سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: اڇو پکي واءَ ۾

باب: --

صفحو :14

 

ٽه واٽو

 

        پيرسن انسان نه ڄاڻان ڪڏهن کان انهيءَ ٽواٽي تي بيٺو هو. هر ايندڙ ويندڙ ڏانهن گهوري نهاريندو هو ۽ وري پنهنجي خيالن ۾ مگن ٿي ويندو هو. بک ۽ اڃ کان بي نياز، مندن جي چڪرن کان بي خبر، وقت جي وهڪري کان ويڳاڻو پوڙهو اتي ئي بيٺو رهندو هو. گهٽ ۾ گهٽ آءُ کيس اتي ئي بيٺو ڏسندو آيو هوس. منهنجو بانبڙا پائيندي ابهم پڻو گذري ويو. ٺينگ ڏيندي ٻال اوستا گذري وئي. ڪر موڙيندي جواني آئي  ۽ چوٽيءَ تي نوڻ جا وار ورائڻ لڳي. پر پوڙهو انسان اهوئي گهٽ جهليو بيٺو رهيو. آءُ هن کي تعجب مان ڏسندو هوس ۽ پنهنجي واٽ وهي ويندو هوس. هڪ رات جڏهن آسمان تي چوڏهين جو چنڊ چٽاڻو هو، جڏهن موسم اونهاري وارا تَو ڇڏي سياري جي خنڪين کي ڳراٽڙي پائڻ لاءِ وڌي رهي هئي، جڏهن سنجها لاڪئون ئي ماحول ۾ هلڪو هلڪو غبار حلول ٿي ويو هو، آءُ لنگهندي لنگهندي پوڙهي وٽ بيهي رهيس. ڪيتري دير آءُ پوڙهي جي منهن ڏانهن نهاريندو رهيس ۽ پوءِ ڪنڌ ورائي دور خلا ۾ ڇانيل ڌنڌ ۾ نهاريندو رهيس. مٿي آڪاس ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ ڌنڌ سان راند رچائي بيٺو هو ۽ ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن  جادونگريءَ ۾ اچي بيٺو آهيان، جتي هر طرف اپسرائون آسماني سنگيت ڇيڙي، ڪو مٺڙو سنگيت آلاپي رهيون آهن ۽ انهي گيت جو ميٺاج امرت بنجي منهنجي روح ۾ اچي رهيو آهي. جيئن ڪو ننڍڙو ٻالڪ جذبات کان بيتاب ٿي پنهنجي پيءُ جي آڱر جهليندو آهي يا جيئن ڪو ٻڏندڙ ماڻهو ڪنهن لڙهندي بنڊيءَ کي کڻي سيني سان لائيندو آهي، منهنجي من جي موج مون کي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ مون پنهنجو هٿ وڌائي پوڙهي انسان جو هٿ پڪڙي ورتو. هٻڪي پيس، نه ته دل ته چيو پئي ته ان کي کڻي هانءَ سان لايان. ”بابا مون بي اختيار پوڙهي کي پڪاريو.

        ”جيءُ بابا پوڙهي ائي وراڻيو ڄڻ ڏور خلائن مان ڌوڪيندو منهنجي مدد کي پهتو هجي.

        ”تون هن ٽه واٽي تي ڪڏهن کان بيٺو آهين؟ ڇو بيٺو آهين؟ ڪنهن جو انتظار اٿئي؟“ مون هڪ ئي ساهيءَ ۾ ڳپل جيترا سوال پڇي ڪڍيا. پوڙهو مرڪيو. ڄڻ ازل کان انهن سوالن کان آگاهه هو. ڄڻ جنم جنم ۾ ماڻهو اچي هن کان اهي سوال پڇندا رهيا هئا.

        ”ٻڌندين؟“ پوڙهي ائين چيو ڄڻ چوندو هجي: ”دم اٿئي ايترو؟“

        ”ها بابا مون ائين وراڻيو ڄڻ چوندو هجان: ”هيڻو اٿم هڏ، پر سٽون ڏسندين ماهه جون.“

        ”چڱو ٻڌ.“ پوڙهي چوڻ شروع ڪيو.“ صديون اڳي جي ڳالهه آهي آءُ اڃا ڳڀرو هوس.“

        ”صديون اڳي بابا! تون صدين کان هن ٽه واٽي تي بيٺو آهين.“ مون کي رهيو نه ٿيو ۽ رڙ ڪري پڇي ويٺس. ”هاڻي ٻڌ ني! ائين وچ ۾ ٽوڪيندي ته ڳالهه ڪيئن پوري ٿيندي. صديون اڳي کان نه آءُ ازل کان هن ٽه واٽي تي ٽليو آهيان. خضر پنهنجي ادبي زندگي مون کان بيک پني وٺي ويو هو. مون زندگيءَ جا خزان مفت لٽايا آهن پر مون وٽ اڃا ڪا ڪمي ڪانه آهي. هن ٽه واٽي سان روح اٽڪي پيو اٿم. تڏهن اتي بيٺو رهيو آهيان_ ها_ سو ڳالهه پئي ڪيم ته صديون اڳي جي ڳالهه آهي ۽ آءُ اڃا ڳڀرو هوس پر ان ڏينهن ارسطو ۽ بقراط جي ڳالهه اهڙي لڳم جو آءُ اتي ئي بيهي رهيو آهيان ۽ وري ڪهن پار پير ڪين ڀريو اٿم. ڳالهه ڪائي به ڪانه هئي. جيڪا واٽ تون منهنجي ڪنڌ پٺيان ڏسين ٿو اها ماضيءَ مان آئي آهي. اڳي آءُ جيڏانهن تيڏانهن گهمي سگهندو هوس ۽ دل گهرندي هيم ته ماضيءَ ۾ به پري پري ڪهي ويندو هوس. ان ڏينهن آءُ ائين ماضيءَ مان پسار ڪندو هن ٽه واٽي کي اوڏو ٿيس ته آڏو ارسطو ۽ بقراط ويندا نظر آيم. ٻئي پاڻ ۾ بحث ڪري رهيا هئا. آءُ سڻائو ٿيس ته هنن جو ڳالهاءُ چٽو ٻڌي سگهيس. آڏو جي ٻه راهون ڏسين ٿو ارسطو انهن مان کٻي هٿ واري راهه کي صحيح ۽ سڌي راهه چئي رهيو هو. بقراط ارسطوءَ جي ڳالهه کي غلط چئي سڄي هٿ واري راهه کي صحيح ۽ سڌي راهه چئي رهيو هو. هو ڪيتري دير هن ٽه واٽي جي وچ ۾ بيهي تڪرار ڪندا رهيا. ان بعد ارسطو ساڄي هٿ واري راهه وٺي هليو ويو ۽ بقراط کاٻي هٿ واري واهه نڪري ويو. ارسطو ۽ بقراط پنهنجي پنهنجي راهه وٺي ويا هليا پر آءُ هن ٽه واٽي تي بيهي رهيس ۽ سوچڻ لڳس ته ارسطو سچ پئي چيو. ڪيترا سال ائين سوچيندي گذري ويا پر آءُ ڪنهن نتيجي تي ڪين پهچي سگهيس. پوءِ مون کي خيال آيو ته ارسطو ۽ بقطرا جي هن تڪرار سان منهنجو ڪهڙو واسطو ۽ آءُ ڇو ائين بيٺو آهيان .مون کي محسوس ٿيو ته آءُ اجايو بيٺو آهيان ۽ هن بيهڻ مان ڪو به لاڀ ڪين ٿيڻو آهي. پر پوءِ مون کي خيال آيو ته آخر هي ”لاڀ ڇا آهي؟ زيان ڇا آهي؟ هي به ته هڪ سوال آهي ۽ آءُ ان جو جواب به نه ڳولي سگهيو آهيان. ڇا ڪو ٻيو سوال جو جواب هٿ ڪري سگهيو هوندو؟ مون سوچيو ۽ پوءِ مون کي خيال آيو ته: آخر هيءُ آءُ ڇا سوچي رهيو آهيان؟ آخر آءُ ڇو سوچيندو ٿو رهان؟ ۽ جيڪڏهن آءُ نه سوچيان ها ته ڇا ڪريان ها؟ ۽ ڇا جيڪي ڪيان ها سو هن سوچ کان سٺو ٿئي ها؟ وري مون سوچيو: هي ”سٺو“ ڇاهي؟ ”خراب ڇاهي؟ ڪيترا ته سوال آهن منهنجي ذهن ۾. ڪير مون کي سوالن جا جواب آڻي ڏيندو؟ صديون گذري ويون. مون کي هن ٽه واٽي تي بيٺي. سوالن جا کيپ جهنگلي ولين وانگر مون کي وڪوڙي جڪڙي ويا ۽ مون انهن کي ويڙهي سيڙهي هڙ ٺاهي کڻي پنهنجي مٿي تي رکيو. اڄ تائين هن ٽه واٽي تي بيٺو آهيان ته شايد ڪو اچي هي ويڙها سلجهائي ۽ مون کي هنن سوالن جا جواب ڏئي. اڃا ڪو ڪين آيو آهي. پر مون اڃا آس نه لاٿي آهي. هيءُ پاسي ۾ مندر ڏسين ٿو. سومنهنجي ڏسندي ڏسندي ٺهيو آهي. اڳي اتي وڻراهه هئي ۽ مينهن پئي پاڻيءَ جون نيون سوسٽ ڪنديون وهنديون رهنديون هيون. پريان جو قدرتي چشمي جي ڪوسي پاڻي وارو تڙ ٺهيل آهي. اهو اتي ڪين هو ۽ چشمي مان نڪتل پاڻي ٽڪرن ۽ پٿرن سان ٽڪرائجي جلترنگ ڳائيندو. هڪ سنهي اڏ جي شڪل ۾ وهي وڃي ندي ۾ آبپشار ٿي ڪرندو هو. اپسرائون اتي اشنان ڪنديون ۽ ديوتا دل لٽائيندا هئا.

        ان بعد هن مندر جو باني هتي آيو ۽ سِرَ سِرَ ڪري هن هي مندر ٺاهيو. قدرتي وڻراهه، نديون، نالا ۽ چشما سڀ هن مندر جي بانيءَ پنهنجي رنگ ۾ رنگي ڇڏيا. اپسرائن کي هن پرلوڪ اماڻي ڇڏيو ۽ ديوتا جي هن وڻراهه ۾ دل لٽائيندا ويندا هئا انهن کي پٿر جو روپ ڏئي، پنهنجي مندر ۾ بند ڪري ڇڏيائين. هزارين ماڻهو دور ديسن کان ڪهي مندر ايندا هئا ۽ پٿر ٿيل ديوتا اڳيان ڀيٽا رکندا هئا. مندر جو باني اها سموري ڀيٽا گڏ ڪندو هو ۽ ان کي يا پنهنجي ڪتب آڻيندو هو يا مندر جي بنيادن مضبوط ڪرڻ ۾ خرچ ڪندوهو. ائين جيئن ڪو واپاري پنهنجي دڪان جي ڪمائيءَ مان هڪ حصو پاڻ تي خرچ ڪري ۽ باقي پنهنجي دڪان کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ خرچ ڪري ڇڏي. هڪ ڏينهن مندر جو پوڄاري مندر جي در تي آيو ته وڌي وڃي اوڏو ٿيو مانس. مون پنهنجي سوالن جي هڙ مٿي تان لاهي هن جي پيرن وٽ رکي. پوءِ ان کي کولي کيس پنهنجي ويچارن جا ويڙها ڏيکاريم.“

        ”هنن ويڙهن مان هڪ اڌ سلجهائي ڏينم، ته جيڪر ڏاڍو ٿورائتو ٿيانءِ.“

 مون منٿ ڪيس مندر جي پوڄاري منهنجي وچارن جا ويڙها ڏسي، منتر جهپڻ شروع ڪيا. پر شايد هن جي منترن ۾ اثر ڪين هو. شايد منهنجا ويڙها اهڙا هئا جو هن جو وس نه هلي سگهيو ۽ ويڙها جيئن جو تيئن پيا رهيا. ان بعد پوڄاري مون کي اپديش ڏيڻ شروع ڪيو. هن مون کي ديوتائن جو خوف ڏياريو. جنم جنم جا چڪر سمجهايا. ڊوڙي وڃي شاستر کڻي آيو ۽ مون کي پڙهي ٻڌايائين پر مون تي ڪو به اثر ڪين ٿيو. ڀلا جن ديوتائن کي مون پنهنجي پاسي بيهي کيڏندو ڏٺوهو، انهن کان آءُ ڪيئن پئي ڊڄي سگهيس ۽ منهنجو هڪ جنم، جو هيترو ڊگهو ٿي پيو هو، سو آءُ ٻين جنمن ۾ ڪهڙي دلچسپي وٺي سگهيس. پوڄاريءَ ڪيتري دير تائين اپديش ڏيڻ بعد به جڏهن ڏٺو ته مون تي ڪو اثر ڪين ٿو ٿئي ته هن کي ڪاوڙ اچي وئي ”توتي ديوتائن جو ڏمر آهي تون ڪڏهن به صحيح راهه نه ڳولي سگهندين. آئيندي جوڻ ۾ تون ڪنهن هچاري پسون جي پيٽ مان جنم لهندين ۽ پوءِ هڪ هزار جنمن تائين ڪشالا ڀوڳي، تون نيٺ مانس جي جوڻ لهندين، پر تڏهن به شودر جي گهر ۾ جنم ملندءِ. پوءِ جيڪڏهن تو شاسترن جو بالڻ ڪيو، ته نيٺ، چئن ئي جاتين جنم وٺڻ کانپوءِ توکي مڪتي ملندي.“ مڪتي ڇا هي؟ ملي ته ڇا ٿيندو؟ نه ملي ته ڇا ٿيندو؟ انهن سوالن جا جواب پوڄاري ڪين ڏنا ۽ آءُ مندر جي در تان هٽي آيس. گهڻا سال گذري ويا. پوڄاريءَ جو مندر پنهنجي عروج تي پهتو ۽ موٽ کاڌائين. مندر ۾ ڀيٽا جي ڀيڙ، ڀائيوار پيدا ڪري ڇڏيا ۽ مندر جا بنياد لڏڻ لڳا. ان وقت ڪنهن اچي هن پاسي واري ديول جو بنياد رکيو. ٻارنهن هٺيلا نوجوان مندر کي چؤڌاري ڦري ويا. ديس ديس مان آيل پوڄارين کي پنهنجي اڳواڻ جي ڪرامتن جا احوال ٻڌائڻ لڳا ۽ آهستي آهستي ديول جي پوئلڳن جو تعداد وڌڻ لڳو. ديول سان لڳ هڪ خانقاهه ٺهي ۽ نوجوان راهب کير جهڙو اڇو لباس پائي، ديول ۾ شبد ڳائڻ لڳا. هُو نئون درس کڻي آيا هئا. هر هڪ هنن کي ڪن ڏئي ٻڌندو هو ۽ ديول ۾ داخل ٿي ويندو هو. ديول جي راهين جي ساڃهه ۽ ڏات جا قصا چوڌاري ورڻ لڳا ته مون به کڻي وڃي ديول جو در جهليو. راهين جون ٽوليون پاڻ ۾ ڳالهيون ڪنديون لنگهي ٿي ويون ۽ مون ڏانهن ڪنهن ڌيان ئي ڪين پئي ڏنو. سلا گذري ويا، مون کي ديول جي در تي بيٺي، پر ڪنهن ڌيان ڪين ڏنو_ نيٺ ٻن ٽن صدين بعد، هڪ پوڙهي راهب کي منهنجو خيال آيو. هو وڌي مون وٽ آيو ۽ منهنجي ائين بيٺي رهڻ جو سبب پڇيائين. مون کيس ٻڌايو ته مون وٽ ويچارن ۽ خيالن جا ڪجهه منجهيل ويڙها آهن جن کي آءُ سلجهائي ڪين سگهيو آهيان ۽ آءُ ديول ڏانهن آيو آهيان ته ڪو منهنجي مدد ڪري. پوڙهوراهب منهنجي ڳالهه ٻڌي مرڪيو. پر پوءِ جڏهن مون پنهنجي ويچارن ۽ خيالن جي هڙ کولي هن جي اڳيان پٿاري، ته هن جي مرڪ ميٽجي وئي. هن جو منهن ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هن منهنجي ڳل تي چماٽ وهائي ڪڍي. چوڻ لڳو: ”نڪري وڃ هتان! ڇا توکي خبر نه آهي ته جنت مان آدم کي رڳو انهيءَ ڪري ڪڍيو ويو هو جو، هن ساڃهه جي وڻ جو ڦل پٽي کاڌو هو. تون اڄ وري انهيءَ وڻ جي ڦر جي ڳولا ۾ هت آيو آهين! تو لاءِ جنت جا دروازا هميشه جي لاءِ بند آهن. تنهنجي هنن سڀني سوالن جا جواب توکي رڳو تڏهن ئي ملي سگهندا. جڏهن تون ساڃهه جي وڻ مان ڦر پٽي کائين. ڪيڏي نه ناپاڪ سَڌ رکي اٿئي! ڀڄ هتان ڀڄي وڃ، ته جيئن خدا جا نيڪ بندا تو کان متاثر نه ٿين.“ ۽ ائين چئي هن منهنجي ٻئي ڳل ته به هڪ چماٽ وهائي ڪڍي. آءُ ديول جي در تان هٽي آيس ۽ ايندي ايندي مون کي خيال آيو ته، ديول جي اڳواڻ عيسيٰ چيو هو: ”ٻيا توکي چون ٿا ته سِرَ جي موٽ ۾ سِرَ وهائجانءِ. پر مان توکي چوان ٿو ته جيڪڏهن ڪو تنهنجي ڳل تي ٿڦ وهائي ته تون پنهنجي ٻيو ڳل به وڌائي سندس آڏو پيش ڪجان. جيئن هو پنهنجي ظلم جي باهه ۾ ڀسم ٿي وڃي.“

        ان بعد ڪيرتيون صديون آءُ ائين ئي بيٺو رهيس. راهب پنهنجي راهباڻيه ڪ هٽي هلائيندا رهيا. ۽ مندر جو پوڄاري پنهنجي پٿر جي مورتن مان مايا ٺاهيندو رهيو. آءُ ور ور ڪري هنن ڏانهن مدد لاءِ واجهائيندو هوس پر هو منهن تي لعنتاڻو ڪندا لنگهي ويندا هئا. اهڙن جي لعنتاڻي کي آءُ ڪيئن ليکيان. جن جو ڪمال ۽ زوال منهنجي اکين ڏٺو هجي. ديول به پنهنجي عروج تي پهتي ۽ کير جهڙو اڇو لبادو داغدار ٿيڻ شروع ٿي ويو. بارها خانقاهه جي ڪنهن بند ڪمري مان نڪرندڙ راهپ جي چهري تي مون گناهه جا عڪس ڏٺا ۽ گهڻن گهڻن سالن کانپوءِ ته اها حالت ٿي جو اوچتو ئي اوچتو رات جي وڳڙي ۾، ڪنهن ڪنڊ مان هڪ لڱ ڪانڊارجڻ جهڙي دانهن نڪرندي هئي ۽ پوءِ جهيڻن سڏڪن ۾ بدلجي ماٺ ٿي ويندي هئي. صبح جو خانقاهه جي انهيءَ ڪنڊ مان هڪ الهڙ راهبه پنهنجي لٽيل ننگ جو ماتم ڪندي غلسخاني ۾ هلي وئي هئي. ۽ انهيءَ ئي زماني جي ڳالهه آهي جو ڪنهن صحرا نورد آڻي، هن مسجد جو بنياد رکيو. شروع شروع ۾ جڏهن هيءَ مسجد ٺهي، ته ان جون ڀتيون ڪچي اوڏڪي مٽيءَ مان ٺهيون هيون ۽ ڇت ۾ کجيءَ جون ڪامون پيل هيس. پر پوءِ آهستي آهستي ڪچيون ڀتيون بدلجي سنگ مرمر جون ٿي پيون ۽ کجيءَ جي ڪامن بجاءِ اوچا قبا اچي ويا. پاسي ۾ ٺهيل ٻانگي واري مناري جي جاءِ تي رڳو هڪ ڪچي دڪي هوندي هئي ته جئين مٿڀرو ٿي سولو ٻانگ ڏئي سگهي. هاڻي ته ڏسين ٿو هيءُ منارو آسمان سان ٿو ڳالهيون ڪري. مسجد اڃا اوج تي هئي ۽ نمازين جي پيهه لکي پئي هوندي هئي، جڏهن آءُ پنهنجي هڙ کڻي مسجد جي در تي وڃي بيٺس_ سالن جي انتظار بعد مون کي واعظ سان ملڻ حاصل ٿيو. مون پنهنجي هڙ کولي کيس پنهنجي ويچارن جا منجهيل ويڙها ڏيکاريا. هو ڳپل تائين منهنجي منهن ۾ تڪيندو رهيو ۽ پوءِ چيائين: هي ويڙها وڃي ڪنهن سمنڊ ۾ ڦٽي ڪري ڇڏ، ڇو ته هي تنهنجي گمراهيءَ جو باعث آهن ۽ هنن جي هوندي تون ڪڏهن به صحيح ۽ سڌي راهه نه ڳولي سگهندين.“

        تنهن تي مون چيو: ”هيءُ وچڙيل ويڙها ته پوءِ به ائين ئي رهندا ۽ سمنڊ ۾، جو خدا جي بي انداز مخلوقاق آهي، اها به ته انهن سان لهه وچڙ ۾ ايندي رهندي. آءُ پنهنجو بار لاهي ٻين جي ڪلهن تي ڪيئن رکي ڇڏيان؟ تون چوين ٿو ته پوءِ آءُ هنن کي اڇلي ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان، پر ڀلائي ڪري اهڙي جاءِ ڏسيم جتي هي ڪنهن ٻئي جي مٿي جو بار نه ٿين! واعظ وائڙو ٿي ويو، گهڻي گهڻي تائين اهڙي جاءِ بابت سوچيندو رهيو، جتي انهن ويڙهيو ٿيل ويچارن کي اڇلائي ڇڏجي ۽ خدا جي ڪا به مخلوق انهن سان لهه وچڙ ۾ نه اچي. پر هن کي ڪا به جاءِ سمجهي ڪانه آئي ۽ هو ماٺ ٿي ويو.

        سالن جا سال آءُ مسجد جا مٽڪا ڀريندو رهيس. نيٺ هڪ ڏينهن تنگ اچي مون واعظ سان زور ڀريو ته منهنجي رهنمائي ڪر. يا هي منجيل ويچار سلجهائي ڏي، يا ڪا اهڙي جاءِ ڏس، جتي هنن کي اڇلائي اچان ۽ هي ڪنهن ٻئي جي مٿي جو بار نه بنجن. واعظ ڏاڍو ڪاوڙجي ويو، هن مون کي مسجد مان تڙائي ڪڍيو ۽ چيائين ته خدا اهڙن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو، جيڪي اهڙا ويچار کنيو پيا هلن. ٻيو الائجي ڇا ڇا چيو. واعظ کي عرصو به گهڻو گذري ويو آهي.

        سو سائين کي چوان، ائين پنهنجي منجهيل ويچارن ۽ خيالن جا ويڙها کڻي. آءُ وري اچي هي ٽه واٽو جهلي بيهي رهيو آهيان. هاڻي البت ڪجهه وقت کان اهو سو ٿيو آهي، جو ڪو سر ڦريو ڪاڏهون نه ڪاڏهون ڀٽڪندو هت اچي نڪرندو آهي، جهٽ پل لاءِ پنهنجي خوشيءَ سان هي بار کڻي پنهنجي مٿي تي رکندو آهي ۽ ويڙها ڪڍي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر ڪجهه وقت کانپوءِ، هو پنهنجي ماڳ ڏانهن منهن ڪندو آهي ۽ آءُ پنهنجو بار کڻي بيهي رهندو آهيان. واري ڦيري سان ڪونه ڪو ويهڙو کڻي سلجهائڻ شروع ڪندو آهي.“ پوڙهو ڳالهه ڪري ماٺ ٿي ويو. مون هٿ ڊگهيري کانئس هڙ وٺي پنهنجي مٿي تي رکي ۽ هڪڙي ڪڍي سلجهائڻ بيهي رهيس.

        پوڙهي سان گڏ آءُ به هن ٽه واٽي تي بيهي رهيو آهيان. ڪيستائين بيهندس؟ سو به هڪ سوال آهي، جيڪوويڙهو بڻجي هن هڙ ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ زندگيءَ جي راهه ۾، چپي چپي تي انسان کي هڪ ٽه واٽو سامهون ٿو پوي. آءُ الائجي ڪيترا ٽه واٽا اورانگهي آيو آهيان، پر هر بار جڏهن ڪو نئون ٽه واٽو آڏو اچي ويندو اٿم ته مون کي ايئن محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ آءُ اڃا ساڳي هنڌ بيٺو آهيان ۽ ساڳي ڳالهه نبيرڻي اٿم_ ايترو نه بلڪ هاڻي ته اهو به محسوس ٿيندو اٿم ته هر ٽه واٽي تي هڪ ازلي وجود بيٺل آهي ۽ المهرا افراد ابتا آڏا فيصلا ڪندا، ڪانه ڪا واهه چونڊي وهيو وڃن. ائين جيئن ارسطو ۽ بقراط پنهنجي پنهنجي واهه وهي ويا. پر هو ازلي وجود جيئن جو تيئن هن ٽه واٽي جو گهٽ جهليو بيٺو آهي.

        ۽ ائين ئي جڏهن حياتيءَ جي هڻ هڻان آڻي هڪ نئين ٽه واٽي تي بيهاريم ۽ ساندهه ٽي چار ڏينهن صبح سانجهي سوچڻ کانپوءِ به ڪنهن فيصلي ته ڪين پهچي سگهيس، ته هڪ رات خواب ڏٺم. جيڪي خواب ۾ ڏٺم سو ڪهاڻي ڪري اوهان آڏو رکيو اٿم. ممڪن آهي اوهان مان ڪو سوالن جي ويڙهن جي هڙ مان هڪڙو سلجهائي وٺي ۽ پوءِ هوريان هوريان سڀ سلهجي پون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com