شمس الدين کي خبر هئي ته حويليءَ ۾ اڄ ڪنهن به گهر
۾ قرب جو نانءُ نشان ڪونهي. سڀ انهن ويرين جا قيدي
هئا، جيڪي هنن پنهنجي اَنا جي تسڪين ۽ ڪوڙي ڀرم
خاطر ٺهرايون هيون. انهن ويرين جا بنياد به اونها
ڪرايا هئائون، جيئن ڪو به نسل انهن کي ڊهرائي نه
سگهي. هونءَ قرب ۽ پيار جا بنياد به اونها ئي
هوندا آهن، پر جي نفرتن ۽ جداين جا بنياد کڻائبا
ته وڌيڪ اونها کڻائبا، ڇاڪاڻ ته پهرين محبت ۽ پيار
جي بنياد کي لَٽرائي نفرت جي ويري اونهي گهري
کڻائبي آهي، صرف انهيءَ لاءِ ته ڪٿي قرب ۽ پيار جي
لَٽيل ديوار جا بنياد هن نفرتن جي بنيادن کي لوڏي
نه وجهن. شمس الدين سوچيندو ويو، هو نيٺ ڏيڍي ٽپي
اندر حولييءَ ۾ آيو، اڱڻ ۾ کنيل ننڍيون پر اونهيون
ويريون کيس نفرتن جي جداين جون ويريون نظر آيون.
هو سوچڻ لڳو ته آخر انهن نفرتن کيس ڏنو ڇا آهي. هو
هڪ هڪ ويري ويجهو وڃي اندر نهارڻ لڳو. گهر گهر
انهيءَ ڪوٽ جي ديوار اندر نڪتل ديوار اندر ديوار
هيٺان ڪيئن نه ڏکي زندگي گذاري رهيو هو. شمس الدين
کي ائين لڳو ته هيءُ سڀ ڪوڙو ڀرم رکڻ لاءِ جيون
گهارين پيا. هو ويرين جي ڊگهي سلسلي ڏانهن هلندو
ويو. سندس وکون هڪ هنڌ بيهي رهيون. سندس مائٽن مان
ڪا مائي کنگهي رهي هئي. هن ڪنڌ مٿي ڪري ويري مٿان
هيٺ اندر نهاريو. هن کي ڄاڻ هئي ته هوءَ ٽي- بي جي
مريض هئي. پاسي ۾ سندس پوٽو مَلي ۾ ورتو پيو هو.
هو وڌيڪ سوچي نه سگهيو ۽ پٺتي موٽيو. هاڻ سامهون
سندس گهر هو. هو ويري جي لنگهه وٽ وڃي بيٺو. هن
پنهنجي گهر اندر ڏٺو. اَڻپوري روشني، گهر ۾ گهر،
حويلي ۾ ايڏي سوڙهه، هن جو هنياءُ منجهڻ لڳو. هنن
ڀتين به ته جاءِ والاري آهي. هو سوچڻ لڳو، هنن
ويرين سوڙھ ڇو ڪئي آهي؟ هو اندر پهچندڙ جهڪي روشني
۾، پنهنجي وچين پٽ کي گيسيون پائيندو ڏسي سگهيو
ٿي، جنهن جون ٽنگون پوليي سبب ختم ٿي چڪيون هيون.
سندس ٻه نياڻيون جن جا مٿا به اڇا ٿيڻ لڳا هئا،
هاڻي ڇڙيل ڇتن سان دوران ۾ مبتلا هيون. هن حويليءَ
جون ديوارون ايڏيون ته ڊگهيون هيون جو ڌاريا سَنڱ
به اندر اچي نه ٿي سگهيا. حويلي اندر هيءُ ويريون
ايڏيون ته گهڻيون ۽ مضبوط هيون، جو پنهنجا سَنڱ هڪ
ٻئي جي ويرين کي ڊاهي نه ٿي سگهيا. هن ڄاتو ٿي ته
اهي ڪچين يا پڪين ڀتين واريون ڀتيون روڪ نه هيون،
پر اهي دلين جون ويريون هيون، جن هڪ ٻئي کي ڌار
رکيو هو. هن کي اها به خبر هئي ته رئيسن جي کانئس
انهيءَ ڪري نفرت هئي جو هو ناننگ ۾ هئن، پر جيڪي
هڪ ٻئي جي ڏاڏنگ ۾ هئا، انهن ۾ وري ڪهڙي محبت هئي.
هو ائين سوچ جي انبهوهه مان سٽ ڏئي نڪتو، ۽ ٻاهر
ڀڳو. کٽ کان گلو رازي جي تيشي کنيائين. ڊوڙندو
اندر ويو، گلو گهڻو ئي ڏيڍيءَ تائين ڀڳس، پر هو
کيس وٺي نه سگهيو، ۽ ڪجھ سوچي هيٺ اوطاق ڏانهن
ڀڳو. شمس الدين ڏيڍي لتاڙي سڌو اچي پنهنجي گهر
واري ويريءَ وٽ بيٺو، سندس هٿ زور سان ڪم ڪرڻ لڳا.
سندس ڀت پراڻي ۽ ڪچي هئي. چئن پنجن ڌڪن سان هن ڀت
جا ٻرگهل لاهي وڌا. سندس هٿ تيز هلي رهيا هئا. هر
هر پنهنجي منهن ڳالهائي به رهيو هو. ”هي ويريون
اسان جون دشمن آهن. ابراهيم! هي تنهنجون به دشمن
آهن. تو پنهنجي گهر ۾ تڪيو آهي. توکي تنهنجي زال ۽
نياڻين کي به هيءُ ويريون کائي ويون آهن. هيءُ
ويريون دلين جون ويريون آهن. ابراهيم. هيءُ اڄ ڊهڻ
کپن!“
ائين هن ڪنڌ مٿي کنيو. ابراهيم ۽ ٻيا مٽ مائٽ
ڀرسان اچي بيٺا هئس، هو يڪدم وڌي محمد ابراهيم وٽ
آيو.
”رئيس محمد ابراهيم! اچي هيءُ تيشي وٺ، اهي سڀ
ويريون ٽوڙي ڇڏ. گهٽ ۾ گهٽ پاڻ واري ويري ته ڊاهه.
اڙي سڀ گهٽجي مري ويندؤ. اڙي ٻوساٽجي ويندو اڙي
دَٻجي مري ويندو. اڙي ويريون ڊاهيو ته دليون صاف
ٿين. دليون ڌوپنوَ. اڙي ڇو ٿا هڪ ٻئي کي گهٽي
ٻوساٽي ماريو، اڙي!“
هو زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو. محمد ابراهيم سڄو ڏڪڻ
لڳو هو. هو هيڊو ٿي ويو هو. وڌيڪ ٻڌڻ جو روادار نه
هو. هن ڀَرُ ڪري شمس الدين کي چماٽ وهائي ڪڍي ۽
پاڻ ٿڙڪندو جهڪي ويهي رهيو ۽ شمس الدين رئندو،
ڊوڙندو پنهنجي ڪوٺي ڏانهن هليو ويو، جنهن جو در هن
هڪدم بند ڪري ڇڏيو. اها رات حويليءَ جي اداس ۽
تاريڪ رات هئي. انهيءَ رات ڏيڍي جي ڀت ڪري پئي ۽
شمس الدين انهيءَ ڀت ۽ پنهنجي ڪوٺيءَ جي ڇت هيٺان
دٻجي ويو. جڏهن شمس الدين کي مٽيءَ جي ڍير مان
ڪڍيو ويو، ته تيشي سندس هٿ ۾ هئي. جڏهن هن کي
مٽيءَ جي ڍير مان ڪڍي ٻيءَ مٽي جي ڍير ڏانهن نيو
ٿي ويو تڏهن چوڻ وارن چيو ته سڄي رات شمس الدين
ڪوٺيءَ ۾ بند انهيءَ ڀت جو بنياد تيشيءَ سان
کوٽيندو رهيو هو. هنجي لاءِ شايد اها ڏيڍيءَ جي ڀت
حويليءَ جي ڀت هئي، جنهن کي ڪيرائڻ سان شايد سڄي
حويليءَ جو بنياد ڊهي پئي ها، پر حويلي اڄ به قائم
آهي. سندس ڪنگرا ۽ ڪوٽ جهور ٿي چڪا آهن، اندر
ويريون ۽ دوريون اڃا قائم آهن. ڏيڍي هاڻي هڪ
گهٽيءَ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. وچ جو مال آهي. ڪير
ٺهرائي. شمس الدين جي ڪوٺي انهيءَ ئي ڀڳل حالت ۾
آهي، ۽ انهيءَ ڀڳل حصي ۾ شمس الدين جا ٻار ٻڪريون
ٻڌندا آهن، باقي ايترو سو ضرور ٿيو آهي جو نورپور
يا اوسي پاسي هاڻي حويليون ڪونه ٺهنديون آهن، جي
ٺهنديون به آهن ته انهن ۾ ڏيڍيون ۽ ويريون نه
هونديون آهن.
پاڙي ناهي پروڙ
باهه ڀنڀٽ، هٿ حليمان جو، اَنُ ٽڙڪاٽ ڪندو ڦُلن جو
روپ اختيار ڪري اُڏرڻ لڳو. ڦُلا ڦولايا، حليمان جو
هٿ هٽيو. پرڻ سان هن واري ڇاڻي ۽ ڇٻي ۾ وڌائين.
”ماسي! اهي ڦُلا منهنجا آهن.“ هڪ نينگر دانهن ڪئي.
”اهي منهنجا آهن ڪين.“
ماسي مُرڪي ٻنهي جا جهول ڀريا ۽ وري هڪ هٿ ۾ ڏنڊي
کنيائين، جنهن جي هڪ مُنهن تي ڪپڙو ويڙهيل هو. ٻئي
هٿ سان، ٻئي ڇٻي مان تئيءَ تي اَنُ لپ وڌائين.
ڦُلا ڦولاريا رهيا ۽ حليمان ڇٻو ڀريندي، ڦلا
ورهائيندي، ڪنهن کان ان لپ ته ڪنهن کان روڪڙ وٺندي
انهيءَ پورهئي ۾ پوري رهي. ماڻهن جو ميڙ گهٽيو، ته
تئه به هٽيو. هوءَ سَٽ ڏيئي اُٿي، پسانگ سان ڪرڙ
ڪانڊيرا ريڙهي لنبيل تئيءَ پويان ٺهيل چلهه ۾ وڌا
۽ ڀنڀٽ وري ڀڙڪو کاڌو. ڄڀين ۾ نهاريندي هُن پريان
نظر ڪئي ته هڪ ٻار تي نظر پيس. اُهو ڦلن جي ڇٻي وٽ
نئڙيو بيٺو هو. هن اتان ئي دانهن ڪئي:
”ڇورا! ڇٻي ۾ هٿ نه وجهه. مان اچان پئي.“
ڇوڪري ڇرڪ ڀري ڏانهس نهاريو ۽ ڦلن جي لپ ڀري ڀڄڻ
جي ڪيائين. پر بت ۾ جوپ، وڏي هڏ ڪاٺ واري حليمان
جي لوهه ۽ ٻرانگهه اهڙي هئي جو اچي ڳچيءَ کان
ورتائينس.
”اڙي ڪاڏي ٿو ڀڄين. ڪنهن جو ڇورو آهي؟“ ماسيءَ
بيٺلن ڏانهن تڪيو.
ٻن چئن ٻارڙن، ٻن چئن وڏڙن، ڪنڌ ڌوڻي سڃاڻپ کان
انڪار ڪيو. سامهون ئي گلو پڪوڙائيءَ جو دڪان هو.
ماسيءَ رڙ ڪري گلوءَ کان پڇيو:
”اڙي ادا گلو! آهي ڪو جو هن چور ڇوري کي سڃاڻي.“
”ماسي، خبر ناهي، چور آهي ته ڏينس ڪاٺ ۾.“ گلوءَ
اُتان ئي پڪوڙن کي تئي ۾ اُٿلاڻي ڏيندي وراڻيو.
ماسيءَ هن کي ٿيلهو ڏيئي، هيٺ جهڪائي وهاريو ۽
ڏانهس تڪيائين. ڇوڪرو هيسيل ضرور هو، پر ڊپ بنهه
نه پئي لکايائين. انگ تي وڏو چولو هئس ۽ هيٺان
ڪجهه به نه. ماسي جيئن سندس ٻانهن ڇڏي ته هن يڪدم
ڦلن ڀريل مٺ کڻي وات ۾ وڌي ۽ هو تڪڙو ڦلا چٻارڻ
لڳو. ماسي وائڙن وانگر کيس تڪڻ لڳي. ماسيءَ کي
الائجي ڇو مٿس قياس اچي ويو. کيس ائين لڳو ته هو
بکايل آهي. ماسيءَ يڪدم کيس اٿاريو ۽ ڦلن لپ ڀري
سندس جهوليءَ ۾ وڌي.
”ڀڄي وڃ ڇورا، هيڏي نه اچجانءِ. الائي ڪٿان جا
ڇورا، مائٽ ڄڻي گهٽين ۾ کڻي اڇلايا آهن. هاڻي بُک
آ، جو گهٽين ۾ پئي واڪا ڪري.“ هوءَ يڪدم پورهئي کي
جنبي ويئي. هاڻي چڻن جو وارو هو، سو تئيءَ ۾ چڻا
وجهي ٻه اُٿلاڻيون ڏنائين ۽ پوءِ پاٽيءَ جي تري
سان انهن کي ڏڏرڻ لڳي. گهڙيءَ ۾ چڻا ڀڳڙا بڻجي
ماسيءَ جي ڇٻي ۾ آيا ته خوشبوءِ چوڌاري واسو ڪري
ويئي. جيئن هوءَ گراهڪن کي لپ لپ ڏيندي ڏوڪڙ وٺندي
ويئي ته اوچتو هڪ ننڍڙو هٿ سندس سامهون آيو. هن
ڪنڌ کڻي مٿي نهاريو ته سندس سامهون اُهوئي ننڍڙو
نينگر بيٺو هو ۽ پوءِ هن چولو مٿي ڪري خالي جهولي
ڏانهس ڦهلائي. هيڏي سيءُ ۾ سندس انگ اگهاڙو ۽ لٻل
ميرو جسم ڏسي ماسيءَ کي وري قياس آيو ۽ چڻن جي لپ
ڀري سندس جهوليءَ ۾ وڌائين، پر يڪدم دانهن به
ڪيائين:
”اڙي هيترا بيٺا آهيو، ٻڌايو نٿا ته هيءُ اوپرو
نينگر ڪير آهي؟ هيءَ بک اڄ ڪٿان هن گهٽيءَ ۾ پئي
رُلي.“
ڪنهن به ٻڙڪ نه ٻوليو. سندس منهن تي ته سڃاڻڻ وارا
پار پتا پڌرا هيا. هوڏانهن نينگر تڪڙو تڪڙو ڀڳڙا
چٻاڙيندو اتان هٽي ويو. ماسي ڪنڌ ڌوڻي وري پورهئي
سان لڳي ويئي. اتي اوندهيڙي اچي ٿي ۽ ڪوبه گراهڪ
نه بچيو. باهه به اچي وسامڻ جي ڪئي هئي ۽ ماسيءَ
ٽيڙ ميڙڻ شروع ڪيا. دستور موجب گلڻ پڪوڙائي ڏانهن
منهن ڪري واڪو ڪيائين:
”ادا گلڻ! ٻي آني جا سنها ۽ ٻي آني جون ڪچوريون.
ڏسجانءَ، متان سڀ مال کپائي نه ڇڏين ۽ منهنجا ٻڄا
بک مارين.“
”ها ماسي، تنهنجي حصي جا پڪوڙا قابو آهن، فڪر نه
ڪر. مال مڻين آهي، رڳو دل وڏي ڪر. تنهنجا ٻچا، سي
منهنجا ٻچا.“
ماسيءَ مليل ان جون ننڍڙيون هڙون ٻڌي ڇٻن ۾ رکيون.
ڇٻي ۾ گڏ ٿيل روڪڙ مان چار آنا مُٺ ۾ جهليا ۽ ڇٻا
مٿي تي رکيائين. هوءَ سڌي گُلوءَ جي دڪان تي آئي.
گلوءَ کيس پڪوڙن جو پُڙو ڏيئي کانئس کلي پڇيو:
”ماسي، ڪير ڇورو هو، جو تنهنجي رڙ پئي پيئي؟“
”الائي ابا ڪير ڇوڪر هو، جهڙي بک. مون ته هن پاڙي
۾ ڪڏهن نه ڏٺو.
”هوندو ڪو غريب جو ٻار، ماسي بک به ته ملڪ ۾ ڪاهي
پيئي آهي.“
ماسي ڪنڌ ڌوڻي پڙو کنيو، پر يڪدم دانهن ڪيائين:
”هيءُ ڇا گُلو! پڪوڙا ٿورا پيا لڳن.“
گلوءَ ٿڌو ساهه ڀريو: ”مهانگائي، ماسي، مهانگائي
ڏس ماسي! ٻچن جو پيٽ توکي به پالڻو آهي ته مون کي
به. مان ڀلا ڇا ڪريان؟“
ماسي ماٺ ميٺ ۾ پرو کنيو ۽ ويچارن ئي ويچارن ۾ ڇٻا
مٿي تي، پڙو هٿ ۾ لوڏيندي، گهٽيون لتاڙيندي، گهيڙ
ٽپندي هلندي هلي. اوچتو کيس لڳو ته ساڻس ڪير گڏ
پيو هلي. هن يڪدم بريڪ هنيو ۽ اوندهه ۾ پٺيان
نهاريو. کيس ڪجهه نظر نه آيو. هوءَ هلڻ تي هئي ته
اوچتو سندس هٿ کي سٽ آئي ۽ هُن ڏٺو ته ڪير کانئس
پُڙو کسي وٺي ڀڳو. هن چٽيءَ طرح سڃاتو ته اُهو ئي
نٻل اڌ اُگهاڙو نينگر هو، جنهن جو چولو هوا تي
اُڏامندو نظر آيس. هو ڏسندي ڏسندي سندس اکين آڏو
غائب ٿي ويو. هوءَ ڪا گهڙي ته وائڙن وانگر انهيءَ
پاسي تڪيندي رهي، پوءِ جڏهن هن کي هوش آيو ته رڙين
واڪن ۾ پئجي ويئي.
”بيهجان ڇورا! اڙي ڇورا! نڀاڳا! شل ٽنگون ڀڄندءِ.
اڙي ڇورا! شل......“
هوءَ اوندهه ۾ رڙيون ڪندي، اچي گهر ڀيڙي ٿي. ٽپڙي
کڻي در کي ڌڪو ڏيئي، اندر داخل ٿي. سندس زبان جهل
ئي نه ڏئي.
”هي نماشام جو ڦُر.... هيءَ ڌاڙو.... هيءُ
ڪيس..... هيءُ قهر...“
اوچتو سندس زبان کي ٻُنجو اچي ويو. سندس آڏو هڪ
ننڍڙو هٿ وڌيو، ۽ پوءِ هن اڌ گهاڙي ٻار جهولي
ڦهلائي. هن کي پنهنجي ننڍڙي بکايل ٻار کان مختلف
نه پئي لڳو. ائين سندس نظر پنهنجن ٻارن تي پيئي،
جن مان ڪي جهولي جهليو، ڪي هٿڙا وڌايو بيٺا هئا ۽
سندس نظرون ڇٻي کي ۽ خالي هٿن کي تڪي رهيون هيون.
هن کي هاڻ ائين پئي لڳو ته گهٽيءَ ۾ رلندڙ بک سندس
گهر ۾ ڪاهي پيئي آهي ۽ کيس تعجب ٿيو ته هن ايتري
دير انهيءَ نينگر کي ڇو نه سُڃاتو.
(مهراڻ 4/1983ع)
زماني جو دستور
منهنجو
اهو دستور هو ته جڏهن
به ڳوٺ وڃان ته صبح جو سوير پنڌ ڪندي وڃي قبرستان
نڪران. وڏڙن لاءِ ”قُل“ پڙهي وران ته ڏينهن ٿيو
وڃي. هيل ويس ته نيم اهوئي. جيئن ئي اسٽيشن وارو
چوڪ ٽپيم ته ڏٺم ته هڪ ڪچي پر ننڍڙي گهر مان ٽپڙي
سوري هڪ ڏهن ٻارهن سالن جو نينگر ٻاهر نڪتو. ڇٻو
ساڻ هجيس، کڻي مٿي تي رکيائين. نڪرندي ئي هوڪو
ڏنائين: ”هَلُ! مٺا انگور اٿئي..... ماکي مکڻ
انگور.....“
مون تي نظر پيس ته سڌو مون ڏي هليو آيو. مان به
بيهي رهيس.
”سائين انگور وٺو... سُٺا مِٺا اٿو.....“
ڇٻو لاهي کڻي اڳيان ڪيائين، گول ڳاڙها ساوا انگور
هئا. مون ورائي ڏانهس نهاريو. مون کي ڄاتل سڃاتل
مهانڊو لڳو. ”ڪنهن جو پٽ آهين؟“
”سائين شمس الدين جو.“
”مامي شمن جو؟“
”ها سائين.“
”پڻهين ڪيئن آهي؟“
”بابو بيمار آهي، ڪم به ڇڏي ڏنو اٿائين. هاڻ ميوو
کپائيندو آهي، پر ڪجهه ڏينهن کان سندس بيماري ڪري
آءُ ڇٻو کڻندو آهيان.“
”اڙي... اڙي.....! تون چؤنڪ وٽ بيهه، مان قبرستان
کان موٽان ته کانئس پُڇڻ هلبو ۽ توکان انگور به
وٺبا. ٺيڪ....!“
”جي سائين.“
هُو هوڪو ڏيندو اڳتي وڌيو. ”هَلُ.... مٺا انگور
اٿئي... ماکي مکڻ انگور اٿئي....“
مان جيئن اڳتي وڌيس ته مامي شمن جي شبيهه سامهون
هئي. خيالن ۾ سندس ڇوڪراڻو زمانو سامهون هيو. ڪي
يادگيرين جون ڇوليون هيون، ڇڪي کنيون پئي ويون.
مامو شمن امڙ جو سؤٽ هيو. امڙ غريب گهراڻي جي هئي،
وڏ گهراڻي ۾ اچي ويئي. ٻارُ هيو
ته کيس گهر ۾ ڏسندا هياسين. وڏڙو ٿيو ته ڏيڍيءَ ۾
امڙ سان ملندو هيو. جوانڙو ٿيو ته حويليءَ جي در
تي بيهندو هيو. سندس سڳي ڀيڻ به حويليءَ ۾ ڏنل هئي.
اها به اتي ئي سڄي ڪٽنب سان رهندي هئي. هو ڪڏهن
ڀيڻ سان ته ڪڏهن امڙ سان ملڻ ايندو هيو ته حويليءَ
جا سخت قانون ڪڏهن کيس ڏيڍيءَ تائين اچڻ ڏيندا هيا،
ته ڪڏهن ڏيڍيءَ کان ٻاهر وڏي دروازي وٽ روڪي
ڇڏيندا هيا.
مامو شمن مون کان ڪو سال ٻه کڻي وڏو هوندو، پر
راند روند ۽ گهمڻ ڦرڻ ۾ گڏ هوندو هو. جڏهن کجين جي
باغن ۾ ڪم ڪندو هو ته وٺي باغ گهمائيندو، هيٺ ڪريل ڏوڪا ڌوئي
پوئي کارائيندو.
جڏهن پڙهڻ سانگي ڳوٺ ڇڏيم ته ڦِڏن سِڏن اکرن سان
ٽي پئسي وارو ڪارڊ ضرور موڪليندو هو. يتيمي ۽
غريبي ڪري هو نه پڙهيو نه ڪڙهيو، پر عجيب اهو ته
نئڙت نياز، اُٿي ويٺي، ڳالهه ٻولهه ڄڻ ته ڪنهن
پڙهيل ڳڙهيل داناءُ ماڻهوءَ سان ويٺا ڳالهايو.
گرمين ۾ موڪلن ۾ ڳوٺ اچبو ته هيءُ پيو حويليءَ تي
لامارا ڏيندو ۽ هٿ اچي ويومانس ته سڪ سان باغ
گهمائيندو، مِٺا سُٺا ٻول ٻڌائيندو. سوٽ ماسات سان
گڏ ٿي اِٽي ڏڪر يا بيٽ بال کيڏندا هياسين ته ڪنڊ
تي هٽي بيهندو جو اسان جا مٽ مائٽ شايد سندس يتيمي،
غربت يا باغائي هجڻ ڪري کيس گهڻو ويجهو اچڻ ڪونه
ڏيندا هيا. ڇوڪرا به کيس گهڻو تڻو راند ۾ شامل نه
ڪندا هيا، پر پوءِ سڀ گهرا ٿيندا ويا. چرچي گهٻي ۾
مامي شمن تي کِلن جا هوڪرا هوندا هيا. مامي کي بيٽ
بال راند جو شوق هوندو هو. ڪڏهن ته زوري فيلڊنگ
ڪندو هو ۽ اسان کي بال کڻي آڻي ڏيندو هو. اسين به
کيس ڏاڍو ڊوڙائيندا هياسين. جڏهن ٿڪبو هو ته مون
کي مٿس قياس ايندو هو.
”ماما تون هاڻي ويهي رهه.“
هو سهڪندي چوندو هو، ”ڀلا منهنجو وارو ڪڏهن ايندو.“
هُن غريب جو وارو مڙئي گهٽ ايندو هو. ٻيو مامي شمن
کي ڳائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. ان وقت جا مقبول
فلمي گانا پنهنجي بي سري آواز ۾ پيو ڳائيندو هو.
گهڻو تڻو هوٽلن تي ويهي ٻي آني واري ڪوپ تي ڪلاڪن
جا ڪلاڪ ويٺو گانا ٻڌندو ۽ انهن ڳائڻن سان ويٺو
ڳائيندو. پيسا نه هوندس ته ڪٿان به پٽي سٽي هوٽل
تي ويهندو ضرور. ائين کيس هوٽل تي ويهڻ جي چُوس
پئي. ڪڏهن سُري ايندو:
”مائٽ! ڀلا ٻه چار آنا آهن.“
خرچي ئي ٻه آنا ملندي هئي، ڪڍي کڻي تِريءَ تي
رکندو هيومانس. کڻي ڊوڙ پائيندو. ٻئي ڏينهن ملندو
ته نوان گانا ڊُڻ ڊُڻ... ڪري ڳائيندو. محمد رفيع
جو ته عاشق هوندو هو، ان جو ڳايل هيءُ گانو:
”غريب جان ڪي مجهه ڪونه تم بهلا دينا.“
ور ور ورجائيندو ”غريب جان ڪي..... غريب جان ڪي.....!“
مان جيڪڏهن جهونگاريندو هيس، ”غريب جان ڪي!“ ته
يڪدم کڻي وات تي هٿ ڏيندو:
”مائٽ تون ته نه چئه!“
”ڇو!“
”تون غريب ٿوروئي آهين. غريب ته مان آهيان، شمس
الدين غريب!“
خبر تڏهن پئي ته ”غريب“ سندس تخلص ٿي ويو ۽ فلمي
گانن جي طرز تي ڪلام چوندو. جڏهن جو چيائين ”غريب
ڄاڻي وڃجانءِ نه هٿڙو ڇڏائي...“ ته سڄي سنگت کڻي
منهن مٿو پٽيو. سوٽ گلڻ ته ڪڍ هوندو هيس.
”اڙي شمس الدين غريب! ڪارا بيڊولا! ڪهڙي توکي هٿڙو
ڏيندي؟ چئه ته ’غريب ڄاڻي ڀلي وڃجانءِ هٿڙو ڇڏائي.‘
يار اسين جو ويٺا آهيون، ڀلي اچي.“
سوٽ گلڻ کيسي کي کڙڪائيندو ٻه چار ڊينگلا رپيا کڻي
ڏيکاريندس. بنهه رُسي ويندو. يار پرچائي وٺي ايندس
ته اُهڙي جو اُهڙو.
”مون تي ٽوڪون ۽ چٿرون ڀلي ڪريو، پر سوٽ! منهنجي
محبوب لاءِ ڪجهه نه چئو.“
سندس غريبي حال کي ڏسي اسان مان هرڪو ٻه چار آنا
ڏيندو هيس ته خوش ٿي ويندو.
هڪ ڏينهن وَنگ
تي چڪر پئي ڏناسين، ته مون وڏا گول ڳاڙهسرا انگور
ڏٺا. وڌي وڃي هٿ وڌم. رپئي جا کڻي ورتم.
”سوٽ هيءُ تو ڇا ڪيو؟ اجايا پيسا ڀريئه. مان ٿو
توکي انگور آڻي ڏيان. مان اڄڪلهه انگورن جي باغ ۾
ته ڪم ڪندو آهيان.“
ٻئي ڏينهن دونو انگورن جو گهر ڏئي ويو. مون کي
احساس ٿيو. عيد جي تازي خرچي ملي هئي، ٻه رپيا کڻي
ڏنا مانس. ڏاڍو خوش ٿيو.
گهر پهتس ته امڙ يڪدم چيو، ”شمن هيءُ ڪهڙا انگور
ڏيئي ويو آهي، کٽا ٽڙهه!“
وري جو ڪنهن ٻڌايس ته مون کيس ٻه رپيا ڏنا آهن ته
بنهه بِرُ ٿي ويئي.
”هنن کٽن انگورن جا ٻه رپيا! کٽا انگور باغ تان
چورائي، اسان جا ٻار ٿو ڦري! بيهه، ته مان ٿي
ڏسانس!“
مامي شمن کي ڏيڍيءَ ۾ گهرائي اهڙي دٻ ڏنائينس جو
مامو بنهه گم ٿي ويو. نيٺ هڪ ڏينهن منهن ۾ مليو.
”ماما هيءُ ڀلا ڇاهي.“
”بس سوٽ، ڳالهه ڇڏي ڏي. غريبن جا انگور هميشه کٽا
نڪري پوندا آهن.“
ڳوڙها ڳڙي پيس. اسان به پڙهائي سانگي گهڻو تڻو
ٻاهر، وقت ائين گذري ويو. مامو بنهه وسري ويو.
ڪڏهن عيد براد تي ملندو ته بنهه منجهيل ۽ مرڪون
کسيل. وڌيڪ ڪارو پيو لڳندو. ڏکن ڏوجهرن هڻي کيس
پورو ڪري ڇڏيو هو. ڪڏهن ڪٿي پورهيو، ڪڏهن ڪٿ نوڪري
يا وري ڇٻو مٿي تي. مَڙهي ماءُ مرڻ کان اڳ هڪ يتيم
مائٽياڻي کڻي پرڻايس. بنهه وٺجي ويو. ٻار ٻچا ٿيس
ته ڪُٻو ٿي ويو. ڪاڏي ويا گانا بجانا، ڪاڏي ويون
هوٽلون، ڪاڏي ويا ٽهڪ ۽ مُرڪون! جي وقت کي جهل
ڪانهي ته زماني کي به روڪ ڪانهي. مامو اڄ بيحال
هيو. سندس پٽ به ڇٻو کنيون پيو هوڪا ڏئي. سوچن جي
دهشتي درياهه مان نڪري واپس چونڪ وٽ پهتس ۽ ڏٺم ته
نينگر ڪونه هيو. پٺ ورائي مامي جي گهر ڏي ڏٺم. دم
نه جهلي سگهيس، ”ڪهڙي منهن سان وڃان، يا ڪا ٻي ويل
وڃان. سندس نينگر به ته ڪونهي.“ اِهي ويچار
ويچاريندو گهر پهتس ته ڏسان ته در کان ٿورو پرڀرو
مامي شمن جو پٽ ڇٻو کنيون بيٺو آهي.
”اڙي بابا! تون هت بيٺو آهين. مان توکي اُتي
پيو ڳوليان. پڻهين بيمار آهي، پڇڻ هلونس ها.“
هو سُري آيو، ”ها سائين، بابا بيمار آهي، توهان
انگور وٺندو..... ڏاڍا مِٺا سُٺا اٿوَ.....؟
ڇٻو کڻي آڏو ڪيائين. اهي ئي ڳاڙهسرا گول ساوا
انگور. مان ڄڻ ته ڪي زمانا پوئتي هليو ويس.
يادگيريون وڻ ويڙهيءَ وانگر ويڙهي ويون. ڏاڍي
ڏکيائيءَ سان جان ڇڏائي سُڪائيندڙ وڻ ويڙهيءَ
وارين ولين جي ڄار مان نڪري آيس. شڪر جو ان وقت
اڃان بيٺو هو. مون يڪدم کيسي مان سؤ رپين جو نوٽ
ڪڍي کيس ڏنو. ”هيءُ مامي کي ڏجانءِ.“
هو ڪا گهڙي نوٽ ڏسندو رهيو، پوءِ انگورن جو سڄو
ڇٻو کڻي مون ڏانهن وڌايائين.
”سائين! هيءُ توهان جا انگور.“
مان هٻڪي بيهي رهيس. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيم. جهڪي
ٻه ڇڳا انگور جا کنيم. پني ۾ ويڙهيم. نينگر جي مٿي
تي هٿ ڦيريم، ڳوڙها ڳڙي پيا. تڪڙو پٺ ورائي گهر ۾
گهڙيس. سامهون وڏي ڀيڻ بيٺي هئي. امڙ ته هاڻ هئي
ڪانه. گهر جي وڏي به اهائي هئي ۽ ڳوٺ ۾ گهر به اُها
سنڀاليندي هئي.
”ڀائو، ٻاهر مامي شمن جو پٽ هو نه، هوڪا پئي
ڏنائين.“
مون اخبار ۾ ويڙهيل انگور کيس کڻي ڏنا. ڳالهائڻ جي
سگهه ڪانه هيم. منهنجو ڀاڻيجو جيڪو اڳ ٻاهر بيٺو
هو، اندر گهڙي آيو.
”امان، ماما وڏي اِهي سؤ رپين ۾ ورتا آهن.“
انهيءَ وچ ۾ ادي وڏيءَ ٻه انگور کڻي وات ۾ وڌا،
کٽا ٽڙهه لڳس.
”سو رپيا! پر ڀائو، هيءُ ته انگور بنهه کٽا آهن.“
مان ڀر ۾ پيل کٽ تي ويهي رهيس. مان زمانو لتاڙي
وڏو سفر ڪري آيو هيس. بنهه ٿڪجي پيو هئس.
”امان منهنجي! پر زماني
جو دستور ائين ئي آهي، غريبن جا انگور هميشه کٽا
نڪري پوندا آهن.“
بند ڪتاب جو بند باب
ڪمري ۾ هلڪي اونداهي هئي. ڪير اندر گهڙي اچي ته
جهٽ پل کانپوءِ ڏسي سگهندو ته هيءُ هڪ مرمت
گهُرندڙ پراڻو ڪمرو هو. ڀتين جا ڪيترن ئي هنڌن تان
چاپُڙ لَٿل هيا. هيٺان کان مٿي ڇت تائين ڏارون
ٻِرگهل ڪري ويون هيون. گرڊرن ۽ ٽيئرن واري ڇت به
ڪيترن ئي هنڌن کان جُهڪي ويئي هئي. در دريون بند،
پر سٺي ڪاٺ مان ٺهيل قديم طرز تي نقش نگارن سان
سينگاريل، منجهن رنگين شيشا لڳل، جن مان دٻيل پر
رنگين روشني ڪمري جي اونداهيءَ کي هلڪو پئي رکيو.
ڪمري اندر ساڳوان مان ٺهيل اسپرنگن وارو ڪوچ، جنهن
جا اسپرنگ پراڻا ٿي ويل ۽ ويٺل؛ مٿن چڙهيل ڪپڙو
گسي، رنگ وڃائي، اصل سونهن کان وانجهيل. ڪشمور جي
جنڊيءَ تي لٿل پاون واري نوار سان واڻيل وڏي، پر
جهِڪيل کٽ، جنهن تي چئن خانن واري ڦٽل ميري چادر،
بنا ڇَوَ جي هڪ وهاڻو، ڀرسان ئي هڪ ڪتاب ۽ ڪاڳر
وکريل. آبنوسي ٻن طاقن وارو هڪ ڪٻٽ، جنهن جو هڪ
طاق کليل، جنهن مان مٿئين طاق تي رکيل دوائن جو
ڍير، جنهن جي خوشبو سڄي ڪمري ۾ ڦهليل. هيٺين طاقن
۾ ڪتاب ۽ فائيل ڀريل. هيٺ مٿي ٿيل ڀڳل فرش، جنهن
تي سندس لڙڪيل پر گهٽ ٽڪيل پير، ۽ چوڌاري هڪ عجيب
ماٺ ڇانيل. اهڙي ماٺ، جو هڪ پراڻي آرام ڪرسيءَ تي
ويٺل هڪ جهونڙو شخص به اُن ماٺ جو حصو پئي لڳو. سٺ
سالن جي هن جهوني شخص کي گرم ٽوپ پيل، گلي جي
چوڌاري مفلر ويڙهيل، اکين تي نظر جي عينڪ چڙهيل.
هو اُن عينڪ مان ڀت تي ٽنگيل هڪ تصوير جي فريم کي
تڪي رهيو هو، جنهن مان هڪ ڳلن ڀريل ٽويڊ جو ڪوٽ ۽
سٺي ٽاءِ پهريل اڌڙوٽ کيس مشڪي نهاري رهيو هو، ڄڻ
کيس چئي رهيو هو ته ”تون ختم آهين، ڏس مان ڪيئن نه
جيئرو آهيان ۽ چمڪان پيو، جرڪان پيو!“ هُن جي چهري
تي مرڪ ايندي ايندي رهجي وڃي ٿي. هو هڪدم نظر
ڦيرائي ٻيءَ ڀت ڏانهن ڏسي ٿو. هڪ پراڻي آرٽسٽ گل
محمد کتري جي ٺاهيل هڪ تصوير، جيڪا هُن کيس تحفي ۾
ڏني هئي. سسئي وندر پيئي ووڙي، جبل پيئي جهاڳي.
رسيءَ جي سرڪڻ ڦاهي سوريءَ جي علامت طور سامهون
اٿس. هيٺان شاهه سائينءَ جي بيت جي هڪ سٽ عنوان
طور ڏنل آهي. هو اُها سٽ پڙهڻ جي ڪري ٿو ته اوچتو
پاسي وارو در کُلي ٿو. روشني ور وڪڙ کائيندي آهستي
آهستي اندر داخل ٿئي ٿي. هو آهستي آهستي ڪنڌ ورائي
در ڏي ڏسڻ جي ڪري ٿو. هڪ عورت در وٽ بيٺي آهي.
هوءَ ڪا گهڙي در وٽ بيهي اندر داخل ٿيندڙ ڏِنگن
ڦڏن روشني جي ڪرڻن وسيلي ڪمري کان آگاهه ٿئي ٿي.
هوءَ پهريائين درين ۾ لڳل رنگين شيشن مان ايندڙ
رنگبرنگي روشني کي ڏسي ٿي، ۽ پٺيان دروازو بند ٿي
وڃي ٿو. هوءَ شيشن مان ايندڙ رنگين روشني کي ڏسندي
اوڏانهن وڌي وڃي ٿي ۽ آهستگي سان هڪ دري کي کولڻ
جي ڪري ٿي. دريءَ جا طاق نٿا کُلن. هوءَ دريءَ ۾
لڳل هٿيئي کي زور سان پاڻ ڏي ڇڪي ٿي، ۽ ائين دري
جا ٻيئي طاقُ کلي پون ٿا. ٽپهريءَ جي روشنيءَ جا
انبار اندر داخل ٿي پون ٿا ۽ هوءَ مڙي اُن جهونڙي
ڏي ڏسي ٿي، جو هاڻ پنهنجي ڪرسي وٽ اُٿي بيٺو آهي،
۽ سندس چپن تي مُرڪ اچي ويئي آهي. هو ٻانهون کولي
بيهي ٿو. هاڻ هن عورت جو خاڪو چٽو آهي. هيءَ سنهڙي
سيپڪڙي، وارن ڪٽيل، ننڍي قد جي خوبصورت عورت آهي.
ٽيهن پنجٽيهن جي هوندي به ننڍي نيٽي لڳي پئي. هوءَ
کليل ٻانهن کي ڏسي ٽڙي پوي ٿي ۽ ٻن وکن ۾ پنجن وکن
جو فاصلو لتاڙي سندس سيني سان لڳي ٿي ۽ پوءِ سندس
هلڪي لپِسٽڪ سان سينگاريل سنهڙا پر خوبصورت چپ
کُلي پون ٿا. ڳري لڳي هوءَ آهستي آهستي سس پس واري
آواز م ڪجهه چوڻ شروع ڪري ٿي ۽ جهونڙو هڪ هڪ اکر
چٽي طرح ٻڌي رهيو آهي ۽ پوءِ هُن جا هٿ ڏڪڻ لڳا
آهن. ٽنگن ۾ به سَتُ نٿو ڀانئي ۽ هو آهستي آهستي
ڪرسيءَ تي ويهي رهي ٿو. هوءَ به سندس سيني لڳي رهي
ٿي ۽ آهستي آهستي پاڻ جهُڪائي سندس قدمن ۾ ويهي
رهي ٿي. هاڻ جهونڙي جي اکين مان پاڻي وهي رهيو
آهي. هوءَ هڪ هٿ سان سندس ڳوڙها اُگهندي چوندي هلي
ٿي:
”... گُل! توکي هيءُ ڇا ٿي ويو آهي؟ تنهنجي سڄي
حياتي هونئن ئي خالي ۽ اڪيلي، پر هيئن بنهه ڀڙڀانگ
ٿي ويندي، مون بنهه نه سوچيو هو! مڃان ٿي ته ڏوهه
منهنجو آهي، گنهگار آهيان، ڏوهاري آهيان، پر ائين
ڪبو آهي جو ٽي سال اڳ تنهنجي آڏو ڪيل هڪ اعتراف ۽
هڪ انڪار کان پوءِ تو اها سزا ڏني جو تون بنهه گم
ٿي وئين! مان ڳوليندي رهيس. تنهنجي حيدرآباد واري
گهر تي فون ڪيم، تنهنجي پٽ کان پڇيم. منهنجي گهڻي
پڇا ۽ ڳڻتي ظاهر ڪرڻ کانپوءِ هو آواز ٻڌي فون بند
ڪري ڇڏيندو هو. تنهنجي گهر جا سڀ ڀاتي ڄڻ ته تنهجي
وجود کان اِنڪاري هجن. ائين پئي لڳو ته هو تنهنجي
اندر دفن ٿيل راز کان آگاهه ٿي ويا هجن. هُنن توکي
شايد اها سزا ڏني آهي جو تنهنجي پنهنجي ڳوٺ جي هن
پراڻي گهر ۾ توکي دفن ڪري وساري ڇڏيو آهي. هن گهر
۾ ته ڪير به ڪونهي. ٻاهر هڪ ننڍو نينگر مليو، جنهن
تنهنجو ڏس ڏنو ۽ هن ڪمري تائين پهچايو. ٽي سال مس
ٿيا جو تون منهنجي شهر ۾ ٻه دفعا تڪڙو تڪڙو آيو
هئين. اُن وقت ته تون ٺيڪ هئين، هيئن هڏائون پڃرو
ته نه هُئين؛ تون هيئن مايوس ڀڳل ٽٽل شخص نه هئين.
تون ته ايترو پُر اُميد هُئين جو تو منهنجي ڏنڀيل
حياتي کي ڏسي ڪيئي اميد جون مشعالون ٻاري ڏنيون
هيون. مون توکان پڇيو هو ته ويهه سال اڳ ڏنل آڇ
اڃان برقرار آهي، ته تو وراڻيو هو ته جيستائين مان
جيئرو آهيان، تيستائين نه منهنجيءَ دل جا دروازا
نه بند ٿيندا، نه گهر جا دروازا.
”تو اهو به چيو هو ته ماڻهو مرڻ گهڙيءَ تائين اميد
جي مشعال آهي. اُها تڏهن وسامي ٿي جڏهن قبر جي
مٽي اُن تي پوي ٿي. مون ٻيو دفعو به اُهائي غلطي
ڪئي، جيڪا ويهه ورهيه اڳ ڪئي هيم ۽ تنهنجي آڇ
موٽائي ڇڏيم. تو اُميد رکندي پيار لاءِ چپ وڌايا ۽
مون جواب ۾ پنهنجا چپ تنهنجي پيشاني تي رکي اُنهي
باب تي آخري مهر هڻي ڪتاب بند ڪري ڇڏيو.“
اُن عورت سُڏڪندي ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو. جهونو
سندس مٿي تي هٿ ڦيريندو رهيو، پيار سان وار
سنواريندو رهيو.
”گُل! تون ڳالهائين ڇو نٿو؟ ڪجهه ته چئه، هنيانءَ
جو بار ته گهٽ ڪر. هيءَ ڏس، مان تنهنجا خط به کڻي
آئي آهيان.“
جهونو اڃا به خاموش هو. عورت پنهنجي پرس مان خطن
جو بنڊل ڪڍيو. هُن خطن جا ورق ائين ورايا ڄڻ هڪ
هڪ ورق ۽ اکر اکر کان واقف هجي. هُن ڇڪي هڪ خط
ڪڍيو.
”هيءُ ڏس تنهنجو اُهو خط، جنهن ۾ تو نيٺ لکيو هو
ته ’مان توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو‘. اُهو به تڏهن
لکيو جڏهن مون توکان لکي پڇيو ته آخر تون چاهين ڇا
ٿو. مون کي ياد آهي ته جڏهن تون ويهه ورهيه اڳ
منهنجي شهر ۾ آئين، مسلسل پنج سال ايندو رهين.
تنهنجي هر شام اسان جي گهر گذرندي هئي. تون ڪلاڪن
جا ڪلاڪ مون سان عجيب ڳالهيون ڪندو هئين. مون کي
ڪيتريون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون. منهنجي
عمر به ننڍي هئي، سترهن سالن جي هڪ نينگر. پر هيءُ
سمجهه ۾ نه ايندڙ ناتو به عجيب هو. مان تنهنجي
ويجهو رهڻ چاهيندي به هيس پر هر هر ڀَؤ ٿيندو هيم
ته ڪٿي ڪنهن پيچ ۾ اڙجي نه وڃان. تنهنجون مٺيون
ڳالهيون ۽ مٺو سڀاءُ اندر ۾ وَرُ ڪري ويهي رهيو
هو. مان حيدرآباد آيس، تنهنجي ڪٽنب سان مليس.
تنهنجو ڪٽنب به اسان وٽ آيو. رشتا اڳ به هيا پر
آهستي آهستي رشتا گم ٿيندا ويا، بس تون ۽ مان
بچياسين. منهنجا سڀ مائٽ توکي گهرندا هيا، خاص طرح
منهنجي اَمي. سڀ اسان جي خاموش پيار کي به پَسندا
رهيا. پر هر ويلي مون کي اِهو احساس ڏياريندا
رهيا، ته اهو سڀ سولو نه آهي. ’توکان پنجويهه
ورهيه وڏو هيءُ ڪٽنب وارو شخص توکي ڪجهه به ته نه
ڏيئي سگهندو.‘ مون خود غرض بڻجي پنهنجي Security لاءِ
سوچيو. سوين ميل پري رهندڙ شخص کي فاصلن ۽ ملڪيت
جي تصور سان توريو تڪيو. تو وٽان جڏهن پڪ ٿي ته
هيءُ دوستي هاڻ شاديءَ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، ته مان
ڇرڪي هٽي ويس. پوءِ پنهنجي هڪ همعمر کي همسفر ڄاڻي
ته هڪ عمر وارا ئي گڏجي رهي سگهن ٿا، ساڻس شادي
ڪري ڇڏيم. مون سندس مستقبل به شاندار تصور ڪيو، پر
جلد محسوس ڪيم ته شاندار مستقبل به ماڻهوءَ جي من
جي خوشين جو امين نه هوندو آهي. ٿوري ئي عرصي ۾
هُن مون کي ڏنڀ ڏيئي ڇڏيا. جواني ۽ پنهنجي سونهن ۾
بدمست هڪ چريو ماڻهو! هُن منهنجي ڪنهن به خوشيءَ ۽
ڏک جو خيال نه ڪيو. مون کي جيڪڏهن اُن گهاريل
حياتيءَ مان ڪجهه مليو ته اُهو منهنجو پٽ منظور
آهي. مون سندس مستقبل لاءِ پاڻ پڙهيو، امتحان ڏنا،
نوڪري ڪيم ۽ ائين هيءُ ٻچو پالي وڏو ڪيم. شهزاد
منهنجي زندگي عذاب ڪري ڇڏي هئي، پوءِ هو پاڻ مون
کي ڇڏي ڪنهن ٻيءَ عورت سان ڀڄي ويو. تعليم مڪمل
ڪري نوڪريون ڪندي مٿي چڙهندي آيس. توکي خبر آهي ته
هاڻ مان هڪ وڏي سرڪاري عهدي تي آهيان. ننڍڙي منظور
لاءِ مون پنهنجو شهر ڇڏي ڏنو. هو هاڻ لاهور ۾ سٺي
ڪاليج ۾ پڙهي ٿو. منهنجي حياتيءَ جو اهو به مقصد
آهي ته منظور پنهنجي حياتي جو مقصد ماڻي، پر توکي
ڇڏي به پڇتاءُ جو وڻ وڏو ٿي ويو آهي. من اندر هڪ
خال آهي. هن وڻ ۾ ڪوبه ڇانورو نه آهي، ڪنڊا ئي
ڪنڊا آهن. اِهي ٽي سال چُڀندا رهيا آهن. من جو پکي
ڦٿڪي ڦٿڪي زخمي ٿي هاڻ مون کي ماري رهيو آهي. مان
اُن پکي جي جيئدان لاءِ تو وٽ آئي آهيان. مون
شهزاد کي به مڪمل ڇڏي ڏنو آهي ۽ پنهنجا بند آجا
ڪرائي ڇڏيا اٿم. توکي خبر آهي ته هڪ گهر به ٺاهيو
اٿم. اُن ۾ تنهنجو ڪمرو به سينگاريو اٿم، ڪتاب به
گڏ ڪيا اٿم، لکڻ پڙهڻ لاءِ هڪ خوبصورت ٽيبل به
سجائي اٿم. ان ڪمري جون دريون باغ ۾ کُلن ٿيون، جت
من جي پکين وانگر ڪيترا ئي پکي آزاد اُڏرن ٿا. هاڻ
ڪابه بندش ڪانهي. مان توکي وٺڻ آئي آهيان. ڀل
تنهنجا پنهنجا توکي ڇڏي ڏين، پر مان توکي ڪانه
ڇڏينديس. مون ان باب کي کولي پنهنجي مُهر مِٽائي
ڇڏي آهي. مون ته شايد اُن سڄي ڪتاب کي وَرُ ڪري
کوليو آهي. اڄ مان اُهائي آڇ کڻي تو وٽ آئي آهيان،
جيڪا تو مون کي ڏني هئي. پر تون بنهه خاموش ڇو
آهين، ڪجهه ته ڳالهاءِ!“ |