آهستي
آهستي وقت
چاندڪا جي
اندر
۾
ويٺل عورت
بيدار ٿي. کيس جيون
ساٿي
جي ضرورت
محسوس ٿي ۽ هوءَ
پنهنجي آس
پاس
پنهنجي جيون
ساٿيءَ جي
تلاش
ڪرڻ
لڳي. وقت
ويو
پئي گذرندو
۽
چاندڪا جي
اندر
۾
ويٺل عورت
وئي
ٿي
بيتاب
ٿيندي. هوءَ
هن
بابت ته
ڪجهه
به
نٿي سوچي
سگهي. هن
لاءِ
هو هڪ
اديب
هو، هڪ
شاعر
هو، هڪ
عظيم
شخصيت هو،
اهڙو
جنهن آڏو
سر
نوڙائجي، اهڙو
جنهن
جي عبادت
ڪجي.
پوءِ
اهڙي شخصيت
بابت
هوءَ اهڙو
خيال
به
ڪيئن پئي
ڪري
سگهي، هڪ
نه
بخشڻ جوڳو
گناهه. چاندڪا
کي
ڏک
هو
ته رڳو
ايترو ته
هوءَ
سندس دنيا
۾
رهي
ڪين
پئي سگهي.
جيئن
ڪنهن
الڙ جوانڙيءَ
جي
اندر ۾ ماءُ
پيءُ
جي جدائي
جو
انديشو هورا
کورا
مچايو ويٺو
هجي.
هوءَ زندگيءَ
جي
سراب ۾ گرفتار
ٿيڻ
لاءِ
بيتاب هئي.
هن
اهو مڃيو
پئي
ته هن
دور
۾
زندگيءَ جون
خوشيون ميسر
ٿيڻ
ناممڪن آهن.
هن
اهو به
سمجهيو پئي
ته
جنهن شيءِ
ڏانهن
هوءَ
ڊوڙي
پئي سا
ناپائيدار آهي،
تڇ
جهڙي آهي،
پر
سندس اندر
۾
ويٺل
دل کيس بيچين
ڪري
ڇڏيو
هو.
وقت
گذرندو ويو،
چاندڪا جي
اندر
جي عورت
سندس
دماغ تي
ڇائجندي
وئي.
عقيدت جون
محفلون جَهڪيون
ٿينديون
ويون، هوءَ
بيچين نگاهن
سان
پنهنجي جيون
ساٿيءَ جي
تلاش
ڪري
رهي هئي،
دنيا
۾
ذري ذري
اتفاق ٿين ٿا، هنن
ٻن
جي
زندگيءَ ۾ به
اتفاقن جي
ڪمي
ڪانه
هئي،
پر هن
دفعي
وارو اتفاق
ٻنهي
جي
زندگيءَ تي
ڏاڍو
اثر
انداز
ٿيو. ڪن حالتن
سبب
هن کي چاندڪا
کان
وڇڙڻو پيو.
رزق
جي تلاش
۾
هو
دور ديس
ڏانهن
نڪري
ويو. ويندي
ويل
هن هنجون
هاريون جيئن
ڪو
پوڙهو زاهد
حج
تي وڃڻ
ويل
پنهنجن ٻچن سان
ملي
هنجون هاريندو
آهي.
گهٽ ۾ گهٽ
چاندڪا ته
سندس
ڳوڙهن
کي
اهوئي درجو
ڏنو.
هو
هليو ويو
ته
چاندڪا کي ڄڻ نجات
ملي_ هوءَ پوري
گرمجوشيءَ سان
پنهنجون جيون
ساٿي
ڳولهيندي
رهي ۽ نيٺ
هڪڙي
سان ڏيٺ ويٺ
وڌائڻ شروع
ڪيائين.
ٻنهي
سمجهيو پئي
ته
ڇا
ٿيڻ
وارو آهي.
ٻنهي
ڄاتو
پئي
ته منزل
ڪٿي
آهي
۽
اهڙي طرح
هي
ٻئي
نوان دوست
پنهنجي منزل
ڏانهن
وڌي
رهيا هئا.
پرديس مان
هن
خط لکڻ
شروع
ڪيا.
محبت سان
ڀريل
خط،
چاندڪا انهن
کي
پڙهندي رهي
هوءَ
خطن جا
جواب
ڏيندي
هئي مگر،
سندس
قلم ۾ اهو
زور
ڪٿي
هو. انهيءَ
کان
سواءِ هن
جو
اڌ
ڌيان پنهنجي
نئين
دنيا ۾ لڳل
هو.
آهستي آهستي
هن
جي خطن
جي
جواب ڏيڻ ۾
ڪوتاهي وڌندي
رهي
۽
ڪنهن
سمي مهينن
بعد
خطن جي
مٽا
سٽا
ٿيندي هئي.
پرديس ۾ ويهي
هن
چاندڪا جي
عشق
۽
محبت جون
ڪهاڻيون
ٻڌيون،
سندس
رقيب ساڻن
همدردي ڪرڻ لاءِ
ڊوڙيا.
نالي
خاطر همدرديون
هيون. دراصل مٿس ٺٺوليون ٿي ڪيائون. سندس مذاق ٿي اڏايائون ۽ هو خاموش
ٿي ٻڌندو رهيو.
هن
کي
ائين معلوم
پئي
ٿيو
ڄڻ
ساڻس
ڌوڪو ٿيو آهي.
ڄڻ
ڪنهن
کيس خوبصورت
رانديڪو
ڏيکاري کسي ورتو
آهي.
خطن رستي
هو
رڙيون
ڪندو رهيو.
ليلائيندو رهيو
۽
آزيون
ڪندو رهيو
پر
وريو
ڪجهه به
ڪين.
چاندڪا سندس
خطن
کي
عقيدت جي
گلن
سان سينگاري
سانڍي رکندي
وئي.
هن انهن
پوشيده دانهن
کي
پاڻ
ڏانهن
مخاطب ئي
ڪين
سمجهيو. هن
سمجهيو هي
سڀ
هڪ عظيم
آرٽسٽ جي اونهي ويچار جو نتيجو آهي. اهي خيال ايترا ته اونهاويل آهن
جو هوءَ انهن تائين
پهچي
ڪين
سگهندي. لفظ
ساڳيا هئا
ڳالهه
ساڳي
هئي پر
لکندڙ هڪ
مطلب
سان پئي
لکيو
۽
پڙهڻ واري
ٻيو
مطلب
پئي ورتو.
وڇوٽي وڌندي
پئي
وئي. ضرورتن
جو
تغاوت خيالن
جو
تفاوت پي
بنيو
۽
ذهني تضاد
دليون بي
وڇوڙيون. ٻئي
ڌڙڪندڙ دلين
سان
آئيندي جو
انتظار ڪري رهيا
هئا.
هوءَ پنهنجي
عقيدت جي
دنيا
لاءِ خيريت
پني
رهي هئي
۽
هي
پنهنجي محبت
جي
دنيا لاءِ
نيٺ
پرديس ۾ ويٺي
هن
ڪنهن
کان
ٻڌو
ته چاندڪا
شادي
ڪري
رهي آهي.
ڏينهن
اڌ
گذريو ته
کيس
دعوتنامو مليو.
دعوتنامي تي
هن
پنهنجي
ڪامياب رقيب
جو
نالو پڙهيو.
خيالن جي
دنيا
۾
گم ٿي ويو،
سمجهي ئي
ڪين
سگهيو ته
سندس
رقيب ۾ هو
ڇا،
جنهن
جي ٻل تي
هو
کانئس
چاندڪا ڦري ويو.
پوءِ
هن کي خيال
آيو
ته هي
سڀ
دوکو آهي،
دغا
آهي، فريب
آهي،
چاندڪا سندس
سهاري تي
ترقي
ڪئي،
تعليم حاصل
ڪئي
۽
هر
طرح سان
پاڻ
کي
دنيا جو
مقابلو ڪرڻ جوڳو
ٺاهيو
۽
اڄ
اهائي چاندڪا
سندس
احسانن کي
ٺڪرائي
ڪنهن ٻي جي
بڻجڻ
لاءِ وڃي
رهي
هئي.
”دوکو، فريب،
دغا“.
هن
رڙ
ڪئي.... ”ها مون
نئون
سبق سکيو،
هي
سڀ دغا
آهي.
دنيا دغا
جو
گهر آهي.
سڀ
فريبي آهن....“
چاندڪا به
ڪيئن
معصوم بنجي
دل
وس
ڪيائين؟ ۽
ڪيئن پوءِ
مطلب
نڪري وڃڻ
بعد
ٺڪرائي
هلي وئي؟...
”فريبي...
دوکيباز“ هو
پنهنجي منهن
ڳالهائيندو
رهيو.
شاديءَ جي
ڏينهن
چاندڪا هن
جو
ڏاڍو
انتظار
ڪيو. هن
ڀانيو،
هو
ايندو ۽ اچي
کيس
الوداع چوندو.
ائين
جيئن ڪو پيءُ
پنهنجي
ڌيءُ کي الوداع
چوندو آهي
يا
پيءُ جي
مري
وڃڻ بعد
وڏو
ڀاءُ
چوندو آهي.
مگر
هو
ڪونه آيو.
هوءَ
لڪي لڪي
گونگيون هنجون
هاريندي رهي.
ور
ور ڪري
ڪنهن نه
ڪنهن
بهاني سان
در
مان جهاتي
پائيندي رهي.
”اجهوآيو.
ڄاڻ
بس
هاڻي.... بس
هاڻي“ هوءَ
دل
ئي دل
۾
پاڻ
کي
پرچائيندي رهي.
پر
هو
ڪونه آيو.
هن
کي
الوداع چوڻ
به
ڪين
آيو. اها
رات
هن روئي
ڪاٽي.
هن
جو گهوٽ
ور
ور ڪري سندس
روئڻ
جو سبب
پڇندو رهيو
۽
هوءَ
هر دفعي
نٽائي وئي
۽
سهاڳ
جي پهرين
رات
سندن عقيدت
جي
پيرن ۾ ڀيٽ ٿي وئي.
چاندڪا جي
شاديءَ بعد
هو
نهايت اٻاڻڪو
ٿي
پيو
هو. هن
پرديس ۾ اچي
هڪ
گهر ورتو
هو
۽
آهستي آهستي
ان
گهر کي سينگارڻ
شروع
ڪيو
هئائين. هن
ڀانيو
هو
ته چاندڪا
ايندي تيسين
هي
گهر بدلجي
محل
ٿي
پوندو ۽ پوءِ
چاندڪا هن
۾
راڻي
بڻجي ايندي.
مگر
هاڻي جڏهن
هو
اداس هو
جڏهن
چاندڪا جي
شادي
ٿي
وئي. ڪي مهينا
هن
گهر ۾ دلچسپي
ئي
ڪانه
ورتي. صبح
جو
سويل هو
پنهنجي نوڪريءَ
تي
هليو ويندو
هو
۽
اتان اچي
هو
انگريزي شراب
جي
هڪ دڪان
تي
ويهندو هو
۽
جيسين دڪان
کليل
هوندو هو،
هو
اُتي ئي
ويٺو
رهندو هو
۽
شراب
پيئندو هو.
رات
لڙيئي هو
گهر
ورندو هو
۽
اچي
هنڌ ۾ ڪري پوندو.
هن
کي
دنيا ۾ جيئڻ
لاءِ
ڪو
سبب به
ڪين
پي
جڙيو. بس،
جي
رهيو هو.
جيئڻ
خاطر، فضول،
هن
جي دوستن
کيس
انهي
حالت ۾ ڏٺو ته
کيس
سمجهائڻ شروع
ڪيائين سندس
ئي
لکيل
ڪهاڻيون کيس پڙهي
ٻڌايائون.
کيس
انهن
دکن دردن
جي
ياد
ڏياريايون. جن
کان
متاثر ٿي هن
اهي
آکاڻيون لکيون
هيون.
ٻيون هزار
حقيقتون هن
اڳيان بيان
ڪيائون
۽
کيس
چيائون زندگي
ڏکن
۽
ارمانن جو
جهولو آهي
ان
کي
مڙسيءَ سان
منهن
ڏيڻ
گهرجي ۽ نه
زالن
جيئن روئڻ
ويهجي. دوستن
جي
سمجهائڻ تي
هن
مس مس
جان
جهلي، تڏهن
به
ڪيترا
مهينا هو
هڪ
آکاڻي به
ڪين
لکي
سگهيو. نڪي
وري
ڪو
شعر جوڙيائين.
انهيءَ وچ
۾
هن
جي گهر
جو
نقشو بدلجڻ
لڳو.
گلابي
ڳاڙها پردا
جي
هو چاندڪا
جي
رنگت جي
مشابهت جو
خيال
رکي تمام
مهانگا خريد
ڪري
آيو
هو، هن
سڀ
ڦاڙي
ڇڏيا
۽
انهن جي
جاءِ
تي بازار
مان
ڪارو
ڪپڙو
خريد ڪري ٻيا ردا
ٺهرائي
کڻي
آيو.
دريون در
تي
خير پر
هن
روشن دانن
کي
به
ڪارن
پردن سان
ڍڪي
ڇڏيو.
کيس
روشنيءَ کان چڙ
ٿي
پئي
هئي. چاندڪا
ته
روشني هئي،
گهٽ
۾
گهٽ سندس
نالي
جو مقصد
ته
اهوئي هو.
ان
ڪري
هن کي روشنيءَ
سان
نفرت هئي.
ڪارن
پردن
پٺيان هڪ
ڪنڊ
۾
ڀت
ڀر
مُنهن ڪري هو
ڪتاب
کڻي
ويهي
رهندو هو
۽
انهيءَ وچ
۾
چاندڪا جي
ياد
سندس دماغ
۾
هٿوڙا بڻجي
وڄندي رهندي
هئي.
هن جي
دل
۾
پراڻا ارمان
پاسا
ورائي وري
اسري
بيهندا هئا
۽
هو
بيچين ٿي پوندو
هو.
پنهنجي بيچيني
کي
دٻائڻ جي
هن
ڏاڍي
ڪوشش
ڪئي،
سندس آمدني
ٽيون
حصو
شراب جي
نذر
ٿيڻ
لڳي. مگر
دل
۾
پوريل ارمان
ڪڏهن
شراب
۾
به ٻڏا آهن
ڇا؟
بيچيني بدستور
قائم
رهي. تنگ
اچي
هن وري
لکڻ
شروع
ڪيو. هن
هڪ
ٻه
غزل لکيا،
چاندڪا جي
ياد
۾.
هن لکيا
درد
ڀريا،
پر پڙهڻ
وارن
لاءِ بي
سرور
راڳ. نالي
چڙهيو اديب
هو
ته غزل
ڇپجي
ويس.
سندس دوستن
پڙهيا ته
ڊوڙي
آيا
وٽس. ”هي ڇا لکيو
اٿئي؟
ڪهڙو ٿو غضب
ڪرين؟
ڇو
ٿو
ٻيڙو
ٻورين؟
بند
ڪر
لکڻ خدا
جي
واسطي.“ هن
جا
دوست واڪا
ڪري
چوڻ
لڳس. سندس
ڪاوڙ
۽
جوش
سندن چهرن
مان
پئي بکيو
۽
پوءِ
سڀ هڪ
هڪ
ڪري
اٿي ويا.
دوستن جي
اٿي
وڃڻ پڄاڻان
هو
اٿي پنهنجي
ڪارن
پردن
واري
ڪمري
ڏانهن هليو
ويو
۽
اتي ڀت ڏي رخ
ڪري،
ڪرسي
تي
ويهي، منهن
جهولي ۾ وجهي
سڏڪا
ڀرڻ لڳو.
هو
روئي رهيوهو،
جيئن
ڪو
ٻار
هجي. چاندڪا
جي
محبت جي
سهاري
ٺاهيل ادب
جو
بت اڄ
ٽڪرا
ٽڪرا
ٿي
سندس
پيرن ۾ پيو
هو.
سندس دوستن
کيس
ٻڌايو
هو
ته هاڻي
هو
اديب نه
رهيو
آهي، شاعر
نه
رهيو آهي.
هو
پاڻ بيشڪ
زنده
آهي، پر
منجهائنس اديب
۽
شاعر
مري ويو
آهي.
هو روئي
رهيو
هو.
ڪارن
پردن
پٺيان ويهي
هو
روئي رهيو
هو
۽
ٻاهر
دور سندس
نظر
کان دور
چاندڪا پنهنجي
عقيدت جي
دنيا
جي تباهيءَ
تي
روئي رهي
هئي،
ڄڻ
پورو ديس
روئي
رهيو هو،
ڄڻ
هزارين چاندڪائون
۽
هزارين اديب
روئي
رهيا هئا،
ڄڻ
هي
پوري فضا
هڪ
يڪو سڏڪو
بڻجي
پئي هئي.
ساگر
جي
لهرن
تي
شهر
جا سڀ
وڏا
وڏا
ڊاڪٽر اچي
شهباز خان
جي
جاءِ تي
ڪٺا
ٿيا
هيا
۽
شهباز خان
هر
هر وڦلي
ٿيو
اٿيو:
”ڊاڪٽر
صاحب!
ڪجهه
ڪيو--
ڪجهه
ڪيو--“
رکي
رکي هڪ
نه
ٻئي
ڊاڪٽر
هنڌ ۾ پيل
شادان جي
سيني
تي ساهه
تپاسڻي رکي
سندس
ڌيري
ڌيري
ڌڙڪندڙ
دل جي
آواز
ٻڌڻ
جي
ڪوشش ٿي ڪئي ۽ وري
ڪنڌ
هيٺ
ڪري
ڪجهه
ويچاريندو، پسار
ڪندو
ڪمري
جي
ٻيءَ
ڪنڊ
ڏانهن
سري ٿي ويو.
شادان پنهنجي
بستري تي
بيهوش پئي
هئي،
سندس پيءُ
شهباز خان
گهڙيءَ گهڙيءَ
ويچار ۾ پئجي
ٿي
ويو:
”جيڪر
اڳ
۾
انهيءَ
ڳالهه جو
خيال
ڪيان
ها.... ابوءِ!
هاڻي
ڇا
ٿيندو؟....
ويچاري
....
ڇوري ڇني!“
”مون
ڪجهه
نه
ڪيو....“ ۽ وري
ڊاڪٽرن
کي
ليلائڻ تي
لڳي
ويو.
شادان زهر
کاڌو
هو.
پنهنجي ماٽيجي
ماءُ
جي سورن
سختين کان تنگ
اچي
هن زهر
کاڌو
هو.
ويچاريندي رهي
هئي
ته
ڪڏهن اهو
ڏينهن
ايندو جو
ڏائڻ جهڙي
ماٽيجي ماءُ
مان
جند
ڇڏائي وڃي
پنهنجو گهر
وسائيندي. پنهنجي
گهر
بابت هن
انيڪ
ننڍا ننڍا
سپنا
ڏٺا
هئا ۽ خيالي
پلاءَ پچايا
هئائين. هن
سوچيو هو
هن
جو گهوٽ ڪنواٺ
جيڏو
قداور جوان
هوندو، جنهن
جا
نيڻ جوانيءَ
جي
نشي ۾ خماريل
هوندا، وار
ڪارا
ڪارا
بادل
هوندا، چنڊ
جهڙومکڙو ۽ موتين
جهڙا
ڏند
هوندا ۽ پوءِ
هن
جي ويچارن
تي
ويڏيءَ جي
رات
جو سمان
ڇانئجي
ويو
هو ۽ هن
جي
دل جي
ڌڪ
ڌڪ
تيز
ٿي
وئي هئي.
مٺڙا
مٺڙا ويچار،
مٺڙين مٺڙين
ڳالهين
جا.
ڪنوارين
نينگرين جو
ڏاج
۽
انهن
خيالن جو
ڪوٽ
اڀو
ٿيندو
ويو، اڀو
ٿيندو
ويو
تان جو
هڪ
ڏينهن
جڏهن شادان
دريءَ مان
جهاتي پائي
رهي
هئي ته
اوچتو نوڪرياڻيءَ
پٺيانس اچي
چيو:
”سانئڻ!
اهو
سامهون، ڪار وٽ
پستول سان
گهوٽ
بيٺو اٿئي“
ڌم
ڌم
ڪندو
شادان جو
سڄو
خيالي ڪوٽ اچي
پٽ
پيو. سامهون
پوڙهو گنجو
دلاور گل.
سندس
ٿيڻ
وارو گهوٽ.
پيلا
ڏند
ڪڍي
ٽهه
ٽهه
ڪري
کلي
رهيو هو.
دلاور گل
جي
ڀوائتي
شڪل شادان
جي
دماغ تي
ڀوت
بنجي
ڇانئجي
وئي.
ڪيترا
ڏينهن هوءَ
انهيءَ جهوريءَ
۾
جُهرندي رهي.
پنهنجي ماٽيجي
ماءُ
کي
دل ئي
دل
۾
پاراتا
ڏيندي رهي،
انهيءَ تي
ته
شادان لاءِ
هن
دلاور گل
کي
چونڊيو هو.
شهباز خان
ته
ننواکر واري
ويٺو
هيو پر
پوءِ
ننڍي نيٽي
زال
اڳيان مڙس
جي
دال ڪٿي پئي
ڳري،
کڻي
چپن
چنو لاتائين
۽
گهڻن
ڏينهن
پڄاڻان، جڏهن
شاديءَ جي
سوڻن
ساٺن شروع
ٿيڻ
۾باقي
ڪي
ڏينهن
هيا
ته شادان
هڪ
رات دير
دير
سان زهر
پي
سمهي پئي.
صبح
جو جڏهن
سج
چڙهئي شادان
هنڌ
ڇڏي
نه آئي
ته،
ماٽيجي ماڻس
سنبري هلي
کيس دٻ
پٽڻ،
پر
ڪوٺيءَ ۾ پير
پائيندي ئي
جيڪا
حالت
ڏٺائين تنهن
تي
رڙ ڪري اٿي.
دانهن تي
شهباز خان
به
لڙي آيو.
ڌيءُ
جي
حالت
ڏٺائين ته
ڏڪي
ويو،
پوءِ سڄو
ڏينهن
ويٺي
شهر جي
ڊاڪٽرن
کي
گهرائي منٿون
ڪيائين
ته
ڪنهن
پر
ڇوڪريءَ جي
حياتي بچائي
وٺن.
ڏينهن
لڙي تائين
ڊاڪٽرن
ويٺي
شادان جي
نڙيءَ ۾
ڦڪيون اوتيون.
سان نجهن
ٽاڻي مس
مس
وڃي آس
ٿين.
”مبارڪون
هجنوَ خان
صاحب!
ڌڻي
ڪندو
نينگري بچي
پوندي.“ هڪڙي
ڊاڪٽر
چيو
۽
پوءِ آهستي
آهستي شادان
چاڪ
ٿيندي
وئي، هفتي
کن
کانپوءِ
ته
ڳالهه
ائين ٿي وئي
ڄڻ
ته
ٿي
ئي
ڪانه هئي.
ڀل
۾
زهر
کائي
ويهڻ جو
قصو
ائين هلايو
ويو
جو
ڪنهن کي گمان
به
ڪين
ٿيو
ته ڪو شادان
آپگهات لاءِ
سنبري هئي.
آپگهات ۾ ناڪام
ٿيڻ
تي
شادان من
ئي
من ۾ ويچاريندي
هئي
ته هاڻي
ڇا
ڪجي؟
هن
جي ماٽيجي
ماءُ
هاڻي کيس
ڪجهه به
ڪين
چوندي هئي.
آرام
۽
سڪون جي
زندگي گذرندي
هيس.
ڪڏهن
ڪڏهن
سو دلاور
گل
جي بڇڙي
شڪل
هن جي
دماغ
جي پردن
تي
اسري ايندي
هئي
۽
هن جا
لڱ
ڪانڊار
جي ويندا
هئا.
شهباز خان
شادان جي
ناخوش هجڻ
سبب
شاديءَ کي هٽائي
ڇڏيو
هو.
هن سوچيو
شادان جي
دل
جاءِ ٿئي ته
پوءِ
شادي
ڪرائي
ڇڏبي.
ڏينهن
گذرندا ويا
آرام
۽
سڪون جي
زندگيءَ شادان
جي
ستل اڌمن
کي
اڀاريو. هن
جي
مرجهايل
ڪوماڻيل زندگيءَ،
ڪر
موڙي
اٿي کڙي ٿي. سونهري
سپنا
وري هن
جي
ويچارن ۾ اچڻ
لڳا
۽
هوءَ جهيڻين
جهيڻين خماريل
اکين
سان اوسي
پاسي
واجهائڻ لڳي.
گهرندڙ کي سڀڪو
گهري، جيئن
ته
شادان جي
من
۾
به بهار
جي
مٺي مٺي
هير
جا جهوٽا
پيهي
آيا. نيڻ
اٽڪيا، پيار
ٿيو،
روح
ڇڪيا
۽
واعدا اقرار
ٿيا.
پريت
جون
ڳنڍيون
ڪوڙيءَ دل
جي
ڳنڍين
سؤن وچڙنديون
ويوين ۽ هڪ
ڏينهن
جڏهن
شهباز خان
نيرن
ڪري
رهيو هو
ته
نوڪرياڻيءَ اچي
چيو:
”سائين!
شادان بيبي
ڪمري
۾
ڪانهي.“
”هون؟“
شهباز خان
پنهنجي هٿ
وارو
گرهه ورائي
رڪابيءَ ۾ رکندي
چيو
۽
پوءِ
ٻرانگهون
ڀريندو شادان
جي
ڪمري
ڏانهن
وڌي ويو.
هنڌ
تي وهاڻي
جي
پاسي ۾ هڪ
مڙيل
سڙيل خط
پيو
هو، شهباز
خان
ڏڪندڙ
هٿن سان
کولي
پڙهيو_ لکيل
هو:
بابا.. زندگيءَ
جي
سفر ۾ آءٌ
ڏاڍا
اڻانگا پيچرا
لتاڙيندي رهي
آهيان. تانگهه
منجهان مان
ساگر
جي لهرن
طرف
آس مان
نهاريندي رهي
هيس
پرجڏهن مون
کي
معلوم ٿيو ته
منهنجي سفر
جي
پڄاڻي
ڪنهن آڙاهه
۾
ٿيندي
ته
مون زندگيءَ
تان
هٿ کڻڻ مناسب
سمجهيو. اوهان
مون
کي
بچائي ورتو
۽
مون
کي
پنهنجي زندگيءَ
لاءِ
ڪا
ٻي
واه
ڳولڻي پئي.
اڄ
آءُ پنهنجي
جندڙيءَ جي
ٻيڙيءَ
کي
ڌڪي
زماني جي
ڇولين
تي
ٿي
ڇڏيان.
مون پنهنجو
جيون
ساٿي پاڻ
چونڊيو آهي.
اسان
جون
ڪچڙيون
ٻانهون شايد
هن
ساگر جي
ڇولين
جو
مقابلو چڱيءَ
پر
نه ڪري سگهن.
پر
تنهن هوندي
به
آءُ همت
ڪين
ٿي
هاريان. هاري
پڄاڻان داءَ
لڳائڻ ۾ ڊپ
ڪهڙو!
آس
اٿم
ته اوهان
منهنجي ڀل چڪ
کي
معاف
ڪندا.
جنهن آڙاهه
مان
جند
ڇڏائڻ لاءِ
مون
هي قدم
کنيو
آهي.
تنهن کان آءُ
هر
حال ۾ بهتر
رهنديس، اوهان
جي
دعا ساڻ
رهي
ته آءُ
پنهنجا
ڏينهڙا خوشيءَ
سان
گهاري سگهنديس.“ |