ڪهاڻيون
هز
ماسٽرس
وائيس
۽
ٻيون
ڪهاڻيون
حفيظ
شيخ
هز
ماسٽرس
وائيس
جونيئر ۽ سينئر
پارٽنر جا
محاورا
الائجي
ڇو رڳو
وڪالت جي
ڌنڌي
۾
ڪم
ايندا
آهن_
جڏهن
ڪو
نوجوان
وڪيل
ڪاليج
مان
وڪالت
جي
ڊگري وٺي
ايندو
آهي ته
ڪنهن
آزمودگار
وڪيل
سان
گڏجي
ڪم
ڪرڻ
شروع
ڪندو آهي._اهڙي
ريت ڪم سکندڙ
وڪيل
جونيئر پارٽنر
۽
سيکاريندڙ وڪيل
سينئر پارٽنر
ٿي
رهندو آهي.
ڪوشش
هر
ڪوئي
اها
ڪندو
آهي
ته
ڪنهن گهاگهه
وٽ رهي
ڪم
سکي،
پر پوءِ
سڀ
ڪنهن
جي وس
جي
اها
ڳالهه
ڪونه
هوندي آهي.
ڇو
ته بازار ۾ ڀاڄيءَ جا
خريدار
گهڻا
ٿي پوندا
آهن
ته
ڀاڄي
به کاڄن جي
اگهه
وڪامندي آهي.
خير،
سائينءَ کي چوان:
اسان جي
يارن ۾ به
ڪوڙي
کن
جونيئر پارٽنر
۽
ڏيڍ
ويهان
کن سينيئر
پارٽنر آهن.
اڄ دل
۾
اهو
خيال
کڻي ويٺو
آهيان
ته
اوهان
کي انهن
جو افسانو
ٻڌايان.
ڊڄان ٿو جو
هي
افسانو لکندي
کونس
ٿو
ڪريان
وڪيلن سان.
جي ڪو مست
ڇڙي
پيو ته
ڊيفيميشن
جو
ڪيس
ٺهيو
ٺڪيو
رکيو آهي.
الله
ٿو
ڄاڻي
ته عيب
جوئيءَ جو
ڪم
ابي
به ڪين ڪيو هو
۽
آءُ
پڻ آئوٽ
آف
جورسڊيڪشن
ڪري.،عيب
جوئي کي داخل
دفتر ڪري ڇڏيندو آهيان.
اصل
انٽرٽين ڪين
ڪندو آهيان.
معاف
ڪجو، مان
ٻه
چار
محاورا
وڪيلاڻا
استعما
ڪري ويو
آهيان. اسان جا
وڪيل
سنڌي
ڳالهائيندي ائين
انگريزي جا
لفظ
ٽنبيندا
هلندا
آهن
۽
اهڙي
طرح
ذري
گهٽ هڪ
نئين
سنڌيءَ کي ايجاد ڪيو اٿن.
منهنجي چوڻ
جو
مطلب سليس
سنڌيءَ ۾ اهو
هو ته
عيب
جوئي
کي
آءُ پنهنجي
اختيار
جي
حدن کان
خارج
ڄاڻي،
داخل دفتر
ڪري
ڇڏيندو
آهيان
۽
ڪنهن به
حالت
۾
برداشت نه
ڪندو
آهيان. تنهن
ڪري
لکي
ٿو
ڏيان ساڻ
رضا
خوشي
۽
هوش و
حواس جي
۽
بنا
ڪنهن زور
زبردستي، يا
نشي
جي
اثر جي
ته
هي افسانو
لکندي آءُ
جيڪا
به
ڳالهه
ڪريان ٿو سان
ڪنهن
به اهڙي
شخص
يا
شخصيت
سان
تعلق
نٿي رکي
جيڪو
وڪالت جي
ميدان
۾ پنهنجي
بيل
گاڏي يا
ميل
گاڏي
ڊوڙائيندو
هجي.
مطلب منهنجي
چوڻ
جو اهو
آهي ته
جنهن
جونيئر پارٽنر
جو آءُ
ذڪر
ٿو
ڪريان سو
اصل وجود
ڪين
ٿو
رکي
۽
جنهن سينئر
پارٽنر جي
ڳَالهه
ٿو
ڪريان
سوماءُ
ڄڻيوئي
ڪين
آهي.
معاف
ڪجو آءُ
ڪنهن
جونيئر پارٽنر
جو نالو
کڻڻ
نٿو گهران.
اوهان
جونيئر
پارٽنر لاءِ
اهڙو ڪو به
نالو کڻي شمار
ڪريو،
جنهن نالي
واري ڀاءُ
هن
سال
وڪالت
جي ٻي سال
جو امتحان ڏنو هجي
۽
امتحان
۾
ڪامياب ٿيڻ جي
اميد
هجيس، اهڙا
ڀائر پاس
ٿين
يا
نه
ٿين
اميد جي
آڌار
تي،
اڳواٽ
جونيئر پارٽنر
بڻجي ويهي
رهندا
آهن
۽
غير سرڪاري
طرح
پاڻ
کي
ڪنهن نه
ڪنهن
گهاگهه وڪيل
جا
جونيئر
پارٽنر
ڪوٺرائڻ شروع
ڪندا
آهن.
سند
نه هجڻ
ڪري
ويچارن کي اختيار ته
ڪيس
۾
تاريخ وٺڻ
جو
به نه
هوندو آهي.
پر
پوءِ مڙيوئي
هو
منشيءَ جو
ڪم
هلڪو
ڪرڻ
لاءِ
ڪيس
جا
فائل
کڻي
پيا
پنهنجي سينيئر
پارٽنر جي
اڳيان
پٺيان هلندا
آهن_
آءُ
ائين ڪين ٿو چوان
ته گهڻا
گهڻا
جونيئر
پارٽنر سال
سال
ڪم سکڻ
بعد
به اهوئي
ڌنڌو
ڪندا
ايندا
آهن
يا
وڌ
۾
وڌ،
تاريخ مٽائي
وٺي اچڻ
يا
ڪا
درخواست
داخل ڪري اچڻ
جو ڪم
ڪندا
آهن
۽
باقي وقت
سينڌ
سرما
ڪري
پنهنجي سينئر
پارٽنر جي
اڳيان
پٺيان
هلندا
رهندا
آهن.
اجازت
ڏيو
ته هڪ
ٽوٽڪو
ٻڌائيندو
هلان_
روايت آهي
ته
هي واقعو
سنڌ جي
ئي
ڪنهن
ڪورٽ
جو واقعو
آهي_
جج
صاحب ڪو پير
پرست
حضرت هو،
جيئن
عام
طور
سنڌي ڀائر هوندا
آهن.
هڪ
وڪيل جو
پاڻ
سيد
هو، پنهنجي
اصيل
جي ضامن
لاءِ
ڪيل
درخواست کڻي اچي
بيٺو ۽ چوڻ
لڳو:
”سائين
تون مالڪ
آهين!
هن
جو
ضامن کڻ نه
ته
مون سيد
جي
ٻار جا
پنج
سئو
رپيا
مارجي ويندا_
واعدو
ڪري
ويٺو
آهيان.“ سيد
سڳوري انهن
ٻن
جملن ۾ ٽي دفعا
پنهنجي
اصيل
جي ماءُ
ڀيڻ
جو ذڪر
ڪيو
هو،
مون
ڳالهه
ورجائيندي اهي
ڪاٽي
ڇڏيا
آهن
ته
متان
ڊيفيميشن گڏ
عريان
نويسي
جو ڪيس ٺهي پوي.
خير
سائين، جج
صاحب سيد
جي
ٻار جي
پنجن
سون جو
خيال
ڪري ضامن
کڻي
ڇڏيو.
ڀانيان
ٿو ضامن
هونئن به
کڻي
سگهي
ها
پر
دليل جيڪو
سيد
سڳوري پيش
ڪيو
سو.
”پاڪستان
ليگل
ڊسيشنس“
۾
نوٽ ڪرڻ وٽان
هو. سو
سائين ڳالهه پي
ڪيم
جونيئر پارٽنر
جي_
خدا
جي
واسطي،
منهنجي
هي
ڪهاڻي
پڙهندي انهن
ڪنگالن
کي
پنهنجي ذهن
مان
ڪڍي ڇڏيو جيڪي
نوڪريون
ڪندي
ڪندي وڪالت
پاس
ڪندا
آهن،
هزار
سوا
جي
موڙي
کڻي
ٻه
اڍائي مهينا
ڪنهن
سينيئر
پارٽنر سان
ڪم
ڪري
پوءِ ان
کي
هٿ ٻڌي_
منٿون
ڪري،
موڪل
وٺي، انهن
جي ئي
نالي تي،
ڌار
ننڍڙا
ڪيس
کڻڻ
شروع
ڪري
ڇڏيندا
آهن.
منهنجو مطلب
آهي
اوهان
ذهن
۾
اهي مڇي
۽
ماني وارا
جونيئر
پارٽنر رکو
جن
کي
پنهنجي پٺ
هوندي آهي
۽
جيڪي
”ليڊي
هئملٽن“ جون
سڌون
ڪري
”شارڪ
اسڪن“ تي
قناعت
ڪندا
آهن.
ڪمائيندا
ڪوڏي به
ڪين
آهن
پر مهيني
۾
پنج
ڇهه
سو خرچ
ڪري
سگهندا
آهن.
ڪوشش
ڪار رکڻ
جي
ڪندا
آهن
نه
ته پوءِ
لاچار
بگي
گهوڙو بلي
هوندو اٿن.
وڪالت جو
فن
آهي گهوڙي
جي
سواري_
اوهان
ڀانيو
ته بنان
چڙهئي ئي
سکي
پئو ته
اها
اڻ
ٿيڻي
آهي_
پر
پوءِ
اميراڻا
ٻار
هميشه اهڙيون
تمنائون
ڪندا
آهن.
ڳالهه
ڳالهه
سان
تعلق
ٿي
رکي، جيسين
مون
اوهان
کي پنهنجي
واقفيت ڪانه ڏني آهي
تيسين ڳالهه مزو
نه
ڪندي.
اوهان
کي اها
ڳالهه سمجهه
۾
ئي
نه ايندي
ته آخر
آءُ
انهن ڳالهين کان
آگاهه
ڪيئن
ٿيس.
دراصل
گذريل ستن
سالن کان
آءُ
اخبارچي ٿي رهيو
آهيان. خبرون
هٿ
ڪري
اخبار
تائين
پهچائڻ يا
انهن
کي
گهڙي
ناهي پڙهڻ
جوڳيون ڪري اخبارن
۾
ڇاپڻ
اها
منهنجي ڪرت آهي.
انهيءَ
باري ۾ اسان جو
دوست
آغا
حسام الدين
اڪبر جيڪو
اطلاعات
کاتي ۾ خيرپور
ڊويزن
جو
اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي.
چوندو آهي
ته
خبرون آهن
شڪار
۽ صحافي
(جنهن
کي
مون اخبارچي
لکيو آهي)
آهي
شڪاري. بس
رڳو
ڪڻڪو
ڪِن
پوي يا
پاڇو
جهلڪ
ڏي
ته شڪاريءَ
کي
تير ڇوڙڻو آهي
۽
خبر
کي
شڪار
ڪري پڙهندڙن
تائين پهچائڻو
اٿس.
سو
سائين، انهيءَ
سلسلي ۾
ڪورٽن ۾
ڪيسن جون
شنوايون ٻڌڻ کان
وٺي
گليءَ واري
جوئا
جي
ٽڪري
۽
ڪشني
واير گتي
تائين
ڊڪڻو پوندو
آهي.
گذريل ست
سال
اها
ڊڪ ڊوڙ
ڪندو رهيو
آهيان.
ڪشمور کان
ڪيٽي بندر
تائين ۽
کوهاڙيءَ کان
کوکرا
پار
تائين
پوري سرزمين
سنڌ
جي لتاڙي
چڪو آهيان.
پنهنجي هن
افساني جون
جهلڪيون به
سنڌ
جي سڄي
علائقي ۾ پکڙيل
ڏٺيون
اٿم.
اهي سڀ
عڪس
اڄ
اوهان
اڳيان
ٿو آڇيان الله
منهنجو
خير
ڪري
وڪيلن سان
ٿو
پاند اٽڪايان.
وڪيلن جي
باري ۾ هڪ
ڳالهه
ٻڌائڻ
وسري ويم_
سڀ
وڪيل اديب
نه هوندا
آهن،
پر
ادب تي
دعويٰ ضرور
ڪندا
آهن.
واندا
ٿي
ويهندا
ته
ارسطو ۽ افلاطون
جي فلسفي
خواهه لکڻين
تي
ائين تنقيد
ڪندا،
ڄڻ
هي انهن
جا
جيڏا
کيڏيا
ئي
ته آهن.
شاهه کي شيڪسپيئر
سان
۽ شيلي
کي
سچل
سان
ائين
ڀيٽي
چڙهندا
ڄڻ
هي
به ڪو ”ڪ_پ_ڪ“
جو قلم
نبيرڻو آهي_
اسان جا
سينيئر
پارٽنر انهن
ڳالهين
۾
وڌيڪ ڀڙ هوندا
آهن.
ٽيبل
ٽاڪ
(چانهه
جي ميز
تي
ويهي ڪيل ڳالهين) مان
جهٽيل ڳالهيون ائين
اوريندا
ويندا
ڄڻ
اندر
اٿل کاڌي اٿن
۽
الهام
ٿيو اٿن.
خير
سائين، اچان اصل
ڳالهه
تي، جنهن
رات
جي
ڳالهه
پيو ڪريان
سا
ڪا
سهائي رات
ڪانه
هئي. آءُ
سانجهن لاڪئون
”هاذا
من
فضل
ربي“ هوٽل
تي
ويٺو هوس
۽
گرمي
هوندي به
ڇهه
پياليون چانهه
جون چاڙهي
ويٺو هوس.
ڇا
ڪريان
دل
پئي گهٻرائي
۽
ور ور
چانهه پي
پئي آڌار
ڏنومانس.
مهينو پورو
ٿئي
هفتو
ٿي
چڪو هو،
پر
پگهار
اڃا
منهن
نه
ڪڍيو هو.
انهيءَ
اداسيءَ ۾، خارن
وچان
سڄو
ڏينهن
ڪا
خبر
به
شڪار
ڪانه ڪئي هئم.
ڀلا
اهڙي
جوکائيءَ ۾ ماڻهو
ڪنهن
ڳالهه
بابت سوچي
ڪيئن
ٿو
سگهي. سڄي
ڏينهن
۾
هزار
خبرون
ڌيان تي
آيون
پر ذهن
ڪم
ڪرڻ
لاءِ
تيار
هجي
ته خبر
ٺهي.
دماغ
۾ ته
بس
هڪ ئي
ڳالهه
هئي ته
پگهار
ڪهڙي ريت
جلد
گهرائجي. آءُ
ڀانيان ٿو اخبار نويسن
سان
اها
ڪار
جتي
ڪٿي
آهي نه
ته
اسان
جي
برادري ائين
بک جا
چڪ
هڻڻ
لاءِ
بدنام
نه
هجي ها.
تنهن
ڏينهن جي
ئي
ڳالهه
آهي،
کيسي ۾ هڪ
ڪوڏي
به
ڪانه
هئي. اچتو
خبر ملي
ته
هڪ سيٺ
تي
جيڪو چور
بازاري وارو
ڪيس
هلندڙ هو
تنهن
۾
ڪورٽ
کيس
بيڏوهي
ٺهرائي ڇڏي ڏنو آهي.
بس
سائين، جهٽ
پل
۾
پنج چار
اخبارچي گڏ
ٿي
وياسين. خبر
ته
خبر جي
ماڳ، پهرئيان
ڦوڙي
ڪري
چار
آنا
گڏ
ڪياسين.
ٻن
ٻن
آنن وارا
گلن
جا
هار
وٺي پهتاسين
سيٺ جي
در
تي_
اوطاق
۾
وڃي
سيٺ
کي
گلن جا
هار
پارائي ڏاڍيون مبارڪون
ڏنيوسين.
ڪلاڪ کن ويٺا
رهياسين
ٻيا
به
ماڻهو
پئي آيا
۽
ويا.
نيٺ
مانيءَ جي
مهل
ٿي
ته سيٺ
نينڍ
ڏني،
سيٽ کي ڪي اڳئي
سور پئي
سجهيا سو ڪورٽ مان ئي فتويٰ ٻڌڻ شرط ماني جي
انتظام لاءِ ماڻهو ڀڄايو
هئائين. هاڻي،
آءُ اوهان کي ڇو
ٻڌايان
ته
انهيءَ اونهاري
جي
ٽپهري ۾ مون
ايتري
ماني کاڌي هئي
جو
وري ٻئي
ڏينهن
ٽپهري تائين
بک ڪانه لڳم.
نيرن
تي سي
به
ڪوپ
چانهه پيتي
هئم.
جنهن لاءِ
آني جو
کير
اڌارو
ورتم ۽ باقي
ٽپڙ
گهر ۾ موجود
هئم.
اوهان
هيءُ
ڳالهه
ڪنهن
جونيئر سينئر
پارٽنر کي نه
ٻڌائجو،
نه
ته
مون کي هئنڊلنگ
شروع
ڪري
ڏيندا
مطلب
آهي
بلئڪ ميل
ڪندا.
وري
ٿڙي
ويس ڳالهه تان،
دراصل
ٿڙڻ
۾
ڏاڍو
مزو آهي_
ماڻهو شايد
انهي ڪري ئي
شراب
پيئندا
آهن
جو
پيئڻ کان
پوءِ
ٿيڙ
کائيندا
آهن.
شايد جونيئر
سينئر پارٽنر
به انهيءَ
ڪري
پيئڻ تي
پيسو
هارڻ ۾ ڪين
ڪيٻائيندا
آهن.
اسان
بنا
پيتي
ٿڙي
ٿڙي
ٿا
وڃون.
ڏاڍو
مزو آهي
پر
ڪمبخت
افسانا
نويسيءَ جي
ٽيڪنڪ
گهڻو
ٿڙڻ جي اجازت ڏئي ها ته آءٌ هوند ڳالهه منجهه
ڳالهه تنهن منجهه ڳالهه وجهي اها
ڪار ڪيان
ها
جيڪا
بازيگر
ڍيري
۾
ڍيرو
تنهن
۾
ڍيرو
جنهن ۾ دٻلو
۽
دٻلي
۾
دٻلو تنهن
منجهه دٻلو
وغيره
ڏيکاري
ڪندو آهي.
ڪنهن
ڏينهن
افسانو ڇڏي، قصو
لکڻ ويهندس
ته
پوءِ
مڙئي
الف
ليليٰ وانگر
هڪ هزار
ڳالهه
ڪري
سگهندس.
ها،
سو
ڳالهه
پئي ڪيم ان
رات
جي،
جڏهن
آءُ سانجهن
لاڪئون، ”هاذا
من
فضل ربي“
هوٽل
تي ويٺو
هوس.
”هاذا
من
فضل
ربي“ هوٽل
سيٺ
فضل دين
جو
آهي جيڪو
ڪرم
دين
جو پٽ
آهي_
دين
سان
تعلق
فضل دين
جو
يا
ڪرم دين
جو
آهي_
هوٽل
جو
نه آهي_
ڇو
ته هوٽل
منجهان
فضل
ربي ۽ اوهان کي خبر
آهي
ته فضل
ربي
رشوت يا
چور
بازاري مان
ڪمايل
رقم کي چئبو
آهي.
سيٺ ڪرم دين
لاءِ
روايت آهي
ته
هڪ نانوائيءَ
جي تنور
تي
مانيون
ٿڦيندو هو.
فضل
دين پاڻ،
پاڙي جي
ٻارن
جي ”اوپن اسڪاءِ“
ٽڪري
هلائيندو
هو. پر
پوءِ
ڌڪي
ڌمي
مئٽرڪ پاس
ڪري
ويو ته
کاڌ
خوراڪ
کاتي ۾ منشگيري
ملي
ويس. اتئون
ڀاڳ لڳس.
ٻن
مهينن ۾ کنڊ جي
پرمٽن تان
في سير
لاءِ
آڌي
اڳياڙي جڏهن
صاحب کي حصو
پهچايائين ته
سال
اندر
انسپيڪٽر ٿي ويو.
پوءِ ته
سائين ڪرم دين
کي
به
تندور ڇڏرائي هوٽل
ڪڍي
ڏنائين.
پڇاڙيءَ ۾ فضل
دين
رشوت وٺندي
پڪڙجي پيو،
پر
پوءِ پنجويهه
هزار
رپيا
ڏئي جان
ڇڏائي
آيو. هاڻي
سيٺ فضل
دين
شهر جي
معتبر ماڻهن
۾
ليکبو آهي
ته
”هاذا
من
فضل
ربي“ هوٽل
شهر
جي بهترين
هوٽلن ۾ هڪ
ليکبو آهي.
وري
ٿڙي
ويس، ڳالهه پئي
ڪيم
ته
رات
جو
دير سان
آءُ هوٽل
تان
اٿيس. اڳيان
ڀريا
ٻه
ميل
پنڌ هو
۽
سڄو
ڏينهن
ٿيلهو
کڻي
کڻي
جو
ٿڪجي پيو
هوس
سو
ٿيلهو
ڪلهي تي
رکي،
پگهار
جي
پهچ جا
پور
پچائيندوگهر ڏانهن پئي
ويس
ته هڪ
ڪار
اچي پاسي
۾
بيٺم، ڪار
کي بيهندو
ڏسي،
مون
استاد
شاهواڻيءَ واريون
راز
رمزون
نه بلڪ
اصل ليکڪ
ڊيل
ڪارنيگي
کي
ياد
ڪيو. منهن
تي
هڪ مرڪ
آندم ۽ وڌي
وڃي
ڪار
۾ جهاتي
پاتم_
اندر
منهنجا
يار
هڪ
جونيئر پارٽنر
۽
هڪ سينيئر
پارٽنر ويٺا
هئا.
هڪ
هلڪي گار
سان
سينيئر
پارٽنر مون
کي
کيڪاريو.
يار
جي
گجي ايتري
آهي جو
جيڪڏهن آءُ
ورائي اها
هلڪڙي
گار
ڏيانس، ته
هٿين
ٻانهين
پئجي وڃي.
سور پي
ويس،
ڇاڪيان، سڀ
سان
رهائڻي
آهي. ااسن
اخبار
وارن
جو اهو
ڌرم
آهي.
”آءُ
ويهه“ سينيئر
پارٽنر در
کولي،
پاڻ
ٻاهر نڪري
مون
کي
وچ واري
جاءِ
ڏانهن
اشارو
ڪندي چيو.
”ڪيڏانهن
ٿا
هلو“
مون
ڪوڙي
مرڪ قائم
رکي چيو
”اڙي
هلئون ٿا
جاڏي به
هلون،
تون ته
اسان سان
جهنم ۾ به
هلندين ني؟“
پر
يار، جنت
کان
جهنم سو
دفعا
وڌيڪ
بهتر
جاءِ
هوندي، گهٽ
۾
گهٽ
مون کي انهيءَ
جو يقين
آهي.“ سينيئر
پارٽنر سنڌي
کي
بند
ڪري
انگريزي ڳالهائڻ شروع
ڪري
ڇڏي
هئي. شايد
هو فلسفي
۽
رومانيت تي
رڳو
انگريزي ۾ ئي
ڳالهائي
سگهندو آهي.
هو
شراب
جي
نشي ۾ ٻڏل هو
۽
تيزگار
رفتار سان
فلسفي تي
تقرير ڪري رهيو
هو.
جونيئر پارٽنر
جو منهنجي
ساڄي طرف
ويٺل
هو، سو
پڻ
پيتل هو.
پر
شايد هن
ايترو
نه پيتو
هو
يا
شايد هن
۾
نشي
جي سٽ
سهڻ
واري شڪتي
وڌيڪ
هئي. هو
پنهنجي ايستاد جي
ها
۾ ها
ملائي
رهيو
هو. هڪ
ٿڌو
ساهه کڻي سينيئر
پارٽنر چوڻ
لڳو:
”مان دنيا
جو
بدنصيب
ترين انسان آهيان،
تون مون
کي
سمجهي نٿوسگهين،
ٽئگور
کانپوءِ
برصغير هندو
پاڪ
منهنجي
مقابلي ۾ ماڻهو
پيدا
ڪين
ڪيو
آهي.
مان
پنهنجي
لاءِ
ٿو
لکان. مون
کي
پڙهندڙن سان
ڪا
دلچسپي
ڪانه
آهي. انهيءَ
ڪري
ئي مون
پنهنجيون لکڻيون
شايع ڪين ڪرايون آهن.
جڏهن
مان
مري
ويندس ته
ضرور
تون منهنجي
آتم
ڪهاڻي
لکندين_
مون
کي
خبر
آهي:
تون
انهيءَ
۾
ڀڙ
آهين ۽ ضرور
لکندين. مون
پنهنجا
سڀ
ڪاغذ
تولاءِ
ڌار
ڪري
رکيا
آهن.
منهنجي موت
پڄاڻا
اهي
تنهنجي ملڪيت
ٿيندا_
تون
هن
دور ۾ عظيم
ترين
شخصيت تي
جي
آتم ڪهاڻي لکندين
ته،
تون پاڻ
به امر
ٿي
ويندين.“
هن
منهنجي منهن
ڏانهن
نهاريو، ڪار
ان وقت
ڪنهن
بجلي
جي
ٿنڀي
جي
ڀرسان لنگهي
رهي
هئي، بجليءَ
جي
بلب جي
روشني
ٿورڙي دير
لاءِ
منهنجي منهن
تي
پئجي وئي
۽
هن
چوڻ شروع
ڪيو:
”پر تنهنجي
منهن
تي هيءَ
اداس ۽ ڦڪي مرڪ
ڇو
آهي؟ تون
خاموش ڇو
آهين؟
تون هميشه
اداس ڇو
ٿو رهين؟
آءُ
ڄاڻان ٿو، تو
پاڻ
سان پاڻ
ڪئي
آهي. غير
ذميدارانه زندگي
گذارڻ جو
اهو
نتيجو آهي_
توهان
ذميواري
کان ڀڄو
ٿا
۽ پوءِ
توهان
کي ائين
اداس
ٿو رهڻو
پوي.
مون کي ڏس هيڏي
ساري آڪهه
ٿو
پاليان. سڄي
ذميواري
کنيو ٿو هلان.
تون شادي
ڇو نه
ٿو
ڪرين؟
انهيءَ
لاءِ
ته
جيئن تنهنجي
ڪلهن
تي
ڪا
ذميواري
نه رهي
۽
تون
اها
ٿيلهو
کڻي
چانهه جي
پيالن ۽ سگريٽ
جي
سوٽن تي
زندگي گذاري
ڇڏين!
توهان
سڀني
بوهيمين
(Bohimin)
جو
اصول
غلط آهي.
ذميواري کڻڻ ضروري
آهي_
ٻي
ٽي
شاديون ڪر، ٻار پال_
ذميواري
کڻ،
پوءِ
ڏس
زندگي ڇا
ٿي
ٿئي.“
سينيئر
پارٽنر سگريٽ
دکائڻ لاءِ
ٿورو
ترسي پيو_
ڪار
الائجي
ڪيڏي مهل
اچي
يورپين بار
جي در
تي
بيٺي هئي
۽
جونيئر پارٽنر
در
کولي بار
جي کڏ واريءَ
ڪوٺي
تي چڙهي
ويو
هو. پاسي
واري هڪ
دڪان
۾ هڪ
گهڙيال
ٺڪاءَ
هنيا
ته
مون کي خبر
پئي
ته ٻارنهن ٿيا
آهن.
اتي جونيئر
ڇهه
بوتلون
بيئر
جون کڻائي لهي
آيو. |